عمر منڌرو پرولين جو وڏو وينجهار هو. ”چنتا“ جي
باري ۾ ’دوهو‘ ڏيئي چئي ٿو ته:
”هلي نه هينئين سين، کائي نه گاء،
ملوڪ پرولي، ’منڌرو‘ چئي، کائي رڳو ماء.“
هن وينجهار کان جڏهن جواب طلب ڪيو ويو، تڏهن
چيائين ته اها ڳجهارت ’اگهو چروائي‘ کاڻ مان آهي.
جواب ’ڳڻتي‘ يا ’چنتا‘ آهيس. ٻي پرولي آهي ته:
”ٻه ناريون نالي هڪڙي، سڄي منجهه سنسار،
هڪڙي اڏڀوڄا اُپني، تيسين ڪاريگر ڪئي ڪار،
ڏوڏو
ڀالا ٻڌي ڏيل تي، کيلي سانگ
ترار،
ٻئي ڄروڄا هٿ ڄائي، جين ڄاپي ڳڙي ڄمار،
درويس
بدلائين دنيا ۾، جڏئن هٿان ويس هار،
عمر چئي اي نار، هئي ڪئي ورئين
جي.“
عمر جي وينجهارپ هن پرولي مان پڌري آهي. کيس پرولي
جي مڙني کاڻين جو پتو هو. وينجهارپ جا وکر وٺڻ ۽
وري سنڀالي رکڻ ڪا معمولي ڳالهه نه آهي. وينجهارپ
۾ شاعريءَ جو هڪ طرف لحاظ رکجي ٿو، ڪک لڪائڻ جو
ٻئي طرف ڌيان رهي ٿو، ۽ پنهنجا جوهر ڏيکارڻ ۽
تسلسل قائم رکڻ لاءِ ٽي طرف خيال ڏيڻو پوي ٿو. عمر
منڌرو اهي سڀ گڻ سٺين وصفن سان نڀاهي آيو آهي.
مٿين ڳجهارت جون کاڻيون ٻه آهن: اڀوڄا: يعني اها
کاڻ جنهن کي اڏوئي کائي وڃي، ٻي کاڻ ڄروڄا: انهي ۾
ڄر ڏيندڙ سڀ مخلوق اچي وڃي ٿي. ٻه ناريون يا زالون
”ڏوسيون“ (پوڙهيون). پهرين پوڙهي (ڏوسي) ”اڏڀوڄا“
۾ ڄائي آهي، اها ڳولبي ته اها ڏوسي ”گڏر“ آهي. جا
ٻٻر جا ڪنڊا کڻي، هتان هُتان رکي، ٻٻر تي پئي
لڏندي آهي. هيڏانهن هوڏانهن لڏڻ کي منڌري صاحب
”تلوار سان کيڏڻ“ جي تشبيهه ڏني آهي.
ٻي پوڙهي يا ڏوسي عورت آهي، جا ڄروڄا، يعني ڄر
واري مخلوق مان ڄايل آهي، جا پڻ جوانيءَ جا مزا
ماڻي، پوڙهي ٿي، ته ڏوسي سڏجڻ ۾ آئي عمر منڌرو چئي
ٿو ته، ”انهن ڪيترا ويس بدلايا ۽ ڪيترن ورهن زندگي
گذارڻ کان پوءِ ٻئي ناريون ”ڏوسيون“ (پوڙهيون)
ٿيون ۽ پوءِ خاتمي ڏانهن وڌيون.“
ميون ملوڪ کوڙ
ميون ملو کوڙ شاهه ڀٽائي جي فداين مان هڪ هو. فقير
مٺو نهڙيو ڳالهه ٿو ڪري ته:” کيس خدا آواز سٺو ڏنو
هو. مون ساڻس گڏجي شاهه جو راڳ ڪيو.“ ابراهيم ڪڇي
سان روح رهاڻ ڪندي پتو پيو ته ”ميون ملوڪ کوڙ ۽
مکڻ فقير گڏجي راڳ ڪندا هئا. مکڻ جيلا تلا جي لڳ
رهندو هو، پاڻ ذات جو جت هو، ۽ ورهاڱي کان اڳ وفات
ڪري ويو. اهو مکڻ فقير ۽ ميون ملو کوڙ جڏهن گڏجيو
راڳ ڪندا هئا، تڏهن ڇانو ٿيو ويندي هئي.“
هڪ ڪڇي بزرگ سان (جنهن جو نالو وسريم ٿو) ڪچهري
ڪندي معلوم ٿيو ته، ”قاسم فقير شيدي سٺو راڳائي
هوندو هو، اهو شيدي ايترو مو ڪونه هو، جيترو ميون
ملوڪ کوڙ هو، پر هو به سٺو راڳائي هو. وفاداري ڪري
واه ڙي قاسم واهه! باشا ۽ اڀاميان وفات ڪري ويا،
وٿاڻ ولها ٿي ويا، ته به اهو قاسم انهي ڀيڻين تي
اچيو ڀيڙو ٿيندو هو ۽ آسابند ڪريو پيو هوندو هو.
