سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: ڪڇين جا قول

 

صفحو :4

شاهه لطيف جکري جي ساراهه مان ته اصل نٿو ڍاپي انهي جي تمثيل مان ڪٿان جو ڪٿ وڃيو پهچائي. هو سنڌ جي شريف راجائي ڪل اوڍي جو فرزند ۽ هوٿل پدمڻيءَ جو لخت جگر هو. شاهه فرمائي ٿو:

”جکرو جس کرو، ٻئا سڀ کريل خان،

مٽي ان مڪان، اصل هئي ايتري.“

 

”جکرا جيئن شال، تنهنجو ڪنين مندوم سڻا،

جو تو اچي ڪالهه، نالائق نوازيا.“

جکري جي ڀيڻ ’سکر‘ به ڪا گهٽ ڪانه هئي. جڏهن مارئي عمر جي قيد ۾ اچي، سورن ڪري ڪومائجي ۽ ڪاراٽجي وئي، تڏهن کيس سکر ٻائيءَ جي سونهن ياد ٿي اچي ۽ چئي ٿي ڏئي ته:

”سونهن وڃايم سومرا، سکر جهڙي سونهن،

دل ۾ دکيم دونهن، منهنجو منهن ميرو ٿيو.“

شاهه سائين ڪڇ مان پير گهمائي، اتان کان مارواڙ ۽ ڪاٺياواڙ ڏانهن هليو ويو، پر سندس ياد ڪلام جي وسيلي  ڪڇي بزرگ اڄ به تازي رکيو اچن.

ڪڇ ۾ شاهه سان گڏ گوهر شريف جي ويجهو هڪ بزرگ ملاقي ٿيو هو، ۽ پوءِ سنڌ ۾ اچي شاهه سان گڏ گذاريائين. اهو محبتي ماڻهو محمد صالح هو جنهن جو ذڪر شاعرن جي احوال ۾ ڏنل آهي.

شاهه جي وصال کان پوءِ، شاهه جو خاص خليفو تمر فقير پڻ ڪڇ ۾ پهتو هو ۽ وڃڻ وقت چيو هئائين ته:

”پريندي پنڌ پئي، جتن ڪارڻ جوءِ،

ڪي هلي ڪي هٿ کڻي، ڪي رڙهي ڪي روءِ،

طالب کي تمر، چئي، ڪو ڏس ڏيرن جو پوءِ،

ڪيچان اوري ڪوءِ، ڪجئين غور غريب جو.“

ڪڇ ۾ پهچڻ سان ڪيترا ماڻهو سندس مريد ٿيا، ڳهڻ راءِ کي به سندس دعا سان پٽ ڄائو، سو به سندس مريد ٿي پيو.“[1] ڪوٽيسر جي ڀرسان مئين ڪريم جا ڪي خاص خليفا رهندا هئا جن مان مٺو جت خاص مشهور هو، تمر فقير اتي پڻ وڃي رهيو هو. اهي جت اڄ به مهاڙي کاري ۾ ڪوٽسر جي ڀرسان رهندا آهن، ۽ شاهه ڪريم جا خليفا سڏبا آهن.[2]

انهن ڀلارن بزرگن کان سواءِ ٻيا به ڪيئن قربائتا سڄڻ ڪڇ تان ڦيرا ڪندا رهيا، جن مان مصري شاهه نصرپوري خاص آهي. هن بزرگ جو منٺار شاهه ساڻ لڳ لاڳاپو هو، ان ڪري اڪثر ڪري ڪڇ ڏانهن پيو ايندو ويندو هو.

