باب ويهون
سورهيائي واريون ۽ عام چوڻين واريون ڳجهارتون
سورهيائي
(2533)
ڪاٺ لڳن، اُت پکي ڇپن،
بنان نرنانئن، مال جو ٿئي ڪونه.
ڪا(جو)= ڪـِـلو> ڪـِـلا. پکي= ڪانئر.
نرنانءُ= بهادر. مال جو= ٽـُـڪر.
ڪـِـلا لڳن، اُت ڪانئر ڇپن،
بنان بهادرن ٽـُـڪر ٿئي ئي ڪونه.
(2534)
هو جي پکي آئيا، وجهي ڪپڙو وات،
اچي پڇيائون رات، ڪٿي نالا جنگ جا؟
پکي= ڳجهه> ڳـِـجهون. ڪپڙو= ڳاڙهو. رات=
پرڀات. نالو= محب. جنگ جا= ماراڻا.
هو جي ڳـِـجهون آئيون، ڪري ڳاڙها وات،
اچي پڇيائون پرڀات، ڪٿي محب ماراڻا؟
(2535)
نالو ڏسي نالو گهري، اهو نالو ئي ناهه.
نالو= جنگو> جنگ. نالو= جيئڻ. نالو= بهادر.
جنگ ڏسي جيئڻ گهري، اهو بهادر ئي ناهه.
(2536)
جڏهن مٽيءَ تي ساز وڳو، تڏهن پکي ڇو نه ڪيئي؟
مٽيءَ جو= بـَـنگلو. ساز= بـِـگـُـل. پکي=
سانباهو.
جڏهن بنگلي تي بگل وڳو، تڏهن سانباهو ڇو نه ڪيئي؟
(2537)
نرنانءُ هو ئي ڪونه، ملڪ سڀ لوهه پئجي ويو.
نرنانءُ= سـُـورو> سورهيه. لوهه(جو) = مارو.
سورهيه هو ئي ڪونه، ملڪ ۾ مارو پئجي ويو.
(2538)
سو نرنانءُ اچي ڪيئن؟ جنهن جا پنهنجا ڪونهن شهر ۾.
نرنانءُ= وڍيو. پنهنجا= چـُـوڻا. شهر= اُڀ.
سو وڍيو اچي ڪيئن، جنهن جا چـُـوڻا ڪونهن اُڀ ۾.
نصيحت ۽ هدايت
(2539)
اي نرنان! پوک جي ڪر ڪاٺ سين، جيسين
عضوي جو هجين ملڪ ۾.
نرنانءُ= بندو. پوک جي= اوڙ> اور. ڪاٺ جو=
لاهه> الله. عضوو= جيرو> جيئرو. ملڪ= جهان.
اي بندا! اور الله سين، جيسين جيئرو هجين جهان ۾.
(2540)
ڪاٺ نرنانءُ هٿ ۾، وکر ڪندو ڪير ميان!
ڪاٺ(جو) = قلم. نرنانءُ= قادر. وکر= ميٽ.
قلم قادر هٿ ۾، ميٽيندو ڪير ميان!
(2541)
نالو نالي عضوي ۾، تون به ڪو کاڄ جو ته ڪر!
نالو= پيروز> روز. نالو= رزاق. عضوو= هٿ.
کاڄ= ماهيلو> حيلو.
روز رازق هٿ ۾، تون به ڪو حيلو ته ڪر!
(2542)
علم جي پڙهه ذات تي، ته ذات فقير جا ڪنئي.
علم جي= صلوات. ذات= سيد. ذات= شافي.
فقير جي= شفا.
صلوات پڙهه سيد تي، ته شافي شفا ڪنئي.
(2543)
مڻيو رک نرنان ڏي ته من اڳيئون نارنالي جاءِ ملئي.
مڻيو= دل پاڪ. نرنانءُ= محمد+. نارنالو= جنت.
دل پاڪ رک محمد ڏي، ته مـَـن اڳيئون جنت جاءِ
ملئي.
(2544)
رک عضوو فقير جي سان، ته شهر جو ٿئين.
عضوو= دل. فقير جو= دين. شهر جو= چارو> موچارو.
رک دل دين سان، ته موچارو ٿئين.
(2545)
رک پنهنجو فقير جي سان ته مرض کان ليکي جو ٿئين.
پنهنجو= نينهن. فقير جي= نماز. مرض= عذاب.
ليکي جو= آجو.
رک نينهن نماز سان ته عذاب کان آجو ٿئين.
(2546)
آيو نالو مرد جو، نالو هڏ مَ ڇڏ،
نالو ڇڏيندين هڪڙو، ليکو پوندئي هـَـڏ،
جهلي پنهنجو عضوو، راند واري سان گڏ،
پهرين وڃي سڏ، ٻولي ناڻي جي ٿئي.
نالو= مينهون> مهينو. مرد= رمضان.نالو=پيروز>
روزو. ليکو= ٽيهه. عضوو= هـِـنيون. راند وارو=
شيطان. ٻولي= ڌڻيءَ پاران. ناڻي جو= ڇوٽڪو.
آيو مهينو رمضان جو، روزو هڏ مَ ڇڏ،
روزو ڇڏيندين هيڪڙو، ته ٽيهه ئي پوندئي هڏ،
جهلي پنهنجو هـِـنيون، شيطان سان مَ گڏ،
پهرين وڃي سڏ، ڌڻي پاران ڇوٽڪو ٿئي.
(2547)
نالو اچي ته نالو ٿجي ۽ راند جي کي کڻي ڦٽو ڪجي.
نالو= رمضان. نالو= راضي. راند جي= شيطاني.
رمضان اچي ته راضي ٿجي، شيطانيءَ کي کڻي ڦٽو ڪجي.
