حاجي عمر کٽي
عمر فقير وڏو درويش ۽ الله لوڪ بزرگ ٿي گذريو آهي.
پاڻ هڪ دفعو حج ڪرڻ ويو هو. جڏهن مدينه پاڪ جا
منارا ڏٺائين تڏهن پيرن پنڌ وساري گوڏن ۽ ٺونٺين
تي هليو هو. اهڙي حالت ۾ گنبذ خضرا اڳيان پهتو.
اتي جي ناظر کي، اشارو ٿيو ته ’هن فقير کي ڪنهن
ڪوٺيءَ ۾ بند ڪيو وڃي، نه ته اسان کي، هن سلام ڪيو
ته، کيس اٿي هٿ ڏيڻو پوندو.‘ ۽ ائين ئي ڪيو ويو.
ٽن ڏينهن کان پوءِ هي بزرگ روضي ۾ داخل ٿيو ۽ رسول
صَلي
علٰي وسَلم
’اسلام و عليڪم يا حبيب الله‘ گبنذ خضرا مان جواب
آيو، جو سڀ ڪنهن ٻڌو ته ”وعليڪم السلام“.
”پاڻ ڪاني ڪرامت جو ڌڻي هو،ڪعبته الله کان ٿي آيو
هو، انهيءَ کانپوءِ ته سندس نام وچار هيڪاري مشهور
ٿي ويو، هڪ ڳالهه عام مشهور آهي ته جکئو شهر جي
ڀڏالن ملاحن ۽ ٻين مڇيءَ ماريندڙن کي گدڙن ڏاڍا ڪي
سور ڏنا هئا، کاري پاڻي ۾ پيل رڇن ۾ جيڪي به مڇيون
ڦاسنديون هيون، سي گدڙ کائي ويندا هئا، انهن جي
دفع ڪرڻ لاءِ ڀڏالا فقير حاجي عمر کي وٺي آيا، پاڻ
رات جو جکئو جي شهر ۾ ٽڪيو، اتان ملاحن جي رڇن
ڏانهن روانو ٿيو، جي الهندي پنج ميل کن پنڌ اڏيل
هئا، پاڻ صبح جي نماز پڙهي، سلام ورايائين، هٿ
کنيائين، تيسين هڪڙو گدڙ اچي اتان لنگهيو ۽ هليو
به ويو پر حاجي عمر جي شاعراڻي طبيعت يڪدم گدڙ ۽
سندس سوال و جواب جو ذڪر، بيتن ۾ جوڙي ڇڏيو ۽ عام
مشهور ٿي ويو، هيٺ گدڙ ۽ فقير جا سوال ۽ جواب هلن
ٿا:
فقير:
سچي ڪر سياڙ،
رڇ ڪيئن ڦاڙي رات جو،
حاڪمياڻي هن پٽ ۾، ڪين تاجي
سُئي توار،
هڪڙا ڪن ڪٽيندي ڪاوڻيءَ
سين ٻئا محڪم ڏيندءِ مار
ڀڄي ڇڏ پچار، نه ته کٽي کڄي آويي.
سياڙ:
ڀڄي ڪيئن ڇڏيا پچار، آئون ڀڏالن ڀائي،
ڀڏالا ماري اچين
مڇي آءُ کسڪئي وڃا کائي،
آئيان
ڀونءِ ۾ ڀائي، اتراڌي
آءُ نه آهيان.
فقير:
ياقب
سڄي ٿو جاڏين آڱرين جنئنجي
ڏاڍي آهي ڏڙي،
هاڻي نپوڙي نڙي، گڏيندءِ گاري ۾.
سياڙ: ري گُنئون
گريب
کي گڏيندو منجه
گاري،
سوسين
سياڙ ڪيترا، ٿا گهارين منجهه گاري،
وڃي ڪو رڇ ڦاڙي، ته بد پئي ٿي مون مٿي.
فقير: بد پوندي تو مٿي، تون آئين
ساڃارو سياڙ
هڪ پڇ جي ڏانڊي پڌري ٻئا کسي ويا ني وار،
ٻيو ڪونه ڪو آهي سياڙ، کڙسيل کاڄيارو کاري ۾.
فقير: تو جهڙين انڌين منڊين کي، پرويد
ٿو پاري،
”عمر فقير“ چئي وڃ تون ويراڙي، ته تنگي لهندي توڻ
جي.
