باب پنڌرهون
سرائتيون ڳجهارتون: بوبنا ۽ جراڙ
(2340)
جڏهن ٻاراڻيءَ منجهه هياس، تڏهن نالو لڳو نرنان
سان.
ٻاراڻي= بـُـراڪ. نالو= جندڙي. نرنان= جراڙ.
جڏهن بوراڪيءَ منجهه هياس، تڏهن کان جـِـندڙي
لڳي جراڙ سان.
(2341)
اُٺ ئون اوزار، نار هئي نالي سان.
اُٺ جو= لوڪارو> لوڪان لوڪ. اوزار= سـُـئي.
نار= بـُـوبنا. نالو= جراڙ.
لوڪان لوڪ سـُـئي، بـُـوبنا هئي جراڙ سان.
(2342)
هٿيار ويل مال جا، ٻوليءَ جون تان نه ڪجن،
جيئن مال ۾ مال جو، تيئن آءُ اولتن ۾ نرنان!
هٿيار= ڪاتي. مال جا= ڪـُـنڍڙا. ٻوليءَ جون=
ڪـُـڻڪون. مال= مينهون. مال جو= وڇڙو>
وڇوڙو. اولتن= جوين. نرنان= جراڙ.
ڪاتيءَ ويل ڪنڍڙا، ڪڻڪون تان نه ڪجن،
جيئن مينهـُـن ۾ وَڇڙو، تيئن آءُ جوين ۾ جراڙ!
(2343)
نار نان تنهن نرنان لاءِ، گهرَ جي ٿي پيئي.
نارنان= بوبنا. نرنان= جراڙ. گهرَ جي= چـَـري.
بوبنا تنهن جراڙ لاءِ، چري ٿي پيئي.
________
باب سورهون
سرائتيون ڳجهارتون: دولهه دريا خان ۽ همون
(2344)
نار نانءُ، ذات جن ۾ پئي حاڪيماڻا ڪيا.
نارنان= همون. ذات= راٺوڙ. حاڪيماڻا= ٽيلا.
همون راٺوڙن ۾، پئي ٽيلا ڪيا.
(2345)
ڪپڙو وجهي ڪاٺيءَ ۾، وڃي فقير ماريائون،
پوءِ وري ڏيکاريائون، نالي ۽ نرنانءَ کي.
ڪپڙو= گج> گز. ڪاٺي= ڪمان. فقير= ٻاٻو>
ٻاٻيهو. نالو= دولهه. نرنانءُ= دريا خان.
گز وجهي ڪمان ۾، ٻاٻيهو ماريائون،
پوءِ وري ڏيکاريائون، دولهه دريا خان کي.
(2346)
اي نرنانءَ! پوک جبل جي نه ڪر.
نرنان= دولهه دريا خان. پوک(جا)= تڪ. جبل
جي= ڀـَـر> بر.
اي دولهه دريا خان! تڪبر نه ڪر.
(2347)
گاهه ويهاريان ڪاٺ تي، ذاتيون اُو رَمن،
ڇيري جن ۾ لوهه جا، سو اَن جا ڪيا مـِـرُن.
گاهه= سيڻ. ڪاٺ جو= سـَـنڌ> سـِـنڌ. ذات= راٺوڙ.
ڇيري جا= اُهاءَ. لوهه جا= پـَـٽ. اَن جو= چـُـنو>
چـِـنا.
مـِـرون= روجهه.
سيڻ ويهاريان سـِـنڌ تي، راٺوڙيون رمن،
جني جي اُهائن ۾، پـَـٽ چـِـنا روجهن.
(2348)
نالو چوي نالي کي، پکي شهر نه وڃ.
نالو= همون. نالو= دريا خان. پکي= ڪـَـنگ>
ڪـُـهنگ. شهر= قنڌار.
همون چوي دريا خان کي ته ’ڪهنگ قنڌار نه وڃ‘.
(2349)
نار ڪري ٿي ڪاٺ جا پڇائي، ته نالو ذات ڪٿي ڙي!
نار= ساهـُـلَ> سا+ هـُـل. ڪاٺ جا= طاق> اوطاق.
نالو= رَمون. ذات= اوٺار.
سا هـُـل ڪري ٿي اوطاق پڇائي، ته رمون اوٺار ڪٿي
ڙي!
-----
باب سترهون
سرائتيون ڳجهارتون: ست سريون
(2350)
نار کي هـُـئي باز ۾ ملي ملامت،
ويو ڪپ جيئن ذات کي، نرنانءُ سلامت،
راند جي ڇڏي ذات جي، پـَـسي مرض علامت،
پوک کي نرنانءَ جي، ڏني هنر جي طاقت،
نار نالي پوئتان، پـَـسيا هئا پربت،
ڌن جي وڌو نالي کي، نار نزاڪت،
نار نالو ست، ڪيائين عضون تي اوڍڻ جي.
نار= ليلان. هئي باز= ليهور. ڪـَـپ جي= گهائي.
ذات= گجر. نرنانءُ= سوڍو. راند جي= ڌِڪي.
ذات= داسڙا. مرض= عيب. پوک= سـِـڻي> سهڻي.