پاڻ جيئري ته پيرن جو خادم ٿي رهيو، پر پيرن جي
مئي کانپوءِ به کانئن منهن نه مٽيائين.“
استاد بولي عرف محمد عثمان ڳالهه ڪئي ته”مئين ملوڪ
کوڙ سان قاسم شيدي به گڏجي شاهه جو راڳ ڪندو هو.“
فقير مٺي نهڙيئي سان روح رهاڻ ڪندي ڪل پيئي ته،
”ميون ملوڪ کوڙ ڄنگهڻيءَ ۾ ڄائو هو. ميان ديني علم
۾ ماهر هو.’ميون‘ ڪري چوندا هئس. ڪڇ ۾ ميون ”قاضي“
کي چوندا آهن. پنهنجا کيتر (کيٽ) هئس ۽ پنهنجيءَ
وارو هو، پر پير اڀاميان ۽ باشا ميان سان خاص
پوندي هئس ۽ وٽن لکپت ۾ رهندو هو. پاڻ شريعت جو
سخت پابند هو ۽ شريعت تي هلڻ لاءِ تاڪيد ڪندو هو.
سندس باشا ميان پير صاحب ڏاڍو قدر ڪندو هو. هڪ رات
هڪ خواب ڏٺائين ۽ اچي اهو خواب شهر ۾ پير صاحب کي
ٻڌائڻ ويٺو:
ڏٺم خواب، ٿيم خيال جيڪر هوت سين گڏ آهيان،
علي شاهه لڌم خواب!
جڙيون جيڏيون ايندم جاني، ٻانهين
ٻڌي آءُ تنهن وٽ ٻانهي،
موليٰ ڪندو مهرباني، تڏهن گولي ٿي گذاريان.
علي شاهه لڌم خواب.
اڃا پاڻ خواب بيان ڪري رهيو هو ته سيد صاحب پڇيس
ته ”کوڙ ميان تڏهن تون ڪٿي هئين؟“ جواب ڏنائين
ته:” سائين ٻاوا! سا مونکي ڪابه ڪل نائي.“
مئين ملوڪ کوڙجي درجي کان گهٽ ابو لنگهو به پير
صاحب جو درٻاري ڳائڻو هو. هن صاحب پيرن جي شان ۾
سٺي ڪافي چئي هئي، جنهن جي کڻڻي آهي:
”باشا ابا ميان ٻئي ڀار،
سونهن ڀريا سردار.
ميون ملوڪ کوڙ ورهاڱي کان اڳ پندرهن سال کن ٿيندا
ته سٺ، ستر ورهين جي ڄمار ۾ 1932ع ۾ وفات ڪري ويو.
پٺيان هڪ ڌيءَ ڇڏي هئائين. ٻيو رهي نالو رب جو.
پاڻ پنهنجو ڪلام پڻ ڳائيندو هو. سندس ڪافيون سنڌ ۾
مشهور آهن. ڪڇڙي ۾ ته سڀ ڪڇي دل و جان سان سندس
ڪلام ڳائيندا آهن. سندس ڪي ڪافيون پيش ڪجن ٿيون:
سسئي
هاڙي پوءِ پچار، ڪميڻي جي ڪيچ ۾
ڪميڻي جو ڪيچ ۾، ڪونهي ڌڻنيان دار،
اڙيا آهن انگ
۾، ويچاري جا وار،
اُٺ چاريندس ان جا، ميان جليو مار،
مين جي ’ملوڪ‘ چئي، ڪاڏي ويئي قطار.
سهڻي
سچ وڃئي سهڻي، ترندي ساريون راتيون سمونڊ ۾،
پي نه پيالو پُر ٿئي، چڪي مان چاندي......
لهرين لوڏي ڇڏي، ڪُن به ٿيا هس
ڪانڌي،
محبن سان ’ميون ملوڪ‘ چئي هئان شڪل هيڪاندي...
مرثيو
ڪربلا ۾ ڪاري هئي،
حسڻ حسيڻ يا علي شير ملهايو.
اڄ امامن تي اوکي آئي،
آگي ان جا نام وڌائي،
دين ان جا درست رکائي،
نام موليٰ جي سر لٽايو.
کوسي مان اچي خيما کوڙئون،
جونش مان تن جنگ جوڙئون
(مصيبت کان منهن نا موڙئون)
هيبت مان اُنين هاڪ هنئين،
دشت
مان ان جا ڌڙ دٻايو.
ڏوهه ڏينهن سختيون ڏٺائون
ويل وچينءَ جي، امر مڃيائون،
’کوڙ ملوڪ‘ چئي رب رضائون
سوين ملائڪن سيڄ کنئي،
جنت ۾ ان جا هنڌ جوڙايو.
سيد ذوالفقار علي شاهه
”هي بزرگ نريڙي جو هو. پاڻ سونهاري وڏي ڇڏائيندو
هو. سندس شعر جو ڪڇ ۾ غلغلو هوندو هو. هي بزرگ ئي
هو جنهن پنهنجو ڪلام ڳائي ڳائي مشهور ڪيو. ۽ هي
پهريون سيد هو جنهن پنهنجو گذر سفر ئي ڳائڻ تي
رکيو هو. پاڻ موٿاري شهر ۾ اڪثر گهڻو ايندو ويندو
هو. جهڙو پاڻ سريلو هو، اهڙو ئي، ڀاڻس امام الدين
سهڻو گلوڪار هو. مٺو فقير سان پڻ هنن بزرگن گڏجي
راڳ ڪيو هو. وٽن هميشه طبلا ۽ هامونيم هوندا هئا.