(2548)
نالو رکي ويهه ته نار به ايندي تو گهر.
نالو= فيروز> روزو. نار= عيد.
روزو رکي ويهه ته عيد ايندي تو گهر.
(2549)
نالا جن رکيا، نار به نالي تن جي.
نالو= راضي> روزا. نار= عيد. نالو= صادق> صدقي.
روزا جن رکيا، عيد به صدقي تن جي.
(2550)
نرنانءُ ڏٺو نرنانءُ ويو، نرنانءُ چئي نرنانءُ
ڪريو.
نرنانءُ= چنڊ. نرنانءُ= رمضان. نرنانءُ=آدم.
نارنانءُ= عيد.
چنڊ ڏٺو رمضان ويو، ”آدم“ چئي عيد ڪريو.
(2551)
مٽي نالو ڪر ڪاٺ ۾،
پکي ٿئين، شهر پنهنجو ٿينئي.
مٽيءَ جي= سـِـرَ> سـِـر. نالو= قربان. ڪاٺ(جو) =
جهاز> جهاد. پکي= شهيد. شهر= بهشت. پنهنجو
= نصيب.
سر قربان ڪر جهاد ۾ ته شهيد ٿئين، بهشت نصيب
ٿينئي.
(2552)
ڪني نرنانءُ کوڙيا، ڪي نرنانءُ پنهنجون ڪن،
جي وڃي عورت ۾ پون، ٿيو موٽڻ مشڪل تن جو.
نرنانءُ= جهنڊو. نرنانءُ= راول. پنهنجون= رڙيون.
عورت= قبر.
ڪني جهنڊا کوڙيا، ڪي راول رڙيون ڪن،
جي وڃي قبر ۾ پـَـون، ٿيو موٽڻ مشڪل تن جو.
(2553)
نرنانءُ تنهنجي مٿي تي، نرنانءُ تنهنجي وات،
نرنانءُ تنهنجا انگڙا، نرنانءُ تنهنجي ذات.
نرنانءُ= موتي> موت. نرنان= ڪرمو> ڪلمون.
نرنانءُ= خاڪي. نرنانءُ= سامي.
موت تنهنجي مٿي تي، ڪلمون تنهنجي وات،
خاڪي تنهنجا اَنگڙا، سامي تنهنجي ذات.
(2554)
نالو چوي راند جي ڇڏ، اڳيان نالو حاڪم آهي.
نالو= قاضي. راند جي= ڪپت. نالو= قادر.
حاڪم= قهار.
قاضي چوي ڪپت ڇڏ، اڳيان قادر قهار آهي.
(2555)
مائٽ چم جيءَ ۾ چور جي نه ڪر، ولايت ۾
واپار نالو ٿيندين.
مائٽ= امان. چم جي= نـَـط> نت. چور جي=
خيانت. ولايت= قيامت. واپار(جي) = ڪاڻ.
نالو= يارو.
اَمانت ۾ خيانت نه ڪر، قيامت ۾ ڪاڻيارو ٿيندين.
(2556)
پنهنجي نالي ڌار ته مرض ئون ليکي جو ٿئين!
پنهنجي= نيت. نالو= نيڪ. مرض= عذاب.
ليکي جو= آجو.
نيت نيڪ ڌار ته عذابئون آجو ٿئين!
(2557)
اي نالا! بي نالا، تون پوک زمين جو ڇو ڪرين؟
نالو= بندو. نالو= بقا. پوک جو= تڪ. زمين جو= بر.
اي بندا بي بقا، تون تڪبر ڇو ڪرين؟
(2558)
اي نالا نرنانءَ جا! قرآن جي ڪري نالو ٿي ته
پنهنجيءَ کان حاڪم جي ملئي.
نالو= بندو. نرنانءُ= خدا. قرآن جي= توبـ*. نالو=
طيب> تائب. پنهنجو= گناهه. حاڪم جي= معافي.
اي بندا خدا جا! توبـہ ڪري تائب ٿي ته گناهن
کان معافي ملئي.
(2559)
نالو جن هوندو، نر نالي تن ٿيندي.
نالو= صابر> صبر. نالو= فتح.
صبر جن هوندو، فتح تن ٿيندي.
(2560)
جن پنهنجي کي ذات ڪيو، سي راند نالا ٿيا.
پنهنجي= طمع. ذات= تـُـرڪ> ترڪ. راند=
رچي. نالو= لعل.
جن طمع کي تـَـرڪ ڪيو، سي رچي لعل ٿيا.
(2561)
شاهوڪاري ڏسي فقير جو نه ڇڏ،
انهيءَ کاڄ جي تي پنهنجو نه ڪر!
شاهوڪاري= دنيا. فقير جو= دين کاڄ جي=
ٽـِـڪي> نه+ ٽڪيءَ. پنهنجو= ڀروسو.
دنيا ڏسي دين نه ڇڏ، انهيءَ نه ٽڪيءَ تي ڀروسو نه
ڪر!
(2562)
حاڪم جو ڏسي ذات نه ٿيءُ، نالو ٿيندءِ ڪونه!
حاڪم جو= خزانو. ذات= خشڪ> خوش. نالو=
نيڀائو> نيبهه.
خزانو ڏسي خوش نه ٿيءُ، نيبهه ٿيندءِ ڪونه!
(2563)
ڏي مال جي ڪر مرض جو، من ڪا پنهنجي ٿئي.
مال جي= مايا. مرض جو= صدقو. پنهنجي= مـِـهر.
ڏي مايا، ڪر صدقو، من ڪا مـِـهر ٿئي!
(2564)
اٿئي جر جي، ڪڏهن وڃي ذات ٿيندين.