نرنانءُ= سڪندر> سڪ+ اندر. هنر= ترڻ. نار=
سسئي. نالو= پنهون. ڌن جي= موهي. نالو=
ڄام. نار= نوري. نار= سـَـتي. نالو= رکيو.
عضوو= مٿو> مٿي. عضوو=مـُـنهن.اوڍڻ جو=ملير.
ليلان کي ليهور ۾ ملي ملامت،
ويو گهائي گجر کي، سوڍو سلامت،
ڌڪي ڇڏي داسڙي، ڏسي عيب علامت،
سهڻيءَ کي سڪ اندر جي، ڏني ترڻ جي طاقت،
سسئي پنهونءَ پوئتان، پـَـسيا هئا پربت،
موهي وڌو ڄام کي، نوريءَ نزاڪت،
سـَـتيءَ رکيو ست، ڪيائين مٿي منهن ملير جو.
(2351)
نارنان گاهه جا ساري، واهه جن تي ويئي،
نارنان نرنان لاءِ، ڀـُـون جي ٿي پيئي،
نارنان ۽ نرنان، رڇ نه ٿيا ٻيئي،
نارنان نرنان کي، ڳهه ٿي پيئي،
نارنان نرنان لاءِ، وکر وٺيو ويئي،
ٻني هيس جن جي، ٻني نه ٿيا سيئي،
مائٽ مڙيئي، هوتن نه اکر هڪڙو.
نارنان= سهڻي. گاهه جا= کوها.واهه جو= اوڙاهه.
نارنان= بوبنا. نرنان= جراڙ. ڀـُـونءِ جي= چري.
نارنان= مارئي. نرنان= عمر. رڇ=گڏون>گڏ نه
نارنان= ليلان. نرنان= چنيسر. ڳهه= ڪڙي.
نارنان= سسئي. نرنان= پنهون. وکر= ساٿر>
سا+ ٿر. ٻني= سنڀوڙي. ٻنيءَ جا= ٻيلي. مائٽ=
مامو> ماءُ+ مون. اکر= حرف.
سهڻي گـُـوها ساريا، اوڙاهن ويئي،
بوبنا جراڙ لاءِ، چري ٿي پيئي،
عمر ۽ مارئي، گڏ نه ٿيا ٻيئي،
ليلان چنيسر کي، ڪڙي ٿي پيئي،
سسئي پنهون لاءِ، سا ٿـَـرُ وٺيو ويئي،
سنڀوڙيس جن لاءِ، ٻيلي نه ٿيا سيئي،
ماءُ! مون (ڏي) مڙيئي، هوتن نه حرف هڪڙو.
(2352)
نر بيٺو شهر ۾، نار نهاري،
نار ٻني جهنگ جي ۾، اک جا عضون هاري،
ڏيئي سنگت جي نرنان، ويو نار کي ماري،
رويو نار نرنان لاءِ، پکين جيئن ٿي هاري،
ڪپڙي جا ته ولايت ۾، لوهه جا ڪيئن ناري،
ذاتين واٽ جو نيو، رڇ راند جي ڪاري،
نرنانءُ کي ساري، نار نه ڊني جر جيءَ کان.
نرنانءُ= مجنون. شهر= مصر. نار= ليليٰ. نار=
سسئي. ٻني= سـُـڃي. جهنگ جي= سڃ. اک جا=
ڳوڙها. عضوا= ڳـَـلَ> ڳلن. سنگت جي= ميار.
نرنانءُ= مينڌرو. نار= مومل. نار= هير. نرنانءُ=
رانجهو. پکي= هنجهه. ڪپڙي جا= ٿان. ولايت=
ٿر. لوهه جا=ڪٽ> ڪٽيان.ذات=ويسا> ويساهي.
واٽ جو= وَرُ. رڇ= ڪؤنرو> ڪونروءَ. راند جي=
ڪـُـپت. نرنانءُ=ساهڙ. نار= سهڻي. جر جي= سير.
مجنون بيٺو مصر ۾، ليليٰ نهاري،
سسئي سڃي سڃ ۾، ڳوڙها ڳلن هاري،
ڏيئي ميارون مينڌرو، ويو مومل کي ماري،
رويو هير رانجهوءَ لاءِ، هنجون ڀـُـڻي هاري،
ٿانَ منهنجا ٿر ۾، آءٌ ڪيئن ڪٽيان ناري،
ويساهي وَرُ نيو، مون کان ڪونروءَ ڪپت ڪاري،
ساهڙ کي ساري، سهڻي نه ڊني سير کان.
(2353)
پنهنجي ۾ نرنان جي هميشـہ هوندياس،
شهر جن ۾ مـِـٽيءَ جو مَ سومرا، نالي آءٌ ويندياس،
ٻوليءَ ۾ ڪاٺ هنياس، تڏهن ويم نرنان وکر جو.
پنهنجي= سـِـڪَ. نرنانءُ= ساهڙ. شهر جون= ڪوٺيون.
مـِـٽـِـيءَ جو= پـُـور. نالو= وطڻ> وطن.