مريدن ۾ پن مڱ به ڪندا هئا. جتي مريد نه هوند
هُئن، اتي طبلا ۽ هارمونيم تيار ڪري، سائينءَ کي
ساري اهڙي ته سوز سان ڳائيندا هئا، جو نوٽن جا
مينهن وسيو ويندا هئا. انهي کانسواءِ کيترن مان به
چڱي خاصي اپت پئي ٿيندي هين. سندس ٽيون ڀاءُ اڪبر
شاهه سنڌ ۾ به گدائي تي ويندو هو، ڇو ته ڪڇ مان
ڪيترا سومرا هتي لڏي آيل هئا، انهن کان اچيو ڏن
اڳاڙيندو هو. سندس ڀائر ڪڇ ۾ رهن ٿا. اڪبر شاهه ۽
امام الدين شاهه حياتي آهن ۽ نريڙي ۾ ئي ڏينهن
گهاري رهيا آهن. “ هي سيد سائين، اٽڪل روءِ 1935ع
۾ گذاري ويو. سندس هڪ ڪافي پيش ڪجي ٿي:
ڪيچي ڪيچ سڌاريا،
پنهل ڄام ٿي پڌاريا.
آڌي آيا اُٺ ڳني،
ڀينر ٻڌيا ڪا رات ڀني،
تيک تائيا تڪڙا تني،
ميان متارين مداريا،
ماري ميان وڃين شل تون مري،
توجي پيرن ۾ پئي شال ڪا تري،
ڏاگا
ڏونگرين ۾ پئين
جهري،
جين هيڏا ڏکل تي وڌاريا.
رب رکيو جت جيئنداڻي
سوا سؤ سال کن اڳ ’ڪڇ ڀڄ‘ جي ’ٻني‘ علائقي ۾ سخت
طوفان لڳا ۽ مينهن به وٺا، وري مٿان سمنڊ جي
زوردار وير چڙهي، تنهن سڄي ملڪ کي ٻوڙي ڇڏيو. ڇڇلي
نالي ڳوٺ تي پڻ انهيءَ ٻوڏ جو اثر ٿيو. سڄو ڳوٺ
پاڻي ۾ ٻڏي ويو. کوهن جو پاڻي کارو ٿي ويو. رستا
تباهه ٿي ويا ۽ ٻنيون برباد ٿي ويون، ماڻهو لاچار
ٿي ڳوٺ ڇڏي، پنهنجو سامان سڙو اٺن تي لڏي، ڀر واري
علائقي ڏانهن هليا ويا. انهيءَ ڳوٺ ۾ جهوني زماني
جي هڪ جامع مسجد بيٺل هئي، جنهن کي پاڻي ڏاڍو
نقصان رسايو، منارا سڀ شهيد ٿي ويا، باقي ڪو محراب
جو ٽڪر بچيو. اها حالت ڏسي ’سڪرجي‘ نالي هڪڙي
شڪاري انهيءَ مسجد کي پنهنجو گهر ڪري ويهي رهيو.
مرون وغيره جيڪي شڪار ڪري آڻيندو هو سي اچي محراب
۾ ٽنگندو هو.
سال کن پوءِ جڏهن ٻوڏ جو پاڻي لٿو ۽ ماڻهو وري
پنهنجي ماڳ تي موٽي آيا، تڏهن مسجد جي اهڙي حالت
ڏسي دل کولي ان جي اڏاوت لاءِ پيسا ڏنائون، ’ڀڄ‘
مان سيلاوٽ گهرايا ويا، جن پٿر جي ٽُڪ جو ڪم ڪيو.
جسلمير مان خاص قسم جو ڪاٺ آيو ۽ مسجد جي اڏاوت
شروع ٿي. انهي کان سواءِ راڌڻپور جي سردارن به
مسجد جي اڏاوت لاءِ ڪافي مدد ڏني. ٿورن گهڻن ڏينهن
کان پوءِ مسجد ٺهي تيار ٿي، جا اڄ تائين قائم آهي.
شاعرن رب رکئي مسجد جي نئين سر اڏاوت کي هيٺين ريت
ڳايو آهي:
الله جل جلالهُ صاحب رب ستار،
مسيت!
محبوبن جا، مون کي پڪا ڏينئم پار،
ته ڪيڏانهن ويا قريب، منهنجا ونهيل ۽ وانڍيار،
ڪرا، تسبيحون ڪين ڏسان، تو وٽ تنهين وار،
مُلان هن ماڳن تي، هئا عامي عملدار،
کٿابي حسيسون پنندا هئا، فائق فريهن دار،
نوري نيڪ نمازي هئا، جوڙ ڀليءَ جنسار،
سدا هئي سبحان جي، وحدت وار وتار،
هئن منهن مصحف ۾، ساري سڀ ڄمار،
نه سي قاضي، نه سي مفتي، نه سي عاشق شريعتدار،
نڪي خطيب، نڪي خطبا، نڪا پڙهڻ پچار،
مون کي پڪا ڏئينم پار، ته منهنجا ڪيڏنهون خان کڻي
ويا؟
چي: فقير! تنهنجا خان کڻي ويا، سانجهه سويرا،
هڪڙيون لٽون لڳيون، ٻيا ٿين کوهه کارا،
ترت موڪليئون تڪڙا، نيهنڊو نهارا،
وجهي بار بوتن تي، اوڏانهن ويا مانجهي متارا،
چانگن سر چڙهي ويا، لائق لڄارا،
جان ڪي ڏيان جيءَ کي، آءُ ٻنا ۽ ٻارا،
ته ڊهي سڀ ڊها ٿيا، مسيت مُنارا،
يا رب! ڪنهن ڪنهن سين نه نهين ڀليءَ ڄمارا،
هڪيون پاڻي پالوٽيون ڪيون، ٻيا گسن ڪيا گهارا،
سور سڪريي ميءَ جا، مون کي آهن اندر آپارا،
جنهن مرون رکيا محراب ۾، قارونيءَ ڪارا،
ڏسو جا ڏڦيڙ ڪي، بدي بيشمارا،
وهه وهايان راتڙي، آءُ تڪيندي تارا،
آءُ ٿي گهنگهر گهاريان، دوستن ري ڌارا،
هڻي ويم هٿن سين، نيهن جا نظارا،
جانب ايندم جوءِ ۾، منهنجا سڄڻ سوڀارا،
اڏي اوتارا، مانَ ويهن مون وٽ اچي.!
