باب ستون
سرائتيون
ڳجهارتون: سسئي
سسئي جو ڄم ۽ ننڍپڻ
(349)
ذات راند جو پٽيو، پوءِ نار نالي ٿي ويو.
ذات=ٻانڀڻ. راند جو=ٽـِـپو<ٽـِـپڻو.
نارنالي=ٺري.
ٻانڀڻ ٽـِـپڻو پـَـٽيو، پوءِ ٺري ويو.
(350)
رسو ڏٺو هو ماءُ، ته شهر نه ويهندي سسئي.
رسو=طالع (ٻيڙيءَ جو) شهر=ٺري.
طالع ڏٺو هو ماءُ ته ‘ٺري نه ويهندي سسئي.’
(351)
ذات ڪپڙي جيءَ کي، نه مال جو نه نانءَ جو.
ذات=ٻانڀڻياڻي. ڪپڙي جي=ٻچي. مال جو=
ٿـَـڻُ (ٿـَـڃ) نان=ڏنو.
ٻانڀياڻيءَ ٻچيءَ کي، ٿـَـڻ نه ڏنو.
(352)
جڏهن راند جي منجهه هياس، تڏهن گاهه نه ڏنو ڪنهن.
راند جي=پينگهه<پينگهو. گاهه=لاڻو<اولاڻو.
جڏهن پينگهي منجهه هياس، تڏهن اولاڻو نه ڏنو ڪنهن.
(353)
نه ڪاٺ جي ۾ وڌائون، نه نرنانءُ ئي ڏنائون.
ڪاٺ جو=پينگهو. نرنان=راڻو<
اوراڻو.
نه پينگهي ۾ وڌائون، نه اوراڻوئي ڏنائون.
(354)
نالو نالي هيٺ، ڪين مال جي سسئي.
نالو=مائو<ماءُ. نالو=ڪؤڙو<ڪوڙي.
مال جي=نپائي.
ماءُ ڪوڙي هيٺ، ڪين نپائي سسئي.
(355)
جيت هيٺ نه پاليو، کـــــاڄ جــــــــو
چــــــــوان ڪنهن کي!
جيت= ماڪوڙي<ما ِّ+ڪوڙي. کاڄ جو=
ٻيرو<ٻيو+روئي.
ماءُ ڪوڙي هيٺ نه پاليو، ٻيو روئي چوان ڪنهن کي!
(356)
ڪکن جي ٻولي ڪئي، ته پنهنجيءَ کؤن نارنالي وڃون.
ڪکن جي=ٻـِـني<ٻنهي.
ٻولي=صلاح.
پنهنجي=گـِـلا. نارنالي=بچي.
ٻنهــــي صـــــلاح ڪئـــي، ته گـِــــلا کــــؤن
بـــچــــي وڃو.
(357)
مرض ڏسيو ٿي رُنو، جو پنهنجو عيب سسئي.
مرض=ماتا. پنهنجو=پيءُ. عيب=ٻوڙي.
ماتا ڏسيو ٿـــــي رُنو، جو پيءَ ٻوڙي سسئي.
(358)
پنهنجو پنهنجي کي پوک جو ڇڏيائون.
پنهنجو=وِياءُ. پوک جو=لوڙهو<لوڙهي.
وياءَ پنهنجي کي لوڙهي ڇڏيائون.
(359)
جڏهن اک مرض هئينءَ سسئي، تڏهن پنهنجن اَجهي
ڇڏيئي.
اک مرض= ڄمڻ<ڄائي.
پنهنجن= مائٽن.
اَجهو=لوڙهو.
جڏهن ڄائي هئينءَ سسئي، تڏهن مائٽن لوڙهي ڇڏيئي.
(360)
پوک وهٽ جي جيڏيون! نرنانءُ هئي،
عضوي ۽ مرونءَ ڀر نالو وٺيو ويئي،
پوءِ تڙ جا ڪيائين، ذات رڇ هئي نارنانءُ.
پوک جي=هنداڻي<هندواڻي. وهٽ جي=
ساڄائي<سا+ڄائي.
نرنان=صادق<صندوق.
عضوو=ڪن + مرون = هاتار
<ڪنها+تار
ڪنان تار.
نالو=نصير<نه + سير. تڙ جو=وارو.
ذات= ڌوٻي. رڇ=ٻاري<پالي.
نارنان=سسئي.
هندواڻي سا ڄائي جيڏيون! صندوق ۾ ڪنان تار جي تار
ڀر ۾ نه سير وٺيو ويئي،
پوءِ، واري ڌوٻن کڻي اچي پاري (پالي) سسئي.
(361)
لوهئون نڪتي، وڃي ڪاٺيءَ جيءَ ۾ پيئي،
نڌڻڪي نار، وڃي پکين ۾ پيئي.
لوهه جو=سانڀر. (وڏو ٽلو). ڪاٺيءَ جي=صندوق.
=سسئي. پکين=کٽياڻين<کٽين.
سانڀرئون نڪتي، وڃي صندوقن ۾ پيئي،
نڌڻڪي سسئي، وڃي کٽين ۾ پيئي.
(362)
مــــــــرونءَ کـــــــان اڳـــــــــي رڍ ڪاٺ جي
۾.
مرون=سامبر<سانڀر. رڍ=سسئي.
ڪاٺ جي=صندوق.
سانڀر کــــــان اڳــــــي سسئي صندوق ۾.
(363)
کير جــــــي کــــــان پوءِ، ٿــــــي ذات سسئي.
کير جو=ڄائو. ذات=مسلمان.
ڄائــــي کـــــــان پوءِ، ٿــــــي مسلمان سسئي.
سامائجڻ ۽ پنهون سان عشق
(364)
اول پوک جي، پوءِ راند جي، پوءِ نار نالي سسئي.
پوک جي=لـُـڙهي. راند جي=جهٽي.
نارنالي=ساماڻي.
اول لـُــــڙهــــــــي، پوءِ جهٽي، پوءِ ساماڻي
سسئي.
(365)
نار کي نرنانءُ ولايت ۾ گڏيو.
نار=سسئي. نرنان=پنهل. ولايت=ڀنڀور.
سسئيءَ کي پنهل ڀنڀور ۾ گڏيو.
(366)
ولايت کان نرنانءُ آيو، تنهن اچي رَڇَ جي کسي.
ولايت=ڪيچ. نرنان=پنهون. رَڇَ جي=
دِلي<دلڙي.
ڪيچ کان پنهون آيو، تنهن اچي دلڙي کسي.
(367)
جر جن ماري مڙس ڪياس آزار چرندي،
ڏئي باهه شهر کي سا مال جا ڪندي،
تنهن کان پوءِ چوندي، آيم پنهنجا ڏُڪر جا.
جرجن=چشمن. مڙس=چور> چـُـور آزار=سور.
باهه=آگ. شهر=ڀنڀور. مال جا=رَند.
پنهنجا=ڏُک. ڏُڪر جا=ڏولاوا.
چشمن ماري چـُـور ڪياس، سور چرندي،
ڏئي آگ ڀنڀور کي، رندن تي رڙندي،
تنهن کان پوءِ چوندي، آيم ڏک ڏولاوا.
(368)
پنهون پــــــوک ٻار جــــو هو، تڏهن کان مون کي
نالي ۾ هو.
پوک جو=سـَـلو. ٻار جو=سرجيو. نالو=ڪرم.
پنهون سلي کان سـِـرجيو هو، تڏهن کان مونکي ڪرم ۾
هو.
(369)
ليکي جو اڳيئي لکيل هو، تڏهن پاتم مرض جو پنهل
سان.
ليکي جو=انگ. مرض جو=پيچ.
انگ اڳيئي لکيل هــــــو، تڏهـــن پـــــاتــــم
پيچ پنهل سان.
(370)
جي اکــــر جــــا لکيل، سي وکر ئي ڪين.
اکر جا=انگ. وکر=ميٽ<ميٽيا.
جـــــي انــــــگ لکيا، سي ميٽيا ئي ڪين.
(371)
پنهون نار نـــــــالــــــي، سسئي نرنانءُ پڇي.
نار نالي=جيوائي<جي+وائي.
نرنان=پيروز<پئي+روز.
پنهونءَ جي وائي، سسئي پئي روز پڇي.
(372)
مونکي نيهن ڪاٺي جي لڳي، اچي ڪا عضوو ڏي!
ڪاٺيءَ جي=ناوَڪَ. عضوو=لت<مصلحت.
مون کـــــي نيهن ناوَڪَ لڳي، اچي ڪا مصلحت ڏي!
(373)
اُٿي پکي نرنالو آڻي ڏي، توکي مڇيءَ جون ڏيان.
پکي=ٻاٻيهو. نرنالو=پنهون. مڇيءَ جون=
گهورون (وڪرو ڪرڻ).
اُٿي ٻاٻيها! پنهون آڻي ڏي، توکي گهورون ڏيان.
(374)
پکي ٻــــــولـــي تنهنجي ذات ڪــــو رڇ نــــه
ڀانيان.
پکي=ٻاٻيهو. ذات=آري. رڇ=مٽ.
ٻاٻيها! ٻولي تنهنجي، پر آريءَ ڪو مٽ نه ڀانيان.
(375)
پــــــکـــــي سوداگر حــّـــــو، ذات ڪو رڇ
آڻيان.
پکي=ٻاٻيهو. سوداگر جو=ٻول<ٻولايو.
ذات=توسي<توسين. رڇ=مٽ.
ٻاٻيهي ٻــــــــولايـــــو، توسين ڪـــــو مٽ
آڻيان.
(376)
ذات پنهون، سي ذات مون کي.
ذات=جيپر<جيپار<جي+پار.
ذات=ڏيپر<
ڏيپار<ڏي+
پار.
جي پار پنهونءَ، سي ڏي پار مون کي.
(377)
اهي ٻه نالا سي به سونهن، ڄام پنهونءَ جي اُٺ کي،
اهي ٿر ۽ جر جو، سي به سونهن ڄام پنهون جي اُٺ کي،
اهي ٻه نارن نالا، سي به سونهن ڄام پنهون جي اُٺ
کي.
ٻه نالا=جهوڙو ۽ ٻيڙو. ٿر جو=سـَـرُ. جر جو=
واڳون. ٻه نارن نالا=سوني<سونَ،سڀائي<سڀيئي.
اهي جهوڙا ۽ ٻيڙا، سي به سونهن ڄام پنهونءَ جي اُٺ
کي،
اهي سرَ واڳون سي به سونهن، ڄام پنهونءَ جي اُٺ
کي،
اهي سونَ سڀئي سي به سونهن، ڄام پنهونءَ جي اُٺ
کي.
(378)
نرنانءَ جي ذاتين سان، پنهنجي آن اوزار جي ڪرائي،
تڏهن عورت جو، مال جو ٿيو.
نرنان=پنهون. ذاتين=ڌوٻين. پنهنجي=قسمت.
اَن جا=مـُـنان<مـُـلا+ اوزار جو=ڪات<ملاقات.
عورت=سسئي. مال جو=سـِـڱ<سـَـڱ.
پنهونءَ جي ڌوٻين سان قسمت ملاقات ڪرائي،
تڏهن سسئيءَ جو سڱ ٿيو.
(379)
پنهون اڳيئي ننڊ جو هو، تنهن ويتر ڪپڙ جا ڪيا،
تنهن کي اوهين ڪا نالي ڏيو ڙي جيڏيون!
ننڊ جو=سهڻو. ڪپڙ جا=کهنبا. نالو=مبارڪ.
پنهون اڳيئي سهڻو هو، تنهن ويتر کهنبا ڪيا،
تنهن کي اوهين ڪا، مبارڪ ڏيو ڙي جيڏيون!
(380)
اديون! منهنجي پنهونءَ تي ڇو ٿيون رڇ ڪريو،
ولايت ڏنيس الله،اوهين ڇو ٿيون وکر پئو.
رڇ=حـُـقو<هوڪو (هوسَ ڪريو). ولايت=
سـُـورت<صورت. وکر=کار<خارين.
اديون! منهنجي پنهونءَ تي اوهين ڇو ٿيون هوس ڪريو،
صورت ڏنيس الله، اوهين ڇو ٿيون خارين پئو.
(381)
اٿي سسئي! ڍڪ ڪپڙ جو، اڳيان اها مال جي اٿئي.
ڪپڙ جو=گهگهو. مال جي=چال (رسم).
اٿي سسئي! ڍڪ گهگهو، اڳيان اها چال اٿئي.
(382)
سسئي مـــــــــاءُ، پــــــر پنهونءَ ڪپڙ
جـــــــا ڏيــــــو.
ماءُ=آيل<آئي. ڪپڙ جا=کيسَ
<کي+سَ.
سسئي تــــــه آئـــــي، پـــــر پنهونءَ
کــــــــي ســـــڏيــــو.
(383)
جڏهن سٽ جي هڪل نه ڪو ڪيس، تڏهن به شهر ڪئي آئون،
ٺلهي ٺڪر جون ذاتيون ڪڻام، ته به ذات پنهونءَ سان
زال جون،
اهي آهن رب جون رضائون، جو ٿو نالي کان نرنانءُ
ڪري.
سـُـٽ جو=پيٽو<پيٽئون. هڪل=ڪڙڪو<
ڪـُـڙم+ ڪو. شهر=سورت<صورت.
ٺلهي
ٺڪر جو=سو سو<سوَ
سوَ. ذاتيون= هڪ ذات.
سـِـکَ <سـُـکَ
+ ٻي ذات لڌا> لڌيم.زال جون =لانئون نالو= اول.
نرنان=اڳرو.
جڏهن پيٽئون ڪڙم نه ڪو ڪيس، تڏهن به صورت ڪئي
آئون،
سوَ سوَ سـُـکَ ڪڻام، لڌيم پنهونءَ سان لانئون،
اهي آهن رب جون رضائون، جو ٿو اول کان اڳرو ڪري.
(384)
ڪپڙ جي ڄائي، ڪپڙ جن وٽ آئي، ڪپڙ جي ڪم آئي.
ڪپڙَ جي=ڪـَـني (=وَٽِ).
ڪني جي ڄائي، ڪني وٽ آئي، ڪني جي ڪم آئي.
(385)
واٽ جو وٺيو ويندياس، جنهن سان منهنجي ڪاٺيءَ جو.
واٽ جو=وَرُ. ڪاٺيءَ جو=اَنگهه<انگ.
وَرُ وٺيــــو وينديـــــــــــاس، جنهن ســــــان
منهنجو انــــــگ.
(386)
رڇ مـــــنجهه وکــــــر، مــــــــرض پنهونءَ
کــــي.
رڇ=دانگي<دُنگي. وکر=دارون.
مرض=ڏِپا<ڏي+پائي.
دُنگيءَ منجهه داروُن، ڏي پائي پنهونءَ کي.