چون ٿا ته انهيءَ کان پوءِ ڀڏالن کي گدڙن تنگ ڪونه
ڪيو.
چڱو جت
چڱو جت ڪڇ جو وڏو بزرگ، عالم ۽ شاعر هو. هر فن
موليٰ هو. هن جوعمر جوڻيجو دل گهريو دوست هو. هڪ
ٻئي کي سوکڙيون پاکڙيون موڪليندا هئا. ”عمر جوڻيجو
هڪ ڏينهن جبل تي چڙهيو بيٺو هو ته هاٿي اچي نئي
مان پاڻي پيتو، جنهن کي ڏسي شينهن مارڻ لاءِ تيار
ٿي بيٺو هو، عمر ڏٺو ته خير منهنجو ڪوبه ڪونهي، سو
اڻ سوهيل ڪونڀٽ تي چڙهي ويو.“ فقير مٺو ڳالهه ڪري
رهيو آهي ته، ”هاٿي کڻي پاڻي پيتو ته واگهوءَ کڻي
سوگهو جهليس. ايتري ۾ هاٿي کي شينهن به اچي چنبو
هنيو، مٿان گرڙ پکي جي شڪار تي نظر پئي سو سٽ ڏيئي
شينهن هاٿي ۽ واگهوءَ کان کڻي مٿي هليو ويو ۽ اتان
انهن کي کائيندو، هڏا هيٺ ڪيرائيندو رهيو. بمبئي ۾
اچي عمر سامت جو ساهه کنيو. هاڻ پرولي واهه جي هٿ
پئجي ويس، سو چڱي جت کي چوائي موڪليائين ته:
ماس مٿيئن کائي،
هڏ کڻيو هيٺ ڦڳائي.
چڱي کي پرولي ملي، هن پروڙي ۽ مهيني کان پوءِ ڪي
ماڻهو بمبئي ڏانهن ٿي ويو، تنهن کي عمر جوڻيجي
لاءِ سلام ڏنائين ۽ پرولي ڀڃي موڪليائين:
قيصر قصد ڪباب سي، جوڙي ويٺو جائي،
هاڻي آيو ٿي هيڪڙو، پاڻي پيئڻ لائي،
تنئن کي ور ڏيئي واڳوءَ جئليو، رانيءَ راڱ منجائي،
مٿان آيو گرڙ ڪاهي، ماس مٿان ئي کائي
هڏا ڪيرايو هيٺ ڦڳائي.
جڏهن عمر جوڻيجي کي جواب مليو ته، هو ڏاڍو سرهو
ٿيو ۽ چڱي کي شاباس چيائين:
چڱي جت سان سڄي سنڌ جا مارو روبرو يا پرپٺ مارڪا
ڪندا هئا. ڄام جوکيو جو چپر(لس ٻيلي) جو مشهور
شاعر ۽ پرولين جو ماهر هوندو هو. انهن ڪيتريون
سوکڙيون چڱي جت کي موڪليون هيون، پر هڪ ڌڪ سان ٽڪر
ٿيو ٿي ويون.
”مينهن پئي اُٺو، ڄام جي زالوڇڙا پئي ٻڌا، جنهن جي
مٿي ۽ منهن تي بوندون موتين جيئن جڙجي بيهي رهيون
هيون. ڄام جوکئي کي سجهي آئي ۽ ڪاغذ کڻي چڱي ڏانهن
لکائين ته ’مهرباني ڪري، هي بيتڙو ته سڄو ڪري
ڏيج:‘
’واه! جيئن آگميا، سارنگ نين سجايا‘
ٿورن ڏينهن اندر اهو قربائتو ڪاغذ وڃي چڱي جت کي
مليو. جنهن جواب ۾ هوبهو نقشو چٽي پيش ڪيو ۽ لکي
موڪليائين ته:
ساوج لتاڙي ٿي اُٿيون، جيئن مينڌي پير رتا،
نٿ نهوري منڙو، جنهن ڳچي ڳاٽ وڌا،
ڪامڻي گڏي اچي ڪانڌ کي، جين جا منڍي مڻ ڳتيا،
’سارنگ نين سجايا، وهه جيئن آگميا‘.
