سندن مڱ:
ڪڇ ۽ سنڌ جو خاص اهو سماجي قاعدو آهي ته ٻارن کي
ننڍي هوندي ئي مڱائي ڇڏيندا آهن، انهيءَ اصول ۾
باقر شاهه به اچي ويو هو ۽ پاڻ ننڍي هوندي سنڌ مان
پنهنجي مامي پير ولي محمد شاهه جي گهران مڱايو ويو
هو، پر هن جوڳيءَ وڏو ٿي جوڳ پچايو. سو شاديءَ کان
انڪاري ٿي ويو. پر شابس بيبي صاحبه کي به هجي.
جنهن بهي ٻيءَ شادي جو نالو ڪونه ورتو ننگ ۽ نيهي
۾ ويهي مري ويئي.
غوث محمد شاهه سان جهڙپ:
لکپت جي پيرن مان پير غوث محمد شاهه ڪانفيءَ ڪرامت
جو صاحب هو. هن به ابو پهاڙ ۽ گرنار تي ڪافي زندگي
گذاري هئي. پاڻ اڪثر لکپت ۽ بمبئي ۾ رهندو هو. هڪ
ڏينهن ٻئي بزرگ بمبئي ۾ پنهنجي مريدن ۾ لٿل هئا.
پير غوث محمد شاهه اڳي به جناب باقر شاهه جي کي
چڱي نظر سان نه ڏسندو هو، سو ڪنن جي چورڻي تي غوث
محمد شاهه جا مريد، باقر شاهه تي واٽ ويندي حملي
آور ٿيا، پر پاڻ بچي ويا، اهو باقر شاهه جي مريدن
ٻڌو ته فرياد ڪرڻ جو خيال ڪيائون پر پاڻ مريدن کي
روڪيائون ۽ ناڙاپي شريف روانا ٿيا، پر ڪلام ڪري
ويا ته : ”غوث محمد اسان کي بمبئي ڇڏائي اسين وري
قبر ٿا ڇڏايونس.“ غوث محمد شاهه کي به هاڻ خيال
ٿيو ته ڪڇ ۾ باقر شاهه، مريدن ۽ عزيزن وارو آهي،
سي مون سان ضرور وڙهندا، پر توڪل جو ترهو ڪري ڪڇ
روانو ٿيو.
مڏئي جي بندر تان لهي سڌو ڀڄ پهتو ۽ اتان سپاهيءَ
وٺي ڪڙول موساڻي جي زيارت لاءِ نڪتو. تنهن کان
پوءِ لکپت وڃڻ جو ارادو هوس. واٽ تي رنڙئي مان
چوائي موڪليائين ته؛ ”آئون فلاڻي ڏينهن ناڙاپي مان
لنگهندس جي زور اٿو ته هي مهل متان وڃايو.“ اها
ڳالهه ٻڌي ڪيترا مريد ۽ عزيز پير غوث محمد شاهه جي
وڙهڻ لاءِ سنڀريا، پر سائين باقر شاهه هدايت ڪين
ته متان ڪا اڳرائي ڪريو.“ پوءِ ٿورو صبر ڪي چيائين
ته ”غوث محمد شاهه لکپت پهچي ڪونه سگهندو.“ رات جو
جڏهن پير غوث محمد شاهه امين کٽي جي ڳوٺ پهتو تڏهن
اتي اگهو ٿيو ۽ اُتي ئي وفات ڪري ويو. اهو واقعو
1940ع ۾ پيش آيو. پير غوث محمد شاهه تي سمجهيو هو
ته باقر شاهه جي زبان لوهه تي ليڪو آهي، مون کي ڪڇ
جي زمين نصيب ڪونه ٿيندي سو اڳيئي صندوق ٺهرائي
ڇڏي هئائين، پر ٻاوا ميان ڪوبه خيال نه ڪيو ۽
قبرون کوٽائين پر ڪابه قبر نه نڪتي ۽ پير غوث محمد
شاهه کي صندوق ۾ پوريو وي ۽ ٻين پيرن سان گڏ سندس
قبر لکپت جي قلعي ۾ آهي.
ميان نور محمد منري واري سان تڪرار:
باقر شاهه پير ۽ سندس عزيزن ميان نور محمد منري
واري سان پڻ ڪن ڳالهين تان ٺاهه نه ٿيندڙ هو. ميان
نور محمد درگاهه شاهه مراد جو مجاور هو. تنهن شاهه
قاسم ڪڙول جيءَ درگاهه تي قبضو ڪري ورتو هو. اها
درگاهه ناڙاپي وارن پيرن جو حق هئي. هاڻ ميان نور
محمد وڏي دٻدٻي سان قاسم ڪڙول تي آيو ۽ پيرن جو
ساڻس تڪرار ٿيو پر سائين باقر شاهه چيو ته”ڇڏي
ڏيوس، مالڪ ڏسندس“ ميان پوءِ منري ڏانهن روانو ٿيو
واٽ ۾ ڀڏري جي ڳوٺ ۾ سندس طنبوءَ کي باهه لڳي،
جنهن ڪري سڙي پيو ۽ منري ۾ وڃي ساهه ڇڏيائين. اها
درگاهه هاڻ حڪومت جي هٿ ۾ آهي.
