(1)
وصف:
عوام جو شاعر وصف بيان ڪرڻ ۾ گهڻو اتاهون آهي،
ڀرپاسي جا قدرتي نظارا، حبيبن جو حسن وڻن جي ساوڪ
جبل، نديون ۽ نيون هڪ حساس دل انسان جي جذبن اڀارڻ
لاءِ ڪافي اسباب رکن ٿيون. ڪڇ جا شاعر پڻ انهن
نعمتن کان سرفراز آهن، قدرتي نقشي چٽڻ ۾ جيترو
عوامي شاعر قابل آهي، اهڙو مصنوعي شاعر ڪڏهن به
نقش چٽي نٿو سگهي.
ميان موريو حضور ﷺ جن جي براق جو نقشو ڪهڙي نه
سندر لفظن ۾ ٿو تياري ڪري.
ڪري رقص رء پئي نچي سر نازن،
هينئڙي هڻڪارو ڪري، ڪڏي ڀر قدمن.
ڄڻڪر براق اکين اڳيان بيٺو آهي، رقص پيو ڪري.
هارون راجسين پوٽو به وصف ۽ بيان ۾ گهڻو اڳرو آهي
اٺ آنري تي ٻڌو بيٺو آهي، پر پنڌ جي پيڙاهه کان هڪ
ڪک به نٿو چري، سفر جو سانباهو ڏسيو سندس ڏيل پيو
ڏڪي:
اڄ به اوڳارين آنرا، ٻڌا چرن نه ٻور،
هلڻ جو هارون چئي، تن مين کي مذڪور،
سندو سفر سور، ڏنئي ٿو ڏاگهن کي.
سيد جلال شاهه برسات جونقشو اهڙو ته ٿو چٽي جو
ڄڻڪر برسات اڳي اوهيرا ڪريو پئي پئي:
وس وس بادل ميگهه ملهار سرها ٿين سنگهار،
جهڙيون
ڪرين ٿو ساري جهان تي،
ڇنن ڇنن ڇمڪار.
بمبئي مسقط شهر بڙودو، جهٻڪين
جهالاواڙ،
چانوت
سين چين وسائين، جهڙيون ڪرين جنگ ٻار،
ڇنن ڇنن ڇمڪار.
پڇم پاور گلڙا کڙيا، سڌائين سنڌ سڪار،
جهڙيون ڪرين ٿو جلال شاهه چئي، لائين
ڏرٿ ڏڪار.
ڇنن ڇنن ڇمڪار.
ميان صاحب آرکاڻي درياهه جو واهه جونقش ڪڍيو آهي،
ڄڻڪر مست مهراڻ اڳيان پيووهي ۽ دهشت ۾ سهڻي ترندي
پئي وڃي:
هي درياه جي دنشت
سير پاڻي ۾ ناهي گهٽ،
وڄي تان دهل ڪري دم دم، تهڙو ڪنين جو ڪوڪٽ،
باگوئڙا مڇ مڇيون، ڪرين
تا جت آ گهٽ،
مرڻ حق لاٿم شڪ، جيئڻ لاءِ پئي جلندي.
وڃي گهڙندي ڪين ورندي،
لهرين ساڻ پئي لڙندي.......
ڪڇ جي ويجهو عربي سمنڊ آهي. ٻيڙاياتا ڪڏهن ڪڏهن
توائي ٿي ويندا آهن پار پهچڻ اهکو پيو نظر ايندو
آهي:
ٻيڙي وارا يار مون کي پار اڪار،
ستو ادا تو نندرون
ڪرين
ٻيڙي جو دڙڪ ڪنين ۾ ڌار،
مهر ٻيڙي جو منجهائي م تون،
تنهنجي چڪ ۾ پيو نيار،
سڻ
کڻي هو سمونڊ ۾ هلئا،
جت لهرين جي آهي دڌڪار
ميان صاحب چيئن ٻيڙي توجا نجري،
ٻيڙيجو پاٽيو پاٽئي
کان ڌار
ٻيڙي وارا يار، مون کي پار اڪار.
ابو لنگهو پنهون جي ويس جا اهڃاڻ ڏيندي چئي ٿو ته:
پنهو جي پهراڻ تي، هئا سونا سڀ ڇلا،
چٽيل گهر منڍڙي
مٿي ڪاري هئي ڪلا،
عمر لوهار هڪ ڏور ۾ چئن حسين عورتن جو سينگار ٿو
ٻڌائي ته:
سرور اپائيون سوڻيون، چوکيون هيون چار،
سهڻي ۾ سهڻو هو، ڪنڊو منجهه ڪپار،
هوس هس ڳچي ۾، در ڪنين ڪنا ڌار،
هوس مگهٽ مٿي ۾، اهڙي انگ آچار،
ساهڙ جو سينگار، ڪن ڪيو، ڪي ڪندا.
ميان حسن سهتو عورتن جي ويس وڳن جا نالا مزاحيه
انداز سان ٻڌائڻ لاءِ ڪمال ڪري ڇڏيو آهي. بازار ۾
عورت جو سينگار جو سامان وٺي رهي آهي:
ڪڍي ڏي وڳا واپاري
سر تي ريٽي ريشم واري،
ڀرت ٽڪن سين، ڪنجري ڪاري،
ڦوڳ ڦلن سين، هئي ڦلڪاري
ڏسيو محب ٿين مستان.
