ڀاڱو ٻيو
تاريخي ڳجهاتون
ڪان سـُـجان
(123)
نار نالي! جهل پنهنجي نالي نرنانءَ کي،
جو هال جن ۾ ٿو ڪاٺ جون وٺي.
نار نالي= گنگل راڻي. نالو=
ڪانَ+
نرنان= سـُـجان. مال جون= گهٽيون.
ڪاٺ جون= ڪرايون.
گنگل راڻي! جهل پنهنجي ڪان سجان کي،
جو گهٽين ۾ ٿو ڪرايون وٺي.
(124)
ليکي کي سمجهاءِ، جو شهر جن تي بيهي، ڪاٺ جون ٿو وٺي.
ليکو= ٻه ۽ ٽي<ٻٽي<ٻيٽي.
شهر جا= در<
درن، ڪاٺ جون= ٻانهون.
ٻيٽي کي سمجها”، جو درن تي بيهي ٻانهون ٿو وٺي.
(125)
نالي نرنان! پنهنجيءَ کي هٿ نه لا”.
نالو= ڪان+ نرنان= سـُـجان<ڪان
سجان.
پنهنجي= ٻانهن.
ڪانَ سجان! ٻانهن کي هٿ نه لا”.
(126)
نالا ۽ نرنان ڇوڙ، پکي رات مال جي.
نالا= رڪان<ڪانَ.
نرنان= سـُـجان. پکي= مئنا<
مين+ نـُـون. مال جي= گـُـجر<گـُـجري<گذري.
ڪانَ سجان ڇوڙ، مينون رات گذري.
(127)
اي ميان نرنانءَ! تون نرنان جهلين نه پنهنجو پلين،
هو نارنان پنهنجي سکيو، نرنان ڇنيو، نرنان ڪري،
تنهن کي نرنان، پنهنجو ڪيئن ڪندو!
نرنان= سجي ڪارياڻي. نرنان= ڪان سـُـجان.
پنهنجو= پٽ. نارنان= چڱي. پنهنجي= ڪار.
نرنان= هار. نرنان= گلزار<گل+
ڌار.
نرنان= خاوند. پنهنجو= کمڻ<کمندو.
اي ميان سجي ڪارياڻي! تون ڪان سجان جهلين، نه پٽ پلين،
هو چڱي ڪار سکيو، هار ڇنيو، گل ڌار ڪري،
تنهن کي خاوند ڪيئن کمندو!
رام سيتا
(128)
سـُـٽ جو لڳو نرنانءَ کي ولايت ڏٺائين،
مرض جي ڪري نار کڻي، ليکي جي نيائين.
سـُـٽ جو= واجهه<وجهه.
نرنان= ڏهيسر.
ولايت= سورت<صورت.
مرض جي= سٽَ.
نار= سيتا. ليکي جي= ساڍڪي<سا+ڍَڪي.
وجهه لڳو ڏَهيسر کي، صورت ڏٺائين،
سٽَ ڪري سيتا کڻي، سا ڍَڪيءَ نيائين.
(129)
نالي چيو نرنانءَ کي، نار رات ٻولي!
نالو= رام. نرنان= لڇمڻ. نار= سيتا.
ٻولي=گئڙي<گئي+ ڙي.
رام چيو لڇمڻ کي، سيتا رات گئي ڙي!
(130)
نر نالي جيت هڻائي، ڪامڻ تنهنجي ڪاڻ.
نر نالو= سڌاونت. جيت= سيرنگ<سرنگهه.
ڪامڻ= شوَلنڪا.
سڌاوَنت سرنگهه هڻائي، شوَلنڪا تنهنجي ڪاڻ.
(131)
نرنـــــــــان، ٻــــــولــــي ڪئي، شهر لـُـٽيو ڙي!
نرنان= هنومانُ. ٻولي= ها”. شهر= لنڪا.
هـــــنــــومان هــــــاءِ ڪئي، لـَـنــــــڪا لـُـٽيوڙي.
افلاطون
(132)
پنهنجيءَ کان پوءِ، نرنان ٻولي ڪئي.