پير ڀاونعلي شاهه ”ساقي“ اڪثر ڪڇ ويندو هو، سندس ڪڇ ۾ ڪافي مريد هئا، سندس ڪلام:

”يا محمد مصطفيٰ هي عرض منهنجو دمبدم،

ٻن جهانن ۾ خدا ڪارڻ، رکو منهنجو شرم.“

کان متاثر ٿي حاجي احمد سمي پڻ اهڙو نظم جوڙيو هو، جنهن جوسرو هوبهو ساڳيو آهي. البت لفظن ۾ ڪجهه تفاوت آهي:

”يا رسول الله! عرض منهنجو اهو ئي دمبدم،

ٻن جهانن ۾ خدا ڪارڻ رکو منهنجو شرم.“

محمد شاهه جيلاني بدين وارو به هڪ وڏو بزرگ ٿي گذريو آهي، جنهن جي آمد جي خوشي ۾ مولوي محمد اسماعيل استقباليه مولود جويو هو، جوپيش ڪجي ٿو:

مرشد منهنجا مقتدا گل گلاب ۽ گوهر،

مشتاق مڙن تي مهر سين، نرمل نور نوازي نظر ميان.

ڀلي ڪري هن ڀڄ کي، ڪامل قدم رکي ڪيتر،

شهر سڄو ئي شرف سين، صاحب سينگاريو سرور ميان.

مالڪ بديڻه پيشوا، دانا در دلبر،

وڌيو دين نبي جو، آنجي قدمن سان اڪثر ميان.

نيڪ نواسا نبي جا، شهزادا شبر،

فرزند غوث وريٰ سندا، پيرل پاڪ پرين پرور ميان.

برادر ڀلا بي شعبه، حاجي ڀلن شاهه[3] برتر،

عارف طريقت مصطفيٰ، دائم دوست دلاور ميان.

گولو غلام آنجو، اسماعيل احقر،

ڪامل ساڻ قرب جي، ڪريو مون تي مهر نظر ميان.[4]

مٺو شاهه سيراڻوي به سنڌ جو سٺو شاعر هو. سندس اباڻا ڪڇ ۾ وسندڙ هئا، پر جيئن ته پاڻ سنڌ ۾ گهر ٻار ڪري رهندو هو. سو به ڪڏهن ڪڏهن پيو ڪڇ ويندو هو. ورهاڱي کان ٻه سال اڳ پڻ ڪڇ ويو هو، جتي پنهنجو ۽ پنهنجي (ڪمال شاهه) جو بياض ڪڇ ۾ ڇڏي آيو، جو اتان وڃائجي ويو. پاڻ سٺو شاعر هو، سندس هڪ بيت نموني طور ڏجي ٿو:

صورت ساميئڙن جي ڏٺم سوڻي ۾ صحيح،

آيم ڪر اڱڻ تي ڪاپڙي ڪهي،

مصلحت مٺو شاهه من ۾، اڃا روح رهي،

ڏني ستي سور جي مون کي گودڙين گهي،

پينئدي آئون پيئي، پورن سندي پنڌ ۾.

سنڌ جي شاعرن مان ”پنجتني پيڃارو“ به ڪڇ جو هڪ پانڌيئڙو هو، ڪن ڳالهين جي ڪري پنجتني پيڃاري کيجيل وڃڻو پيو. اتي يڪتارو چاڙهي ڪن تي هٿ رکي. دل سوز ڪافي چيائين، ان وقت اتان ڪڇ جو راجا لنگهي رهيوهو. راجا سندس ڪافي ٻڌي ۽ راضي ٿي، کيس جيل مان ڪڍي ڇڏيو پنجتني پيڃاري ”حاجي شاهه پير“ جي واکاڻ ۾ پڻ به سٺا ڪلام چيا آهن، جن مان هڪ ”جڪڙي“ پيش ڪجي ٿي:

سڻ سوال سائين، حاجي پير همارا،

پيس پيش تنهنجي، وٺي در دلارا!

 

تنهنجي هر ملڪ تي، جهلڪ آهي سهڻا،

ملڪ تابع تنهنجي، فلڪ آهي سهڻا،

تنهنجو نور نوراني، منور موچارا!