سڻ تون ادا سونال،
جيڪي زيور زريون زال
ڪنگڻ ڪڙيون ۽ ڪٺمال
نٿ نموري نورا نال
جهان جهجهي هئي تنهن ۾ شال
سڻي آواز اچن انسان،
سڻ تون ادا صراف
هار گهرجي گلن ساڻ،
مينڍا ڳتل مڻئين ساڻ،
نٿ ڪنڍي ۾ ڏاڍو ڏاڻ
متان ڪرين نڪ کي نقصان.
ادا موچي ڪر موچاري
جتي گهڙي ڏي چيچٽ واري،
ٽونر گهرجن منجهس هزاري،
[هلڻ چلڻ ۾ ٿئي بهاري]
چيچٽ ڪري جا منجهه چوگان.
سيد علي گوهري پنهنجي ڳوٺ گوهر جي وصف ۽ واکاڻ ڪرڻ
وقت ڪشمير ۽ عدن کان به گوهر کي وڌيڪ ليکي ٿو:
صفحي تي سونهيري حرف لک
وطن سو ولين جو جنات عدن جهڙو
ذرو ناهه زنيت ۾ تاج محل تهڙو
عالم ۾ اهڙو سخن هلي ”سيد“ چئي.
ڪاراڻي صاحب ”چانهه“ جي ڪوپ ۾ سانسرن کي نانگن
تشبهه ڏيندي ڇانءِ (جهڻ، ڏڌ) جي واتان چوائي ٿو ته
:
واکاڻ تنهجي وس جا بنائي تون ڀاري،
سڃڻا
ٿي تنهجي سڄي پيڊي
پڊي پاري،
آفيڻ
ڪارو نانگ ۽ نانگڻ تون ڪاري،
ڪارو ڪوڏڙيءَوارو ڪافي گجاري،
سونئي
بني ساري ته به ويلو وڻٺيل
سڄو.
ڪاراڻي جو سڄو نظم وصف ۽ بيان جو لاثاني شعر آهي.
اصناف – سخن
ڪڇ جا شاعر اڪثر ڪري هيٺين صنفن تي طبع آزمائي
ڪندا آهن.
بيت:
بيت اڪثر سورٺي ۽ دوهي جو ميل هوندو آهي، جيئن ته
اسان کي پهرين بيت سمڳ چارڻ جو مليو آهي، جنهن جو
جڙاءُ ”دوها ميل“ موجب آهي. جيئن ته هر ڪنهن سنڌي
بيت جي پڄاڻي ”سورٺي“ وانگر هوندي آهي، ۽ شروعات
يا کڻڻيءَ ۾ دوهي جهڙو نقشو هوندو آهي. يا سورٺي
جهڙو ڪڇ ۾ بيت تي سڀ شاعر اڪثر طبع آزمائي ڪندا
رهيا آهن. جن مان ميون تماچي، اوريئڙي وارو، هارون
راجسين پوٽو، چڱوجت، حاجي عمر کٽي، ابراهيم جت،
حافظ الهڏنو متوو، ابراهيم حجام، عمر منڌرو، عمر
مٿلائي، وغيره خاص مشهور آهن.
اسان جيڪڏهن ڪڇي شاعرن جا بيت ڇند- وديا موجب
ماپينداسين ته اهي اسان کي دوهي سورٺي جي وزن ۾
نظر ايندا بيت جو مهاڳ يا ته دوهي جي کڻڻي سان
هوندو جيئن ته:
ڍري ڍوري لاءِ، جنهن چارڻ سان
کاهه،
پتڻ پٽي جو ٿيو، سيڄ وٺايو
ساهه،
هميراه
پوراهه،
راڄ نه ڪندا سومرا.
يا ته سورٺي جي مهاڳ سان هوندو آهي، جيئن عمر کٽي
گدڙ کي چوي ٿو ته:
سچي ڪر سياڙ،
روڃ ڪيئن ڦاڙي رات جو،
حاڪيماڻي جي هن پٽ ۾، ڪين تاجي
سئي تنوار،
هيڪڙا ڪن ڪٽندي ڪلوڙين سين، ٻيا محڪم ڏيندءِ مار
ڀڄي ڇڏي پچار نه ته کٽي کڄي آويي.
هي بيت منفي لحاظ کان ”سورٺايل“ آهي، ڇو ته سندس
اڳيئن ۽ پوئين سٽ سورٺا جي سٽا موجب ٺهيل آهن.
سورٺا:
بيت جو پهريون مرڪزي نقطو سورٺي يا دوها سان شروع
ٿيندو آهي. سورٺي موجب ئي هرڪو بيت ختم ٿيندو آهي.
تنهن ڪري هتي اول اول ضرورت محسوس ٿو ڪريان ته
”سورٺا جو وزن ڇا آهي“ سوال جو جواب به ڏيندو
هلان.