(387)
سسئي رڇ کـــڻـــي، پنهونءَ کــــي چــــــوي ابا!
رَڇ=گلاس. ابو=پيءُ.
سسئي گـــــلاس کڻي، پنهونءَ کي چوي پيءُ!
(388)
نرنانءُ پنهنجي مان رڇ جو، پر ذاتين مال جي
نارنانءُ.
نرنان=پنهون. پنهنجو=پيار. رڇ=پرُڻ<پرڻيو.
ذاتين=ڏيرا<ڏيرن.
مال جي=ڌڪاري.
نارنان=سسئي.
پنهون پيار مــــان پرڻيو، پر ڏيـــرن ڌڪاري سسئي.
ڏيرن جو اچڻ ۽ پنهون کي کڻي وڃڻ
(389)
کڏ جي ڏيئي آيا اٿئي ڏير، اُٿي ساز جي ڪر سسئي!
کڏ جي=ڀاڏ<ڀاءَ+ڏي.
ساز جي=
سوگهائي<سوگها.
ڀــــــاءَ ڏي آيا اٿئي ڏير، اُٿي سوگها ڪر سسئي!
(390)
نـــــالـــــي ڀانئي مَ گــــاهه، شهر هڻي ويندءِ
سسئي!
نالو=ساڌو<ساڌ. گاهه=سـِـڻ<سيڻ.
شهر=
سيکاٽ<سي+کاٽ.
ساڌ ڀانئي مَ سيڻ، سي کاٽ هڻي ويندءِ سسئي!
(391)
اهي مرون ڏي سسئي، توکي پنڌ جو ڏيندا،
انهيءَ ڀيري توکان، نارنانءَ جو نيندا.
مرون=لڌڙو<لوڌ+ڙي. پنڌ جو=اُڊڪو.
نارنان جو=سهاڳ.
اِهي لوڌ ڙي سسئي، توکي اُڊڪو ڏيندا،
انهيءَ ڀيري توکان سهاڳ نيندا.
(392)
قيمت ڏير سسئي جا، قيمت رهندا ڪين،
آءٌ قيمت اُنهيءَ جي، من قيمت نين.
قيمت=مايا<مَ+ آيا. قيمت=دَمڙي<دم+
گهڙي. قيمت=ڪوڏي<ڪوڏيلي.
قيمت=
ساڻسي (سونارن جو اوزار)
<ساڻ+سي.
مَ آيا ڏير سسئي جا، دَم گهڙي رهندا ڪين،
آءٌ ڪوڏيلي اُنهن جي، من ساڻ سي نين.
(393)
اَن جيءَ مان گهوڙي جو ڪن، آءٌ نالو ڀانيان تن جو.
اَن جي=ٽـِـڪي. گهوڙي جو=پوَن (ســُـنب).
نالو=پٿورو<به+ٿورو.
ٽـِـڪي مــــانَ پــــون، آءٌ بــــه ٿـــــورو
ڀانيان تــــن جو.
(394)
مالن مٿان ٿي ويهه، متان ذات نه وڃئي ڙي سسئي!
مالن=گهٽن. ذات= لنگهي.
گهٽن مٿان ٿي ويهه، متان لنگهي نه وڃئي ڙي سسئي!
(395)
نـــــارنـــــان جــــــرجــــــي،
نـــــــرنــــــانءَ حاڪـــــم جـــــو ٿيو.
نارنان=سسئي. جر جي=سـُـتي (سـِـپي). نرنان=
پنهون. حاڪم جو=قيد.
ســـــســــــئــــي سـُــــــتــــــي،
پـــــنـــــهــــون قيد ٿـــــــــــيـــــو.
(396)
ڪپڙ جــــــيءَ تي جر جي، تڏهن ذات مال جي ويا.
ڪپڙ جي=سيج. جر جي=سـُـتي(سـِـپي).
ذات=ڪڇي<ڪيچي.
مال جي=قطاري.
سيج تــــــي سـُـتــــــي، تڏهـــــن ڪيچي قطاري
ويا.
(397)
سسئي ٻاراڻي، حقي جيءَ هوت ويا.
ٻاراڻي=سـُـتي(دوا). حقي جي=اُٿڙي=اُٿي+ڙي.
سسئي، سـُـتي، اُٿي ڙي هوت ويا.
(398)
وڻ جا ٻـَـڌي پنهل نيائون، جيت مڇيءَ جي سسئي
ڪيائون.
وَڻ جا=ڏئونرا. جيت=ڏُکڻي+مڇيءَ جي=
هاري<ڏکڻهاري.
ڏئونرا ٻـــــڌي پنهل نيائـــــــون، ڏکڻهاري سسئي
ڪيائون.
(399)
اصــــل آريجن جي، هئي عضوي ۾ ذات.
عضوو=دل. ذات=دائي<مدائي.
اصــــــل آريجن جــــي هئي دل ۾ مدائي.
(400)
شهر ڏيرن من ۾، ڪپڙ جي مور نه ڪن.
شهر=بڇيري<بڇڙي. ڪپڙ جي=مهاري<مهر.
بڇڙي ڏيرن من ۾، مهر مور نه ڪن.
(401)
لوهه جا آيا ڏير، پر هو نالائي نه.
لوهه جا=ڪڙا<تڪڙا. نالا=ٽڪيو<ٽڪيا.
تڪڙا آيا ڏير، پر هو ٽڪيا ئي نه.
(402)
راند جا نه راند جا، راند جا ويا جت.
راند جا=ٽـِڪا<ٽـِـڪيا.
راند جا=ستا<سـُـتا.
راند جا=يـَـڪا.
ٽڪيا نه سـُـتا، يـَـڪا ويا جت.
(403)
عضوو ڏَئي، ڪاٺ جي هــــــوت ڪري ويا.
عضوو=ڪـَـنُ. ڪاٺ جي=گسڪڻ<کسڪي.
ڪـَــــــنُ ڏيئــــي، کســـــڪي هــــــــوت ويا.
(404)
رکــــي ڪــــــاٺ جو مـــــــال جن تي، ذات ڪپڙو
ٿيا.
ڪاٺ جو=بار. مال جن=بغدين (اُٺن) ذات=
ڪڇي<ڪيچي.
ڪپڙو=لسو<لس.
رکـــــي بــــــار بـُـغديـــــــن تـــــــي،
ڪيچي لـَـس ٿيا.
(405)
ڪاٺ ئون ڏير آيا، ڪو جو ڪاٺ کڻي،
ڪاٺ ڏنائون ڪاٺ ۾، وڏو ڪاٺ کڻي،
ايءُ نه ڪاٺ تني، جو ڪاٺ ڪيائون مَ ڪاٺ ۾.
ڪاٺ=مڪڙو<مڪرو<مڪران.
ڪاٺ=
مـَـدن<مدي.
ڪاٺ=ڏاڪو. ڪاٺ=مـَـن.
ڪاٺ=ويساهون<ويساهه.
ڪاٺ=مـُـنا<مناسب.
ڪاٺ=نشان(جهنڊو). ڪاٺ=ڀؤنري<ڀنڀور.
مڪران ئون ڏير آيا، مـَـدي ساڻ کڻي،
ڏاڪو ڏنائون من کي، وڏو ويساهه کڻي،
ايءُ نه مناسب تني، جو نشان ڪيائون مَ ڀنڀور ۾.
(406)
مال جــــــون مـِـرن ۾، حـــــقـــــي جا هوت
ويا.
مال جون=مهارون. مرون=ڪڇؤن<ڪڇن.
حـُـقي جا=ڇڪڻ<ڇڪيندا.
مــــــــهــــــارون ڪڇن ۾، ڇڪيندا هــوت ويا.
(407)
نرنانءَ آيا نرنانءَ جا، نرنانءُ کڻي ويا،
نرنانءَ ذات ڏسي، عورت ڇڏي ويا.
نرنان=اوٺي. نرنان=آري. نرنان=پنهون.
نرنان=ڄام. ذات=ڌوٻياڻي. عورت=سسئي.
اوٺي آيا آريءَ جا، پنهون کڻي ويا،
ڄامَ، ڌوٻياڻي ڏسي، سسئي ڇڏي ويا.
(408)
ٻني هئي جن لاءِ، ٻني سي نه ٿيا،
ٻني ڇڏي سپرين، ٻني هوت ويا.
ٻني=سنڀوري. ٻني=ڀيلي<ٻيلي.
ٻني=سـُـتي.
ٻني=ڍَڪي.
سنڀوڙي هئي جن لاءِ، ٻيلي سي نه ٿيا،
سـُـتي ڇڏي سپرين، ڍڪيءَ هوت ويا.
(409)
سسئي پوک جي تي ڇڏي ويا، ڪاٺي جو ني نه جتن،
توڙي کـــاڄ جـــي شهر ۾، ته به ٻاجهه نه پئي
ٻاروچن.
پوک جو=ٿڏو. ڪاٺيءَ جو=نول<نال.
کاڄ جي=ٽڪي<ٽڪيا.
شهر=ڀنڀور.
سسئي ٿــــڏي تي ڇــــڏي ويـــــا، نــــال نه ني
جتن،
توڙي ٽـِـڪيا ڀنڀور ۾، ته به ٻاجهه نه پئي ٻاروچن.
(410)
ڪـــــاٺ ته ڪــــاٺـــي، اُٺن کي اڌ ڪاٺيءَ ڏير
ڇڏي ويا.
ڪــــاٺ= ٽويو
<تيئون(هڪليئون). ڪاٺي=
پاٽي<پوءِ
+ ٿي. اڌڪاٺي=اڌپاٽي<آڌي+پوءِ ٿي.
تيئون پوءِ ته ٿي اُٺن کي، آڌي پوءِ ٿي ته ڏير ڇڏي
ويا.
(411)
زحــــمـــــت ذات جــــن، لـــوهـــه رانـــد
جـــــــي ســــســـئي.
زحمت= سـِـلهه
<اصـــل. ذاتيـــن= آريجا<
آريجن.
لوهه جو=نال.راندجو=نچڪو<نه+چائي+ڪنهن ئي.
اصــــــل آريـــــجــــــن، نـــــال نـــه
چــــائـــــي ڪنهن ئي سسئي.
(412)
نه اُچي ڪئي ڏيرن، هئا مڙئي پوک جا.
اُچي ڪئي=چاڙهي. پوک=ڀـُـوڪ بصر.
نه چاڙهي ڏيرن، هئا مڙئي ڀوڪ بصر جا.
(413)
آنـــــــن مٿي پکي، چــــــورائـــــي ويا چور.
آنن=موهرن<مهرين. پکي=مور.
مهرين مٿي مورُ، چـــــــورائـــــي ويا چور.
(414)
ڀـُـونءَ جا ڏيئي سسئي کي، پنهون تان نيائون،
سٽ جي ڪيچين کي، تڏهن سسئي ڇڏيائون.
ڀـُـونءِ جا=جريب<ريب. سـُـٽ جي=ناڙي<
ناڻي<نا+وَڻي.
ريب ڏيئي سسئي کي، پنهون تان نيائون،
نا وڻي ڪيچين کي، تڏهن سسئي ڇڏيائون.
(415)
سسئي کي پوک ٿي ڪانه، نه ته پٿر ڪيئن لنگهي ها.
پوک=سار(ساريال). پٿر=لعل<لعلڻ.
سسئي کي سار ٿي ڪانه، نه ته لعلڻ ڪيئن لنگهي ها.
(416)
گــــــاهه بـــــلا اُٺَ، سسئيءَ کــــــي
ڪــــپــــڙا ڏيــــــــو.
گاهه=ڪانهين+بلا=ديو<=ڪاهيندي.
ڪپڙا=کيس<کي+سَ.
ڪــــــاهينـــدي اُٺَ، ســــســــئـــــيءَ
کــــــي ســــــڏيـــــو!
(417)
ڪاٺيءَ آيئي ڏير، پکي واٽ جو ويئي ڙي سسئي!
ڪاٺي=سهنجو<سـِـنجهو. پکي=کهنبو.
(ڪڪڙ)
<کنڀي.
واٽ جو=ور.
سنجهي آيئي ڏيــــــر، کنڀــي وَرُ وِيئي ڙي سسئي!
(418)
اک پوک جي ٿي سسئي! جو هو حاڪيماڻي ويا.
اک جي=اُٿي. پوک جي=کڙهي<کڙي.
حاڪيماڻي=چڙهي.
اُٿــــــي کــــڙي ٿـــي سسئي! جــــو هــــــــو
چڙهي ويا.
(419)
شهرئون شهر وڃــــــن، تون ذات ڦـــٽي ڪـــــر
سسئي.
شهر=اگهام(اگهاماڻو)
<او+گام. شهر=
اگهم<گـُـم.
ذات=ڳهرا<ڳهرُ.
اُو گــــامــــؤن گـُـم وڃــــن، تون ڳهر ڦٽي ڪر
سسئي.
(420)
هو ته ڪاٺ جا ڪندا ويا، تون لوهر جي ڦٽي ڪر سسئي.
ڪاٺ جا=رحل<رَهلا. لوهر جي=ڌَنوڻ<
ڌُونڻ (ڪنڌ ڌُونڻ).
هــــــو ته رهـــــــلا ڪندا ويا، تـــــــون
ڌُونــــڻ ڦٽي ڪر سسئي.
(421)
هو ٿا شهر وڃن، تون ذات ڦٽي ڪر سسئي!
شهر=لس(لسٻيلو). ذات=اوڍر<ڍر.
هو ٿا لس وڃن، تون ڍَر ڦٽي ڪر سسئي!
(422)
جيت چڙهي ڏسي سسئي، ته ذاتين ڇا ڪيو.
جيت=پوپٽ<پوءِ +پٽ. ذاتين=ڏيرن.
پوءِ پٽ چڙهي ڏسي سسئي، ته ڏيرن ڇا ڪيو.
(423)
شهر هــــڻـــي وِيئي ڏيــــر، هاڻي ڪاٺي ڪر سسئي.
شهر=ٻوڌڪ(ٻانڀڻاهه)
<ٻه+ڌڪ.
ڪاٺي=
سرکنڊ<سر+کـَـنـُـهه.
ٻه ڌڪ هــڻــــي وِيئي ڏير، هاڻي سـِـرکـَـنـُـهه
سسئي.
(424)
ذات جا لڳا، لوهه جي سسئي کي.
ذات جا=ٻوڌَڪ<ٻه+ڌَڪَ.
لوهه جي=باري
(لوهه جي ٿلهي ڊگهي لٺ واري رنبي، جنهن سان
کجين جون چڪيون ڪڍجن، ريلن ۾ به ڪم
اچي) <ڀاري.
ٻه ڌَڪَ لڳا ڀاري، سسئيءَ کي.
(425)
پنهون ته نارنانءُ، سسئيءَ مال جو.