مان ويهن مون وٽ اچي جت جواڻ
اوتارو عاشق جو، پڇي وڃج پاڻ،
پانهه پير! انهي ”جت“ کي منهنجا ڏج اهڃاڻ،
ڳالهيون آهن ڳجهه جون، ساجن! توهي ساڻ،
اچڻ سان اسان جو، پڪو ڪج پرياڻ،
ڇيل تنهن ڇڇلي تي، ڪريون روح رهاڻ،
ساڻيهه ۾ سک ٿيو وري ٿي وراڻ،
لٿو ڏيهه تان ڏاڻ، جڏهن عالم سڀ آباد ٿيو.
عالم سڀ آباد ٿيو، لٿو ڏيهه تان ڏن،
مينهن مانڊاڻ ڪيا، مٿي مڙ ملڪن،
لاٿو ڏڪار ڏيهه تان وسي وڄڙين،
گسن گل ڦل موريا، رههُ ۾ ڪي ريلن،
جت ڏينهن ڏڻ کانئيا بادل اُت برسن،
جهجهو ٿيو ”جت“ چئي، پاڻي پاڪ پٽن،
حڪمت ساڻ حڪيم جي ٿيا ساوا گاهه سيمن،
اي سڻيندي ڳالهڙي، ڪيو سعيو سنگهارن،
وري ملنداسين وطن ڏي، ڏاڏاڻي ڏيهن،
مڙي ويٺو مارڪو، ڪي مصلحت ملوڪن،
ڪڍي پاڃوڙون پٿرين تي، چڱيون چوڙيلين،
مايون مصر پٽ جئن، ٿيون نهڻي ساڻ نُهن،
جانب گڏيس جوءِ ۾، ٿيو تازو ئي تن،
مهند ڪنداسين مسيت جي، ٻيون ڏيئي ٻن،
راجا راڌڻپور جا ٿيا، سيلاني سونهن،
بار ’ڀڄ‘ شهر جا، شل الله اوڏ اچن،
اچي ڪيو منڊل مسيت تي، ايندي تن اوڏن،
اٿياري اڀي ڪي، کڙي تن خانن،
جهڙو ونڪ وڄ جي، تهڙيون سفيليون سونهن،
لايو ونگ ”رب رکيو“ چئي، ٿنڀن ۽ ٿوڻين،
سحي سر کنڊ ڪاٺ جا، وڌا در دوسن،
اڏي مسيت، لٿو اوسيئڙو، ٿيون واڌايون وڙڪن،
جمعا اتهين ”جت“ چئي ٿا پارس منجهه پڙهن،
ڇيل تنهن ڇڇلي تي، ڪيو ميڙائو ماڻهن،
جتن سنديءَ جات جو، تون پرور رکين پن،
اميدون اوٺين، کڻي پرور سڀ پڄائيون.
رب رکيو جت 1936ع ۾ گذاري ويو. پاڻ ڏاڏي آدم جي
ٻنيءَ جو رهاڪو هو. سندس مولود، مداحون ڪڇ ۾ مشهور
آهن.
سيد جلال شاهه
سيد جلال شاهه سٺو شاعر ٿي گذريو آهي. مٺو فقير
نهڙيو ڳالهه ڪئي ته: ”جنهن وقت واڻيا ڀڳا هئا، ڀَڄ
پئي هئي، ان کان ڏهه سال اڳ جلال شاهه وفات ڪري
ويو هو. ان وقت سندس عمر سٺ سال هئي. پاڻ ڳوٺ
سانداڻ جو ويٺل هو، جو ڪڇ جو هڪ وڏو ڳوٺ آهي. پاڻ
پنهنجي مريدن خادمن وارو هو. درويش به هڪڙو هو.
سندس مريد خادم هوندا هئا. انهن کان وڃيو پنيو
مڱيو ايندو هو. انهي تي سندس گذر سفر ٿيندو هو.
پاڻ پڙهيل به هو، عربي، سنڌيءَ جو قابل هو. سيلاني
به هو، ڪافي ملڪ گهميا هئائين، منهنجون ساڻس
رهاڻيون پڻ ڪيل هيون، لٺ سدائين هٿ ۾ هوندي هيس،
پاڻ پنهنجيون ڪافيون يڪتاري تي ڳائيندو هو. ڪپڙا
هميشه اڇا پائيندو هو.“
فقير مٺو نهڙئي جي بيان موجب هي بزرگ سانداڻ ۾ سن
1937ع ۾ هن جهان مان موڪلائي ويو. سندس هڪ ڪافي
اسان کي مٺو فقير کان حاصل ٿي، جا پيش ڪجي ٿي:
وس وس بادل ميگهه ملار،
سرها ٿين سنگار،
جهڙيون ڪرين ساري جهان تي،
ڇنن ڇنن ڇمڪار، وس بادل.....