جر جي= ڪوڏي> ڪو+ ڏينهن. ذات= سانگي.
اٿئي ڪو ڏينهن، ڪڏهن وڃي سانگي ٿيندين.
(2565)
جا ذات نالي کان، سا ڪيئن نار ميان.
ذات= جعفري> جا+ ڦري. نالو= خاوند. نار= تڳي.
جا ڦري خاوند کان، سا ڪيئن تڳي ميان.
(2566)
نرنانءَ اهي، جي پنهنجو پنهنجي ڪري ذات ٿي ويا.
نرنانءُ= درويش. پنهنجو= نياز. پنهنجي= نوڙت.
ذات= کٽي.
درويش اهي، جي نياز نوڙت ڪري کٽي ويا.
(2567)
ذات ٿي فقير جي هڻ، من نالو پنهنجو نرنانءُ ڪري!
ذات جا= صوفي. فقير جي= صدا. نرنانءُ= آگو.
پنهنجو= عرض. نالو= قبول.
صوفي ٿي صدا هڻ، من آگو عرض قبول ڪري!
(2568)
نالي حاڪم جيءَ ۾، ٻولي ڪر ته نالو ٿيئي.
نالو= دوست. حاڪم جي= درٻار. ٻوليءَ جي=
دانهن. نالو= داد.
دوست جي درٻار ۾، دانهن ڪر ته داد ٿيئي.
(2569)
هت ته وڻ، پر اڳيان وڏو نالو اٿئي.
وڻ= مانجهاندڙي> مانجهاندو. نالو= صفر> سفر.
هت ته مانجهاندو، پر اڳيان وڏو سفر اٿئي.
(2570)
ميوي جو ته گهڻوئي موچارو، پر نيٺ کاڄ جو.
ميوي جو= رَس. کاڄ جو= حلوو> هلبو.
(هتي) رس ته گهڻوئي موچارو، پر نيٺ هلبو.
(2571)
نر کٽي نار کائي، اَن جو ٻنهي کي نه ٿئي.
نر= موت. نار= قبر. اَن جو= ڍؤ.
موت کٽي، قبر کائي، ڍؤ ٻنهي کي نه ٿئي.
(2572)
ٻه نالا ايندا، وڻ جو ٿيندو تڏهن.
ٻه نالا= منڪر ۽ نڪير. وڻ جو= ڇاڻو> پڇاڻو.
منڪر نڪير ايندا، پڇاڻو ٿيندو تڏهن.
(2573)
جڏهن اُڀ ڪاٺ ڪپڙ جو ٿيندو،
تڏهن ڪاغذ ۽ فقير جو ڇا ٿيندو.
اُڀ جو= سج. ڪاٺ جو= نيزو. ڪپڙ جو= پاند.
ڪاغذ جي= بندي> بند. فقير جو= حال.
جڏهن سج نيزي پاند ايندو،
تڏهن بندي جو حال ڇا ٿيندو.
(2574)
اول ساز ڪپڙو، پوءِ مال جو ذاتين.
ساز= مڙهه. ڪپڙو= لـَـٽو> لٽيو. مال جو= پـُـڇ>
پڇيو. ذات= مـَـلڪ> ملڪن.
اول مڙهه لـَـٽيو، پوءِ پڇيو مـَـلڪن.
(2575)
ڏاڍيءَ منجهه هياس، نالا آيا لوهه جا کڻي.
ڏاڍي= قبر. نالو= مـَـلڪ. لوهه جا= گـُـرز.
قبر منجهه هياس، مـَـلڪ آيا گرز کڻي.
(2576)
ڪاٺ پـِـير کان عضوو لاءِ فقير جي گهـُـر، من
حاڪم جي ڪري.
ڪاٺ(جو) = لاهه> الله. پـِـير= پاڪ. عضوو=
دل. فقير جي= دعا. حاڪم جي= ٻاجهه.
الله پاڪ کان دل لائي دعا گهر، من ٻاجهه ڪري.
مـنـاجـات
(2577)
شهر مڙئي شهر، تو ريءَ شهر نه ڪيو.
شهر(جو) = تڪيو.
تـَـڪيا مڙئي تڪيم، تو ريءَ نه تڪيو ڪو.
(2578)
اي نالا! ڏي نالو، مان نار نالي ٿي وڃان.
نالو= عارف> رب. نالو=پناهه. نار نالو= بچي.
اي رب! ڏي پناهه، ته مان بچي وڃان.
(2579)
رڇن کان رکين مون، وارن سان مارين،
شهر نرنان جي، ڪا مال جي ڏيکارين.
رڇ= ڏوها. وارن(جو) = قلم> ڪلمون. شهر
جو= ميڙو. نرنان= محمد(+). مال جي= واٽ.
ڏوهن کان رکين، مون ڪلمي سان مارين،
ميڙي محمد + جي، ڪا واٽ ڏيکارين.
(2580)
ڪپڙي جي وٺي نرناءُ کان، مان ولايت ويندياس.
ڪپڙي جي= داوَن. نرنانءُ= دستگير. ولايت= مدينو.
داوَن وٺي دستگير جي مان مديني ويندياس.
(2581)
نالو ۽ نرنانءُ، ڪاٺ مٽيءَ سان لاءِ!
نالو= پيرو> پير. نرنان= دستگير. ڪاٺ(جا) =
ٻيڙا. مٽيءَ جا= ٻنا.
پير دستگير، ٻيڙا ٻـَـني لاءِ!
(2582)
اي نرنانءَ! واءُ جي ڪر ته شهر ٿيان.
نرنانءُ= لعل شهباز. واءُ جي= سڻائي. شهر= سکر.
