باب اوڻيهون
مجازي ڳجهارتون
(2392)
پکين کان وڌ منهنجا پرين، نالا نانءَ سندن.
پکي= وِڄـُـو> وِڄن. نالو= ڀنڀو. نانءُ=
ڀـِـرُو> ڀـِـرُون.
وِڄن کان وَڌ منهنجا پرين، ڀـَـنڀـَـا ڀـِـرُون
سندن.
(2393)
پنهنجو شهر ڏسي، مـِـرون ذات ٿيام.
پنهنجو= سـُـهڻو> سـُـهڻي. شهر= سورت> صورت.
مـِـرون= چـِـيتو> چيتا. ذات= گـُـمڻائي> گـُـم.
سهڻي صورت ڏسي، چيتا گم ٿيام.
(2394)
نالي سهڻا سپرين، رڇ نه تن جو ڪو.
نالو= صورت. رڇ= مـَـٽُ.
صورت سهڻا سپرين، مـَـٽُ نه تن جو ڪو.
(2395)
وکر ذات جن، منهنجو نرناءُ به تن سان.
وکر= سـُـرمو. ذات= پائتا> پاتا. نرنانءُ=
حسڻ> هسڻ.
سرما پاتا جن، منهنجو هـَـسڻ به تن سان.
(2396)
جڏهن سج ڏٺم سپرين، تڏهن عضوو وڻ ٿيو.
سج(جي) = مـُـرڪَ(باک)> مرڪندي. عضوو=
جـُـثو. وڻ= جاءِ (گل).
جڏهن مـُـرڪندي ڏٺم سپرين، تڏهن جثو جاءِ ٿيو.
(2397)
آءُ ميان، تنهنجي نرنائن، مون کي نرنانءُ ڪيو.
نرنان= کـِـلڻ. نرنان= ٽـِـلڻ. نرنان= خوشحال.
آءُ ميان، تنهنجي کلڻ ۽ ٽلڻ مون کي خوشحال ڪيو.
(2398)
پرين اڳئي ننڊ جا، ٻيا ڪپڙ جا ڍڪيائون،
پاهڻ پائي عضوي ۾، ڪپڙ جون ڪڍيائون،
اُنهن کي آءٌ، نرنانءُ چوندياس.
ننڊ جا= سـُـهڻا. ڪپڙ جا= کـُـهنبا. پاهڻ=
سـُـرمو.
عضوو= اکيون.ڪپڙ جون= پـَـٽيون. نرنانءُ= مبارڪ.
پرين اڳئي سـُـهڻا، ٻيا کـُـهنبا ڍڪيائون،
سرمو پائي اکين ۾، پٽيون ڪڍيائون،
اُنهن کي آءٌ، مبارڪ چوندياس.
(2399)
وڻ پائي رڇ ۾ سـُـٽ جون کنيائون ساڻ.
وڻ= ميندي. رڇ= وٽو. سٽ جون= سڳيون.
ميندي پائي وٽي ۾، سڳيون کنيائون ساڻ.
(2400)
پکي پوک مال جا ٻڌل، مون وڻ جن ۾ ڏٺا.
پکي= باز> بازو. پوک جا= بـَـند. مال جا= ٻڌل.
وڻ جا= ڏؤنرا> ڏورا.
بازوبند ٻڌل، مون ڏورن ۾ ڏٺا.
(2401)
نالي اڳيان ناريون، مرجان راند جا ڪن.
نالو= دلبر. نالو= دادلي> دادليون. راند جا= ماڻا.
دلبر اڳيان دادليون، مرجان ماڻا ڪن.
(2402)
نالو ڇڏ منهنجا پرين، نالو مون سان ڪر.
نالو= ساماڻو> ماڻو. نالو= محبت.
ماڻو ڇڏ منهنجا پرين، محبت مون سان ڪر.
(2403)
نرنانءُ، ٻولي ڏي ته ڪريون واپار مٽيءَ جو.
نرنانءُ= جاني. ٻولي= جيءُ. واپار= سودو.
مٽيءَ جي= سـِـرَ.
جاني، جيءُ ڏي ته ڪريون سودو سـِـر جو.
(2404)
وڻئي نالو ڪر، وڻئي وکر ڪر.
نالو= قبول. وکر= ڪتل> قتل.
وڻئي قبول ڪر، وڻئي قتل ڪر.
(2405)
نالي چيو نالي کي ته شهر جي آڻي ڏي.
نالو= معشوق. نالو= عاشق. شهر جي= سوکڙي.
معشوق چيو عاشق کي ته سوکڙي آڻي ڏي.
(2406)
نالو ڪريان ڇو نه، پر اُٺَ جا سهن ڪين ٿا.
نالو= محبت. اُٺَ جا= ڏاوڻ> ڏائڻ.
محبت ڪريان ڇو نه، پر ڏائڻ سهن ڪين ٿا.
(2407)
پاڻي ٿي آءُ، نرنالو، منهنجا پرين.
پاڻي= پڌرو. نر نالو= مـَـلڪ> مَ + لـِـڪ.
پڌرو ٿي آءُ، مَ لـِـڪ منهنجا پرين.
(2408)
لوهه جا منهنجا پرين، لوهه جيئن تون ڳالهاءِ،
اسان ٻنهي وچ ۾، گاهه جو بيٺو آهه.
لوهه جا= ڀورا. لوهه جي= ڳـُـجهه> ڳجهو.
گاهه جو= اوکر> اُو+ کـَـرُ.
ڀورا منهنجا پرين، ڳجهوتون ڳالهاءِ،
اسان ٻنهي وچ ۾، اُو کـَـرُ بيٺو آهه.
(2409)
لوهه جا منهنجا پرين، تون ڳهه ٿي آءُ، اڳيئون
گاهه جا وڏا.
لوهه حـّـــو= ڀـــورڙو (ننڍڙي چـَـڙي)>
ڀــــورڙا.
ڳهه جي= لـُـڪڙي> لـِـڪي.گاهه جا=کرا>کـَـرَ.
ڀورڙا منهنجا پرين، تون لڪي آءُ، اڳيئون ٿي کـَـرَ
وڏا.
(2410)
وڻ جاون، پنهنجا آون، ذاتيون کاوَن، ايڏا نالي
جا نرنانءَ ميان!
وڻ= جاکر> کر. پنهنجا= پرين. ذات= کلڻ>
کليو. نالو= آگو، آگي. نرنانءُ= احسان.
کـَـرَ جاون، پرين آون،کليوکاوَن، ايڏا آگي جا
احسان ميان!