پنهنجي= تڪبير. نرنان= افلاطون. ٻولي=ڊال ڊال.
تڪبير کان پوءِ، افلاطون ”ڊال ڊال“ ڪئي.
نصوحو
(133)
نئين سج نالو جنهن جو، ذات ۽ ڪپڙ کاءِ،
هڻي جر ڪاٺ جي کي، ڊڄي نه ڪنهن جي ڊاءِ،
رب اهڙو مالڪ آءِ، جو جاءِ انڌو ڪيائين اُن کي.
نالو= نصوحو، ذات=کوسا<کوسيو.
ڪپڙ=
ڪفن. جر جو= کاٽ. ڪاٺ جي= ساهمي<سامين.
جاءِ جو= طبقو<طبق.
اَنڌو= بي روشن<روشن.
نصوحو نالو جنهن جو، کوسيو ڪفن کاءِ،
هڻي کاٽ سامين جا، ڊڄي نه ڪنهن جي ڊاءِ،
رب اهڙو مالڪ آءِ، جو چوڏهن طبق روشن ڪيائين ان
کي.
(134)
نرنان جنهن جو نانءُ، جر جا جوڳين کي هڻي.
نرنان=نصوحو. جر جا= کاٽ.
جوڳي= سامي<سامين.
نصوحو جنهن جو نانءُ، سو کاٽ سامين کي هڻي.
(135)
اي نالا! نرنانءُ وٺي، نار نالي گهر، وري اچي گهر جو ڏٺئي!
نالو= نصوحو. نرنان= ليکو<ليکو.
نار نالي=
رکي. گهر جو= مارنگ<رنگ.
اي نصوحا! ليکو وَٺي گهر رکي، وري اچي رنگ ڏٺئي!
(136)
نر نالي کي نار ملي، پوءِ وڃي نرنان ٿيو.
نر نالو= نصوحو. نار= صحت<نصيحت.
نرنان= حاصل<واصل.
نصوحي کي نصيحت ملي، پوءِ وڃي واصل ٿيو.
(137)
لوهه جي کي عورت نالي ڇا ڪندي.
لوهه جو= سوئو<نسوئو<نصوحو.
عورت نالي= هدايت
نصوحي کي هدايت ڇا ڪندي.
سڪندر بادشاهه
(138)
نالي جهڙو ذات ٿيوئي ڪونه،
نرنانءَ سان حاڪم جي ڪري، جنهن ملڪ نالي ڪيو.
نالو= سڪندر. ذات جا= سورهيه. نرنان= دارا.
حاڪم جي= لڙائي. مـُـلڪ= سنڌ. نالو= فتح.
سڪندر جهڙو سورهيه ٿيوئي ڪونه،
دارا سان لڙائي ڪري، جنهن سنڌ فتح ڪئي.
نوشيروان
(139)
نالو ماري نالي کي، سو ته نالو ڙي.
نالو= شتم. نالو= برشم. نالو= نوشيروان.
شتم ماري برشم کي، سو ته نوشيروان ڙي.
چـــچ
(140)
نــــــرنـــــــان آيو، نــــــــار کـــــــڻــــي ولايت
ويــــــو.
نرنان= چچ. نار= ڏيپ. ولايت= وَنئڪٺِ.
چــــــچ آيــــو، ڏيــــپ کـــــڻـــــي وَنئڪــــــٺِ
ويــــــو.
هنود ڪاسائي
(141)
نالي ذات ولهه مال جا ڪريو، ٿي کاڄ جا ڪيا.
نالو= هنود. ذات= ڪاسائي. وِلهه=دَمي<
آدمي. مال جو= ڪـُـهيو. کاڄ جا= پاپڙ<پاپ.
هنود ڪاسائيءَ آدمي ڪـُـهيو ٿي پاپ ڪيا.
(142)
نرنان وڏيءَ ذات جو، پوک جون ڪري، کڻيو پوک جا ڪري.
نرنان= هنود. ذات= ڪاسائي. پوک جون=
دِميون<آدمي. پوک جا= ڀاڱا.