اي لعل شهباز! سڻائي ڪر ته سکر ٿيان.
(2583)
وڻ جي وجهي رڇ ۾، مان شهر نينديس.
وڻ جي= ميندي. رڇ= وٽو. شهر=سيوهڻ.
ميندي وجهي وٽي ۾، مان سيوهڻ وينديس.
(2584)
اي زمين جا ڌڻي، شل عورت نالي ٿئي!
زمين(جي) = ڀـِـٽَ. عورت= مـُـرادان> مراد.
نالو= حاصل.
اي ڀٽ جا ڌڻي، شل مراد حاصل ٿئي!
(2585)
ذات نالا، ڪاٺن وارا، عورت ڏي ته نالي وڃان.
ذات= سيد. نالو= سونهارو. ڪاٺ(جو) = نيزو.
عورت= صحت. نالو= سومار.
سيد سونهارا، نيزن وارا، صحت ڏي ته سومار تي وڃان.
(2586)
اي نالا شهر جا ڌڻي! ڪاٺ جا مون تان لاهه.
نالو= ڀاون شاهه. شهر= بديڻ. ڪاٺ جا= ڏلها.
اي ڀاون شاهه بديڻن جا ڌڻي! ڏلها مون تان لاهه.
(2587)
نالي شاهه پـِـير شهر جا ڌڻي،
ڪکن جا تون لاهي، مـُـٺي کي مال جا ڏي.
نالو= عباس علي. شهر= ونهيرو. ڪکن جا= تـُـرها.
مال جا= ڏاڻ.
عباس علي شاهه پير، ونهيري جا ڌڻي!
تـُـرهن تان لاهي، مـُـٺي کي ڏاڻ ڏي.
(2588)
اُٿي عورت! کڻ ڪپڙ جي، نرنانءُ آيو ڙي.
عورت= دائي. ڪپڙ جي= رضائي. نالو= مرشد.
اُٿي دائي! کڻ رضائي، مرشد آيو ڙي.
چوڻيون ۽ پهاڪا
(2589)
ذات هجي ذات ڪجي، نرنانءَ ڪجي ڪانه.
ذات= جيترا. ذات= اوترا. نرنانءُ= واڌو.
جيتري هجي اوتري ڪجي، واڌو ڪجي ڪانه.
(2590)
ليکي پوک جي جو ڪري، تنهن سان جهجها
ڪاٺ ڪجن.
ليکي جي= اَسي> اصي. پوک جي= لائي. ڪاٺ
(جو) = گهـُـڻو> گـُـنَ.
اصيلائي جو ڪري، تنهن سان جهجها گـُـن ڪجن.
(2591)
ليکي عضوي جي جو ڪري، تنهن کي مال جا
نه
ڏجن.
ليکي جي= اَسي. عضوي جي=لپ. مال جا= ڏنڀ.
اصيلپ جو ڪري، تنهن کي ڏنڀ نه ڏجن.
(2592)
نرنان پائي پاند ۾، نرنان ٿي اچن،
نرنان به ڏجي انهن کي، ڀل نرنان ٿي وڃن.
نرنان= عيب. نرنان= غلام. نرنان= احسان.
نرنان= راضي.
(جي) عيب پائي پاند ۾، غلام ٿي اچن،
احسان به ڪجي انهن سين، ڀل راضي ٿي وڃن.
(2593)
نالو ڏجي نالي کي، توڙي نالو هجي.
نالو= عزت. نالو= آيو> آئي. نالو= ٻانهون.
عزت ڏجي آئي کي، توڙي ٻانهون هجي.
(2594)
نالو هوندو سو نالو ٿيندو، نه ته نالو!
نالو= ساهـُـو> سائـُـو> سائو. نالو= سنڀالو>
سنڀالبو.
نالو= ڇـُـٽو.
سائو هوندو سو سنڀالبو، نه ته ڇـُـٽو!
(2595)
علم ۾ راند جو نالي، جر ۾ مرونءَ جي ناهي،
اُڀ ۾ مٽيءَ جي ناهي، فقير جي ۾ماڻهوءَ جي ناهي.
علم= قرآن. راند جو= ڪوڙ. جر= پاڻي. مرونءَ
جي=پليتي. اُڀ= آسمان. مٽيءَ جي= قبر. فقير
جو= مقام. ماڻهوءَ جي= ڳالهه.
قرآن ۾ ڪوڙ ناهي،پاڻيءَ ۾ پليتي ناهي،
آسمان ۾ قبر ناهي، مقام ۾ ڳالهه ناهي.
(2596)
راند ڪاٺ وڻ جو، پر جر جو ٿيندوئي ڪونه.
راند جو= سچ. ڪاٺ جو= ٻيڙو. وڻ جو= لڏڻ>
لڏي. جر جو= ٻڏو> ٻڏي.
سچ جو ٻيڙو لڏي، پر ٻڏي ڪونه.
(2597)
اَن جي سڀ ڄمار، ڪاٺيءَ ساعت هڪڙي.
اَن جي= رک> مورک. ڪاٺيءَ جي= گهڙَ> سگهڙ.
مورک سڀ ڄمار، سـُـگهڙ ساعت هڪڙي.
(2598)
نرنانءُ هجي ته عضوي جي ڏجي، نرنانءَ کي
فقير جي نه ڏجي.
نرنانءُ= دوست. عضوي جي= دل. نرنانءُ=
دشمن. فقير جو= حال.
دوست هجي ته دل ڏجي، دشمن کي حال نه ڏجي.
(2599)
نالي کان نالو ڀلو، جو نالي ۾ نالو ڏئي.
نالو= سخي. نالو= شوم. نالو= ترت. نالو= جواب.
سخيءَ کان شوم ڀلو، جو ترت ڏئي جواب.