(2411)
ڪاٺ ڪاٺ جون ڳالهڙيون، پون نه مال جن،
اسان ۽ پرين، کڻي شهر ڦٽو ڪيو.
ڪاٺ جي=ڳجهه. ڪاٺ(جا) = دَر> اندر. مال
جون= ٻيڪون> ٻئي+ ڪـَـنُ. شهر= گڏيجي
(تعلقو گنمبٽ) گڏي+ جيءُ.
ڳجهه اندر جون ڳالهڙيون، پون نه ٻئي ڪـَـن،
اسان ۽ پرين، گڏي جيءُ ڦٽو ڪيو.
(2412)
اوري آءُ مَ منهنجا نالا، متان گاهه ڪنئي.
نالو= پرين. گاهه= ڪوتڪ> ڪو+ تـَـڪَ.
اوري آءُ مَ منهنجا پرين، متان ڪو تـَـڪ ڪنئي.
(2413)
پکي نه ٿيءُ، ڪاٺيءَ نه آءُ، متان ماڻهو مـِـرون
ڪنئي.
پکي= چـِـٻ. ڪاٺيءَ جو= هـَـرُ> هرهر. مـِـرون=
سـَـهو> سهي.
چـِـٻ نه ٿيءُ، هرهر نه آءُ، متان ماڻهو سهي ڪنئي.
(2414)
ڪاٺئين ايندي سان، ڪاٺئين ويندي سانِ،
ڪاٺين سنديون ڳالهڙيون، ڪاٺئين ڪندي سانِ.
ڪاٺيءَ جي= ڳـُـجهه(اَرٽيءَ جي چـَـپر).
ڳـُـجهين ايندي سان، ڳجهين ويندي سانِ،
ڳجهن سنديون ڳالهڙيون، ڳجهين ڪندي سانِ.
(2415)
مـُـئا مـِـرُون، حاڪم جو ٿينئي، وڻ ڇڏ ته پوک
ملون.
مـِـرون= ڪتو. حاڪم جو= خط> کـَـتُ (مرض).
وڻ= بـَـهڻ. پوک= ساٿر> ساعت.
مـُـئا ڪتا، کـَـتُ ٿينئي، بـَـهڻ ڇڏ ته ڪا ساعت
مـِـلون.
(2416)
مان ته فقير تنهنجو، پوک جون نه ڪر مون سان.
فقير= عاشق. پوک جون= گهـُـنڊيون.
مان ته عاشق تنهنجو، تون گهـُـنڊيون نه ڪر مون
سان.
(2417)
ڪاٺ جن ۾ هئين منهنجا پرين! تڏهن جر جون
وڌيون
مون،
جڏهن وڏو ٿيو آهين، تڏهن ٿو مال جا ڪرين.
ڪاٺ جا= پينگها. جر جا= اَکا> اکيون.
مال جا= گوشا.
پينگهن ۾ هئين منهنجا پرين، تڏهن اکيون اَڙايون
مون،
جڏهن وڏو ٿيو آهين، تڏهن ٿو گوشا ڪرين.
(2418)
وڻ وسين منهنجا پرين، اجهي ڇو نه اچين،
ڪپڙي اندر تو ڳالهڙي، سا مائٽين ڇو نه ڪرين.
وڻ= توت> تون+تن. اجهو= پيهي. ڪپڙي
(جو) = جامون> جا+ من. مائٽ= مامون>
مان+ من.
تون تن وسين منهنجا پرين، پيهي ڇو نه اچين،
جا من اندر تو ڳالهڙي، سا مان من ڇو نه ڪرين.
(2419)
زحمت ويڙهيا سپرين، زحمت ڏسڻ نه ڏينِ،
الله ائين ڪرينِ، جو سدا هونِ زحمت ۾.
زحمت= بگ. زحمت= رتي. زحمت= محلو> محل.
بگ ويڙهيا سپرين، رتي ڏسڻ نه ڏينِ،
الله ائين ڪرين، جو سدا هونِ محلن ۾.
(2420)
شهر به لڳم جن سان، فقير جا به ڪندين تن کي،
نالو هوندو نصيب ۾، ته شهر جو به ٿيندو تن سان.
شهر= دِلي> دل. فقير جا= سوال. نالو= لکيو.
شهر جو= ميلو.
دل به لڳيم جن سان، سوال به ڪنديس تن کي،
لکيو هوندو نصيب ۾، ته ميلو به ٿيندو تن سان.
(2421)
چل ڙي ٻيڙيءَ وارا، وڃي شهر خبر ڏي،
پوک ته پوکيم جن ڪاڻ، موليٰ ميلي سي.
ٻيڙيءَ وارا= ساڱاهيا. شهر= منجهئون. پوک=
ڪاسني> ڪي+ سنه.
چل ڙي ساڱاهيا، وڃي مجهئون خبر ڏي،
ڪي سنه ڪاٽيم جن ڪاڻ، موليٰ ميلي سي.
(2422)
پوک ڪاٺ تي، جي ڪامڻ آهه ته نرنانءُ به ٿيندو،
نه ته شهر ڙي.
پوک جي= رَکَ. ڪاٺ= لاهه> الله. ڪامڻ=
حياتان> حياتي. نرنانءُ= مولو> ميلو. شهر=
ڀاڳناڙي> ڀاڳ.
رک الله تي، جي حياتي آهه ته ميلو به ٿيندو، نه ته
ڀاڳ ڙي.
(2423)
ذات لڳي جن، پکيءَ جو تن ڦٽو ڪيو.
ذات= جوکيا> جوکو. پکيءَ جو= ڦيرو.
جوکو لڳو جن، ڦيرو تن ڦٽو ڪيو.
(2424)
نرنانءَ ماڻهو ڏيهه ۾، آءٌ نرنانءُ ڪونه ڏسان،
نرنانءُ آهيم ڪونڪو، جنهن کي سـُـٽ هٽ جا ڏيان،
هاڻي ڪيئن ڪريان، جو مون جي پـَـٽَ پري ٿيا.
نرنانءُ = دشمن. نرنان= سڄڻ. نرنان= محرم.
سـُـٽ جا= ڏورا. هٽ جا= پاءَ. پـَـٽَ جي=وَسَ.
دشمن ماڻهو ڏيهه ۾، آءٌ سڄڻ ڪونه ڏسان،
محرم آهيم ڪونڪو، جنهن کي ڏوراپا ڏيان،
هاڻي ڪيئن ڪريان، جو مون بيوس کان پري ٿيا.
(2425)
شهر سڄوئي لوهه، نرنانءُ ٺهي ئي ڪونه.
لوهه= مارو. نرنان= سڄڻ.
