صابر درس
صابر درس ٻنيءَ ۾ 1876ع ڌاري ڄائو ۽ ٻنيءَ جي
راوين ۽ سوين (شاعرن) مان پاڻ هڪ مکيه فرد آهي.
1947ع ۾ ورهاڱي وقت ٻني (ڪڇ) مان لڏي ضلعي ٿرپارڪر
مٺي شهر ڀرسان اچي رهيو اتي ئي هينئر وقت گذاري
رهيو آهي. وطن ڪنهن اناسي کي ئي وسرندو آهي. ٻنيءَ
جون ڳالهيون هي ڀلارو ماڻهو پنهنجي فرضن ۾ شامل
ڪندو آهي. ٻنيءَ جا ماڻهو، ماڳ ۽ مڪان اڄ به
هينئين ۾ هُرڪنس پئا:
سڄڻ ۽ ساڻيهه ڪنهن اناسيءَ وسري،
حيف تني کي هوءِ، وطن جن وساريو.
صابر درس جيئن ته هڪ واقع نگار شاعر آهي. انهي ڪري
هن بزرگ ٻنيءَ جا مکيه خاندان راجيسين پوٽن کي
ڳايو آهي. هارون جا، راجسين پوٽا اڳيئي ڀرنڊياري ۾
رهندا پئي آيا، پر پوءِ راءِ ڀراڳ مل خوش ٿي،
ٻنيءَ ۾ ٻارهن تڙ انعام ڏنن، انهي انعام سبب راجسي
پوٽن ٻنيءَ ۾ سٺي مسجد ٺهرائي ۽ اتي مدرسو جاري
ڪرايو. گهڻن ڏينهن گذرڻ کانپوءِ اها مسجد مرمت طلب
ٿي پئي. راجسي پوٽن انهيءَ مسجد کي وري اڳوڻي کان
به اڳرو ٺهرايو. انهيءَ ڳالهه کي صابر درس پنهنجي
”واقعاتي مدح“ ۾ سٺو نڀاهيو آهي ۽ پنهنجي ڳوٺ کي
ڳائڻ ۾ نه گهٽايو آهي. اها مدح اُتي جي ماڻهن جي
ديني عقيدن اعمالن جي به ڄڻڪر ترجمان آهي:
الله جل جلاله، صاحب رب ستار،
خدا خلقيو نور مان، سيد سچو سردار،
خلقيئين چارئي يار رسول جا، دوست سندا دلدار،
راجسين راءِ گهرايا، جاڙيجي جونجهار،
راجسين گڏجي پاڻ ۾، هلي ويا هيڪار،
راءِ پراڳ مل سين وڃي کلي ڪيؤن کينڪار،
راءِ چيو، اوهين آهيو دعاڳو درٻار،
ٻارهو تڙ ٻنيءَ ۾، اوهان جا قائم ڪيا ڪلتار،
وڃي ويهو ’ڀرنڊياري‘ تي چيئن ڪنڍين چوڌار،
’لڌي‘ ۽ ’گل محمد‘ کي ڏني سوڀ ستار،
اچي ويٺا ٻنيءَ ۾، سانگي سي سنگهار،
ڪي عابد ان ۾ هئا، نمازي نيڪو ڪار،
ڪي خٿابي خميسون پنندا هئا، فائق فرحين دار،
نوري نيڪ نمازي هئا، جوڙ ڀليءَ جنسار،
ڪري ڦوڙيون پاڻ ۾، ويا بيت اڏائي ڀار،
اهڙي مسجد ٻنيءَ ۾، ٿي نيڪيءَ نامدار،
ملڪان ملڪ مشر، آهي، چؤڏسين چؤڌار،
اسي ورهيه ان کي ٿيا، سا جهوني ٿي جهونجهار،
سا جڳا جڳ نه جيئندي ساري سڀ ڄمار،
ڀتين پاهڻ ڪري نريا نڪري ٿيا نروار،
ڀائرن گڏجي پاڻ ۾، ويهي ڪيو ويچار،
ته پاڻ تي حق مسيت جو، ٻي نه ڪريون ڪار،
ٻڌي ثابت سندرو، ڪيئون الاهي تُهار،
پاڻ سين مدد مرسل ڪارڻي، حامي ٿيو هموار،
آيا رازا ضلعي جا، جن هنيا چڱا چٽ چوڌار،
هيري ۽ جواهرجا، گل بنيا گلزار،
تن مسجد اڏي راس ڪي، سهڻا رکيئون سينگار،
ست رنگيون سون جون، گهڻا پڙڇ اُپار،
نويو نمازون پڙهن صفون ڪيون سينگار،
عاجز هن ”صابر“ جي وائي ڪلمي وار،
لااله الا الله محمد رسول الله.