 

تو در پرن ٿا، مون جهڙا منگتا،

ٿيس ڀان پينون، پنا بيگ داتا،

ڇڏيو ڪين خالي، ٻي در پيارا!

 

حاجي پير ”حاجي“ کي جلدي وتاريو،

ڪري جوڙ جاني، محمد ملايو،

اهو عرض آهي، تو در پيارا!

انهي کان سواءِ ٻيا ڪيئن شاعر ۽اديب ڪڇ تان ڀيرو ڪندڙ هئا، جن مان حاجي پير بخش فاروقي پڻ هڪ هو. ڪڇ ۾ پيرن ۽ فقيرن جي زيارت لاءِ ويو هو. سندس سواري جو خاص بندوبست پيرن رکايو هو. هو جيڏانهن ويندو هو، اوڏانهن کيس سواري لاءِ ٽانگو ملندو هو، جيتوڻيڪ پيربخش ”دلريش“ (بدينوي) هڪ سٺو شاعر هو، پر ڪڇ جي باري ۾ ڪو نظم ڪونه جوڙيو اٿس. البت هن به ڪڇ تان هڪ ٻه ڀيرا ڏنا هئا.

   قبله سائين پير عالي شاهه جيلاني بدين وارواڪثر ڪڇ ڏانهن پيوويندو هو. پاڻ پنهنجي ڪڇ وڃڻ جو نظارو”منهنجي ماضي جا چند ورق“ ۾ ڏاڍي پياري انداز ۾ چٽيو اٿس. پاڻ رقم طراز آهي ته:

”منهنجا ناناڻا ڪڇ ڀڄ جا آهن، بلڪه چئجي ائين ته ڏاڏاڻا به اهي آهن. انهن کي ڪڇ جي اسٽيٽ ۾ مهاراجا جي طرفان ڪافي عزتون ۽ جاگيرون مليل آهن، جواتي اسان جي وڏي درگاهه آهي ۽ مهاراجا اتي جو مريد آهي.

   آئو مائٽن کي سڪي پني مليوهئس، تنهنڪري هر ڪنهن مشهور درگاهه تي منهنجو سلام باسيل هو. جڏهن ستن ورهين جو ٿيس تڏهن ڪڇ جي درگاهه تي سلام خاطر عيال سميت وڃڻ ٿيو.

   هتان وڏي ڌام ڌوم سان نڪتاسون، ان وقت موٽرجي سواري نه هئي. تنهن ڪري ”سگرامون گاڏيون“، ”بيل گاڏيون“ اٺ، گهوڙا، تنبو، طولان ۽ وڏي اٽالي سان روانگي ٿي. بدين کان وٺي ٿر ۽ ڀڄ جي شهر تائين، اسان جا مريد آهن، تنهن ڪري منزل به منزل وڃي ڀڄ کي ويجها پهتاسون.

   ڀڄ کان پنج ميل  اوري هڪ روڏر نالي راجا جو ٽڪاڻو آهي، جنهن تي رهڻ لاءِ جايون ۽بنگلا سٺي نموني جا آهن، اتي رهياسون، اتي منهنجا ماما پيشوائي جي صورت ۾ جنهن کي ڪڇي سنڌي ۾ ”سامهيو“ (سامهون اچڻ) ڪري چوندا آهن. راجا جي طرفان ”هسواري“ جنهن ۾ چئن گهوڙڻ جي گاڏي، بينڊ، پوليس، هاٿي، ڪونتلون، نقارا ۽ نشان تي مشتمل هئي. جا آندائون. انهن پنجن ميلن تان پنهنجي لشڪر ۽ راجا جي ”سامهي“، ”هسواري“ سان سرگس جي صورت ۾ ڀڄ ۾ داخل ٿياسون. اها راجا جي طرفان پيشوائي هميشه بدين جي گاديءَ نشين لاءِ مقرر آهي، جو اسان جي وڏن کان وٺي مون تائين دستور پئي رهيو. هاڻ نه رهيا راجا نڪي رهيا دستور!

