(876)
تڙ منهنجو نرنانءُ، تڏهن مون مرض پرائيا.
تڙ=ڦـِـٽو. نرنان=ڪرم. مرض=سـُـورَ.
ڦـِـٽو منهنجو ڪرم، تڏهن مون سورَ پرائيا.
(877)
وکر نالن هوت، پر نالن نيو ڙي اديون!
وکر=ڳوڻ<ڳـُـڻَ.
نالو=مـِـٺو. نالو=نصيبو<
نصيب.
ڳـُـڻن مـِـٺو هوت، پر نصيب نيو ڙي اديون!
(878)
نالا منهنجي نانءُ ويا، وڻ جو ٻين کي ڏيان!
نالا=ڪيچي. نانءُ=ڪرمون<ڪرمؤن.
وڻ جو=
ڇوڏو<ڇو+ڏوهه.
ڪيچي منهنجي ڪرمؤن ويا، ڇو ڏوهه ٻين کي ڏيان!
(879)
هڻيو ڪاٺ جو ڪاٺ تي، ڳهه پايو رو”،
هـَـي هـَـي مال جا ڙي، پوک نالي کي نه چو”.
ڪاٺ جو=هٿيو<هٿ. ڪاٺ جي=منُ
<مونن.
ڳهه=مـُـنڊيون<مـُـنڍيون. مال جا=گهوڙا. پوک
جو=ٻارو<ٻاڙو.
نالو=پنهون.
هڻيو هٿ مونن تي، منڍيون پايو روءِ،
هي هي گهوڙا ڙي، ٻاڙو پنهون کي نه چوءِ.
(880)
اَن جيئن ٿيو، مـَـن ڪا پئيوَ رات.
ان جي=مـُـٺِ<مـُـٺيون. رات=قدر.
مـُـٺيون! مون جيئن ٿيو، مـَـن ڪو پئيو قدر.
(881)
وڻ هئوڙي جيڏيون، ڪاٺ به منهنجي کي،
مال جوڙي جيڏيون، جنهن کي مال جو پيو؟
وڻ=لاڻو<هالاڻو. ڪاٺ=من. مال جو=هيتُ
(=پيار). مال جو=ڇوڙو<وڇوڙو.
هالاڻو هئو ڙي جيڏيون، من به منهنجي کي،
هيت هوءِ ڙي جيڏيون، جنهن کي وڇوڙو پيو؟
(882)
اديون! انهن ذاتين جو، مون سان شايد اڳي نالو هو،
ڪري ٻوليون پاڻ ۾، هنن ٿي نالي هوت نيو،
سـُـڌ نه پيم سرتيون، نه ته مون پڻ وڻ ڪيو،
پوک بنان ٿي پانهنجي، مون کي ڏير آن ڇو نه ڏيو،
اهڙو ڪونه ٿيو، جنهن ڪي ڳهه جي خان پنهون کي.
ذات=جت<جتن. نالو=وِڻو. ٻولي=پاريسي<
پاريسيون. نالو=ٻانهو<ٻانهيو.
وڻ=هيرڻ<
رڻ. پـــوک= چانور
<چــــان(= چوان)+ ور.
ڳهه جي=نٿ<منٿ.
اديون! انهن جتن جو، مون سان اڳي وِڻو هو،
ڪري پاريسيون پاڻ ۾، هنن ٿي ٻانهيو هوت نيو،
سڌ نه پيم سرتيون، نه ته مون پڻ رڻ ڪيو،
چان، ور پنان ٿي پانهنجو، مون کي ڏير آن ڇو نه
ڏيو،
اهڙو ڪو نه ٿيو، جنهن ڪي منٿ خان پنهون کي.
(883)
ڏڪار پاروٿو پيءَ مئو؟
ڏُڪار=قحط. پاروٿو=باسي<باسيو. پيءَ مئو=
ڇورو<ڇو+روئو.
قحط ته باسيو (مون، اوهين) ڇو روئو؟
(884)
جبل جهليو ڙي جيڏيون، مان مال جي ٿيان.
جبل=روڻو روئڻ. مال جي=رواني.
روئڻ جهليو ڙي جيڏيون، آءٌ رواني ٿيان.
سسئي جو ماءُ کي جواب
(885)
ڪاٺ مرض ٿيام، نرنانءَ تن ذاتين جا.
ڪاٺ(جو)=سنجو<سنجهو. مرض=ساڙ. نرنان=
آئل<آيل.
ذات=آريچا<آريچن.
سنجهي ساڙ ٿيام، آيل، تن آريچن جا.
(886)
ٻار جيئن لڳوم، نالو تنهن نرنانءَ جو.
ٻار جيئن=چوٽيءَ وارو ڌڪ. نالو=آئـِـل<آيل.
نرنانءُ=ٻاروچو.
چوٽيءَ ڌڪ لڳوم، آيل ٻاروچي جو.
(887)
اُٺن جي لوهه جا، ڪاٺ جي شڪاري آهيان.
لوهه جا=ڪيرَ
<اُڪير. ڪاٺ جو=در<مادر.
شڪاري=ماري.
اُٺن جي اُڪير، مادر ماري آهيان.
(888)
ري هٿيار جي ويندياس، شهر جي هوت پنهونءَ ڏي.
هٿيار جي=ڪوٺي. شهر جي ماڙي<ماءُ+ڙي.
ري ڪوٺي ويندياس، ماءُ ڙي هوت پنهون ڏي.
سسئيءَ کي سرتين جو دلاسو
(889)
هت ڌڻ جو سسئي، اسان جا پکي ٿا ڪرن،
پاڻي وڻ جي ڪري، وڃي پکي ٿج تون.
ڌڻ جو=نرو<نه+روءُ. پکي=هنجهه.پاڻي جي=
موڪ. وڻ=لاڻي. پکي=ڳيرو<اڳي+روءُ.
هت نه روءُ سسئي، اسان جا هنجهه ٿا ڪرن،
موڪلاڻي ڪري، وڃي اڳي روءُ تون.
(890)
ڇڏ ڪاٺ ڙي سسئي، وڃي ذات ٿي.
ڪاٺ=راهو<راهون. ذات=اُتيرو<اُتي+روءَ.
ڇڏ راهون ڙي سسئي، وڃي اُتي روءُ.
(891)
تون تان پکي ڏونگرين، فاقيرا ڇو ڪرين.
پکي=پهوڙي<پئو+ڙي. فاقيرا<سانگا.
تون تان (نڪري) پئو ڙي ڏونگرين، سانگا ڇو ڪرين!
