سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: ڪڇين جا قول

 

صفحو :15

عنبر عطر کان تون مليح، سائين ڪهين پيدا صبيح،

سڀ کي سڃاڻي جو صريح، رحمت وسي تنهنجي ضريح،

يا شاهه ميران محي الدين.

 

توتي قدم حضرت ڌريا،درجا وڏا توکي سريا،

تنهنجا قدم ڪل تي چڙهيا، تو وٽ اچن ماڙهو(1) پرئا

يا شاهه ميران محي الدين.

 

آهين علم جو تون علام، توکي ڪري سڀڪو سلام،

آءُ سندو اڀرو غلام، بس ٿيو ڪڻم تنهنجو ڪلام،

يا شاهه ميران محي الدين.

 

موليٰ گهڻو منظور ڪهين(2)، پرور تونهين پرُ نور ڪهين،

ملڪن اندر مشهور ٿهين(3)، تون گنج جو گنجور ٿهين،

يا شاهه ميران محي الدين.

 

مولي کڻي منظور ڪيو، حاصل کڻي حضور ٿئو،

سڀ ملڪ تو معمور ڪيو، پر تو سندو پرُ نور ٿئو،

يا شاهه ميران محي الدين.

 

مولي وڏو ڪيو مان تو، شوڪت وڏي ۽ شان تو،

جذبو سريو جولان تو، راضي ڪيو رحمان تو،

يا شاهه ميران محي الدين.

 

آگي ڪهين تو عُلوُ شان، توکي سريو برتر مڪان،

تنهنجي وصف آءُ ڇا چوان، هردم منڱا امن ۽ امان،

يا شاهه ميران محي الدين.

 

آهي سڳورو اتقياءَ، سردار سڀهين(1) اوليا،

ڪامل ڏئاريهيم(2) ڪيميا، سينو سندم ڪر سيميا،

يا شاهه ميران محي الدين.

 

تون آهين ولي الله جو، رهبر خدا جي راهه جو،

رستي ڪندڙ گمراهه جو: مون واهه ٿي بي واهه جو،

يا شاهه ميران محي الدين.

 

توکي خدا خورسند ڪئو، پرور سندو پسند ٿيو،

درجو سندو دلبند ٿيو، رافض اچي تو بند ڪيو،

يا شاهه ميران محي الدين.

 

آهين نسورو تون نجيب، آگي ڪيو توکي عجيب،

سڀ نعمتون توکي نصيب، قادر ڪهين پنهنجو قريب،

يا شاهه ميران محي الدين.

 

مولي سندو مرغوب ٿهين، مالڪ پنهنجو محبوب ڪهين،

سڀ ۾ خدا تون خوب ڪهين، سڀ ملڪ ۾ مغلوب ٿهين

يا شاهه ميران محي الدين.

 

عزت وڏي ٿهين امير محبوب حق جو بي نظير،

ڪل پيرن ۾ تون آهين ڪبير، توکي سندس ساري سرير،

يا شاهه ميران محي الدين.

 

مولي ڏني توکي مهتري، عالم اندر تون انوري،

بيحد سري تو بهتري، سڀنين قبولئي قنبري،

يا شاهه ميران محي الدين.

 

خالق ڪيڻئي خوشتر ڪيو، ڪونهي ٻئو ڪو تو جيهو،

توري نه پئو ساريان سهو، مطلب مڙئي مون کي ڏهو،

يا شاهه ميران محي الدين.

 

اولاد تون حسنين جو مقبول تون دارين جو،

تون شاهه تنهن ثقلين جو، ڪعبو آهي ڪونين جو،

يا شاهه ميران محي الدين.

 

توکي خدا پيدا ڪيو، عاشق مٿي الله ٿيو،

هادي سندءِ همراهه ٿيو، دشمن سندءِ گمراهه ٿيو،

يا شاهه ميران محي الدين.

 

مولي وڌائيي مرتبا، آگي ڪهين تو اجتبا،

ڏاڏو علي المرتضيٰ، نانو محمد مصطفيٰ

يا شاهه ميران محي الدين.

 

تون خاصو خليل الله جو، ڏهترو نبي الله جو،

پوتر ولي الله جو، رهبر رباني راهه جو،

يا شاهه ميران محي الدين.