جڏهن چڱي جت کي اهو جواب مليو ته ’واهه واهه‘ وات
مان نڪري ويس ۽ چئي ڏنائين ته ”واهه چڱا
واهه!“بروبر تون شاعر آهين. هن ڳالهه جو راوي بولو
نهڙيو چوي ٿو ته: ”اها ڳالهه تڏهن معلوم ٿي جڏهن
ڄام جوکئي خود باسيو هو ته منهنجي زال جا پير ان
وقت ڳاها ٿي پيا هئا، ڇو ته هن اهڙا ساوا ٻوٽا
(مينڌي جا) لتاڙيا هئا، ان وقت کيس نٿ ۽ ٻيا زيور
پيل هئا ۽ مون کي اچي ڳچي کان آٽو وڌو هئائين ۽
سارنگ جي ڦڙن ڪري هوءَ وڌيڪ حسين پئي لڳي ۽ ائين
محسوس ٿيو ته ڄڻڪر هوءَ موتين سان پاڻ سينگاري آئي
آهي.“
نه فقط خط پٽ ۽ نياپي پاراتي تي مارڪا ٿيندا هئا
پر گهڻا دوست ته ڪٿان جو ڪٿان هڪليو وڃيو چڱي جت
سان روح رهاڻيون ڪندا هئا.
احمد سومرو ڳالهه ٿو ڪري ته سنڌ مان هر هڪ شاعر
(جنهن جو نالو راوي کي وسري ويل آهي) چڱي جت سان
مارڪي ڪرڻ لاءِ سنڀري ڪڇ ويو. وچينءَ جي ويل هئي
پنهنجي ڳوٺ ڀٽاري ۾، چڱي جت مينهون پئي ميڙيون،
ايتري ۾ يار به وڃي اتي نڪتو، خير عافيت کان پوءِ
گهوڙي چڙئي سنڌيءَ شاعر چيو ته: ”چڱي جت جو نالو
ٻڌي، مارڪي لاءِ آيو آهيان، ڏس ڏينم ته ڪٿي ملندو“
مڄاڻ انهي سڄي خود چڱي سان پئي ڳالهايو، سو چڱي جت
چيس ته: ادا! تون گهوڙي تان لهه توکي چڱو به اجهو
ٿو ملايا، پوءِ ويهي ريجهه رهاڻيون ڪبيون. پر سنڌي
دوست چيو ته ادا مون قسم کاڌو آهي ته جيسين گهوڙي
تي چڙهي، چڱي سان مارڪو نه ڪندس هيٺ نه لهندس چڱي
جون مينهون ان وقت ڌائي رهيون هيون، سو مارڪي لاءِ
تيا ڪونه هو تنهن ڪري وري به کيس گهوڙي تان لهڻ
لاءِ چوڻ لڳو ۽ اهو به چيو ته آئون جت آهيان، آئون
به سگهڙ آهيان، جنهن چڱي لاءِ آيو آهين سو جي نه
مليو ته هي جت به روح رهاڻ ڪري سگهي ٿو.“ اتي هن
بزرگ سمجهيو ته چڱو اهو ئي آهي، سو چيائينس ته:
’ٻي ڪچهري سانجهي ڪنداسون، باقي ڪجهه ساڻم سوال
جواب ڪر، ته آءُ هيٺ لهان.‘ ائين چئي سنڌي شاعر هڪ
بيت چيس جنهن ۾ پنهنجي وصف بيان ڪئي هئائين ته:
’آءُ شاعرن ۾ شاعر اهڙو، جهڙو ڪنڍو منجهه ڪپار.‘
اڃا سنڌي شاعر ڪجهه وڌيڪ چوڻ وارو هو ته انيه خود
پسندي تان چڱي کي خار اچي ويو ۽ سمجهائين ته اهو
ڪهڙو شاعر هوندو، جو پاڻهي پاڻ پيو واکاڻي، سو چئي
ڏنائينس ته:
تون شاعرن ۾ شاعر اهڙو، جهڙو وار مٿي ڪاڙ
پاڪيءَ جي پڇاڙ، پيو هوندين پٽ تي.