بمبئي مسقط شهر بڙودو، جهٻڪين جهالاوار،
چانوت سين چين وسائين، جهڙيون ڪري جنگ ٻار،
ڇنن ڇنن ڇمڪار، وس بادل......
مهر ڪرين تون مريس تي، منجهه مباسو مدارس،
قرب سين ڪاٺياواڙ وسائين، قادر ڪڇ ڪنار،
ڇنن ڇنن ڇمڪار، وس بادل.........
پڇم پاور گلڙا کڙيا، سدائين سنڌ سڪار،
جهڙيون ڪرين ٿو جلال شاهه چئي، لائين ڏرٿ ڏڪار،
ڇنن ڇنن ڇمڪار، وس بادل.......
حاجي ٻاوا آرکاڻي واري ٻڌايو ته: ” پاڻ ڏاڍو دل جو
صاف انسان هو. سندس ڪلام مشهور عام آهي.“ هيءَ
ڪافي محمد عثمان (بولو) صاحب ٻڌائي، جا هتي پيش
ڪجي ٿي:
لڙئون وڃان ٿي، جڏئن لکين لوهرين ۾.
هڪڙو ساڙ سچو، هڪڙو الله سچو، تڏهن ٻي جي ناهه
مجال،
هن درياءَ جي واڪب نائيان، مدد آنجيءَ سوا پير نه
پايان،
حال ڏسي هيڻيءَ جو، ڀلا ڪرين ڀال،
ڪڙڪا ڪنن جا، دڙڪا درياءَ جا، تار ترڻ جا اچين پئا
هيلا،
اڳيان عاشق سچي کي اچي نٿي آل،
”جلال شاهه“ چئي وار وسيلا، وچ درياءَ ۾ منهنجا
ٻڏين ڪين ٻيڙا،
نماڻيءَ تي نجر ڪجا، هئڙو ڏسئي حال.
ميان ڦل ولد ولي محمد ڪوراڙ
ميان ڦل ڪوراڙ 1937ع ۾ هن جهان مان لاڏاڻو ڪري وڃي
پنهنجو هميشه وطن وسايو. وفات وقت 65- 70 کن ورهيه
عمر هيس، پٺيان صالح نالي پٽ ڇڏيو اٿس، جو پڻ شاعر
آهي.
ڦل ڪوراڙ پنهنجي ڳوٺ پوڇڙ ڏهه (اسلام آباد) ۾ ڄائو
نپيو ۽ اتي ئي پلجي وڏو ٿيو. پاڻ ڪجهه سنڌي پڙهيو
هو، باقي ٻي تعليم پنهنجي ذاتي ڪوشش سان حاصل
ڪيائين. پاڻ عربي، فارسي ۽ گجراتي جو ماهر هو.
ميان ڦل ڪوراڙا جو وڏو: ميون قاسم وڏو بزرگ هو. هن
صاحب جي لٺ ڪنهن جنگ ۾ ميدان کٽيو هو، جنهن ڪري
راجا پڻ سندس معتقد هو.
ميان ڦل ڪوراڙ خود مريدن خادمن وارو هو. ٿر ۽ ڪڇ ۾
سندس ڪافي مريد هئا ۽ سندس اولاد جا آهن. چيترور
جي جاگيردار جو ڍڳو بيمار هو، پر فقير لٺ هنيس ته
ٽپ ڏيئي اٿي بيٺو ۽ بيماري ڇڏي ويس. جنهن ڪري هو
به سندس خاص مريد هو. پاڻ سڄي رات عبادت ڪندو هو.
محمد طالب ڪڇي ولد عبدالرزاق ٻڌايم ته:” آءُ سندس
گهر جو ماڻهو آهيان، پر مون کيس ڪڏهن به رات جو
ستل ڪونه ڏٺو. صبح جو اٺين بجي اوطاق ۾ ايندو هو،
مريدن ۽ خادمن سان ملي، ايندڙ ويندڙ کان سماچار
وٺي، يارهين بجي گهر ويندو هو. ماني کائي سمهي
پوندو هو. اڳئين نماز تي اٿندو هو. پوءِ گهر رهندو
هو. وچينءَ نماز تي مصلي تي وهندو هو ۽ صبح تائين
مصلي تي ويٺو هوندو هو.
سندس مال به جام هو، جنهن جي نگهداري ڌنار ڪندا
هئا. پاڻ ننڍي هوندي ”مجازي“ جو ڦٽيل هو، پر پوءِ
حقيقي ڏانهن مائل ٿيو ۽ آخر حقيقي عشق ۾ فنا رهيو.
پاڻ پڪو حنفي هو، شيعن ۽ هابين سان ڪونه پوندي
هيس. پاڻ به وقت جو پير هو. پاڻ تاريخ جو وڏو ڄاڻو
هو. سندس ڪلام سندس گهر- ناٺي ولي محمد ڪوراڙ
ڇپرائي ظاهر ڪرايو. انهن مان هڪ جو نالو ”ديوان ڦل
محمدي“ ۽ ٻي ڪتاب جو اسم ”جامع نصيحت ڦل محمدي“
آهي. پاڻ ڪلام ۾ ڪٿي ڪٿي، ڪن دشمنن کي برو ڀلو به
چئي ويو آهي، نه ته هونئن هميشه مشڪندو نظر ايندو
هو. جن کيس ڏٺو هو، سي اهڙي ساک ڀرين ٿا.