   ڀڄ کان درگاهه تي سلامي جي رسم به نهايت عمدي نموني سان ادا ڪئي وئي. مهينو کن رهي، وري به انهيءَ لاهه لشڪر سميت واپس بدين موٽياسون.“

ڪڇي ادب جا سرچشما

ڪڇي ادب جي حاصلات وقت، انهيءَ پاسي جي راوين ۽ ڪتابن کي ڪنهن به صورت ۾ درگذر ڪريو نٿو سگهجي.ڇو ته اهي ٻئي سرچشما آهن جن مان سيراب ٿي، ادبي اڃ اجهائي سگهجي ٿي.

راوين کي نسب به نسب روايتون پئي مليون آهن، ۽ اهي اهو پنهنجو خانداني ورثو سمجهي سينه به سينه منتقل ڪندا پئي رهيا آهن. جيڪو اسان کي راوين کان مواد پلئه پيو،اهو مواد سچ پچ ته ڪتابن مان به ڪونه مليو.

ڪڇي ادب جو ٻيو سرچشمو ڪڇ ۾ لکيل ڪتاب آهن. شايع ٿيل ڪتابن ۾ قلمي نسخن مان بنا ڪنهن ڦيرڦار جي مواد مليو. اهو وڌيڪ ڀروسي جوڳو هو، ڇو ته راوين وٽ سانڍيل خزانو منتقل ٿيندي، ڦيرگهير ۾ پئي آيو آهي. پرڪتابي ثمر هڪ اهڙو سالم ورثو آهي، ۽ اهڙو سدا مٺو سرچشمو آهي، جنهن کي ٻاڙي جي ٻولي لڳي نٿي سگهي.

آئون پنهنجي انهن مکيه سرچشمن جو ذڪر ڪرڻ هٿ اوجب ٿو سمجهان:

راوي:

ڪڇ ۾ ڪافي اهڙا بزرگ رهن ٿا، جن کي پنهنجي ادبي ورثي لاءِ پيار آهي. ۽ پنهنجي ورثي کي حافظي جي محفوظ خزاني ۾ حفاظت سان رکندا آهن. ”ڪڇي“ ادب جي لاءِ اهي سٺا سرچشما آهن، انهن بزرگن مان ڪي ورهاڱي کان پوءِ سنڌ ۾ لڏي آيا آهن ۽ ڪڇ ڇڏڻ کان پوءِ به پنهنجو ادبي ورثو ڇڏي نه سگهيا آهن. ڪي سنڌ جا رهاڪو آهن، انهن بزرگن جو سنڌ سان گڏ ڪڇ سان به ٿورو گهڻو تعلق پئي رهيو آهي.۽ انهن بزرگن ڪڇ جون ڳالهيون ياد پئي رکيون آهن. انهن ڀلارن بزرگن جومختصر تعارف ڪرائڻ تمام ضروري آهي. جيئن هن ڪتاب کي مطالع ڪندڙ، اصلي سرچشمن جي سانڍ سهيڙ ۽ چرپر پڻ ڏسي سگهن.  ۽ اهو به محسوس ڪري سگهن ته هو اسان جا ڪيترا واهرو ٿيا آهن.

الهڏنو سونارو: هي بزرگ وڏي ڄمارماڻي 1960ع ۾ بدين ۾ گذاري ويو. پاڻ ڪڇي ادب جو وڏو ڄاڻو هو. شاهه جي بيتن جو فدائي هو ۽ فقير لونگ سان سندس ادبي روح رهاڻيون ٿينديون هيون. مون کي پاڻ ڪيترن راوين سان ملايائين ۽ ڪيترن ڪڇ جي اديبن ۽ شاعرن جو احوال پڻ ڏنائين. جن مان ميان ڦل ڪوراڙ،  ولي محمد ڪوراڙ، محمد اسماعيل کتري خاص هئا. الهڏني سوناري جو وڏو فرزند ڪريم بخش زرگر پڻ پنهنجي والد جي روايتي سمر کي سنڀاليندو پيو اچي. عبداللطيف ۽ عبدالحفيظ به پنهنجي والد محترم جي ورثي جا سنڀاليندڙ آهن.