(2600)
جت نالا ۽ نرنانءَ هجن، تت ڪاٺي ٿئي ئي ڪانه.
نالو= سالڪ. نرنانءُ= سگهڙ. ڪاٺيءَ جو= ڪـَـچُ>
ڪـَـچي.
جت سالڪ ۽ سگهڙ هجن، تت ڪچي ٿئي ئي ڪانه.
(2601)
ذات آزار ۾ خوش.
ذات= چاڪي. آزار= پيڙَ.
چاڪي پـِـيڙَ ۾ خوش.
(2602)
ڪاٺ ڪـُـتي جي وات ۾، ڪاٺ ڪـُـتي جو ڪم،
ماري لاهينس چم، ته به ڪاٺ ڪـُـتي جي وات ۾.
ڪاٺ= بهڻ.
بهڻ ڪـُـتي جي وات ۾، بهڻ ڪـُـتي جو ڪم،
ماري لاهينس چم، ته به بهڻ ڪـُـتي جي وات ۾.
(2603)
مرونءَ جي وات ۾ آهي وڻ.
مرون= ڪتو. وڻ= بهڻ.
ڪـُـتي جي وات ۾ آهي بــَـهڻ.
(2604)
ڪامڻ ڪک اٿي ويا، وڃي مال جا رهيا.
ڪامڻ= سچي> سچا. ڪک= سـَـرَ> سير. مال جا=
دَنگل> غل باز.
سچا سير اٿي ويا، وڃي دغل باز رهيا.
(2605)
جڏهن ليکي شهر لڳو، تڏهن نرنانءُ ذات ٿيو.
ليکو= تيرهن. شهر= سن. نرنانءُ=آدم. ذات=
سامٽيا> ساءُ+ مٽيو.
جڏهن تيرهون سنه لڳو، تڏهن آدم ساءُ مٽيو.
(2606)
ملڪ مڙوئي مڇي، وڻ ڪونه چوي.
مڇي= مـُـڪر> مڪر. وڻ= سـَـرينهه> صريح.
ملڪ مڙوئي مـَـڪر، صريح ڪونه چوي.
(2607)
نالو ۽ نرنانءَ، نالي ايندا.
نالو= موت. نارنانءُ= ملاقات. نالو= اوچتو.
موت ۽ ملاقات اوچتا ايندا.
(2608)
جيڪي تيل جا، تن سان کاڄ جا ڇا ڪبا.
تيل جا= ٻـُـڙا> ٻوڙا. کاڄ جا= ٻاٽ> سـُـرٻاٽ.
جيڪي ٻوڙا، تن سان سـُـرٻاٽ ڇا ڪبا.
(2609)
ذاتين کي ڪاٺ جا ڇا ڪندا؟
ذات= ٺوڙها. ڪاٺ جا= ڦڻوٽا.
ٺوڙهن کي ڦڻوٽا ڇا ڪندا؟
(2610)
ڪاٺ جي کڻي لشڪر جو ڏي ته مرونءَ جي ڇا ڪري؟
ڪاٺ جي= ڦڻي. لشڪر جو= مٿو. مرونءَ جي=
جـُـوءِ> جـُـون.
ڦڻي کڻي مٿي کي ڏي ته جـُـونءِ ڇا ڪري!
(2611)
جنهن کي مٽيءَ جي پوندي، سا شهر مان نالو آڻيندي.
مٽيءَ جي= گتي. شهر= لـَـڪي. نالو= لعل.
جنهن کي گتي پوندي، سا لـَـڪي مان لعل آڻيندي.
(2612)
جن مـُـنڌن ڪـَـتي ليکو نه ڪيو، سي مال جون ڙي.
منڌ= عورت. ليکي(جو) = انگ. مال جون= گڏهيون.
جن عورتن ڪـَـتي اَنگ نه ڍڪيو، سي گڏن هيون ڙي.
(2613)
نالي ۽ نرنان تي پکي جي ڏٺيسون ڪانه.
نالو= خسيس. نالو= کدڙو. پکيءَ جي= ڪلنگي.
خسيس ۽ کدڙي تي ڪلنگي ڏٺيسون ڪانه.
(2614)
جيت ٿي پر مال نه.
جيت= اصيل. مال= خر.
اصيل ٿي پر خـَـر نه.
(2615)
پنهنجا ۽ مال جا ڇني نه ڇڏجن.
پنهنجا= ننگ. مال جا= وڙ.
ننگ ۽ وڙ ڇني نه ڇڏجن.
(2616)
ڪاٺي ۽ نالو رڇ نه ٿيندو،
جي رڇ ٿيندو ته به مال جو.
ڪاٺي= من. نالو= موتي. رڇ= ڀڳو سڄو. رڇ=
سڄو. مال جو= سنڌو.
مـَـن ۽ موتي ڀڳو، سڄو نه ٿيندو،
جي سڄو ٿيندو ته به سـَـنڌو.
(2617)
ڪپڙ کي ذات کائي ته هڻجي گهوڙي جي.
ڪپڙ(جو) = ڪوٽ. ذات= ڪـَـلرَ. گهوڙي جي=
پـُـستي> پـُـشتي.
ڪوٽ کي ڪلر کائي ته هڻجي پـُـشتي.
(2618)
چم ۽ باهه جي، تنهن کي شهر ڇا ڪندا؟
چم جي= سيڻاهه. باهه جي= ڦـُـوڪڻي> ڦـُـوڪي شهر =
باڊهه، ٻانڊَ.
(جنهن) سيڻاهه ڦـُـوڪي، تنهن کي ٻانڊ ڇا ڪندا؟
(2619)
جن جا نالا نالي هـُـونِ، ذات نه ڪجي تن سان.