(892)
پنهنجا ۽ مال جا، ڇڏ پنهنجون سسئي!
پنهنجا=آسانگا. مال جا=وڳر. پنهنجون=سهيليون.
آسانگا ۽ وڳر، ڇڏ سهيليون سسئي!
(893)
حاڪيماڻي ويهه سسئي، ڳهه کي ڪندينءَ ڪوهه،
اتي ئي رهنديئن ته توکي نرنانءُ ڏيندو ڏوهه.
حاڪيماڻي=مـَـٿـَـڪي<مَ+ٿڪي. ڳهه=ڪـُـرڪي.
نرنان=عالم.
مَ ٿـَـڪي ويهه سسئي! ڪـُـرڪي ڪندينءَ ڪوهه،
اتي ئي رهندينءَ ته توکي عالم ڏيندو ڏوهه.
(894)
حاڪيماڻي ويهه، نرنالو ڪيچ ڏي.
حاڪيماڻي=مـَـٿڪي<مَ+ٿڪي. نر نالو=
روحل<رئي+هلُ.
مَ ٿڪي ويهه، روئي هـَـل ڪيچ ڏي.
(895)
ويهه حاڪيماڻي، وڃ ذات سان اڳيؤن نرنانءُ اٿئي.
حاڪيماڻي=مٿڪي<مَ+ٿڪي. ذات=
رِندَ=رَند. نرنان=محبوب.
ويهه مَ ٿڪي، وڃ رَند سان، اڳيؤن محبوب اٿئي.
(896)
ليکي پکياڻي سسئي، تنهنجا ڏير ويا ڏونگر،
ذاتين مٿي ڪپڙو ڏي، وڃي رنگ راند جا ڪر.
ليکي جي=نوي<نه. پکي=وهيو<ويهه.
ذات=
راهـو<
راهـُــن. ڪپڙو= پڳ<
پڳڙا. رنگ =
ڪيسُ. راند جا=ڏڙها<ڏڙا.
نه ويهه ڙي سسئي، تنهنجا ڏير ويا ڏونگر،
راهن مٿي پڳڙا ڏي، وڃي ڪي سڏڙا ڪر.
(897)
کڻ پنهنجا، لنگهه مال جا، اڳيان اَن جا اٿئي.
پنهنجا=ڇپر. مال جا=ٽـَـڪر. اَن جا=آڏارڻ<
آڏا+رڻ.
کڻ ڇـَـپر، لنگهه ٽـَـڪر، اڳيان آڏا رِڻَ اٿئي.
(898)
کڻ ڪک جا، ڏس مال جا، اڳيان نرنانءُ اٿئي.
ڪک جا=ڇپر. مال جا=ٽـَـڪر. نرنان=فتح.
کڻ ڇپر، ڏس ٽڪر، اڳيان فتح اٿئي.
(899)
ڪو به نشي جو نه ڪر سسئي! اڳيان نالو اٿئي.
نشي جو=مونجهارو. نالو=فتح.
ڪوبه مونجهارو نه ڪر سسئي، اڳيان فتح اٿئي!
(900)
هو قرآن جي کڻي ويا، تون ٻي قرآن جي ڪر سسئي!
قرآن جي=تبار<ته+بار. قرآن جي=منزل.
هو ته بار کڻي ويا، تون ٻي منزل ڪر سسئي!
(901)
اچ نرنانءُ سان، وڃ نرنانءُ سان، چڙهه نرنانءُ تي،
پڇ نرنانءُ کان، ته ڪو نرنانءُ
ڏٺئي.
نرنان=محبت. نرنان=جبل. نرنان=ڏونگر.
نرنان=پنهل.
اچ محبت سان، وڃ محبت سان، چڙهه جبل تي،
پڇ ڏونگر کان، ته ڪو پنهل ڏٺئي.
(902)
زمين راند جو لڳئي، ته پوڙهي ڪيچن ڪاڻ.
زمين جي=وَسَ. راند جو=واڪو. پوڙهي=
ڪـُـراڙي<ڪر+ڙي.
وس واڪو لڳئي ته ڪر ڙي ڪيچن ڪاڻ.
(903)
عضوو ڪيچين ڪاڻ، ڪاٺ پوندئي ڙي سسئي!
عضوو=ڇپر. ڪاٺ(جو)=ڏورڻو.
ڇپر ڪيچين ڪاڻ، ڏورڻو پوندئي ڙي سسئي!
(904)
سسئي! شهر اٿئي، وڃ ڪپڙ جي ڪيچ ڏي.
شهر=ڀاڳناڙي<ڀاڳ+اَناڙي.
ڪـَـپڙ جي=
ڌُپ ڇـَـٽي<ڌُپَ+چٽيندي.
سسئي! ڀاڳ اناڙي اٿئي، وڃ ڌُپَ چٽيندي ڪيچ ڏي.
(905)
پنهون ڪپڙجيئن ويو، تون اَن جيئن سسئي!
ڪپڙ جي=پـَـٽي.اَن = مـَـٽـَـرُ <مَ+ٽـُـر.
پنهون پٽيءَ ويو، تون مَ ٽـَـرُ سسئي.
(906)
ڪپڙو تنهنجو ڪانڌ هو، اوکيءَ ڳولج تون،
پنهنجو نرنانءَ ڪري، پهچ نرنانءَ کي تون.
ڪپڙو=جوڙي<جو+ڙي. اوکي=سوڙهي<
سو+ڙي. پنهنجو=نفس. نرنان=پليو<پلي.
نرنان=پنهون.
جو ڙي! تنهنجو ڪانڌ هو، سو ڙي! ڳولج تون،
نفس کي پـَـلي ڪري، پهچ پنهونءَ کي تون.
(907)
لوهه جو ڪيچين ڪاڻ، جر جو آيئي سسئي!
لوهه جو=بـَـرمون<برُ+مـُـنهن. جـَـرجو=جهاڳڻ.
بر مـُـنهن ڪيچين ڪاڻ، جهاڳڻ آيئي سسئي!
(908)
جيئڏ ڪيچين ڪاڻ، باز جو ڙي سسئي!
جيئڏ=ڪهه(ماڪڙ). باز جو=ڇاپو<ڇا+پوءِ.
ڪاهي ڪيچين ڪاڻ، ڇا پوءِ ڪندينءَ ڙي سسئي؟
(909)
ڪپڙ جي ڪيچين ڪاڻ، ڪپڙ جو ڪندينءَ سسئي!
ڪپڙ جي=ڪـَـهي<ڪـَـهه.