سورٺو جي ”ڇند وديا“ موجب هيٺين شڪل ٿئي ٿي:
ڏوري لهه ڏاتار جم وهين ويسرو
هڪيو هوئج هوشيار، کوڻ کوندي اوچتو.
هتي ڪافيا (تُڪ) وچ ۾ آيا آهن، مصرع جي آخر ۾ ڪوبه
قافيو ڪونهي. اسان جي ڪڇي توڙي سنڌي سورٺن ۾ يا
سورٺا ۾ يارنهن باءِ تيرهن ماترائون پوريون بيهن
به ٿيون ۽ نٿيون به بيهن، بيهن ان ڪري ٿيون ته ڪن
لفظن کي آواز ڏيئي انگهائي وڏو ڪرڻو آهي ۽ ٿوري
اکرن جي پورت ڪرڻي آهي ۽ اهي ماترائون بيهن ان ڪري
نٿيون جو سنڌي ۽ هندي لهجن، بيهڪن ۽ ماپن ۾ گهڻو
تفاوت آهي. جيسين تحقيقات ٿئي ته سنڌي ۽ هندي
لهجن، بيهڪن ۽ ماپن ۾ گهڻو تفاوت آهي. جيسين
تحقيقات ٿئي ته سنڌي سورٺو يا دوهو ڪهڙو وزن رکن
ٿا. تيسين هندي جي ئي ماپي تي اڪتفا ڪرڻ لازمي
آهي. جنهن موجب سورٺي جي پهرين تڪ جو پهريون اڌ
تيرهن ماترائن جو ۽ ٻيو اڌ يارنهن ماترائن جو ٿئي
ٿو. اسان جي دوهن ۽ سورٺن جي کٽڻ جي حالت ۾ ٻيا
آواز ڏئي يا شدون ڏيئي پورت ڪري سگهجي ٿي.
دوهو:
دوهي ۽ سورٺي ۾ هي تفاوت آهي جو قافيا پڇاڙي ۾ اچن
ٿا ۽ ماترائون به
11+13
جي بجاءِ
13+11
ٿين ٿيون. مٿيون سورٺو دوهي جي صورت ۾ هوند ڪر
هينئن اچي:
”جم وهين ويسرو، ڏوري لهه ڏاتار،
کوڻ کوندي اوچتي، هڪيو هوئج هوشيار!“
ڪڇ جي ڪيترن شاعرن دوهي ۽ سورٺي تي پڻ طبع آزمائي
ڪئي آهي. جن مان ابوالحسن منڌرو، آڻندو ميگهواڙ
وغيره خاص مشهور آهن.
ڪڇ جا ماڻهو دوهو کي ڏوهو ڪري چون ڪڇ جا اڪثر
ماڻهو ڳالهائين ئي ڏوهن ۾، اهيريا اڀير اڪثر ڪري
گفتگو دوهن يا ڏوهن ۾ ڪندا آهن.
پراڻا دوها ۽ سورٺا:
هت جهونا ”ڏوها“ يا ”دوها“ ۽ ”سورٺا“ پيش ٿو
ڪريان، جنهن ۾ هوٿل، پدمڻي، ڄام اوڍي (ڄام تماچي
جي ڀاءُ) جا سوال ۽ جواب هليل آهن.
اوڍو ڪڇ کي اڪنڊيو هو، ڇو ته هوٿل ڪري هالار ۾
رهيو پيو هو، تنهن جو مينهن نڪرڻ تي ٻاهر نڪري
ساوڪ ڏٺي ته ڪڇ ياد اچي ويس. اڳيان ٻاٻيهو بيٺو
هو. تنهن کي ڏسي چوڻ لڳو ته:
ٻاٻيها ٻيهار، ڪڏهن وينين ڪڇ کي
ججها چوئج جهئار، پاڙو پڇي پرين جو.
ايئن چئي اداس ٿي ويو. اهو هوٿل کان ڏٺو نه ٿيو ۽
کيس جواب ڏنائين ته:
اوڍا! اڪنڊيو هئين ته، اُسهو،
گنگهر هڏ م گهار،
تونجا
سون جهڙا سپرين، ٿيا پريئن پار.
وائي:
بيت دوهي ۽ سورٺي جي ڀرسان وائي جو ذڪر ڪرڻ به
لازمي آهي، وائي جو مهاڳ سورٺي سان شروع ٿئي ٿو ۽
پوءِ دوهي جي حالت ۾ هلندو ختم ٿي وڃي ٿو. وائي جو
جامع نقشو هن ريت ٿي سگهي ٿو:
ٿلهه: ------------------x---------------------.
= =
مصرع: ------------------،---------------------x
= =
//
-----------------،-----------------------x
=
//
-----------------،---------------------x
وائي ۾ ڪڇي شاعر اڪثر ڪري طبع آزمائي ڪندا آهن.
گذريل بزرگن مان پير غوث محمد شاهه، ميون صاحب
آرکاڻي ۽ سيد جلال الدين شاهه خاص مشهور آهن.