 

تون عارف آهين علام جو، صاحب وڏي اڪرام جو،

فرزند تنهن وريام جو، صالح سچي خوش نام جو

يا شاهه ميران محي الدين.

 

تون صاحب شرف ۽ شان جو، عالي علو احسان جو،

ساراهه ڪيل سبحان جو، صاحب جذب جولان جو،

يا شاهه ميران محي الدين.

 

سڀ جڳ ڪيو تو سوجهرو، عالم منجهان ويو اوجهرو،

پرور ڪهين تون پيش رو، سردار سر تنهنجي سرو،

يا شاهه ميران محي الدين.

 

تون بادشاهه جيلان جو، گل تون آهين گيلان جو،

محبوب تون رحمان جو، تون آهين مرد ميدان جو،

يا شاهه ميران محي الدين.

 

خالق ڪهين تون خوش تري، مشهور جيان تو مشتري،

باريءَ گهڻو ڪهين بهتري، ڪل صاحبي ڪيڻي سري،

يا شاهه ميران محي الدين.

 

آهين سڳورو شاهه تون اعليٰ ڪهين الله تون،

ولين اندر سڀ واهه تو، داور سندو درگاه تون،

يا شاهه ميران محي الدين.

 

سيد سچو سادات تون، عارف سندو افادات تون،

عاشق چڱي عادات تون، آئي ٽارين آفات تون،

يا شاهه ميران محي الدين.

 

تون دين جو بنياد ٿهين(1)، عالم سندو اسناد ٿهين،

بي داد جو امدا ٿهين، ازمان جو استاد ٿهين،

يا شاهه ميران محي الدين.

 

آگي ڪهين افضل تونهين، ظاهر  باطن اڪمل تونهين،

سب عل ۾ اجمل تونهين، اصلهين آهين امثل تونهين،

يا شاهه ميران محي الدين.

 

آهين وڏيرو تو ولي، ڏاڏو سندئي حضرت علي،

جابر ڪئو توکي جلي، منهنجي عدو جي ڀڃهو(2) نلي،

يا شاهه ميران محي الدين.

 

توسين ڪرم قادر ڪيا، ورهن سندا ورايئي ويا،

پاتار ۾ هئا جي پئا هڏ چم ڳري جن جا پئا،

يا شاهه ميران محي الدين.

 

ماڙ ٿو گهران تو مير جي، پشتي سدا تو پير جي،

معافي منگان تقصير جي، آهيم طمع توقير جي،

يا شاهه ميران محي الدين.

 

توکي سنڀاريو شه جني، مطلب ٿيا پورا تني،

تون غوث ڪر مونکي غني، پرور ڪنان پهچي پني،

يا شاهه ميران محي الدين.

 

هيڻن مٿي هٿ تو ڌري، پالوٽ سين تو پر ڪري،

محمد مٿي مهرون ڪري، تنهنجو غنجه(1) ڀري،

يا شاهه ميران محي الدين.

 

دلبر سندم ٿي داد رس، غازي سونهائيم نيڪ گس،

جڳ ۾ ڏهاريهيم پير جس، فائق ڪڻم فرياد رس،

يا شاهه ميران محي الدين.

 

توسين عداوت ڪي جني، ڪارا سداءِ مونه(2) تني،

شيطان جي سيئي مني، ويئي ٻڏي تن جي ٻني،

يا شاهه ميران محي الدين.

 

آءُ ٿو ڪريان اهڙو عرض، غازي سڻهو(3) دل جو غرض،

آجو تيان(4) آءُ از قرض، سڀ محو ٿين منهنجا مرض،

يا شاهه ميران محي الدين.

 

يا پير بغدادي ڀلا، بخرو ڏئاريهيم برملا،

منهنجي عدوتي وجهه بلا، تنهه ساڙ سڙئل جا سلا،

يا شاهه ميران محي الدين.

 

مدح کي تون مان ڏي، دُهرا مونکي تون دان ڏي،

جذبي سندا جولان ڏي، پارس سندا پروان ڏي،

يا شاهه ميران محي الدين.

 

مون چئي مدح تو پير جي، ميران سڳوري مير جي،

سڻ دانهن مون دلگير جي، مون ٿئي عطا اڪسير جي،

يا شاهه ميران محي الدين.