راءِ پراڳ مل:
راءِ پراڳ مل به باقر شاهه جو معتقد هو، هن صاحب
کي نڪيهر ايندڙ هئي، جا ڪيترين سُتين ٻڪين کان
پوءِ به راءِ جي جند نه ڇڏي سگهي. آخر باقر شاهه
جي حڪيمانه تجويز جي ڪري نڪهير بند ٿي ۽ راءِ خوش
ٿي رواپور جو ڳوٺ کيس جاگير طور ڏنو. پر پاڻ قبول
نه ڪيائون، سندس بي نيازي ايتري حد تي پهتل هئي.
راءِ صاحب کي هن صاحب جي آمد جي خبر پوندي هئي ته
يڪدم کين ادب سان وٺيو وڃيو شاهي محلات ۾
ويهاريندو هو، پر پاڻ راءِ صاحب وٽ وڃڻ کان اڪثر
نٽائيندو هو.
پير صوبدا شاهه:
پير صاحب وڏو مڃيل عالم هو. اهو پڻ پير باقر شاهه
کي تمام وڏي عزت ڏيندو هو، جيئن ته ناڙاپي کان
مڪان شريف ٿورو پري هوندو هو تنهن هوندي به مڪان
تائين هميشه پا پيادا ايندو هو. هڪ دفعي پير
صوبدار صاحب حويليءَ تي کين گهوڙو پيش ڪيو، پر پاڻ
وٺڻ کان انڪار ڪندو، پيراڻيءَ رمندو رهيو ۽ اچي
مڪان پهتو.
ملڪ جا وڏا ماڻهو:
جيئن ته ساڻن مريد هميشه گڏ هوندا هئا. مڪان کان
ناڙاپو شريف اٽڪل روءِ ڏيڍ ميل آهي. انهيءَ وقت
ساڻن جيڪي وڏا ماڻهو هوندا هئا سي، به پا پيادا
پنڌ ايندا هئا. جن ۾ ٽيلاٽ ويسلجي روهلي وارو، جو
ڪڏهن به سواريءَ کان سواءِ پير به پٽ تي نه هلندو
هو، سو پٺيائين پيادل هلندو ايندو هو.
مورڀيءَ جو راجا:
راويت آهي ته ”هميشه وانگر مورڀيءَ جو راجا ملڻ
آيو جنهن وٽ ڪافي اٺ گهوڙا هئا، انهي ڏٺو ته پاڻي
جو هتي ڪوبه بندوبست ڪونهي، پر کيس تڏهن تعجب ٿيو،
جو سندن کوٽايل ويئري، راجا جي سڄي لشڪر کي پاڻي
ميسر ڪري ڏنو.“
آمر جي ٺڪر:
هي وڏو زميندار پير باقر شاهه وارن عزيزن جو ساهي
دنگائي هو، هن آخر زمين جي ڪنهن تڪر تي پنهنجو حق
سمجهي ڀڄ جي ڪورٽ ۾ فرياد ڪيو، انهيءَ ڏينهن ۾
راءِ صاحب وٽ باقر شاهه ۽ پاڳارو پير محمد شاهه ۽
راءِ آمر جي به حاضر هو. راءِ صاحب هڪ عاليشان
تلوار پير محمد شاهه کي ڏسڻ لاءِ ڏني، جا پان پسند
ڪيائون ۽ راءِ اها سائين کي بخشي ڇڏي، تنهن تي آمر
جي هيڪاري ڪاوڙجي پيو. ڪجهه ڪوجها اکر ڳالهائين،
انهيءَ تان راءِ صاحب، ٺڪر کي منع ڪئي. جنهن تان
هو ڪاوڙجي هيٺ لٿو ۽ تڪڙ ۾ جهڙو لٿو ٿي، تهڙو
اونڌي منهن ڀر وڃي ڪريو ۽ ڦٽجي، اگهو ٿي، ڪجهه
ڏينهن کان پوءِ مري ويو.
محمد شاهه:
پير سائين باقر شاهه پنهنجي ڀائيٽي مير محمد شاهه
جي پٽ محمد شاهه کي ڏاڍو ڀائيندو هو. هڪ دفعي
سائين باقر شاهه صاحب محمد شاهه جي گاڏي حب وچان
هلائڻ لڳو. تنهن تي محمد شاهه چيو ته ”چاچا! فلاڻا
ڪ فلاڻا ماڻهو گاڏي ته ڏاڍي تيز هڪليندا آهن،
توهان به ايئن ڪريو نه!“ پاڻ فرط محبت کان ايئن
ڪرڻ لڳا ۽ آخر ٿڪجي چوڻ لڳا ته”بابا! يا ته ملڪ جو
راءِ به منهنجو سلام آهي، اڄ ته توهان گاڏي هلائي
هلائي مون کي ٿڪائي وڌو آهي.“ محمد شاهه 72 ورهين
جي عمر ۾ وفات ڪري ويو.