بولو نهڙيو: هيءُ بزرگ 1962ع ۾ گذاري ويو. پاڻ اصل پانيري جو رهاڪو هو ڪڇي شاعرن جون ڪافي ڪافيون ۽ ڪلام ياد هئس. مٺو نهڙئي کي جنهن ڳالهه ۾ ٽاڪاڻا پئجي ويا. انهن خد و خالن کي بولي نهڙئي پورو ڪرايو. سندس اولاد هينئر بدين ۾رهندڙ آهي. پاڻ بدين ۾ ننڍڙي هوٽل هلائي، زندگي بسر ڪندو هو.

سيد علي گوهري: هي بزرگ سٺو شاعر ۽ اديب هو. پاڻ ڪڇ جي گوهر شريف جي نالي ڳوٺ ۾ ڄائو. باقي حياتي سنڌ ۾ گذاريائين، پاڻ اڪثر ڪڇ تان وڃيو ڀيرو ڪريو ايندو هو. مون کي هن جي رهاڻين  مان ڪافي مواد پلئه پيو. پاڻ ڪافي ڪتابن جو مصنف هو. 1965ع ۾ ٽنڊي محمد خان ۾ گذاري ويو.

مٺو نهڙيو: بولي نهڙئي جو فرزند مٺو نهڙيو، اصل رهندڙ پانيري لڳ جاڙو – جمارا (ڪڇ) 1967ع ڌاري بدين ۾ وفات ڪري ويو. شاهه جي راڳ جو فدائي هو. ورهاڱي کان پوءِ سنڌ ۾ آيو ۽ اچي بدين ۾رهيو. پر پانيريءَ کي ڏاڍو ساريندو هو. جڏهن ياد ايندو هيس تڏهن اکين مان آنسوئڙا ڪريوپوندا هئس. پاڻ 75 ورهين جي ڄمار ۾ وفات ڪري ويو. شاهه قادريءَ رحه جي قبرستان ۾ آرامي آهي.

مٺو نهڙئي کان ڪڇ متعلق تمام گهڻو ادبي مواد حاصل ٿيم. هيءُ بزرگ واهر نه ڪري ها ته شايد آئون هي تذڪرو  ڇيڙي ڪونه سگهان ها.

حڪيم صديق سومرو: هي بزرگ نوي ورهين جي ڄمار ۾ ڪجهه سال اڳ وفات ڪري ويو. اصل ڪڇ جو رهاڪو هو، پر ورهاڱي کان پوءِ بدين ۾ هليو آيو، اتي طب جو ڪم ڪندو هو، وٽانئس ڪافي روايتي ڳالهيون هٿ لڳيون، قائداعظم روڊ تي سندس پويان سندس مطب جاري رکيو اچن.

لونگ فقير سولنگي: هي بزرگ بدين جي ڀرسان استاد علي محمد جوڻيجي جي ڳوٺ ۾ رهي ٿو. هن وقت سندس عمر پنجاسي ورهيه ڌاري ٿيندي، مير محمد هاليپوٽو سندس استاد هو. شاهه جي رسالي کي ترتيب ڏيڻ لاءِ ڪڇ ڏانهن پنڌ پيو. حاجي ابراهيم سهتي، لڳ جهارا وٽ گهڻو عرصو رهيو، اتان ٿي ڀڄ ۾ خيرمحمد جت وٽ آيو ۽ شاهه جا ڪافي بيت حاصل ڪيائين. ٻين به ڪيترين ئي ڪڇ جي عالمن فاضلن سان مليو. پاڻ ڪڇ بابت تمام گهڻي معلومات رکي ٿو. پاڻ ڪيترن ئي بزرگن لاءِ احوال مهيا ڪيائين. ميان ڦل ڪوراڙ، ولي محمد ڪوراڙ  ميون تماچي اوريئڙي واري بزرگن جو احوال وٽانئس  پلئه پيو. پاڻ هينئر ٻارڙن  کي قرآن پاڪ جي تعليم سان آراسته ڪندو آهي. شاهه جي انهي ڪلام کي جمع ڪيو اٿس، جيڪو ڇپيل رسالن ۾ نه اچي سگهيو آهي.