سنڌي بزرگ اهو ٻڌي گهوڙي تان هيٺ پٽ تي ڪري پيو
وات مان رت وهڻ لڳو پر پوءِ لب لوءِ چڱي کيس دعا
ڪئي ۽ هو چڱو ڀلو ٿيو. ٻنهن جي روح رهاڻي ٿي پوءِ
اسر ڌاري ٻنهي گڏجي ڀٽائيءَ جو سهڻو موتين ڳتل
ڪلام ڳايو. صبح جو قرآن جو دور ڪري هڪ ٻئي کان
فقه ۽ تصوف جا ڪي نتڪا پڇي ڌاري ٿي ويا.“
احمد سومرو ڳالهه ٿو ڪري ته ”مون چڱي جت جي قبر
مان راڳ ڳائيندي ٻڌو آهي، پاڻ راڳ جو ڪاريگر هو،
وڏو پڙهيل هو، سندس علم ۽ عمل جي هاڪ ملڪان ملڪ
مشهور هئي.“
چري چري چت پئا، مونکي ونئيان
ويڙئيچا
الله اوٺي آڻيئن، مون جا پانڌي پانور جا.
هڪڙا پيد پيرن ۾، ٻانئن
منجه
ٻئا،
چري ڪين چڱو چئي مون کي لڱين لوهه پئا،
او مارو ٿر ٿيا، آءُ ڏيان ڏوراپا ڪن کي.
هي بيت تڏهن چيو هئائين جڏهن ڪي وراهڙو ڀل ۾ سندس
نڪ وڍي ويا ۽ جيل ۾ وڃي وڌائونس. راجا کي ڪل پئي
تنهن کيس سونو نڪ وجهرائي ڇڏي ڏنو هو.
چڱي جت چانگن ۽ جتن واري ماري
۾ به حصو ورتو هو. انهي ماري کي به ڳايو اٿس. اهو
مارو ميرن جي ڏينهن ۾ ٿيو هو. شير خان جت کي ڌڪ
لڳو، هن جا آنڊا هيٺ ڪري پيا، ڪنهن چيو ته شير خان
آنڊا ڪري پئا ٿئي، تڏهن پاڻ چيائين ته، ’اهي آنڊا
نه آهن، لَنگي جا پانڌ آهن.‘
ٺاٺا ڀيڙ ٺڪاءَ ڪيو، هڪ هوڪارو،
کٽهڙ
کسي هليا، ڇڏي اوجهڙ اوتارو،
جيئن پوهه مهيني پٻڻ پوي، سڻڪي سيارو،
اچي ڪر دود پيو ديمين
۾، ڪيهر شينهن ڪارو،
رت ريلا ڪري ڀريو، سڄڻيل ڪن سارو،
چڱي ڀت ’چڱو‘ چوي، ڪريو وارو ڙي وارهه.“
چڱي جت جا بيت منهنجي ڀاءُ عبدالرحمان جت (رهندڙ
ڳوٺ رمضان جت لڳ) ڪڍڻ واري مون کي هٿ ڪري موڪليا،
جيڪي سندس ٿوري سان اوهان سان اوريان ٿو؛
هوتن جي هن پٽ ۾، ڪا صاحب هياس،
ڪين ڪميني رکتو،
ڪنان مرن ماس،
جڙي هئي جهان ۾، جنهنجي رب راهي ٿي راس،
پريتن جي پياس، هُئي سانگاٽاڻي
سسئي.
اديون اوڙيءَ
ڀت تان، پلاڻيو پرين
ڪا جا ڳجهي ڳالهڙي رهي من هوتن،
ريڙهيون وڃن روح کي، پرين پڌر نه ڪن
مادر مون کي ماريو، ان پر عجيبن،
اٺن جهاٻا جهالوان
هئا گوربند گونگن،
ناڙاپي
جي نئي ۾، ڪيو ڪرڳل
ڪنواٽن،
سمر ڪوٿرين
پاڻي پوٽرين، گيهه منجهه دٻين،
ڪَ نيا نکٽاڻي، نڪي ويا ويراڻين،
مَيا ميگهپور جي، وٺيو واٽ وڃن،
ڪيچي ڪڪڙ ڀٽ تي، مانَ مانجهاتو
ڪن،
تڙ تي طنبو اڏيا، آڻي عاشقن،
وڃين ويل سمونڊ تي، ڪئي جهان جهان جهمٽين،
اچيو تن سان اوت ۾، مٿئين وهه وڙهن،
چڱي ڀت”چڱو“ چوي، هو چڱا شال هج.