ڪپڙ جو=ڇاپو<
ڇا+پوءِ.
ڪـَـهه ڪيچين ڪاڻ، ڇا پوءِ ڪندينءَ سسئي!
(910)
ڪاٺيءَ ڪوهيارو ويو، ڪاٺي ڳول پنهون کي.
ڪاٺيءَ=کڙڪي<کسڪي.
ڪاٺي=تاڪي<
تان+ڪي.
کسڪي ڪوهيارو ويو، تان ڪي ڳول پنهون کي.
(911)
گاهه پٺيان ڪر ڪاهه، ڳهه ۾ ڳول پنهل کي.
گاهه=چاهڪ<چا+حق. ڳهه=دُرُ
<وندر.
چا حق پٺيان ڪر ڪاهه، ۾ وندر ڳول پنهل کي.
(912)
هو ٿا مرد جي وڃن، تون وکر جي ڙي سسئي!
مرد جي=هڪل<هڪليو. وکر جي=ڪمرڪس
<ڪمرڪش.
هو ٿا هڪليو وڃن، تون ڪمر ڪش ڙي سسئي!
(913)
ٻولي ٻڌي هـُـئي جن جي، ڇڏ مَ ذات تن جي.
ٻولي=ٻهڪَ. ذات=منگسي<م+گيسي.
ٻهڪ ٻڌي هئي جن جي، ڇڏ مَ گيسي تن جي.
(914)
اُٿي سنڀر سسئي، هوت ويندءِ ڙي.
وڻ ڇڏي گاهه پيا ته هٿ نه ايندءِ ڙي.
وڻ=هيرڻ<هي+رڻ. گاهه=ٻيرڻ<
ٻئي+رِڻ.
اُٿي سنڀر سسئي، هوت ويندءِ ڙي،
هيءُ رِڻ ڇڏي ٻئي رِڻ پيا ته هٿ نه ايندءِ ڙي.
(915)
اٿي سسئي اوزار ٿي، ٻي اوزار ٿيندي ڪانه،
ذاتين ۾ نرنان چئي ته نرنانءُ مليئي شال!
اوزار=سيراهي<راهي. اوزار=ڪارائي<راهي.
ذات=رِند<رَندن. نرنان=رمضان. نرنان=محب.
اٿي سسئي راهي ٿي، ٻي ڪا راهي ٿيندي ڪانه،
رَندَن ۾ ”رمضان“ چئي ته محب مليئي شال!
(916)
نرنانءُ تان مرون، زحمت کاڄ سسئي!
نرنان=راهو<رهڻ. مرون=دلاهه<دل+لاهي.
زحمت=اُٿي. کاڄ=وانڪڙي(سوپاري) <
وانڪ+ڙي.
رهڻ تان دل لاهي، اُٿي وانڪ ڙي سسئي!
(917)
زحمت ڪر ڙي سسئي، کاڄ جي ملين مانَ.
زحمت=سٽَ. کاڄ جي=اوبر<برين.
سٽ ڪر ڙي سسئي، هـُـو برين ملين مانَ.
(918)
ڪر مَ سرائڪي، وڃ مَ فقير، ڪپڙي جي هوت وڃن.
سرائڪي=کڙُو<کڙمَ.
فقير=سامي<وِسامي.
ڪپڙي جي=اڳڙي<اڳڙيئون.
کڙ مَ اتاهون، وڃ مَ وِسامي، اڳڙيئون هوت وڃن.
(919)
عضوو کڻ سسئي، ڙي ڪپڙي جيئن هوت ويا.
عضوو=کـُـڙي. ڪپڙي جي=اڳڙي<اڳيون+ڙي.
کـُـڙي کڻ ڙي سسئي، اڳيؤن ڙي هوت ويا.
(920)
ناڻي جا کڻي، وڃي کاڄ پنهون کي.
ناڻي جو=رند. کاڄ جو=رس.
رند کڻي وڃي رس پنهون کي سسئي!
(921)
نالي پنهون، مٿي نهار.
نالو=جـَـتو<جـِـتي. مٿي=اُتي.
جتي پنهون، اُتي نهار.
(922)
وهٽين ويو ٻاروچو، وڃ ولهارين سسئي!
وهٽ=جاڏو<جاڏي. ولهار=تاڏو<تاڏي.
جاڏي ويو ٻاروچو، تاڏي وڃ سسئي!
(923)
اُٿي نالي ڪاٺي ڪر، متان نالي هوت اچئي.
نالو=ڪالو. ڪاٺي=چڪر. نالو=نظر.
اُٿي ڪا لوچ ڪر، متان نظر هوت اچئي.
(924)
ڪاٺي ڪيچين ڪاڻ، وجهه مال جا ملڪ ۾.
ڪاٺيءَ جي=پؤڙي<پوءِ ڙي. مال جو=وڙهو<
وڙهول. ملڪ=ولهار.
پوءِ ڙي ڪيچين ڪاڻ، وجهه وڙهول ولهار ۾.
(925)
ڪاغذ جو نه هجئي، ته وڃي مال جا ڪر.
ڪاغذ جو=پتو. مال جا=گهوڙا.
پتو نه هجئي، ته وڃي گهوڙا گهوڙا ڪر.
(926)
ڇا ڪندينءَ ٻيڙي وارن کي، تون ذات وٺي وڃ سسئي!
ٻيڙيءَ وارا=سونهان<سونهن. ذات=رِند<رَندَ.
ڇا ڪندينءَ سونهنِ کي، تون رَند وٺي وڃ سسئي!
(927)
ڪپڙي جي وِيڙَئي ڏير، وڃ ڪاسبڪي سسئي!
ڪپڙي جي=ڪهي. ڪاسبڪي=ڌَنوڻ<
ڌَنوندي.
ڪـَـهي وِيڙَئي ڏير، وڃ ڌنوندي سسئي!
(928)
ان جو اٿئي سسئي، ان جي واٽ وٺيج.
ان جو=ڪـَـهڻو. ان جي=رَڙي<رِڙهي.
ڪهڻو اٿئي سسئي، رڙهي واٽ وٺيج.
(929)
کڻ ڪاٺي ڪيچن ڪاڻ، ڏينهن ٿو ٿئي سسئي!
ڪاٺي=ڏانگ. ڏينهن=سهائي.
کڻ ڏانگ ڪيچن ڪاڻ، سهائي اٿئي سسئي!
(930)
پنهون ته پوک جو، پر سسئي وڃي مال جي.