هنود وڏو ڪاسائي، جو آدمي ڪـُـهي کڻيو ڀاڱا ڪري.
دلوراءِ
(143)
نالي جي نرنان ۾، ڪنهن جي نالي رهي ٿي ڪانه ميان!
نالو= دلوراءِ. نرنان= دُورو<دور.
نالو= عزت.
دلوراءِ جي دور ۾، ڪنهن جي عزت رهي ٿي ڪانه ميان!
(144)
ڪاٺي پکين مٿان، تڏهن نرنانءَ کڻي ڦٽي ڪئي.
ڪاٺي= مـُـهري<موري
(حڪومت). پکين=
مورن (ماڻهن). نرنان= دلوراءِ
موري مورن مٿان، تڏهن دلوراءِ کڻي ڦٽي ڪئي.
ڄام سمو سلطان
(145)
نــــالا اي نــــــرنــــانءَ! نــــالـــــن نـــــانءَ
ڦــــٽـــا ڪيا.
نالو= سمو سما. نرنان= سلطان. نالو= باغ<
باغن. نان= گـُـل.
اي ســـمــــا ســـلـــطـــان! بـــــاغـــــن گــــل ڦٽا ڪيا.
پـُـنرو بڊاماڻي
(146)
جڏهن تون ٿئين نرنان، تڏهن شهر ملڪ ٿيو.
نرنان= پـُـنرو. شهر= ڀانُ
<ٻانُ. ملڪ= ڪاڇو.
جڏهن تون ٿئين پـُـنرا، تڏهن ڪاڇو ٻانُ ٿيو.
لاکو ڦلاڻي
(147)
پير مرد نڙ جا ڌڻي توڏي اچن راند جون کڻي،
ڪاٺي، مال جا تن کي ڏي.
پيرمرد= لاکو. نڙ جو= لهرو<لهر.
راند جون=
کيڏون. ڪاٺي= ترت<تـُـرتئون.
مال جا=
ڏاوڻ<ڏاڻ.
لاکا لهر جا ڌڻي! توڏي اچن کيڏوُن کڻي،
تـُـرتئون تن کي ڏاڻ ڏي.
ڀـِـريو گاروڙي
(148)
هـُـو جو نرنانءَ آيو، سو مٽيءَ جو ڙي،
جيئڏ کي واءُ جون ڏي، سو ته ڏسو ڙي!
نرنان= ڀـِـريو+ مٽيءَ جو= گارو<گاروڙي.
جيئڏ= نانگ. واءَ جون= واچون.
هو جو ڀـِـريو آيو، سو ته گاروڙي،
نانگن کي واچون ڏي، سو ته ڏسو ڙي!
ڪملا ۽ پـُـورن
(149)
اي نارنان! نرنان ڇوڙ، اجهو نرنان آيو.
نارنان= ڪملا. نرنان= مدگر. نرنان= پورن.
اي ڪملا! مدگر ڇوڙ، اجهو پـُـورن آيو.
گوگو چهواڻ
(150)
نر نـــــــــالـــــو آيو شهر ۾، اچـــــي مال جا ڏنائين.
نرنالو= گوگو. شهر= گرنار. مالَ جا= داغ.
گــــــــوگـــو آيو گـــــــرنــــــار ۾، اچي داغ ڏنائين.
(151)
نرنان ولايتون اچي مون کي مال جو ڏنو.
نرنان= گوگو. ولايت= اروڙ<اروڙئون.
مال جو= هـُـدو.
گوگي اروڙئون اچي مون کي هـُـدو ڏنو.
(152)
جتي بار بلا جا اَٽڪيا، اُتي نرنان ڪاٺي کڻي ويو.
بار جو= آڙو+ بـَـلا جو= منڊ<اَڙمنڊ.
نرنان=
گوگو. ڪاٺي= گوءِ.
جتي اَڙمنڊ اٽڪيا، اُتي گوگو گوءِ کڻي ويو.
دودو چنيسر
(153)
نرنان ذات کان مال جو، تڏهن نرنان ڪاٺ راند جي.
نرنان= چنيسر. ذات= مـُـئا<مـــاءُ.
