سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: ڳجهارتون

 

صفحو :19

(1755)

مال جا ساريم سومرا، جي پوک جا اباڻن.

 

مال جا= ڄنڊا. پوک جا= چـُـونڊا> چونڊيا.

ڄـُـنڊا ساريم سومرا، (جي) چونڊيا اباڻن.

 

(1756)

سٽ جا ساريم سومرا، هـُـت مال جون اباڻن.

 

سـُـٽَ جا= جـُـوالنگ. مال جون= اُٺيون.

جـُـوالنگ ساريم سومرا، هـُـت اُٺيون اباڻن.

 

(1757)

مال جا ساريم سومرا، سـُـٽ جا اباڻن.

 

مال جا= جوڙا. سٽ جا= جوٽا> جوٽيا.

جوڙا ساريم سومرا، جي جوٽيا اباڻن.

 

(1758)

پوک جا چمن ۾، عضوا اباڻن.

 

پوک جا= ڪڪڙا. چم جو= ڪوس. عضوو=

جوٽ> جوٽيا.

ڪڪڙا (ڍڳا) ڪوسن ۾، جوٽيا اباڻن.

 

(1759)

ذات ۽ مال جا ساريم سومرا، من ڪپڙ جا ڪن.
ذات= اوٺا. مال جا= مهري. ذات= اوٺا.

ڪپڙ جا= ڪوٺا> ڪوٺي.

اوٺي ۽ مهري ساريم سومرا، من ڪوٺي مون وڃن.

 

(1760)

ڌڻ جا ساريم سومرا، مون کان ڪـِـريو ڌڻ جا پـُـون،
انهن ڌڻ جن مان، وڃي قوت اباڻا ڪکن.

 

ڌڻ جا= ڪڪر. ڌڻ جا= لڙڪ. ڌڻ جون= کنڀيون.

ڪڪر ساريم سومرا، مون کان ڪريو لڙڪ پون،
انهن کنڀين مان وڃي قوت اباڻا ڪن.

 

(1761)

پوک جون ساريم سومرا! هوءِ جي نار نالي اباڻن.

 

پوک جون= مـُـندون. نار نالي= عيد> عيدون> اينديون.

مـُـندون ساريم سومرا! هوءِ جي اينديون اباڻن.

 

(1762)

ڪاٺ ئون پوک پيدا ٿي، هتي ذاتين ڪاريا ڌڻ،
عمر تنهنجي تڙ، ٻه نالا ڏسان ٿي ڪينڪي.

 

ڪاٺ= نيسر> نيسارا. پوک= نير. ذات= ماڇي>

ماءٌ+ ڇيڪاريا.ڌڻ جا= ڦر.ٻه نالا= سانگي ۽ سکيو.

نيسارئون نير پيدا ٿيو، هـُـتي ماءُ ڇيڪاريا ڦر،
عمر تنهنجي تڙ، سانگي سکيا ڏسان ٿي ڪينڪي.

 

(1763)

مرون ساريم سومرا! جي مـُـلڪن پاس پون،
هتي هٿ راند جي هـُـت هـُـو حاڪيماڻيون ڪن.

 

مرون= وِڄـُـو> وِڄون. ملڪ=کاهڙ. هٿ جي=

مـُـٺ> مـُـٺي. راند جي=ماري> مارئي.

حاڪيماڻي= رس رِهاڻ.

وڄون ساريم سومرا! جي کاهڙ پاس کـِـنوَن،
هـِـتي مٺي مارئي، هـُـت هـُـو رس رهاڻيون ڪن.

 

(1764)

پکي ساريم سومرا! پکي جهل نه ڏين،
مون کي اچي انهن، ڌڻ جن ماريو سومرا!

 

پکي=گـُـرڙ>گوڙ. پکي=هنجهه. ڌڻ جا=

کـُـڏا (سڃاڻپ لاءِ ڪنن جا ڪپيل نشان).

گوڙيون ساريم سومرا! هنجهون جهل نه ڏين،
مون کي اچي انهن، کـُـڏن ماريو سومرا!

 

(1765)

جا ذات ساريم سومرا، سا مر رڇن هوءِ،
آءٌ پڻ تنهين لوءِ، ذات آهيان سومرا!

 

ذات= جهنجهڻ> جهڻ. رڇ= ماٽي. ذات=

پيسڪ> پي+ سڪ.

جا جهڻ ساريم سومرا! سا مر ماٽين هوءِ،
آءٌ پڻ تنهين لوءِ، پي سڪ لاهيان سومرا!

 

مارئيءَ جي مارن تي ميار

(1766)

منهنجي ڪائي جر گهر جي ڪانه ڪيائون.

 

جر جي= ڀـَـر. گهر جي= ڀيئي.

منهنجي ڪائي ڀـَـر ڀيڻي ڪانه ڪيائون.

 

(1767)

ڪاٺي عمر تو ڏي، نه عضوي جي اباڻن.

 

ڪاٺيءَ= ميڙ. عضوي جي= مـُـڪ> مـُـڪي.

ميڙ عمر تو ڏي، نه مـُـڪي اباڻن.

 

(1768)

تڙئون لڳي تن کي، مرد نه مـُـڪائون،
تن کي آءٌ، جيڪر ڳهه ٿي آيس.

 

تڙ جي= رنڊ. مرد=سنيهو. ڳهه= لانجهي.

رنڊ لڳي تن کي، سنيهو نه مڪائون،
تن کي آءٌ، جيڪر لانجهي ٿي آيس.

 

(1769)

تڙئون لڳي تن کي، مرد نه مڪائون،
تن کي آءٌ، جيڪر ڳهه ٿي آيس.

 

تڙ جي= روڪ. مرد=خاطي. ڳهه=ڪـَـسي.

روڪ لڳي تن کي، خاطي نه مڪائون،
تن کي آءٌ، جيڪر ڪسي ٿي آيس.

 

(1770)

تڙئون لڳي تن کي، مرد نه مڪائون،
تن کي آءٌ، جيڪر ڳهه ٿي آيس.

 

تڙ جي= ڪيهي. مرد= سلام. ڳهه= ڪڙي.

ڪيهي لڳي تن کي، سلام نه مڪائون،
تن کي آءٌ، جيڪر ڪڙِي ٿي آيس.

 

(1771)

جڏهن آءٌ نالن ۾ هياس، تڏهن نرنان ٿيم ڪونه ڪو.

 

نالو= قادو> قيد. نرنانءُ= وارث.

جڏهن آءٌ قيدن ۾ هياس، تڏهن وارث ٿيم ڪونه ڪو.

 

(1772)

ان جي آءٌ نه کـِـيان، عورت تان نه ٿيان،
پوءِ منهنجي ڙي سومرا، مـِـٽيءَ جي ڪانه ڪيائون.

 

ان جي= ٻـُـڪي. عورت= چڱي. مٽيءَ جي=

واري> پوئواري.

ٻـُـڪي آءٌ نه کـِـيان، چڱي تان نه ٿيان،
پوءِ منهنجي ڙي سومرا، پوئواري ڪانه ڪيائون.

 

(1773)

مون ڏي اباڻن، مٽيءَ جو ڪونه مـُـڪو.

 

مـِـٽيءَ جو= ڪوٺو.

مون ڏي اباڻن، ڪوٺو ڪو نه مـُـڪو.

 

مارئيءَ جو وطن ورڻ لاءِ واجهائڻ

(1774)

جن سان گڏ هئا مال جا، سي اڄ ذات نه جيڏيون!

 

مال جا= ڀاڻا. ذات= اوڏ> اوڏا.

جن سان گڏ هئا ڀاڻا، سي اڄ نه اوڏا ڙي جيڏيون!

 

(1775)

اديون! عمر ڄام کي، آءٌ وڏو ڳهه ڪندياس،
جر جو ڏيندم سومرو، ته هتي نه هوندياس،
مرون ٿي ملڪ ۾، وڃي ٻه وڻ ڳوليندياس،
ڏس جا هٿيارن ڪئي، سا تڙ جي مور نه ڪندياس،
ولايت آءٌ ويندياس، ڳهه سـُـڄي ٿي مارئي.

 

ڳهه= نٿ> منٿ. جر جي= موڪ> موڪل.
مرون= سرهه>سرهي. ملڪ=ساڻيهه. ٻه وڻ=
ٻه ڪرڙيون> ٻڪرڙيون. هٿيارن جا= پليتا.
تڙ= ڦـِـٽو. ولايت= هرات> هئي+رات. ڳهه=
پوپٽ> پو”+ پٽَ.

اديون! عمر ڄام کي، آءٌ وڏي منٿ ڪندياس،
موڪل ڏيندم سومرو، ته هتي نه هوندياس،
سرهي ٿي ساڻيهه ۾، وڃي ٻڪرڙيون چاريندياس،
ڏس جا پليتن ڪئي، سو ڦٽو تان نه ڪندياس،
هئي رات آءٌ ويندياس! پوءِ پـَـٽَ سـُـڄي ٿي مارئي.

 

(1776)

ڏُڌ جي ڏسي مون کي چم جا نه ڏيو،
مان به ڪن جي پوک جي آهيان.

 

ڏڌ جي= ٿـَـرَ. چم جا= ٿيلها. پوک جي= ڄائي.

ٿر جي ڏسي مون کي ٿيلها نه ڏيو،
مان به ڪن جي ڄائي آهيان.

 

(1777)

اچو ڙي جيڏيون! مال جي ڪريون، مال جي ڪري
راند جي ڪريون، راند جي ڪري سٽ جا ڪريون.

 

مال جي= ٻڌ ڇوڙ. راند جي= ويڙهه> ويڙها.

سٽ جا= ڍيرا.

اچو ڙي جيڏيون! ٻڌ ڇوڙ ڪريون، مال ٻڌي، ويڙها
        وٽيون، ويڙها وٽي، ڍيرا ڪريون.

 

(1778)

چم مرض ڙي جيڏيون، ڪاٺين شال وڃان،
انهيءَ عورت کان ڪپڙي جيئن وڃان.

 

چم= ورت. مرض= وارو. ڪاٺي= کوهو> کـُـوهين.

عورت= حياتان> حياتيءَ کان. ڪپڙو= ٻڌڻ.

ورت واريو ڙي جيڏيون! کوهين شال وڃان،
انهيءَ حياتيءَ کان ٻڏي آءٌ مران.