نالو= ڪرم. نالو= سڀاڳو. ذات= رئيس> رِيسَ.
جن جا ڪِـر م سڀاڳا هـُـونِ، ريس نه ڪجي تن سان.
(2620)
ٻولي ڪجي ان کي، جيڪو ٻولي ڪري،
جيڪو ٻولي نه ڪري، ٻولي نه ڪجي ان کي.
ٻولي= عرض. ٻولي= غرض. ٻولي= غرض.
ٻولي= عرض.
عرض ڪجي ان کي، جيڪو غرض ڪري،
جيڪو غرض نه ڪري، عرض نه ڪجي ان کي.
(2621)
نالو کاڌو جن، سي ذات کائيندا ڪين ميان!
نالو= پنيو> پني. ذات= کٽي.
پني کاڌو جن، سي کٽي کائيندا ڪين ميان!
(2622)
نالو ٿي گذار، ڪڙم جو ڪر، وڻ نه جڳاءِ.
نالو= غريب. ڪڙم جو= پورهيو. وڻ= سک مرد.
غريب ٿي گذار، پورهيو ڪر، سک مرد کي نه جڳا”.
عام ڳجهارتون
(2623)
ذات آئي لوهه جي نالو ڪيائون.
ذات= چنڊ. لوهه جي= بتي. نالو= گل.
چنڊ آئي بتي گل ڪيائون.
(2624)
نرنانءُ هڪڙو، ٻيا سڀ نالا ڙي!
نرنانءُ= چنڊ. نالو= تارو> تارا.
چنڊ هڪڙو، ٻيا سڀ تارا ڙي!
(2625)
وکر بنان ذات پئون.
وکر= لوڻ. ذات = مري.
لوڻ بنان مري پئون.
(2626)
ناڻي جو اٿم ڪونه، ڪاٺ جي تي وڻ ٿيان ڪيئن؟
ناڻي جو= نـُـول. ڪاٺ جو= جهاز. وڻ جو= چڙهيو.
نـُـول اٿم ڪونه، جهاز تي چڙهان ڪيئن؟
(2627)
ناري رکيئون نر تي، ناريون ڀڃيو ٿي نر ڪري.
ناري= جنڊي. نر= ڍيٻو. ناريون= ساريون. نر= چانور.
جنڊي رکيئون ڍيٻي تي، ساريون ڀڃيو ٿي چانور ڪري.
(2628)
ڪاٺ ۾ مال جو پيو، سو به نالو ٿيو.
ڪاٺ= ساڳُ. مال جو= مکڻ. نالو= ڀـَـلـُـو> ڀـَـلو.
ساڳ ۾ مکڻ پيو، سو به ڀلو ٿيو.
(2629)
ڪاٺ جو فقير! شهر جو ڪيئي ڪونه ڪو.
ڪاٺ جو= رول. شهر جو= ٽڪاڻو.
رول فقير! ٽڪاڻو ڪيئي ڪونه ڪو.
(2630)
شهر ئون پکي لوهه ٿيو ته راند جون ڇا ڪنديون.
شهر= دلي. پکي=باز. لوهه(جي) = آر. راند
جون=اَٽڪلون.
دل جيڪڏهن بيزار ٿئي ته اٽڪلون ڇا ڪنديون.
(2631)
اي ميان نرنان، تو ۾ نرنان، اڃان به پيو ڪرين
نالا.
نرنان= ڪانڊيرو. نرنان= ڪنڊو. نالو= گـُـل.
اي ميان ڪانڊيرا، تو ۾ ڪنڊا، اڃا به پيو ڪرين
گـُـلَ.
(2632)
جڏهن پـِـير جو هـُـيو، تڏهن وڻ کي ڪپڙي جي لڳي.
پير جو= چاليهو. وڻ= ڪنڊو. ڪپڙي جي= لـِـير>
ليڙ (سـِـڱرَ).
جڏهن چاليهو هيو، تڏهن ڪنڊي کي لـِـيڙ لڳي.
(2633)
نرنانءُ لڳو، نارنان آئي جر جي پويئي ڪانه.
نرنان= اتر. نارنان= واهوندي. جر جي= ماڪ.
اُتر لڳو، واهوندي آئي، ماڪ پويئي ڪانه.
(2634)
پکين مـُـلڪ ڏٺو، ٻولي ڪندي ويون.
پکي= ڪونجون. ملڪ= روهه. ٻولي= ڪر ڪا.
ڪونجن روهه ڏٺو، ڪـَـرڪا ڪندي ويون.
(2635)
پکي ڏڌائون، جهـُـڙ جي ڪيائون،
ائين نه چيائون، جيئن هاري چوي ڏاند کي.
پکي= ڪونج. جهـُـڙ جي= لسي. هاري ڏاند کي
چوي= ڊُڪ!> ڍُڪ.
ڪونج ڏڌائون، لسي ڪيائون،
ائين نه چيائون ته ڍُڪ (پيءُ).
(2636)
مال ۾ مرون ناهي، تون ٿولوهه جي گهرين!
مرون= سيڙهه. لوهه جي= لسي(ڇـَـڙَ ۾ ٻڌل ڏاٽو).
مال ۾ سيڙهه ناهي، تون ٿو لسي گهرين!
(2637)
ذات ڏٺا هوئي، تڏهن حاڪم جو ٿيئي ڪونه،
جو عضوي جو ڪرين ها.
ذات= دشمن. حاڪم جو= خوف. عضوي جو= پاسو.
دشمن ڏٺو هوئي، تڏهن خوف ٿيئي ڪونه،
جو پاسو ڪرين
ها.
(2638)
جيڪو تو چيو سو گاهه ٿيو، منهنجي ته ذات.