نارنان=چاڳان<چا+ڳئي. مال جو=بوسو<
پوءِ+سـُـئو.
پنـــــهــــون ته چـــــا ڳئي، سسئيءَ پــــــوءِ
سـُـئـو.
(426)
ڪـــتــــو ڪــــــاريءَ رات، مــــــال ڏٺــــــو
سسئيءَ.
ڪتو=پلنگُ(ڪـُـتي جو نالو). مال=سـُـڃو.
پلنگ ڪـــــــاريءَ رات، سـُـڃو ڏٺــــــــــو
سسئيءَ.
(427)
پنهل ريءَ جبل جي تــــي عــــورت ڪين سمهي.
جبل جي=پٿري<پٿراڻي. عورت=سسئي.
پنهل ريءَ پٿراڻيءَ تــــي، سسئي ڪين سمهي.
(428)
ڪتو پـَـٽي پنهنجو، ته نر نالو نه ڪپڙ جيءَ ۾.
ڪتو=جاندار<جان+در. نر نالو=محب.
ڪپڙ جي=مـُـهاري.
جان دَرُ پٽي پنهنجو، ته محب نه مـُـهاريءَ ۾.
(429)
سسئيءَ اڄ ڪتو پاراتو ڪيو، پر هو گاهه جيئن هليا
ويا.
ڪتو=جاندار<جان+در. پاراتو=پٽيو<پٽيو.
گاهه جي=هٿي<هٿيڪا.
سسئـــيءَ جــــــان در پٽيــــــو، ته هــــــو
هٿيڪــــا هليا ويا.
(430)
ٻـــولـــي پهڻ جــــو نـــهـــار، تنهنحـّـــو
پنهون ذاتين نـِـيو.
ٻولي=نئين<نيئي(نمي). پهڻ جو=مگهڙ<
مَ+گهر. ذاتين=کاهوڙين<کائو+ڙين.
(پيٽوڙي).
نيئي مَ گهرُ نــــــهـــار، تنهنجو پنهون
کـــــــائــــوڙين نـِـيو.
(431)
نرنانءَ تنهنجي نرنانءَ لاءِ مون، ڏاڍا پنڌ جا
ڪيا،
پر نرنانءُ کڻيو پاڻ سان، ولايت ويندا رهيا.
نرنان=پنهون. نرنان=پريتو<پريت. پنڌ جا=
ڪشالا. نرنان=پنهون. ولايت=ڪيچ.
پنهون تنهنجي پريت لاءِ، مون ڏاڍا ڪشالا ڪيا،
پر پنهون کنيون پاڻ سان، ڪيچ ويندا رهيا.
(432)
ذاتين مــــال جـــــــون ڏٺائين،
نــــــرنــــــانءُ کــــــؤن پوءِ.
ذاتين=چانگن(اُٺن). مال جون=چيڙهون.
نرنان=سـِـجو<سـِـجُ. نرنان=ڀـِـريو<اُڀريو.
چانگن جون چيڙهيون ڏٺائين، ســـج اُڀرئي کئون
پوءِ.
(433)
نـــالــــي نـــرنـــانءُ کان، پوءِ پوک ويئي
سسئي.
نالو=سـِـجو<سـِـج. نرنان=ڀريو<اُڀريو.
پوک=ڪوماڻي.
ســــــج اُڀـــرئـــي کـــان پوءِ،
ڪــــومـــــاڻي سسئي.
(434)
ڪاٺ جي تي مال جا، اڃا ئي ڪي کـــــاڄ جا.
ڪاٺ جي=ليٽڻ<ليٽـُـن. مال جا=ليڏوڻا.
کاڄ جا=تازا.
ليٽـُـن تـــــي ليڏوڻــــا، اڃــــا ئي ڪــــي
تــــازا.
(435)
ذاتين نيس ڪينڪي، ڇڏي ويس ذاتيون،
جي نينس ها ذاتيون، ته ڇو پڇي ها ذاتيون.
ذاتــــيـــــون= ســــونـــــهـــان.
سونهن نيس ڪينڪي، ڇڏي ويس اَسونهون،
جي نينس ها سونهان، ته ڇو پـُـڇي ها سونهون.
(436)
ٻولي سسئي، ٻولي پنهون، ٻولي ڏير ڪري ويا!
ٻولي = ڇا.
ڇـــا سسئي، ڇـــــا پنهون، ڇــــا ڏيــــر ڪري
ويا!
(437)
مٽيءَ جـــــي ڪــــڍي، ۽ ذاتين ڪاٺ جو ڏنـــــو.
مٽيءَ جي=ماپي<ماءُ+پيءُ. ذاتين=هوتن.
ڪاٺ جو=رُولُ
<رولو.
مـــاءُ پــــيءُ ڪـــڍي، ۽ هــــوتــــــن
رولــــو ڏنــــو.
(438)
پنهونءَ کي ٻه ڏاند ٻڌائون!
ڏاند=هڪ نيهي<نيئي. ٻيو ڇاهڙ<ڇا+هڙ.
پنهونءَ کي نيئي، ڇا هـَـڙِ ٻڌائون!
سسئيءَ جا ورلاپ
(439)
ڪاٺ جي ڏٺم ڪاٺ جــن تي، ســـــي نار نالي نه.
ڪاٺ جي=مـُـهري<مهري. ڪاٺ جن=دَرِنِ.
نارنالي=خيري.
اُٺَ ڏٺــــــم دَرَن تـــــي، ســــــــــي
خـــــــيــــرِي نـــــه.
(440)
ڪـــک ڪاٺ جي تي چڙهي، مون جي مال جا ڏٺا، سي نار
نالو نه.
ڪک=سر+ ڪاٺ جو=در<دري<سر
دري.
مال جا=مهري. نار نالو=خيري.
سـَـر دري تي چڙهي، مــــون جي مهري ڏٺا، سي خيري
نه.
(441)
نالا اهـــــي ئـــي، ذات نه ڏســـان جهنگ جي ۾.
نالا=اڱڻ. ذات=جت. جهنگ جي=جـُـوءِ.
اڱـــڻ اهـــــي ئـــي، جـَــــتَ نه ڏســـــان
جـُـوءِ ۾.
(442)
نالي تي ڪين ڏسان ٿي، مال جا محبوبن جا،
نالو=اڱڻ. مال جا=ميڙا.
اڱڻ تي ڪين ڏسان ٿي، ميڙا محبوبن جا.
(443)
انهن ذاتين مون کي شهر به نه ٻڌايو.
ذاتين=چانگن. شهر=رڙي.
انهن چانگن مون کي رَڙِي به نه ٻڌايو.
(444)
کـــــاڌائــــــون ڪين، رانــــد جيءَ هليا ويا.
کاڌائون=رڙڪيائون<رڙ+ڪيائون.
راند جي=اُٿي.
رَڙِ ڪيائــــــون ڪين، اُٿــــي هـــلــــــيـــا
ويا.
(445)
ڪالهونڪر منهنجا پرين، کاڄ کاڄ جا ڪن،
وجهيو وڻ جون مال جن تي، سٽ گاهه جيئن وڃن.
کاڄ جا=لڏون<لڏيون. وڻ=جهـِـلَ
<جهـُـلون.
مال جا=اُٺَ. سـُـٽ جا=سڳا. گاهه=سڻ<سيڻ.
ڪالهونڪر منهنجا پرين، لڏيون لڏيون ڪن،
وجهيو جهـُـلون اُٺن تي، سڳا سيڻ وڃن.
(446)
مان چوان کاڄ کاڄ جو، پرين چون کاڄ کاڄ جو، پر هو
ڪاٺ جي ويا.
کاڄ جو=رَهو. کاڄ جو=لڏُون<لڏيون.
ڪاٺ جو=ڏورڻو<ڏور+وڻئون.
مان چوان رهو رهو، پرين چون لڏيون لڏيون، پر هو
ڏور وڻئون ويا.
(447)
نڪا پکين وڻ، نڪي مــــــون وهــــٽ جو سنڀاليو،
نڪي شهر ورتم گاهن کان.
پکين=روڏن. وڻ=ڪـِـرڙ<ڪي+رَڙِ.
وهٽ جو=
سنج<سنجهو.
شهر=ساکو<ساک. گاهن=سـِـڻ<سيڻن.
نڪا روڏن ڪي رڙ، نڪي مون سنجهي سنڀاليو، نڪي ساک
ورتم سيڻن کان.
(448)
هڻي ڪاٺ جون مال کي، اٿي مرون واريائون،
جيڪس آءٌ نار ٿي، وٺي ڪاسبڪي کنيائون.
ڪاٺ جون=ناڪيليون. مال=اُٺ. مـِـرون=واڳون.
نار=ڳوري. ڪاسبڪي=ڀاني<ڀاءُ+ني.
هڻي ناڪيليون اُٺن کي، اُٿي واڳون واريائون،
جيڪس آءٌ ڳؤري ٿي، وٺي ڀاءُ ني کنيائون.
(449)
ڪاٺ ئون اُٺ پيدا ٿيا، هنيون ڪاٺ وڃن،
پڄان تن اُٺن، ته وجهان ڪاٺ جو اُٺن کي.
ڪاٺ=ڌُرو<ڌُرئون.
ڪاٺ=لوڙهه.
ڪاٺ جو=ونگ.
ڌُرئون اُٺ پيدا ٿيا، هنيو لوڙهه وڃن،
پڄان تن اُٺن، ته وجهان ونگ انهن کي.
(450)
شهر منجهه مون جا ذات ڏٺي، سا تان نرنالو.
شهر=جهوڪ. ذات=گيسري<گيسر<گـِـسر
(اُٺ جي گسي). نرنالو=عالي<آلي.
جهوڪ مٿي مون گـِـسر ڏٺي، سا تان آلي.
(451)
نه نـــــــــالا ۽ نه نـــــــرنــــــانءَ، گاهه
نــــه منهنجا سپرين.
نالا=ٽڪيا. نرنان=جـَـٽيا. گاهه=اوئنُ <اُوءِ+نه.
نـــــــه ٽڪيا نه جـــــٽــــيـــا، اُوءِ
نــــــه منهنــــجـــــــا سپرين.
(452)
مون کي ڪپڙ جا پون، هو نرنالائي نه.
ڪپڙ جا=چهڪ. نرنالا=ٽـِـڪيا.
مون کي چهڪ پون، هو ٽڪيائي نه.
(453)
ڪـــــاٺـــيءَ رات ٻار جو، ذاتين مان ســــان
ڪونه ڪيو.
ڪاٺي=ڀـِـني. ٻار جو=ڀڻڪو. ذاتين=ڪيچين.
ڀنـــــيءَ رات ڀڻڪو، ڪيچين مـــــان ســــان ڪونه
ڪيو.
(454)
جـــــي نـــــنـــــڍيءَ ڪيائون، ســــــي نالي
نه پيا.
ننڍي=پهرات<پهه+رات. نالو=ماڪن<
مان+ڪن.
جي پهه رات ڪيائون، سي مون ڪــــن نه پيا.
(455)
جا ٽــُـڪي رات جتن، سا نه ٻولي مون.
ٽـُـڪي=ڪٽي. ٻولي=پروڙي.
جا ڪٽي رات جتن، سا نه پروڙي مون.
(456)
ڪکن لوهه جو رات ٿيو، اهو مان سان ٿيو فقير جو.
ڪکن جو=جهـُـڳو. لوهه جو=تالو<تالان.
فقير (جي پـِـٽ) جو=جـَـرجـَـلو.
جهڳو تالان رات ٿيو، اهو مان سان ٿيو جـَـر
جـَـلو.
(457)
جڏهن اُٺ مڇي گاهه جا ٿيا، تڏهن آءٌ مال جي.
اُٺَ=مـَـيا. مڇي=مودري<مون+دران.
گاهه جا=لڏا<لڏيا. مال جي=اوجهري.
جڏهن ميا مون دَران لڏيا، تڏهن آءٌ اوجهري.
(458)
پنهنجن ۾ هياس، تڏهن مرون جي ڪيائون،
پنهنجي ڪري، مون کي مال جي ڪيائون،
هاڻي اَن جي مانَ ڪن.
پنهنجن=آرامن. مرونءَ جي=چوري. پنهنجي=
صلاح. مال جي=ڇني<ڇنڻ.
اَن جي=ڀيڙي.
آرامن ۾ هياس، تڏهن چوري ڪيائون،
صلاح ڪري پوءِ مون کي ڇـِـنائون،
هاڻي ڀيڙي مانَ ڪن.
(459)
ڌڪ مـــان پنهــــون چـــــورائــــــي ويا.
ڌڪ=ڪـَـڇَ (سوئر کي).
ڪـَـڇ مان پنهون چــــــــورائـــــــي ويا.
(460)
اکيون گــــوشت لڳيون، تــــڏهـــن پنهون پکي ٿيو.
گوشت=اوجهري<اوجهرڻ. پکي=وهيو<ويو.
اکيون اوجهـــــرڻ لڳيون، تــــڏهــــــن
پنــــــهون ويو.
(461)
سـُـتي هـُـيس وڻ تي، هو نار مان پئي ويا،
اتي راند وارو ڪونه هو، هو ڏٿ جي ڪيو ويا.
وڻ= سئانجو<
سيج. نار=وسندي. راند
وارو=وانگي. ڏٿ=مـُـهين<مون+موهيو.
سـُـتي هيس سيج تي، هو وسنديءَ مان پئي ويا،
اتي وانگي ڪونه هو، هـُـو (مون کي) موهيو ويا.
(462)
رات سـُـتي هيس وڻ تي، نار مؤن پئي ويا،
راند جو گڏين ڪونڪو، لوهه جي ڪيون ويا.
وڻ=هيرڻ<هي+رڻ. نار=وسندي.
راند جو=جهالو. لوهه جي=بيلچي<بي+لڄي.
رات سـُـتي هيس، هي رِڻُ ڪيو وسندي مؤن پئي ويا،
جهالو گڏين ڪونڪو، بي لڄي ڪيون ويا.
(463)
شهر جـــــي آءٌ نـــه هــــــيـــاس، تڏهن جر جي
هوت ويا.
شهر جي=چونڪي. جرجي=سـُـرڪي<سـِـرڪي.
چونڪيءَ آءٌ نـــه هــــــــيـــاس، تڏهن سـِـرڪي
هوت ويا.
(464)
ٻيڙيءَ جن منجهه هياس، پنهون پکي ٿي ويو.
ٻيڙيءَ جن=پـُـورن. پکي=سـِـري.
پــــورن منجهه هـــــيـــاس، پنـــهــــون سـِـري
ويو.
(465)
مرونءَ جي آءٌ نه هياس، مون کي ڪاٺي ڏير ڪري ويا.