سنڌ ۾ پاڻ ڳوٺ منٺار راڄڙ (ضلعي ٿرپارڪر) ۾ اچيو
رهندو هو. ڪي چون ٿا ته، ’کيس شاعريءَ جي ڏات به
اتان ئي ملي هئي.‘
”ڦل“ ڪوراڙ هر ڪنهن قسم جو شعر چيو هو، ٻه ٽي
طرزون نيون به استعمال ڪيون هئائين. اسين سندس شعر
جون نيون طزون ۽ ٻيو ڪلام نموني طور پيش ڪريون ٿا:
بيت:
”جامع نصيحت ڦل محمدي“ سڄو ڪتابن بيتن جو مجمعو
آهي. هن مجموعي ۾ فقير صاحب بيتن جون سنگهرون چيون
آهن. اهو ”قطار المعبرين“ جو رواج ڪڇ ۾ ڪافي شاعرن
استعمال ڪيو آهي. جنهن وقت تمر فقير ڪڇ ۾ ويو هو،
تنهن وقت ته اهڙي صنعت کي خاص هٿي آئي، ڇو ته فقير
تمر خاص ڪري قطارالمعبرين“ جي طرز تي بيت چوندو
هو. فقير صاحب پڻ ”قطار المعبرين“ جي صنعت کي خاص
طرح نڀاهيو آهي. انهيءَ صنعت کي سنڌيءَ ۾ ”سنگهر“
چئبو آهي. فقير صاحب جنهن موضوع کي سرخي ڏيئي کنيو
آهي، انهيءَ باري ۾ بيان ڪندو رهيو آهي:
دربيان آخر زمان
چئن طرفن چال ڦري، آيو آخر زمانو،
ڪوڙي ڪڇن ڪيترا، سچ ٿيو روانو،
ماڻهن ڏين ميهڻا، تهمت هڻيو طعنو،
وات گلا دل دغا، ڳچيءَ ڳل ڳانو،
خلق ڇڏيو خانو، دربدر ٿيا درڙا.
دربدر ٿيا درڙا، وييئ يارن مان ياري،
ڀائر بيزار ڀائرن منجهان، ويئڙي وفادار،
عزيز قريب پاڻ ۾، ڪن خلق خواري،
لائو چائو لوڪ ۾، چغلي ۽ چاري،
ستئي کي ڏاري، ڏٽي ڇڏيو ڏاڪن سان.
ڏٽيو ڇڏي ڏاڪن سان، جت ڪٿ ڪميڻو،
اشرافن جو اڄ گهڻو، حال ٿيو هيڻو،
ٻي خلق کان ٻيڻو، فقر فقيرن ڇڏيو.
فقر فقيرن ڇڏيو، جيڪا ٿئي جاڙ،
الٰهٰي اسرار، ڪهڙا ڳڻي ڳڻيا.
هيءَ سنگهر چاليهه بيتن تي مشتمل آهي ۽ سڀئي پاڻ ۾
هڪ ٻئي سان زنجير وانگر ڳنڍيا پئا آهن ۽ انهن بيتن
۾ ”ڦل“ فقير ويهي موجوده زماني جو نقشو ڪڍيو آهي ۽
موجوده حالت تي ڏک رنو آهي.
ڪنڍليون:
ميان ڦل ڪوراڙ ”ڪنڍليون“ به ڳايون آهن. ”ڪنڍلي“ جي
اها وصف آهي. ته جهڙي طرح موتيءَ جي هار جو سڳو
موتيءَ جي داڻن جو بار جهلي وري اچيو سڳي سان
گڏجي، اهڙي طرح شعر به جنهن اکر سان شروع ٿئي ته
اهڙي ئي اکر تي ختم ٿئي. فقير جون چيل ٻه ڪنڍليون
ڏجن ٿيون:
ڳڻن ڀريا ڪي ڳاڻ ڳڻيا، سالڪ مت سڄاڻ،
ٻئا ججها ڏسجن جڳ ۾ اُڀا ڳڻا اياڻ،
ڦل چوي ڦٽي ويو، عالم ”آءٌ“ ساڻ،
ڄام توکي ڄاڻ، ڳڻن ڀريا ڪي ڳاڻ ڳڻيا.
ڳڻن ڀريا ڪي ڳاڻ ڳڻيا، هاڻي لڀن هير،
اڄ گدڙ ويٺو گادي تي، شينهن اٿي ويا شير،
پاءَ منجهان ٿيا پنج پاءُ، سڀڪو سوا سير،
ڦل نڀاهج ڦير، ڳڻن ڀريا ڪي ڳاڻ ڳڻيا.
وڏا بيت:
فقير صاحب ڪافي وڏا بيت به چيا آهن. 87 سٽون بلڪل
ان کان وڌيڪ ڊگها بيت چيا اٿس. موج ۾ اچي حڪايتن
جون حڪايتون هڪ بيت ۾ ڏئي ويو آهي، جي هوند رڳو
پڇاڙيءَ جي ٿوري ڦيري سان عاليشان قصيدو ٿي پون.