پوک جو=داڻو<سڌاڻو. مال جي=ڦولهڙي<
ڦولهه+ڙي.
پنهون ته سڌاڻو، پر سسئي وڃي ڦولهه ڙي!
(931)
هٿيارئون هوت ويا، تن کي اُٿي مال جي.
هٿيار=تبر<ته+بـَـرن. مال جي=ڦولهڙي<
ڦولهه+ڙي.
(اهي) ته برن ۾ هوت ويا، تن کي اٿي ڦولهه ڙي.
(932)
وئين نالن کان نڪري، هاڻي ذات پنهون ڌڻ جو.
نالو=خان<خانن. ذات=ڀڻپار<ڀڻي+پار.
ڌڻ جو=پڇ.
وئين خانن کان نڪري، هاڻي ڀڻي پار پنهون جو پڇ.
(933)
ذات مال لوهه جي ڪري ويئي، تون تڙ حاڪم
مال جي سسئي!
ذات=ڪيچي. مال=اُٺ. لوهه جي=تار<قطار.
تڙجي=ڀـُـوڻي<ڀـُـڻي.
حاڪم جي=پارت<پارَ.
مال جي=پـُـڇڙي<پڇ+ڙي.
ڪيچي اُٺ قطاري وَيئي، تون ڀـُـڻي پارَ پڇ ڙي
سسئي!
سسئيءَ جو پنهون پٺيان وڃڻ
(934)
جنهن جو هو واڻيو رات ويئڙو، سا عورت ڪندي
ڇو نه ميان!
واڻيو=تـُـرسي. عورت=ساهـُـل<سا+هـُـل.
جنهن جو هوت رسي رات ويڙو، ساهل ڪندي ڇونه ميان!
(935)
سڻيو مال جا، نار نالي سسئي!
مال جا=چؤٻول. نار نالو=صابل<سا<بـُـل.
سڻيو چؤٻول، سا بـُـل کائي سسئي!
(936)
وکر وهاءِ نه سسئي، ڪري پوک جي پنهل ڪاڻ.
وکر=سرمون. پوک جي=سوءَ<سـُـوءَ.
سرمون پائي نه سسئي، ڪري سـُـوءَ پنهل ڪاڻ.
(937)
جنهن جو ڳهه وٺي ويا ڏير، سو نالو نرنان ئي نه
ٿئي.
ڳهه=ور. نالو=موريو<مـُـور. نرنان=
ٽڪيو<ٽڪي.
جنهن جو ور وٺي ويا ڏير، سا مور نه ٽڪي سسئي.
(938)
ڪاٺ ئون هلندي، ڪاٺ نه رهندي،
ڪاٺ ئون کنيو ٻئي ڪاٺين هڻندي،
وئي ائين چوندي، ڪاٺ ڙي جيڏيون ڪاٺ.
ڪـــاٺ= ڌرو(گاڏيءَ جو پويون تختو) <ڌرئون.
ڪاٺ=مـُـول(لاهه). ڪاٺ=ٻانهون (جهلار جي
کوهاڏي ۾ اهي ٻه ڪاٺيون جن تي جهلڻ رکجي).
ڪاٺ=مـُـنو<مونو<مونين.
ڪاٺ=ورو.
ڌرئون هلندي، مـُـول نه رهندي،
ٻانهون کنيو ٻئي مونين هڻندي،
وئي ائين چوندي، ورو ڙي جيڏيون ورو.
(939)
هوءَ اٿي ڪاٺ ٻڌي، الله! عورت تون ڪرين.
ڪاٺ=وٽوهڙ<وٽو+هڙَ. عورت=سونهين.
هوءَ اٿي وٽو هڙَ ٻڌي، الله! سونهين تون ڪرين.
(940)
شهر سارو لوهه ٿيو، نالو هوئي ڪونه.
لوهه(جو)=مارو. نالو=سڄڻ.
شهر سارو مارو ٿيو، سڄڻ هوئي ڪونه.
(941)
ويهڻ هنڌ ٿيوس، تڏهن ٿي پٽي ڄام پنهون کي.
ويهڻ هنڌ=کٽولو<کٽو+لوڪ.
پـِـٽڻ=
اوسارڻ<اوساري.
کٽو لوڪ ٿيوس، تڏهن ٿي اوساري ڄام پنهون کي.
(942)
جڏهن پنهون هو هتي، سمهڻ هنڌ نه هو،
جڏهن پنهون هـُـت ويو، تڏهن سمهڻ هنڌ ٿيو.
سمهڻ هنڌ=کٽولو<کٽو+لوڪ.
جڏهن پنهون هو هـِـتي، کٽو لوڪ نه هو،
جڏهن پنهون هـُـت ويو، تڏهن کٽو لوڪ ٿيو.
(943)
آءٌ تان ڪاٺي ڪيچين لئي، سي ويا ڪاٺي ڪوهيارا،
هاڻي ڏي ڪاٺي اُليرا، ته رڇ پوي روهه ۾.
ڪاٺي=کـِـڙڪي. ڪاٺي=سرڪي. ڪاٺي=سڌي.
رڇ=طباک<ته+باک.
آءٌ تان کڙڪي ڪيچين لا”، سي ويا سرڪي ڪوهيارا،
هاڻي ڏي سـِـڌي اُليرا، ته باک ڦٽي روهه ۾.
(944)
پنهون کان پوءِ سسئيءَ سان ذات پنهنجو ڪونه ٿيو،
ذات=سورو<سـُـورن. پنهنجو=ڀائي.
پنهون کان پوءِ سسئيءَ سان سورن ڀائي ڪونه ٿيو.
(945)
باهه جي ڪيچين ڪاڻ، پنهنجون ڪري سسئي.
باهه جي=بـَـٺي<بيٺي. پنهنجون = اَرداسون.
بيٺي ڪيچين ڪاڻ، ارداسون ڪري سسئي.
(946)
هوءَ جا ڪاٺي ڪوهيارل، تنهن کي علم جر جا ڇا ڪندا.
ڪاٺي=ڪپي. علم جا=ڦيڻا. جر جا=ڇنڊا.
هوءَ جا ڪپي ڪوهيارل، تنهن کي ڇنڊا ڦيڻا ڇا ڪندا.
(947)
ولايت ئون آئي ڪامڻي، ڪري ڪلهي تي وڻ،
پاريندي پنهل سان، وڃي وڻ جو وڻ.
ولائت=پار<پارئون. ڪامڻي=سسئي. وڻ=
اَڪ<حق.