ميون حسين متوو
ميون حسين متوو، نهايت شريف ۽ حليم شخص آهي. ظاهري
طور ڏاڍو سادو آهي، پر سندس سگهه ۽ طاقت ايڏي وڏي
آهي، جو وقت تي، حڪومت به وٽانئس مدد وٺندي آهي.
سڀنن متوَن جو پٽيل آهي. سندس آڱر جي اشاري سان
متوا باهه ۾ ڪرڻ لاءِ تيار هوندا آهن، ايڏيءَ طاقت
واري پٽيل ۽ ڳوٺ جي پرئي مڙس جي هلت چلت شاهاڻي
هئڻ بدران، سادي سودي ۽ فقيراڻي آهي.
پاڻ پنهنجي کيترن تي نظرداري ڪري، راڄ جا نيا
نبيري ۽ ان سان گڏ شفاخانو به هلائي. پاڻ پنهنجي
ڳوٺ ”گوريواري اڏو“ جي غريب باشندن جو علاج مفت
ڪندو آهي.
علم جو ڏاڍو شوقين آهي. عربي، فارسي، سنڌي ۽
گجراتي جي علم تي دسترس رکندڙ آهي. پاڻ ملڪ جي
ڪافي حصي جو قاضي به آهي. شريعت موجب نيا پڻ
نبيريندو آهي.
پيريءَ مريديءَ ۾ پير جهنڊي وارن سان ڪافي تعلقات
هئس، پر ورهاڱي کان پوءِ سندس لڳ لاڳاپا ڪجهه
پرڀرا ٿي ويا آهن.
کيس ٽي پٽ آهن: نوربيگ، گل بيگ، ۽ ٻاپو. اهي ٽئي
سپوٽ ٿي ساماڻا آهن. پنهنجي پيءُ سان ٻنيءَ
(گوريوارو اڏو) ۾ رهن ٿا. اهي ٽئي علم جي زيور سان
مئين حسين ڄاموٽ وانگر ئي سينگاريل آهن.
پاڻ هڪ ٽنگ کان ڪجهه جڏو آهي. پر اقبال ۽ درجي ۾
ڪنهن کان به گهٽ نه آهي. هي محبت ۽ پيار سان،
پنهنجن ۽ پراون تي حڪومت ڪري ٿو.
پاڻ 1889ع ۾ ڄائو. سندس هڪ پرولي الهڏني جي بيان ۾
ڏني وئي آهي.
محمد حسن کٽي
محمد حسن کٽي کهاوڙي جو باشندو آهي. پاڻ هينئر
اٽڪل ورءِ اسي ورهيه عمر جو ٿيندو. سندس چار فرزند
آهن، جن مان ٽي ڪنريءَ (سنڌ) ۾ رهن ٿا، باقي هڪ
فرزند وٽس ڪڇ ۾ رهندو آهي. محمد حسن، مولوي احمد
ملاح جي پائي جو شاعر آهي. سندس والد ميان جي احمد
کٽي پڻ علم کان مستفيض هو. ساڳئي آڪهه مان محمد
طيب پڻ سٺو شاعر آهي، جو پڻ کهاوڙي ۾ رهي ٿو.
حاجي شاهه آرکاڻي
ميان صاحب آرکاڻي ڪڇي ادب جو چمڪندڙ تارو آهي.
سندس فرزند حاجي ٻاوا سندس ٻالڪي جي حيثيت ۾ رهيو.