 

(1779)

جيت اُٺو ڙي جيڏيون! پوءِ مال جون اباڻن.

 

جيت= پوپٽ> پٽ. مال جون= ڪاهيون> ڪاهيو.

پـَـٽُ اُٺو ڙي جيڏيون! پوءِ ڪاهيون اباڻن.

 

(1780)

اڃان ته مال جو آهي، من فاقيرو به ٿئي!

 

مال جو= ڇوڙو> وڇوڙو. فاقيرو= ميلو.

اڃان ته وڇوڙو آهي، من ميلو به ٿئي!

 

(1781)

الله پنهنجي ڏيندو، شال وڃي نرنانءُ ڏسان.

 

پنهنجي= سوڀ. نرنانءُ= کيت.

الله سوڀ ڏيندو، شال وڃي کيت ڏسان.

 

(1782)

پنهنجن سان، پير جا ٿيندا ڪڏهن.

 

پنهنجا= مـِـٽَ. پـِـير جا= ميلا.

مـِـٽن سان ميلا ٿيندا ڪڏهن.

 

(1783)

مارئيءَ کي پوک جي، نارنالي ئي نه.

 

پوک جي= تات. نار نالو= وسري.

مارئيءَ کي تات وسري ئي نه.

 

(1784)

جيڪي ڪک جي ڪيو، سو وکر نه منهنجي وس.

 

ڪک جو= قلم. وکر= ميٽ> ميٽڻ.

جيڪي قلم ڪيو، سو ميٽڻ نه منهنجي وس.

 

(1785)

ولايت ئون مال جي آئي، سا ذات نه ميان!

 

ولايت= الست. مال جي= تڪبير> تقدير. ذات=

ٽرندَ = ٽرندي.

الستي تقدير آئي، سا ٽرندي نه ميان!

 

(1786)

اي نالا! نالو ٿيءُ ته مان ملڪ وڃان.

 

نالو= رب. نالو= راضي. ملڪ= ملير.

اي رب! راضي ٿيءُ ته ملير وڃان.

 

(1787)

نالي آندي نرنانءَ موڪل ڏي ته نالي کي وڃي ملان.

 

نالو= راڌو> راڌي> ايرادي. نرنانءُ= پروردگار.

نالو= کيت.

ايرادي آندي، پروردگار موڪل ڏي ته کيت کي وڃي ملان.

 

(1788)

جيئڏ شهر ڏسان، جاءِ وڻ جي پنهنجي.

 

جيئڏ= اُڏوهي> ڏيهي. شهر= سال> شال. جاءِ جي=

پوچي> پهچي. وڻ جي= پاڙ> پاڙي.

ڏيهي شال ڏسان، پهچي پاڙي پنهنجي.

 

(1789)

راند جي ذات ڪپڙي جي، روز تـَـڪيان ٿي اَن جي.

 

راند جي= لـِـڪَ> مالڪ. ذات= مارُو. ڪپڙي جي=

مـِـل> ميل. اَن جي= راه.

مالڪ! مارو ميل، روز تڪيان ٿي راهه.

 

(1790)

الله! ڪپڙي جي آڻ، ته ڏئي سڌ ولايت جي.

 

ڪپڙي جي= ڳوٿري> ڪو+ٿري. ولايت= ساڻيهه.

الله! ڪو ٿري آڻ، ته ڏئي سڌ ساڻيهه جي.

 

(1791)

وڻ ڳالهه ٻڌاءِ، نالي ۽ ذاتين جي.

 

وڻ= ڪامـُـنهـَـن> ڪا+مون. نالو= سکيو.

ذات= سانگي.

ڪا مون ڳالهه ٻڌاءِ، سکين سانگين جي.

 

(1792)

اي نالا! وڃي ذاتين کي فقيراڻو ڪجانءِ.

 

نالو= پانڌي. ذات= سنگهار. فقيراڻو= حال.

اي پانڌي! وڃي سنگهارن کي حال ڪجانءِ.

 

(1793)

اي پکي! تو جا ٻولي ڪئي، سا مون ولايت ٻـُـڌي.

 

پکي= تاڙو. ٻولي= تنوار. ولايت= هرات>

هـُـئي رات.

اي تاڙا! تو جا تنوار ڪئي، سا مون هـُـئي رات ٻـُـڌي.

 

(1794)

اي نالا، اي نرنانءُ، وڃي مارن کي نالو ڪر.

 

نالو= بادل. نرنانءُ= سارنگ. نالو= ستابو.

اي بادل، اي سارنگ، وڃي مارن کي سـَـتابو ڪر.

 

(1795)

اي نالا! وڃي عضوي تي نالو ڪر.

 

نالو= بادل. عضوو= پـُـٺا> پوٺا. نالو= وسڻ.

اي بادل! وڃي پوٺن تي وسڻ ڪر.

 

(1796)

نالي ۾ ميان سومرا! مارو عورت ڪن.

 

نالو= سانوَڻ. عورت= خوشي.

سانوڻ ۾ ميان سومرا! ماروُ خوشي ڪن.

 

(1797)

هـِـت نالا نام ڪن، هـُـت حـُـقي جي مارئي.

 

نالو= مينگهو> مينگهه. نام= ملهار. حقي جي=

پڇاڙي> پڇاڙي.

هـُـت مينگهه ملهارون ڪن، هـِـت پڇاڙي مارئي.

 

(1798)

هـُـت ٻه نالا ڪن، هـِـت حقـي جي سومرا!

 

ٻه نالا= هڪ نالو سارنگ، ٻيو نالوگاجي> گاجـُـون.

حقي جي= پڇاڙي> پڇاڙيان.

هـُـت سارنگ گاجوُن ڪن، هـِـت پاڻ پڇاڙيان سومرا!

 

(1799)

ڪڏهن ڪاٺيءَ تي، ڪڏهن لڪن تي لال،
عمر! اباڻي ڏيهه ۾، مون ڌڻ جا ڏٺا ڪال.

 

ڪاٺي جي= پـَـٽي> پٽن. لڪن جي= ڀـِـٽَ> ڀـِـٽـُـن.

ڌڻ جا= ڪڪرا>ڪڪر.

ڪڏهن پـَـٽن تي، ڪڏهن ڀـِـٽن تي لال،
عمر! اباڻي ڏيهه تي، مون ڪڪر ڏٺا ڪالهه.

 

(1800)

آئي نار نرنانءُ جي، مارن ماڳ مٿي،
وڻ منجهانرا کاڄ جون ڪيو ويٺا کينِ اُتي،
مال جن پنهنجا ڍڪيا مـِـروُن به آهن اُتي،
عمر ڄام! اُتي، آءٌ به نالو اُنِ جي.

 

نـــار= عيد. نرنان= رمضان. وڻ جــا= سڱر.

کاڄ جون= سيوِيون. مال جا= ڪڪر. پنهنجا=

تارا. مـِـرون= وِڄـُـو> وڄون. نالو= ميڙائون.

آئي عيد رمضان جي، مارن ماڳ مٿي،
سڱرن منجهانرا سيوِيون ڪيو، ويٺا کين اتي،
ڪڪرن وڃي تارا ڍڪيا، وڄون به آهن اتي،
عمر ڄام! اتي، آءٌ به ميڙائو اُن جي.

 

(1801)

شهر ڏسان ميان سومرا! جنهن ۾ عضوا ڏٺا مون.

 

شهر= سيوهڻ> سي وَڻ. عضوا= ڏؤنرا.

سي وڻ ڏسان ميان سومرا! جنهن ۾ ڏؤنرا ڏٺا مون.

 

(1802)

نالن ۽ نرنانون کان، آندئي ڪالهه ميان!
نالن ۽ نرنانون لا”، سـِـڪي ٿو ساهه ميان!
نالن تي جي نالا پڪا، سي کائينديس شال ميان!
هيس گهڻي ڳهه جي، پر ڪپڙي جي ڪيئي سومرا!

 

نالو= ڪرڙ. نر نالو= ڪنڊو. نالو= مٺو. نر نالو=

ميوو. نالو= مينهون. نالو= ميهو> ميها. ڳهه جي=

لعل. ڪپڙي جي= ڪاري.

ڪرڙن ۽ ڪنڊن کان، آندئي ڪالهه ميان!
مـِـٺن ميوَن لا”، سـِـڪي ٿو ساهه ميان!
مينهن تي جي ميها پڪا، سي کائينديس شال ميان!
هـُـيس اڳي لعل ميان، پر ڪاري ڪيئي سومرا!

 

(1803)

جڏهن ذاتين ٿي نرنان ڪيا، تڏهن مارن کي نرنان لڳو.

 

ذات جا= گولاڙا. نرنان=گل. نرنان= نورنگ>

نئون رنگ.

جڏهن گولاڙن ٿي گل ڪيا، تڏهن مارن کي نئون رنگ لڳو.

 

(1804)

پکي کاڌم، مال چاريم، پنهنجن ذاتين ۾ ميان!

 

پکي=گـُـرڙ. مال= پـَـهـُـون. ذات= ڏَهر>ڏهرن.

گـُـرڙ کاڌم، پـَـهون چاريم، پنهنجن ڏَهرن ۾ ميان!

 

(1805)

هـُـو ٿا کاڄ کاڄ ڪن، هٿيار جا ڏسي، پوءِ مال جي وڃن.

 

کاڄ کاڄ= لڏوُن لڏون> لڏيون لڏيون.

هٿيار جا= ڪڪر. مال جو= سانگ.

هوٿا ’لڏيون لڏيون‘ڪن. ڪڪر ڏسي، پوءِ سانگ وڃن.

 

(1806)

مـِـرون تن ذاتين تي، فقير جئن سونهن،
نالو تن ذاتين تي، نالي ٻولي نه ڪن.

 

مرون= وڄـُـو> وڄون. ذات= ولهار. فقير جي=

صـَـدا> سدا. نالو= مينگهو> مينگهه. ذات= مارو.

نالو= بادل. ٻولي= بس.

وِڄون تن ولهارن تي، سدا ٿيون سونهن،
مينگهه تن مارن تي، بادل بس نه ڪن.

 

(1807)

شهر مٿان پوک جا، مـِـرن وڏا وس ڪيا.