شهر سڄوئي مارو، سڄڻ ٺهي ئي ڪونه.
(2426)
ڪنڊ وڻ ۾ منهنجا پرين، وڃي وڻ جا ڪياسون،
شهر جن ۾ وڃي، رپي جا ڪياسون،
جڏهن مال جا ماڻهو پيدا ٿيا، تڏهن کڻي ڏڌ جا
ڇڏياسون.
ڪنڊ وڻ جا= پور. وڻ جا= گوش> گوشا. شهر
جا= ماڙيون ۽ محل. رپي جي= پرک. مال جا=
کـُـرَ> کـَـرَ. ڏڌ جا= گهمرا.
پورن ۾ منهنجا پرين، وڃي گوشا ڪياسون،
ماڙين ۽ محلن ۾، پرين پرکياسون،
جڏهن کـَـرَ ماڻهو پيدا ٿيا، تڏهن کڻي گهمرا
ڇڏياسون.
(2427)
هي جي مـِـرون پيدا ٿيا، ته اَن جا ڇڏيا مون.
مـِـرون = ڪتو> ڪـُـتڙا. اَن جا= گهمرا.
هي جي ڪتڙا پيدا ٿيا، ته گهمرا ڇڏيا مون.
(2428)
جنهن کي ڳهه جي لڳل، سا ذاتيون ڇو نه ڪري.
ڳهه جي= لئون. ذات= گهمراڻي> گهمرا.
جنهن کي لئون لڳل، سا گهمرا ڇو نه ڪري.
(2429)
اسان وٽ لوهه جي گهڻي، توهان وٽ کٽولي
جي ڪانه.
لوهه جي= ڪـِـير> اُڪير. کٽولي جي= تانگهه.
اسان وٽ اُڪير گهڻي، توهان وٽ تانگهه(ئي) ڪانه.
(2430)
لوهه نالي جي هنيئي، لوهه جي مون کي ناهه.
لوهه جي= ميخ. نالو= محبت. لوهه جي=
چـَـينَ> چـَـينُ.
ميخ محبت جي هنيئي، چـَـينُ مون کي ناهه.
(2431)
نالي کي نالو ڳري، سو پڻ نالو ڙي.
نالو= دانهه. نالو= ديوانو. نالو= عشق.
دانهه کي ديوانو ڪري، سو پڻ عشق ڙي.
(2432)
گاهه ڏني نرنانءُ ملي، ته مان نالو ٿيان.
گاهه= سـَـرُ> سـِـرُ. نرنانءُ= ساجن. نالو=
قربان.
سـِـر ڏني ساجن ملي، ته مان قربان ٿيان.
(2433)
مـِـٽي ڏني نرنانءُ ملي، ته ليکي عضوي ڏئي.
مٽيءَ جي= سـِـرَ> سـِـرُ. نرنانءُ= ساجن. ليکو=
ڏون> ڏونهين. عضوو= هٿ> هٿين.
سـِـر ڏني ساجن ملي ته ڏونهين هٿين ڏي.
(2434)
اي ميان ذات! هن مٽيءَ جي کي ڪا ڪاٺي ڇڏين ها،
ته جر جي ۾ پيو ڏسان ها.
ذات= اوڏ. مٽيءَ جي= ماڙي. ڪاٺي= دري.
جرجي= گهڙي. ذات= معشوق.
اي ميان اوڏ! هن ماڙيءَ کي ڪا دري ڇڏين ها،
ته آءٌ گهڙي گهڙي پيو ڏسان ها.
(2435)
ذات سان نالو سڳو، تيلانهه سڏ مرض جو ٿيو.
ذات= رازا> رضا. نالو= رمضو> رمزون. سڏ=
جيءُ. مرض جو= جڏو.
رضا سان رمزون لڳيون، تيلانهه جيءُ جڏو ٿيو.
(2436)
ڇڏ حاڪيماڻيون، ڪر کاڄ جون، ذات ٿينداسون.
حاڪيماڻيون= ڏاڍايون. کاڄ= مــٺايون. ذات= مـَـري.
ڇڏ ڏاڍايون، ڪر مـِـٺايون، مري وينداسون.
(2437)
نالي وارا هئاسون، رڇ نه ٿياسون،
ڪاٺ جن ۾ پئي، ذات وينداسون.
نالو= اُميدو> اُميدن. رڇ= گڏُون> گڏ.
ڪاٺ جو= ڦوڙائو. ذات= مـَـري.
اُميدن وارا هئاسون، گڏ نه ٿياسون،
ڦوڙائي ۾ پئي مري وينداسون.
(2438)
نالي ماريس، نالو آهي، نالو کي ٿو نالو ني.
نالو= محبت. نالو= صحبت. نالو= سڪندر>
سـِـڪ+ اندر. نالو= ساٿي> سا+ ٿي.
محبت ماريس، صحبت آهي، سڪ اندر جي، سا ٿي ني.
(2439)
نالو ويٺي نهاريان، نالي ماري آهيان.
نالي= واٽو> واٽـُـون. نالو= محبت.
واٽون ويٺي نهاريان، محبت ماري آهيان.
(2440)
زمين جيئڏ ۾، شهر ئون آيو ٿي سپرين!
زمين جي= ڳجهه. جيئڏ= ڳوهه. شهر= مڏئي>
مان+ ڏي.
ڳجهه ڳوهه ۾ مان ڏي آيو ٿي سـُـپرين!
(2441)
اڳي ته منهنجو نالو هئين، هاڻي گاهه ئون وئين.
نالو= جاني. گاهه جو= پـُـڇـَـڙُ> پـُـڇڻ.
اڳي ته منهنجو جاني هئين، هاڻي پـُـڇڻئون وئين.
(2442)
رڇ نه وجهه منهنجا پرين، پوک جي ٿي ٿيان،
ڪونهي شهر نالي، جنهن عضوي هٽ جا ڏيان.
رڇ = گهڙي. پوک جي= چـَـري. شهر= هالا> حال.
نالو= محرم. عضوو= هٿ. هٽ جا= پاءَ> نياپا.
گهڙيون نه وجهه منهنجا پرين، چري ٿي ٿيان،
ڪونهي حال محرم ڪو، جنهن هٿ نياپا ڏيان.
(2443)
نالي منجهه هياس، ته به عضوي ۾ پنهنجي هئي.
نالو= سقراط> سڪرات. عضوو= تن. پنهنجي= تات.
سڪرات منجهه هياس، ته به تنهنجي تن ۾ تات هئي.
(2444)
ڏينهن جي توکان جرجي، ملڪ نه ٿي ننڊ جا پرين!
