ڇپائيندڙ پاران
هن ڪتاب جو خالق جناب محمد سومار شيخ ”ڪڇ“
ملڪ بابت لکي ٿو ته: هن ملڪ جو اصل نالو
”اڀيرديس“ آهي. لفظ ”اڀير“ سنڌيءَ ۾ پوءءِ بگڙجي
”اهير“ يا ”اسير“ ٿيو آهي. اهير (اسير) جي معني
آهي: ”قيدي“ اڀير يا اهير(اسير) سنڌ جا اصلوڪا
رهاڪو هئا،جن آرين سان جنگيون جوٽيون. آرين هٿان
شڪست کائڻ کانپوءِ هن قوم جا ماڻهو ملڪ بدر ٿي
ايران هليا ويا ۽ ڪي وڃي ڪڇ جي جابلو علائقن ۾
مورچي بند ٿيا.
جناب محمد سومار شيخ جي علمي ۽ تخليقي
صلاحيت جو اندازو ڪتاب جي مطالعي کان پوءِ ئي
بخوبي لڳائي سگهجي ٿو. تحقيق جو علم حرف آخر نه
ٿيندو آهي، پر اهو هر دور ۾ توجهه لهڻي ٿو. تنهن
ڪري تحقيق جي موضوع تي لکيل ڪوبه ڪتاب آخرين نه
ٿيندو آهي. پر اهو نئين سر ٿيندڙ تحقيق واري عمل ۾
معاون بڻجي ٿو. هيءُڪتاب به ڪڇين جي رهڻي ڪهڻي ۽
سندن ريتن رسمن ۽رواجن جي تاريخي اڀياس ڪرڻ ۾ نه
رڳو مددگار جي حيثيت رکي ٿو، پر هن عمل کي اڳتي
وڌائڻ ۾ به نيڪ فال ثابت ٿي سگهي ٿو.
هي ڪتاب ٽيون ڀيرو بورڊ وٽان ڇپجي پڌرو ٿيو آهي.
سال 1977ع ۾ هن جو پهريون ڇاپو ڇپجي پڌرو ٿيو.
پورن 29 سالن جي وقفي کان پوءِ هن ڪتاب جو ٻيون
ڇاپو ڇپجي مارڪيٽ ۾ پهچي چڪو آهي. اميد ٿي ڪجي ته
هيءُ ڇاپو به پهرين ڇاپي وانگر لائق پڙهندڙ حضرات
جي خدمت ۾ مڃتا حاصل ڪندو ۽ اسان جي محنت صاب
پوندي.
ڄامشورو سنڌ
اعجاز احمد منگي
سومر 17 شعبان المعظم 1472هه سيڪريٽري
بمطابق 11- سيپٽمبر 2006ع سنڌي ادبي بورڊ
فهرست
-
مهاڳ
مقدمو
-
ڪڇين جو تاريخي ۽ ادبي پسمنظر
ڪڇ ملڪ جو اصل نالو
ڪڇ لفظ
پکيڙ ۽ بستي
ڪڇ جون حاڪم قومون
-
ادب ۽ شاعري جي نشونما
-
سنڌي حاڪمن جون ڪڇ تي نظرون
عرب
سومرا
سما
ارغون
ترخان
ڪلهوڙا
مير
برطانيا
_ ڪڇي شاعرن ۽ اديبن جا سنڌ تان ڀيرا
_ سنڌي شاعرن جا ڪڇ تان ڀيرا
_ ڪڇي ادب جا سرچشما
راوي
ڪتاب
_ ڪڇ جي ٻولي
_ ڪڇ جي شاعريءَ جا عنوان
1-
مدح
2-
مزاحيه
3-
عشق
4-
جنگ نامو يا رزميه شعر
5-
وصف
_ اصناف سخن
بيت
سورٺا
دوها
پراڻا دوها ۽ سورٺا
وائي
ڪافي
ڀڄن
جڪڙيون
راسوڙا
هينماريون
مولود
مداحون
پروليون
-
لوڪ ادب
سمگ چارڻ
دودو چنيسر
ابڙي لاءِجڪڙي
سينسر پير
جڪڙي حاجي پير جي
لاکو ڦلاڻي
هوٿل ۽ اوڍو ڄام
سما
شاديءَ ۾ سوال و جواب