پارئون آئي سسئي، ڪري ڪلهي تي حق،
پاريندي پنهل سان، وڃي حق جو حق.
(948)
ڪـُـتي واري ڪيچين مان ڪانه آئي، نه ته پاڻ سان
وٺي وڃي ها.
ڪـُـتي واري=ڪا ڏاڙهيل<ڪا+ڏاڙهي.
ڪا ڏاڙهي ڪيچين مان ڪانه آئي، نه ته پاڻ سان
وٺي وڃي ها.
(949)
جاءِ جي نه ڏيرن، پوءِ عضوي ويندي سسئي؟
جاءِ جي=ڪوٺي. عضوو=ڇاتي<ڇا+تي.
ڪوٺي نه ڏيرن، پوءِ ڇا تي ويندي سسئي؟
(950)
پنهنجو هو ئي ڪونه، نه ڪنهن زمين جي سسئي.
پنهنجو=وارث. زمين جي=واري.
وارث هوئي ڪونه، نه ڪنهن واري سسئي.
(951)
نار نالي ته ذات هئي، پر پکي فقيراڻو ڪري ويس.
نار نالي=سسئي. ذات وينجهر<وينجهار. پکي=
ڪيچي. فقيراڻو=منڊ.
سسئي ته وينجهار هئي، پر ڪيچي منڊ ڪري ويس.
(952)
جر جي جت ڪري ويا، ڇڏي جيت جيتن ۾.
جر جي=ڌار<ڌاري.
جيت=ڏکڻهار. جيت=
ڏونگر<ڏونگرن.
ڌاري جت ڪري ويا، ڇڏي ڏکڻهار ڏونگرن ۾.
(953)
آءٌ ٿي بيماري پوان، تون ڪي گلن جا ڪريج.
بيماري=ڪـَـڍ. گـُـلن جا=موڙَ.
آءٌ ٿي ڪـَـڍَ پوان، تون ڪا موڙَ ڪرين.
(954)
ٻن نالن کان پوءِ، سسئي مال جا ڪندي ويئي.
ٻه نالا=هڪ نالو سـِـجـُـو<سجُ، ٻيو نالوڀـِـريو<
اُڀريو. مال جا=ڌُوڙيا.
سج اُڀرئي کان پوءِ، سسئي ڌوڙيا ڪندي ويئي.
(955)
سازين چڙهي سسئي، ان جا ڪندي ويئي.
ساز=ڍولڪ<لـَـڪ<لڪين.
ان جا=ڌوڙيا.
لڪين چڙهي سسئي، ڌوڙيا ڪندي ويئي.
(956)
مال جو ڪري مٽيءَ سان، وڻ عضوي وئي سسئي.
مال جو=سودو. مٽيءَ(جي)=سـِـرَ. وڻ=مـَـڪ.
عضوو=رانَ.
سودو ڪري سـِـرَ سان، مڪران وئي سسئي.
(957)
پنهنجو کنيائين ساڻ، شهر جو ڪپڙو ڪري.
پنهنجو=سـُـور. شهر جو=ويڙهه<ويڙهي.
ڪپڙي جو=وِهاڻو.
سـُـور کنيائين ساڻ، ويڙهي وهاڻو ڪري.
(958)
هيءَ جا جبل مال جي، تنهن جو نالو نرنانءُ ٿئي.
جبل=وندر. مال جي=وڪاڻي. نالو=موٽڻ.
نالو=مـَـسـُـو<مس.
هيءَ جا وندر وڪاڻي، تنهن جو موٽڻ مس ٿئي.
(959)
نالي ماري سسئي، سا نالو ڪندي ڪيئن!
نالو=محبت. نالو=موٽڻ.
محبت ماري سسئي، سا موٽڻ ڪندي ڪيئن!
(960)
سسئي ڪنهن نه هنڌ، ماءُ واٽ پنهون جي.
هنڌ=ڪوٺي. ماءُ=آئي.
سسئي ڪنهن نه ڪوٺي، آئي واٽ پنهون جي.
(961)
پنهون! آءٌ تنهنجي لاءِ ماءُ، متان تون ذات
سمجهين.
ماءُ=آئي. ذات=نائي<نه+آئي.
پنهون! آءٌ تنهنجي لاءِ آئي، متان تون نه آئي
سمجهين.
(962)
شهرئون نڪتي سسئي، شهر ڏسي پئي رو”،
قسمت ڪئي پوءِ، نه ته مينهن سان ٿي آئي.
شهر=رڙي. شهر=روهه. مينهن=اوٺ<اوٺين.
رڙي نڪتي سسئي، روهه ڏسيو پئي روءِ،
قسمت ڪئي پوءِ، نه ته اوٺين سان ٿي آئي.
(963)
شهرئون نڪتي سسئي، سا کڏ ٿي پيئي،
اڳيان گڏيس ڪونه ڪو، تڏهن واڻيو وٺيو ويئي.
شهر=هالا. کڏ=چري. واڻيو=هيمن<هـَـي+من.
حالئون نڪتي سسئي، سا چري ٿي پيئي،
اڳيان گڏيس ڪونه ڪو، تڏهن هـَـي من وٺيو ويئي.
(964)
شهرئون نڪتي سسئي، ڪاٺ جو گڏيس ڪونه،
پوءِ وڃي پوک جن ۾ پيئي.
شهر=ڀنڀور. ڪاٺ جو=وانگي(=لاٽون).
پوک جي=راهه<راهـُـن.
ڀنڀورئون نڪتي سسئي، وانگي گڏيس ڪونه،
پوءِ وڃي راهـُـن ۾ پيئي.
(965)
ڪاٺ جن هلي سسئي، نالي ملي مانَ!
ڪاٺ جو=تختو. نالو=بختو.
تختؤن هلي سسئي، بختؤن ملي مانَ!
(966)
نالو نالي هيٺ، ڪين پوک جي سسئي.
نالو=ڪارو. نالو=ڏونگر. پوک جي=ڏري.
ڪاري ڏونگر هيٺ ڪين ڏري سسئي.
(967)
ذاتين ماري سسئي، ڪاٺي ٿي پيئي.
ذات=ڏيرا<ڏيرن.
ڪاٺي=ساڻي.
ڏيرن ماري سسئي، ساڻي ٿي پيئي.
(968)
مڇي ڪيچين ڪاڻ، سا ولايت ويندي سسئي.
مڇي=ڪـَـهي. ولايت=ڏُور.
ڪهي ڪيچين ڪاڻ، ڏور ويندي سسئي.