ڏينهن جي= گهڙي. جر جي= ڌار. ملڪ= سـِـرو=
سـَـري. ننڊ جا= سهڻا.
گهڙي توکان ڌار، سـَـري نه ٿي سهڻا پرين!
(2445)
مڻيي جون ٻـُـڌي آءٌ اَن جا گهوريندياس.
مڻيي جون= وايون. اَن جا= جيءَ.
وايون ٻـُـڌي آءٌ جيءُ گهوريندياس.
(2446)
ڪاٺي لائين ته مان ذات ئي تنهنجي.
ڪاٺيءَ(جو) = ڪـَـتب. ذات= گولا> گولي.
ڪتب لائين ته مان گولي ئي تنهنجي.
(2447)
پرين به ڪپڙو، مان به ڪپڙو، پر الله ڪپڙو
ڪونه ميان!
ڪپڙو= جوڙي.
پرين به جوڙي، مان به جوڙي، پر الله جوڙي
ڪانه ميان!
(2448)
جهـُـڙ جو ڪر نه سپرين، هي اَن جو ڏيندس تو.
جهـُـڙ جو= آگم> آءُ+ غم. اَن جو= جيءُ.
آءُ، غم ڪر نه سپرين، هيءُ جيءُ ڏيندس تو.
(2449)
محبوبن گندي هنئي، سا وڃي سڱيڻين پيئي،
نرنانءُ ٿيس ڪونڪو، پاڻان جر جي ٿي.
گندي= ڇـُـريل> ڇـُـري. سڱيڻين= ساهـُـرني> سا+
هـُـري. نرنانءُ= ڇـُـٽڻ. جر جي= چـِـڪ> چـِـڪي.
محبوبن ڇـُـري هنئي، سا هـُـري پيئي،
ڇٽڻ ٿيس ڪونڪو، پاڻان چـِـڪي پيئي.
(2450)
ذات منهنجي ڳهه مان سودي راند جي آهيان.
ذات= عامل> آءُ+ مل. ڳهه = والي. سودي جي=
ٻول. راند جي= ٻڌي.
آءُ مـِـل منهنجا والي، مان ٻولن ٻڌي آهيان.
(2451)
مان هيس ٻيڙيءَ جن ۾، تو ٿي مال جا ڪيا.
ٻيڙيءَ جا= پـُـور. مال جا= گهمرا.
مان هيس پورن ۾، تو ٿي گهمرا ڪيا.
(2452)
جي ڪاٺيءَ جو آڻين ها سپرين! توکي مرض جو
نه ڏيان ها.
ڪاٺيءَ جو= ميڙ. مرض= وارو> واري.
جي ميڙ آڻين ها سپرين! توکي واري نه ڏيان ها.
(2453)
نالو ڳهه جو جيڏيون، ته عورت ڇو نه ٿيان.
نالو= ساجن.ڳهه جو= رچ> سرچي. عورت= سـُـکي.
ساجن سرچي جيڏيون! ته سـُـکي ڇونه ٿيان.
(2454)
ڪيم راند جون ڪيتريون، نرنان عمر ساري،
آهيان ڏوهاري، نرنانءُ ته عضوو ٿيان.
راند جون= ڪچيون. نرنانءُ= سڄڻ. نرنانءُ=
تارو> تارئين. عضوو= تـِـري> تـَـري.
ڪيم ڪچيون ڪيتريون، سڄڻ! عمر ساري،
آهيان ڏوهاري، تارئين ته تـَـري پوان.
(2455)
وهٽ جي پڄئي ته نالو ڪجان،
نالو ڪري، راند جي ڪجان،
راند جي نه پڄئي ته پوءِ نالو نه ٻولجان.
وهٽ جي= وک. نالو=محبت. راند جي= توڙ.
نالو= ڪؤڙو> ڪـَـڙو.
وک پـُـڄئي ته محبت ڪجان،
محبت ڪري، توڙ ڪجان،
توڙ نه پڄئي ته پوءِ ڪڙو نه ٻولجان.
(2456)
آءُ ڙي نرنانءُ، ته ڪو نالو ڪريون،
متان نرنانءُ اچي، ڪو مال جو وِجهي.
نرنانءُ= ساجن. نالو= صحبت. نرنانءُ= موتي>
موت. مال جو= ڇؤڙو> وڇوڙو.
آءُ ڙي ساجن ته ڪا صحبت ڪريون،
متان موت اچي، ڪو وڇوڙو وِجهي.
(2457)
ڪاٺي ڪنهن جي نه پـُـڄي، پوک هر ڪنهن جي هو”،
راتو هن فقير جو، مـَـن پرينءَ کي پو”،
اسين سوداگر نه سـَـهون، اوهين نرنان ڪريو ڇو؟
ڪاٺيءَ جي= اِسي> اَس. پوک = پوري. رات=
قدر.فقيرجو=حال.سوداگرجي=ساعت.نرنان=آچار.
آس ڪنهن جي نه پـُـڄي پوري هر ڪنهن جي هو”،
قدر هن حال جو، من پرينءَ کي پو”،
اسين ساعت نه سهون، اوهين آچار ڪريو ڇو؟
(2458)
اک جو اڳي ويو، ويو هاڻ به اک سندو،
ننڊ جا نه ڪر حاڪيماڻي، تون نرنانءُ ٿيءُ نار،
رڇ ڪر نرنانءُ، تـَـڙ مٿي جو نام جو.
اک جو= حيا. اک سندو= شرم. ننڊ جا= سهڻا
(خواب). حاڪيماڻي= سختي. نرنانءُ= دلبر. نار=
نريمان> نرم. رڇ= ڪـَـرو> ڪري. نرنانءُ=
ڪـَـرم. تڙ جو= وارو. مٿي جو= وار. نام=
واصل> وصل.
حيا اڳيئي ويو، ويو هاڻي شرم،
سهڻا! نه ڪر سختي، تون دلبر ٿيءُ نـَـرم،
ڪري ڪو ڪرم، وارو وار وصل جو.
(2459)
رَسي جا ڪرين ها منهنجا پرين! سي تو نه ڪيا،
مال جا ڪرين ها منهنجا پرين! سي تو نه ڪيا،
لوهه جا ڏئين ها منهنجا پرين! سي تون ڏنا،
عضوي جا وجهين ها منهنجا پرين! جي تو نه وِڌا،
جڏهن تون ٿئين نرناءُ، تڏهن، آءُ ويس نارنانءُ.
رسي جا= ويچوا. مال جا= چــٽ لوهه جا= ڀالا>
اوڀالا. عضوي جا= ڀاڪر. نرنانءُ= ٿڌو.