پنهنجي پيءُ وٽ علم پڙهيو ۽ راڳ جو فدائي بنيو.
ميون صاحب جڏهن حياتيءَ هو، تڏهن حاجي شاهه صاحب
ساڻس گڏ گهمندو ڦرندو هو، ۽ دلو وڄائيندو هو. راجا
صاحب جي خدمت ۾ به کيس والد جي ڪري ملڻ جو موقعو
نصيب پيو ٿيندو هو. سندس ڪافي زندگي کانائيءَ ۾
گذري. جتي ئي پاڻ 1955ع ۾ سنبت ۾ ڄائو هو. ڪجهه
آرکاڻيءَ ۾ به رهڻ ٿيندو هوس. کڻي ائين چئجي ته
کانائو ۽ آرکاڻو سندس رهڻ جا مڪان هئا. پوءِ ڪڏهن
هت، ڪڏهن هُت پيو رهندو هو. سندس ڪافي کيٽ، تلاءَ
۽ جايون ڪڇ ۾ آهن.
پاڻ 1947ع ۾ سنڌ ۾ آيو ۽ ڪراچيءَ ۾ رهي پيو. اتان
نڪري پنهنجي مريدن خادمن تان سال ۾ هڪ ڀيرو ڦيرو
ڪرڻ ويندو آهي. اهي مريد سندن والد ۽ سندن هٿ هيٺ
ڏاني ٿيا آهن. جن مان اڪثر آيل ڪڇ جا سنڌي آهن.
پاڻ ٻه گهر پرڻيو. پهريون گهر پنهنجي چاچي جي
گهران پرڻيو ۽ ٻيون گهر به سندس والد ميان صاحب جي
حياتيءَ ۾ پرڻيو. پهرينءَ گهر مان ٻه نياڻيون ۽ پٽ
نالي مصري شاهه ۽ نور شاهه اٿس جي به ڪراچيءَ ۾
ساڻس گڏ رهن ٿا.
حاجي شاهه صوم و صلوات جو ازخود پابند آهي. سادو
سودو رهڻ ڪهڻ اٿس، ڪپڙا لٽا به سادا پائيندو آهي.
شاهه جو فدائي آهي. رسالو سدائين ساڻس هوندو آهي.
پاڻ پنهنجي والد شاهه جو ڪلام ڳائندو آهي. سندس
آواز مٺو آواز ڪڪر جي ڇانوَ مثل آهي.
سندس هيٺين شاعرن ۽ اديبن سان خاص روح رهاڻيون ٿيل
آهن: اسماعيل نهڙيو، جلال شاهه، علي ذوالفقار
شاهه، عمر لوهار، عثمان نهڙيو، قاسم ٻائو، عبدالله
شاهه، منگهو چارڻ ۽ حيدر شاهه موکاڻي. اهي سڀ ڪڇ
جا بزرگ آهن. انهن سڀني سان سندس روح رهاڻيون هڪ
پارکوءَ ۽ شاعر جي حيثيت ۾ ٿينديون هيون.
سندس هڪ ڪافي نموني طور پيش ڪجي ٿي، جا ”حاجي پير“
جي شان ۾ چئي اٿس:
رڻ ۾ پير چمڪاري آئي تنهنجو مڪان گلزاري،
حب آءِ حاجي پير جي ڇؤ کنڊ چؤڌاري،
ڏيسا ڏيس
جا ماڙهو اچين ٿا، رکي سرتا ساري،
پنڌ ڪرين ٿا پريت جو هميت
سان هسياري،
چاڙهينڪل وارا اچين چانوت سين، ٻئا نيمي پاري،
سکائون مانائون
پڙ چاڙهيئن، اچي واڻيا واپاري،
محتاج موالي لولا لنگڙا، ويٺا پڙ نئارين،
ڪيئن ته آسري اولياءَ جي، پيٽ پيا پارين،
بت مٺايون کائي ڪري، تديون ڇايون ويٺا نئارين،
ٽڪري ولي جي تونيئن تون آءُ پان کي اچي مجاداري،
عملدار اچين اڪير سين، اچين سڀئي فوجداري،
لوهاڻا برئمڻ
ڀاٽيا، اچين جاڙيجا جڙداري،
مجاور پير جا لئر ڪرين ٿا، جين ڪي پيداس آءِ هجاري،
”حاجي شاهه“ چئي پيرل منهنجا، مونکي ڏيجا دلداري،
هلي آيوس آن جي حڪم سان، رکي محبت موچاري.