سجاده نشين باقر شاهه:
ٿورن گهڻن ڏينهن مير محمد شاهه به وفات ڪئي ۽ وصيت
موجب گاديءَ تي باقر شاهه ويٺو ۽ ٻئا به سندن ڪافي
مريد ٿيا. راءِ کنگهار سندن سلاميءَ تي ايندو هو ۽
نذر سال بسال ڏيندو هو.
سندن شاگرد ۽ ٻالڪا:
سندن شاگرد ۽ ٻالڪا ڪافي هئا، جن مان ڪن جو ذڪر
ڌار اڳتي ڪبو. هتي ٻين ڪن ٻالڪن جو ذڪر ڪجي ٿو:
(1)
ڏان سنگهه: جاڙيجو سندن خاص ٻالڪو هو. پاڻ وڏو
زميندار ۽ جاگيردار هو. ڳوڙدرو سندس جاگير هئي.
(2)
سيد فضل شاهه: هندوستاني جکو ۾ رهندو هو ۽ سندن
بيحد معتقد هو.
(3)
فقير جرار ڀانڊاري: هن بزرگ جي حوالي نگر خاني جو
ڀنڊارو هو. سندن حياتي ۾ ئي وفات ڪري ويو پاڻ به
سهڻا اوصاف رکندڙ سون ورنو انسان هو.
(4)
فقير اسماعيل ڀانڊاري: هي فقير جرار کان پوءِ
ڀانڊاري جو سنڀاليندڙ هو.
(5)
فقير تماچي ڀانڊاري: هي بزرگ پڻ مٿين بزرگ جهڙو
درجو رکندڙ هو، هنن ٻنهي بزرگن (نمبر چار ۽ پنج)
جون قبرون مڪان شريف ۾ آهن.
شاعر ۽ اديب ٻالڪا:
جيئن ته پير صاحب پاڻ به سخن ساز هو، تنهنڪري
پنهنجي ٻالڪن کي شاعري طرف همتائيندو هو. سندس
شاعرن ۽ اديبن ٻالڪن مان رتن ٻائي، سونل ٻائي، ۽
ميون صاحب آرکاڻيءَ وارو خاص مشهور آهن.
يادگار منزلون:
جيئن ته پاڻ ڪڇ جي هڪ وڏي شخصيت هو، تنهن ڪري
سندس، جت به منزل ٿي ٿئي اتي يادگار منزلون عوام
قائم ڪري ڇڏيون. جن مان هيٺيون جڳهيون اڃا به
مشهور آهن: کاري نئي(ڀڄ)، روهي جبل، ڄڙودر،
ويراڻيون، کانيلا، رتڙيو، مصرياڏو، ڏيسرپور،
جاروڏونگر، نرو، گهڙانيون، ماتا جو مڙهه، ٻانڌيو،
ڀاڏور، تيرئو، نريو ۽ گوهر شريف، پاڻ بدين ۾ آيا
هئا، پر اهڙو يادگار، سنڌ ۾ موجود نه آهي.
اُٿڻي ويهڻي:
سيد باقر شاهه نهايت سنجيده انسان هو. ڏينهن جو
ڪجهه وقت ٻاهر نڪرندو هو. ٻاهر راڳ وارا ويٺا
هوندا هئا، جن سان ڪچهري ڪندو هو. راڳ سندس روح ۾
سمايو پيو هو. راڳيندڙن کي ڏاڍو نوازيندو هو. سندس
خاص ٻالڪي ميان صاحب جي بيان ۾ سندس علم موسيقيءَ
ڏانهن شوق ۽ ذوق ڄاڻايو ويو آهي. پاڻ هميشه ٻڪاني
ٻڌندو هو. مريدن کي ڏڍ ۽ آسرا ڏيندو هو ۽ پوءِ وري
به بونئري ۾ هليو ويندو هو.
وفات:
هن ڪڇ جي بي نظير شاعر ۽ اوليا جا آخر چوڻا اوڻا
ٿيا ۽ 1313هه/ 1895ع ۾ وفات ڪري ويو. کيس وصيت
موجب سندس ئي بونئري ۾ دفن ڪيو ويو، جتي قسم ڪڙول
جي ميڙي سان گڏ هن بزرگ تي به ساليانو سهڻو ميڙو
لڳندو آهي ۽ راڳ ڳائبو آهي.
شعر و شاعري:
ڪيترن سڄڻن چيو ته ”پاڻ شاعر نه هو.“ پر هڪ ڏينهن
استاد بولي نهڙي ڳوئيلائي ٻڌايو ته ”ايئن نه آهي،
پاڻ سهڻو شاعر هو. مون کي به ڪجهه ڪلام ياد هئس،
پر هينئر يا نٿو اچيم.“ هڪ ڏينهن سيد علي شاهه
گوهري هتي (بدين ۾) آيو ۽ مون کي پير سائين جي
هيءَ ڪافي لکرايائين ۽ چيائين ته ”سندس ڪلام به،
سندس بي انتها گڻن جيترو آهي، پر مون کي فقط هڪ
ڪافي ياد آهي.“ پوءِ اها ڪافي ٻڌايائين ته:
سامي مونجا سيڻ، تو ني لنئون لايو،
توني لنئون لايو، تونجي ريتن ريجايو.