ڪر چڱايون چڱو چوي، چلج چڱي چال،
ساهه پرائو سپرين، نه نيباهه
ٿيندو مال،
وڃي رهندي ڳالهه، هوتن جي هن پٽ ۾.
هليا هالاڻو
ڪري، ڏيهه چتائي ڏور،
پهرين تو نه پروڙيو، هاڻ مٺيس ڙي معذور
ڏاڍي ڪنهن ضرور، توسان نينهن نبيريو.
ويٺي ويچاري کي ڀريا
بيراهو،
لڳس دهل دل تي، ڪو ڀينر ڀيرائو،
ڏيئي ويا ڏکي کي، نندي
جو نانئو
ٻاڻ ٻاروچڻ هٿ ۾، وڍي ٿيا واهو،
چُڪي کي ”چڱو“ چوي، مُين ڪيو ماهُو،
ڪپجي
ڪر لاهو، سيڻ تنهنجا سسئي.
پهرايم پٽن تي، ڇڇڪاري ڇيلا،
آيون چران ان جون، ٻڪر ۽ ٻيلا،
پڳ پڳ پنوهارن جا، وانڍين تي ويلا
اندر چت ”چڱو“ چوي آهن سيڻن جا سيلا،
محبتي ميلا، ٿيندا ٿر ۾ ٿاريلن سان.
فقير لونگ سولنگي ڳالهه ڪئي ته: ”چڱو جت دينو در
جي جبل تي آرامي آهي. مون پري کان سندس قبر ڏٺي
آهي. لوڪ ٿي چيو ته:’هوءَ بُٺي چڱي جت جي آهي.‘
”چڱي جت متعلق وڌيڪ معلومات نه ملڻ ڪري انهيءَ تي
اُڪتفا ڪريون ٿا.
عمر جوڻيجو
عمر جوڻيجو چڱي جت جو وڏو ساٿاري هو، پاڻ گجرات ۾
بمبئي طرف رهندو هو. ڪڇ ۾ سندس کيتر هئا، انهن تان
اچيو نظرداري ڪريو وريو هليو ويندو هو. پاڻ
وينجهارن کي بمبئي مان پيو وکر موڪليندو هو. چڱي
جت کي پاڻ پرولي ڏياري موڪلي هئائين ته:
ماس مٿيئن کائي،
هڏ کڻيو هيٺ ڦڳائي.
انهي جو جواب چڱي جت ”گرڙ“ لفظ چئي. نظم ۾ ڏنو هو.
عمر جوڻيجي انهيءَ جواب کان پوءِ چڱي جت کي
وينجهار ڪري مڃيو هو.
عمر جوڻيجو چڱي جت کان ڄمار جو وڏو هو. ڇپر (لس
ٻيلي) واري ڄام جوکئي تائين سندس پروليون وينديون
هيون.
حاجي محمد سمون
محمد سمون، ڪتابت کان مشهور هو. سندس اکر سهڻا ۽
ملوڪ ليکيا ويندا هئا، نه فقط پاڻ سڀنن قلمن ۾
سهڻا اکر لکي سگهندو هو. پر خدا تعاليٰ نثر ۽ نظم
لکڻ جي پڻ طاقت بخشي هيس.. پاڻ پور بندر (ڪڇ) سان
ڪافي واسطو رکندڙ هو. پر ڪتابت جي ڪري، بمبئي ۾ پڻ
رهندو هو. پاڻ پنهنجي باري ۾ پنهنجن ڪتابن ۾ اشارا
ڏيندو ويو آهي. ”ضرورت المسلمين“ جي آخري صفحي
پنجويهه تي لکي ٿو ته:
”جيڪو مومن هي نسخو پڙهي ۽ ڪري عين عملا،
ته ڪري حقير حاجي محمد سمئي
جي ڌڻي لڳ دعا،
۽ پڻ عافيت باالخير جناب قاضي نور محمد جي، جو
مالڪ مطبع ڪريما
’خلاصه الفقه‘ ۾ لکي ٿو ته:
خلاصہ الفقہ ان جو نام آه ه،
ان ۾ سڀ احڪام دين و اسلام آهه.
فارسي ۾ هو ڪنهن تصنيف ڪيو،
تنهن مٿان هندي اندر ٿيو جو ٻيو.
تنهن ترجمي تان آهه ڪيو مون ترجمون،
نام محمد مون سندو آهيان سمون.