ڪافي:
گهڻا دوست وائي ۽ ڪافي جي صور ت ۾ تميز نه ڪري،
ڪافي۽ وائي کي صرف ڳائڻ وقت سڃاڻيندا آهن ۽
چوندا آهن ته وائي اها آهي جيڪي بيت ڏيئي پوءِ
ٻه ٽي ڄڻا گڏجي ڳائين پر ڪافي ڪو ڪٿ به ڳائي سگهي
ٿو، پر انهي کانسواءِ ڪافي ۽ وائي جي سڃاڻپ خاص
جيڪا آهي سا هي آهي ته وائي سورٺي جهڙِي مهاڳ سان
شروع ٿئي ٿي ۽ ڪافي دوهي جي حالت ۾ وڌيل سٽن ۾
هوندي آهي. ڪافي جو عام نقشو هن ريت ٿي سگهي ٿو:
ٿلهه: ------------------،
---------------------
x
= =
مصرع: ------------------،---------------------x
= =
//
-----------------،-----------------------x
=
//
-----------------،-------------------- --
x
ڪافيون توڙي وايون ڏيڍيون ٺاهيون وينديون آهن،
انهن جو نقشو به انهي ريت ٿيندو آهي.
ڪافي، وائي، بيت دوهي ۽ سورٺي ۾، سينگار ،صفت
رزميه، مداحيه ۽ هجو به مضمون اچي وڃن ٿا، جنهن ۾
ڪڇي شاعرن چڱي طبع آزمائي ڪئي آهي.
ڀڄن:
ڪڇي شاعري ۾ ڀڄنن کي به چڱو درجو حاصل آهي. ڀڄن
اڪثر ڪري هندو بزرگ جوڙيندا آهن. مسلمان پڻ ڪڏهن
ڪڏهن ڀڄنن تي طبع آزمائي ڪندا آهن. ڀڄنن ۾ منگو
چارڻ ، ميون صاحب آرکاڻي، ۽ مولوي احمد اسماعيل
رنگريز خاص مشهور آهن. ڀڄنن ۾ مرشد جي ساراهه ۽
ديوتائن جي واکاڻ جا مضمون اچي وڃن ٿا.
جڪڙيون:
پيرن فقيرن ڏانهن، جهڙُ ڪڇ ۾ عقيدو آهي، اهِڙو
ڪنهن ملڪ ۾ نه هوندو. ڪڇ جو ملڪ آهي ئي ”عقيدي جي
کاڻ“ پير فقير جن تي جيئري به ميڙا هئا، تن تي مئي
کانپوءِ ملهار لڳي پيئي هوندي آهي. هون ته هر ڪنهن
ڏينهن تي درگاهن تي معمولي ميڙي جيترو مجمعو،
برحال هوندو ئي آهي پر سالياني ميڙي ۾ ته ڪي ڪٿان
ته ڪي ڪٿان اچي گڏ ٿيندا آهن.اچڻ وقت ڪڇي عورتون
پنڌ اينديون آهن ۽ ”جڪڙيون“ چونديون آهن، جڪڙيون
جي معني آهي. ” ڳنڍيون“ يا ملحق ٿيون. جڪڙِيون ڪڇ
۾ عقيدت جا ڳيچ يا ڳيا چئجن ته به سونهي.علاوالدين
جي حملي وقت ، سنڌ جون سومريون ڪڇ ويون هيون، انهن
ابڙِي دودي لاءِ ڪافي جڪڙِون چيون هيون انهن جا
لوڪ گيت ”جڪڙِيون“ هن ڪتاب ۾ ڏنيون آهن، سومرين ڪڇ
۾ ”جڪڙِين“ جي ابتدا ڪيئي. اهو لوڪ گيتن
جوقسم700/1300ع کان پوءِ اسريو ۽ اڄ سوڌو قائم
آهن.
راسوڙو:
اسان وٽ جهڙو درجو ڳئي يا ڳيچ ڳيت (گيت) کي حاصل
آهي ساڳيو درجو ڪچ ۾ راسوڙي کي آهي. راسوڙو ڪڇي
شاعري جي جان آهي. رس ۽ راڳ جو راسوڙو ڄڻڪر پڄاڻي
آهي. راسوڙي کي اڳئي رڳو ڳئي يا ڳيچ جيترو محدود
رکيو پيا ايندا هئا. پر محمد اسماعيل رنگريز وڌي
راسوڙي کي وسعت ڏني ۽ عورتن سان گڏ راسوڙي ۾ مرد
به طبع آزمائي ڪرڻ لڳا. راسوڙي جي سڃاڻپ جو وڏو
نشان ”ري لو“ لفظ آهن، جي راسوڙي جي هر ڪنهن مصرع
جي پڇاڙيءَ ۾ اچي، انهن لفظن کي رس سان ڀريو ڇڏين.
هينماريون:
ڪڇي شاعري ۾ ”هينماريون“ ايتري جڳهه والارين ٿيون
جيترو اسان وٽ ”هيرا“
جڳهه
حاصل ڪن ٿا. هيرا اسان جي لوڪ ادب جو وڏو حصو آهن.