ننڊو
ٿي ني نانگيو نڱيو،
تڏهن سامي وڃي سک پايو.
سامي مرني سون جي،
واڄا وڄائيندي آيو.
”باقر شاهه“ چئي بيک جو،
هت پرو ڪنهن نا پايو.
’بيک پني‘ وقت گذارڻ، دنيا جو آسرو نه رکڻ ۽ ڀکشو
ٿيڻ بنيادي تعليم، مهاتما گوتم ٻڌ جي تعليم آهي.
سيد باقر شاهه نڙاپي وارو به گوتم ٻڌ جي سکيا جي
اصولن تي هلندو هو.
”رتن ٻائي“ تيرئي واري
باقر شاهه ڄڻڪ فيض جي درياءَ جو درياءَ هو. جنهن
مان هر ڪنهن ذات واري فيض ٿي ورتو. هن بزرگ وٽ
هندو ۽ مسلمان جو سندو هو ئي ڪونه، ڀٽائين سائين
جا الفاظ:
”ڪهڙي پڇين ٿو ذات، جي آيا، سي انگهيا.“
پورا لڳي ٿي آيا. سندس ٻالڪا يا چيلا هندو هئا ته
، مسلمان پڻ، عورتون هيون ته مريد پڻ.
هندو عورتن مان رتن ٻائي پڻ هڪ هئي. پاڻ ذات جي
برهمڻ هئي. مٺو فقير هن جو هڪ ڀڄن ٻڌايو هو، جنهن
جا ڪي بند هتي پيش ڪجن ٿا:
ساچا نبي جي، هم تو تم ني جوا چالي،
حوران لاون ڪيوڙي، پران لاون ڦول،
ڦولا ڪيرا سهرا بنائون، ٻانڌي نبي رسول،
ڏوڌ ڪٽورو هٿ ڪري، گهمتي ديسا ديس،
سو تو هوئين تو جاڳ نبي جي، پائون ۾ پڙيا ڇالا،
پورب ڪڙوا، پڇم ڪڙوا، ڪڙوا هندوستان،
سڀ جڳ مون ني ڪڙوا لاڳي، مٺي لڳي اجمير،
اوپر مارو رب وسي، ڌرتي ٻالا پير،
جات ني هون ڇون برهمڻي، پل ۾ آپو پير.
مٿين ڀڄن کي اڳيان رکي چئي سگهجي ٿو ته پاڻ
جيتوڻيڪ برهمني هئي، پر سندس دل، حضور اڪرم ﷺ ۽
اولياء ڪرام ڏانهن عقيدت رکندي هئي. اها عقيد پاڻ
ان وقت رکندي هئي. جڏهن پنهنجي ڳوٺ تيرئي رهندي
هئي. ٿورن گهڻن ڏينهن ۾، جڏهن باقر شاهه اچي
ناڙاپي جي ڀر وسائي تڏهن ته ويدانت ۽ تصوف ۾ ايتري
ته متوالي ٿي ويئي جو پير باقر شاهه جي ساراهه مان
اصل نٿي ڍاپي. هي ڪلام سندس انهيءَ وقت چيل آهي:
نيڻن سان نئار،
جيئن پير واڳون وهلو وار،
باقر شاهه پير، جيئن شل نيڻن سان نيهار.
”روضته السادات“ جو ليکڪ لکي ٿو ته ”رتن ٻائي
خواجڻ (؟) تارڪ الدنيا ٿي وٽن (پير باقر شاهه وٽ)
ڏينهن گذاريا، پوءِ باقر شاهه سائين جي اجازت سان
تيرئي ۾ پنهنجي مڪان مبارڪ تي رهي، ماڻهن کي فيض
رسايو. پاڻ ڪيتريون ڪافيون سائين جي شان ۾ چيون
اٿس.“ حقيقتن رتن ٻائي برهمڻي هئي، خواجڻ نه هئي،
البت رتن ٻائيءَ جي محبت اسلام ڏانهن گهڻي هئي، هي
سٽون رتن ٻائي سان وابسته آهن:
لکيو آهي تنهنجي امر ۾، دنهون دکن دل تي الا،
ٻاڦ نه نڪري ٻار...
سونل ٻائي
سونل ٻائي رتن ٻائيءَ جي پاڙيسرياڻي هئي ۽ رتن جي
سڱ ۾ اچڻ ڪري تصوف ۽ ويدانيت کي ڪافي مطالعو ڪيو
هئائين.