 

شهر= ملير. پوک جا=گج>گاج. مـِـرون=

وِڄو>وڄون.

ملير مٿان گاجن ۽ وِڄـُـن وڏا وس ڪيا.

 

(1808)

هڪ نالو، ٻيو نالو ئي نانوَن تي.

 

نالو= وَسيو. نالو= وَسند> وَسندو. نالو= موريو.

نالو= مينهون> مينهن.

هڪ وَسيو، ٻيو وَسندو، موريو ئي مينهن تي.

 

(1809)

اُڀ ڏيهه سندون، گاهه پکي ڙي ميان.

 

اُڀ= ڀـِـنو. گاهه= سـِــڻ> سيڻ. پکي= سانباهو.

ڀـِـنو ڏيهه سندون، سيڻن سانباهو ڙي ميان!

 

(1810)

لوهه سان پنهنجو ڪيام، پر عمر ذات ئي نه.

 

لوهه جي= سنداڻِ> سندائڻ. پنهنجو= وس.

ذات جا= ٻـُـڌ.

سندائڻ سان وس ڪيام، پر عمر ٻـُـڌيئي نه.

 

(1811)

توکي به باغ، مون کي به باغ، منهنجي مارن کي به باغ.

 

باغ= اِرم> اَرم> اَرمان.

توکي به ارمان، مون کي به ارمان، منهنجي مارن
                                کي به ارمان.

 

(1812)

ادا عمر ڪاٺ ڪر، پر حاڪيماڻو نه.

 

ڪاٺ= محافو> معاف. حاڪيماڻو= عڪس (وير).

ادا عمر! معاف ڪر، پر عڪس نه.

 

(1813)

ڪاٺ جن کي مير عمر! تو جيت ڪيو.

 

ڪاٺ جا= اوڳَ> اوڳن. جيت= ڏُکڻهار.

اوڳن کي مير عمر! تو ڏُکڻهارو ڪيو.

 

(1814)

هـُـيس آءٌ ڪاٺ جي، پر مال جو تو وڌو.

 

ڪاٺ جي= ڪـِـٺ> ڪـَـٺي. مال جو=

ڇؤڙو> وِڇوڙو.

هيس آءٌ ڪـَـٺي، پر وڇوڙو تو وڌو.

 

(1815)

ذاتيون رڇن ۾، نرنانءَ گاهه ڪن.

 

ذات= سيٺار> سيٺاريون. رڇ= ٺڪر. نرنانءُ=

چڀڙ. گاهه= چـُـوپا.

سيٺاريون ٺڪرن ۾، چڀڙ چوپا ڪن.

 

(1816)

هن جو اوزار رڇن سان، نر نالي جيتن ڪين.

 

اوزار= سونهڻ. رڇ= وٽو> وٽن. نر نالو= عطر.

جيت= مک> مکين.

هن جو سونهڻ وٽن سان، عطر مکين ئي ڪين.

 

(1817)

نالن تي نانءَ جن جا، عمر! سي ذاتيون.

 

نالو= زيب. نانءُ= ذوق. ذات= واڍا> وانڍيون.

زيبن تي ذوق جن جا، عمر! سي وانڍيون.

 

(1818)

جڏهن مال جا ٿا پون، تڏهن پکي پوک جا وڃن.

 

مال جا= پـُـورَ. پوک جا= ڳوڙها.

جڏهن پور ٿا پون، تڏهن ڳوڙها ٿا وهي وڃن.

 

(1819)

جو ڪاريگر مارن جو، سو ذاتين تي ڪيئن مٽيان؟

 

ڪاريگر جي= سيرائي> سير+ سيل. ذات=

چوزن> چشن.

جو سيل مارن جو، سو چشن تي ڪيئن مٽيان؟

 

(1820)

ادا عمر! نالو وٺڻ نه آءُ، ڪر مال جو مارن تي،
                شهر ڪري هٿ لاءِ.

 

نالو= منگهه. مال جو= ڪٽڪ. شهر= گـُـڏَ> گـَـڏ.

ادا عمر! منگهه وٺڻ نه آءٌ، ڪر ڪٽڪ مارن تي،
                        گڏ ڪري هٿ لا”.

 

(1821)

جي مان نالو هجان ها، ته ذات ڪڙمڪي ڪريان ها.

 

نالو= جيسي> جيس. ذات= سينا. ڪڙمڪي= تنگي.

جي مان جيس هجان ها، ته سينا تنگي ڪريان ها.

 

(1822)

تڙ جي نه ڪر ميان سومرا، تڙ جي چڱي نان،
تڙ جي ڪر انهن سان، جي جر جون هجن.

 

تـَـڙ جي= ڏند پيهه. جر جون= واهيون> بيواهيون.

ڏند پيهه نه ڪر ميان سومرا، ڏند پيهه چڱي نان،
ڏند پيهه ڪر انهن سان، جي بيواهيون هجن.

 

(1823)

نالو جي ميان سومرا، نالو مون کي ني.

 

نالو= سڪندر> سـِـڪ+ اندر. نالو= ساٿي> سا+ٿي.

سڪ اندر جي سومرا، سا ٿي مون کي ني.

 

(1824)

گهوڙي جن جهلياس، نه ته وکر هوند وياس!

 

گهوڙي جو= بند. وکر= ساٿر> ٿر.

بندن جهلياس، نه ته ٿر هوند وياس!

 

(1825)

ڪاٺن تي چڙهي، وکر ڏيان مارن کي.

 

ڪاٺ جن= رحلن> رلين. وکر= ڪتيلو> ڪتي لوئي.

رلين تي ويهي، ڪتي، لوئي ڏيان مارن کي.

 

(18265)

نارنانءَ آهن، وڃي جيت ڏسنديس.

 

نارنانءُ= اُميدان> اُميدون. جيت= پوپٽ>

پوءِ+ پٽ.

اُميدون آهن، وڃي پوءِ پٽ ڏسنديس.

 

(1827)

پوک ۽ پاڻيءَ جا، هئا مارئيءَ کي من ۾.

 

پوک جا= چونرا> چورا. پاڻي جا= کونرا> کورا.

چورا ۽ کورا، هئا مارئيءَ کي من ۾.

 

مارئيءَ جي عمر کان موڪل گهرڻ

(1828)

نرنانءُ نرنانءُ نرنانءُ، اسان منجهه ناهي،
موڪل ڏي ميان عمر، ته پنهنجن ۾ وڃي مـِـرون ٿيان.

 

نرنانءُ= کـِـلو> کلڻ. نرنانءُ= ڪوڏڻ> ڪڏڻ.

نرنانءُ= حسن> هسڻ. مـِـرون= تازي (ڪتو).

کـِـلڻ ڪـُـڏڻ، هسڻ، اسان منجهه ناهي،
موڪل ڏي ميان عمر، ته پنهنجن ۾ وڃي تازي ٿيان.

 

(1829)

نالو ڪر ميان سومرا، جو نالو آهي زحمت ۾.

 

نالو= احسان. نالو= بيگن> بي+گناهه. زحمت=

قئي> قيد.

احسان ڪر ميان سومرا، جو بيگناهه آهيان قيد ۾.

 

(1830)

نالي موڪل ڏي، نه ته وکر کائينديس سومرا!

 

نالو= پٿوري> پئي+ ٿوري. وکر= گوري.

پئي ٿوري موڪل ڏي، نه ته گوري کائينديس سومرا!

 

(1831)

عضوو ۽ پنهنجي ڏي ميان سومرا، مال جي پوان
                        نه اُن سين.

 

عضوو= مـُـنهن> مو. پنهنجي= ڪـَـل. مال جي=

ماڪـِـڙي> مان+ڪـَـڙي.

موڪل ڏي ميان سومرا، مان ڪڙي پوان نه اُنِ سين.

 

(1832)

لوهه جا پونئي ميان سومرا! کاڄ جن موڪل ڏي.

 

لوهه جي= ڪوڏر> ڪو+ڏر. کاڄ= ڀـَـتُ.

ڪوڏر پوئي ميان سومرا! (ڪنهن) ڀـَـتِ موڪل ڏي.

 

(1833)

نارنانءَ سان حاڪم جو نه ڪر، ڇڏ ته وڃي مال شهر
                                جا ڪري.

 

نارنانءُ= نماڻي. حاڪم جو= ناحق. مال جا= ڇيلا.

شهر جا= چارا> چاري.

نماڻيءَ سان ناحق نه ڪر، ڇڏ ته وڃي ڇيلا چاري.

 

(1834)

نالو ڏي ته ولايت وڃان، نه ته وکر مـُـنج مير.

 

نالو= جعفر> جان+ڦـَـرَ. ولايت= چارڻ. وکر=

ساٿر> سا+ٿر.

جان ڦـَـر ڏي ته چارڻ وڃان، نه ته سا ٿـَـر مـُـنج مير.

 

(1835)

نالو ٿي موڪل ڏي، ته ڪپڙي جي ڪندين.

 

نالو= راضي. ڪپڙي جي= سوَڙ> سوَ+وَڙَ.

راضي ٿي موڪل ڏي، ته سوَ وَڙ ڪندين.

 

(1836)

نرنالي ملير ۾، ته وکر راڳ ڪري مارئي.

 

نر نالو= واريو> واري. نالو= موٽيو> موٽائي.

وکر= ڳوڻ> ڳـُـڻ. راڳ= ڳائڻ.

واري موٽاءِ ملير ۾، ته ڳڻ ڳائي مارئي.

 

(1837)

نالو ٿي موڪل ڏي، ته عضوي آءٌ وڃان.

 

نالو= راضي. عضوو= تن> وطن.

راضي ٿي موڪل ڏي، ته وطن آءٌ وڃان.

 

(1838)

جـَـرَ جي موڪل ڏي، ته نالو ڏسي نرنانءُ ٿيان.

 

جـَـرَ جي= ڪـَـرَ. نالو= وطن. نرنانءُ= راضي.

هيڪر موڪل ڏي، ته وطن ڏسي راضي ٿيان.

 

(1839)

شهرئون پوئي ميان سومرا! ڪا شهرئون موڪل ڏي،
شهرئون چوانءِ ٿي، وڃان ادا! شهرن ڏي.

 

دليئون پوئي ميان سومرا! ڪا دليئون موڪل ڏي،
دليئون چوانءِ ٿي، وڃان ادا! دلين ڏي.