(969)
پوک ئون ويئي سسئي، وڃي راند جن ۾ پيئي.
پوک=تـِـرَ. راند جو=مـَـچُ <مچن.
تـِـرئون (گـُـسي) ويئي سسئي، وڃي مچن ۾ پيئي.
(970)
نالا نانءَ ڇڏي ويا، نالا تون مَ ڇڏ،
وٺي مرون روهه مان، وڃي عورت گاهين گڏ.
نالو=والي. نانءُ=وارث. نالو=وسيلو<وسيلا.
مرون=واڳون. عورت=سسئي. گاهه=سـِـڻ<
سيڻ<سيڻين.
والي وارث ڇڏي ويا، وسيلا! تون مَ ڇڏ،
وٺي واڳون روهه مان، سسئي سيڻين گڏ.
(971)
الله! انهيءَ پار جا، وهٽ ئي ڏيکار،
رڇن کؤن رکي، مون کي وارن سين مار.
وهٽ=توڏا. رڇ=ڏوهو<ڏوهن.
وار=ڪلمون.
الله! انهيءَ پار جا، توڏائي ڏيکار،
ڏوهن کؤن رکي، مون کي ڪلمن سين مار.
(972)
ذات نماڻيءَ جا، ڪاغذ جو کائي ويو.
ذات=ٻپيرا<ٻئي+پير.
ڪاغذ جو=کرڙو.
ٻئي پير نماڻيءَ جا کرڙو کائي ويو.
(973)
عضوا مرض ڪيا، نار نالي عضوي ۾.
عضوا=پير. مرض=پـِـٿـُـون. نارنالي=حليمان<
هلي+مان. عضوو=پـَـٻُ.
پير پــِـٿون ڪيا، هلي مان پــَــٻَ ۾.
(974)
وڻ ئون پير ٿيام، تڏهن نالن ماري آهيان.
وڻ=چـُـوڙ<چور. نالو=ميو>مين.
چـُـور پير ٿيام، تڏهن مينِ ماري آهيان.
(975)
پير جن مٿي، سي ڀاڱا واٽ پنڌ کان.
پير=مدار. ڀاڱا=چـُـڪا. واٽ پنڌ=پير چـَـلـَـڻ.
مدار جن مٿي، سي چـُـڪا پير چلڻ کان.
(976)
ننڍا عضوا ٿيام، گاهه ڏيندي ملڪ ۾.
ننڍا=پـِـتـُـون<پـِـٿـُـون. عضوا=پير. گاهه=
واهو<واهون.
ملڪ=وڻڪار.
پـِـٿـُـون پير ٿيام، واهون ڏيندي وڻڪار ۾.
(977)
نالو ڏيندي نالي ۾، من نالو مون اچي!
نالو=جيتو<جهوتون. نالو=جهنگلي<جهنگل.
نالو=نظر.
جهوتون ڏيندي جهنگل ۾، من نظر مون اچي!
(978)
نرنانءَ جا عضوا ذات ڙي!
نرنان=پنهون. عضوا=پيرڙا. ذات=واڍا<
واءُ+ڍَڪيا.
پنهون جا پيرڙا، واءَ ڍڪيا ڙي!
(979)
پکي جا ڪريو حاڪم جا ڏسي، جي لوهه ڪپڙ
جا ڇڏيا.
پکي=ڪرنا”<ڪـَـرَ+نايو.
حاڪم جا=پيرا.
لوهه جا=وَرَ
<واري. ڪپڙ جا= ڍڪ<ڍڪي.
ڪـَـرَ نايو پيرا ڏسي، جي واريءَ ڍڪي ڇڏيا.
(980)
جـَـر جون نهاريان، من ڪو سـُـٽ جو پوي.
جر جون=نـَـيـُـون<نـَـيو. سٽ جو=پتو.
نـَـيو نهاريان، مـَـن ڪو پتو پوي.
(981)
کڏ کنيو ٿي سڏ ڪريان، من ذات اچن.
کڏ=چيهه. سـَـڏ=رِيهه. ذات=اوڏ<اوڏڙا.
چيهه کنيو ٿي ريهه ڪريان، من اوڏڙا اچن.
(982)
ڪاٺ جو معذور، مٽيءَ سان ڪپڙو ڪيو.
ڪاٺ=مـُـهرو<منهن+روئي. مٽيءَ جا=ڳوڙها<
ڳوڙهن. ڪپڙو=ڳاڙهو.
روئي منهن معذور، ڳوڙهن سان ڳاڙهو ڪيو.
(983)
ڪاٺي ڪيچين ڪاڻ، کاڄ ڪري ٿي سسئي.
ڪاٺي=روهيڙو<رويو. کاڄ=طعام<ماتام.
رويو ڪيچين ڪاڻ، ماتام ڪري ٿي سسئي.
(984)
مٽيءَ جا عضوي تان، پکي ٿا وڃن.
مٽيءَ جا=ڳوڙها. عضوو=ڳل. پکي=وهيو.
ڳوڙها ڳل تان وهيو ٿا وڃن.
(985)
ذاتين بيٺي چوءِ، ته وڻ سـُـٽ جي آهيان.
ذات=جهـِـڄڻ. وڻ=ورهه. سـُـٽَ جي=ويڙهي.
جهڄيو بيٺي چوءِ، ته وِرُهه ويڙهي آهيان.
(986)
ذاتين پنهنجي ڪئي، تڏهن مال جن تي
ڪاٺ جي ڪري.
ذات=ڪيچي. پنهنجي=ڪـُـپت. مال جو=
رَند<رَندن.
ڪاٺ جي=رَندي<روئندي.
ڪيچين ڪـُـپت ڪئي، تڏهن رَندن تي روئندي وتي.
(987)
ٿي روئي اَنن تي، چئي مال ڙي مال!
اَن جون=راهون<راهن. مال=گهوڙا.
ٿي روئي راهن تي، چئي: گهوڙا ڙي گهوڙا!
(988)
وڻن ٿي روئي، نالي مٿي سسئي.
وڻ=ڪيهرو<ڪهي.
نالو=واٽـُـو<واٽن.
ڪـَـهي ۽ روئي، واٽن مٿي سسئي.
(989)
ذات جا، مال جا، پنهل جا، گاهه ۾.
ذات=آنچي<اچي. مال جا=پـُـورَ. گاهه=پـِـنڊُ.
(گـَـڏو)
<پـِـنڊو (جسم).
اچي پـُـور پون، پنهل جا پـِـنڊي ۾.
(990)
ڪاٺي ٻيڙيءَ جن، نرنانءَ جا عضوي ۾.