مال جو= پـُـڇ<
پڇيو. نرنانءُ= دودو. ڪــــــاٺ جو= پڳُ
<پڳَ.
راند جي= ٻڌي.
چنيسر ماءُ کان پڇيو، تڏهن دودي پڳَ ٻڌي.
(154)
نـــــــرنــــــان مڇي چــــــــاڙهـــــي نــــــــالـــــو
آيـــــــو.
نرنانءُ=چنيسر. مڇي=چلي. نالو=عالادين.
چنيسر چـــــــــلــــــي چاڙهي عــــالاديـــــــــن
آيــــــــو.
(155)
چــــــوري چــــــوري ڪــــــک، وڃــــي مسيت وارو اُٿاريو.
ڪک= سر<چنيسر. مسيت وارو= دين<عالادين.
چـــــوري چــــــــــوري چنيسر، وڃــــــي عــــالادين
اُٿاريو.
(156)
نالي چيو نرنانءَ کي، ڏيئي مال جو شهر کي پوءِ راند عضوي
اينداسين.
نالو= ننگر. نرنانءُ= ڀونگر. مال جو= داغ.
شهر= دِلي. راند= وري. عضوو= تن<وطن.
ننگر چيو ڀونگر کي، ڏيئي داغ دِلــــيءَ کي وري وطن اينداسين.
(157)
نالي چيو نرنان کي، پنهنجي عضون ۾ پکي ٿينداسين.
نالو= ننگر. نرنانءُ= ڀونگر. پنهنجو= پيءُ.
عضوا= هٿ<هٿن. پکي= شهيد.
ننگر چيو ڀونگر کي، پيءُ جي هٿن ۾ شهيد ٿينداسين.
(158)
نالو ۽ نرنان، پنهنجي لاءِ ويا،
پنهنجو ٿين ڪينڪي، مرڳو ذات ٿيا.
نـــالـــو= ننگر. نرنانءُ= ڀونگر. پنهنجو=پرچاءُ.
ذات= ماريجي<مارجي.
ننگر ۽ ڀونگر پرچاءَ لاءِ ويا،
پرچاءُ ٿين ڪينڪي مرڳو مارجي ويا.
(159)
نـــــــالــــــــو ۽ نــــــــرنـــــانءُ، ٻئي ذاتـــــــــي
ذات ٿيا.
نــــالـــو= ننگر. نرنان= ڀونگر. ذات= معصوم.
ذات= ماريجي<مارجي.
نينگر ۽ ڀــــــونــــــگــــــــر، ٻئي معصوم مارجي ويا.
(160)
ڪـــــــــاٺ مـُـلـــــــي جـــــــــو، ٿو کــــــــــاڄ
جـــــــون گهـُـري.
ڪاٺ= آلوج آلا<عالا+
مـُـلي جو= دين<عالادين.
کاڄ جون= مـِـريون<سومريون.
عــــــــالاديــــــــن ٿـــــــــو
ســـــــــومـــــــريـــــــــون گــــــهــــري.
(161)
عورت چيو مرد کي، ڏي مال جو ته منهنجو ٽـَـري جهيڙو وڃي.
عورت= ٻاگهي. مرد= دودو. مال جو= سـِـڱُ
<سڱ ُ.
ٻاگهيءَ چيو دودي کي، ڏي سڱ منهنجو ته ٽـَـري جهيڙو وڃي.
(162)
رونشي جــــــي چيو ذات کـــــــي، وڻ جي جهيڙي کــــــي.
رونشــي جي= ٻاگهي. ذات= ڀاٽيو<ڀائٽيو.
وڻ
جو= ٽار.
ٻاگهيءَ چيو ڀائٽيي کي، ٽار جهيڙي کي.
(163)
نــــــــرنـــــانءُ ايندو، رانـــــد جي نه ڏيندو،
نرنانءُ= دودو. راند جي=ٻاگهي.
دودو ايــــــــنــــدو، ٻاگهي نــــــه ڏيندو.
(164)
چوري چوري ڪک، آندو مرد سيد جو،
توڻي مـِـڙن لک، ذات نه ڏيان هڪڙي.