هن ڀلاري بزرگ سان مٺو نهڙئي ۽ بولي نهڙئي جي
معرفت ملاقات ٿي هئي. هن ڀلاري بزرگ وٽ به ڪڇي
روايتي ادب جا مٺو نهڙئي وانگر ڀانڊار ڀريل هئا. ۽
انهن مان مون پڻ ٿورو گهڻو لاڀ حاصل ڪيو آهي.
احمد سومرو
ڪڇ جي اهڙن وينجهارن مان احمد سومرو به هڪ آهي. هي
بزرگ هينئر بدين جي ڀرسان ڏينهڙا گهاري رهيو آهي.
رازڪي ڪم جو ڪاريگر آهي. ڏينهن جو بکئي پيٽ لاءِ
ڪم ڪار ڪري، رات جو جتي به هوندو آهي، وٽس محفل
ضرور لڳل هوندي آهي. پاڻ جيتوڻيڪ هينئر سنڌ ۾
ڏينهن ٿو گهاري پر آهي، سندس چوڻ موجب پاڻ 1905ع ۾
ڄائو. ننڍي هوندي حافظ الهڏنو متوو سندس ديني
استاد ٿي رهيو. جنهن وٽ قرآن مجيد جي تعليم ورتي
هئائين. حافظ الهڏنو پرولين جو لاثاني وينجهار هو.
جنهن ڪري پنهنجي شاگردن ۾ به اهو شوق جاڳائي
وڌائين. آهستي آهستي احمد سومرو به پروليون ٺاهڻ
لڳو. اهڙيون اهڙيون سهڻيون پروليون جوڙيائين جو
وڃي دنگ ٿيا. اهڙي سهڻيءَ صنعت جي ڪري، استاد به
کيس مڃڻ لڳو. پوءِ ته هن پار جا هليا وينجهارن سان
وکر ۽ آهستي آهستي هي پرولين جو سوداگر دنگيون،
ٻيڙيون ڇڏي، مرڳو وڏا ”واڻ“ ڀرڻ لڳو ۽ اهو وکر پئي
پراڻو نه ٿئي هوئي ڪونه، سو هن به مڙيئي سڄي وهي
هڙموڙي انهيءَ سودي ۾ صرف ڪري ڇڏي. نه فقط پاڻ
پرولين جو استاد ٿي پيو پر پنهنجا دوست پڻ انهيءَ
لاءِ تيار ڪيائين. جن مان هيٺيان بزرگ ته سندس
بنهه دل گهريا دوست ۽ اصحاب هئا.
محمد طيب:
هي بزرگ پرولين جو وڏو ماهر هو، ڀڃڻ جي ته کيس خاص
ڏات هئي. پرولي آئي نه آهي، ويئي نه آهي. پاڻ ڪڏهن
ڪڏهن پنهنجيون پروليون پڻ ٺاهيندو هو. ڇٽيهه ورهيه
عمر ڄمار جو هو ته ڇپني ۾ وفات ڪري ويو.
ڏوسل ڪنڀار:
احمد جو خاص دوست هو، سندس روح رهاڻ اڪثر لطف
ڏيندڙ هئي، ڏوسل جيترو پرولين ٺاهڻ تي خيال ڏيندو
هو، اوترو ڀڃڻ تي نه ڏيندو هو. ڏوسل جو دوست لال
محمد جت، جو احمد جو به دوست هو، سو هنن دوستن جون
ٺهيل پروليون ڀڃڻ سان ڪيس ڪريو ڇڏيندو هو. لال
محمد جت کي پروليون ڀڃڻ جو پورو فن ياد هو. ان کان
سواءِ ڦلائين جو سليمان جت، جمل جت، حاجي الياس
سومرو ۽ محمد هاشم سومرو پرولين ڀڃڻ وارا هوندا
هئا. احمد سومري کي ميون حسين ڄاموٽ متوو پروليون
موڪليندو هو. ان کان سواءِ حافظ الهڏنو پڻ احمد
سومري جو صحبتي هو.