نارنانءُ= بچي.
ويچوا (وِچوارو) ڪرين ها منهنجا پرين! سي تو نه
ڪيا،
چـِـٽ ڪرين ها منهنجا پرين! سي تو نه ڪيا،
اَوڀالا ڏئين ها منهنجا پرين! سي تو نه ڏنا،
ڀاڪر وجهين ها منهنجي پرين! سي تو نه وڌا،
جڏهن تون ٿئين ٿڌو، تڏهن آءٌ ويس بچي.
(2460)
نالن ۾ منهنجا پرين! پاڻي ٿياسون پاڻ،
عضون جون هاڻ، مون سان نه ڪر منهنجا پرين!
نالو= ٻڌُو> ٻـُـڌو. نالو= سوڍو> سـُـئو. پاڻي=
پڌرو. عضون جون= تريون> ايتريون.
”ٻـُـڌو سـُـئو“ ايتريون منهنجا پرين! پڌرا ٿياسون
پاڻ،
ايتريون هاڻ، مون سان نه ڪر منهنجا پرين!
(2461)
آيس وکر کڻي، مون کي وکر به نه چيائون،
مرونءَ جي من ڪري، شهرن جي ڏنائون،
مڇي پاڻيءَ جي مان سان نه ڪيائون،
انهيءَ کي آءٌ، ذات سـَـلي ڇا ڪريان.
وکر= وِهه> ويهڻ. وکر= وِهه. مرونءَ=
گورکر. شهرڻ= ڇني. مڇي(جي) = پـُـڇي
پاڻيءَ(جي) = ڪـَـرَ>ڪـَـلَ. ذات= سـُـورَ.
آيس ويهڻ، مون کي، ويهه به نه چيائون،
گورکرين! ڪـِـنِ ڪري ڇني ڇڏيائون،
پـُـڇي مان وٽان ڪـَـل به ڪانه لڌائون،
انهيءَ کي آءٌ، سورَ سلي ڇا ڪريان.
(2462)
کاڄ جو ڪنهن کي چوان، من ڪو پـِـير جو ٿئي.
کاڄ جو= ٻيرو> ٻيروئي> ٻيو+ روئي. پـِـيرجو= ميلو.
ٻيو روئي ڪنهن کي چوان، من ڪو ميلو ٿئي.
(2463)
مان سان محبوبن، ليکي هٿ جي ڪانه ڪئي.
ليکي جي= اَسي. هٿ جي= لـَـپَ> اصيلپ.
مان سان محبوبن، اصيلپ ڪانه ڪئي.
(2464)
پوک جي ڪري پرينءَ کي ٻـُـڌائي،
ته نارنانءُ وس اسان جي نه آهي،
اسان جو مال جو اوهان سان آهي.
پوک جي= ڪورڙ> ڪو+ رڙ. نارنانءُ= جيئڻ.
مال جو= آسابند.
ڪو رڙ ڪري پرينءَ کي ٻـُـڌائي،
ته جيئڻ وس اسان جي نه آهي،
اسان جو آسابند اوهان سان آهي.
(2465)
مهتي ڪريو مهتي ڪريان، مهتي ٿئي شال،
مهتي مون کان يار لهڻي، سا به ڏيان شال.
مهتي= آسي> آس. مهتي= اُميد. مهتي= پوري.
مهتي= پرتي> پـِـرت.
آس ڪريو اُميد ڪريان، پوري ٿئي شال!
پـِـرت مون کان يار لهڻي، سا به ڏيان شال!
(2466)
اسان کي کٽولي جي گهڻي، اوهان کي جنڊ جو ناهي،
پـِـيرن جو الائجي ڪڏهن ٿيندو!
کٽولي جي= تانگهه. جنڊ جو= ڪـِـرُ> اُڪير.
پـِــيرن جو= ميڙو.
اسان کي تانگهه گهڻي، اوهان کي اُڪير ناهي،
ميڙو ڪڏهن
ٿيندو!
(2467)
اَن جا پرين! آءٌ، تولاءِ اَن جي آهيان.
اَن جو= چونڊو> چونڊ> چونڊيل. اَن جي=
ڪـُـنڍي> ڪـُـنڊي> اُڪنـڊي.
چونڊيل پرين! آءٌ، تولاءِ اُڪنڊي آهيان.
(2468)
رَڇ نـَـيا منهنجاپرين تون ولاتئون وري آءُ،
ته تو مون وچانءِ، گاهه به وڃي نڪري.
رڇ= پارا. ولايت= ڪڇ. گاهه= سيءُ.
پارا(سيءُ) نـَـيا منهنجاپرين، تون ڪڇئون(ڪڇ ۾)
وري آءُ،
ته تو مون وچانءِ، سيءَ به وڃي نڪري.
(2469)
نالن جي وڻ خبر ڏي؟
نالو= مـِـٺو. نالو= ميوو. وڻ= ڪامونئي> ڪا+ مون.
مـِـٺن ميون جي ڪا مون خبر ڏي؟
(2470)
عورت ڏيو ڙي جيڏيون! ته ڪاريگر جي اچان.
عورت= متي> مت. ڪاريگر جي= آنٽ
(آن وٽ= اوهان وٽ).
(ڪا) مت ڏيو ڙي جيڏيون! ته اوهان وٽ اچان.
(2471)
ٻولي ڪري ٻولي ڪيائون، تن کي ڪهڙا
مال جا پيا.
ٻولي=ها. ٻولي= نه. مال جا= گهوڙا.
ها ڪري نه ڪيائون، تن کي ڪهڙا گهوڙا پيا؟
(2472)
پنهنجي ڪپڙي جا، تون ڪاٺ شهر ڪراءِ.
پنهنجي= دل. ڪپڙي جا= بـَـرَ. ڪاٺ جو= در.
شهر= سن.
دلبر! تون درسن ڪراءِ.
(2473)
مال جي ڏيکار، نه ته نرنانءُ ٿو ماري!
مال= مينهن> مـُـنهن. نرنانءُ= سڪندر>
سڪ+ اندر.
منهن ڏيکار، نه ته سڪ اندر جي ٿي ماري!
(2474)
ڇوڙ پوک دي، متان مين ذات ٿيوان.
پوک= تماڪ> طمع+ ڪـُـون. ذات= مـَـري> مـَـر.
ڇوڙ طمع ڪون، متان مين مر وڃان.
(2475)
اسين اوهان جي راڄ ۾، اچي لوهه جا ٿياسون،
ماڻهو اوهان جي راڄ جا، ٿا مال جون ڪن مون،
ائين ٿا چون ته تون جيئڏڙي جيڏيون.