- ڪڇي ادب ۽ پروليون
کاڻ
کاڻين جا قسم
ڏٺ
ڏور
ڏور واري پرولي
دراهو پرولي
پرولي چوندڙ وينجهار
ڪڇ جا اديب ۽ شاعر
- ڪشاجم سنڌي
- سومرن جا لوڪ گيت
جڪڙيون
مجرا
_ ڀاڳو ڀان
_ سمڳ (سمنگ) چارڻ
_ ميون تماچي اوريئڙي وارو
_ ابوالحسن سنڌي
_ مخدوم واعظ عبدالله عرف ميان موريون منڌرو
-
هارون راجسن پوٽو
-
ميان جي الهڏنو
-
حاجي عمر کٽي
-
چڱو جت
-
عمر جوڻيجو
-
حاجي محمد سمو
-
حاجي محمد هاليپوٽو
-
محمد صالح نورنگ پوٽو
-
مولوي محمد اسماعيل رنگريز
-
محمد ابراهيم مڏئي وارو
-
جمال ڪڇي
-
اسحاق ڪڇي
-
ٿيٻو عبدالرحمان مڏئي وارو
-
خليفو محمد يوسف ”سائل
-
حاجي احمد سمون
-
پير غوث محمد شاهه
-
ابراهيم جت
-
منٺار شاهه
-
سيد باقر شاهه ناڙاپي وارو
-
”رتن ٻائي“ تيرئي واري
-
سونل ٻائي
-
ميران ٻائي
-
ابراهيم حجام
-
آڻندو ميگهواڙ
-
واگهو
-
”حسيني“ الهڏنو متوو
-
عمر منڌرو
-
ميون ملوڪ کوڙ
-
سيد علي ذوالفقار شاهه
-
رب رکيو جت جيئنداڻي
-
سيد جلال شاهه
-
ميان ڦل ولي محمد ڪوراڙ
-
ولي محمد ڪوراڙ
-
ميون صاحب آرکاڻي
-
احمد لوهار
-
منگهو چارڻ
-
عبدالله شاهه
-
جميل کانائي
-
ابو لنگهو (منڱڻهار)
-
رڻ مل ٻاروٽ
-
عمر لوهار مٿلائي
-
حيدرشاهه موکاڻي
-
قاضي ابراهيم
-
سيد قاسم شاهه
-
ميان جي حاجي حسن سهتو
-
حاجي هارون ”صباغ“ کٽي
-
عبدالرزاق کٽي ”رازق ڏنو“
-
الهڏنو شاهه پڇمي
-
عبدالرحيم پڇمي
-
سيد علي شاهه گوهري
-
مولوي حاجي احمد جت
ڪڇ جا شاعر ۽ اديب
-
ڪاراڻي پاراڌي
-
صابر درس
-
ميون حسين متوو
-
محمد حسن کٽي
-
حاجي شاهه آرکاڻي
-
احمد سومرو
-
محمد عثمان نهڙيو ، مڏئي وارو
-
ولي محمد جت
-
مولوي علي محمد ”دوستي“
-
محمد هاشم سومرو
مهاڳ
سنڌ جي ادبي تاريخ کي مڪمل ڪرڻ لاءِ سنڌ جا سڄاڻ
جدوجهد ڪري رهيا آهن. سنڌي ٻوليءَ جون حدون سنڌ
کان ٻاهر دور دور تائين پکڙيل آهن، جنهن ۾: لس
ٻيلو، ڪڇ، بهاولپور، پنجاب ۽ گجرات اچي وڃن ٿا.
اتي جي ادبي تاريخ جيسين گڏ نه ٿي آهي، تيسين سنڌي
ادب جي تاريخ قطعي مڪمل ٿي نٿي سگهي.
جناب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ انهيءَ ڳالهه کلي
اڳيان رکي ٻيلاين جا ٻول ڪتاب لکيو ۽ انهي تاثر
هيٺ اچي فقير راقم ڪڇين جا قول ڪتاب لکيو آهي.