الله بچايو مڱڻهار: هي بزرگ سيراڻي جي ڀرسان غوث پور جو رهاڪو  آهي. هن وقت پنجاسي ورهيه ڄمار ٿينديس.  ڪڇ جي شاعرن جي شعر سان پاڻ ڪافي دلچسپي رکندڙ اهي. سندس بياض ۾ ڪڇ جي مڙني ملوڪن جا ڪلام لکيل آهن. ورهاڱي کان اڳ پاڻ ڪڇ ۾ ويندوهو ۽ ڳوٺ ڳوٺ ۾ ڳائي وڄائي  گهڻو ڪمايو ايندو هو. هاڻ اها راهه بند اٿس، البت ڪڇ جون يادون وڏي اڪير سان ٻڌايون هئائين.

احمد سومرو: هي بزرگ ڪڇ ۾ ڇاري ڦلائي جو رهاڪو هو، ورهاڱي کان پوءِ بدين ۾ اچي رهيو. پرولين جو وڏو وينجهار آهي. پرولين وارن بزرگن جو احوال هن بزرگ کان مليو، جن مان گهڻن سان، هن روبرو رهاڻيون ڪيون هيون ۽ ڪي روايتي طرح ٻڌيون هئائين. هينئر سندس عمر 75 ورهين کن ٿيندي. سندس بدين ۾ گذر معاش رازڪي ڪم تي آهي.

ڦوٽو مڱڻهار: هن بزرگ جي هينئر عمر 65 سال  کن آهي. پاڻ سيراڻي جي ڀرسان غوث پور ۾ رهي ٿو. ورهاڱي کان اڳ ڪڇ ۾ سيلاني ٿيو پيو گهمندو هو. ڳائڻ وڄائڻ جو بيحد شوقين آهي. پاڻ ڳالهه ٿو ڪري ته: ”اڀا ميان جو مون ڳائڻ ٻڌو هو، ڪڇين کي ته هو جهومائي رهيو هو، پر پاڻ کي مزو ڪونه ٿي آيو. نيٺ جڏهن پنجتني پيڃاري ڳايو، تڏهن وڃي ڪجهه روح کي راحت آئي.“ پاڻ پڻ ڪڇ ۾ سٺو ڳائڻو شمار ٿيندو هو. هاڻ اهي يادون سهارو اٿس.

نبي بخش شاهه: اصل ڪڇ ۾ ”جانان“ جو رهاڪو، ميان رشيد جي درگاهه جو سجاده نشين آهي. هن وقت 38 سال عمر ٿينديس. پاڻ بدين جي ڀرسان ميان علي شير وارن پيرن جي ويجهو رهي ٿو. ڪڇ جو ڪافي اتهاس ياد اٿس. مونکي هن دوست سان روح رهاڻ مان، ڪڇ جي ”اصناف سخن“ جي چڱي ڄاڻ پلئه پئي ۽ لوڪ ادب جي ڌارڌار صنفن جا نمونا ٻڌايائين. ”جانان“ ڪڇ جو هي فرزند وطن عزيز  ڪڇ جو ڪافي سرمايو سيني ۾ سانڍيو سنڌ ۾ گهمندو وتي.