ٻولي= هاءِ. ڪاٺ جو= هرُ> هار. نرنان=
سـُـکيو> سـُـک. وَکر= سـُـهاڳو> سـُـهاڳُ.
سـِـڪ ۾ ساهڙ جي هميشـہ هوندياس،
ڪوٺين ۾ پـُـور مَ سومرا! وطن آءٌ ويندياس،
هاءِ هار هنياس، تڏهن ويم سـُـک سهاڳ جو.
(2354)
اَديون! ٻن نالن جي حاڪم آءٌ نه هياس،
نرنان بنان شهر ۾ منهنجو عضوو نه آهي راس،
ڪاٺ جي وجهي رڇن ۾، ڇوهـُـون ڇڪيندياس،
عضوي جي ڪيو ويندياس، گاهه مڇي نرنانءَ ڏي.
ٻه نالا= هوتءِ بلوچ. حاڪم= نبـَـاب(نواب)> نه
باب.
نرنان= راڻو. شهر= ڪاڪ. عضوو= رُو(منهن)>
روح. ڪاٺ جي= مانڌاڻي. رڇ= ماٽي> ماٽين.
عضوو= تـِـري تـَـري. گاهه= نڙ. مڇي= سـِـڻـِـي>
سـُـڻي. نرنانءُ= ميهار.
اَديون! هوت بلوچ جي، نه باب آءٌ هياس،
راڻي بنان ڪاڪ ۾ منهنجو روح ۾ آهي راس،
مانڌاڻي وجهي ماٽين ۾، ڇوهـُـون ڇڪيندياس،
تـَـري آءٌ ويندياس، نـَـڙ سڻي ميهار ڏي.
(2355)
سسئي پنهل ڪاڻ، ڪپڙو وٺيو ويئي،
عمر ۽ مارئي رڇ ٿيا ٻيئي،
سهڻي ميهر ڪاڻ، گاهه ٿي ويئي.
ڪپڙي جو= بـَـرُ. رڇ= گڏون> گڏ+ نه. گاهه=
مريڙو> مري+ ڙي.
سسئي پنهل ڪاڻ، بـَـرُ وٺيو ويئي،
عمر ۽ مارئي، گڏ نه ٿيا ٻيئي،
سهڻي ميهر ڪاڻ، مري ڙي ويئي.
(2356)
نار کي نرنانءُ نا وڻي، پر واءَ نالي تان هٿيار،
نار نرنانءَ سامهون، جنهن کي مال جي ناهي پچار،
سڻ آگي جا اختيار، جو نالو وڻيو ٿي ذات کي.
نار= مارئي. نرنانءُ= عمر. واءَ= هير.
نالو=رانجهو.
هٿيار جا= ٻلهار. نار= سهڻي. نرنانءُ= ساهڙ.
مال جي= پـُـٺي. نالو= لاکو. ذات= اوڏ.
مارئي کي عمر نا وڻي، پر هير رانجهي تان ٻلهار،
سهڻي ساهڙ سامهون، جنهن کي پـُـٺيءَ ناهي پچار،
سڻ آگي جا اختيار، جو لاکو وڻيو ٿي اوڏِ کي.
(2357)
سسئي پنهنجي پنهل لاءِ ڏُڌُ وٺيو ٿي ويئي،
بـُـوبنا جراڙ سان هٿيارين پيئي.
ڏُڌ(جي)= ٿر. هٿيار= ڀالا> اوڀالين.
سسئي پنهنجي پنهل لاءِ، ٿر وٺيو ٿي ويئي،
بوبنا جراڙ سان اوڀالين پيئي.
(2358)
عورت مرد پاڻ ۾، مال جي نه ٿيا،
عورت ڪانڌ لئي، ڪپڙي جا ٿي ڏوريا.
عورت= مارئي. مرد= عمر. مال جي= راس.
عورت= سسئي. ڪانڌ= پنهون. ڪپڙي جا= بر.
مارئي عمر پاڻ ۾ راس نه ٿيا،
سسئي پنهون لئي، بـَـرَ ٿي ڏوريا.
(2359)
ڪپڙي ۾ ٿي ذات سڏائي، سڻ تون نالا نانءُ ميان!
واڻئي نالي ذات سڏائي، سا عورت ٿيندي ڇونه ميان!
ڪپڙو= کيس. ذات= مـِـيءَ. نالو= سمو> سما.
نانءَ= سلطان. واڻيو= هوتـُـو> هوت. ذات= بلوچ.
عورت= ساهـُـل.
کيسن ۾ ٿي ميءَ سڏائي، سڻ تون سما سلطان ميان!
(جنهن جو) هوت بلوچ (ويو)،سا هـُـل ڪندي ڇونه
ميان!
(2360)
ڳهه، چار عورتون مـُـٺيون.
ڳهه= هار. ڳهه= هار> مڱڻهار. ڳهه= هار> ميهار.
ڳهه= هار> مهار. چار عورتون= ليلان، سورٺ،
سهڻي ۽ سسئي.
ليلان هار مـُـٺي، سورٺ مڱڻهار مـُـٺي،
سهڻي ميهار مـُـٺي سسئي مهار مـُـٺي.
----- |