آئون مڃان ٿو ته مون کان ڪافي ڪڇي اديب، شاعر ۽
سگهڙ ۽ سياڻا رهجي ويا آهن، پر تڏهن به جيڪو ماسو
مال مليو آهي، سو پڙهندڙن جي خدمت ۾ رڳو هن ڳالهه
کي اڳيان رکي پيش پيو ڪريان ته اسان کي اها ڳالهه
به توجهه ۾ رهي ته ڪڇ ۾ به ڪافي سنڌي اديب ۽ شاعر
رهن ٿا ۽ ڪڇ جي تاريخ ۾ انهن شاعرن ۽ اديبن کي جي
وساري ڇڏيو ته يقين آهي ته اسان جي سنڌي ادب جي
تاريخ ڪڏهن به مڪمل ٿي نه سگهندي.
الک ۾ آسرو اٿئون ته سنڌي سڄڻن جي هٿن هڻڻ سان،
سنڌ جي ادبي تاريخ مڪمل پهلوئن سان ڪڏهن نه ڪڏهن
ضرو ر جلوه افروز ٿيندي. انشاءَ الله تعاليٰ.
آءٌ جناب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب جو ٿورائتو
آهيان، جنهن هن ڪتاب لکڻ کان پوءِ، مون کي سٺيون
صلاحون ڏنيون. آئون مرحوم غلام محمد گرامي ۽ ڀاءُ
ممتاز مرزا صاحب جو به ٿورائتو آهيان، جنهن هن
ڪتاب کي نظر مان ڪڍيو ۽ نيڪ صلاحون ڏنيون:
ٿورا نه ٿورا، مون تي ماروئڙن جا،
ٿر ۾ واري ٿورڙي، تينهان گهڻيرا،
ڀلائي ڀيرا، ڳڻي ڳڻيان ڪيترا؟
محمد سومار شيخ
بدين
23-1-1977ع
مقدمو
ڪڇ جو تاريخي ۽ ادبي پسمنظر
”ڪڇ“ ملڪ، سنڌ جي ڏکڻ طرف آهي، جاگرافي جي لحاظ
کان اڄ به سنڌ جو هڪ ننڍو حصو آهي، جو رڻ جي ڪري
سنڌ کان ڌار ٿي ويو آهي. ڪڇ ۾ سنڌي ٻولي جي ننڍي
شاخ ”ڪڇي“ ٻولي ڳالهائي وڃي ٿي.
ڪڇ ملڪ جو اصل نالو
ڪڇ ملڪ جو اصل نالو ”اڀير ديس“ آهي. اڀير يا اهير
(اسير) سنڌ جي پراڻي قديم قوم آهي، جنهن آرين سان
جنگيون ڪيون هيون، پر جڏهن آريا غالب اچي ويا.
تڏهن اهير وڃي جابلوحصن ۾ پناهه گزين ٿيا ته ٻيا
وري ملڪ ڇڏي ايران هليا ويا. ايران وارن اسرن يا
اهيرن جو پاڪ ڪتاب ”زندا“ (يندان) سڄو سنڌ جي ساک
سان ڀريو پيو آهي. نئين فارسي، جا سرن جي اولاد
ايرانين جي ٻولي آهي، انهي جو به گرامري ناتو
سنڌي سان ساڳيو قائم آهي. ۽ ڪيترائي لفظ ساڳيا
ٻنهي ٻولين ۾ جيئن جو تيئن موجود آهن. اسان جي
موجوده سنڌ ۾ اهير (اڀير) قوم سواءِ ڪڇ جي ٻيو ڪٿي
به نٿي ملي اها اهير قوم ڪڇ ملڪ اڄ سنڌي زبان
کياڳوڻي وانگر زنده رکيو اچي. جيتوڻيڪ ڪڇ ۾ گجراتي
۽ ٻين ٻولين جو نمايان اثر آهي، پر هن قوم جي
بدولت ڪڇ ۾ سنڌي زبان پنهنجي مخصوص انداز ۾ قائم۽
دائم رهندي پئي اچي. اهير (اڀير) قوم کي دوهن
(نظم) ۾ ايتري ته مهارت آهي، جو سوال ۽ جواب به
شعر ۾ ڪندا آهن.