لوهه جا= ڪڙا. مال جون= ويڙهون. جيئڏ=
مهو> مَ+ هو.
اسين توهان جي راڄ ۾، اچي ڪڙا ٿياسون،
ماڻهو اوهان جي راڄ جا ٿا ويڙهون ڪن مون،
ائين ٿا چون ته تون: مَ هو، ڙي جيڏيون!
(2476)
اڳي نالي ايندو هئين، هاڻي ته نالي ئي نٿو اچين،
متان ڪنهن نالي جهليو اٿئي.
نالو= اڱڻ. نالو= نظر. نالو= وارث.
اڳي اڱڻ ايندو هئين، هاڻي ته نظرئي نٿو اچين،
متان ڪنهن وارث جهليو اٿئي.
(2477)
تو ٿي ڍڳي جا ڪيا، تڏهن هتي حـُـقي جا گهڻا،
هاڻي تون وڃي پنهنجي ٿيءُ.
ڍڳي جا= ڦيرا. حـُـقي جا= چـُـغل. پنهنجي = جاءِ.
تو ٿي ڦيرا ڪيا، تڏهن هتي چـُـغل گهڻا،
هاڻي تون وڃي جاءِ ٿي.
(2478)
ڪپڙي ۾ ايندياس، ڪپڙي ۾ ويندياس،
ڪپڙي سنديون ڳالهڙيون، ڪپڙي سان ڪندياس.
ڪپڙو= گهونگهٽ.
گهونگهٽ ۾ ايندياس، گهونگهٽ ۾ ويندياس،
گهونگهٽ سنديون ڳالهڙيون، گهونگهٽ سان ڪندياس.
(2479)
پوک ڪکن جي آءُ منهنجا پرين، هو ٿا مال جا ڪن.
پوک= تـِـرَ> تـَـر. ڪکن جي= رسي. مال جا= وڳ.
ترسي آءُ منهنجا پرين، هو ٿا وَڳَ ڪن.
(2480)
عورت ڪر منهنجا نرنان، شهر ئون پنهنجي
ڏيندي سئين.
عورت(جو) صبر. نرنان= مٺو. شهر= دلي.
پنهنجي= ڳراٽي.
صبر ڪر منهنجا مٺا، دليئون ڳراٽي ڏيندي سئين.
(2481)
زحمت جانور جي، مـُـڪائون مان ڏي،
تڙن جون رڇن تي، اچان ڪيئن آن ڏي.
جانور جي زحمت= کت> خطه. تڙن جون= چؤنڪيون.
رڇ= در> درن.
خط مـُـڪائون مان ڏي، چؤنڪيون درن تي،
اچان ڪيئن آن ڏي.
(2482)
نالي وارا، نالو اٿئي، هن نالي جي پارت اَٿئي.
نالو= بـُـولو. نالو= جانـُـو> جانو. نالو= غلام.
بـُـولي وارا، جانو اٿئي، هن غلام جي پارت اٿئي.
(2483)
نالي منجهه هياس ته به تنهنجي عضوي ۾ پنهنجي هئي.
نالو= سقراط> سڪرات. عضوو= تن. پنهنجي= تات.
سڪرات منجهه هياس ته به تنهنجي تـَـن ۾ تات هئي.
(2484)
سازين لوهه لڳو، نرنانءُ ڏيندس تن کي.
ساز= دِلو> دِليئون. لوهه(جو) = پيچ. نرنانءُ=
محبت.
دليئون پيچ لڳو، محبت ڏيندس تن کي.
(2485)
نالي واراهئاسي، رڇ نه ٿياسي، انهن نالن ۾ ذات
ٿينداسي.
نالو= اُميدو. رڇ=گڏون> گڏ. نالو= اميدو.
ذات= مري.
اميدن وارا هئاسي،گڏ نه ٿياسي،انهن اُميدن ۾ مري
وينداسي.
(2486)
رڇ مَ کڻ منهنجا پرين! آءٌ ٿي رڇ ٿيان،
هي شهر نرنانءُ جو ناهي، هٽ جا ڪنهن کي ڏيان؟
هاڻي ڪيئن ڪريان، جو پـَـٽ وارئون پري ٿيا.
رڇ= دِلي> دل. رڇ= چروڙي> چري ڙي.
شهر= هالا> حال. نرنانءُ= محرم. هٽ جا=
وٽ> انت. پٽ واريون=وَسيون.
دل مَ کڻ منهنجا پرين، آءٌ ٿي چري ڙي ٿيان،
هي حال محرم ناهي، اَنت ڪنهن کي ڏيان؟
هاڻي ڪيئن ڪريان، جو وسئون پري ٿيا.
(2487)
مرض نه آيو تن، مٽيءَ جي لڌائون ڪانه.
مرض ڇـِـڪي. مٽيءَ جي= واري> پوئواري.
ڇـِـڪي نه آئي تن، پوئواري لڌائون ڪانه.
(2488)
حـُـب جو ڪري نالو ٿي،
نرنانءُ جي گهوڙي ۾، ته نالو سڏجين.
حـُـب= قرب. نالو= قربان. نرنانءُ= معشوق.
گهوڙي جو= ميدان. نالو= عاشق.
قرب ڪري قربان ٿي، ته معشوق جي ميدان ۾
عاشق سڏجين.
(2489)
مر ته جهنگ جا مون ڏين، ڪوڏي ٿيان مان نه تن سان.
جهنگ جا= مـِـرون> مارون. ڪوڏي= سچلي> سچي.
مر ته مارو مون ڏين، سچي نه ٿيان مان تن سان.
(2490)
اي مئا مـِـرون! حاڪم جي ٿئيئي، وڻ ڇڏيو ته پوک
مـِـلون.
مـِـرُون= ڪتا. حاڪم(جو) = خط> کـَـتُ(مرض).
وڻ= بـَـهـَـڻ. پوک= ساٿر> ساٿ> ساعت.
اي مئا ڪتا! کـَـتُ ٿئيئي، بهڻ ڇڏ ته ڪا ساعت
ملون.
(2491)
نالو پائي عضوي ۾ بيٺا نالو ڪن،
آءٌ به نالو تن جو، جي مون کي نالو ڪن.
نالو= بولو. عضوو= نڪ. نالو= سلام. نالو= غلام.
نالو= قبول.
بولو پائي نڪ ۾، بيٺا سلام ڪن،
آءٌ به غلام تن جو، جي مون کي قبول ڪن.
(2492)
نرنانءُ عضوو جيت ڙي!