 

(1840)

آءٌ هڏ گهوڙي جي، مون کي ڪنهن نالي موڪل ڏي.

 

گهوڙي جي= اَڙي. نالو= پٿورو> به+ ٿورو.

آءٌ هڏ اَڙي(ڦاٿي)، مون کي ڪنهن به ٿوري موڪل ڏي.

 

(1841)

ڪپڙ جي آندوءِ، عمر سومرا! ڳهه ٿي موڪل ڏي.

 

ڪپڙ جي= ٻانڌڻي. ڳهه= مـُـرڪي.

ٻانهن ڌوڻي آندوءِ، عمر سومرا! مـُـرڪي موڪل ڏي.

 

(1842)

سـُـٽ جون ساريم سومرا! مون کي ڳهه جي موڪل ڏي.

 

سٽ جون= ڏهيون> ڏيهه. ڳهه= مـُـرڪي.

ڏيهه ساريم سومرا! مون کي مـُـرڪي موڪل ڏي.

 

(1843)

نالي آندي مارئي، نالا موڪل ڏي ته نالي وڃي مارئي.

 

نالو= پرور> پرائي+وَرُ. نالو= سرور. نالو=

انور> انهي+ ور.

پرائي وَر آندي مارئي، سرور موڪل ڏي، ته انهيءَ
                        وَر وڃي مارئي.

 

(1844)

ميان عمر! آءٌ لوهه جي آهيان، مون کي پوک ڪاريگر
                جي ڏي، ته آءٌ هندو پوک جا ڏسان.

 

لوهه جي= ڪـُـنڍي> اُڪنڊي. پوک جي= موڪَ.

ڪاريگر جي= ڪل. هندو= مهتا> ماتا.

پوک جا= پتا.

ميان عمر! آءٌ اُڪنڍي آهيان، مون کي موڪل ڏي،
                        ته آءٌ ماتا پتا ڏسان.

 

(1845)

لوهه پوئين ٿي سومرا، رڇ جيئن موڪل ڏي.

 

لوهه جي= سامَ. رڇ= اُکلي(اکري)> او+ کـِـلي.

سامَ پوئين ٿي سومرا، او کـِـلي موڪل ڏي.

 

(1846)

وڻ جن تي ڪپڙي جو رکيو، ولايت پوان ٿي سومرا!
                موڪل ڏي ته پنهنجن وڃان.

 

وڻ جا= پيروُن> پيرن. ڪپڙي جو= هٿ.

ولايت= شام> سام. پنهنجا= مائٽ.

پيرن تي هٿ رکيو، سام پوان ٿي ميان سومرا!
                موڪل ڏي ته مائٽين وڃان.

 

(1847)

ڇڏ تڙ ميان سومرا! ڏي ڳهه ماروئڙن.

 

تڙ= ڏنگو> ڏِنگُ. ڳهه= مانگهه> مان+گهر.

ڇڏ ڏنگ ميان سومرا! ڏي مان گهر ماروئڙن.

 

(1848)

نرنانءُ! ڪر نار، ته ذاتيون ذات کي.

 

نرنانءُ= عمر. نار= آجي. ذات= مـُـلان> مـِـلان.

ذات= ماروئڙا.

عمر! ڪر آجي، ته ملان ماروئڙن کي.

 

(1849)

نرنالي آندئي مارئي، وڃي ذاتين کي پهچاءِ.

 

نرنالو= جيوڻ> جنهن+ وڻ. ذات= تيوڻا>

تيوَڻ> تنهن+ وڻ.

جنهن وڻ آندئي مارئي، وڃي تنهن وڻ پهچاءِ.

 

(1850)

عضوي ليکي جا ڏي ميان سومرا! ڪر پوک جي
                                شهر تي.

 

عضوو= رخ. ليکي جا= ست. پوک جي= ڀلائي.

شهر جي= ڀيڻي> ڀيڻ.

رخصت ڏي ميان سومرا! ڪر ڀلائي ڀيڻ تي.

 

(1851)

پکي پکيءَ جون ڳالهڙيون، آڇيم نرنان کي،
رڇ اباڻي پار جا، هتي نه هوندا سي،
ميان موڪل ڏي، ته وڻ وڃي گاهه ٿيان.

 

پکي=زُرو> ذرو. پکي= ڀرو. نرنان= عمر.

رڇ= دِلي> دليون. وڻ=گولاڙو. گاهه جو=گـُـل.

ذري ڀري جون ڳالهڙيون، آڇيم عمر کي،
دليون اباڻي پار جون، هتي ته هونديون سي،
ميان موڪل ڏي، ته گولاڙي چڙهي گل چونڊيان.

 

(1852)

سـُـٽ جا ساريم سومرا! مون کي ڳهه جي موڪل ڏي.

 

سٽ جا= پاندا> پنهنجا. ڳهه= مـُـرڪي.

پنهنجا ساريم سومرا! مون کي مـُـرڪي موڪل ڏي.

 

(1853)

مٽيءَ جا ساريم سومرا! مون کي ذاتئين نيئي پهچاءِ،
مان مال جي اوڏانهن وڃان، نارنان منهنجي ماءِ.

 

مٽيءَ جا= دِلا. ذات جا= کيڙا> خيرا. مال جي=

سائي> سائين. نارنانءُ= جـَـتو> جتي> جـِـت.

دلئون ساريم سومرا! مون کي خيرئون نيئي پهچاءُ،
مان سائين! اوڏانهن وڃان، جتي منهنجي ماءُ.

 

(1854)

نالو ساريم سومرا! نالو ناهي هتي،
ميان! موڪل ڏي، ته نالو وڃي هـُـت ڪريان.

 

نالو= پـِـيرو> پيرُون. نالو=کٻڙ. نالو= عيدو> عيدون.

پيرون ساريم سومرا! کٻڙ ناهي هتي،
ميان! موڪل ڏي، ته عيدون وڃي هـُـت ڪريان.

 

(1855)

پکي آند”، سا ڪيئن پکين ۾ ويهي؟
نالو ڪر ڙي سومرا! هو وڃي فقير جو رسي.

 

پکي= چـِـڙي. پکي= هنجهه. نالو= راضي.

فقير جو= سانگ.

چـِـڙي آندءِ، سا ڪيئن هنجن ۾ ويهي؟
راضي ٿيءُ سومرا! هو وڃي سانگ رسي.

 

(1856)

مقامن جا آڇ مَ سومرا! مال جا آءٌ نه ڪندياس،
نرنانءُ سجهي شهر ۾، اوڏانهن آءٌ ويندياس.

 

مقامن جا= ڊپ. مال جا= سانگا. نرنانءُ= مارو.

شهر= ملير.

ڊڀ آڇ مَ سومرا! سانگا آءٌ نه ڪندياس،
مارو سجهي ملير ۾، اوڏانهن آءٌ ويندياس.

 

(1857)

نالئون آندئي سومرا، تيئن وطن پهچاءِ.

 

نالو= جيوڻ> جيئن+ وڻئون. وطن= وندر.

جيئن وڻئون آندئي سومرا، تيئن وندر پهچاءِ.

 

(1858)

ادا عمر! پنهنجو نه وجهه ذات ۾، ڏي نارنالي مون کي.

 

پنهنجو= جيءُ. ذات= جوکيا> جوکي. نار نالي=

اميرزادي> آزادي.

ادا عمر! جيءُ نه وجهه جوکي ۾، ڏي آزادي مون کي.

 

(1859)

ٻولي، پنهنجو ڪر، آءٌ سـُـٽ عورت جي آهيان.

 

ٻولي= ڇڏ. پنهنجو= شرم. سـُـٽ جي= سڳي.

عورت= ڀيڻ.

ڇڏ، شرم ڪر، آءٌ سڳي ڀيڻ آهيان.

 

(1860)

ڪک پوک جي سومرا، ڪپڙي جي اباڻن.

 

ڪک= مـُـڃَ> مـَـڃ. پوک جي= ميڙَ.

ڪپڙي جي= جامڪي> جا+ مـُـڪي.

مـَـڃ ميڙ سومرا! جا مـُـڪي اباڻن.

 

(1861)

رڇن کان رکي وٺي، وارن سان ماري،
پوءِ ڏاتر ڏيکاري، مال اباڻي پار جا.

 

رڇ= ڏوها> ڏوهن. وار= ڪلمون. مال=

ڪنواٽ> ڪا واٽ.

ڏوهن کان رکي وٺي، ڪلمن سان ماري،
پوءِ ڏاتر ڏيکاري، ڪا واٽ اباڻي پار جي.

 

مارئيءَ جو ملير ڏانهن موٽڻ

(1862)

ڪاٺي ٿيءُ نه مارئي، ٿي کاڄ جي عمر سان.

 

ڪاٺي= مـُـنهن رکي. کاڄ جي= مـَـهي.

مـُـنهن رُکي نه مارئي، ٿي سامهون عمر سان.

 

(1863)

پنهنجا ۽ پنهنجيون، پنهنجا اٿئي مارئي!

 

پنهنجا= جهڄڻ. پنهنجون= جـِـهوريون.

پنهنجا= مـَـرڪ.

جهـِـڄڻ ۽ جهوريون، مـَـرڪ اٿئي مارئي!

 

مارئيءَ کي دلداري ۽ اُميد

(1864)

نالي رو نه مارئي! توکي نرنان ڪري نيندا.

 

نالي= کپيو> کپ. نرنانءُ= نواز.

کپ رو نه مارئي! توکي نوازي نيندا.

 

(1865)

مڻڪو ڪري نه مارئي، سا عورت ڪيئن؟

 

مڻڪو= ياقوت> قوت. عورت= جيئندي.

جا قوت ڪري نه مارئي، سا جيئندي ڪيئن؟

 

(1866)

کاڄ نه کاڌو مارئي، سا کاڄ ڪندي ويئي.

 

کاڄ= ماني. کاڄ= لولا> الوالا.

ماني کاڌي نه مارئي، سا اَلو اَلا ڪندي ويئي.

 

(1867)

پوک جي کڻي، ڪاريگر جي هڻي، نرنان مون کي
                                راند جو ڏنو.

 

پوک جي= ڇانهين. ڪاريگر جي= چـَـتي.

نرنانءُ= کيت. راند جو= پتو.