ڪاٺي=آنچي<اچي. ٻيڙيءَ جا=پـُـور. نرنان=
پنهل. عضوو=پـِـنڊو (=جسم).
اچي پور پون، پنهل جا پـِـنڊي ۾.
(991)
آءٌ ٿي توکي عضون ۾ ڳوليان، پر تون لڀين نٿو،
هاڻي وري عضون کان پڇان.
عضوا=ڇپر<ڇپرن.
عضوا=تارا<تارن.
آءٌ ٿي توکي ڇپرن ۾ ڳوليان، پر تون لڀين نٿو،
هاڻي وري تارن کان پڇان.
(992)
ڪاسبڪي آهيان منهنجا پرين،ڪڙمڪي مون سان ڪر.
ڪاسبڪي=مـَـٿـَـڪي<مان+ٿـَـڪي.
ڪـُـڙمڪي=واهر.
مان ٿڪي آهيان منهنجا پرين، واهر مون سان ڪر.
(993)
ڪوهيارا! تون ڪاڻ، کڻي کنيوسين ڪاٺ،
پڇن ڏس پرين جو، سي ماڻهو آهن ڪاٺ،
لايان ٿي لڱن کي سندءِ پيرن ڪاٺ،
ور ڪوهيارا سپرين! هڻي ڪاٺ مٿي ڪاٺ.
ڪاٺ=برتن. ڪاٺ=ٻياني. ڪاٺ(جي)پـَـڻي.
ڪاٺ=ڪرهو. ڪاٺ=ڪام.
ڪوهيارا! تو ڪاڻ کڻي کنيوسين برتن ني،
پـُـڇن ڏَس پرينءَ جو، سي ماڻهو آهن ٻياني،
لايان ٿي لڱن کي، سندءِ پيرن پڻي،
ور ڪوهيارا سپرين، ڪـَـرهن مٿي ڪام هڻي.
(994)
ذات ٻولي الله ڪندو، آءٌ ته جر جي آهيان.
ذات=شر<سر. ٻولي=پوش. جر جي=
گهاري<اُگهاڙي.
سـِـر پوش الله ڪندو، آءٌ ته اُگهاڙي آهيان.
(995)
راند جا سڻ نرنانءَ، ته نالو ڏسان شهر ۾.
راند جا= سڏ نرنان=سردار. نالو=پنهون.
شهر=پـَـٻ.
سـَـڏ سڻ سردار، ته پنهون ڏسان پـَــٻَ ۾.
(996)
آءُ نرنانءُ! ڏي مال جا، وڻ جن ۾ ڌڻ جي آهيان.
نرنان=آري. مال جا=اڌوڙ<آڌر. وڻ جا=
ٽار<ٽارن.
ڌڻ جي=اُڃ<اُڃي.
آءُ آري! ڏي آڌر، ٽارن ۾ اُچي آهيان.
(997)
الله ٻه نالا ڪر، مان واڻڪي وڃان.
ٻه نالا=هڪ نالو’ميگهه‘، ٻيو نالو’ملهار‘.
واڻڪي=ٿڌڙي.
الله! ميگهه ملهار ڪر ته مان ٿڌڙيءَ وڃان.
(998)
نارنانءُ سور نه پوک جي، هن کي ڪپڙي سـُـور پيا.
نارنان=سسئي. پوک جي=ڪرٽي. ڪپڙي جا=چرڻا.
سسئي سور نه ڪـَـرٽي، هن کي چـَـرڻا سـُـور پيا.
(999)
قرب جي ويجهي ڪئي، جا ٿـَـڪي ڪيائين،
قرب جي=وِکَ. ٿـَـڪي=کـُـهي.
وِکَ تنهن ويجهي ڪئي، جان کـُـهي کنيائين.
(1000)
نالي ماريس جيڏيون، وَل مٿي سورن،
ڪپڙو ٿي نالو ڪري، اهو نرناءُ نه ٻاروچن.
نالو=هيبت. ول=ڪانئل<ڪاهل.
ڪپڙو=ڪورو<
ڪو+روئي. نالو=عرض. نرنان=لائق.
هيبت ماريس جيڏيون! ڪاهل ڪيس سورن،
ڪو روئي ٿي عرض ڪري، اهو لائق نه ٻاروچن.
(1001)
سسئي! سورن وکر ڪيئي، پر وکر ڇڏيئي ڪين.
وکر=پاهه. وکر=ڪـِـنڙو<ڪنارو.
سسئي! سورن پاهه ڪيئي، پر ڪنارو ڇڏيئي ڪين.
(1002)
عيبدار نالي ڪئي، تڏهن ٿي مرون جون کائي سسئي.
عيبدار=بـُـري<برائي. نالو=بخت. مرون
جون=سـَـٽـُـون.
برائي بخت ڪئي، تڏهن ٿي سٽون کائي سسئي.
(1003)
ذات لاءِ ٿي ذاتيون ٿيان، پر پنهنجون ذاتيون
ڪنهن کي ڏيان!
ذات=پنهور<وَر. ذات=پـَـٿ<پـَـٿـُـون.
ذات=
گندرا<گوندر.
وَرَ لاءِ ٿي پـِـٿون ٿيان، پر پنهنجو گوندر
ڪنهن کي ڏيان!
(1004)
نالو وڏو بلا، ٿي مرض ڀانيان.
نالو=ڏونگر. بلا=ڏَکو. مرض=وِرهه.
ڏونگر وڏو ڏکو، ٿي وِرهه ڀانيان.
(1005)
جبل مان جو وهٽ اچي، نالو مون وڻي.
وهٽ=جابـُـو<جا+بوءِ. نالو=صابو<سا+بـُـوءِ.
جبل مان جا بـُـوءِ اچي، سا بـُـوءِ مون وڻي.
(1006)
ذات نه ڏنو ڪاٺ جو، مون کي عضوي ٿيو نار.
ذات=سهاڳ. ڪاٺ جا=ڏها<ڏهاڳ.
عضوو= ڇپر ، نار =نصيبان > نصيب.
سهاڳ نه، ڏنو ڏهاڳ، مون کي ڇپر ٿيو نصيب.
(1007)
نالي ۾ نرنانءُ ٻـُـڌي، وهٽ جي ڏنائين.
نالو=هاڙهو. نرنان=هيبت. وهٽ جي=هڪل<
هڪلي.
هاڙهي ۾ هيبت ٻـُـڌي،هڪلي ڏنائين.