ڀيمون ميگهواڙ
احمد سومري جو دوست ڀيمون، پرولين جو وڏو قدر ڪندڙ
بزرگ هو. پاڻ بازار ۾ ويٺو جتيون ٽُڳيندو هو. احمد
هلندي هن وٽان اچي لنگهندو هو، ته يڪدم چئي ڏيندو
هو ته ”اڙي ٻاوا احمد! يلدي ڳن پرولي، ڏيئي ڳن،
يلدي ڏيئي ڳن، وات تو پاڻي تئي.“ ڄڻڪر احمد سومرو
ڀيمي لاءِ کٽو انب هو. پرولي آئي نه آهي ويئي نه
آهي. ٻه ٺپ پروليءَ کي ڪندو ئي ڪونه هو. هڪ ڌڪ سان
ئي پرولي ڀڃيو ڇڏيندو هو. واهه ڙي ڀيمان واهه!
صبح جو پهر آهي، احمد سومرو اچي لانگهائو ٿيو آهي.
ڀيمون الک جو نالو وٺي، اچي آسڻ تي ويٺو آهي. احمد
تي نظر پئيس ٿي ۽ وات پاڻي ٿي وڃيس ٿو: ”هيور جو
هيور ڏيئي ڳن پرولي وير نه ڪر.“ انڏينهن احمد جي
طبيعت به ٺيڪ نه هئي. ڀيمي جي بڇ ته، ”ڏيئي ڳن
سومرا، دير ڪُري جي تو ڪرين؟“ احمد به ڏٺو ته
اسلامي اصولن جي هن کي خبر خير ڪا هوندي، هاڻ واهه
جو ڦاسائي وجهيس. احمد پرولي ڏني:
چيئن آسماني تي چڙهي ڪري، مون جابر ڏٺو جاڙ،
واڍن تن مان وڍي ڪري، وڏي ڪئي واڙ،
اي پرولي ”احمد“ جي سڄو ڏينهن پيو نيئار.
پر ڀيمون ڪٿي ٿو بيهي، سامهون واڍن جي لوڙهي تي
وڃي نظر پيس. جو ٻير جي ڇهين مان هو. ويچار ساٿ
ڏنو، اسلام جو عقيدو به ياد آيو ۽ ”ٻير“ لفظ هن
بزرگ جي واتان نڪري ويو ۽ پرولي پرزا پرزا ٿي
ويئي. ڏينهن ته درڪنار، هتي ته منٽ ڪونه لڳا.
هڪ دفعو البت ڀيمي کي ڪجهه وڌيڪ ٺپ هڻڻا پئا. قصو
ڇا هو جو هيمشه وانگر ڀيمون خوش نه هو. عمر به وڏي
هيس سو ڪم ڪري ڪري ٿڪي بيزار ٿي پيو هو. شام جو
احمد اچي لنگهيو، دل نٿي چيس ته ڪو احمد کي پرولي
لاءِ چوي، پر عادت عضوو ٿيندي آهي. وات چئي ڏنو
ته: ”ڏيئي ڳن ٻاوا.... احمد به پرولي اڳي ڪا تيار
ڪريو ڪونه ايندو هو، پر اوسي پاسي نظر ڪري پرولي
ٺاهي کڻي پيش ڪندو هو. احمد ڏٺو ته هڪ راوڙو
پنهنجي مٿي تي بار کڻي سامهون واري دڪان تي آڻي
وڪرو ڪيو، جو منو مڻ ٿيو ۽ اُهو پئسا وٺي هليو
ويو. پرولي تيار ٿي ويئي:
مون جو ڏٺو مُلڪ سو ڀريل بارو بار،
مڙس کنيو آهي مٿي تي، مني مڻ جو مقدار.