مرونءَ جي=سجاڳي. ڪاٺي(جي)=ڏوئي<ڏوهي.
سجاڳ آءٌ نه هياس، مــــون کـــي ڏوهي ڏير ڪري
ويا.
(466)
آيم واءَ جو ويا رات، نرنانءُ نيائون پنهنجو،
ويم مٿان اُڀ کڻي، ڏاڍي حساب سان ڌڪ هڻي.
واءَ جو=جهوٽو. رات=وهاڻي. نرنان=پنهون.
اُڀ(جو)=نکٽ<کٽ.
ڌڪ=گهاءُ.
آيم جهوٽو ويا وهاڻيءَ، پنهون نيائون پنهنجو،
مٿان کٽ کڻي، ڏاڍي حساب سان ويم گهاءُ هڻي.
(467)
ذات ٻاراڻي ڪيام، سا به نار نه وڻي نرنانءُ کي.
ذات=ڪاسائي<ڪا+ساعت.
ٻاراڻي=لوڌ.
نار=سيباڻي. نرنان=صاحب.
ڪا ساعت لوڏ ڪيام، سا به سيباڻي نه صاحب کي.
(468)
وڻ تـــــــه گهــــڻـــــو هئم، پـــــــر ذات
ڪــــيــــــم.
وڻ=اَڪ<عقل. ذات=ڪاسائي<ڪسائي.
عـــــقـــــــل نـــــه گهڻـــــو هئم، پر ڪسائي
ڪيم.
(469)
رڇ جرجي ٿورڙي، ڪيچي ڪپڙ ٿيام،
ڪاسبڪي نيندا پنهنجو، مون کي ڪندا پوک جي؟
رڇ=گهڙي. جر جي=سـُـتي(سـِـپي). ڪپڙو=
گاسڙ<گس.
ڪاسبڪي=ڀاني<ڀاءُ+ني.
پوک جي=ڪـُـهڙي<ڪوهه+ڙي.
گهڙي سـُـتيس ٿورڙي، ڪيچي گس ٿيام،
ڀاءُ ني نيندا پنهنجو، مون کي ڪندا ڪوهه ڙي؟
(470)
ذات آءٌ هـــــيــــــاس، ذات جــــا ڏيــــر
ڪـــــري ويـــــا.
ذات=سهتا<سـُـتي. ذات جا=چورٽا<چوري.
سـُـتي آءٌ هياس، چــــوري ڏيــــر ڪــــري
ويـــا.
(471)
ناڻي شهر جي ٿيان ها، ته کاڄ پنهنجو ٿئي ڪونه ها!
ناڻو=دمڙي<دم هڪڙو. شهر جي=جاڳهه<
جاڳ<جاڳان.
کاڄ=هڏو<هيڏو.
پنهنجو=هاڃو.
دَمُ هڪڙو جاڳان ها، ته هيڏو هاڃو ٿئي ڪونه ها!
(472)
رڇ ئون پهرين رات ويا، ڪک جون ڪنهن کي ڏيان.
رڇ=وَٽو<وٽئون (مان وٽئون) ڪک جون=
ڌانئيون<دانهون.
مان وَٽئون پهرين رات ويا، دانهون ڪنهن کي ڏيان.
(473)
وڻ ئون اُٺ پيدا ٿيا، هنيو وڻ وڃن،
پڄي تن اُٺن، وجهان وڻ تني کي.
وڻ= سورج<سور.
سورئون اُٺ پيدا ٿيا، هنيو سور وڃن،
پوءِ پڄي تن اُٺن، وجهان سور تني کي.
(474)
پنهنجو ڪاريگر جو عضوي پوي ها ته ڪيان ها نار نالي
اُٺن کي.
پنهنجو=ٿورو. ڪاريگر جو=سانچو<سئونچو.
عضوو=ڪن. نارنالي=جاڙي<جڙ.
ٿـــــورو سئونچو ڪــــن پــــوي هـــــا، ته
ڪيـــان هــــا جـَــــــڙ اُٺن کي.
(475)
اُهــــي اَن مــــون نه وڻـــن، جي ذات جـــدا
ڪيا.
اَن=مـُـهري<مـَـهري. ذات=جت.
اُهي مهري مون نه وڻن، جني جـَـت جدا ڪيا.
(476)
مال جن ٿي اُڀ جون ڪيون، تڏهن مون کي وڻ جا نه
پيا.
مال جن=ڏاگهن. اُڀ جون=گوڙيون. وڻ جا=
پـَـڙلا (= پلڙا) پڙلاءُ.
ڏاگهن جڏهن ٿي گوڙيون ڪيون، تڏهن مون کي پڙلاءُ نه
پيا.
(477)
شهر سان مون مال جا ڪيا، پر هو دوا جي ويا،
جي دوا جي نه وڃن ها، ته واڻڪا وجهان ها!
شهر=جاڳڻ. مال جا=ٻوڪٽ. دوا جي=
ڪـِـري<نڪري. واڻڪا=گهوگها.
جاڳڻ سان مون ٻوڪٽَ ڪيا، پر هو نڪري ويا،
جي نڪري نه وڃن ها، ته گوگها وجهانِ ها!
(478)
جي خبر پوي هـــا ته ذات ٻــــڌان هــــا ڪاٺي
ڪاٺيءَ سان.
ذات=پٽيوال<پٽي+وار. ڪاٺيءَ(جي)=نـَـٿ.
ڪاٺي=ناڪيلي.
جي خبر پوي هــا ته پٽي وارَ ٻڌان ها، نـَـٿ
ناڪيليءَ سان!
(479)
جي مون وڻ گاهه ٿئي ها، ته هوند ذاتيون ذاتين کي
ڏيان ها.
وڻ=ڪامون<ڪا+مون.
گاهه=ڪـَـلَ.
ذاتيون= چاري. ذاتين=چانگن.
جي مون ڪل ٿئي ها، ته هوند چاري چانگن کي ڏيان ها.
(480)
وهٽَ ڇوڙي ڇڏيائون، مرون نه منهنجي وس.
وهٽَ=گونرا. مرون=واڳون.
گونرا ڇوڙي ڇڏيائون، واڳون نه منهنجي وس.
(481)
مـِـرون هـُـونِ مون وَس، ته وجهان ڪاٺي اُٺن کي.
مـِـرون=واڳون. ڪاٺي(جو)=وَنگ.
واڳون هـُـونِ مون وَس ته وجهان وَنگ اُٺن کي.
(482)
پنهون هلـــــڻ مـــــون نه پڄڻ، نـــــار
نــــالـــي شهر نيو.
هلڻ=وڙڪڻ<ووڙ=ڪرڻ. نار=ڀانا<ڀائن.
نالو=ڀائي خان<ڀاءُ.
شهر=ڀـُـنگو.
پنهون ووڙ ڪرڻ، مــــون نه پڄڻ، ڀائن ڀاءُ ڀونگي
نيو.
(483)
جـــر جـــي ڪيچين ڪاڻ، شهر هوت ڪري ويا!
جرجي=ٻريجي<ٻري+جيءُ.
شهر=ڪيهي.
ٻري جيءُ ڪيچين ڪاڻ، ڪيهي هوت ڪري ويا!
(484)
مان جيت سان ايــــــــڏو درياءَ جو ڪيئن ڪيائون!
جيت=اُڏوهي<بي ڏوهي. درياءَ جو=طوفان.
مان بي ڏوهيءَ ســان ايڏو طوفان ڪيئن ڪيائون!
(485)
وڻ ڪنهن نه ڏٺو، وڻ مون ڏٺو،
وڻ مون سان ڏير ڪري ويا.
وَڻ=هيرڻ<هيءُ+رڻ.
هيءُ رڻ ڪنهن نه ڏٺو، هيءُ رڻ مون ڏٺو،
هيءُ رڻ مون سان ڏير ڪري ويا.
(486)
ڪپڙو ڏيـــــــرن مـــــن ۾، ڪپڙو ڏيــــــر نه
ڪن.
ڪپڙو=اُبت<اُبتي. ڪپڙو=سبت<سبتي.
اُبـتي ڏيــــــرن مــــــن ۾، سـُـبتي ڏيــــــر
نه ڪن.
(487)
جـَـتڪي ڏيـــــرن مــــن ۾، هندڪي ڏيــــر ڪري
ويا.
جتڪي=جاتي<جا+ته+هـُـئي. هندڪي=
سائي<سا+ئي.
جا ته هئي ڏيــــــرن مـــن ۾، سا ئي ڏيــــر ڪري
ويا.
(488)
شهــــر آءٌ نـــــه هــــيـــاس، گــــاهــــــه
ڏيــــر ڪــــري ويــــــا.
شهر=آراضي<راضي. گاهه=ڪورج<ڪوهه+رنج.
راضــــي آءٌ نـــه هياس، ڪـــــوهه رنــــــج ڏير
ڪــــري ويا!
(489)
اَن جي آءٌ نه هياس، مٽيءَ جي ڏير ڪري ويا.
اَن جي=ڪچي. مٽيءَ جي=چري.
ڪچي آءٌ نه هياس، چــــــري ڏيــــر ڪري ويا.
(490)
اَن جو نالو هئم جنهن سان، چم جي هوت کڻي ويا.
اَن جو=جيءُ. نالو=سکيو. چم جي=سيبي<
سو+ڀي.
جيءُ سکيو هئم جنهن سان، سو ڀي هوت کڻي ويا.
(491)
هيس نـار نـــالي پنهنجي واري، پر پنهنجي شهر
ڪياس.
نارنالي=سياڻي. پنهنجو=سـَـتـُـر. پنهنجو=عشق.
شهر=بگهاڙ<اگهاڙي.
هيس سيــــاڻـــــي سـَـتـُـر واري، پر عشق اگهاڙي
ڪياس.
(492)
باهه جـــي ڏيئي، ڪپڙي جـــو وٺي ويـــا.
باهه جي=باني(رَکَ)
<بهانو. ڪپڙي جو =وَرُ.
بهانو ڏيئي وَر وٺي ويا.
(493)
رَڇ نـــــه ٿيا مـُـئيءَ حـّــــــا، وٺي
ڪـــــاٺ ويا.
رَڇ=مٽ<مـِـٽَ. ڪاٺ جو=وَرو<وَرُ.
مـِــــــــٽ نه ٿــــيــــا مـُـئيءَ جـــــا،
وٺي وَرُ ويا.
(494)
وڻ گاهه پوي ها، ڳهه جي نه لايان ها نرنانءَ سان.
وڻ=ڪامون<ڪا+مون.
گاهه=ڪل.
ڳهه جي=لنئون. نرنان=پنهون.
ڪا مون ڪل پوي ها، ته لنؤن نه لايان ها پنهون سان.
(495)
لوهه جي پوي ها، ته کڻي ذات ڪيان ها.
لوهه جي=ڪل. ذات=دُنگا<دنگ.
ڪـَـل پوي ها، ته کڻي دَنگ ڪيان ها.
(496)
لوهه جي نه مون پئي، نالو ڏير ڪري ويا.
لوهه جي=ڪلَ. نالو=شهبازي<بازي.
ڪلَ نه مون پيئي، بازي ڏير ڪري ويا.
(497)
باب جو ڏيئي من هٿيار جو، مون سان راند جي ڏير ڪري
ويا.
باب جو=حرف. هٿيار جو=ڇيرو<ڇيري.
راند جي=بازي.
حـــــرف ڏيئي، مـــــن ڇيري، مـــــون ســــان
بـــــازي ڏير ڪري ويا.
(498)
پنهل ته پوک جو هو، پر راند جي ڏير ڪري ويا.
پوک جو=جيءُ. راند جي=بازي.
پنهل ته جــــــيءُ هــــو، پــــر بــــازي ڏير
ڪري ويا.
(499)
پنهون ته منهنجو پهڻ هــــــــو، پر ڪن ذاتين نيو.
پهڻ=پارس. ذاتين=بازيگرن.
پنهون ته منهنجو پارس هو، پر ڪن بازيگرن نيو.
(500)
پنهل ته منهنجو ڳهه هــــــو، پر ڪن جاءِ جو
نـِـيو.
ڳهه=ڇـَـٽ. جاءِ جو=بازيگر<بازي+ڪري.
پنهل ته منهنجو ڇـَـٽ هو، پر ڪن بازي ڪري نيو.
(501)
مــــــان ته مـــــــال جي، پنهل پــــوک جو.
مال جي=ڦولڙي<ڳولڙي.
پوک جو=ڌاڻو<سڌاڻو.
مان ته ڳـــــــولـــــــــڙي، پنهل
سـِـڌاڻـــــو.
(502)
پنهون تان مون وٽ ڪاٺي هو، پر ڪپڙي جيئن ويو.
ڪاٺي(جي)=تاڪي<اوطاقي. ڪپڙي جو=
وهاڻو<وهاڻي.
پنهون تـــــان مـــــون وٽ اوطـــاقي هو، پر
وهاڻيءَ ويو.
(503)
پنهل ته مــــٽيءَ جي هــــو، پـــــوءِ وڃي ذات
ٿيو.
مٽيءَ جي=تاڪي<اوطاقي. ذات=جوڳي.
پنهل ته اوطاقي هـــو، پـــــــوءِ وڃي جوڳي ٿيو.
(504)
شهر ڏيئي، نـــــــرنـــانءَ نيائــــــون پاڻ
سان.
شهر=ماٿيلو<مان+ٿيلهو.
نرنانءَ=سوڀا<سو+ڀاءُ.
مان ٿيلهو ڏيئي، سو ڀاءُ نيائون پاڻ سان.
(505)
پنهل ته منهنجو واپاري هو، پر ذاتين ڇا ڪيو!
واپاري=گهورڙيو<گهورو. ذاتين=ڏيرن.
پنهل ته منهنجو گهورو هــــو، پر ڏيرن ڇا ڪيو!
(506)
ڪپڙو ڏيرن من ۾، ڪپڙو ڪنهن نه اُتونِ،
ڪپڙو مان اندر ٻري، ڪپڙو ملڪ سندونِ.
ڪپڙو=چـُـني<ڪچُ+ني.
ڪپڙو=چـُـني<
سچُ+ني.ڪپڙو=چـُـني<مچ+ني. ڪپڙو=
چـُـني<ڪيچ+ني.
ڪچ ني ڏيرن من ۾، سچ ني ڪنهن نه اُتونِ،
مچ ني مان اندر ٻري، ڪيچ ني ملڪ سندون.
(507)
ڪـــــــاٺ جــــــي ڪــــــري ويـــــا، گاهه جي
مون سان.
ڪاٺ جي=ٻياني<ٻيائي.
گاهه=سـِـڻ<سيڻَ.
ٻــــيـــــائـــــي ڪـــــري ويــــــا
ســــيـــــڻ مـــــون ســـــان.
(508)
فقيري منجهه هياس، تڏهن پوک جي ڏير ڪري ويا.