ڇانهين کڻي، چـَـتي هڻي، کيت مون کي پـَـتـُـو ڏنو.

 

(1868)

عورت جو هو مارن کي ڪو مال جو.

 

عورت جو= لکيو. مال جو= ٽـِـڪو.

لـِـکيو هو مارن کي (هيءَ) ڪو ٽـِـڪو.

 

(1869)

ذات هيس سومرا! نالي نه آڻين ها.

 

ذات= ماڇي> مان+ اَڇي. نالو= جيتو> جي+ تون.

مان اَڇي هيس سومرا! جي تون نه آڻين ها.

 

(1870)

پکيءَ جو نه کڻين ها، ته ڇو عيبدار ٿيان ها!

 

پکيءَ جو= کنڀ> کنڀي. عيب جي= ڪاڻياري.

کنڀي نه کڻين ها، ته ڇو ڪاڻياري ٿيان ها!

 

(1871)

ڪپڙو ته ڪيئي، جـُـتيءَ جي ته ڪر.

 

ڪپڙو= ڪارو. جتيءَ جي= رَءُ (مٽي) رُوءِ.

ڪارو ته ڪيئي، هلي روُءِ ته ڪر.

 

(1872)

اڳي منجهه ملير ڪاٺي هئي ڪانه،
هاڻي منجهه ملير، گهمان ته گاهه ٿئي.

 

ڪاٺي= جهل. گاهه= سييءُ.

اڳي منجهه ملير جـَـهـَـل هئي ڪانه،
هاڻي منجهه ملير، گهمان ته سيءُ (ڊپ) ٿئي.

 

(1873)

آءُ نالا، وٺ نالا، ته مان وکر ٿي پوان.

 

نالو=کيت. نالو= اسحاق> ساک. وکر=

سرهي جيري> سرهي.

آءُ کيت، وٺ ساک، ته مان سـَـرهي ٿي پوان.

 

(1874)

عمر شهر ڪانه، وئي شهر سان مارئي.

 

شهر= جوهي. شهر= عـَـمان> اَمانَ.

عمر جو هي ڪانه، وئي اَمانَ سان مارئي.

 

 

------

 


 

باب يارهون

سرائتيون ڳجهارتون: مومل راڻو

ساميءَ جو مومل کان ڏند وٺڻ

(1875)

عضوو ساميءَ من ۾، بيٺو ڪاٺي پسي.

 

عضوو= ڪوپري> ڪوپرو. ڪاٺيءَ جي= ڏوئي> اوڏوئي.

ڪو پـَـرو ساميءَ من ۾، بيٺو اوڏوئي پسي.

 

(1876)

چم جو فقير من ۾، اچيو ڪاٺ پـِـني.

 

چم جو=ڪوس> ڪو+ شـَـڪ. فقير= سامي.

ڪاٺ= در> اندر.

ڪو شڪ ساميءَ من ۾، اچيو اندر پـِـني.

 

(1877)

نالو کڻي ويو عضوي جو، توکي نالو ٻيو به گهڻو،
ڀلا ڙي نر نالا! تو پنهنجو وڃايو نالي تي.

 

نالو= فقيرو> فقير. عضوو= ڏند. نالو= ڌنو> ڌن.

نر نالو= راجا نند. پنهنجو= ڌرم. نالو= ڌنو> ڌن.

فقير کڻي ويو ڏند، توکي ڌن ٻيو به گهڻو،
ڀلا ڙي راجا نند! تو ڌرم وڃايو ڌن تي.

 

مومل جو ڪاڪ محل اڏائڻ

(1878)

شوم جي ٽنگي، جيت آزار تي اَڏيا.

 

شوم جي= ننڊ> نند(راجا). ٽنگي= لـَـڙڪي.

جيت= محلو> محلا. آزار = ڪڪ> ڪاڪ.

راجا نند جي لڙڪي، محلا ڪاڪ تي اَڏيا.

 

(1879)

ڏينهن جي گلن جا، مال جا ڪاٺن مٿي.

 

ڏينهن جو= صبوح. گل= سناسي. مال جا= دونهان.

ڪاٺ= در> درن.

صبوح سناسين جا، دوُنهان درن مٿي.

 

(1880)

پنڌ ذات جا پڌرا، جتي پوک پکيءَ جا پـُـونِ،
هن به نالا کوڙيا، بيٺا نالا روُنِ،
جي عورت عضوي پـُـونِ، تن جو نرنان ئي نه ٿئي.

 

پنڌ= گام. ذات= گـُـجر. پوک= لڙي> لڙيو.

پکي= باشو> باشا. نالو=کيمو> کيما. نالو=راوت.

عورت= مومل. عضوو= مـُـنهن. نرنان= موٽڻ.

گام گجر جا پڌرا، جتي لڙيو باشا پـُـونِ،
هن به کيما کوڙيا، بيٺا راوت روُنِ،
جي مومل جي منهن پـُـونِ، تن جو موٽڻ ئي نه ٿئي.

 

(1881)

نارنانءَ جي ٻولي ٻڌي، ذات نالا،
مٽيءَ جو ڏيئي، ذات گاهه ٿي ويا.

 

نارنانءُ= مومل. ٻولي= هاڪ. ذات= سورهيه.

نالو= سلطان. مٽيءَ جي= سر. ذات= مري.

گاهه= مـُـڃ.

مومل هاڪ ٻڌي، ڪئين سورهيه سلطان،
سر ڏيئي، مري مـُـڃ ٿي ويا.

 

(1882)

نرنانءَ ٻولي، نرنانءَ ذات ٿيا ڪين،
نارنانءَ تي نالي ذات ٿي ويا.

 

نرنانءُ= عاشق. ٻولي= آيا. نرنانءَ= داناءَ. ذات=

دهليا. نارنانءُ= مومل. نالو= مست. ذات= مري.

عاشق آيا، داناءَ دهليائي ڪين،
مومل تي مست ٿي مري ويا.

 

(1883)

هن ڪئين مال جا وڻ ڪري، جر وکر جا ڪيا.

 

مال جا= نر. وڻ جي= نمائي. جـَـرَ جو= نـِـڪـُـونج.

وکر جي= ناس.

هن ڪئين نـَـرَ نمائي، نڪونج ۾ ناس ڪيا.

 

(1884)

رانديون ۽ رانديون، جر جون هيون شهر تي.

 

راند(جا) = منڊل. راند(جا) = مشاهدا. جر جي=

ڪوڏي> ڪو+ڏينهن. شهر= ڪاڪ.

منڊل ۽ مشاهدا، ڪي ڏينهن هئا ڪاڪ تي.

 

(1885)

نارنانءَ پنهنجي شهر جيءَ تي ذات جر جو کڻايو،
        جنهن تي هرڪو ٻولي عضوو ٿي ويو.

 

نارنان= مومل. شهر جي= ماڙي. ذات= خوني.

جر جو= کوهه. ٻولي= هئي. عضوو= ران.

مومل پنهنجي ماڙيءَ تي خوني کوهه کڻايو، جنهن تي
                        هرڪو حيران ٿي ويو.

 

راڻي ۽ سندس يارن جو ساميءَ سان ملڻ

(1886)

شهر ئون نرنانءُ نڪتو، ڌڻ جون ڏنائين،
باب اکر تي ڇوڙي ڇڏيائين،
اَن پـَـٽَ راند جا، وڃي چـِـٽا پڇيائين.

 

شهر= ڌُر. نرنان= مينڌرو. ڌڻ جون= روجهون.

باب اکر= بر، بي،بان> بـَـرَ بيابان. اَن جا= کـَـرا.

پـَـٽ جا= پارَ. راند جا= مل> مومل.

ڌُرئون ميڌرو نڪتو، وڃي روجهون ڏٺائين،
بـَـر بيابان ۾ ڇوڙي ڇڏيائين،
کرا پار مومل جا، وڃي چٽا پڇيائين.

 

(1887)

ولايت ئون آيو نرنانءُ، جنهن اچي مـُـئي ڪپڙ جا ڏنا.

 

ولايت= ڪاف. نرنانءُ= ڪاپڙي. مـُـئي(جا) = پار.

ڪپڙ جا= چـِـٽا.

ڪافئون آيو ڪاپڙي، جنهن اچي پار چٽا ڏنا.

 

(1888)

آءُ نالا! شهر ئون اچي ڏي ذات سندن.

 

نالو= سامي. شهر= ڪاڪ. ذات جا= ڏيپار>

ڏي+پار.

آءُ سامي! ڪاڪئون اچي ڏي پار سندن.

 

(1889)

ذات   تو،   ذات   مون.

 

ذات جا= جيپر> جي پار. ذات جا= ڏيپار>

ڏي+ پار.

جي پار تو (ڏٺا)، ڏي پار مون.

 

(1890)

جو نالو ڏٺو مون، اهو نالو ڏسين تون،
ته نالو وڃئي وسري، نالو ٿئين تون.

 

نالو= رنگ. نالو= روپ. نالو= بادشاهه> بادشاهي.

نالو= فقير.

جو رنگ ڏٺو مون، اهو روپ ڏسين تون،
ته بادشاهي وڃئي وسري، فقير ٿئين تون.

 

(1891)

چئي: پکين کان وڌ پرين، نالا نام سندانِ.

 

پکي= وِڄلو> وِڄن. نالو= ڀنڀو. نام= ڀرُو> ڀـِـروُن.

چئي: وِڄن کان وڌ پرين، ڀنڀا ڀرُون سندانِ.

 

(1892)

گاهه ويهاريو ڪاٺن تي، ذاتيون سـُـٽ جون ڪن،
نارنانءَ سـُـڄي هڪڙي، جنهن جو عورت نام چون،
ليکو نه لڳن نرنانءَ جو، مرض نه هو عضون،
تن جي ڄيري تي، هت اَن کير جي ڪئي مرن.

 

گاهه= سـِـڻ> سيڻ. ڪاٺ= صندلي> صندلين.

ذات= راٺوڙ. سٽ جي= رانءِ> رانيا. نارنانءُ=

عورت. عورت= مومل. ليکو= انگ. نرنانءُ=

ٻالڪو.مرض=ٿوٿر.عضوو=ٿڻ> ٿڻن.ڄيري جو=

اُهاءُ. اَن= چڻا> چـِـنا. کيرجي= ٿر. مرون= روجهن.