ميوو مڱڻهار: هن بزرگ جي هن وقت 85 ورهين کن عمر ٿيندي. هي ڀلارو ماڻهو غوث پور لڳ سيراڻي (بدين) ۾ رهي ٿو. هي مڱڻهار سڄي سنڌ ۽ ڪڇ پيرن مان ڪڍيو ويٺو آهي.  اتي جون ڪافي ڳالهيون اسان کي ٻڌايائين.

ابراهيم مڱڻهار: هي ميوي مڱڻهار جو ننڍو ڀاءُ آهي. ڀاڻس جهڙيون خاصيتون رکي ٿو. هينئر بدين ۾ رهي ٿو.

حاجي ٻاوا آرکاڻي: هن بزرگ کان سندس والد ٻاوا ميان جو ذڪر مليو پاڻ به سٺو شاعر آهي، هينئرڪڇي ڪالوني ڪراچي ۾ رهي ٿو.

محمد طالب کٽي: هن وقت چاليهه ورهيه عمر ٿينديس، اصل کاوڙي جو رهاڪو هو، هاڻ بدين ۾ رهي ٿو. هن بزرگ کان کٽين جو ۽ ڪوراڙن(درسن) جو احوال مليو.

عمر مٿلائي: اصل مٿل جو رهاڪو هو. هينئر بدين جي ڀرسان هاريپ ڪري زندگي گذاري ٿو. هن کان ڪافي شاعرن جو شعر ۽ احوال مليو.

عثمان راڄو: اصل ڪڇ جو رهاڪو آهي. هينئر احمد راڄي ۽ پير ملوڪ شاهه جي ڪوٽ (بدين) ۾ رهي ٿو.  حسن سهتي جو احوال ۽ ڪلام هن بزرگ ٻڌايو.

عثمان سمون: اصل ڦلڙو لڳ لکپت  جو رهاڪو هو. هينئر بدين ۾ رهي ٿو. سندس عمر سٺ ورهيه کن آهي. هن کان آکاڻيون ۽ شعر پلئه پيا.

مولوي عبدالله جوڻيجو:  هن بزرگ کان عبدالرحيم پڇمي جو احوال مليو. پاڻ مولوي احمد ملاح جي ڪتابن جومرتب آهي ۽ ڪافي ڪتاب ترتيب  ڏيئي شايع ڪيا اٿس.

مولوي عبدالحق حقاني: اصل ڪڪرالي جو رهاڪو آهي، هينئر  بدين لڳ رهي ٿو. 55 ورهين عمر اٿس، هن کان به عبدالرحيم پڇميءَ  جو احوال مليو.

محمد عمر سهڙاٽ: هي دوست بدين جي اسڪول ۾ استاد آهي، مولوي عبدالرحيم پڇميءَ جو احوال ڏنائين.

ڪتاب:

اهي ڪتاب جن مان فائدو حاصل ڪيوويو. انهن جي ياداشت طويل آهي. پرڪن خاص  ڪتابن جو ذڪر ڪرڻ واجب ٿو سمجهان. جن مان هيٺيان اهم آهن.

ابوالحسن جي سنڌي:

هن ڪتاب ۾ اڪثر نظم، ڪڇي شاعرن جا آيل آهن. انهي ڪري انهي مان استفادو حاصل ڪيم. ”ابوالحسن جي سنڌي“ ۽ ”مدح عبدالقادر جيلاني“ ته خاطري سان ڪڇ جي سنڌين جا لکيل تحفا آهن، باقي ”ٽيهه حرفي“  ”عهدنامو“ ۽ ”ساڍيون ڇهه ويهون فرضن جون“ جيتوڻيڪ ڪڇي لهجي ۾ آهن پر انهن مان اهڙوڪو خاص احوال نه مليو آهي، انهي ڪري انهن سان هٿ چراند نه ڪئي وئي آهي.