فقيري=عاشقي. پوک جي=گهنڊي.
عاشقي منجهه هياس، تڏهن گهنڊي ڏير ڪري ويا.
(509)
عضوي جــدائـــي مون کي شهر ڏيئي ويا.
عضوو=جيرو<جيئري. شهر=ڏيرا<ڏير.
جيئري جــدائـــي مـــــون کـــــــــي ڏيرَ ڏيئي
وِيا.
(510)
مــــون کـــي چم جـــي ڏيئي، چم جي ڏير کڻي ويا.
چم جي=چڙهي<چڙهه+ني. چم جي=ڀالي<
ڀاءُ+ني.
مــــــون کــــي چڙهـــڻي ڏيئي، ڀاءُ ني ڏير کڻي
ويا.
(511)
مون سان مٽي ذات ڪئي، مال جي ڏير ڪري ويا.
مـِـٽي=ماپي<ماءُ+پيءُ. ذات=هڪڙا<هڪڙي.
مال جي=ٻيهر.
مون سان ماءُ پيءُ هڪڙي ڪئي، ٻيهر ڏير ڪري ويا.
(512)
ملان جي مون نه چئي، ته به گهوڙي جو هوت ڪري ويا.
ملان جي=الف- بي. گهوڙي جو=بدنام.
”الفؤن بي“ مــــون نه چيو، ته به بدنام هوت ڪري
ويا.
(513)
ڪپڙي جـــو نـــالـــــي ويا، ڪپڙي جو ني مان کي.
ڪپڙي جو=پڇاڙڻ<پڇاڙيون. نالو=پنهون.
ڪپڙي جو=سٽڻ<سٽيون.
پڇـــاڙيـــون پنهون ويــــــا، سـَـٽـُـيون نـِـي
مـــان کي.
(514)
هاءِ نالي وارن ڪاڻ، مون ذاتين ڏاڍو ڪيو.
نالي وارن=هوتن. ذاتين=جت<جتن.
هاءِ! هوتن ڪاڻ، مون سان جتن ڏاڍو ڪيو.
(515)
شهر جيءَ ڪري ويا، سا نالو نه مون، تڏهن راند جي
ٿياس.
شهرجي=هوٽل<هـُـو+ٽـَـل. نالو=لکي.
راند جي=کـُـلي<ڪلي<هيڪلي.
هـُـوٽـَـل ڪري ويا، سا لکي نه مون، تڏهن هيڪلي
ٿياس.
(516)
نه پنهنجا، نه ڳهه جا، نه ڪاٺ جا هئا،
جڏهن ذاتين ٿي ڪپڙ جا ڪيا، تڏهن مال مال جا.
پنهنجا=وارث. ڳهه جا=والا<والي. ڪاٺ جا=
وانگي. ذاتين=جتن. ڪپڙ جا=جورا.
مال جا=گهوڙا.
نه وارث نه والي، نه وانگي هئا،
جڏهن جتن ٿي جورا ڪيا، تڏهن گهوڙا ڙي گهوڙا.
(517)
مسخري پيئي، تڏهن راڳ جو وٺي ويا.
مسخري=نقل<نه+ڪـَـلَ. راڳ جو=ٻاروچو(ڳيچ).
نه ڪل پيئي، تڏهن ٻاروچو وٺي ويا.
(518)
لوهه هئا منهنجا پرين، لوهه ئون مون نه اُتو،
ڪو جو لوهه پيو، ته لوهه ئون ويا منهنجا پرين.
لوهه(جو)=ڪـُـل. لوهه(جو)=زبانو. لوهه
(جو)=ڪرٽ. لوهه(جو)=برمو<بر+مـُـنهن.
ڪـُـل ئي هئا منهنجا پرين، زبانئون مون نه اُتو،
ڪو جو ڪرٽ پيو، ته بر منهن ويا منهنجا پرين.
(519)
آءٌ ڪاٺ ئون معذور، ڪپڙو ڪيچين لاءِ ڪيم.
ڪاٺ(جا)=ڌُرا<ڌرئون.ڪپڙو=ڪارو<ڪارُون.
آءٌ ڌُرَئـــــون مــــعـــــذور، ڪـــــــــارون
ڪيچين لاءِ ڪيم.
(520)
مون وٽ منهنجا پرين، ٻارنهن کاڄ هئا،
جر جا ۽ جبل جا، مون ساڻن ڪين ڪيا،
ٻولي واڄٽ ڌڻ جو، راند جي ٿي هوت ويا.
کاڄ(جا)=ماهه. جر جا=ٻـُـڏا. جبل جا=ڪارا.
ٻوليءَ جي =لڳي<لڳن. واڄٽ جو=ڏونڪو.
ڌڻ جو=ڏيل. راند جي=رَئي.
مون وٽ منهنجا پرين، ٻارنهن ماهه هئا،
ٻڏا ۽ ڪارا،مون ساڻن ڪين ڪيا،
لڳن ڏونڪو ڏيل ۾، رَئي ٿي هوت ويا.
(521)
وکر هئڙم جن سين، سي ويا ڪاٺيءَ ڪوهيارا،
ڏنم ڪپڙي اولارا، ته رڇ نه پئڙم ان جو.
وکر=ڪنرس<ڪن+رس.
ڪاٺي(جي)=
کـِـڙڪي<کسڪي.
ڪپڙي(جي)=لينگهه<
لنگهه. رڇ=طباق<ته+باک.
ڪن رَس هئڙم جن سين، سي ويا کسڪي ڪوهيارا،
جان ڏنم لنگهن اولارا، ته باک نه پئڙم ان جي.
(522)
نرنانءُ ڪهي ملڪ ويو، مون کي عورت ورتو.
نرنان=پنهل. ملڪ=ڪيچ. عورت=
دائي<ماندائي.
پنهل ڪهي ڪيچ ويو، مون کي ماندائي ورتو.
(523)
ڪـــپــــڙو منهنجو ڪــانـــڌ، سو پـــڻ پــکــي
ويو.
ڪپڙو=جوڙي<جو+ڙي. پکي=وهيو<ويو.
جــــڙي منهنجو ڪـــانــــڌ، سو پـــڻ ويـــو
هليو.
(524)
پنهون ته منهنجو مرض هو، پر ڪن ليکي وارن نيو.
مرض=ڏڍ. ليکي وارن=ڪـُـپتين.
پنهون ته منهنجو ڏڍ هو، پر ڪن ڪـُـپتين نيو.
(525)
پنهون مـــان وٽ گــــاهــــه ويـــــو، پر
مـــرون نيائون.
گاهه=نـَـپ=نه+پئي. مرون=ڪـُـمي<حڪمي.
پنهون مان وٽان نه پئي ويو، پــــر حـُـڪمي
نيائون.
(526)
پنهون مـــــان وٽ رَڇُ هـــــو، پر ڪن ذاتين نيو.
رَڇُ=ڏيئو<ڪوڏئو.
ذاتين=زونرن<زوري.
پنهون مان وٽ ڪوڏئو هو، پر ڪن زوريءَ نيو.
(527)
پنهون ته منهنجو مٽيءَ جو هو، پر ڪن ماس جيءَ نيو.
مٽيءَ جو=ڍَڪڻ<ڍَڪُ.
ماس جي=ٻنڌي<ٻـَـڌي.
پنهون ته منهنجو ڍڪ هــــــو، پــــــر ڪـــــن
ٻــــــڌي نيو.
(528)
نالي کي حاڪيماڻي ڪاٺي، هو ولايت ويا.
نالو=پنهون.حاڪيماڻي ڪاٺي=ٻڌي.ولايت=ڪيچ.
پنهون کـــي ٻـــڌي، هـــو ڪيچ ويا.
(529)
ناڻي پنهل نينِ، هو جي ناڻو هوءِ!
ناڻو=ٻڌو<ٻڌيو.
ناڻو=ڇـُـڙيو.
ٻڌيو پنهل نينِ، هـُـو جي ڇـُـڙيو هو”!
(530)
تپ اَن جي آءٌ نه هياس، تيلاهون هوت هڻي ويا.
تپ=ٻرو+اَن جي=چاڻي<ٻروچاڻي.
ٻروچاڻي آءٌ نه هياس، تيلاهون هوت هڻي ويا.
(531)
جهنگ جي آءٌ نه هياس، تڏهن تڙ جي هوت ڪري ويا.
جهنگ جي=وڻي. تڙ جي=ڦـِـٽـِـي.
وڻـــــــي آءٌ نه هــــيــــــاس، تڏهن ڦٽي
هــــوت ڪري ويا.
(532)
نار نالي آءٌ نه هياس، نالي نه نيائون پاڻ سان.
نار نالو=گهربي. نالو=پرتو<پرتي.
گهربي آءٌ نه هياس، پرتي نه نيائون پاڻ سان.
(533)
آءٌ نار هيس نرنانءُ جي، پر گهوڙي جي ڪري راند جي
ويا.
نار=ٻانهي. نرنان=ٻاروچو. گهوڙي جي=
انڌاري<ڌاري.
راند جي=ڌِڪي.
آءٌ ٻانهي هيس ٻاروچي جي، پر ڌاري ڪري ڌڪي ويا.
(534)
هن پوک جي پوک، تڏهن ذات ڪري ويا .
پوک=ڦـِـٽي. ذات=ڏيرا<ڏير.
هـــــن ڦـِـٽـِـيءَ جــــي ڦـِـٽـِـي، تڏهن ڏير
ڪري ويا ڦٽي.
(535)
ڪوهه مڇي ڏير، مڇي رات ڇڏي ويا
مڇي =سياڪوهه. مڇي= حڪم<
حق + به.
ڪوهه سياڪو ڏير، حق به رات ڇڏي ويا.
(536)
اَن سـُـٽ جو هئم جن سان، سي شهرئون هوت ويا.
اَن جو=جيءُ. سـُـٽَ جو=جڻيو<جڙيو
شهر = ڇني.
جيءُ جڙيو هئم جن سان، سي ڇـِـني هوت ويا.
(537)
پکي مون منجهه هو، تڏهن حـُـقي جي هوت ڪري ويا.
پکي=ڪوئل<ڪو+وَلُ.
حـُـقي جي=
ڪـَـلي<هيڪلي.
ڪو وَل مون منجهه هو، تڏهن هيڪلي هوت ڪري ويا.
(538)
ذاتين مون سان ذات ڪئي، کاڄ ڇڏي پهرڻ ويا،
جن ذاتين تي نرنانءُ، سي ٻولي ڇڪي ويا.
ذاتين=جتن. ذات=جوهي<جا+هيءَ. کاڄ=
طعام<تان+مون.
پهرڻ(جي)=چولي<چوري.
ذاتين=ڏيرن. نرنان=اعتبار. ٻولي=ويساهي.
جتن مون سان جا هيءَ ڪئي، تان مون ڇڏي چوريءَ ويا،
جن ڏيرن تي اعتبار هو، سي ويساهي ويا.
(539)
اوزار نه هيس مان، اوزار مون نه پيو،
اوزار نه چيائون، اوزار ۾ وجهي ويا.
اوزار=ڪرني<ڪا+رَني.
اوزار=پتو.
اوزار=شاهلَ
<ڇاهل.
اوزار=مانجهولو<
مان+جهول.
ڪا رَني نه هيس مان، پتو مون نه پيو،
ڇا هلُ نه چيائون، مان جهور ۾ وجهي ويا.
(540)
ڪاٺ ڏسي ڇڏي ويا، ڪئي قرآن جي ڏيرن،
ائين پيا چون، ته ذات نه ٿي سسئي!
ڪاٺ(جو)=وَنجهه<وَجهه. قرآن جي=پڄاڻي.
ذات=چنبڙ.
وجهه ڏسي ڇڏي ويا، ڪئي پڄاڻي ڏيرن،
ائين پيا چون، ته چنبڙ نه سسئي!
(541)
ٻنيءَ جي هيس جن سان، ٻنيءَ جا سي نه ٿيا،
ٻنيءَ جي منهنجا سپرين، ٻنيءَ جي ڪري ويا.
ٻنيءَ جي=سنڀائي<سنڀوڙي. ٻنيءَ جا=ساٿي.
ٻنيءَ جي=ڍڪي. ٻنيءَ جي=ڦـِـٽي.
سنڀوڙي هيس جن سان، ساٿي سي نه ٿيا،
ڍڪيءَ منهنجا سپرين، ڦٽي ڪري ويا.
(542)
جان ائين هياس، جو نرنانءُ ڌوتم سٽ جا،
جان ائين ٿياس، جو ذات نه نينم پاڻ سين.
نرنان=پنهل. سـُـٽَ جا=ڪپڙا. ذات=جت.
جان ائين هياس، جو پنهل ڌوتم ڪپڙا،
جان ائين ٿياس، جو جت نه نينم پاڻ سين.
(543)
اَن تي چڙهي مرون ورتائون، ائين نه چيائون ته پکي
ڙي!
اَن=مـُـهري<مهرين. مـِـرون=واڳون.
پکي=آڙي<آءُ+ڙي.
مهرين تي چڙهي واڳون ورتائون، ائين نه چيائون ته
آءُ ڙي!
(544)
ڪاني جي وٺي راند جي ويا، پر کاڌئون ڪين.
ڪاني جي=اک. راند جي=ويلَ. کائڻ=
رَڙڪڻ<رَڙِ+ڪرڻ.
اک وٺي انهيءَ ويل ويا، رَڙِ ڪيائون ڪين.
(545)
مـــــــــون ڀانيو ڏير ٻنيءَ حـّـــــي ڪندا، پر
نالو هوت ڪري ويا.
ٻنيءَ جي=معافي. نالو=قادو<قيدياڻي. ڪڍ+آئڻي.
مـــــــــون ڀانيو ڏير معـــــافـــــي ڪندا،
پــــر قيدياڻي ڪري ويا.
(546)
وڻ جــــــــي آءٌ هياس، تڏهن ڪــــاٺي ڏير ڪري
ويا.
وڻ جي=نوڙي<نه+وڻي. ڪاٺي=روجهڪي<
رُوءِ+جهڪي.
نه وڻي آءٌ هياس، تڏهن روءِ جهڪي ڏير ڪري ويا.
(547)
ڪپڙي جي آءٌ نه هـــــيـــــاس، پوک جي ڏير کڻي
ويا.
ڪپڙي جي=رَلي<رُلي. پوک جي=کس<کسي.
رُلـــــــــي آءٌ نه هــــيــــاس،
کـــــــســــي ڏيـــــر کڻي ويا.
(548)
ڪاٺ جي آءٌ نه هياس، مال جي ڏير ڪري ويا.
ڪاٺ جي=ڪرسي<ڪُـ+رَسي.
مال جي=مستي.
ڪُ رَسي آءٌ نه هياس، مستي ڏير ڪري ويا.