اوليائن، فقيرن، درويشن ۽ گودڙين ۾ سندس ويساهه
هو. تنهن ڪري باقر شاهه کي وڏيءَ عقيدت سان ڏسندي
هئي ۽ هن کي پنهنجو پير ڪريو مڃيندي هئي. ايتري
قدر جو هن ”ڀڳمون“ پڻ پاتو هو. باقر شاهه ڀڳمون
ٻڌندو هو. انهيءَ کي اسين سنڌي ۾ ”ٻوڪاني“ چوندا
آهيون. سندس جيڪي به چيلا ٿيندا هئا. سي پڻ ڀڳمون
ٻڌندا هئا ۽ ڀڳمون ٻڌي گدائي لاءِ ماڻهن وٽ نڪري
پوندا هئا ۽ پني ايندا هئا ته اها بيک سندن پيٽ
گذران لاءِ هوندي هئي. جيڪو به ٻالڪو ٿيندو هو، سو
ڀڳمون نه لاهيندوهو. جنهن ڀڳمون لاٿو سو ڄڻڪ ڳالهه
مان ويو يا ٻالڪپاڻي تان هٿ کنيائين. سونل ٻائي به
ڀڳمون پائي پاڻ کي چيلي سڏايو هو ۽ رتن ٻائيءَ جي
صحبت ۾ رهي ڪلام به چوندي هئي. ڪجهه وقت گذرڻ کان
پوءِ سندس ناتو هڪ مسلمان خواجي سان ٿيو. پاڻ ذات
جي برهمڻ هئي، پر نينهن جي ناتي وٽانئس بيک جو
ٺولهو به ڇڏايو ۽ مريدي وارو ڀڳمون به لهرائي ڦٽو
ڪرايو ۽ پاڻ مذهبي ناتي کي ٽوڙي مسلمان ٿي. خواجه
سان شادي ڪيائين ۽ پنهنجا ڏينهن سهنجا گذارڻ لڳي.
هن جي ”ڀڳمي اتارڻ، تان ڪنهن ڪڇ جي شاعر هڪ وڏو
ڀڄن ٺاهيون هو، جنهن جو ڪجهه حصو هتي پيش ڪجي ٿو:
”ڀڳما“ پهرين ڪيم
اُتاريا،
سونل ٻائي.
اَوسر پاڇو نه آوي.
سونل ٻائي.
هن پوءِ رتن ٻائي ۽ باقر شاهه سان قطع تعلقات ڪري
ڇڏيا، پاڻ پوءِ برهمڻ جي بدران ”خواجڻ“ سڏجڻ ۾
آئي. گوهري صاحب ڀل وچان رتن ٻائيءَ کي ”خواجڻ“
سڏي ٿو
ميران ٻائي
ميران ٻائي برهمڻ هئي، نرئي کان ٽي ڪوههه پري
تيرئي ڳوٺ جي رهواسڻ هئي. پاڻ باقر شاهه جي ٻالڪي
هئي، سندس شان ۾ هن ڪڇ جي ميران ٻائي ڀڄن چيا آهن
۽ پنهنجي گرو باقر شاهه اڳيان پاڻ ملهائڻ جهڙو ڪيو
آهي. سندس ڀڄن ۾ مرشد ڏانهن ڪيڏي نه پياس ۽ محبت
آهي:
ڀڄن
ٻائو باقر شاهه سرڳاپوري، ني ڀڳمي وارا،
نم نيا
جا نمرا، جين ۾ جنين جا پاڙا،
ٻائو باقر شاهه سرڳاپوري.
کاري ندي ني ميٺي ويري، جين ۾ ڇٽا نير جا نارا،
ٻائو باقر شاهه سرڳاپوري.
”ميران ٻائي“ ڪهي پرڀو، گير ڌر ناگڻ،
ٻائو باقر شاهه سرڳاپوري.
مٺو فقير هن ڀڄن جي راوي ڳالهه ٿي ڪئي ته” باقر
شاهه جي اها زنده ڪرامت آهي جو کاري پاڻي جي ندي
پئي وهي، ان سان گڏ ساڳئي پاڻي ۾ هڪ نيري مٺي پاڻي
جي پڻ پئي وهي ۽ ٻئي پاڻي پاڻ ۾ نٿا گڏجن.
ابراهيم حجام
حجام ابراهيم ڳوئيلي جو رهاڪو هو. هن جي ورجانگ
ريٻاڙيءَ سان ڏي وٺ ٿيندي هئي. هڪ ڏينهن ورجانگ
ريٻاري سندس نالو ٻڌي، روبرو ڪچهري ڪرڻ لاءِ
لياريءَ کان ڪهي ڳوئيلا ۾ ويو. ٻنهي ڄڻن پاڻ کي
خوش نصيب سمجهيو، ڇو ته پرپٺ ياريءَ وارا منهن
ملاقاتي ٿيا هئا. آخر رات جو اچي ڪچهري
متي:ابراهيم پرولي ڏني ته:
ٻئي نر، نالي هڪڙي،
جهان ۾ هڪڙو، سئيدن
جا ٻه.