ڪنزالعبرت:

ميان مورئي جي ٻين ڪتابن سان گڏ، ”ڪنزالعبرت“ به اڳيان هو،. انهي کان سواءِ ميان مورئي جا اڪثر ڪتاب نظرمان ڪڍيا هئم. جن جو ذڪر ڪرڻ اجايو آهي. ڇو ته اهي ڪتاب اڪثر لئبررين ۾ موجود آهن.

روضته الحسنات:

هي ڪتاب مولوي محمد اسماعيل جو لکيل ۽ شايع ڪيل آهي، ڪتاب ۾ ڪڇ جي باري ۾ ڪافي مواد ڏنل آهي. هن ڪتاب ۾ ڪيترا مولود ۽ ڪيتريون ڪافيون به ڏنل آهن. ۽ ڪن ضروري عربي بيتن جا ترجما به ڏنل آهن.مهاڳ ۾ حضور ﷺ جن جي سوانح پڻ آهي.

ڪامل التعبير:

هي ڪتاب محمد صالح نورنگ زادي جو لکيل آهي، جنهن ۾ خوابن جو تعبير لکيل آهي ۽ اوائل ۾ ڪتاب جي ترجمي ڪرڻ جا سبب به ڄاڻايل آهن.

مجمع المدحيات:

هن ڪتاب ۾ ڪڇ جي اديبن ۽ شاعرن جون ڪافي مداحون ۽ مناجاتون اچي ويون آهن. انهن ۾ محمد ڪاتب سمون ۽ ميان مورئي جون مداحون مکيه آهن.

دعا سرياني ۽ خلاصت الفقه:

ڪاتب ميان محمد سمي جا لکيل ڪتاب پڻ نظم ۽ نثر جو چڱو مثال آهن. سمون صاحب نثر ۽ نظم ۾ دينيات جي موضوع تي ڪافي لکي ويو آهي.

روضته السادات:

سيد علي گوهري مرحوم جو لکيل ڪتاب آهي، جنهن ۾ اولياءَ ڪرام ۽ ساداتن جو ذڪر اچي ويو آهي. انهي کان سواءِ گوهري جا ٻيا ڪتاب جهڙوڪ ”گنجينهءَ گوهريءَ“ ، ”پيروني ڦلواڙي“، اذڪار قلندري“ پڻ هن ڪتاب لکڻ وقت سامهون هئا.

رسالا البلاغ:

دينيات جو ڪتاب آهي ۽ مولوي محمد هارون کتري جو لکيل آهي. هن ڪتاب ۾ ڪافي ڪڇي لفظ اچي ويا آهن. سڄوڪتاب نثر ۾ لکيل آهي.

توضيغ التقليد:

ڪتاب به مولوي محمد هارون کتري جو لکيل آهي هن ڪتاب مولوي صاحب ڪافي ڪڇي لفظ ڪم آهن ۽ سڄو ڪتاب ”الف اشباع“ جي قافيي تي منظوم ڪيل آهي.

ديوان ڦل محمد ڪوراڙ:

هن ديوان ۾ سنڌي غزلن سان گڏ اڙدو غزل به اچي ويا آهن.

جامع نصيحت ڦل محمدي:

هن ڪتاب ۾ به، ڦل جا بيت ڏنل آهن. هي ٻئي ڪتاب ولي محمد ڪوراڙ ڪراچي مان ڇپائي پڌرا ڪيا هئا.


[1]  تمر جو احوال از ـــ علامہ دائود پوٽو، نئين زندگي ــ نومبر 1952ع ص 1_2.

[2] به روايت مٺو فقير نهڙيو ڳوئيلائي.

[3] روضته الحسنات: از قلم محمد اسماعيل کتري

[4] ڀلن شاهه: بدين جي جيلاني پيرن مان مشهور بزرگ ٿي گذريو آهي(س .ش)

(1)  ”منهنجي ماضي جا چند ورق“ پير عالي شاهه جيلاني (ص 16- 18)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org