طوالت جي خوف کان آءُ هتي سندس هڪ ننڍڙو مگر اسان
لاءِ طويل بيت ڏيئي رهيو آهيان:
کٿي کنڀ نه چڙهي، جي ڌوراينس،
شيدي سهڻو نه ٿئي، جي مهٽي مر لاهينس،
اڪ ۾ آنمون
نه ٿئي، جي پاڻي پيارينس،
مت مورک کي مَ اچي، جي سهسين سمجهائينس.،
دوست سپاهي نه ٿئي، جي ڳڻن ۾ ڳارينس،
سهو ڳاڙهيرو نه ٿئي جي چيزون سؤ چارينس،
ڪتي ڇاڻي نه رهي، توڙي پردي ۾ پاپينس،
ڦر مرونءَ جو مينهن کي، جو دلئون ڌارائينس،
ته به سرجند سوئر جو، سو ڪينئين مٽائينس،
نڪ نرجي جو نه وڃي، جي ويهه ڀيرا وڍائينس،
سڌ سڪڻي کي نه لهي، جي کاڄ نه کارائينس،
ونگي ڪاٺي ور نه ڇڏي، جي سو گُڏون لاهينس،
لڄ ڪميني ڪين پڄي، جي پاڻسئو پارينس،
مڃي ڪين ڪلال سو، جي البت اڌارينس،
گڏهه گهوڙو نه ٿئي، جي سهسين سينگارينس،
موڳو مسائج نه ٿئي، جي پَٽ به پهرائينس،
عادت عورت نه ڇڏي، جي مٺي کي مارينس،
رت ڌاران رمي
نه لڳي، مڃ! منکي منجهائينس،
پَر پنهنجو نه ٿئي، جي گهر به لٽائينس،
ڏسي عجب رنگ الله جا، سدا ساراهينس،
فتاح کي ”ڦل“ چوي، ور ڏيئي واکاڻينس،
اندر اوڙ الف جي، هردم هارائينس،
محبت ۾ مولي جي، جيءَ کي جلائينس،
پرور پر پرين جيئن، حق تي هلائينس،
مَٺي ڪڍي من مان، چڱي چلائينس،
ان پر اُجارينس، قلب کي ”ڪوراڙ“ چئي.
نئَين طرز:
ڪوراڙ صاحب بيتن جي نئين طرز پڻ اختيار ڪئي،
انهيءَ طرز تي اسان وٽ سنڌيءَ ۾ ڪوبه بيت نه آهي.
بيت ۾ رديف هن فقري ۾ ئي استعمال ڪيو ۽ قافيي جو
به خيال رکيو. البت اها طرف باهو ۽ بُلا شاهه
استعمال ڪئي آهي.
اول سدا انسان کي ، ٿي پڻ انسان گهرجي،
اول آخر ڪم ڪار ۾، دلبر رکڻ ڌيان گهرجي.
ڌيان نه آهي جنهن کي دل ۾، سو هندو نه مسلمان
گهرجي،
منجهه گرو منجهه گودڙي، منجهه نارائڻ نڌان گهرجي،
منجهه مدينو منجهه مڪو، منجهين منجهه ملتان گهرجي،
منجهه بلڙي منجهه بڪيرا، منجهه پٺو سلطان گهرجي،
منجهه ڌاڙا، منجهه دشمني، منجهه دفع ڪندڙ ديوان
گهرجي،
”ڦل“ چوي ٻڌ فائق پير، عمل مٽي قرآن گهرجي.
مرحوم ڪوراڙ جي ديوان ۾ غزل ڏنل آهن، جن ۾ ڪافيون
به اچي وڃن ٿيون، سڄو ديوان سنڌي الف- ب جي ترتيب
تي جڙيل آهي ۽ منجهس اردوءَ جا ٻه ٽي ڪلام پڻ داخل
آهن:
اڙدو غزل
آج هم کون پتا ملا هي هماري يار کا،
ختم هي شهر بقا مين اثر نهين اغيار کا.
آب – بقا مين پنهچنا هو هماري کس طرح؟
هم سجن کي بيچ مين پردئه ديوار کا.
عشق هي بتائي اب مجهي يه مصلحت،
”قبل موتو ان تموتو“ پهر نه ويچها وار ڪا.
فاذکروني هي اشارا، چاهني والون ڪي ساتهه،
آزمودا کر ليا، هم ني اس اخبار کا.
نحن اقب نزد هي وه جدا جانان نهين،
سر چاهي سمجهان اب اسي اسرار کا.
من طلب شيئا جدوجهد، چاهتا وه ديکهتا،
”پهل“ دامن پکڙ لي توسيدالابرار کا.
غزل
عشق جا آڙه ٻرن دل مٿي دلدار روز،
مچ محبت جي ڪنان هت ٿا وڌن ويچار روز.
تير چشمن جا چٽي، تو جي هنيا هينئڙي اندر،
جگر جيرن کي ڪپيو، سي وڃن سالار روز.
”عشق آهي نانگ زهري، خبر کاڌن کان پوي.“
لوچ ۽ لڇيو پون برهه جا بيمار روز.
نانهه زينت جي ضرورت، محبت توکي مورهين،
ڪهڻ منهنجي لئي ڪرين ڇو ٿو صنم سينگار روز.
ڪاڪلن ۾ قيد ڪئي، قرب وارا لک ڪروڙ،
ٿو وٽين جي وار پنهنجا، زلف زهريدار روز.
”ڦل“ فريادون ڪري ٿو، شوق تنهنجي ۾ صنم،
ٿي جدا تون ڪينم جاني، گڏ تنهين سان گهار روز.
مدح:
پاڻ ”مدحي“ ڪلام به گهڻو چيو اٿس، جنهن ۾ حضور پاڪ
ﷺ ۽ چار يارن جو شان خاص طرح ڳايو اٿس:
ساراهيان سو ڌڻي جو مولو مهربان،
قدرت سان ڪلتار جي، ڪي سندي جوڙي جهان،
جنهن مٺو محمد موڪليو، سيد وڏي شان،
چارئي يار چاڳلا، عاقل سين ايمان،
سٻاجها سبحان، سي چارئي ميڙئين چاڳلا.