(549)
ڪاٺي آءٌ نه هياس، مال جي هوت ڪري ويا.
ڪاٺي=واتوري. مال جي=مستي.
واتوري آءٌ نه هياس، مستي هوت ڪري ويا.
(550)
اَن جي آءٌ نه هياس، ڪپهه جي ڏير ڪري ويا.
اَن جي=سڳي. ڪپهه جي=ڀڳي(پوڻي).
سڳي آءٌ نه هياس، ڀڳي ڏير ڪري ويا.
(551)
ڪاٺي آءٌ نه هياس، پر ڪاٺي ڏير ڪري ويا.
ڪاٺي=ڏِنگي.
ڏنگي آءٌ نه هياس، پر ڏِنگي ڏير ڪري ويا.
(552)
ڪاٺي آءٌ نه هياس، ڪاٺي ڏير ڪري ويا.
ڪاٺي=ڪـِـني.
ڪـِـني آءٌ نه هياس، ڪـِـني ڏيرڪري ويا.
(553)
ڪاٺي آءٌ نه هياس، ڪاٺي ڏير ڪري ويا.
ڪاٺي=ڀـَـڳي. ڪاٺي=ڪاري.
ڀڳي آءٌ نه هياس، ڪاري ڏير ڪري ويا.
(554)
ڪاٺي آءٌ نه هياس، پر ڪاٺي هوت ڪري ويا،
ڪاٺي نه رهندياس،نرنانءُ اڳيؤن وڃي ڪاٺي ٿيندياس.
ڪاٺي=لائي. ڪاٺي=ڦـِـٽي. ڪاٺي=ڪتب<
ته به. نرنان=پنهل. ڪاٺي=سـُـرهي.
لائي آءٌ نه هياس، پر ڦـِـٽي هو ته ڪري ويا،
ته به نه رهندياس، پنهل اڳيان وڃي سـُـرهي
ٿيندياس.
(555)
نرنائن تي مون کي وڏا نرنانءَ هئا، پر ڪپڙي جي ڪري
ويا.
نرنائن=ڏيرن. نرنان=اعتبار. ڪپڙي جي=
چولي<چوري.
ڏيرن تي مون کي وڏا اعتبار هئا، پر چوري ڪري ويا.
(556)
نالن ۽ نانوَن، مون سان ليکي هٿ جي ڪانه ڪئي.
نالن=هوتن. نانون=جتن. ليکي جي=آسي<
اصي. هٿ جي=لپ.
هوتن ۽ جـــــتــــن، مـــون سان اصيلپ ڪانه ڪئي.
(557)
بازار جـــــي اڳ هياس، پر واپار جي ڏير ڪري ويا.
بازار جي=ڇاپ<ڇاپيل(نالي
چڙهيل). واپار
جي=نروار.
ڇاپيل اڳ هـــيــــاس، پــــر نــــروار ڏيــــر
ڪري ويا.
(558)
آءُ ته اَن ڪيچين جي، پر ڪيچين ڪاٺي ڪانه.
اَن=ساريون<ساري. ڪاٺي=ٻاري.
آءٌ ته ساري ڪيچين جي، پر ڪيچين ٻاري ڪانه.
(559)
آءٌ ته راند ڪوهيارل جي، پر ڪوهيارل باهه جي ڪانه.
راند(جي)=ساري. باهه جي=ٻاري.
آءٌ ته ســــاري ڪوهيارل جي، پر ڪوهيارل ٻاري
ڪانه.
(560)
آءٌ نه ڪاٺيءَ جي، ڪکن جا نه ڏير.
ڪاٺيءَ جي=ڇيتِ<سچيت. ڪکن جا=پيڙها<
پيڙهائتا.
آءٌ نه سـُـچيت، پيڙهائتا نه ڏير.
(561)
شڪار جي ڪيچين ڪئي، مال جي مون کان نه ٿي.
شڪار جي=جهـُـڙي<جهڙي. مال جي=تڙي<
تهڙي.
جهڙي ڪيچين ڪئي، تهڙي مون کان نه ٿي.
(562)
ڪاٺ عضوي جي مون سان ڪانه.
ڪاٺ جو=ڪچُ
<ڪيچين.
عضوو=ڪرائي<
ڪا+رَهائي.
ڪيچين، ڪا رَهائي مون سان ڪانه.
(563)
عورت نالي نه ذات، اهي جهنگ زحمت جا.
عورت نالي=چڱي. ذات=جت. جهنگ جا=ڪـَـچا.
زحمت=ڪوئليون<قولن.
چڱي ذات نه جت، اهي ڪچا قولن جا.
(564)
زحمت پٿر ذات تي نالو ئي نه.
زحمت=ٻرو+پٿر=چڪي<ٻروچڪي.نالو
=اعتبار
ٻروچڪي ذات تي اعتبار ئي نه.
(565)
جر وڻ جــــــي مون ســـــــــــان ڪري ڪانه ويا.
جرَ جي=موڪ+وڻ=لاڻي<موڪلاڻي.
موڪلاڻي مـــــون ســـــــــان ڪري ڪانه ويا.
(566)
ڪو وکر جو ويهي، ذاتين مون سان ڪين ڪيو،
ڏاند جو ڏيئي، ويو نرنانءُ نڪري.
وکر جو=ڳـُـڙ<ڳـُـڻ.
ذاتين=ڪيچين.ڏاند جو=
ڏورڻو<هيڏو+رڻ. نرنان=ٻاروچو.
ڪو ڳـُـڻ ويهي، ڪيچين مون سان ڪونه ڪيو،
هيڏو رِڻُ ڏيئي، ويو ٻاروچو نڪري.
(567)
عورت ڪنديس ڳالهڙيون، عورت ذاتيون،
پڇو هنن ذاتين کان، ته عورت ٿيس ڇامؤن.
عورت=حليمان<هلي مان. عورت=رحيمان<
رهي مان. ذاتين=جتن. عورت=ڪؤڙي<ڪڙي.
هلي مان ڪنديس ڳالهڙيون، رهي مان راتيون،
پڇو هنن جتن کان، ته ڪڙي ٿيس ڇامؤن.
(568)
آءٌ اڳئي هڏ مٽي، مون کي ٻيڙيءَ جا ڇو ٿا ڏيو.
مٽي=ڇوري. ٻيڙي جا=ڌِڪا.
آءٌ اڳئي هــــڏ ڇوري، مون کي ڌڪا ڇو ٿا ڏيو.
(569)
الله! جتن جي، ڪا لڳي نه چـَـڙي جي،
پوک کي ماري، وڻ جي ويا منهنجا پرين.
چـَـڙي جي=لار<لاري. پوک=موٺ<مـُـٺي
وڻ جو=اُسرڻ<اُسري.
الله! جتن جي ڪا لڳي نه لاري،
مـُـٺيءَ کي ماري، اُسري ويا منهنجا پرين.
(570)
لوهه جـــي نه هئي ته ڪو پکي مـــــــال جا ڏيندا.
لوهه جي=ڪل. پکي=ڪيچي. مال جا=
ڏُها<ڏهاڳ.
ڪـَـل نـــــه هئي ته ڪــــــو ڪيچي ڏهـــــــاڳ
ڏيندا.
(571)
پنهونءَ جي وڃڻ جو، ذات مون سان ڪن،
ته نالي ويهان تن، پنهنجو ڏيانِ ڪينڪي.
ذات=چـِـتايا<اڳ چتاءُ. نالو=پرمون<
ڀر+۾.
پنهنجو=اُٿڻ.
پنهونءَ جي وڃڻ جو، جي اڳ چتاءُ ڪن،
ته ڀـَـر ۾ ويهان تن، (هوند) اٿڻ ڏيانِ ڪينڪي.
(572)
وڻ هجيم ها ته نرنانءُ عضوي مان شهر ڏيــــان ڪانه
هــــا.
وڻ=سنڀالو<سنڀال. نرنان=پنهون. عضوو=پاسو.
شهر=ڪڍڻ.
سنڀــــال هجيم ها ته پنهون پاسي مـــان ڪــــڍڻ
ڏيان ڪانه ها.
(573)
مال جي ڪيائون، مون کي عورت نه ٿي،
نه ته سٽ جن ۾، ٻار جي ٿيان ها.
مـــال جي=پهريات<پهر+رات. عورت<سـُـهند<
سـُـڌ. سـُـٽ جي=مهار. ٻار جي=لـُـڙڪي<لڙڪي.
پهر رات ڪيائون، مون کي سـُـڌ نه ٿي،
نه ته مهارن ۾ لـَـڙڪي پوان ها.
(574)
جي نارنالي هجان ها ته ڀڄي پنهل کي راند جا وجهان
ها.
نار نالي=سياڻي. راند جا=جوٽا.
جي سياڻي هجان ها، ته ڀڄي پنهل کي جوٽا وجهان ها.
(575)
نرنانءَ جي ذات جي خبر هجي ها، ته عضوو ئي نه
ڏيانس ها.
نرنان=پنهون. ذات=واڃاڻا<وڃڻ. عضوو=
ٿـَـڻُ
<اُٿڻ.
پنهون جي وڃڻ جي خبر هجي ها، ته اٿڻ ئي نه ڏيانس
ها.
(576)
جي مال هجان ها ته پنهون عورت لوهه جي ڏيان.
مال=منجهي. عورت=هوند. لوهه جي=
کـَـهي.
جي منجهه هجان ها ته پنهون هوند کهي ڏيان.
(577)
جي پنهون جي نار نالي هجان ها، ته ڪريان ها عضوي
پوک جي تن سان.
نارنالي=شانا<ثاني. عضوو=سينو. پوک جي=ڪسي<ڪشي.
جـــــي پنهون جي ثاني هجان ها، ته ڪريان ها
سيناڪشي تن سان.
(578)
پنهون تــــه پکــــي ٿيو، مـــــان ٻيــــڙيءَ
واري هياس.
پکي=ڪينو<ڪين+رهيو.
ٻيڙيءَ واري=ڌاري.
پنهون تــــه ڪــــين رهيـــو، جــــــو مــــــان
ڌاري هياس.
(579)
پنڌ جـــــي هــــوتــــن کــــــي هئي، تڏهن عضوو
هياس.
پنڌ جي=وڇوٽي. عضوو=مـُـرهي<مان+رهي.
وڇـــــوٽـــــي هــــوتن کـــي هئي، تڏهن مان رهي
هياس.
(580)
مشڪري ڪـِـــــري، نه ته رانـــــد جو ڪنهن کــــي
ڏيــــــان.
مـَـشڪري=تاڙي. ڪـِـري=ڀڳي. راند جو=ٻاروچو.
تـــــــــاڙي ڀـــــڳي، نه ته ٻـــــاروچــــو
ڪنهن کــــي ڏيـــــان.
(581)
ذات مال جا پون، پنهل جا گاهن ۾.
ذات=آچا<اچيو. مال جا=پـُـور. گاهن=
نينڍ<نـِـنڊن.
اچيو پـــــــور پــــــــــون پنهل جـــــــا
نــــــــنــــڊن ۾.
(582)
نار نالي پنهون، نرنانءُ نه مون.
نار نالو=جيئري. نرنان=ويسر<وِسري.
جيئري پنهون وسري نه مون.
(583)
پنهل ته منهنجو ڪـــــاٺـــــــي هو، پر نرنالو نه
ڪيائين.
ڪاٺي=مصري (ٻيڙيءَ جي ڪپيءَ جي سرائي).
نر نالو=نيباهو.
پنهل ته منهنجو مــــصــــري هــو، پر نيباهو نه
ڪيائين.
(584)
پنهــــل ته منهنجو ذات هــــو، پــــر ذات
ڪــــري ويــــو.
ذات=وينجهر<وينجهار. ذات=ڪاسائي<ڪسائي.
پنهل ته منهنجو وينجهار هو، پر ڪسائي ڪري ويو.
(585)
پنهون وڏي ذات هو، پر ڪپڙي جو ڇڏي وڃي ڪاٺ ٿيو.
ذات=وينجهر<وينجهار. ڪپڙي جو=ننگ.
ڪاٺ=هلڪو.
پنهون وڏو وينجهار هو، پر ننگ ڇڏي وڃي هلڪو ٿيو.
(586)
پنهون ته شهر هـــــــو، پر ڏير ذات ٿي ويا.
شهر=سکر. ذات=ڪلال<ڪـُـلال.
پنهون ته سکر هو، پر ڏير ڪـُـلال ٿي ويا.
(587)
آءٌ پنهل جو پير مڃان، جي ولايت وڃي.
پير=پٿورو<پوءِ+ٿورو. ولايت=ڪين.
آءٌ پنهل جو پوءِ ٿورو مڃان، جي ڪين وڃي.
(588)
ٻولي ڪانه ڪندياس، ٻولي هوت پنهون سان.
ٻولي=اگر. ٻولي=مگر.
اگر ڪانه ڪندياس، مگر هوت پنهون سان.
(589)
آءٌ ته هڪڙي زمين جي، ٻي درد جي،
ٽي ڪپڙي جي، چوٿين راند جي ٿيس،
هاڻي به گهوڙي جا ڪاٺن تي رکي، چوان ته نالو ڪيو.
زمين جي=چري. درد جي=سـُـتي. ڪپڙي جي=
گندي. راند جي=بدَ <بدنام.
گهوڙي جا=
ٿـَـڙا<هٿڙا.
ڪاٺن=پيرن. نالو=بخش.
آءٌ ته هڪڙي چري، ٻي سـُـتي، ٽي گندي، چوٿين بدنام
ٿيس،
هاڻي به هٿڙا پيرن تي رکي چوانِ ته بخش ڪيو.
(590)
تپ، جنڊ، هٿيار، ڪوهه ڪاف جي.
تپ=ٻرو. جنڊُ=چڪي. هٿيار=ڪانُ <ڪانه.
ڪوهه ڪاف جي=پري.
ٻروچڪـِـي ڪانـَـه پـَـري.
(591)
پنهل کؤن پوءِ پوک جا ٿيا.
پوک جا=وهراج<وِهه+راڄ.
پنهل کؤن پوءِ وِهه راڄ ٿيا.
(592)
نار نـــــالي سان ڪريو، ته ڪکن جي کي ڪيچ نيو.
نارنالي=حڪيمان<حقي+مان. ڪکن جي=
ٻـِـني<ٻنهي.
حــــــقـِـي مان ســـــــان ڪــــريــــو، ته
ٻنهي کـــــــي ڪيچ نيو.
(593)
ڪا ڪـُـتي جي آئي ڪانه ڪا، جا ڪکن جي نئي ها ڪيچ
ڏي.
ڪتي جي=ڏاڙهه<ڏاڙهي.
ڪکن جي=ٻـِـني<ٻنهي.