ڪک= سر
<چنيسر. مـــرد= علو<علاول+
سيد جو=دين=علاوالدين. ذات=سومرو<سومري.
چوري چنيسر، آندو علاوالدين کي،
توڙي مڙن لک، سومري نه ڏيانءِ هڪڙي.
(165)
نالي چيو نرنانءَ کي، ته پوک جي نه ڏيندوسئين هڪڙي.
نالو= دودو. نرنانءُ= عالادين. پوک جي=
مـِـري<سومري.
دودي چيو عالادين کي، ته سومري نه ڏيندوسئين هڪڙي.
(166)
سـَـٽ جون عالادين تي، ڳهه ڪيون دودي.
سٽ جون=اُڇلون. ڳهه=جامڪي<جام+ڪيون.
اُڇلون عالادين تي، جام ڪيون دودي.
(167)
نرنانءَ ٿي حاڪيماڻين ۾ کاڄ جون هنيون.
نرنانءُ= دودو. حاڪيماڻو= هنباريون.
کاڄ جون= مصريون.
دودي ٿي هنبارين ۾ مصريون (تلوارون) هنيون.
(168)
حاڪم ذات جي لڳي، تي اوزارن باهه جا ڪيا.
حاڪم جي= جنگ. ذات جا= جونجهار. اوزار=
تراريون. باهه جا= تجلا.
جنگ جهونجهارن جي لڳي، اتي ترارين تجلا ڪيا.
(169)
مال جن ۾ نــــــرنــــــانءُ، سو منهنجو ڏاند ڙي.
مال جون= ديميون. نرنانءُ= دودو. ڏاند=سوڙهو.
ديمــــيـــن ۾ دودو، ســــــــو ته ســــــرهـــــو ڙي.
(170)
نرنانءَ چيو ذات وارن کي، کڻو ڪاٺ جون، هلو ڪپڙجن تي،
مون کي نرناءُ ڏسي ٿو گاهه ٿئي.
نرنانءُ= عالادين. ذات= مغل. ڪاٺ جون=
ڪرسيون. ڪپڙ جا= طنبو. نرنان= دودو.
گاهه= سـِـيءُ.
عالادين چيو مغلن کي، کڻو ڪرسيون هلو طنبن تي،
مون کي دودو ڏسي ٿو سيءُ ٿئي.
(171)
ڪئين مال جنگ جا آيا، پر نرنانءُ لوهه جا ٿيائي ڪين.
مال جي= ڪاهه<ڪاهي.
جنگ جا= ڪٽڪ.
نرنان= مانجهي. لوهه جا= مـُـڙيا.
ڪئين ڪاهي ڪٽڪ آيا، پر مانجهي مڙيائي ڪين.
(172)
نــــــرنــــانءُ، ذات مــــــال جــــا ڪري، پوءِ ٻولي ٿيو.
نرنانءُ= چنيسر. ذات جا= ڪونڌر. مال جا=
ڪـُـهاڻ<ڪهائڻ<ڪهائي.
ٻولي= پشيمان.
چنيسر، ڪـــــونــــــــڌر ڪهائي، پــــوءِ پشيمان ٿيو.
(173)
شهر ملڪ ٿيو، نرنـــــانءُ مــــــال جيئن ويا.
شهر= وِڳهه. ملڪ= ويران. نرنان=
ڪونڌرَ. مال جو= ڪسڻ<ڪـُـسي.
وِڳهه ويـــــران ٿيو، ڪـــونڌر ڪـُـسي ويا.
(174)
عورتون مال جون ٿيون، جن جا نالا ۽ نرنان مال جيئن ويا.
عورتون= رَنڙيون. مال جون= رُليون. نالا=
ڪيهر. نرنانءُ= گهوٽَ. مال جو=ڪسڻ<ڪسي.
رنڙيون رُلي ويون، جن جا ڪيهر گهوٽ ڪـُـسي ويا.
(175)
نالا! نالن جهل، ته پوک اَن جون ڏيان”.