گاهه جو= کـَـرو. ذات= ٻـُـڌَ.
جيڪو تو چيو سو کـَـرو ٿيو، منهنجي ته ٻـُـڌ.
(2639)
رڇ جي نار جو ته نرنانءُ ٿئين.
رڇ جي= ڪانڀَ. نار جو= ڪڍ. نرنان= سـُـکيو.
ڪانڀ ڪڍ ته سـُـکيو ٿئين.
(2640)
فقير جو وکر ڪر ته نالو ٿيئي.
فقير جو= درد. وکر جي= دوا. نالو= فيضو> فيض.
درد جي دوا ڪر ته فيض ٿيئي.
(2641)
شهر سامهون شهر آهي، نرنانءُ مٿي نار آهي،
واهه ڪاريگر ڪپڙ جي آهي!
شهر= سکر. شهر= روهڙي. نرنانءُ= دريا خان.
نار= موري. ڪپڙ جي= جوڙي.
سکر سامهون روهڙي آهي، درياءَ مٿي موري آهي،
واهه ڪاريگر جوڙي آهي.
(2642)
کڻ ڪاٺ جو، ڀڃ مٽيءَ جو، جيئن پکي ٿي وڃن.
ڪاٺ جو= وَٽوهڙ. مٽيءَ جو= ڀتر. پکي=
ڀوري> ڀورا.
کڻ وٽوهڙ، ڀڃ ڀتر، جيئن ڀورا ٿي وڃن.
(2643)
نالو چئي نالي کي ته هڻ ڪاٺي شهر کي.
نالو= گاهي. نالو= ماهي. ڪاٺيءَ جي= ٽـِـنب.
شهر= کاهي.
گاهي چئي ماهيءَ کي ته هڻ ٽـِـنبَ کاهيءَ کي.
(2644)
هڻ حاڪيماڻي، ٻڌ ڪاسبڪي، مانَ رَڇ ٿي پوين.
حاڪيماڻي= اڙي. ڪاسبڪي= ڪارائي. رڇ= مـَـٽُ.
هڻ اَڙِي، ٻڌ ڪارائي، مانَ مـَـٽُ ٿي پوين.
(2645)
جان وڃان جتن ۾، ته نالوئي ناهه.
جتن جي= وتاڳ> اوطاق. نالو= ريحاڻ> رهاڻ.
جان وڃان اوطاقن ۾، ته رهاڻ ئي ناهه.
(2646)
جر جيت جو مون نه ڪيو، پوک جي پچي نرنان ٿي.
جر جو= رؤ. جيت جو= ريڙهو. پوک جي= ناڙي.
نرنان= نهال.
رؤ ريڙهي جي مون نه ڪئي، ناڙِي پچي نهال ٿي.
(2647)
سـُـٽ جو ڇنو، ڪاٺ جو لڙيو، حاڪيماڻي جو الله!
سـُـٽَ جو= تنگ. ڪاٺ جو= هنو. حاڪيماڻو= سوار.
تـَـنگ ڇـِـنو، هـَـنو لـَـڙيو، سوار جو الله!
(2648)
ولايت ئون رڇ ڪـِـري، ٿيو پکي ڙي پکي.
ولايت= ڪـَـڇ. رڇ= ڪؤنرو. پکي= ڀوري> ڀورا.
ڪڇ مان ڪؤنرو ڪـِـري، ٿيو ڀورا ڙي ڀورا.
(2649)
کڻ ڪاٺ جي، هڻ هٿ جي، توکي زحمت
ڇا ڪري!
ڪاٺ جي= دٻلي. هـَـٿ جي= چـَـپٽي. زحمت= نزلو.
کڻ دٻلي، هڻ چپٽي، توکي نزلو ڇا ڪري!
(2650)
کڻ اوزار، وڍ وڻ، متان مرض ٿيئي.
اوزار= سوئڙي. وڻ= سوپاري. مرض= اُلٽي.
کڻ سوئڙي، وڍ سوپارِي، متان اُلٽي ٿيئي.
(2651)
ڏس رنگ نرنانءَ جا، جو ڪاٺ جا ڀڃيو ڪپڙ جا ڪري.
نرنانءُ= صاحب. ڪاٺ جا= جهاز. ڪپڙ جا= پرزا.
ڏس رنگ صاحب جا، جو جهاز ڀڃيو پرزا ڪري.
(2652)
پکيئون وياسين، نرنان ٿياسين،هاڻي نالو ڪير ڪندو؟
پکي= وهيو> وَهي. نرنانءُ= ٻڍو. نالو= قبول.
وَهي ئون وياسين، ٻڍا ٿياسين، هاڻي قبول ڪير ڪندو؟
(2653)
جڏهن نالا آيا، تڏهن واڻڪي ويئي.
نالو= پـَـريو> پريا(اڇا). واڻڪي= وَهي.
جڏهن پـَـريا آيا، تڏهن وَهي ويئي.
(2654)
جيڪي رنگ جا اچن پاڻهي، تن کي ڪورٺ جا
نه
ڪجن.
رنگ جا= اڇا. ڪورٺ جا= ڪيس.
جيڪي اَڇا اچن پاڻهي، تن کي ڪيس نه ڪجن.
(2655)
نالن ۾ نالا پيا ته ولايت ويئي.
نالو= ڪارو> ڪارن. نالو= اڇو> اڇا. ولايت=
سـُـورت> صورت.
ڪارن ۾ اَڇا پيا ته صورت ويئي.
(2656)
ٽـَـڪين ڏني ڪاغذ جي ملي ته مان نالو ٿيان.
ٽـَـڪا= لک> لکين. ڪاغذ جي= وَهي. نالو= جوان.