ريٻاريءَ هي نئين ڳالهه ٻڌي سو ذرا منجهي پيو ۽
کاڻ پڇائين. حجام چيس ته: ادا کاڻ ڄروڄ- مينوڄ
آهي.“ پوءِ ريٻاري خيال ڪري چيو ته ”متان ڪو ڍڳي
جو بت هجي.“ ڳجهارت ڀڄي پئي. ڳالهه ڇا هئي جو سيد
عبدالله شاهه جي ٻنيءَ ۾ هڪڙو ڍڳي جو بت هو، جو
مٽيءَ جو ٺهيل هو. ڍڳوجو ڄروچ کاڻ ۾ آهي پر بت
مٽيءَ جو هئڻ ڪري، هن جي کاڻ مينوڄ به ٿي پئي. جس
ريٻاريءَ کي به هجي، جنهن ههڙي اهکي پرولي پروڙي،
پرجهي ۽ ڀڃي ڏيکاري. وري به ابراهيم پرولي ڏني ته:
پاڻي ڪنان پترو،
ٿاريءَ ۾ ٿلهو،
ڪلاچي جي ڪن ۾ گهڙي گهوٽ پئو،
چڙهيو چوڙيرين جي، وڃي چت پيو،
جيئن ڪڍي ٻار ڪيو، اولا تنهن ۾ مونکي مٽ پيو.
هن پروڙي کي ريٻاري اصل وير ئي ڪونه ڪرائي. کاڻ
هئي ”ڄروچ“ ۽ ”مينوڄ“ پاڻي ڪنان پتڙو“ ڪلاچي جو
”ڪن“ هو: ”مٽڪو“. ”چوڙيريون“ هيون ”مايون“، اهو
سٽڪو بازار مان مهنگي ملهه وڃي ويڪرو ٿيو.
هي بزرگ مٺوءَ فقيرءَ جي والد جو دوست هو ۽ اٽڪل
روءِ 1898ع ۾ وفات ڪري ويو.
آڻندو ميگهواڙ
ڏات جي ڏاهن مان، اسان کي ڪن ٿورڙن جو احوال ملي
سگهيو آهي. جن جو بنهه اڻپورو احوال ميلو آهي.
انهن مان آڻندو ميگهواڙ پڻ هڪ آهي. احمد سومري سان
روح رهاڻ ڪندي پتو پيو ته، ”هي بزرگ وراڙي طرف
رهندو هو. سندس ڀاءُ ماڻندو پڻ پرولين جي فن ۾ سٺي
واقفيت رکندو هو.“ هي بزرگ احمد سومري جي وڏن سان
روح رهاڻ ڪندو هو. احمد جي والدين سان سندس خاص دل
لڳندي هئي. هن بزرگ اٽڪل روءِ 1900ع کان اڳ وفات
ڪئي. اهو اندازو پڻ راويءَ جو ئي آهي. سندس هيءَ
پرولي جا پنهنجي ڀاءُ کي ڏني هئائين، سٺي اهميت
رکي ٿي:
”آڻندو“ چئي ماڻندي کي، ونهيان ويڻ سڻيج،
هن ڪامڻي ڪٿ وڃايو، تين
کي لهي آڻي ڏيج.
هن پرولي جو مطلب آهي ته ’اي ادا ماڻندا، آءُ
آڻندو چوان ٿو ته، ڪامڻي (حياتي) طاقت ختم ڪري ڇڏي
آهي ۽ پوڙهپڻ اچي حاضر ٿيو آهي، ادا! اها جواني
هاڻ ڳولهي آڻي ڏينم ته وڏو احسانمند رهندس.‘ چون
ٿا ته ماڻندو به پرولين جو ماهر هو.
واگهو
واگهو ڪير هو، ڪٿي هو، ڪهڙي وقت جو هو، تنهن کان
اسان واقف نه آهيون. پر اها خبر پئي آهي ته ”هي
بزرگ آڳاٽي وقت جو، ڪڇ ملڪ جي ڪنهن حصي جو رهاڪو
هو.“ سندس هي پرولي عام مشهور آهي:
”پاءَ گهڙيءَ ۾ پيدا ٿيو، سڄي منجهه سينسار،
نڪي چئو پکئي سين چلڻو، نڪي ان جو پکي سين پيار
پيار ان جو آدمي سين، جين جو آدمي جو گهر اوتار،
سنبئي
اوٿي تي سندري، ترسي ٿئي
تيار،
ويٺي ڳڙئين
ورجا، ڪي ڪي ڳڻ ڪنوار،
تو ڌاران تي جيان، جيان نه جروار،
”واگهو“ چئي نر جي مٿان نار، ريهون ڪري رمي ڳئي.“
واگهو جي اها پروليءَ لک لهندڙ آهي. سندس نالو اها
پرولي اميد ته زندهه رکندي ايندي.
”حسيني“ الهڏنو متوو
حافظ الهڏنو متوو، بهترين وينجهار هو. شاهه جو ته
بجنسي فدائي هو. شاهه جا بيت اهڙيءَ ته سڪ ۽ سوز
سان پڙهندو يا ڳائيندو هو، جو ٻڌندڙ کي اهو نقشو،
جو بيت ۾ چٽيل هوندو هو، اکين اڳيان تريو ايندو
هو. سندس والد خان محمد ڇاري ڦلائي جو وڏو عالم
هو. عربي، فارسي ۽ گجراتي جو گوهر هو. حافظ الهڏني
ديني توڙي دنوي تعليم پنهنجي سڄاڻ پي وٽ ورتي. چون
ٿا ته پاڻ جڏهن مٺي آواز سان قرآن پاڪ پڙهندو هو،
تڏهن گهڻا راهه ويندڙ پُر سوز آواز ٻڌي بيهيو
رهندا هئا. پاڻ ٿوري ئي عرصي اندر قرآن پاڪ ياد
ڪري ورتائين. قرآن پاڪ، پارسي، عربي ۽ گجراتي پڙهڻ
کان پوءِ پاڻ پنهنجي والد جو مڪتب سنڀاليائين، جتي
ٻارڙن کي ديني تعليم ڏيندو هو.