هن ۾ مزاحيه گيت شامل ڪيا ويندا آهن. جنهن ۾ گندا
۽ ڪنا لفظ اچي ويندا آهن. پر انهن کان وڌيڪ هيرن
جي جڙت ۽ نتيجو لک لهندڙ آهي. اهڙي طرح هينماريون
به ڪڇي ادب جو چڱو درجو رکن ٿيون. هينمارين تي
اڪثر عورتون طبع آزمائي ڪنديون آهن. هينماريءَ ۾
اڪثر ڪا ڳجهارت لڪل هوندي آهي. جا جيڪڏهن اڳلي نه
ڀڳي ته انهي هينماري ۾ جو شرط هوندو سو اڳلي کي
ڀرڻو پوندو. اسان جي راويءَ مٺو نهڙي تي هڪ مائي
هينماري ڏني ته:
”نيلو پيلو گاگريو، جين جي ڪيسري آهي ڪور،
هينماري منئنجي نو ڳڻ ڪر
نڪا ٿي موڇڙي تي ڀور
مٺو ”مور پکي“ چئي جند ڇڏائي، نه ته کيس ڪر پادر
کڻڻا ۽ چمڻا پون ها، ڇو ته پرولي ۾ اهو شرط آهي.
مولود:
ڪڇي بزرگن ٻين صنفن سان گڏ مولودن کي به چڱو نڀايو
آهي. هن صنف ۾ طبع آزمائي ڪندڙ اڪثر مسلمان بزرگ
آهن، هن ۾ آنحضرت محمد ﷺ جي ساراهه ڪيل هوندي آهي.
مولودي بزرگن مان عبدالرحمٰن پرڀاتيو، مولوي
اسماعيل رنگريز ۽ اسحاق وغيره خاص طرح سان مشهور
آهن. مولوي اسماعيل جي ساٿارين، جا ڪڇ ۾ مولودن جي
جهڪور مچائي هئي، سا اڃا به ڪيترا بزرگ کڻيو اچن
مدحون:
ڪڇي بزرگ پاڻ ڪريمن ، چئن يارن، پيرن فقيرن ۽
اميرن جي شان ۾ مدحون پڻ چوندا آهن، مدح چوندڙن
مان ميان مورئي جو نالو اول اول اچي ٿو، جنهن
بادشاهه پير جي شان ۾ مدح چئي هئي. مدح کي لاڙي
طريقي موجب واري تي ڳائيندا آهن ۽ مولودن پويان
لسو به ڳائيندا آهن.
پروليون:
ڪڇي ادب ۾ پروليون به هڪ حصو رکن ٿيون، جنهن ۾ بيت
دوها ۽ سورٺا اچي وڃن ٿا. ڪڇي شاعر پروليون منظوم
چون ٿا، ۽ پرولين ۾ پنهنجا جوهر ظاهر ڪندا آهن.
لوڪ ادب
ڪنهن به ٻولي جي تاريخ ڏسڻي هجي ته لوڪ ادب کي ئي
باريڪ بيني سان مطالعو ڪرڻ گهرجي. هر ڪنهن زنده
ٻولي جو ثمر جيترو لوڪ ادب ۾ محفوظ رهندو آهي
اوتري حفاظت ڇپيل ڪتابن ۾ ٿيڻ مشڪل آهي.
ڪڇي لوڪ ادب ۾ آکاڻيون، دوها، سورٺا، ڀڄن، راسوڙا
۽ چوڻيون اچيو وڃن ٿيون. جن ۾ ڪڇي سڄاڻن پنهنجو
ورثو محفوظ رکيو آهي. آئون هتي ڪن ٿورين لوڪ
ڪهاڻين ۽ شعرن جو ذڪر ڪندس، جن ۾ ڪڇ جي تاريخ به
محفوظ رهندي آئي آهي.
سمڳ چارڻ:
سمڳ چارڻ جنهن جو ذڪر هن ڪتاب ۾ ڪيو ويو آهي تنهن
سومرن جي خلاف شعر چيو هو، سو شعر به وڏي اهميت
رکي ٿو ۽ لوڪ شاعري جو تاريخي ورثو آهي.
دودو چنيسر:
دودي چنيسر جي آکاڻي جهڙي سنڌ ۾ مشهور آهي اهڙي ئي
ڪڇ ۾ مشهور آهي. جڏهن سومريون سام لاءِ ابڙي اڙٻنگ
ڏانهن وڃن ٿيون تڏهن واٽ تي هڪ ٻيو ابڙو جوڻا چاڻي
به ٻڌن ٿيون ۽ اوڏانهن پنڌ پون ٿيون ابڙي جوڻا
چاڻي جي ماءُ علاو الدين جو ٻڌي ڊڄي چوي ٿي ته:
هو ابڙو اڙٻنگ وڙسو جو وير،
هو ڏونگر ڏيهه ٻيو، هي جوڻا چاڻي جنگ.“
پوءِ ”سامون“ لاچار ٿي نڪري پون ٿيون. ۽ ابڙو وڙسر
وارو انهي خبر کان مطلع ٿئي ٿو. اطلاع ڏيڻ خاطر
وڏيون باهيون ٻارائي ٿو، ته جيئن واٽهڙو سومريون
واٽ نه منجهن، ۽ اهي سڌيون وٽس اچي سام پون. اڃا
به جت وڏي باهه ٻري ته چون ته، ”ابڙي وارو اونس
آهي“ پوءِ سومريون وڃي سام پيون. ابڙو علاوالدين
جي لشڪر کي سامهون ٿيو، ۽ وڙهندي جان ڏنائين. (ڪڇ
۾ ابڙي کي پير جيترو درجو آهي) پوءِ به هن سخي
ابڙي جي عزيز ۽ سپڙ سالار به مغلن سان خوب مقابلا
ڪيا.