ڪـــــا ڏاڙهي آئــــــي ڪانه ڪـــا، جا ٻنهي کي
نئي ها ڪيچ ڏي.
(594)
پکين ۾ ٻولي پوي، مـُـئيءَ حـّــــو لوهه ڪاٺ جي
ويا.
پکي=روڏو. ٻولي=رڙ. لوهه جو=مارو<ماري.
ڪاٺ جي=مـَـن.
روڏن ۾ رڙ پـــــــوي، مـــــــئــــيءَ جـــو
مـــــاري من ويا.
(595)
ڪاٺن کـــي جيئڏ، پون شال عضون ۾.
ڪاٺ(جو)=ڪرهو. جيئڏ=ڪيئان. عضون=پيرن.
ڪرهن کي ڪيئان، پون شال پيرن ۾.
(596)
اُهي فقير جي نه هوندا شال، جن مون سان هٿن جي
ڪئي.
فقير جي=سينَ
<سنئين. هٿن جي=چاٽَ(چماٽ)
<اُچاٽ.
اُهـــي سنئين نه هوندا شـــــــال، جن مون سان
اُچاٽ ڪئي.
(597)
جن منهنجو ڳهه نيو، سي ذات ٿيندا شال.
ڳهه=ڪنڍلو<ڪـُـنڍل.
ذات=مشوري<مشهور.
جن منهنجو ڪـُـنڍل نيو، سي مشهور ٿيندا شال.
(598)
وڻ جو ڪنهن کـــــي ڏيــــــان، نالي کــــــان
نرنانءُ ويو.
وڻ جو=ڇوڏو<ڇو+ڏوهه.
نالو=ڪرمون<
ڪرمن. نرنانءُ=ڪيچي.
ڇو ڏوهه ڪنهن کـــــي ڏيان، ڪرمن کان ڪيچي ويو.
(599)
اَن جن ناهي ڏوهه، مان سان ڪاٺ جي ڪئي.
اَن جا=تـُـهه<تو. ڪاٺ جو=ڪارب<ڪا+رب.
تو ۾ ناهي ڏوهه، مان سان ڪا رب ڪئي.
(600)
نالي نرنانءَ جو ڪوبه مرون ناهي،
سڀ مرون مون ڏي، جي نرنانءُ ملي.
نالو=هوت. نرنان=بلوچ. مرون=ڏوهيو<ڏوهه.
نرنان=پنهون.
هوت بلوچ جو ڪوبه ڏوهه ناهي،
سڀ ڏوهه مون ڏي، جي پنهون ملي.
(601)
ذاتين ڪونهي ڏوهه، اکر منهنجو ايئن هو.
ذات=ڏيرا<ڏيرن.
اکر=انگ.
ڏيرن ڪونهي ڏوهه، انگ منهنجو ايئن هو.
(602)
ڪاٺ جو آءٌ ڪنهن کي ڏيان، لـِـکيو نرنانءُ جو.
ڪاٺ جو=ڇوڏو<ڇو+ڏوهه.
نرنان=قلم.
ڇــــو ڏوهه آءٌ ڪنهن کــي ڏيان، لکيو قلم جو.
(603)
نارنانءَ جو ڪپڙو، آهي ڄام پنهون سان،
تڙ ۽ وهٽ جو، آهي ڄام پنهون سان،
مال ۽ سٽ جو، آهي ڄام پنهون سان،
فقير ۽ پوک جو، آهي ڄام پنهون سان،
ڪاغذ ۽ ڪاٺ جو، ته به آهي ڄام پنهون سان.
نارنان=نماڻي. ڪپڙي جو=ننگ. تڙ جو=وارو<
واري. وهٽ جو=ونگ. مال=توڏو. سـُـٽ جو=
تنگ. فقير جي=سنگت. پوک جو=سنگ. ڪاغذ
جو=ليکو. ڪاٺ جي=انگهه<انگ.
نماڻيءَ جو ننگ، آهي ڄام پنهون سان،
واري وجهڻ جو ونگ، آهي ڄام پنهون سان،
توڏي ڇڪڻ جو تنگ، آهي ڄام پنهون سان،
سنگت وارو سنگ، آهي ڄام پنهون سان،
لکيو منهنجو انگ، ته به آهي ڄام پنهون سان.
(604)
پنهل ته منهنجو ڪاٺ جو، آءٌ پنهل جو ڪاٺ.
ڪاٺ جو=انگهو<انگ.
پنهل قــــِه منهنجو انــــگ، آءٌ پنهل جــــو
انــــگ.
(605)
هو جــــــي جيت ٻروچ اَلا، ولايـــــت به تن
ســـان.
جيت=لـُـنڊَ
<لـُـنڊو. ولايت=نئنگ<انگ.
هو جي لـُـنڊا ٻــــــروچ، اَلا، اننگ به تن
ســـــان.
(606)
پنهون، نالا آيا، پر نالا ته نه.
نالو=تولو<تو+لاءِ. نالو=مـُـولو<مون+لاءِ.
پنهون، (ڏير) تو لاءِ آيا، پر مون لاءِ ته نه.
(607)
نرنانءَ، تنهنجي مال جي سٽ جي ٿيان ها.
نرنان=پنهل. مال=اُٺ. سـُـٽَ جي=مهار.
پنهل، تنهنجي اُٺ جــــــي مهــــــار ٿيان ها.
(608)
پنهون! جي پورهئي جي هيئي ته شهر نه ڇڏين ها.
پورهئي جي=لائي. شهر=ڇني.
پنهـــون! جـــــي لاءِ هـُـيئي تــــه ڇـــنــــي
نه ڇڏين ها.
(609)
سنج ئون ڇڏ نه هتڙي، پاهڻ جا پاڻ سين.
سنج=پرُڻ<پرڻي. پاهڻ جا=نينگهر
(جنڊ جو پويون اٽو)
<ني+گهر.
پرڻي ڇڏ نه هتڙ، نـــــي گهرِ پاڻ سين.
(610)
عضوي اک جي لڳي، جنگ جا ڪر منهنجا پرين.
عضوو=ڳچي. اَک جي=لـڄَ. جنگ جا=مَ ڇڏ.
ڳچــــيءَ لــــڄَ لــــڳــــي، مَ ڇــــــڏ
منهنجا پرين.
(611)
هيءَ اک جي پئي عضوي ۾، سا شهر نه ڪجي.
اک جي=لـڄَ، عضوو=ڳچي. شهر=ڦــِـٽو<ڦـِـٽي.
هـــــيءَ لــــــڄ پئي ڳچيءَ ۾، ســـا ڦٽي نه
ڪجي.
(612)
وڻ وڻ، ۾ ئي ناهه، ذاتيون ڇڏڻ پانهنجون.
وڻ=اَڪ<عقل. ذات=جويا<جويون.
عقل ۾ ئــــــي ناهه، جويون ڇڏڻ پانهنجون.
(613)
ڪاريگر جي وڃ نه پنهون، توکي نشي جو چوندو ڪونه.
ڪاريگر جو=رِجائي<ري+جوءِ. نشي جو=خاشو.
ري جوءِ وڃ نه پنهون، توکي خاشو چوندو ڪونه.
(614)
هـــــٽ جــــــو نه وڃ پنهون! هوءَ ڪاٺي پاڻ سان.
هٽ جو=ريجو<ري+جوءِ. ڪاٺي=نيزو<
نيجو<ني+جوءِ.
ري جـــــوءِ نه وڃ پنهون! هوءَ نـــــي جوءِ پاڻ
سان.
(615)
تنهنجي دل مون سان گاهه جو هئي، پر ڏيرن ڪو جانور
وڌو.
گاهه جو=گڏو<گڏيل. جانور=ڀولو.
تنهنجي دل مون سان گڏيل هئي، پر ڏيرن ڪو ڀولو وڌو.
(616)
ڪپڙي جي هوت ڪري ويا، جـُـتيءَ جي تون نه ڪرين ها.
ڪپڙي جي=ڪاري. جـُـتيءَ جي=ڌاري.
ڪــــــاري هـــــــوت ڪـــــــري ويـــــا، ڌاري
تون نه ڪرين ها.
(617)
درياءُ جو ڏٺوَ دوست پرين، تڏهن رانول رڇ ٿيو،
آءٌ اوهان سان مال جي، تڏهن ملڪ مون کي ڏيو.
درياءُ جو= ڪڇو<ڪـُـڇ.
رَڇ=ڍَڪڻ. مال
جي=هـِـري. ملڪ=سـِـرو<آسرو.
ڪــُـڇ ڏٺوَ دوست پرين، تڏهن رانول ڍڪڻ ٿيو،
آءٌ اوهان سان هـِـري، تڏهن آسرو مون کي ڏيو.
(618)
ذات ٻولي منهنجا پرين، آءٌ نه جر جـــــي هياس.
ذات=شر<سـِـر. ٻولي=پوش. جر جي=
گهڙي<اُگهاڙي.
سرپوش منهنجا پــــريــــن، آءٌ نه اُگهاڙي هياس.
(619)
کــــــاڄ جو مـُـئــــيءَ مٿان، نــــالــــــي
پنهنجا عضوا.
کاڄ=مکڻ<مَ+کـَـڻ. نالو=هوت. عضوا=
هٿ<هٿڙا.
مَ کـــــڻ مـــئــــيءَ مـــــٿــــــان،
هـــــوت پنهنجا هٿڙا.
(620)
پنهنجا پنهون، پنهنجي آهيان.
پنهنجا=آرس<آءُ+رس. پنهنجي=بيوس.
آءُ رس پنهون، بيوس آهيان.
(621)
مرض ڄام پنهون، آءٌ عضوي جي آهيان.
مرض=آرس<آءُ+رَس. عضوي جي=نس<نه+
سونهين.
آءُ رس ڄام پنهون، آءٌ نه سونهين آهيان.
(622)
عورت وٽ هوت آءُ، وڻ اکر جي نالي هاڻي آهيان.
عورت=حليمان<هلي+مان. وڻ=نـِـم+
اکر جي=آڻي<نماڻي. نالو=اَبن<عيبن.
هلي مان وٽ هوت آءُ، (آءٌ) نماڻي عيبن هاڻي آهيان.
(623)
باهه ڏيئين پنهون، اکيين نه ڏسئين.
باهه=ساڙي<ساهه+ڙي. اکيين=پري.
ساهه ڙي ڏيئين پنهون! پري نه ڏسئين.
(624)
پنهون مال جي ڏيانءِ، نالي ته نه ڏسانءِ.
مال جي=آسَ
<آءٌ+سڏيانءِ. نالو=پروُ
<پري.
پنهون آءٌ سڏيانءِ، پري ته نه ڏسانءِ.
(625)
اي نالا! ٿيءُ نه نالي، ڪاٺ جي آءُ نالا!
نالو=پنهل. نالو=پريل<پري. ڪاٺ جو=
وَرو<وري.
نالو=ولهو.
اي پنهل! ٿيءُ نه پري، وري آءُ وَلها!
(626)
ذات ڙي منهنجا پرين، نه ته ذات وينديسانءِ.
ذات=عامل<آءُ+مـِـل. ذات=مري.
آءُ مـِـل منهنجا پرين، نه ته مري وينديسانءِ.
(627)
تون شاهاڻو، آءٌ ڌونري جي تي ملنديسانءِ.
شاهاڻو=ترسُ. ڌونري جو=دِڳُ <دَڳُ.
تون ترس، مان دڳ تي ملنديسانءِ.
(628)
اکر اچن سپرين، ته اکر ٿي پوان،
نالي سنديون ڳالهڙيون، شهرئون ويهي ڪريان.
اکر=اوري. اکر=گهوري. نالو=هيمن<
هيءُ+منُ. شهر=دلي.
اوري اچن سپرين، ته گهوري ٿي پوان،
هي من سنديون ڳالهڙيون، دليؤن ويهي ڪريان.
(629)
اَن جي شـــــــــال اچن، آءٌ عورت جرَ جي آهيان.
اَن جي=سيئي<سي ئي. عورت=جني.
جرَ جي=ڪوڏي.
سي ئي شال اچن، آءٌ جني ڪوڏي آهيان.
(630)
سسئي پنهون جي اَما، پر اَبو اچي شال.
اَما=جيجڙي<جيءَ+جڙي. اَبو=بابو<باب.
سسئي پنهون جي جيءَ جڙي، پر باب اچي شال.
(631)
پنهل ته منهنجو پيءُ هــــــــــــو، شل ماءُ ٿي
اچي!
پيءُ=بابو<باب. ماءُ=مادر<مان+دَر.
پنهل ته منهنجي باب هو، شل پر مان دَر اچي!
(632)
شهرئون ويا، سي ذات ملنم شال!
شهر=مودر<مون+در. ذات=جانوري<
جان+وري.
مون دَرَئون ويا، سي جان وري ملنم شال!
(633)
نرنانءَ شڪار جي، عضوي تي ڳهه ڙي.
نرنان=پنهون. شڪار جي=اَچي اَچي. عضوو=
چشم. ڳهه=هلڪو.
پنهون اچي اچي، چشمن تي هلڪو ڙي.
(634)
پاڻي جي پٽَ وَلِ اوهان نه ڪئي، شل عورت کاڄ جو!
پاڻيءَ جي=موڪ. پـَـٽَ وَل=لاڻي. عورت=
سـُـکي. کاڄ جو=رهو.
مـــــــوڪلاڻي اوهـــــــان نه ڪئي، شــــــل
سـُـکي رهو!
(635)
پنهون مــــان ســــان پوک پٽ جي ڪئي ڪانه ڪا.
پوک=موڪَ+پـَـٽ جي=لاڻي<موڪلاڻي.
پنهون مـــــان ســـــان مـــوڪلاڻي ڪئي ڪانه ڪا.
(636)
گاهه ڙي ويندياس، نرنانءَ علم جيءَ ۾.
گاهه=مريڙو<مري+ڙي. نرنان=ساجن.
علم جي=سورهِ>سور.
مري ڙي ويندياس، ساجن، انهيءَ سور ۾.
سرتين کي دانهن
(637)
حقي جي هوت ويا، لوهه جون ٻاروچا.
حقي جي=اُٿهڙي<اُٿو+ڙي. لوهه جون=
ميخون<مان+کؤن.
اُٿو ڙي هوت ويا، مان کؤن ٻاروچا.
(638)
اديون! مان سان کاڄ ئون کاڄ ڪري ويا.
کاڄُ=ڇاهين<ڇا+هؤن.
کاڄُ=ڪرٽُ
<
ڪرٽَ.
اديون! مان سان ڇا هؤن ڪرَٽ ڪري ويا؟
(639)
هٿيار منجهه عضوي، جيڏيون ذات هڻي ويا.
هٿيار=ڪـُـنڍو. عضوو=ڪاپار. ذات=جت.