شريعت جي هر امر کي پوري ڪرڻ جي وڏي ڪوشش ڪندو هو.
نماز اڪثر باجماعت ادا ڪندو هو. دنيائي ڪمن ۾ ڦاسڻ
کان هميشه پرهيز ڪندو هو. ايتري قدر جو پٺ جو به
اونو ڪونه هوس، جنهن کي پٺ(اولاد) جو خيال نه آهي،
انهيءَ کي مُٺ (پئسا) جي ضرورت ئي ڪهڙي آهي؟ سو هي
سائينءَ جو سنواريو دنيا جي جنجل ۾ نه پيو، سو آخر
نه پيو. شادي به ڪونه ڪيائين. ڇڙهيو رهي زندگيءَ
جا ڏينهڙا رب پاڪ جي ياد ۾ سنگت ساٿ جي محفلن ۾ ۽
ڪچهرين ۾ گذاريائين.
هڪ ڪچهري ۾ احمد سومري ٻڌايو ته: ” سندس شادي نه
ڪرڻ جو هڪ ٻيو سبب هو ته جنهن عورت سان، سندس
نينهن جو ناتو هو، انهيءَ سان سندس شادي ٿي نه
سگهي ۽ محبت جي صدقي هن ڪنهن ٻيءَ سان ناتو نڀاهڻ
چڱو نه ڄاتو.“ حافظ صاحب کي سرڪار طرفان آڇ ٿي، ته
”درو“ (وڏو منشي) ٿي رهي، مگر پاڻ اهو قبول نه
ڪيائين. پنهنجي علم کي ٿورن پئسن تي وڪڻڻ کيس پسند
نه هو. سندس اکر بجنسي موتي هوندي هئا. وري وڏي
ڳالهه هيءَ ته ٻنهن هٿن سان لکندو هو. ڪنهن دوست
ٻڌايوهوم ته ”حافظ صاحب کي اها سٺن اکرن جي ڏات
مئين حسين کان ملي، جو به سندس استاد خاص هو. جيئن
حسين وٽ به پاڻ ڪنهن وقت علم پڙهيو هئائين.“
پروليون ٺاهڻ ۽ مجلسون مچائڻ جو شوق مئين صاحب جي
صحبت ۽ شاگردي مان جاڳيس. انهي صحبت ۾ رهڻ ڪري،
پاڻ مجلس جو مور ٿي پيو. جيتوڻيڪ پاڻ پنهنجي استاد
جيڏي حياتي ماڻي ڪونه سگهيو، پر سندس قيمتي قول ۽
محفل جا سينگاريندڙنڪتا اسان وٽ موجود آهن.
سندس هٿ اکر لکيل ڪتاب سندس دوست ۽ صحبتي ميان
احمد سومري وٽ محفوظ هئا. پر زماني جي گردش ڪري
اُهي ماڻڪ موتي لال اسان کان هميشه لاءِ پاسي ٿي
ويا.
حافظ صاحب امام حسين ڏانهن پاڪ محبت رکندو هو ۽
انهي ڪري پاڻ ”حسيني“ پڻ سڏائيندو هو. پاڻ سونهاري
سڳوري کي وٽي سٽي پٺتي واري ڇڏيندو هو. هڪ دفعي
امتحان وٺڻ لاءِ کيس مئين حسين ٻنيءَ واري پرولي
ڏياري موڪلي ته:
ڄاپي جيڪا ڄيٽ ۾، چؤڪس ڏٺم چيٽ،
پلر ري پيدا نه ٿئي، تنهن کي ڪارو ڪلر هيٺ،
ٻج ان جو ٻار نه نڪري، پيو رهي منجئين پيٽ،
هيءَ پرولي حسين جي، ڀڃ ڀيڙي ٻڌي بيٺ.
حافظ الهڏني ته استاد جي ڏنل پرولي ملڻ شرط ڀڃي
ورتي، پر هاڻ پاڻ اهڙي منظر جو ڳولائو ٿيو، جو
اهنجو به هجي ۽ ڪجهه استاد کي به دقت محسوس ٿئي.