نرنان= مـِـٺو> مـِـٺا. عضوو= اک. جيت= کڻ(بلا).
مـِـٺا، اک کڻ ڙي!
(2493)
پوک پڪي ٿي، تون وڃي ڪاٺي ٿيءُ.
پوک= ڦـُـٽي(وونئڻ). ڪاٺي= طاقي.
پرهه ڦٽي ٿي، تون وڃي اوطاقي ٿي.
(2494)
وڻ جي وڻ ٿياس، پر هن گاهه ئي ڪونه ڪيو.
وڻ جي= ڳـَـرِ> ڳري. وڻ= ڪنڊو> ڪنڊا.
گاهه= ڪـَـل.
ڳري ڪنڊا ٿياس، پر هن ڪـَـل ئي ڪانه لڌي.
(2495)
کاڄ جو ڪنهن کي چوان، من ڪو پـِـير جو ٿئي.
کاڄ جو= ٻيرو> ٻيو+ روئي. پـِـير جو= ميلو.
ٻيو روئي ڪنهن کي چوان، من ڪو ميلو ٿئي.
(2496)
نالي ٿي ڏسان، پر نالي اَچن ئي ڪين.
نالو= پيروز> پـَـئي روز. نالو= موندر> مون در.
پئي روز ڏسان، پر مون در اچن ئي ڪين.
(2497)
اَن جي ٿي کـِـيان، عورت مان ٿيان،
منهنجا ڙي ميان! پوءِ مٽيءَ جي ڪانه ڪيان.
اَن جي= ٻـُـڪي> ٻڪيون. عورت= چڱي. مٽيءَ
جي= واري.
ٻـُـڪيون ٿي کـِـيان، چڱي مان ٿيان،
منهنجا ڙي ميان! پوئواري ڪانه ڪيان.
(2498)
جنڊ ئون ٻيڙيءَ جا، مان سان شال نه ڪن،
جن سان شهر لڳن، سي مـَـر ذات هجن.
چنڊ جا= جهيڙا(گـُـڙڪا). ٻيڙيءَ جا= جهوٽا> جهٽا.
شهر= دلـِـي(دهلي)> دليون. ذات= اوڏ> اوڏڙا.
جهيڙا ۽ جهٽا، مان سان شال نه ڪن،
جن سان دليون لڳن، سي مر اوڏڙا هجن.
(2499)
اکرين آءٌ ٿي ساريان، اکرين تون پڻ سار،
اوزارين چڱي پوئي، ته جر جون ڳالهيون پار،
نالو ٿئي قرار، جي ڏينهن جي ملين سپرين!
اکر= جيم ۽ ميم> جيئن+ من. اکر= تي
ميم> تيئن+ من. اوزارن= ڪاتن> ڪا+ تن.
جرجن= سيمن> سي+ من. نالو= هيمن>
هيءُ+ من. ڏينهن جي= ساعت.
جيئن من آءٌ ٿي ساريان، تيئن من تون پڻ سار،
ڪا تن چڱي پوئي، ته سي مـَـن ڳالهيون پار،
هيءُ من ٿئي قرار، جي ساعت ملين سپرين!
(2500)
ڪو وهٽ جي هوءِ، ته پنهنجي ڪپڙي جي
ٿئي ڪانه.
وهٽ جي= ٽورَ> ٽورڻ. پنهنجي= پريت. ڪپڙي
جي= پـُـراڻي.
ڪو ٽورڻ وارو هوءِ، ته پريت پراڻي ٿئي ڪانه.
(2501)
جتي پاڻيءَ جون هجن، اتي اَن جون ٿين ئي ڪين.
پاڻيءَ جون= دِليون. اَن جون= پـَـليون.
جتي دليون هجن، اتي پليون ٿين ئي ڪين.
(2502)
ڪپڙي دل محبوب سان، اَن جي رهندي ڪيئن؟
ڪپڙو= رَلي. اَن جي= پـَـلي.
رَلي دل محبوب سان، پـَـلي رهندي ڪيئن؟
(2503)
پاڻي جون، راند جون، پوک جون رهن نه مون.
پاڻي جون= دليون. راند جون= اَڙيون. پوک
جون= پليون.
هي دليون اَڙيون، پليون رهن نه مون.
(2504)
اي نرنان، کول ٻار جي، پرين من ذات تي اچن؟
نرنان= ٻانڀڻ. ٻار جي= پوتي> پوٿي. ذات= چنڊ.
اي ٻانڀڻ، کول پوٿي، پرين من چنڊ تي اچن؟
(2505)
نالي ڏاند ملئي، ته اَن جون آڻجان.
ڏاند نالو= سنيهو. اَن جون= ساريون> ساري.
سنيهو ملئي ته ساري آڻجان.
(2506)
پکي ڪا ٻولي ڪر، مون کي وڻ وري ويا.
پکي=ڪانگ> ڪانگا. ٻولي+ لات. وڻ=
ڪيسن> ڪي+ سنه.
ڪانگا ڪا لات ڪر، مون کي ڪي سنه ٿي ويا.
(2507)
ڳهه جي ڪاٺ جو، ته منهنجو نرنانءُ اچي.
ڳهه جي= لئون> لنؤ. ڪاٺ جو= ڪانءُ(مالهه کي
ڍينگي ڏانهن سـِـري اچڻ کان روڪيندو آهي).
نرنانءُ= سڄڻ.
لنوءُ ڪانءُ، ته منهنجو سڄڻ اچي.
(2508)
تڙ جي لڳين جو مرد نه مڪائون،
تنين کي آءٌ ڳهه ٿي آيس.
تڙ جي= ڪيهي. مرد= سلام. ڳهه= ڪـَـڙي.
ڪهڙي لڳين جو سلام نه مڪائون،
تنين کي آءٌ، ڪـَـڙي ٿي آيس.
(2509)
پوک جو رکيم، لوهه جو ٿي پيو،
نارنانءُ ڇا ڪريان، پنڌ جو ٿي پيو.
پوک جو= سـَـنگ> سـُـنگ(سنگت). لوهه جو=
ڪـَـڙو> ڪـُـوڙو. نارنانءُ= حليمان> هلي+ مان.
پنڌ جو= پري.
سـُـنگ رکيم ڪوڙو ٿي پيو،
هلي مان ڇا ڪريان، پري ٿي پيو.
(2510)
نالو نالو، نالو ڙي!
نالو= جاني، نالو= موسو> مون+ سـُـئو(ٻـُـڌو).
جاني آيو، مون سـُـئو ڙي!
(2511)
نالا آيا نالن وٽ، ڪي وکر جون وٺڻ.