نالن= سمو<سما. ذات نارين= سميون<
سامون. پوک جون= ڇليون. اَن جون= ڇاڻيون<ڇاڻي.
سما! سامون جهل، ته ڇـَـليون ڇاڻي ڏيان”.
(176)
اهو نار نانءَ راند جو ڪيو، نه ته شهر ملڪ نه ٿئي ها.
نارنانءَ = ٻاگهي. راند جو= ٻائيتال. شهر= وڳهه.
ملڪ= ويران.
اهو ٻاگهيءَ ٻائيتال ڪيو، نه ته وڳهه ويران نه ٿئي ها.
(177)
نارنانءُ ليکي جو ڪيو، تڏهن نرنائن کي ڌڪ جا لڳا.
نارنانءُ= ٻاگهي. ليکي جو= ٻائيتال. نرنائن=
گهوٽن. ڌڪ جا= گهاءَ.
ٻاگهيءَ ٻائيتال ڪيو، تڏهن گهوٽن کي گهاءَ لڳا.
(178)
نار نڪتي شهر مان، پوک جي ڪندي ويئي،
نرنانءُ گڏيس ڪونڪو، تڏهن وڃي ڪپڙي پيئي.
نار=ٻاگهي. شهر=وڳهه. پوک جي=موڪي<
موڪلائيندي. نرنانءُ=دودو. ڪپڙو=سام.
ٻاگهي نڪتي وڳهه مان، موڪلائيندي ويئي،
دودو گڏيس ڪونڪو، تڏهن وڃي سام پيئي.
(179)
شهرئون نڪتي نارنان، نالو نالو ڪندي ويئي،
نالو گڏيس ڪونه، وڃي ذات ڪپڙي پيئي.
شهر=وڳهه ڪوٽ. نارنان=ٻاگهي. نالو=دودو.
ذات=ابڙا<ابڙو. ڪپڙو= سامَ.
وڳهه ڪوٽان نڪتي ٻاگهي، دودو دودو ڪندي ويئي،
دودو گڏيس ڪونه، وڃي ابڙي سامَ پيئي.
(180)
ذاتــــــيـــــون ۽ ڪامڻيـــــون، نـــــــر نــــالي
حاڪيماڻيون.
ذات= سما. ڪامڻيون= سومريون. نر نالو=
ابڙو. حاڪيماڻي= سنڀال.
ســــــمـــيـــون ۽ ســــــــومــــــريـــــون، ابــــــڙي
سنڀاليون.
(181)
ذاتيون ۽ ذاتيون نالي ڪاٺ جون.
ذات=سما<سميون. ذات=سومرا<سومريون.
نالو=اَبڙو. ڪاٺ جون = پالڪيون<پويان+لڪيون.
سميون ۽ سومريون، اَبڙي پويان لڪيون.
(182)
ٻـــــولــــي هجي ذات کي، نالي اوزار ڪپڙي جون.
ٻولي= شاباس. ذات= اَبڙا<ابڙن.
نالو=
سومرو <سومــــرن. اوزار
جــــون= سامون.
ڪپڙي جون= جهليون.
شاباس هجي اَبڙن کي، جن سومرن جون سامون جهليون.
(183)
رڇ جي ڏيئي پنهنجي، سڱ مارايائين پنهنجو.
رڇ جي= دِلي<دهلي.
پنهنجي= دانهن.
سڱ= ڀاءُ.
دهليءَ ڏيئي دانهن، ڀاءُ مارايائين پنهنجو.
(184)
نالي گاهه جا، ڪپڙي تي ذات.
نالو=ڏونگر. گاهه جا= پوٽا. ڪپڙو= ننگ.
ذات= نهڙيا<نهوڙيا.
ڏُونگر پوٽا، ننگَ نهوڙيا.
(185)
نالو شهر جي تو چوي ميار جي، چنيسر!
نالو=راڄو<راڄ. شهر جي=مهاڄڻ.
ميارجي=حيف.
اڄ مهاڄڻ تو چوي ’حيف چنيسر‘!
(186)
ٻه نرنانءَ ڪپڙ تؤن وڙهيا،
شهر سڏي، وڃي پوک تي ٿيا.