ڪنڍو منجهه ڪاپار، جيڏيون! جت هڻي ويا.
(640)
ڪـُـتي جو ساري رات، ڪاٺ جو ڏٺم ڙي جيڏيون!
ڪـُـتي جو=پٽو<پٽيو. ڪاٺ جو=در.
پـَـقـــــٌيــــــو ســــاري رات، در
ڏٺـــــــــم ڙي جيڏيون!
(641)
هتئون اوزار ڙي اديون، چنڊ جو ڪو پنهون.
اوزار=رَندو<نـِـڪرندو. چنڊ جو=ڏٺو.
هتئون نڪرندو ڙي اديون، ڏٺو ڪو پنهون؟
(642)
شـــــهــــر آيـــــا ڙي جيڏيون! شهر نه ڏٺائون؟
شهر=ماڏو<مان
ڏي.
مان ڏي آيا ڙي جيڏيون! مان ڏي نه ڏٺائون.
(643)
حاڪيماڻي نه هئم ڙي جيڏيون، ته مون کي فاقيرو هوت
ڪندا.
حاڪيماڻي=ڄاڻَ. فاقيرو=حلقو<هلڪو.
ڄـــــــاڻ نـــــه هــــئــــم ڙي جيڏيون، ته مون
کي هلڪو هوت ڪندا.
(644)
گاهه جيءَ تي جاءِ جا هئم، پر ڪاٺيءَ ويا ڙي
جيڏيون!
گاهه جي=دن<ايندن. جاءِ جا=بار<اعتبار.
ڪاٺي=ويساهن<ويساهي.
ايــــنـــدن تـــي اعتبار هئم، پر ويساهي ويا ڙي
جيڏيون!
(645)
کاڄ=آني<اَهان+ني. ذات=سونگها<سوگها.
آهــــان نــــي ڪين چيو، ته ســـوگها ڪرين سسئي!
(646)
منهنجو گــــــاهه حـّـــــــو نـــــرنــــانءُ
ســـــــان، سڱيڻيون ذات.
گاهه جو=بندُ. نرنان=بلوچ. سڱيڻيون=اديون.
ذات=آهيڙي<اُهي+ڙي.
منهنجـــــو بــــنـــدُ بـــــلــــــوچ
ســــــــان اديــــــون آهــــــي ڙي!
(647)
اکيون کاڄ ٿيون، رڇ ئون هوت ويا،
ڪکن جون ڪنهن کي ڏيان، مون نرنالا ڪاٺ پيا.
کاڄ=ٻوٽيون. رَڇُ=وٽو. ڪکن جون=ڌايون<
دانهون. نرنالا=ڏونگر. ڪاٺ(جا)=ڏورڻا.
اکيون مون ٻوٽيون، وٽئون هوت ويا،
دانهون ڪنهن کي ڏيان، مون ڏونگر ڏورڻا پيا.
(648)
اکيون کڻي ماس ڪيم، رڇَ پرين رات ويا،
ڪکن جون ڪنهن کي ڏيان، ڪاٺ پهڻ جا پيا.
ماس=ٻوٽي<ٻوٽيم.
رڇَ=وَٽا<وٽان.
ڪکن جون=ڌايون<دانهون.ڪاٺ جا=
ڏورڻا. پهڻ جا=ڏونگر.
اکيون کڻي ٻوٽيم، مون وٽان پرين رات ويا،
دانهون ڪنهن کي ڏيان، ڏورڻا ڏونگر پيا.
(649)
ولايت وڃان ها جيڏيون، ته سٽ جي هوند پوان ها،
ڪري ڪاٺ پنهون کي، آءٌ جر جو وجهان ها.
ولايت=هرات<هي+رات. سـُـٽَ جي=رَسي.
ڪاٺ(جو)=نهيرو<حيلو. جر جو=وارو<واري.
هي، رات وڃان ها جيڏيون، ته رَسي هوند پوان ها،
ڪري حيلو پنهون کي، آءٌ واري وجهان ها.
(650)
عورت نالي ڇا ڪريان، ويا مرد نالو ڇڏي،
هنن تان هڏو ڪيو، آءٌ نه رهندي هڏي،
ڳهه منهنجو ولايت ويو، مٿي لوهه جن لڏي،
دعا ڪريو ڙي جيڏيون! من عورت نالو گڏي.
عورت=حليمان<هلي+مان. مرد نالو=بيگ<
بي گـُـرا. هڏو=سـَـنڌ<سنڌو.
ڳهه=وَرُ.
ولايت=ڪيچ. لوهه جن=گهوڙن<گؤنرن.
عورت=سسئي. نالو=پنهون.
هلي مان ڇا ڪريان، ويا بي گـُـرا ڇڏي،
هنن تان سنڌو ڪيو، آءٌ نه رهندي هڏي،
وَرُ منهنجو ڪيچ ويو، مٿي گؤنرن لڏي،
دعا ڪريو ڙي جيڏيون! مانَ سسئي پنهون گڏي.
(651)
امڙ اٿي آڳيٺيءَ جو ڪر، واڄٽ نالا وڃن،
هڻيو ٺڪر جا ڀتر جن تي، مال جا ڪن،
اديون، ائين چون، نه ولايت ۾ وڻ ٿيو.
آڳيٺيءَ جو=اُهاءُ(سوجهرو). واڄٽ=ڌُم<دَمُ.
نالا=هوت. ٺڪر جا=هٿيا<هٿ.
ڀـِـتر جي=سـِـرَ.
مال جا=گهوڙا. ولايت=هرات<رات.
وڻ=
هيرڻ<هيءُ+رِڻ.
امڙ اٿي اُهاءَ ڪر، جنهن دم هوت وڃن،
هڻيون هٿ سـِـرن تي، گهوڙا گهوڙا ڪن،
اديون، ائين چون، ته رات ۾ هيءُ رڻ ٿيو.
(652)
ٻه وڻيون نرنانءُ ناهي عضوي ۾، تڏهن زمين جا ڙي،
ڌراڙ ڌڻ جو ڪري ويا، تڏهن مال جا ڙي!
ٻه وڻيون=ٻهـلاڻيون<ٻيلياڻيون.
نرنان=پنهون.
عضوو=ڪڇَ.زمين جا=کامان. ڌراڙ=اوٺار.
ڌڻ جو=ڌاڙو. مال جا=گهوڙا.
ٻيلياڻيون! پنهون ناهي ڪڇ ۾، تڏهن کامان ڙي!
اوٺار ڌاڙو هڻي ويا، تڏهن گهوڙا گهوڙا ڙي!
(653)
جڏهن ٿي پنهون ذات ٿيو، تڏهن عورت نه جيڏيون!
ڪاٺ پکيءَ جو نه ڪيو، نه ته عورت ٿيم ڙي جيڏيون!
ذات=ٻانهان<پانهان. عورت=مـُـئي ڪاٺ جن=
پلاڻن. پکيءَ جو=چيچٽ. عورت=سجاڳان<سجاڳي.
جڏهن ٿي پنهون پانهان ٿيو، تڏهن ميس نه جيڏيون!
پلاڻن چيچٽ نه ڪيو، نه ته سجاڳي ٿيم ڙي جيڏيون!
(654)
آيا ڏير ڏکيءَ جا، ڪري ڪپڙي جي من،
راڳ ۽ نارنانءَ جو، ڇو نه لاتائون ڪنِ،
اديون ڙي هوتن، نيو راند جيءَ ٻاروچو.
ڪپڙي جي=کوٽي. راڳ جي=زاري. نارنان
عورت=ذائفان<ضعيف. راند جي=آڳيٺي<
آ+گهٽي.
آيا ڏير ڏکيءَ جا، ڪري کوٽي من،
زاري هن ضعيف جي، ڇو نه لاتائون ڪن،
اديون ڙي هوتن، نيو آ گهـُـٽي ٻاروچو.
(655)
سڏ ٻـُـڏي جي ڇڏيائون، ڪوريئڪو ورک نه ڪيائون،
نالي ڏنائون، پنهنجا بـُـکين ڪينڪي.
سڏُ=ڇو. ٻـُـڏي جي=ڙي. ڪوريئڪو=پنجو<
پنهنجو. ورک=وڻ<وڙ. نالو=موسو<مون+
سي. پنهنجا=لڪَ. بـُـکئي جو=لنگهڻ.
ڇوڙي ڇڏيائون، پنهنجو وڙ نه ڪيائون،
مون سي ڏنائون، جي لڪَ لنگهڻ جا ڪينڪي.
(656)
مرد ۽ مال جا سرتيون، شهرئون ڏير ويا،
اَن جي ڪونه هئا، مان رڇ ڙي جيڏيون!
مرد=تازا. مال جا=سور. شهر=ڏيهي<ڏيئي.
ان جي=ڪرهي(سنگن جي حفاظت لاءِ هاري
ٺاهين)
<ڪرَ+هي.
رڇ=وَٽو<وٽ.
تازا سـُـور سرتيون، ڏيئي ڏير ويا،
ڪرَ، هي ڪونه هئا، مان وٽ ڙي جيڏيون!
(657)
ڪاٺي جنهن لاءِ ٿياس، ڪاٺي سي نه ٿيا،
اَديون ٻاروچا، مون کي ڪاٺي ڪري ويا.
ڪاٺي=ڀڳي. ڪاٺي=ٻسانگي<سانگي.
ڪاٺي=ڪاري.
ڀڳي جنهن لاءِ ٿياس، سانگي سي نه ٿيا،
اديون ٻاروچا، مون کي ڪاري ڪري ويا.
(658)
ولايت ئون ويا ڙي جيڏيون، پر شهرئون شل مَ وڃن،
جيت ڏسيو انهن جا، مون کي پکي جهل نه ڏين.
ولايت=هرات<هي+رات. شهر=دِلي<دِلئون.
جيت=جائون<جايون. پکي=هنجهه<هنجهون.
هي رات ويا ڙي جيڏيون، پر دلئون شل مَ وڃن!
جايون ڏسيو انهن جون، مون کي هنجهون جهل نه ڏين.
(659)
لوهه بنان ڙي جيڏيون، وڏيون مال جون پـُـونِ،
سي جي نالو هونِ، ته وکر جي ڪير ڪري.
لوهه(جو)وَرُ
<ورن. مال جون=گهٽيون.
نالو=حيات. وکر جي=پـُـڙي<اُپڙي.
وَرَن بنا ڙي جيڏيون، وڏيون گهٽيون پـُـونِ،
سي جي حيات هونِ، ته اُپڙي ڪير سگهي.
(660)
جتن نـــــانءُ ٿيان، جـــــي مون کـــــــي ذات
ڪن.
نان=نهال<نال. ذات=سهاڳا<سهاڳڻ.
جتن نال ٿيان، جــــــي مون کـــــــي سهاڳڻ ڪن.
(661)
هن ولايت کان جيڏيون! نالا نانءَ وڃن،
اَن جي رڌي ڪن، عورت ذات آهيان.
ولايت=سورت<سور. نالو=وَريام<وريام
نان=ويڄ. اَن جي=سيئي<سي+ئي.
رڌي=سڄي. عورت=جنت<جني.
ذات=ماري.
هن سور کان جيڏيون، وريو ويڄ وڃن،
سي ئي سڄي ڪن، جني ماري آهيان.
(262)
اديون ڙي آءٌ ذات، نالن نرنانءُ ڪين،
مـَـن جر جا ٿين، ته مئي جو ٿئيم سـُـٽ سان.
ذات=ڪانهل<ڪاهلي.
نالن=سيڻن. نرنان=
سٺيو<سٺيس.
جر جا=ٿڌا. مـُـئي جو=وصال. سـُـٽَ
(جو)=وَر.
اديون ڙي آءٌ ڪاهلي، سيڻن سٺيسِ ڪين،
من ٿڌا ٿين، ته وصال ٿئيم وَرَ سان.
(663)
جر جون وڌم جانب کي، وڻ جي وڌم ڪانه،
وکر ڏيو ڙي جيڏيون، نرنانءُ پسان مان.
جر جون=جهلون. وڻ جي=ڳيراٺي<ڳرهاٽي.
وَکر=ڪوپرو<ڪو+پرو.
نرنان=پنهون.
جهلون وڌم جانب کي، ڳرهاٽي وڌم ڪانه،
ڪو پرو ڏيو ڙي جيڏيون، پنهون پسان مان!
(664)
منهنجا گاهه ٻروچ، ڪاٺي ڪنديس ڪينڪي.
گاهه=سـِـڻ<سيڻ. ڪاٺي=ٻيانو<ٻيا.
منهنجا سيڻ ٻروچ، ٻيا ڪنديس ڪينڪي.
(665)
ناهي ڪاٺي نالي ري ٻين نانونَ جي.
ڪاٺي=لوڙهه<لوڙَ. نالو=جانب. نانوَن=جتن.
ناهي لوڙ جانب ري ٻين جتن جي.
(666)
وڻ ته گهڻـــــو اٿــــــم جيڏيون، پـــــر ذات
ماري آهيان.
وڻ=اَڪ<عقل. ذات=جهڄڻ. ماري=جهوري.
عقل ته گهڻو اٿم جيڏيون، پر جهڄڻ جهوري آهيان.
(667)
مـِـرون وئــــــڙم نڪري، مان مرون ڪوهه ڪندياس.
مرون=ڪڇئون<ڪڇ+ئون.
مرون=پلنگ
(ڪتو).
ڪڇ ئون وئڙم نڪري، مان پلنگ ڪوهه ڪندياس.
(668)
نــــــار نالي کـــــــان هوت ويا، هت نار نالي
ڇا ڪندياس.
نارنالي=حليمان<هلي+مان. نار نالي=رحيمان<
رهي+مان.
هلي مــــان کـــان هوت ويا، هت رهي مان ڇا
ڪندياس.
(669)
نالي بنان هاڻ، هت نار نالي ڇا ڪريان.
نالو=سڄڻ. نارنان=رحيمان<رهي+مان.
سڄڻ بنان هاڻ، هـِـت رهي مان ڇا ڪريان.
(670)
نـــــار نـــــانءُ ڪيئن ٽڪي، جنهن جو واڻيو ذات
وٺــــي ويا.
نارنان=جادل<جا+دل. واڻيو=هيمن<هيءُ+
من. ذات=هوت.
جا دل ڪيئن ٽڪي، جنهن جو هيءُ من هوت وٺي ويا.
(671)
نالي پڄاڻا جيڏيون! هاڻي ڄيرو نالي کي.
نالو=جانب. ڄيرو=باهه. نالو=ڀنڀو<ڀنڀور.
جانب پڄاڻا جيڏيون، هاڻي باهه ڀنڀور کي!
(672)
نرنانءَ بنا ڙي جيڏيون، سمهڻ وڻ ٿيو،
هي مال جا، مون رڇ ئون هوت ويو.
|