”سپڙ ۽ سالار، پتيون وڌيون پاڻ ۾“
ابڙي لاءِ جڪڙي:
ابڙي جي مڙهه تي جيڪا ماڙي اڏيل آهي، تنهن جو
سورهيه سالار هئڻ ڪري هرڪو سلام ڀريندو آهي، ۽
مايون جڪڙيون چونديون آهن. هتي هڪ جڪڙي پيش ڪجي
ٿي:
ماڙي جو اسين ڀريون سلام او ابڙا ڄام
سنڌان آويون
سومريون سڻي ابڙي جو نام
ابڙا او ڄام اسين ماڙي جو ڀريون سلام!
پڙ ٻهاريان مونجي
پير جا، ڦل اڇليان جام،
ابڙا او ڄام! اسين ماڙي جو ڀريون سلام،
جڪڙئي آنجي جي جس ڀري ڀري هرڪو غلام
ابڙا او ڄام! اسين ماڙي جون ڀريون سلام!
سينسر پير:
ڪڇ جو آڳاٽي وقت جو اوليا سينسر پير ٿي گذريو آهي
جو مڙهه واري ماتا جي الهندئين طرف آرامي آهي.
سانوڻ جي مهيني ۾ هن بزرگ جو ميلو لڳندو آهي. سندس
شان ۾ پراڻي وقت کان هيٺين جڪڙي عورتون چونديون
آهن:
سانوڻ ۾ ٿيج سڌير، سينسر پير،
جمعين جاترو
هليا، تني کي کارايو کنڊيون ني کير،
ڳويون ني مينهون هليو، تين
جا پيارين کير.
ستا آئيو سرڳ ۾، اوڇي اڇا چيڙ
پڌر ني آنجو پڌرو،جين ۾ جاترئين جي آ ڀيِڙ
لوڙني آنجو پار مٿي،آنئين کارايو جاترائون پيڙ،
گام ني آنجو خوب وديو، مهر ڪريو ڪا پير.
هن جڪڙي ۾ ڪڇي لهجو جهاتيون پائي پاڻ پسائي رهيو
آهي. لفظ لوڙ، هاءِ وديو،
وغيره مان هه ڪڍي وئي آهي. ۽ ٻين لفظن کي بدلائي
ڪڇي لهجي ۾ رکيو ويو آهي. ”جاترو“ جنهن کي اسين
جاٽائون چئون ۽ اهڙا ٻئا لفظ ڪڇي ٻولي جا مثالي
آهن.
جڪڙي حاجي پير جي:
ڪڇ جي مان وارن پيرن مان حاجي پير اول درجو رکي
ٿو، ڪڇي اهو اعتماد رکن ٿا ته حاجي پير جي نوائي ۾
جا شيءَ طلبي سا اوس ملندي ڪوبه سوالي خالي نه
رهندو. اها به عام روايت آهي ته ”حاجي پير جي بٺي
جو ڀت نوائي يا حدکان ٻاهر کڻي ويندو ته پوءِ اهو
ناس ٿي ويندو.“
حاجي پير جي شان ۾ ڪڇ جي سيلاني ۽ سنڌ جي شاعر
پنجتني پڃياري جي ساراهه ۾ ”ڀڄن“ ۽ ”جڪڙيون“ چيون
آهن، هتي هڪ جهوني جڪڙي پيش ڪجي ٿي، جيڪا عورتون
پنهنجين وڏڙين کان ٻڌنديون پيون اچن:
حاجي پير وائر
ٿيجا مون کي آئي
اڪير
جمعين ڏيئن
جاترو هليا، سومار صحيح ڪري،
پڙ ٻوهاريان مونجي پير جا،ڦلڙن ڇاٻ ڀري،
آءُ ني پاڻياري پير جي، ڀريان ناير نير،
مون کي آهي اي اڪير، حاجي پير وائر ٿيجا،
اندين
کي اکيون ڏيو، اونجين کي ويا،
حاجي پير مون آهي اڪير، مونجي وائر ٿيجا.