عفو منهنجا جرم ۽ ڪر سڀ قصور
بخش ڪيڻم
فضل سين پنهنجي غفور
وار نيڪي ڏانهن ٻئي منجها ويا،
ڪر فضل پنهنجو مٿن اي ڪبريا.
محمد احمد ٻئي منهنجا پسر،
ڏي هدايت ان کي ڪر صالح سکر.
”خلاصہ الفقہ“ جي صفحي نمبر 77 تي لکي ٿو ته:
ختم ٻارهن سؤ، مٿي ايڪانوي،
ٿي مؤلف جي هٿان، ان پر چوي.
هي رسالو هو هنديءَ اندر ٿيو،
مولوي شجاع الدين پورو ڪيو،
بخش ان کي، فضل سين پنهنجي خدا،
ڪر قبر تر ان جي رحمت سين سدا.
يا الـٰهي بخش منهنجا سڀ قصور،
آءُ عاصي تو سندو، آهين غفور،
ويئي لغو ۽ لهو سڀ زندگي،
هيڪ لحظو پڻ نه مون ڪئي بندگي.
”حيرت الفقہ“ به سندس سهڻي نثر واري تاليف آهي،
جنهن ۾ هي ملوڪ، من موهيندڙ اکر لکندي چئي ٿو ته:
”عاجز اميدوار، طرف رحمت رب الصمد، ضعيف، ڏٻرو،
حاجي محمد سمون، ڪاتب غفرالله لہُ والوالديہ،
والجميع امة محمد ﷺ ته، حيرت الفقہ اول زبان عربي
۾ هو، تينهان پوءِ فارسيءَ ۾ دوست قديم، حاجي
الحرمين شريفين، الحاج قاضي نور محمد صاحب، متوطن
پور بندر جي اردوءَ زبان ۾ ٿيو، پوءِ اضي صاحب
موصوف جي اشارت ۽ حڪم سين منجه سن 1291هه (ٻارهن
سئو ايڪانوي) جي مون ضعيف، ترجمو زبان سنڌيءَ ۾
ڪيو. واسطي طالبن تني جي، جي سنڌيءَ ڌاران ٻيو آهي
ڪي نه ڄاڻن زبان ان جي سليس سنڌي.“
حاجي محمد سمون سنڌي جو سهڻو مترجم هو. پاڻ به وڏو
عالم ۽ شريعت جو ڄاڻو هو، جنهن جو مثال سندس فقه
وارا ڪتاب آهن. پاڻ 1286هه ڌاري لکپڙهه ۽ ترجمن جو
ڪم واهه جو ڪندو آيو، پر پوءِ وري ڪتابن جي لکڻ ۽
ٻين ڪيترن ڪمن ۾ اهڙو ته مشغول ٿي ويو، جو ڪيترا
ڪتاب جي ترجمو ڪري رهيو هو، سي پڻ پاسيرا ڪري رکي
ڇڏيائين، جي وري پنجن سالن کانپوءِ پورا ڪيائين.
اهرن ڪتابن مان، ’خلاصه الفقه‘ خاص آهي. پاڻ اڳي
نظم جو شوقين هوندو هو، پر 1291هه ۾ قلم کنيائين
ته منجهس اهو وڏو ڦيرو اچي ويو هو، جو سڀ ڪتاب،
سليس نثر ۾ لکڻ لڳو. اهو ڦيرو منجهس سندس دوست
قاضي نور محمد صاحب مالڪ ”مطبع الڪريمي“ جي صحبت ۾
رهڻ ڪري آيو. پاڻ جيڪي به ڪتاب ترجمو ڪيائين،
انهيءَ ۾ قاضي نورمحمد جو امر يا اشارو ضرور شامل
هو. حاجي صاحب جو اڪثر ذريعه معاش ڪتابن تي هو. جن
تان سٺا پئسا ملندا هئس، تنهن ڪري ٻئي ڌنڌي ڌاڙيءَ
ڏانهن ڪو خيال ڪونه ويندو هوس.