ڪڇ لفظ
هن ملڪ جو ”ڪڇ“ نالو اوڏيار ۾ پيو آهي، آرين جي
حڪومت کان پوءِ به هن ملڪ کي اڀير ديس ڪري چوندا
هئا، پر عربن جي دور ۾ هن ملڪ جو نالو ”ڪڇ“ عام
استعمال هيٺ اچي چڪو هو. ڪڇ لفظ جي معني آهي ”بغل“
يعني اهو ملڪجو سنڌو ماٿري جي بغل ۾ آهي.ڪڇ کي
ڪڇون سان به تشبيهه ڏيندا آهن. ڪڇ جي شڪل عين ٻين
ڪڇون جهڙي آهي. لاڙ ۾ ڪڇ جي ملڪ جي معني ”ڏاکڻو
حصو“ ڪئي
ويندي آهي. ڪاڇيل لفظ ڏکڻ لاءِ انهي ڪري استعمال
ڪندا آهن.
پکيڙ ۽ بستي
ڪڇ ملڪ جي پکيڙ 1867 چورس ميل آهي. 1921ع جي
آدم شماري موجب 484547 ۽ 1951ع جي آدمشماري موجب
567656 ماڻهو ڪڇ ۾ رهندڙ ڏيکاريا ويا آهن ڪڇ ۾
هينئر نو
وڏا
شهر ۽ 974 وڏا ڳوآباد آهن. اتي جا رهندڙماڻهو
اڪثر ان ڪپڙو ۽ ٻيون زندگي جي ضرورت جون چيزون
ٻاهران گهرائيندا آهن. ورهاڱي کان پوءِ ڪڇ ۾
ڪافي سڌارا آيا آهن سنڌو ندي ڪوري نار(لکپت ويجهو)
وٽ جڏهن ڇوڙ ڪندي هئي، تڏهن ڪڇ ۾ چانور جام ٿيندا
هئا، پر پوءِ جڏهن اهو رخ بدليو، تڏهن اها پوک به
گهڻي قدر بند ٿي ويئي.
هن وقت جبلن تان وس جو پاڻي روڪي هيٺاهين ۾
بيهاريون ويو آهي. ضرورت موجب پوک لاءِ پاڻي ڇڏبو
رهبو آهي. پاڻي سبب ساريون اها ساوڪ لڳايو بيٺيون
آهن ، جو ڏسيو اکيون پيون ٺرن.
ڪوٽيشور جي بندر کي نيئن سر تعمير ڪرايو پيو وڃي.
ڪڇ جي مکيه شهر ڀڄ ۾ هڪ طاقتور ريڊيو اسٽيشن پڻ
قائم ڪئي وئي آهي ۽ ٻيا ترقي جا ڪم زور شور سان
هلندڙ آهن. جنهن ۾ اسان جي هتان لڏي ويل سنڌي هندن
جو وڏو حصو آهي. ان کان پوءِ مانڊوي به سٺو بندر
آهي. ڪوري ندييا ڪوري نار جنهن مان اڳي مٺو پاڻي
رهندو هو، سا هينئر کاري پاڻي جي هڪ کاري ٿي پئي
آهي.
ڪڇ جون حاڪم قومون
ڪڇ تي اول اسرن يا اڀيرن جو راڄ هو. انهيءَ کان
پوءِ ڪيترين آرين قومن به اچي قبضو ڪيو ۽ آرين
اڀيرن جو گڏيل تهذيب تمدن اسريو. انهيءَ کي سمن ۽
جاڙيجن سٺو پاڻي ڏنو. حڪومت جون واڳون اڪثر ڪري
سمن کان پوءِ جاڙيجن جي هٿ ۾ رهيون. ڪڇ جي راجا جا
عزيز ۽ قريب ملڪ جي ڌار ڌار حصن تي سردار ٿي رهيا
۽ تمام ٿوري انداز ۾ ڪڇ جي جاڙيجي راجا کي ڇهه
آنڪي ڏيندا هئا. باقي ڍل ۽ بي وصولي عوام کان پاڻ
ئي ڪندا هئا.
ورهاڱي کان پوءِ راءِ صاحب وڃي ولايت آرامي ٿيو.
۽ ملڪ هند سرڪار جي هٿ هيٺ آيو. هينئر جيترو ڪڇ
ملڪ سڌري رهيو آهي ۽ امن امان آهي، اهڙو ڪڇ ملڪ ۾
ڪڏهن به نه هو.
|