 

 جو گُڏئل ڪري منهنجي گلا، تنهن ڪنجوس کي هڻ تون کلا،

کاڻني مٿان خلقون کلاءِ، مٽيءَ اندر موزي ملا،

يا شاهه ميران محي الدين.

 

بغداد جو تون بادشاهه محمد، مٿان مهروم مَ لاه،

تو در سواءِ جنهن ٻي نه واهه، دشمن تون ڪر منهنجا تباه

يا شاهه ميران محي الدين.

 

جيڪو مدح هي ذوق سين، شائق پڙهي ٿو شوق سين،

محتاج نه رهي سو لوڪ سين، مطلب ڏسي سو موڪ سين،

يا شاهه ميران محي الدين.

 

جيوڪ ورد ڪلمو ڪري

حاجت سڀئي ان جي سري،

حضرت مٿس هٿڙا ڌري،

ايمان سين مومن مري.(1)

پير غوث محمد شاه

پير غوث محمد شاهه ڪڇ جو سهڻو شاعر ٿي گذريو آهي. پاڻ شاعر ۽ درويش، پيريءَ مريديءَ وارو نالي چڙهيو ماڻهو هو.

پاڻ پيراڻو ٻار هو، تڏهن به جوڳ ۽ رياضت ڏانهن دل هوندي هيس، ڪجهه تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ پاڻ جوڳ پچائڻ خاطر نڪري ٻاهر ٿيو.

گرنار ۾:

پهرين پهرين جهونا ڳڙهه ۾ ، گرنار جي جبل تي جوڳين جو وڃي سلامي ٿيو. اتي دم مارڻ ۽ ايڪتا ۾ رهي خيال پختا ڪرڻ سکيائين، پوءِ جڏهن گرنار جي جوڳين کيس انهيءَ علم جي پرک مان پاس ڪيو، ته پوءِ وري ٻئي طرف وڃڻ جو خيال ڪيائين.

ابوپهاڙ ۾:

آخر ڏس پڇندو اچي ”ابوپهاڙ“ جبل تي پهتو. هتي جا جوڳي ساڻس سٺي نموني سان مليا ۽ کيس گهربل علم ڏنو ويو. جوڳ جا وڌيڪ سبق حاصل ڪري پنهنجي علم (جوڳ) جي تڪميل ڪري، اچي پنهنجي لکپت پهتو.

لکپت ۽ بمبئي ۾:

پاڻ هن جوڳ واريءَ زندگيءَ کان پوءِ جڏهن موٽي ملڪ وريو ته  لکپت ۾ مريدن ۽ مشتاقن سندس وڏي جوش سان استقبال ڪيو ۽ وڏي پيار ۽ عقيدت سان عرض ڪيو ته” هاڻ هت رهي، اسان جي روحاني تسڪين جو باعث بنجو.“ پاڻ ساڻن ”ها“ ڪيائون، پر جيئن ته، سندن مريد ۽ خادم بمبئي ۾ به ڪافي رهندا هئا، تنهن ڪري ٻنهي هنڌن تي رهندو هو.

مريدن وٽ:

ڪڏهن ڪڏهن ته سال ۾ ٻه ٽي گهمرا ۽ ڪڏهن هڪ ٻه دفعا مريدن وٽ ضرور ويندو هو، ۽ وٽائن ڏن ۽ خيرات وٺيو ايندو هو ۽ اڪثر وڏا وڏا مريد کيس حويلي تي نذرانو ڏيو ويندا هئا.

حاڪمن وٽ عزت:

سندس سڄو ملڪ ڏاڍو مان رکندو هو. راجا پڻ سندس خاص معتقد هو. هونئن به ڪڇ جو راجا هندن جي جوڳين ۽ مسلمانن جي پيرن جا ٻانها ٻڌا ٻانها هوندا هئا. هلندي ڏکئي وقت لاءِ کيس حڪومت کان فوج به ملندي هئي. جيئن اڳتي باقر شاهه جي بيان ۾ ڄاڻايل آهي. هونئن ته ٻئي پير صاحب ڪرامت وارا هئا. پر هڪ ڳالهه تعجب ۾ وجهندڙ آهي ته جڏهن باقر شاهه سان، پير غوث محمد شاهه جي دشمني هئي ۽ غوث محمد باقر شاهه جي حد مان ٿي لنگهيو، تڏهن راءِ کان سپاهه به ورتي هئائين.