ٻه نرنان= دودو ۽ چنيسر. ڪپڙ= پڳَ. شهر=
دِلي. پوک جو= ڳاهه.
دودو چنيسر پڳ تؤن وڙهيا،
دلي سڏي وڃي ڳاهه ٿيا.
(187)
نالو ۽ نرنان، ٻئي نرنان هئا،
پر وڻ ۾ پئي، پورهئي جي ۾ پنهنجا ٿيا.
نالو= دودو. نرنانءُ= چنيسر. نرنان= دلبر.
وڻ جي=پاڙ<پاڻ. پورهئي ۾=خفا.
پنهنجا=خون.
دودو ۽ چنيسر دلبر هئا،
پر پاڻ ۾ پين ته خفا خون ٿيا.
حمير سومرو ۽ گنگل راڻي
(188)
ٻن نالن جو ڪانڌ، ٻن نالن جي جو”،
پکي تي نالو هو، مڇي تنهن کان پو”.
ٻن نالن= حمير سومرو. ٻن نالن= گنگل راڻي
پکي= پيڻ. نالو= پوڙهي. مڇي= رَڙِي.
حمير سومري ڪانڌ جي هئي، گنگل راڻي جو”،
پيڻ کان پوڙهي ٿي، رَڙي تنهن کان پو”.
اڪبر بادشاهه
(189)
نالي جهڙو نالو ٿيو ئي ڪونه،
جو شهر ۾ ڪپڙي جون ڪري ويو.
نالو= اڪبر. نالو= حاڪم. شهر= دهلي.
ڪپڙي جون= لوڏُون.
اڪبر جهڙو حاڪم ٿيوئي ڪونه،
جو دهليءَ ۾ لوڏون ڪري ويو.
(190)
نرنان نار تي نالو ٿي پيو.
نرنان= اڪبر. نار=گانوَري. نالو=عاشق.
اڪبر گانوريءَ تي عاشق ٿي پيو.
(191)
ساز وڄي نرنانءُ سـُـڻي، ته منهنجي نارنان ڪٿي؟
ساز=اُپنگ. نرنان=اڪبر. نارنان=گانوَري.
اُپنگ وڄي، اڪبر سـُـڻي، ته منهنجي گانوَري ڪٿي؟
ڀيمجي جاڙيجو
(192)
نرنان ذاتين سين، مال جن تي پوک جا ڪيا.
نرنان= ڀيمجي. ذات=جاڙيجا. مال جن=ٽڪرن.
پوک جا= ڳاهه.
ڀيمجي جاڙيجن سين، ٽڪرن تي ڳاهه ڪيا.
مدد خان پٺاڻ
(193)
نرنانءَ جي مرض ۾، مال جي ٿي هئي.
نرنان= مدد. مرض= وارو<واري.
مال جو=
ڦـَـر<ڦـُـر.
مدد جي واري ۾ ڦـُـر ٿي هئي.
ميربجر
(194)
نالي ۽ نرنانءَ کي، وڻ جي ولايت ۾ لڳي.
نالو=مير. نرنان= بجر. وڻ جي= ٽاري<ڪٽاري.
ولايت= ڪـَـڇ.
مير بجر کي ڪٽارِي ڪڇ ۾ لڳي.
گامون سچار
(195)
نرنان چيو نرنانءَ کي، انگ جن کان مون راند جا جر نالي کان عورت
جا ڪيا.
نرنان= گامڻ. نرنان= غازي. انگ جا= ڳڻڻ<اڳ
ڳڻتي.
راند جا= ٽپا<ٽپڙ.
جر نالو= کٿور واهه. عورت جا=پار.
گامڻ چيو غازيءَ کي ته اڳ ڳڻتيءَ کان مون ٽپڙ کٿور واهه کان پار
ڪيا.
مياڻيءَ جي جنگ
(196)
نار چيو نرنانءَ کي، ته باهه چم جن تي چڙهي، وڃي ذات مٽيءَ جا
ڪر!