سيڻ ويهاريو صندلين تي، رانيا راٺوڙين،
عورت سـُـڄي هڪڙي، جنهن مومل نام چون،
انگ نه لڳن ٻالڪو، ٿوٿر هئي نه ٿڻن،
تن جي اُهاءَ تي، هـُـت ٿر چـِـنا روجهن.

 

راڻي جو ڪاڪ تي اچڻ ۽ مومل ماڻڻ

(1893)

اُتيئي نالا، جتي اَن ڪپڙي جا.

 

نالو= آيو> آيا. ان جا= ساٿ. ڪپڙو=

گـَـوَن> گـَـنوَنِ.

اُتيئي آيا، جتي ساٿ گـِـنوَنِ.

 

(1894)

وڻ جا ٿا پون، پکي جا شهر مٿي.

 

وڻ جا= پـَـلڙا> پڙلاءُ. پکي= ڪونج> ڪونجن.

شهر= ڪاڪ.

پڙلاءُ ٿا پون ڪونجن، جا ڪاڪ مٿي.

 

(1895)

سو اُڀ جو چڙهيو، شهر من ڪري،
اڳيان گڏيس پاڻي وارو، تنهن کان ٿو راند پڇي.

 

اُڀ جو= ڊَهو> ڍو. شهر= ڪاڪ. پاڻي واري=

تڙ> ناتر. راند= ملهه> مومل.

سوڍو چڙهيو، ڪاڪ من ڪري،
اڳيان گڏيس ناتر، تنهن کان ٿو مومل پڇي.

 

(1896)

ڪامڻ ٿي پوک جا ڪيا، مٿي نرنالن.

 

ڪامڻ= ناتر. پوک جا= کرا> نخرا. نر نالو=

ملوڪ> ملوڪن.

ناتر نخرا ڪيا، مٿي ملوڪن.

 

(1897)

نارنان اک جا کڻي، ويئي نارنان وٽ،
تو به گهڻا مڇيءَ جا، هو هڻندءِ پوک ۾،
نرنان نيندءِ شهر، ڪين ڇڏيندءِ تڙ تي.

 

اک جا= ناز. نارنان= ناتر. نارنان= مومل.

مڇيءَ جا= گهائو>گهايا. پوک= پٽ(پٽ ٿي

ويئي= ڪانه ٿي). نرنان= ڍولو. شهر= ڍٽ.

تڙ= ڪاڪ.

ناتر ناز کڻي، ويئي مومل وٽ،
تو به گهڻا ٿي گهايا، پر هو هڻندءِ پـَـٽِ،
ڍولو نيندءِ ڍٽ، ڪين ڇڏيندءِ ڪاڪ تي.

 

(1898)

نالا نانءُ نه رهيا، هي سڀ نالا تنهنجا اَٿئي.

 

نالو= مومل. نانءُ= ملگزار. نالو= طالب.

مومل! ملگزار نه رهيا، هي سڀ طالب تنهنجا اٿئي.

 

(1899)

پونديئن زمين ۾، جو اَن جو آهي ڏيهن کي.

 

زمين(جي) = غار. اَن جو= ڏوڌو> ڏُڌو.

پونديئن غار ۾، جو تو ڏڌو آهي ڏيهن کي.

 

(1900)

هٿ جون حاڪمن کي، ڪامڻ لوهه جون.

 

هٿ جو= هڻڻ> هنيون. ڪامڻ= مومل. لوهه

جون= مهميزون.

هنيون حاڪمن کي، مومل مهميزون.

 

(1901)

اڌ مرض پنهنجيءَ وڃ، سودي جي ذات آهين.

 

اڌ مرض= ڏڍ. پنهنجي= سمجهه> سمجهي.

سودي جي= باقي. ذات= هـَـڪڙا> هـِـڪڙو.

اي ڏَڍَ! سمجهي وڃ، باقي هڪڙو آهين.

 

(1902)

نرنانءُ پنهنجي پوک لاءِ، دانهون ڪندي ويو.

 

نرنانءُ= سوڍو. پوک= سنگت. دانهون= پار> پارت.

سوڍو پنهنجي سنگت لا”، پارت ڪندي ويو.

 

(1903)

نرنان وکر جي هنئي، تڏهن پکين ٿي جرجا ڪيا.

 

نرنان= سوڍو. وکر= سوپاري. پکي= ڪانوَ>

ڪاوَنِ. جر جا= ڪڙڪا.

سوڍي سوپاري هنئي، تڏهن ڪاوَنِ ٿي ڪڙڪا ڪيا.

 

(1904)

يارو! ڏسو ذات بڻي، ڪاٺيءَ جي هڻي وڃي
                                       نرنانءُ ٿيو.

 

ذات= بازيگر> بازي. ڪاٺيءَ جي= سوپاري.

نارنانءُ= پار پيو.

يارو! ڏسو بازي بڻي، سوپاري هڻي وڃي پار پيو.

 

(1905)

ڪاٺ لڳو ڙي جيڏيون! شهر ته منهنجي کي.

 

ڪاٺ جو= ڏونڪو. شهر= ڀير.

ڏونڪو لڳو ڙي جيڏيون! ڀير ته منهنجيءَ کي.

 

(1906)

اٿي عورت جاڳ، وڻن کي ڪپڙا لڳا.

 

عورت= ناتر. وڻ= مور> مورن. ڪپڙا=

گـَـجَ> گـَـزَ.

اٿي ناتر جاڳ، مورَن کي گز لڳا.

 

(1907)

نارنان پوک واپار جي ٿي، نرنانءَ ٻار ڪاٺ جو.

 

نارنان= مومل. پوک جي= نسري. واپار جو= نروار.

نرنانءُ= راڻو. ٻار جو= کريب. ڪاٺ جو= ڀڳو.

مومل نسري نروار ٿي، راڻي کريب ڀڳو.

 

(1908)

ميڌرو ڪامڻ ۾ کاڄ جي هو، پر نرنالي ويو.

 

ڪامڻ= چيني> چئني. کاڄ جي= لاس. نرنالو=

جيتـُـو> جـِـيتي.

مينڌرو چئني ۾ لاس هو، پر جـِـيتي ويو.

 

(1909)

نارنان ذات هئي، جو ڪڙمڪي سان ڪپڙ شهر جو،
علم سان قرض جو ڏيندي هئي پر نانءُ نالو ڪيو.

 

نارنان= مومل.ذات=مشتاق.ڪڙمڪي= ڪاريگري

ڪپڙ جو= ڪوٽ. شهر جو= اڏيو. علم= جادو.

قرض جو= دوکو. نرنان= راڻو. نالو= فتح.

مومل مشتاق هئي، جنهن ڪاريگريءَ سان ڪوٽ اڏايو،
جادو ڪري دوکو ڏيندي هئي، پر راڻي فتح ڪئي.

 

(1910)

مومل به ڪاٺي، کاڄ جو ڪيئي مينڌرا!

 

ڪاٺي= هاڪي> هاءِ+ ڪئي. کاڄ= نشاستو>

ناس+ تو.

مومل به هاءِ ڪئي، پر ناس تو ڪئي مينڌرا!

 

(1911)

مومل وڏي ذات هئي، تو جهڙ جي مينڌرا.

 

ذات= بازيگر. جهڙ جي= نـِـوائي.

مومل وڏي بازيگر هئي، تو نوائي مينڌرا.

 

(1912)

مومل ته ڪاٺ جي، جهڙ جي مينڌري.

 

ڪاٺ جي= گهڙامنجي> گهڻا+ جـِـيءَ. جهـُـڙ جي= نـِـوائي.

مومل ته گهڻا جيءَ (گنوايا)، پر نـِـوائي مينڌري.

 

(1913)

مومل ته ذات هئي، تو مڇيءَ جي راڻا!

 

ذات= سولنگي> سؤرنگي. مڇيءَ جي= مـُـٺ

(ٻه مڇيون)> مـُـٺي.

مومل ته سؤرنگي هئي، (پر) تو مـُـٺي راڻا!

 

(1914)

مومل وڏي ذات هئي، پر زحمت ماري مينڌرا!

 

ذات= سوچي> سچيت. زحمت= موهيڙا> موهي.

مومل وڏي سچيت هئي، پر (تو) موهي مينڌرا!

 

(1915)

تو آزار ڙي مينڌرا! نه ته مومل ته ڪا ذات هئي.

 

آزار= موهيڙو> موهي+ ڙي. ذات= رنگ>

سـَـت رنگي.

تو موهي ڙي مينڌرا! نه ته مومل ته ڪا ست رنگي هئي.

 

(1916)

مومل ڪنهن نه ذات، تو گهوڙي جي مينڌرا!

 

ذات= نائي. گهوڙي جي= ڪيري.

مومل ڪنهن نه نائي، تو ڪيري مينڌرا!

 

(1917)

تو مڇي جي مينڌرا! مومل وڏي ذات هئي.

 

مڇيءَ جي= ماڻڪي> ماڻي. ذات= وينجهر> وينجهار.

تو ماڻي مينڌرا! مومل وڏي وينجهار هئي.

 

(1918)

مومل ته ڪپڙ جا، پر تو مڇيءَ جي مينڌرا!

 

ڪپڙ جا= سٽڪا ۽ کوڙَ> سٽيو کوڙ. مڇيءَ جي=

مياڻي> ماڻي.

مومل ته سٽيو کوڙ ڪيا، تو ماڻي مينڌرا!

 

(1919)

نارنان رڇ ڪيو،تڏهن مڇيءَ جي ڪئي هئي نرنانءُ.

 

نارنان= مومل. رڇ= ٺانٺ> ٺاٺ. مڇيءَ جي=

ماڻي (ماپ، تور) نرنانءُ= مينڌرو.

مومل ٺاٺ ڪيو، تڏهن ماڻي هئي مينڌري.

 

(1920)

تو حاڪيماڻي مينڌرا! ذات به مومل کي.

 

حاڪيماڻي= لائي. ذات= لاکا> لنؤ> ڪا.

تو لائي ڙي مينڌرا! لنؤ ڪا مومل کي.

 

(1921)

جڏهن نرنانءَ شهر ويو، ڏسي عورت کي نرنان ٿي پيو.

 

نرنانءُ= راڻو. شهر= ڪاڪ. عورت= مومل نرنان= عاشق.