اهو به قصو تعجب کان خالي نه آهي. نه آهي ته ايتري بچاءِ هوندي به پير باقر شاهه جي ڪرامت ڪري ڪري ويئي ۽ پير غوث محمد شاهه کي موت نصيب ٿيو. انهي لحاظ کان چئبو ته ته فقيري جي فن ۾ باقر شاهه هن صاحب کان مٿاهين درجي وارو هو.

باقر شاهه سان ناسازي:

اڳتي هلي باقر شاهه جي بيان ۾ اهو وڌيڪ ظاهر ٿيندو ته باقر شاهه ۽ غوث محمد شاهه پاڻ ۾ ريدن جي ڪري وڙهيا، ماڻهو ڪي هن پاسي هئا ته ڪي هُن پاسي هئا. اهو سبب جنگ جو ڪارڻ بنيو. سندن پاڻ ۾ دشمنيءَ جو وڏو ڪارڻ اهوئي هو ته هرهڪ چاهيو ٿي ته ”مخالف اقتدار ۾ نه اچي. منجهو ئينام جپبو رهي.“ پر انهيءَ اقتدار جي سرخ پوپٽ کي حاصل ڪرڻ لاءِ ئي پير سائين غوث محمد شاهه کي جان ڏيڻي پئي.

وفات:

قصو هيئن آهي جو ٻئي ڄڻا بمبئيءَ ۾ توڏيا هئا، ڇو ته غوث محمد شاهه پنهنجا مريد بڇي باقر شاهه کي ختم ڪرڻ ٿي گهريو، پر باقر شاهه تي بچي ويو ۽ ان تان دشمني وڌڻ لڳي. جڏهن غوث محمد شاهه ڪڇ ۾ آيو تڏهن اوچتو ڪڙول منزل تي بيمار ٿي پيو ۽ ڳوٺ سيوت وٽ منزل هلندي وفات ڪيائين. کيس صندوق ۾ پوريو ويو. اهو واقعو سن 1940ع سنبت 1890ع ۾ پيش آيو. هن پنهنجي ڀاءُ ٻاوا ميان کي وصيت ڪئي هئي ته ”مون کي باقر شاهه جي پاراتي ڪري قبر ڪونه ملندي، ۽ ٿلهو ٺهرائي ان ۾ صندوق رکجو.“ آخر ائين ئي ٿيو.

قبو:

هن بزرگ جو قبو لکپت جي قلعي اندر آهي، جتي سندس ٻئا عزيز به مدفون آهن. سندس قبو اڄ به غازي شاهه جي ناڪي تي مشهور آهي.

سندس هي ڪافي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ”مهراڻ جون موجون“ جي مقالي ”سنڌيءَ ٻوليءَ ون سرحدون ۽ انجو ڪڇي محاورو“ ۾ ڏني آهي.

ڀلي آيا سيڻ اسان جي گر(1) ري،

جتي جي آءُ ڄائي

اتي جي آءُ ٻائي،

هت منهنجو ڪئڙو قدر ري.....

ڀلي آيا سيڻ اسان جي گر ري....

هيراني جواهر،

انجي جتيئن جڙايان

ٻيو گوريان(2) ان تان جر(3) ري......

ڀيل آيا سيڻ اسان جي گر......

غوث محمد چئي،

کُسي(4) منجها نرا،

يکهان ان جو در ري.......

ڀلي آيا سيڻ اسان جي گر ري.......

هن بزرگ جي بڻ مان، پير ربڏنو شاهه پڻ سٺو شاعر هو.(5)

ابراهيم جت

ابراهيم جت ڏور جو واهه جو ڪاريگر هو. پاڻ کاڻوٽ جو رهاڪو هو، جهوني وقت جو بزرگ آهي. فقير مٺوءَ چيو ته، ’منهنجي پيءُ بولي جو ساٿاري هو، پاڻ ايترو ڪو پڙهيل نه هو، پر جتي سالڪ سڏبا هئا، اتي کيس ضرور دعوت ڏيندا هئا، جيئن ته فقير مٺوءَ نهڙيو پنجهتر ورهن جي ڄمار ۾ 1967ع ۾ وفات ڪري ويو، انهيءَ لحاظ کان سمجهي سگهجي ٿو ته 1890ع ڌاري اهو بزرگ حيات هوندو.