”دعا سرياني“ جيڪا هن سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪئي هئي، سا
مذهبي ۽ ادبي حلقن ۾ عقيدت جي نظر سان ڏٺي ويندي
هئي ۽ سنڌ و ڪڇ ۾ مشهور عام ٿي ويئي هئي. ڪيترن
عالمن ۽ شاعرن مٿس طبع آزمائي ڪئي هئي: جن مان
هڪڙي مولوي محمد اسماعيل کتري (کٽي) مدرس اول
(محمدن مدرسه) ڀڄ واري پڻ سهڻي نموني سان ”دعا
سرياني“ ترجمو ڪئي هئي ۽ اڳوڻي دعا سرياني جي
ترجمي جي اهميت جتائين لکيو هئائين ته: ”دعا
سرياني جي شرح زليخا جاميءَ جي وزن تي منظوم بحر
”هزج مسدس مقصور“
۾ ۽ هر بيت ۾ عربيءَ جي خاصيت وغيره پڻ لکئي
آهي. اگرچه هڪڙو نظم ترجمو محمد مقيم سمون ڪاتب جي
هٿان اول ٿيو آهي، پر هن ۾ ڪجهه زياده فوائد وغيره
ڏسڻ ۾ ايندا.“
ٻنهي دعائن جي مهاڳ وارا بند بجنسي ساڳل صورتخطيءَ
۾ ناظرين اڳيان پيش ڪجن ٿا:
محمد سمي جو ترجمو آهي ته ۽
آهيان هر جاءِ ۾ حاضر آءُ موجود،
اچو مون وٽ، اوهان جو آءُ مقصود،
مون کي شه رڳ ڪنا اوڏو سڃاڻو،
رکو دل ۾ مَ ڪوئي ٻئو ڪو معبود.
انهي ساڳئي مضمون کي کتري محمد اسماعيل هيئن ٿو
ادا ڪري:
”ڏسج موجود مانکي اي طالب گار
متان ڳولين ٻيو ڪو خاص دلدار،
اندر تو جي سدا آءُ يا غمخوار،
ڇڏي مانکي ڪري ڇو يار اغيار،
نه لڀدين مون سوا ڪو ٻيو مددگار،
اچج مانڏي ڪري، تون شق بسيار.
هي ٻئي بزرگ هن دعا جا اصل عربي متن جا لفظ مان
ڏيو، هيٺ ڪڇي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪندا پيا وڃن. پر
اسماعيل کتري صاحب هرهڪ بيت جو ترجمو ڏيڻ سان گڏ
عربي بيت جي خاصيت ۽ پڙهڻ جي ترتيب ۽ ديني ۽ دنوي
فائدا پڻ ڏيندو پئي ويو آهي. پر حاجي محمد سمون
فقط مهاڳ ۾ سڄيءَ دعا جو ترجمو سليس نظم ۾ ڏنو
آهي. اسين هتي ٻنهي بزرگن جي دعا سرياني کي ڀيٽ
نٿا ڪريو، پر اهو ته لازمي چوڻو پوندو ته سمي صاحب
کان کتري صاحب جو ترجمون وڌيڪ دلچسپ آهي. هتي اسين
سمي صاحب جي دعا سرياني جو عربي متن ڇڏي، باقي
ڏيئي رهيا آهيون، سمون صاحب هاشيه ۾ هن دعا جا
فائدا لکي ٿو ته: جيڪو هن کي پڙهي سو هن (دنيا) ۾
حق جي (پاسي) هوندو. جيڪو چاليهه ڏينهن وظيفو ڪري
ته بخت ۽ دولت ان تي وري ۽ بلائن کان بچي، دعا ان
جي مقبول ٿئي ۽ ڪنهنجو محتاج نه ٿئي.“
آهيان هر جاءِ ۾ حاضر آءُ موجود،
اچو مون وٽ، اوهان جو آءُ مقصود،
مون کي شه رڳ ڪنا اوڏو سڃاڻو،
رکو دل ۾ مَ ڪوئي ٻئو ڪو معبود.
آءُ سڀ جي سدائين دل جو مقصود
نه ڄاڻو مون سواءِ ٻيو ڪو ڪٿ ڪو موجود.
آهيان مالڪ ملڪ جو آءُ واحد
گهران پل ۾ ڪريان پل ۾ نابود.
آهيان رب آن
سندو
مون کان ڊرڄو
سڀ
غضب منهنجي ڪنا هردم ڀڄو سڀ
رهو ڏينهن رات، مون شه جي حڪم تي،
توهان کي جو کپي، مون کان گهرو سڀ
|