نار= راڻي (وڪٽوريا). نرنان=جرنيل. باهه= آگ چم جن=
بوٽن<آگبوٽن. ذات= ٽالپور. مٽيءَ جا=
بند.
راڻيءَ وڪٽوريا چيو جرنيل کي ته آگبوٽن تي چڙهي، وڃي ٽالپور بند
ڪر!
(197)
جي ڀنگ جا هڻن، سي پوک جون وڃن، مال جن کؤن ڪين ڊڄن.
ڀنگ جا= ترا<ترار.
پوک جون= ڪانهيون<ڪاهيو.
مال جن= گونرن<گورن
(انگريزن)
جي تـــــرار هڻن سي ڪاهيو وڃــــــن، گــــــورن کـــــؤن ڪين
ڊڄن.
دٻي جي جنگ
(198)
نرنانءَ جي من ۾ اچي راند جو پيو،
عورت ماري ڳهه جو ڪري، آڻي مون کي ڏيو،
ته ڪپڙ جي لکي ڏيانوَ وڃي ذاتين سان ويهو.
نرنان= شيرمحمد. راند جو=شوق. عورت=فلنگي.
ڳهه جو=فتو<فتح.
ڪپڙ جي=ڪڇ<ڪـُـجهه.
ذاتين=چانگن<ڇانگن.
شير محمد جي من ۾ اچي شوق پيو،
ته فلنگي ماري فتح ڪري، آڻي مون کي ڏيو،
ته ڪجهه لکي ڏيانوَ، وڃي ڇانگن سان ويهو.
ٺڪرن ۽ انگريزن جي جنگ
(199)
لوهه جا لڳا، اُت پکي ڇپيا، اَن جن مان ڪي مال جا ڀڳا،
سي اَڌ پنت لنگهي ويا، وڻ نه ڏٺئون نرنائن بنان.
لوهه جا= ڪانَ. پکي= ڪانئر. اَن جن= ڀانڊن.
مال جا= گونرا<گورا.
وڻ=هيرڻ<هيءُ+
رڻ.
نرنائن= جهونجهارن.
ڪانَ لڳا اُت ڪانئر ڇپيا، ڀانڊن مان ڪي گورا ڀڳا،
سي اَڌ لنگهي ويا، هيءُ رڻ نه ڏٺئون جهونجهارن
بنان.
حـُـر تحريڪ
(200)
مال جن جي نار نالي ۾، نالا نالا ٿيا،
نالو جن وکر ۽ نالو تنهن جو حاڪم جو.
مال جن= گونرن<گورن.
نار نالو= صاحبان<
صاحبي. نالا= حـُـرَ. نالا= ساماڻا. نالو= بچو.
وکر= بادشاهڻ (مصري)
<بادشاهه.
نالو=پيرو.
حاڪم جو= وزير.
گورن جي صاحبيءَ ۾ حر ساماڻا،
بچو جن جو بادشاهه، ۽ پيرو تنهن جو وزير.
(201)
نالو ۽ نرنانءُ وڃي ذات ٿيا.
نالو= بچو. نرنان= پيرو. ذات= ڀيلا<ڀلا.
بچو ۽ پيرو وڃي ڀلا ٿيا.
(202)
ولايت مان نرنان آيو، جنهن اچي کير جا بند ڪيا.
ولايت= ڪلڪتو. نرنان=جرنيل. کير جا=
ڏوها<بي ڏوها.
ڪلڪتي مان جرنيل آيو، جنهن اچي بي ڏوها بند ڪيا.
لانبٽ صاحب
(203)
ولايتؤن نرنان آيو، جنهن اچي حاڪم جي چالو ڪئي.
ولايت= لنڊن. نرنان= لانبٽ. حاڪم جي=بيگر.
لنڊَن ئون لانبٽ آيــــــــــو، جنهن اچي بيگر چالو ڪئي.
پير صاحب پاڳاري جي گادي نشيني
(204)
ذات نالو آيو، پوک جا لهي ويا.
ذات= پير. نالو= پاڳارو. پوک جا= لوڙها.
پير پاڳارو آيو، لوڙها لهي ويا. |