سندس وينجهارپ مان ڪي وکر پيش ڪجن ٿا، جي سوانح تي پڻ روشني وجهندڙ آهن. اهي وکر هن جت جي وڏي معلومات جو کليو دليل آهن، ڏور آهي ته:

جاهر(1) ڏٺم جت چئي ٻه ڀائر ترئي ڀيڻ

جاتيون(2) جدا جن جوين، سي سلي ڏي مون سيڻ

هڪڙو دوست دوا جو، ٻيو خاسو مٿي کيڻ

انين سندي بيڻ(3) سون سريڪي سندري.

پاڻ هڪ ڏينهن ويٺو هو ته هن هڪڙو ککڙو(وڻ) ڏٺائين جنهن جا ڏينا دوا ۾ ڪم ايندا آهن، اتي ڪرڙ به ڦٽو بيٺو هو. جنهن جو سانڌاڻو ڪڇ ۾ عام پسند ڪيو ويندو آهي. ڪنگڻي يا رتي سون سان گڏ ترندي آهي، تنهن کي ڏسي پاڻ اهو ”ڏٺ“ چئي مٿيون ڏور بنائي پيش ڪيائين. ٻه ڀائر آهن، هڪ ککڙو ٻيو ڪرڙ، ڀيڻ آهي رتي يا ڪنگڻي. انهن جون ذاتيون ڌار آهن، ککڙو دوا ۾ ڪم اچي، ڪرڙ جا ڏونئرا کائڻ جي ڪم اچن ۽ انهن جي ڀرسان بيٺل رتي سون سان گڏجي تُري. سندس چيل ڏٺ ۽ ڏور ڪڇ ۾ تمام گهڻا مشهور آهن.(4)

منٺار شاهه

فقير مٺو نهڙيو صاحب چيو ته” مون ميون منٺار شاهه ڪونه ڏٺو هو. مصري شاهه سنڌ واري سان سندس سٺي صحبت هوندي هئي. انهي سان ڏاڍيون روح رهاڻيون ڪندو هو. پاڻ راڳ ٻڌڻ جو ڏاڍو شوقين هوندو هو. مٺو فقير جو والد بولو نهڙيو منٺار شاهه سان روح رهاڻيون ڪندو هو. عثمان ڪڇي ۽ ميون منٺار گهرا دوست هئا ۽ هڪ ٻئي سان ڏاڍيون رس رهاڻيون ڪندا هئا. منٺار شاهه جون ڪافيون واهه جون چيل آهن. اهي ڪافيون اڪثر پاڻ ڳائيندو هو.“

سيد علي شاهه گوهري سان روح رهاڻ ڪندي ڪل ملي ته ” پاڻ وايور جو رهاڪو هو ۽ پير غوث محمد شاهه جو صحبتي هو.“ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ”ڪڇي محاورو“ مضمون ۾ لکي ٿو ته ”جن بزرگن جو مثالي طور ڪڇي ٻوليءَ مان ڪلام پيش ڪري سگهجي ٿو، انهن مان منٺار شاهه پڻ هڪ آهي.“ سندس هيءَ ڪافي مثالي آهي:

لڳو ماءُ مون کي جوڳيئڙن جو ٻاڻ(1)،

لڳو ماءُ مون کي ساميئڙن جو ٻاڻ.

راتو ڏينهن هئي رهاڻ.

-       سامي سنڀوڙا سفر کي الا لا،

ڪوئي نه ڪيائو پرياڻ.(2)

-       مڙيون(3) ڏسي ميون ”منٺار“ چئي،

سک نه اچي ٿو ڪو هاڻ.(4)

سيد باقر شاهه ناڙاپي وارو

سيد باقر شاهه قربائتي ڪڇ ۾ ناميارو اوليا ۽ شاعر ليکبو آهي. سندس مريد ۽ خادم هندو توڙي مسلمان آهن. پاڻ به ٻنهي مذهبن کي هڪ نظر سان ڏسندوهو.