لکين ڏني وَهي ملي ته مان جوان ٿيان.
(2657)
سج ته پکي، جـُـتي ته ڳهه.
پکي= وهيو> ويو. ڳهه= نسبي> نه+ سبي.
سج ته ويو، جـُـتي نه سبي.
(2658)
ذات جا گهڻا هئا، پر عورت هئي ڪانه ڪا.
ذات جا= خشڪ> خشڪا. عورت= کنڊل> کنڊ.
خشڪا گهڻا هئا، پر کنڊ هئي ڪانه ڪا.
(2659)
پـُـوريو چوي ٽـَـنگيل کي، ادا ڪڏهن ملنداسين؟
ٽنگيل جواب ڏنو ته رڇ ۾ ملنداسين.
پوريو= بصر. ٽنگيل= واڱڻ. رڇ= ڪـُـنو.
بصر چوي واکڻ کي، ادا ڪڏهن ملنداسين؟
واڱڻ جواب ڏنو ته ڪـُـني ۾ ملنداسين.
(2660)
نالو تو، نالو مون، هاڻي لوهه جي.
نالو= مـَـڪو> مـُـڪو. نالو= ريڌو> رڌو. لوهه
جي= رِنگَ.
مـُـڪو تو، رَڌو مون، هاڻي رِنگ نه.
(2661)
آهي ته کاڄ جي پر گاهه جي ڙي!
کاڄ جي= ماکي. گاهه= ڏنگڻي.
آهي ته ماکي، پر ڏنگڻي ڙي!
(2662)
ڪاٺيءَ پوک جي، جر جي ۾ ڀلي، تون کاڄ جي نه.
ڪاٺيءَ جي= اک. پوک جي= ڪاڻي. جر جو=
مـُـنهن. کاڄ جي= وَڌَ> وَڌُ.
اک ڪاڻي منهن ۾ ڀلي، تون وَڌُ نه.
(2663)
پوک ڀيلي ته گهوري، منهنجي مال وارين کي نه ٿئي.
پوک= تـُـري. مال واريون= ماڻڪيون.
تـُـري ڀيلي ته گهوري، منهنجي ماڻڪين کي نه ٿئي.
(2664)
نالي نرنانءَ کي عضوي جي آئي ته به ول
نه ڪيائين.
نالو= جيئند. نرنانءُ= خليفو. عضوي جي= ڏاڙهه>
ڏاڙهي. ول= ڪـَـدُو> قد.
جيئند خليفي کي ڏاڙهي آئي، ته به قد نه ڪيائين.
(2665)
اي نرنانءَ! ڏينهن ڪر ته ڪاٺ جن کان
نارنانءَ، مٽيءَ جي حاڪم ٿئي!
نرنانءُ= الله. ڏينهن= جمعو. ڪاٺ جا= ڏلها.
نارنانءُ= ڇـُـٽان. مٽيءَ جي= کاٽي. حاڪم
جي= معافي.
اي الله! جمعو ڪر ته ڏَلهن کان ڇـُـٽان،
کاٽيءَ کان معافي ملي.
(2666)
ڪپڙي جو ڪيم سـُـڪاءِ، پوک ٿي ڪاٺ جو گهـُـري.
ڪپڙي جو= صافو. پوک= ڀنگ. ڪاٺ جو= ڏنڊو.
صافو ڪيمَ سڪاءِ، ڀنگ ٿي ڏنڊو گهري.
(2667)
اي ميان نرنانءُ! ڪاٺ جي آڻ ته پوک جو ڏيانءِ.
نرنانءُ= موالي. ڪاٺ جي= سـُـلفي. پوک
جو= تماڪ.
اي ميان موالي! سلفي آڻ ته تماڪ ڏيانءِ.
(2668)
مٽيءَ جي هٿ ۾ ڪپڙ جي ٿي گهري.
مٽيءَ جي= سـُـلفي. ڪپڙ جي= صافي.
سـُـلفي هٿ ۾ صافي ٿي گهري.
(2669)
رڇ کڻي ڪتو ڪر! وکر ٺهيئي ڪونه، ته پوءِ
راند جون ڇا؟
رڇ= چلم. ڪتو= تازي. وکر= تماڪ. راند
جون= ڇڪيون.
چلم کڻي تازي ڪر! تماڪ ٺهيئي ڪونه، ته پوءِ
ڇڪيون ڇا؟
(2670)
ٺڪر کي ڪتو نه سڏ، پوک جي ناهه، راند جي ڇا؟
ٺڪر= حقو. ڪتو= تازي. پوک= تماڪ. راند
جي= ڇـِـڪي> ڇڪيون.
حقي کي تازو نه ڪر، تماڪ ناهه، ڇڪيون ڇا؟
(2671)
ڳهه ڏي ته حقي ۾ وجهان.
ڳهه= پـَـنڙو.
پنڙو (تماڪ جو پن) ڏي ته حقي ۾ وجهان.
(2672)
حقي ۾ ٻه نرنان ٽئين ذات.
ٻه نرنان= متو ۽ رکيو. ذات= آهيڙي> آهي+ ڙي.
حقو متو رکيو آهي ڙِي!
(2673)
پن جي ۽ ڪاٺ جو ڪو تو وٽ ذات!
پن جي= ٻـِـيڙي. ڪاٺ جو= ماچيس. ذات= آهيڙي>
آهي+ ڙي.
ٻـِـيڙي ۽ ماچيس ڪو تو وٽ آهي ڙي!
(2674)
شهر به خير، مال به خير.
شهر= ماڏو> مان + ڏي. مال= توڏو> تو+ ڏي.
مان ڏي به خير، تو ڏي به خير.
------- |