حاجي پير ڪڇ جي رڻ جي ڪنڌيءَ تي آرامي آهي، سندس
ڀيڻ نالي ”بيبان نور“
ڪڇ جي رڻ جي ٻي ڪنڌي تي سنڌ ۾، بدين جي تعلقي جي
ڇيڙي تي قرهيي ڀانڊاري جي قبي ۾ آرامي آهي. ”بيبان
نور“ قرهيي ڀانڊاري پنهنجي دين جي ڀيڻ ڪري پاڻ وٽ
رهائي هئي. شيخ قرهيي ڀانڊاري وارن مان حقير به هڪ
فرد آهي. قرهيي جو قبو ڪنهن ڪڇ جي سيٺ ٺهرايو هو،
جنهن جي پوءِ غلام شاهه ڪلهوڙي به مرمت ڪرائي هئي،
قرهيي جي نيشان جيتر ۾ ڪجهه موهن جي دڙي واري رسم
الخط ۾ لکيل آهي جا پڙهي نٿي سگهجي، قرهيي ڀانڊاري
جي جڪڙي هي آهي:
سات سلامت آيو، پير ڀانڊاري
تنهنجو ٻيڙو کٽي گهر آيو،
شيخ ني تنهنجا دادلا پير ڀانڊاري،
تنهنجو ٻيڙو کٽي گهر آيو.
آءٌ ني پاڻياري تنهنجي، پير ڀانڊاري،
تنهنجو ٻيڙو کٽي گهر آيو.
لاکو ڦلاڻي:
ڪڇ جو لاکو ڦلاڻي وڏو حاڪم ٿي گذريو آهي. هن جي
باري ۾ ڪافي ڪهاڻيون ۽ شعر ملن ٿا. سندس چوڻ ته
جڏهن ”ڪيهري ڪوٽ“ ٺهي راس ٿيو، تڏهن ڪنهن شعر چيو
هو ته:
لاکي خرچي لک، ڪيهڙي ڪوٽ اڏايو.
ڪوٽن جي باري ۾ هڪ ٻيو به شعر ٿو ياد اچيم، جنهن
کي ڪڇي بزرگ فخر سان پيش ڪندا آهن. اهو شعر (دوهو)
جيسلمير گڊ جي ساراهه ۾ آهي:
گڊ دلي، گڊ آگرو، گڊ وبيڪانير،
ڀلي اڏايو ڀٽئين، گڊ جيسلمير.
گڊن(ڪوٽن) جي باري ۾ ٻئا به مشهور شعر آهن، پر في
الحال هنن بيتن تي اڪتفا ڪجي ٿي، ۽ لاکي جي باري ۾
ڪي وڌيڪ شعر پيش ڪجن ٿا.
ڳالهه ٿا ڪن ته ”لاکو ڦلاڻي“ عورتن تي فدا هوندو
هو، هڪ دفعي واٽ وٺيو پئي ويو ته واٽ تي هن کي هڪ
عورت نظر آئي، جا گهونگهٽ ڪڍيو پئي وئي، لاکي
سمجهيو ته ڪا حسين ورت آهي، جا منهنجي ڪوٽ ۾ هئڻ
گهرجي. انهي ڪري ئي عوام جي نظرن ۾ لاکو ڪريل هو،
چوندا هئا ته:
لاکو لکي تي چڙهيو، لکي لاکي هيٺ،
ڪندو ڏمر ڏيٺ، سڀان ساڻ سڀ ڪنهن.
آخر ڪار لاکي به هن جي پٺ نه ڇڏي، چوڌاري پئي ڦريس
۽ هن پئي منهن ڦيرايو، تنهن تي هن کي به وڌيڪ شوق
ٿيو ۽ گهڙي تان لهي سندس منهن تان گهونگهٽ
لاٿائين، ان کي ڏسي ڏاڍي ڪاوڙ آيس ڇو ته اها عورت
بنهه ڪاري هئي. ان تي لاکي جي هڪ طرفدار شاعر بيت
ڏنو ته:
کيتر
کهنبو نه اُپجي، عام م سهانگو هوءِ
مڙيارن جي وس ۾، ڪوئي نه جيئرو هوءِ
ڪني ڪوجهي جوءِ پنڌان کايو پيئڙو.
هوٿل ۽ اوڍو ڄام:
ڪڇ ۾ ٻين ڪهاڻين سان گڏ ڄام اوڍو ۽ هوٿل پدمڻي جي
آکاڻي سڀ بزرگ وڏي پاٻوهه ۽ پيار سان ڪندا آهن.
ڄام اوڍو ڄام تماڇي سمي جو ڀاءُ هو، جڏهن ڄام
تماچي جي زال ڄام اوڍي ۾ اکيون وڌيون، تڏهن ڄام
اوڍو ڪڇ ڏانهن هليو ويو ۽ اتي وڃي هوٿل سان پرڻيو.
هنن شادي پنهنجي منهن ڪئي هئي، انهي لاءِ ڪو لوڪ
شاعر چوي ٿو ته:
ڌوڙ جيون ڍڳيون ڪري، ڦيرا ڏنئون چار،
اوڍو هوٿل پرڻيا، تنهن جي سورج ڀرج ساک.
پوءِ هوءَ وڃي هالار ۾ رهيا جتي ڏينهن گهاريندا
هئا، اتي مينهن وٺا ته اوڍي کي اچي ڪڇ ياد پئي ڇو
ته سندس عزيز اڪثر ڪڇ ۾ رهيا پيا هئا اوڍي ڏٺو ته
ٻاٻيهو وڻ تي ويٺو آهي ٻاٻيهو پکي به اٺي وقت وڃي
هالار جبل تي ڏينهن گهاريندو آهي. ڄام ٻاٻيهي کي
ڏسي چيو ته:
ٻاٻيهار ٻيهار، تون ڪڏهن وينين
ڪڇ کي،
ججها چئج جُهئار، پاڙو پڇي پرين جو.