ولي محمد، جو حافظ الهڏني جو دوست به هو ۽ مئين جي
ڳوٺ جو رهاڪو هو، سو حافظ سان گڏيو پئي آيو ۽ اهو
ولي محمد ٻنيءَ ڏانهن ٿي ويو. واٽ هلندي هڪ هند
”ليار“ ڏٺائين جنهن جا پن کاڌا پيا هئا. فقط هڪ
هنڌ هڪ ٽاريءَ ۾ هڪ پڪل ليار لڏي رهيو هو. ولي
محمد کي حافظ بيهاري چيو ته ”هي نياپو استاد حسين
کي وڃ ڏيج ته:
مون جو ڏٺو ميوو، سو مرد نالي ميان،
سانوڻ ڌاران سمورو نه ٿئي، سو نڪتو منجهه نيان،
ته ماڻهو توکي معتبر، ڏيهه تنهنجي جو ڏيان
ته کنڀيءَ تنهنجي جو خوشيءَ مان، ڪير ولي محمد
ويهان
اي پرولي ”احمد“ جي، ڪو مرد جهوريندو ميان.“
(هن پرولي ۾ مٿين پرولي ڀڳي ويئي آهي ۽ نئين پرولي
ڏني به وئي آهي.)
اها پرولي جڏهن مئين حسين کي پهتي ته هن کي ڏاڍي
پسند آئي ۽ ڀڃي موڪليائين. کيس اهو به چوائي
موڪليائين ته ”پيارا سڄڻ پرولي جي فن ۾ جيڪي وڌيڪ
ترقي ڪري ويا آهن، انهن مان تون به هڪ آهين پر اڃا
گهڻا تصوير جا رخ رهيا پيا آهن، انهن کي جاچڻ
ضروري آهي.“
هي ڏاهپ ڀريو نڪتو ، اصل الهڏني جو آهي، جو هن
پنهنجي پياري شاگرد احمد سومري کي ڏنو هو:
هر ٿلهو ، ڀون پٽي، کيڙين ڪي سڄاڻ
سي پڻ سترواڻ، جيڪي نيڻن سان نيرج ڪڍن.
۽ پوءِ احمد جي نالي سان ئي مشهور ٿي ويو.
حافظ الهڏني جا ڪافي دوست ۽ صحبتي هئا، جن مان
هيٺيان بزرگ خاص درجو رکن ٿا.
ميون حسين:
هن صاحب جو ڪجهه ذڪر مٿي ٿي آيو آهي. حافظ سان
سندس ادبي رستو هو ۽ استاد پڻ ٿي رهيو هئس، مئين
حسين جي ئي نيڪ سعيي سان حافظ الهڏنو پرولين جي
دنيا ۾ آيو.
عبداللطيف متوو:
هي بزرگ ڇاري ڦلاڻيءَ جو رهاڪو هو. پاڻ ڇپني (1956
سنبت) ۾ وفات ڪري ويو. ان وقت عمر چاليهه ورهيه
هئس، پنهنجي دوست حافظ الهڏني سان روح رهاڻيون
ٿينديون هيون شاهه ڀٽائي (رحه) جي بيتن جو خاص
ڪوڏيو هوندو هو ۽ ”معمائي ادب“ ۾ پڻ مهارت رکندو
هو. پاڻ ٿورو پڙهيل هو، پر حافظ صاحب جي صحبت ڪري
وڏا وڏا ڪتاب پڙهيو ويندو هو.
مراد علي متوو:
هي بزرگ پڻ حافظ صاحب جو ساٿاري هو. ساڻس سٺيون
روح رهاڻيون ڪندو هو. پاڻ پرولين طرف ايترو خيال
نه ڏيندوهو، البت عام شعر و شاعريءَ ۾ گهڻو حصو
وٺندو هو، پر افسوس جو زماني جي ڦيرن ڪري، سندس
ڪلام کان اسين محروم رهجي ويا آهيون. مراد علي
1956ع ۾ وفات ڪري ويو.
حاصل خان:
هي بزرگ اڃا جئي ٿو. هن جون حافظ صاحب سان محققانه
روح رهاڻيون ٿينديون هيون. حاصل صاحب پرولين ٺاهڻ
۽ جهورڻ جو وڏو وينجهار آهي.
انهيءَ کان سواءِ ٻيا ڪيترا بزرگ جي سندس خاص
دوست، ساٿاري ۽ شاگرد هئا، انهن جي احوال کان اسان
قدري محروم آهيون.
حافظ الهڏني متوي ڇپني واري سال ۾، چاليهه ورهيه
جي عمر ۾ وفات ڪئي.
جهڙا آيا جڳ ۾، تهڙا ويا موٽي،
انهن جي چوٽي، پورب ٿيندي پڌري.
عمر منڌرو
وينجهارن جي ڪنهن زماني ۾ خاوند کوٽ ڪندو ئي ڪين
آهي. هي پڻ سٺو وينجهار هو. پاڻ مورئي واريءَ منجل
(منزل) جو رهاڪو هو. اها منزل ”وينجهاڻ“ شهر کي
ويجهي آهي. هي نڪو ڪو وڏو پڙهيل هو، نڪ ڪا اهڙي
ڪوشش به ڪئي هئائين. پاڻ مارو ماڻهو هو. ماڻهوئن
جو مال چاريندو هو. پاڻ والادي پڻ هو. سندس پٽ
هينئر ڪراچي ۾ رهن ٿا. پاڻ سٺ کن ورهين جي عمر ۾
ورهاڱي کان پندرهن سال اڳ 1932ع ۾ وفات ڪري ويو.
|