باقر شاهه جي زندگي به ٻين کان علحدي نموني سان شروع ٿئي ٿي. ننڍي هوندي کان ئي فقيرن ۽ جوڳين جو يار ٿو ليکجي. جوڳ سندس رڳ رڳ ۾ سمايو پيو آهي. سيد علي گوهري ”روضته السادات“ جو مصنف راقم طراز آهي ته: ”ساءِ ننڍي هوندي ئي شهر نرئي جي هڪ جبل جي غار ۾ (جا ’چيتي جي غار‘ مشهور آهي) چار پنج سال وڃي رهيو هو ۽ پوءِ اتان عبادت ڪري موٽي ڳوٺ آيو.“

گرنار ڏانهن:

ڳوٺ اچڻ کان پوءِ کين آرام نه آيو ۽ گرنار ڏانهن پنڌ پئا. وڃڻ وقت سندن همشيره صاحبه فرمايو ته” ادا! اوهان وڃو ٿا، پر اسان جي جنازي جي ڪلهن ڪانڌي ٿي نه سگهندا!“ پر پاڻ ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري هليا ويا. پٺيان بي بي صاحبه کي ٽي ڪ چوٿين ڏينهن نانگ ڏنگي وڌو ۽ وفات ڪيائين. سندس ڀاءُ جنازي ۾ شامل ٿي نه سگهيو. گرنار ۾ پاڻ جوڳين سان چوويهه سال گذاريائين. گرنار جي جوڳين جي باري ۾ مشهور عام آهي ته هو ڇهين ڇهين يا ٻارهين ٻارهين مهيني پاسو ڦيرائيندا آهن ۽ ڏينهن جا ڏينهن دم چڙهيو پيو هوندو اٿن. گرنار جهونا ڳڙهه کان ڇهه ميل پري آهي. سندس چوٽي کي ”گورک ناٿ“ ڪري چوندا آهن. هن جبل ۾ ڪيتريون غفائون آهن جن ۾ ’اداسي‘، ’مهيسي‘، ’لاهوتي‘، ’ڪاپڙي‘، ’ويراڳي‘، ’سنياسي‘، ’ڪن پٽ‘ ’ڪاپٽ‘ ۽ ٻين قسمن جا جوڳي جوڳ پچائيندا آهن، پاڻ به اتي جوڳ پچائيندو رهيو.

آخر کيس وطن جي ڇڪ ٿي ۽ سيد پير سلطان شاهه ۽ سيدنا پير ملوڪ شاهه سندس وڏا خواب ڏسڻ ۾ آيا، جن کيس وطن وڃڻ لاءِ تلقين ڪئي،  پر بدن ۾ وڃي رڳا هڏا رهيا هئا. سو هلڻ مشڪل هو، پر مڙئي مالڪ جي مهر سان ڳوٺ پهچي ويو ۽ عزيز خويشن گڏجي خوشي حاصل ڪئي ۽ ڀيڻ ”هادل“ جو ٻڌي ڏک ٿين ۽ ڀيڻ تي قبو ٺهرايائين جنهن ۾ مريدن خادمن ڪافي مدد ڪيس. اهو قبو ميمڻن ٺهرايو هو.“

ملڪ ۾ مشهوري:

ڪڇ ملڪ هونئن به اعتبار ۽ ويساهه جو ملڪ آهي. وري جو باقر شاهه جو درجو جوڳ ۾ اتاهون ڏٺو ويو، سو ته مريد خواهه عام مٿانس قربا ٿيڻ لڳا. عوام ته ڇڏيو پر حڪومت جو مالڪ راءِ ڀاڳ مل ڀڄ وارو پير بڙا ميان تيرئي(1) وارو، پير ٻاٻو ميان گوهر شريف وارو(2) ۽ ٻئا بزرگ سندس واکاڻ ڪرڻ لڳا ۽ پوءِ ته سندس نالو ملڪان ملڪ مشهور ٿي ويو.