هجو (گلا):
پاڻ ڪنهن به بري جي گلا يا هجو کان اصل نه مڙيو
آهي. عملدارن، نوڪرن، خاطوئن، اخبارن، پيرن، ميرن،
راجائن، راڳاين ۽ ٻين جي دل کولي مذمت ڪئي اٿس،
خود پاڻ تان به ڪونه ٽريو آهي، جنهن مان سندس صدق
۽ صفائي ظاهر آهي:
مون جهڙا مجهول پڻ ان منجهان آهين،
جي ڏوهه ڏنگايون ڪري، لوڪان لڪائين.
راتيان سمهن سوڙهه ۾، کايو کنڊيون کير،
پرهه ڦٽيءَ پير، سڏجن ساري ڏيهه جا.
ادب ڇڏيو عورتين، ڪُڇن ڳاچ ڳيا،
وڏيرن ويا، سڏجن ڪونه صلاح ۾.
ڪوڙو ڪسب سکيو، کٽين کهنباٽين،
رنگ رنگين اهڙا، جي لحظي منجهه لهن.
پسند پئي تن کي، ياراني يزيد،
رکئو عداوت اهل بيت سان، ڀڄن ٿا بعيد،
پنڃارا پليد، سي واهبي وڙوڪئا.
مناجات:
ڦل چوي هن فڪر جو ڄام توکي ڄاڻ،
مالڪ پنهنجي مهر سان، تڪڙي لاهين تاڻ،
ته وري ٿئي وطن ۾ سهسين ڀت سهاڻ،
ڪلمي جي پرياڻ، سڀ لنگهندا لڪيون.
ڦل فقير ”ست سرا“ پڻ ڳايا آهن. هڪ هڪ بيت ۾ ستن
سورمين جو ذڪر ڪندو پئي ويو آهي:
مومل ماري مينڌرو، ويو چانگي سر چڙهي،
سهڻي ساهڙ ڄام لاءِ پاڻ منجهه پڙي،
بوبنا جراڙ لاءِ، ناتي نينهن نڙي،
ليلان ساريو ڪانڌ کي، تڪبر جا تڙي،
دلپسند ڪئي داسڙي، ڪؤنرو هيس ڪڙي،
ٻانڀڻ ٻاروچن لئه، سورن منجهه سڙي،
ليليٰ مجنون پاڻ ۾، لڳين جيءَ جڙي،
سيفل بديعل ري، گهاري تان نه گهڙي،
هير رانجهي لاءِ حب منجهان، راتو ڏينهن رڙي،
زليخا يوسف لاءِ، کامي ٿي کڙي،
ڍول مارئي پاڻ ۾، چون بات بڙي،
قرب منجهان ڪڙهي، تن عشق ننگ اجاريو.
عشق ننگ اجاريو، محمود شاهه سلطان،
اياز تي عاشق هو، ٿيو مل مستان،
هارون پير روهڙ ياري، جنهن شرف وڏو شان،
سو اوڏڻ مٿي عاشق هو، داناءَ دل ڏيان،
سڏيونت سارنگا نار جو دانهه، ٿيو دربان،
ست جڳ سورٺ جهڙي، جڏهن ڏياچ ڏنو ٿي ڏان،
همون سان حيران هئي، دوست سڏيائين دريا خان،
برهه لڳي جڏهن بروي کي، تڏهين ڪسي ٿيو قربان،
داناءَ سي دل جان، جن عشق ننگ اجاريو.
عشق ننگ اجاريو، پسو پکيئڙن،
بلبل عاشق گل مٿي، ايئن چيو آهي چڱن،
ماڻهن کان ميٺ گهڻو، سندو سارسن،
جي ڌار ٿين دم هيڪڙو، ته محبت منجهه مرن،
ٻيا پکي پرندا ڪيترا، عشق آنوٽ وٺن،
ڳڻي ڳڻيا ڪيترا، پهر اندازن،
سي هليا هنج وڃن، جن عشق ننگ اجاريو.
عشق ننگ اجاريو، اهڙي سان اهڃاڻ،
قرب جو ”ڪوراڙ“ چئي، ڏٺئون مئي متو مهراڻ،
اونهي ڪن عميق منجهه، کنڌي لڌائون کاڻ،
هيرا لعل هٿن سين، پرچي آندائون پاڻ،
مليا سي محبوب کي، وچان لٿن واڻ،
ان پر عاشق اڳ هئا، سچي عشق ساڻ،
هتي ڏسجي هاڻ، ڪوڙو عشق ”ڪوراڙ“ چئي.
ڦل ڪوراڙ پنهنجي يارن دوستن ۽ بزرگن کي خط پڻ ”الف
اشباع“ جي قافئي تي لکندو هو. هڪ خط ڪمال شاهه
ڏانهن لکيو هئائين، جنهن تي پنهنجي مهر به هنئين
هئائين، جنهن جي چوڌاري ٽڪنڊا گل لڳل آهن، پاڻ
جيڪو خط لکيو هئائين، انهيءَ جي هر هڪ سٽ جي آخر ۾
پنهنجي نالي جي نسبت سان ڦل ٺاهيو اٿس. سندس خط جو
نمونو پيش ڪريان ٿو:
|