اڄ پهريون ڀيرو هو، جو ڀيمي ’کاڻ‘ پڇي، ته احمد
چئي ڏنس ته ”اڄ چوڻا اوڻا ٿي آيا اٿئي ڇا؟ اڙي کاڻ
’اڏ ڀوڄ‘ آهي. خطا نه ٿيءُ.“ هن هڪ ٺپ هنيو، ٻيون
پڻ، پر پرولي نه ڀڳي. ٽئي ڌڪ ۾ واهه جي اچي ويئي ۽
چئي ڏنائين ته ”کارو“ پر ڀيمي کي انهيءَ شڪست تي
ڏاڍو ڏک ٿيو ۽ وري ڪڏهن به احمد کان پرولي گهري
ڪونه ورتائين.
سومار ڪنڀار:
احمد سومري جو سومار ڪنڀار به ساٿاري هو. نه صرف
پرولي ڀڃڻ ۽ ٺاهڻ جو ماهر ۽ مڃيل فنڪار هو، پر ان
سان گڏ پاڻ سٺو شاعر به هو. اسماعيل شاهه سان سندس
ادبي ملاقاتون ٿينديون هيون. هي بزرگ (سومار
ڪنڀار) هينئر ڪراچي ۾ ڏينهن گهاري رهيو آهي.
اسماعيل شاهه:
هي بزرگ پرولين جي ڏيڻ ۽ ٺاهڻ جو ماهر هو، ڇاري
ڦلائي جي ڀرسان ئي رهندو هو. سٺو نقاد ۽ اديب هو.
سندس وڌيڪ احوال حاصل ٿي نه سگهيو آهي.
الهڏنو هزاريو:
احمد جو الهڏنو هزاريو پيارو دوست هو. هڪ ڏنهن
الهڏني گهيٽو ورتو، جنهن تي ڪل ڇهه روپيا ڀريا
هئائين. احمد انهيءَ تي پرولي ٺاهي ورتي ته:
ڇهين هزارين ورتو گهيٽو،
ڳالهه جي ڳالهه، کيٽي جو کيٽو،
سالڪين چيو سچ، ڪوڙن چيو کيٽو.
لکمڻ ميگهواڙ:
احمد جو، لکمڻ دل گهريو دوست هو. هن تان پاڻ هيءَ
ڳجهارت ٺاهي اٿس، جنهن جو مطلب ”لک مڻ“ نالو ئي
آهي:
سؤ هزارين چاليهين سيرين،
اگهاڙي پيرين، مون باجار ۾ ڏٺو.
اهڙيءَ طرح احمد پنهنجي دوستن جي نالن تان ڪافي
پروليون ٺاهيون آهن، جي ڏاڍيون وڻندڙ آهن. احمد
سٺو وينجهار آهي. سندس ڪجهه وکر پيش ڪجي ٿو:
هر ٿلهو ڀون پٽي، کيڙين ڪي سڄاڻ،
سي پڻ ستر واڻ، جيڪي نيڻن سان نيرج ڪڍن.
هن پروليءَ جو مطلب ”ڀون“ مان ڪاغذ آهي. ”پٽي“ لفظ
”باريڪي“ جي معني رکي ٿو. ”کيڙڻ“ کان مطلب ”جاچڻ“
آهي. ”سڄاڻ“ چئبو آهي وينجهار کي. ”ستر واڻ“ جي
هتي معنيٰ ڪاريگر آهي ته: سنهي ڪاغذ تي ٿلهي قلم
سان، ڪي ڪاريگر ئي ڏاهپ سان لکي سگهندا، پر اهي ته
وڌيڪ ڏاها چئبا جيڪي اهڙن ڪاريگري سان لکيل اکرن
مان ڪچائي ڪڍي ڏيکارين.“
چڻي ۾ چمڪار ڪري، نه تتر نه هولو،
تو جون 360 پروليون منهنجوهڪڙو نه پرولو
(چمٽو وارن پٽڻ جو)
سندس ”بال“ لاءِ هيٺين پرولي به ڏاڍي دلچسپ آهي:
ــــــ ”ماما ڙي ماما، مون کي ڊوڙندو ڏيکار.“
ــــــ ”ڊوڙندو ته گهوڙو“
ــــــ ”گهوڙو نه ڀڳو، مونکي نه ڀڳو ڏيکار.“
ــــــ ”نه ڀڳو ته نانگ“
ــــــ ”نانگ ته ساسو، مونکي وساسو ڏيکار“
ــــــ ”وساسو ته واڻ (جهاز)“
ــــــ ”واڻ ته هلي جر تي، مونکي سڪي تي ڏيکار“
ــــــ ”سڪي تي ته ڏڙهو“
احمد سومرو کل مک يار ويس بزرگ آهي، پرولين وارن
گهڻن وينجهارن جا ڏس پتا کانئس مليا. هن ڄاڻو
وينجهار سان مونکي منهنجي مرحوم استاد بولي نهڙي
ملايو هو.