جڏهن راڻو ڪاڪ ويو، ڏسي مومل کي عاشق ٿي پيو.

 

(1922)

عضوي عيب لڳو، مومل وڃي ذات ڪئي.

 

عضوو= نيڻ> نيڻين. عيب= نينهن. ذات= مضبوط.

نيڻين نينهن لڳو، مومل وڃي مضبوط ٿي.

 

(1923)

ڪاٺي ڳاريا مون، پنڌ جو ني تو ڪيو.

 

ڪاٺي= گهڙامنجي> گهڻا+ جيءَ. پنڌ جو= سـِـڌو.

گهڻا جيءَ ڳاريا مون، سڌو ني تو ڪيو.

 

(1924)

مرض ڙي من مينڌرا! نه ته ذاتيون ٻيون به گهڻيون.

 

مرض= موهيڙو. ذات= جيها.

موهي ڙي من مينڌرا! نه ته تو جيها ٻيا به گهڻا.

 

مومل جي سومل کي پاڻ سان سمهارڻ

(1925)

نارنالي پاري جو آءٌ، ته مال جو اچي ٿو شهر ڏي؟

 

نارنالو= ناتر. پاري جو= سيءُ> ڏسي. مال جو=

ڪرهو. شهر= ڪاڪ.

ناتر! ڏسي آءُ، ته ڪرهو اچي ٿو ڪاڪ ڏي؟

 

(1926)

ڪاٺيءَ جي ڪڻڪار، مون نه ٻڌي آزاري.

 

ڪاٺي= ڪرهل. آزاري= اوڪ> آ+ ڪاڪ.

ڪـَـرهل جي ڪڻڪار، مون نه ٻـُـڌي آ ڪاڪ ۾.

 

(1927)

ڪپڙي جي نارنالي ڪاٺ تي، ذات جر جي شهر ۾.

 

ڪپڙي جي= پڳ. نارنالي= رکي. ڪاٺ جو=

پايو. ذات= بهڻ> ڀيڻ. جر جي= سـُـتي. شهر=

قنبر> ڀر.

پڳ رکي پائي تي، ڀيڻ سـُـتي ڀـَـر ۾.

 

(1928)

ڪاٺ جي ڇڏ راند جون، نرنانءُ کي شهر پهچا”.

 

ڪاٺ جي= چانئٺ> چا اُٺ. راند جون= گوهيون.

نرنان= راڻو. شهر= ڪاڪ.

چا اُٺ، ڇڏ گوهيون، راڻي کي ڪاڪ پهچاءِ.

 

(1929)

نرنالا پـُـٽَ ڪاٺيءَ جا، تيتر راند جي نه ڪر،
                جيتر حاڪيماڻي ڪيان.

 

نرنالو= گورو> گونرو. ڪاٺيءَ جي= چانئٺ>

اُٺِ. راند جي= گوهي. حاڪيماڻي= سواري.

گونرا پـُـٽ اُٺ جا، تيتر گوهي نه ڪر، جيتر مان
                        سواري ڪيان.

 

(1930)

اي نرنالا! تون ڪپڙي سان باهه جي ڇو نه ڪرين؟

 

نرنالو= توڏو. ڪپڙي جا= وڳا> وَڳَ.

باهه جي= چـَـري.

اي توڏا! تون وَڳن سان چري ڇونه اَچين؟

 

(1931)

نرنالو چڙهيو وهٽ تي، سو نرنانءُ ٿيو.

 

نرنالو= راڻو. وهٽ= توڏو. نرنان= ملوڪ.

راڻو چڙهيو توڏي تي، سو به ملوڪ ٿيو.

 

(1932)

رکي ڪاٺي ولايت ۾، سو ته ٻولي ڪري وئين.

 

ڪاٺي= ڪام. ولايت= ڪڇ. ٻوليءَ جو=

حرف> حرفي.

رکي ڪامَ ڪڇ ۾، سو ته حرفي ڪري وئين.

 

(1933)

وهٽ جي هڻي ڪاٺ تي، نرنانءُ ولايت ويو.

 

وهٽ جي= ڪام. ڪاٺ= ڪرهو. نرنانءُ= ڍوليو.

ولايت= ڍٽ.

ڪام هڻي اُٺ تي، ڍوليو وٽ ويو.

 

(1934)

پکي پوک کائي، نرنانءُ ويو ڏيهه کي.

 

پکي= ڪونج> ڪو+رنج. پوک جي= وَلِ.

نرنانءُ= ڍولو. ڏيهه= ڍٽ.

ڪو رنج ڪري وَل، ڍوليو ويو ڍٽ کي.

 

(1935)

راڻو ته وڏي ذات هو، مرض جي ڪيئين ڪانه،
                        ڪاٺ ٿي پيو.

 

ذات= وينجهار. مرض= گردو. ڪاٺ= هلڪو.

راڻو ته وڏو وينجهار هو، (وڏ) گـُـردو نه ٿيو،
                        هلڪو ٿي پيو.

 

(1936)

راڻو ته ذات هو، پر ڪاٺي ٿي پيو.

 

ذات= وينجهر> وينجهار.ڪاٺي= ناڙي> اَناڙي.

راڻو ته وينجهار هو، پر اَناڙي ٿي پيو.

 

(1937)

جيت شهر ۾ پيو، نرنانءُ ولايت کان ويو.

 

جيت= ڪـَـٽر.شهر=ڪاڪ. نرنانءُ=راڻو. ولايت=

ريهان> رهاڻ.

ڪٽر ڪاڪ ۾ پيو، راڻو رهاڻ کان ويو.

 

صبح جو سجاڳ ٿيڻ تي

(1938)

جر اَن جي ٿي ويئي، ٻوليءَ کي نرنانءُ ٿئي ڪانه.

 

جر جي= رات. اَن جي= وهائي> وهامي. ٻولي=

جيءُ. نارنانءُ= جميعت.

رات وهامي ويئي، جيءَ کي جميعت ٿئي ڪانه.

 

(1939)

رات ته راڳ هو، مـِـرن ٻري بس ڪئي، اڃان ٿي
                        پوک جي پڇين!

 

راڳ= سارنگ. مـِـرون= چراخ> چراغ> چراغن

(ڏِيئن). پوک جي= ڍَل> سوڍل.

رات ته سارنگ هو، چراغن ٻرِي بس ڪئي، اڃان ٿي
                                سوڍل پڇين!

 

(1940)

رات ڀي ذات ٿي، مرن ڀي ماٺ ڪئي، نه نالي
                        پرين جيتين ڙي!

 

ذات= لنگهي. مرون= چراخ> چراغن. نالو= آيو.

جيت= مهلو> محلين.

رات ڀي لنگهي، چراغن به ٻري چپ ڪئي، نه آيو
                        پرين محلين ڙي!

 

(1941)

نالو   ته   نالو،   نالو   ڙي!

 

نالو= موسو> مون+ سـُـئو. نالو= راڻو. نالو=

وتايو> رات+ آيو.

مون سـُـئو ته راڻو رات آيو ڙي!

 

(1942)

ٻـُـڌ باهه جي نار، ڪاٺ ڏيئي ويو عضوي ۾.

 

باهه جي= سـَـڙي. نار= سومل. ڪاٺ جي= ڪام.

عضوو= ڪڇ.

ٻـُـڌ سڙي مومل! ڪامَ ڏيئي ويو ڪڇ ۾.

 

(1943)

نارنان باهه مان، نرنانءَ ٻار جو ڪيو،
پوءِ نارنان سان ذات جو ٿيوئي ڪين.

 

نارنانءُ= سومل. باهه(جي) =سڙي. نرنانءُ= راڻو.

ٻار جو= رسايو. نارنان= مومل. ذات= پـِـرڀيا.

سومل سڙِي راڻو رُسايو،پوءِ مومل سان پـِـرڀيوئي ڪين.

 

(1944)

ڪاٺي ڇڏي وٽ مون، نرنانءُ شهر چڙهي ويو.

 

ڪاٺي= ڪام. نرنان= ڍوليو. شهر= ڍٽ.

ڪام ڇڏي وٽ مون، ڍوليو ڍٽ چڙهي ويو.

 

(1945)

ڀـَـري رڇ وکر جا، رات به ٻاريا مون،
اَلله هن اُڀ تي، نرنان آڻين تون.

 

رڇ= ڏِيو. وکر= تيل. اُڀ(جي) =کٽَ(تارن جي)

> کـَـٽـُـن. نرنان= راڻو.

ڀري ڏِيا تيل جا، رات به ٻاريا مون،
اَلله! هـِـنن کٽن تي، راڻو آڻين تون.

 

(1946)

نالو ڇڏي مون کي، شهر ڇڏ نه تون،
پنهنجي هئي مون کي، ڪـُـڙمڪي ڪئي نه تو.

 

نالو= سيتل> سـُـتل. شهر= ڪاڪ. پنهنجي= ننڊ.

ڪـُـڙمڪي= جوڳ> جاڳ> جاڳايو.

ستيل ڇڏي مون کي، ڪاڪ ڇڏ نه تون،
ننڊ هئي مون کي، جاڳايو نه تو.

 

سومل جو مومل کي طعنو

(1947)

نار! ويئي نرنانءُ، جنهن تي مال جو هو.

 

نار= مومل. نرنان= راڻو. مال= هيج.

مومل! وِيئي راڻو، جنهن تي (تنهنجو) هيج هو.

 

(1948)

جيت پيو شهر ۾، ته نرنانءُ نه آيو.

 

جيت= ڪڪر> ڪـُـوڪرو. شهر= ڪاڪ نرنانءُ = راڻو.

ڪـُـوڪرو پيو ڪاڪ ۾، ته راڻو نه آيو.

 

مومل جو راڻي ڏي قاصد موڪلڻ

(1949)

نرنانءَ جي حاڪيماڻي کي، ليکي ڏينهن ٿيو.

 

نرنانءُ= راڻو. حاڪيماڻي= رهاڻ. ليکي جو=

چوٿو> چوٿون.

راڻي جي رهاڻ کي، چوٿون ڏينهن ٿيو.

 

(1950)

سٽ جا وڌا هئم نر نالا تنهنجي نار کي.

 

سـُـٽَ جا= واجهه. نر نالو= راڻو. نار= رهاڻ.