اهڙو اداس ڏسي هوٿل ڄام اوڍي کي چيو ته:
اوڍا! اڪنڊيون هئين ته اسهو، گنگهر هڏ م گهار،
تونجا سون جهڙا سپرين، ٿيا پرئين پار.
آخرڪار اوڍو ويو ۽ ڪڇ کان موٽي آيو. ٻن ٽن سالن
کانپوءِ هن پنهنجا پٽ موهڙ، مناهيون ۽ جکرو ڪڇ
ڏانهن شادي لاءِ موڪليا. شادي جي بهاني سان هوٿل
به هلڻ لاءِ تيار ٿي. پر شرط وڌائين ته مون کي پري
ڪري ظاهر نه ڪج. پر ماڻهن اوڍي کي نشو ڏئي سچي
ڪرائي ۽ هوٿل پري چار چٺيون ڏئي اڏامي هلي ويئي:
چٺيون لکي چار، ڏنيون هوٿل هٿ ۾،
اوڍا واچي
نهار اسان اچڻ ايترو.
آخرڪار ڪنهن بهاني سان جيئن پنهنجي پٽن جي شادي ۾
آئي تيئن نهرن کيس ويهاري ڇڏيو پوءِ ته وري به مڙس
سان گڏ گهاريندي رهي. سندس پٽ جکري ۽ ڌي سکر کي
شاهه پڻ گهڻو ئي ساراهيو آهي:
جکرو جس کرو، ٻئا سڀ کريل خان،
مٽي ان مڪان، اصل هئي ايتري.
ماروئي جي واتان سکر جي ياد هن طرح ٿو بيان ڪري:
سونهن وڃايم سومرا، سکر جهڙي سونهن،
دل ۾ دکي دونهن، منهنجو منهن ميرو ڪيو.
سمان:
سمن جي باري ۾ ڪڇي ادب ۾ گهڻو ڪجهه آهي، هڪ عام
چوڻي آهي ته:
سمان وسمان.
اها چوڻي هينئن پئي جو بهاوالدين ملتاني کي ماري
پاڻ وٽ رهائڻ ٿي گهريائون. جنهن جي جاءِ تي شيخ
اچي ويو ۽ جان ڏيئي پاڻ ملهايائين ۽ مثال مشهور ٿي
ويو ته:
جِيو مڪليءَ جو ڏيو.
پوءِ ملتاني پير کي پرچائڻ لاءِ ابراهيم ناگوراڻي،
راجسين سومراڻي ۽ ڳاڙهو صدر نڪتا، ”گڏي“ وٽ
”گهنٽو“ پهلوان ويهاريو ويو هو ته ڪوبه سنڌي ملتان
نه ڇڏيو وڃي، پر
گهوٽن ”گڏو“ گهڙيا منجهه گهاري،
آڻي وٽون وراهيون، شاهه رڪن ساري،
پانڌيئڙا پاڙي، واريا پير وطن ڏي.
انهي کان پوءِ وري به واٽ چالو ٿي ۽ اڄ به سنڌ کان
ڪيتريون جماعتون ملتان وينديون آهن. ورهاڱي کان اڳ
ڪڇ کان پڻ پانڌيئيڙن جون جماعتون ملتان وينديون
هيون. ڪڇين نوهين جي اها واٽ هاڻ بند آهي.
انهي واٽ چالو ڪرڻ وارن ۾ گهڻا ڪڇ جا پير پڻ شامل
هئا. هڪ پرولي ڏني وئي آهي. جنهن جومطلب آهي ته
”جڏهن سما ساموئي ۾ هئا،تڏهن ڄام نندي تي پڳ هئي،
پر پوءِ وڃي اها پڳ ترارين جي وچ ۾ پئي ۽ سمن جي
طاقت ختم ٿيڻ لڳي.“
سمن جي صاحبي ۾ ئي جميل شاهه گرناري ۽ ٻين بزرگن
پير پٺي جي ڀرسان هڪ هندو جوڳي کي ڪڇ ڏانهن روانو
ڪيو هو، جنهن تي ان وقت هڪ بيت ٺاهيو ويو هو:
ڏونـــگـــــڙو ڏيــــانـــــاٿ،
ســــامـــي پــــڇــــي ســــاٿ،
ڪـــيـــر هلـــي ٿــــو ڪڇ کــــي.
روايت آهي ته ”اهو جوڳي دينودرجبل تي ويهي تپيسا
ڪندو هو سندس منهن سنڌ ڏانهن هوندو هو. ان تي سنڌ
جي ولين سندس منهن ڦيرائڻ ٿي چاهيو پر سندس اک کلي
وئي، ۽ وچ وارو پاسو رڻ ڪري ڇڏيائين.“
شادي ۾ سوال و جواب:
|