محمد عثمان نهڙيو مڏئي وارو
محمد عثمان ڪڇي مڏئي ۾ ڄائو ۽ اتي وڏو ٿيو. قاسم
ٻاوا جو پاڻ ٻالڪو هو. شاعريءَ جي ڏات اتان مليس،
پاڻ پڻ قاسم ٻاوا جو ٻالڪو فخر سان سڏائيندو آهي.
ورهاڱي (19947ع) وقت مڏئي ڇڏي ڪراچي ۾ لڏي آيو هو.
سندس سهڻن ڪلام کان وانجهيل آهيون، هينئر سندس عمر
ستر سال کن ٿيندي.
ولي محمد جت
زنده بزرگن مان ولي محمد جت به مشهور شاعر آهي.
پاڻ ڀٽاري ۾ ڏينهن گهاري رهيو آهي. ڀٽارو حاجي پير
کي ويجهڙو آهي. پاڻ ڪپڙا هميشه ڪارا ڪندو آهي.
عربي، فارسي ۽ گجراتي جو وڏو ڄاڻو آهي. تعويذ تڙا
به ڪڍندو آهي. کيس هڪ پٽ آهي. پاڻ علمي لياقت
پنهنجي پيءُ کان حاصل ڪئي هئائين. سندس والد وڏو
عالم سڳورو هو. پاڻ هينئر 65 ورهين جو ٿيندو. شاهه
جو راڳ وڏي پاٻوهه مان ڪندو آهي. شاهه جو ڪلام وڏي
تعداد ۾ ياد اٿس.
مولوي علي محمد ”دوستي“
مولوي علي محمد ولد عبدالمجيد اڍيجي جي عمر هن وقت
پنجهٺ ورهيه کن ٿيندي پاڻ اصل ڪڇ جو رهاڪو آهي، پر
هينئر بدين ۾ رهي ٿو. ڀلارو بزرگ آهي،ڪنهن جي به
نلائي ۾ ڪڏهن به مون نه ڏٺس. ڀلائي ڪرڻ سندس مکيه
وڙ آهي.، پاڻ قرآن شرف پنهنجي استاد احسان شاهه وٽ
ڪڇ ۾ پڙهيو باقي تعليم سنڌ ۾ حاصل ڪيائين. پاڻ
ننڍي هوندي کان ئي تبيلغ جو شوق رکندو پيو اچي.