نالو= ڀؤنر. نالو= گـُـل. وکر جون= واسنايون.
ڀؤنر آيا گلن وٽ، ڪي واسنايون وٺڻ.
(2512)
ڪاٺ جو نرنانءُ، پر تنهنجي ڪيئن پوک جي؟
ڪاٺ جو= سـَـلُ. نرنانءُ= سڄڻ. پوک جي=
سـُـري> سـَـري؟
سـَـل سڄڻ، تنهنجي ڪيئن سـَـري؟
(2513)
تنهنجا مرون ته مان پوک ۾ ڏٺا، مون کي ڏاڍا
رڇ جا لڳا.
مرون= ڇلو> چلڙا. پوک= ٻيجو> ٻيءَ+ جا”.
رڇ جا= وٽا> ڪس وٽا.
تنهنجا ڇلڙا مان ٻيءَ جاءِ ڏٺا،مون کي ڏاڍا ڪس وٽا
لڳا.
(2514)
مرون محبوبن جا، مون کي راڳ زحمت هئا.
مرون= ڇل> ڇـَـلا. راڳ= آسا. زحمت= بند.
ڇلا محبوبن جا، مون کي آسا بند هئا.
(2515)
جيڪو نالو نالي تي رکي، اهو نالو ئي ناهه.
نالو= بيگن> بيگنا> بي+گناهه. نالو= ايوب>
عيب. نالو= سڄڻ.
جيڪو بي گناهه عيب رکي، اهو سڄڻ ئي ناهه.
(2516)
ڪپڙي ۽ مال پوک جي اٿئي، تڏهن ڪا رڇ ترس.
ڪپڙي جي= بـُـوند. مال جي= بري> برهه.
رڇ= گهـَـڙي.
بوند برهه جي لائي اٿئي، تڏهن ڪا گهڙي ترس.
(2517)
گاهه ويٺا سپرين، مال جون ڏيئي،
انهن وٽ ويهي، پوکون پوکيان ڪهڙيون!
گاهه= ڪتڻ. مال جون= پٺيون. پوکون= اورون.
ڪتڻ ويٺا سپرين، پـُـٺيون ڏيئي،
انهن وٽ ويهي، اورون اوريان ڪهڙيون!
(2518)
جتي سج مرد جي نه آهي، اُت منڊيءَ جي
ڇا ڪريان؟
سج جي= اڳين. مرد جي= محبت. منڊيءَ جي=
ٽـِـڪ> ٽـِـڪي.
جتي اڳين محبت نه آهي، اُت ٽـِـڪي ڇا ڪريان؟
(2519)
جڏهن تو ۾ نالو ئي نه، پوءِ مان اَن جي ڇا ڪريان.
نالو= پيارو> پيار. اَن جي= رانهي> رَهي.
جڏهن تو ۾ پيار ئي نه، پوءِ مان رهي ڇا ڪريان.
(2520)
پهڻ جي ڪر منهنجا پرين، جنهن ۾ پنهنجو رهي.
پهڻ جي= سڪر> سا+ ڪر. پنهنجو= پڙدو.
سا ڪر منهنجا پرين، جنهن ۾ پڙدو رهي.
(2521)
سڄڻ ٿا پکي ڪن، هلو ته جر وڻ جي ڪريون.
پکي= سانباهو. جر جي= موڪ. وڻ= لاڻي.
سڄڻ ٿا سانباهو ڪن، هلو ته موڪلاڻي ڪريون.
(2522)
ڪک ڏسيو اُن جا، مون کي پاڻي جا جهـَـل نه ڏين.
ڪکن(جو) وڃڻو> وڃڻ. پاڻيءَ جا= لڙڪ.
وڃڻ ڏسيو اُن جا، مون کي لڙڪ جهل نه ڏين.
(2523)
مرض ڪيئي جي سپرين، سي تون وکر وڃ.
مرض= قول. وکر= پارو> پاري.
قول ڪيئي جي سپرين، سي تون پاري وڃ.
(2524)
مرض ڏيئي، پوءِ وڃي پوک جي ڪيئي.
مرض= قول. پوک جي= ڪچي.
قول ڏيئي، پوءِ وڃي ڪچي ڪيئي.
(2525)
ٻه نالا هـُـونِ ته ڪاٺي ٿئي ڪانه.
ٻه نالا= ساهو> سـَـهـُـو، ۽ سڄڻ. ڪاٺي= ڪچي.
سـَـهـُـو سڄڻ هـُـونِ ته ڪچي ٿئي ڪانه.
(2526)
مـِـٽيءَ جا جبل تان پکي ٿيو ٿي ويا.
مٽيءَ جا= ڳوڙها. جبل= ڳل> ڳلن. پکي= وهيو.
ڳوڙها ڳلن تان وهيو ٿي ويا.
(2527)
پنهنجن منهنجي عضوي تي آهي شهر مال جو ڪيو.
پنهنجا= درد. عضوو= دل. شهر= ديرو. مال
جو= مچڻ> مچايو.
دردن منهنجيءَ دل تي آهي ديرو مچايو.
(2528)
اهڙي نرنانءُ کان، ڪکن جا ڀـَـلا هئاسون.
نرنانءُ= جيئو> جيئڻ. ڪکن جا= مـُـوئا> مـُـئا.
اهڙي جيئڻ کان، مـُـئا ڀـَـلا هئاسون.
(2529)
وکر ڪيم وسار، ٿي ڪاٺي نرنانءُ لاءِ.
وکر= وِهُ> ويهي. ڪاٺي(جو) = ارو> روءُ.
نرنانءُ= پرين.
ويهي ڪيم وسار، پيئي روءِ پرينءَ لاءِ.
(2530)
نالي هندو هـُـونِ، ڏي ڳهه ذات تنهين کي.
نالو= سڄڻ. هندو= ساڌو. ڳهه جي= ڇاپ.
ذات= چارڻ.
سڄڻ ساڌو هـُـونِ، ڇا پچارڻ تنهين کي.
(2531)
مڇي نه نرنان، گاهه نه منهنجا پرين.
مڇي= سڻهي> سڻي. نرنان= آيو> آيا. گاهه=
اوئن> اُوءِ+ نه.
سـُـڻي نه آيا، اوءِ نه منهنجا پرين.
(2532)
مڇيءَ جي به اچن، ڏجن اڌ سڏ مڇيءَ جا تن کي.
مڇيءَ جي= پـُـڇي. اڌ سڏ= او. مڇيءَ جا=
تارا (ترڻ).
پڇي جي اچن، ڏجن اوتارا تن کي.
------ |