واجهه وڌا هئم راڻا! تنهنجيءَ رهاڻ کي.

 

(1951)

ذات هئاسين جڏهن، شهر پئي وُٺو تڏهن،
انهي نرنالي کوُن ڪکن جا ڀلا، اها نار نالي
                        ٿيندي ڪڏهن؟

 

ذات= ڪانڌڙا> هيڪاندا. شهر= ڪاڪ. نرنالو=

جيوڻ. ڪکن جا= مـُـوئا. نار نالو= ريهاڻ.

هيڪاندا هئاسين جڏهن، ڪاڪ پئي وُٺو تڏهن،
انهيءَ جيئڻ کؤن مئا ڀلا، اها رهاڻ ٿيندي ڪڏهن؟

 

(1952)

اڳي هن شهر ۾، پکي مال جي ڪندا هئا،
هاڻي منهنجي شهرن ۾، جيت ٻولي ناهي.

 

شهر(جو) = محلات. پکي= طوطو. مال جي=

تنوار. شهر(جو) = ڪوٽ> ڪوٽن. جيت= ڀنؤر.

ٻولي= ڀـُـڻڪو.

اڳي هن محلات ۾، طوطا تنواريندا هئا،
هاڻي منهنجي ڪوٽن ۾، ڀنؤرن ڀڻڪو ناهي.

 

(1953)

نالو رکي وئين مينڌرا، نالا ڪيا ٿي تو،
نالي اچين ٿو ڪينڪي، عورت مون نه اچي.

 

نالو= محبت. نالو= احسان. نالو= موٽـُـو> موٽي.

عورت= جميعت.

محبت رکي وئين مينڌرا، احسان ڪيا ٿي تو،
موٽي اچين ٿو ڪينڪي، جميعت مون نه اچي.

 

(1954)

وڻ نالي جي تو نه ڪئي، ڪپڙي جي ڪري وئين.

 

وڻ جي= رس. نالو= محبت. ڪپڙي جي= ڇـِـني.

رس محبت تو نه ڪئي، ڇني ڪري وئين.

 

(1955)

ڪپڙي رهان مينڌرا، تون عورت گاهه لهيج.

 

ڪپڙو= پهراڻ> پئي+ حيران. عورت= سگهڙ>

سگهڙي. گاهه= سـَـر> سارَ.

پئي حيران رهان مينڌرا، تون سگهڙي سار لهيج.

 

(1956)

جڏهن نرنانءُ هيو ته ذات ڙي، نه ته مون ڪکين چڱي.

 

نرنان= راڻو. ذات= ڪاڪا> ڪاڪ. ڪکن جي= مـُـئي.

جڏهن راڻو هيو ته ڪاڪ ڙي، نه ته مون(آءٌ) مـُـئي چڱي.

 

(1957)

رڇ ڪيم رنگي، من راڻل ذات ٿئي.

 

رڇ= ڪـُـپڙا> ڪپڙا. رنگ=ڪارو> ڪارا.

ذات= اوڏ> اوڏو.

ڪپڙا ڪيم ڪارا، من راڻل اوڏو ٿئي.

 

(1958)

ٻولي ڪپڙ جا، وکر وکر تو.

 

ٻولي= ويهه> وِهُ. ڪپڙ جا= وهاڻا. وکر= سوڍا.

وکر= سـُـئا> سـَـواءِ.

وهه ٿيا وهاڻا، سوڍا! سواءِ تو.
(1959)

اي نالا، اي نرنانءَ، تو بـِـن نالن نانءَ ڦٽا ڪيا.

 

نالا= راڻا. نرنانءَ= سوڍا. نالن= باغن. نانءَ= گل.

اي راڻا اي سوڍا! تو بـِـن باغن گل ڦٽا ڪيا.

 

(1960)

ٻار وارا! هن مرض تي، موت جا ڏيئي وئين.

 

ٻار وارا= اوراڻا> او+ راڻا. مرض= ڪاڪ.

موت جا= ڍَڪر.

او راڻا! هن ڪاڪ تي، ڍَڪر ڏيئي وئين.

 

(1961)

اڳي ته نالي ايندو هئين، نالي ويندو هئين،
هاڻي ته نالي اچين ڪونه، توکي ڪنهن نالي جهليو آ.

 

نالو= پيروز> پيو روز. نالو= نظر. نالو=

مـِـيهـَـن> مـِـنهـَـن.

اڳي ته پيو روز ايندو هئين، روز ويندو هئين،
هاڻي ته نظر اچين ڪونه، توکي ڪنهن مـِـنهـَـن جهليو آ.

 

(1962)

اڳ ته اَن جي ايندو هـُـون مينڌرا! هاڻي نالي
                        اچين ڪين.

 

اَن جي= ريکت> ري+ خط. نالو= پروانو.

اڳ ته ري خط ايندو هـُـون مينڌرا! هاڻي پروانين اچين ڪين.

 

(1963)

ڪاٺ بلا ۾ سپرين، تون شهر ئون آيو ٿيءُ.

 

ڪاٺ جي= ڳجهه. بلا= ڳوهه. شهر= ماڏو>

مان+ ڏي.

ڳجهه ڳوهه ۾ سپرين، تون مان ڏي آيو ٿيءُ.

 

(1964)

ذات ئون آءُ راڻا، ته ڳهه ۾ ڳالهايون.

 

ذات= اوڏ> اوڏڙو. ڳهه= ڏيڍي.

اوڏڙو آءُ راڻا، ته ڏيڍيءَ ۾ ڳالهايون.

 

(1965)

ڪپڙي نالي ڳالهڙي، تو ڪيئن نرنانءَ ڪيو؟

 

ڪپڙي(جو) = چوسو> چئو+سا. نالو=جاني. نرنانءُ=

ساماڻو> سان+ ماڻو.

چؤ سا جاني ڳالهڙي، تو ڪيئن مون سان ماڻو ڪيو.

 

(1966)

راڻا! نالو ڪري، عضوي چم جي نه.

 

نالو= ماڻڪ> ماڻو. عضوو= مـُـٺ> مـُـٺي.

چم جي= مار.

راڻا! ماڻو ڪري، مـُـٺي مار نه.

 

(1967)

مال جا موٽي آءُ، مان عضون ڏيان آرام.

 

مال جا= مينڌ> مينڌرا. عضوا= اکڙيون.

مينڌرا! موٽي آءُ، مان اکڙين ڏيان آرام.

 

(1968)

باهه جي آءُ راڻا! مان کوهه جون روز ڪيان.

 

باهه جي= اُماڙي> او+ ماڙي. کوهه جون=

اِرڙيون> رڙيون.

او ماڙيءَ آءُ راڻا! مان رڙيون روز ڪيان.

 

(1969)

جر جن مارياس، حاڪيماڻي منهنجا پرين!

 

جر جا= ڇينهرا. حاڪيماڻا= عامل> آ+ مل.

ڇينهرن مارياس، آءُ مـِـل منهنجا پرين!

 

(1970)

اُٺ جي ڪر نه سپرين، مون وٽ راند ٿي آءُ.

 

اُٺ= مهري> ڪـُـمهري. راند= رَچي> پرچي.

ڪـُـمهري ڪر نه سپرين، مون وٽ پرچي آءُ.

 

(1971)

باهه جا هڪ رات، ڪڙمڪي ساعت هڪڙي.

 

باهه جا= آرڻ> آءُ+ راڻل. ڪـُـڙمڪي= ڍَل> سوڍل.

آءُ راڻل هڪ رات، سوڍل ساعت هڪڙي.

 

(1972)

نار نالي نرنانءُ، گل مڇي شهر جا.

 

نار نالو= هاوڻي> هاڻي. نرنانءُ= راڻو. گـُـل=

ڪنوَل> ڪونر. مڇي= ڪـُـم> ڪماڻا. شهر=ڪاڪ.

هاڻي آءُ راڻا! ڪونر ڪـُـماڻا ڪاڪ جا.

 

(1973)

وڻين آئين ميان مينڌرا، ته ٻوليءَ آءُ تون.

 

وڻ= چانهه> چاهه> چاهي. ٻوليءَ(جي) = چلي.

چاهي آئين ميان مينڌرا، ته چلي آءُ تون.

 

(1974)

اي ميان نرنان، تون شهر آ، ته تو ۽ مون وچان وڃي
                                گاهه نڪري.

 

نرنان= راڻو. شهر= ڪاڪ. گاهه= سيءُ.

اي ميان راڻا! تون ڪاڪ آ، ته تو ۽ مون وچان
                        وڃي سيءُ نڪري.

 

(1975)

نار نالي وٽ آءُ منهنجا پرين، آءٌ نالي هاڻي آهيان.

 

نار نالو= حليمان> هلي مان. نالو= عيبو> عيبن.

هلي مان وٽ آءُ منهنجا پرين، آءٌ عيبن هاڻي آهيان.

 

(1976)

گهر جو وڃايم نرنانءُ تنهنجي ڪاڻ، تون ٿو اڃان
                        پوک جا ڪرين!

 

گهر جو= مارنگ> مان+ رنگ. نرنان= ڍولڻ.

پوک جا= ويڇا.

مان رنگ وڃايو ڍولڻ تنهنجي ڪاڻ، تون ٿو اڃان
                        ويڇا ڪرين!

 

(1977)

وکر مون ڏي راڻا! مان پوک نهاريان ٿي.

 

وکر= آنورا> آءُ+ وري. پوک جون=راهـُـون.

آءُ وري مون ڏي راڻا! مان راهـُـون نهاريان ٿي.

 

(1978)

کوهه جي نهاريان، راڻل مان اَن جون.

 

کوهه جي= نيسر> نئين+ سـِـر. ان جون= راهون.

نئين سـِـر نهاريان، راڻل مان راهون.

 

(1979)

پکي اچ راڻا، ڪاٺ جي چڙهي آءُ.

 

پکي= باز. ڪاٺ جو= ڪرهو> ڪرهي.

باز اچ راڻا، ڪـَـرهي چڙهي آءُ.

 

(1980)

اَن چڙهي آءُ راڻا! مان ذات اُڏايان.

 

اَن= مـُـهري(دال)> مـَـهري. ذات= ڪـَـنگ> ڪانگا.

مـَـهريءَ چڙهي آءُ راڻا! مان ڪانگ اُڏايان.

 

(1981)