جواني ۾ ”بيت المال“ کوليو هئائين. پر انهيءَ
ڀلاري سان دنيا وارا انهي نيڪ ڪم ۾ ساٿ ڏيئي نه
سگهيا ۽ ”دوستي“ جي تبليغ ننڍي وڏي تي ڪندو هو،
تنهن تان ماڻهو مٿس کلندا به هئا. هڪ ٻه ڪڇي
سنڌيءَ ۾ ڪتابڙا به لکيا اٿس.. پر انهن جا پاڻ
نالا ڪونه رکيا اٿس پاڻ انهن مان ڪجهه ٽڪرا ڪري
اشتهار جي صورت ۾ ڇپائي چڪو آهي. جن مان ڪجهه
منهنجي نظر مان گذريا آهن. کيس هڪ فرزند پڻ آهي،
هي ڀلارو هينئر بدين جي هڪ مسجد شريف ۾ پيش امام
آهي. پاڻ سنڌ ۾ ڪافي عرصو رهيو پر وٽانئس ڪڇي لهجو
دور ٿي نه سگهيو آهي، پر پاڻ پنهنجو تحرير شده
مواد، محمد اسماعيل کٽي، حاجي هارون کٽي ۽ ڦل
ڪوراڙ وانگر سنڌي عالمن کان درست ڪرائي پوءِ
ڇپرائيندو آهي. انهي ڪري سندس ڪڇي لهجو ختم ٿي وڃي
ٿو. ”دوستي جي تصحيح ٿيل تحرير جو نمونو هن ريت
آهي:
” اسان جناب حضرت ﷺ۽ هن جي دين اسلام ۾ خوش آهيون
ان ڪري هن جي پيارن کي پيارو رکڻ لاءِ ’تعليمي
جماعت دوستي‘ قائم ڪئي وئي آهي. ان لاءِ گڏجي چئون
ٿا ته دنيا تي رهبري جو (حق) قرآن ڪريم کي آهي.
نبي ﷺ ۽ هن جي پيارن کي پيارو رکڻ وارن فقيرن جي
دوست خالص الله والرسول قبول ڪريو.
محمد هاشم سومرو
محمد هاشم سومرو کهاوڙي ۾ 1922ع ۾ ڄائو. ڪڪر ۾
عبدالرحيم پڇمي وٽ سنڌي ۽ عربي جي تعليم ورتائين.
1948ع ۾ سنڌ ۾ لڏي آيو ۽ اچي بدين ۾ رهيو. بدين ۾
سندس ٺاٺارڪو دڪان آهي.پاڻ تاريخ ۽ روايتي ادب جو
وينجهار آهي. سندس عملي ادبي دوستن مان مير حاجي
محمد بخش ٽالپر (ميرپور خاص) سان سندس محققانه
ڪچهريون ٿينديون آهن.
سندس هڪ ننڍوڪتابچو ”سومرن جا ڪوٽ ۽ قلعا“ شايع
ٿيل آهي. ”عمر ڪوٽ جي تاريخ“ ۽ سومرن جو شجرو“
سندس لکيل خطي نسخا آهن. پاڻ جيئن شاهاڻي گهراڻي
سومرا خاندان سان تعلق رکي ٿو. سندس شجرو پڻ ڀونگر
سان وڃي گڏجي ٿو.
انهي ڪري کيس پنهنجي خاندان لاءِ حب عقيدت جي درجي
تائين آهي ۽ سندس ڪلام به انهيءَ عقيدت جي محور تي
ڦرندڙ آهي:
”الف“ عمر ڪوٽ ۾ اچي چت چڙهيوم،
”ب“ ڀڃي بندخالي، من منجهارا ”ميم“ مڙهيوم،
”ت“ تنواري تخت تي، راڄ ساري روح رڙهيوم،
”ث“ سڃاڻي سيڄ سرائون، ساهه ساڙيهه منجهه سڙهيوم،
”ج“ جاين جان جهوري، قلب ڪوٺين ساڻ ڪڙهيوم،
”ح“ هنيون ’هاشم‘ هتي، اڳ الستي آڳاٽو اڙيوم،
پسي ڪوٽ پڙهيوم، ڪلمون قريشيءَ ڄام تي.
پسي ڪوٽ پنبڙين، اڄ اڀي ڪيا اشارا،
نيڻ ڏسن ٿا، نوبتون نظر هيٺ نظارا،
هو محل هو ماڙيون، هو عجيبن اوتارا،
هو اڱن آباديون، هو ورهن جا وسارا،
مند مٽي ماڙين مٿان، سؤ لنگهيا سانوڻ سيارا،
پاڙو ڇڏي پرديس ڏي پري ويم پيارا،
هند حويليون ”هاشم“ هتي، سڃا ڏٺي سامان سارا،
پيون ڪن پسارا، اڄ اکيون عمر ڪوٽ ۾.
محمد هاشم سومري کي محمد عمر نالي فرزند آهي، جيڪو
پڻ سندس ٺاٺارڪي ڪم ۾ هٿ ونڊائيندو آهي.
|