مڪان شريف:

پاڻ هاڻ هڪ هنڌ ويهي زندگي مالڪ جي ياد ۾ گذارڻ جو فيصلو ڪيائون. ناڙاپي شهر جي ويجهو ’نئي‘ جي ڪناري تي، هڪ مڪان ٺهرائي ان ۾ رهڻ لڳو. ان نئي جي سڪڻ وقت ويئري کڻايائون اتي ڪڏهن به مٺي ويئري نه نڪتي هئي، پر اها ويئري مٺي پاڻي جي نڪتي. ڪڇ جي ماڻهن ۾ اها ڳالهه به ڪرامت ٿي. مشهور ٿي. هن مڪان کي چوڌاري نمن ۽ ٻين سهڻن وڻن جو گهيرو آهي.

بونئرو:

انهيءَ مڪان ۾ هڪ حجرو جنهن کي ڪڇي محاوري ۾ ”ڀونئرو“ چئبو آهي. ٺهرايائين، انهيءَ ٺهرائڻ جو سندن خاص مقصد اهوئي هو ته ايڪانت ۾ ويهي مالڪ کي ساراهجي جيئن دنيا جا خيال ۽ وسوسا تصور کي منتشر نه ڪن. ڪڇي حضرات ڳالهه ڪندا آهن  ته ڪافي وروڪڙ کائڻ کان پوءِ بونئري ۾ داخل ٿجي ٿو. اندر ڪيترا نانگ ۽ بلائون ويٺل آهن. پر مجال آهي جو ڪنهن جو نالو وٺن. ڀل ته پيو مٿان هل“ پاڻ مقرر وقت کانپوءِ باقي حياتي انهيءَ ئي بوئنري (پاتاري محل) ۾ گذاريندا هئا.


(1) ماڙهو- ماڻهو

(2)  ڪهين- ڪئين.

(3) ٿهين- ٿيئن.

(1) سڀهين- سڀنن

(2) ڏياريهيم- ڏياريم

(1) ٿهين- ٿيئن

(2)  ڀڃهو- ڀڃو

(1) غنجه- گنج

(2) مونه- منهن

(3) سڻهو- سڻو

(4) تيان- ٿيان

(1) هن احوال لاءِ هيٺيان (الف) ڪتاب ۽ (ب) راوي سهارو ٿيا:

ا(الف) ڪتاب:

(1)       ڪلام پير ڀاون علي شاهه ساقي – مرتب محمد سومار شيخ

(2)       مناجات ”ساقي“ مرتب محمد سومار شيخ

(3)       مجموع مداحيات (مطبع محمد سعيد تاجر ڪتب ڪراچي)

(ب) راوي:

- پير عاليشاهه جيلاني (رحه) بدين.

(1) گر- گهر

(2) گوريان- گهوريان

(3) جر- زر

(4) کُسي- خوشي

(5) (الف) ڪتاب ۽ مقالا:

(1) روضته السادات- سيد علي شاهه گوهري،

(2)سنڌي ٻوليءَ جون سرحدون ۽ ان جو ڪڇي محاورو: ڊاڪٽر نبي بخش(مهراڻ جون موجون ۾ آيل)

(ب) راوي:

(1) سيد علي شاهه  گوهري- ٽنڊو محمد خان

(2) احمد سومرو ڇاري ڦلاڻي وارو.

(3) مٺو نهڙيو ڳوئيلائي

(4) ميوو مڱڻهار لڳ سيراڻي

(5) الله بچايو مڱڻهار لڳ سيراڻي.

(1) جاهر- ظاهر

(2) جاتيون- ذاتيون

(3) بيڻ- ڀيڻ

(4) راوي:

(1) احمد سومرو، ڇاريءَ ڦلاڻيءَ وارو.

(2) مٺو نهڙيو، ڳوئيلائي

(3) بولو نهڙيو، ڳوئيلائي

(1) ٻاڻ- گز. تير

(2) پرياڻ- آسرو

(3) مڙيون- مڙهيون

(4)  هن بيان لاءِ هيٺيان (الف) ڪتاب ۽ (ب) راوي سهارو ٿيا:

(الف) ڪتاب:

مهراڻ جون موجون (ڪڇي محاورو- ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ)

(ب) راوي:

(1) مٺو نهڙيو- ڳوئيلائي

(2) سيد علي شاهه گوهري – ٽنڊو محمد خان

(1) هن صاحب جو روزو بمبئي ۾ آهي

(2) هن جو مقبرو پسواڙئي تعلقي انجار ۾ آهي

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org