(1008)
ڏونگر منجهه ٿي کاڄ ڪيا، تڏهن به عضوي
ٻولي هوت ويا.
کاڄ=ماسَ
<مان+سڏ. عضوو=ڪـَـن<ڪـَـنين
ٻولي=سـُـڻيو.
ڏونگر منجهه ٿي مان سڏ ڪيا، تڏهن به ڪـَـنين
سـُـڻيو پئي هوت ويا.
(1009)
ڪـُـتي تي چڙهي، عضوي جون کڻي مرون جون ڪيام،
من اُٺ عضوي جو ڏين.
ڪـُـتو=جبل(جو نالو). عضوي جون=ٻانهون.
مرون جون=ڪيهون. اُٺ=ڪڇي<ڪيچي.
عضوو=ڪن<ڪَنرو
جبل تي چڙهي، ٻانهون کڻي، ڪيهون ڪيام،
من ڪيچي ڪـَـنرو ڏينِ.
(1010)
ڏاند چڙهيو ٿي روئي، اَن جي ڪارڻ سسئي.
ڏاند=رائو(رنگ)
<رائي. ان جو=سنگ<سنگت.
رائي چڙهيو ٿي روئي، سنگت ڪارڻ سسئي.
(1011)
لوهه جا ڏسيو ٿي روئي، پوک ڪارڻ سسئي.
لوهه جا=رَندا<رَند. پوک جو=سنگ<سنگت.
رند ڏسيو ٿي روئي، سنگت ڪارڻ سسئي.
(1012)
ڀـِـٽَ جي کنيو ٿي روئي، اَن جي ڪارڻ سسئي.
ڀـِـٽَ جي=ڳاٽَ. ان جو=سنگُ <سنگت.
ڳاٽ کنيو ٿي روئي، سنگت ڪارڻ سسئي.
(1013)
اُٺ ڪاٺ جيئن وڃن، زمين جي ڪريان،
ته ڪپڙي جيئن وڃن.
ڪاٺ جو=کـَـنـُـو(مياڻ)
<کنيو.
زمين جي=نگاهه.
ڪپڙي جي=ٻـِـٽَ.
اُٺ کنيو وڃن، نگاهه ڪريان ته ٻـِـٽَ پيا وڃن.
(1014)
روپئي جا کڻي، ڪامڻ ڪيئي پنهنجا ڪيا.
روپئي جا=رَند. ڪامڻ=سسئي. پنهنجا=سڏ.
رَند کڻي سسئي، ڪيئي سڏ ڪيا.
(1015)
نرنانءُ جيڪي ڪالهه هئا، سي پنهنجو اڄ نه ڏين،
مون سان ڪاٺي ٿين، من نرنانءُ پنهنجو ڪن.
نرنان=ساٿي. پنهنجو=سڏ. ڪاٺي=ساڻي.
نرنان=ڪرم.
ساٿي جيڪي ڪالهه هئا، سي سڏ اڄ نه ڏينِ،
مون سان ساڻي ٿينِ، من ڪرم پنهنجو ڪن.
(1016)
جي مون وٽ مٽي ڪاٺيءَ جي هجي ها، ته پنهل
کي راند جا نه ڏيان ها.
مٽي=چيني. ڪاٺيءَجي=گهوڙي. راند جا=پـَـئـُـن.
جي مون وٽ چيني گهوڙي هجي ها، ته پنهل کي
پـَـئـُـن
پٽڻ نه ڏيان ها.
(1017)
جيت ويچاري سسئي، ٿي ڦـِـري منجهه جيتن.
جيت=ڏکڻهاري. جيتن=ڏونگر.
ڏکڻهاري سسئي، ٿي ڦـِـري منجهه ڏونگرن.
(1018)
عضون ۾ اُٺن جا، آيا ٻن نالن لئي.
عضوو=ڪن<لڪن. اُٺن جا=لوڏا. ٻه نالا=
هڪ نالو’خان‘ ٻيو نالو’پنهون‘.
لڪن ۾ لوڏا، آيا خان پنهون لئي.
(1019)
ڪاٺ ۾ پئي کاڄَ ڪيان، وکر منهنجا پرين!
ڪاٺ=ڏونگري<ڏونگر.
کاڄ=ماس<مان+
سڏ. وکر=اَمل<آءٌ+مـِـل.
ڏونگر ۾ پئي مان سڏ ڪيان، آءُ مل منهنجا پرين!
(1020)
وڏيون ڪيم ڌڻ جون، موٽ نالا! آءٌ به ڪا وڻ جي؟
ڌڻ جون=ليلڙيون. نالو=ڪامل. وڻ جي=مـُـئي.
وڏيون ڪيم ليلڙيون، موٽ ڪامل! آءٌ به ڪا مـُـئي؟
(1021)
مال جون لوڏيندياس، جهنگ جون ڄام پنهون سان.
مال جون=نونهيون<نه+هينئون. جهنگ جون=
جوهيون<جو+هينئون.
نه هينئون لوڏيندياس، جو هينئون ڄام پنهون سان.
(1022)
هورنِ هاڙهو لنگهيو، ڳؤريون پاسي ڳوٺ،
ڪيچ تنين کي ڪوٺِ، جا ڪپڙي جي ڪين کڻي.
ڪپڙي جي=ڪـَـهي.
هورنِ هاڙهو لنگهيو، ڳؤريون پاسي ڳوٺ،
ڪيچ تنين کي ڪوٺِ، ڪـَـهي جا ڪين کڻي.
(1023)
ٻه پکي ٿي مَ سسئي، توسان نرنانءُ ڪندو.
ٻه پکي=هڪ ڪانءُ ٻيو<ڪانهل.
نرنان=
سائينداد<سائين+داد.
ڪانهل ٿي مَ سسئي ، توسان سائين داد ڪندو.
(1024)
مال جي شهرن ۾، نه ته ذات ٿيندينءَ سسئي!
مال جي=پولڙي<پئو+لڙي. شهر=گام<
گامن. ذات=اَجڙ<اُجڙ.
پئو لڙي گامن ۾، نه ته اُجڙ ٿيندينءَ سسئي!
(1025)
ٻاراڻي ۾ هياس، مون پنهنجو ڏٺو ئي ڪونه.
ٻاراڻي=وندر. پنهنجو=فڪر.
وندر ۾ هياس، مون فڪر ڏٺوئي ڪونه.
(1026)
جنگ جو لنگهي سسئي، ڪاسبڪي ڪيچين ڪاڻ.
جنگ جو=ڪيڏارو<ڪيڏا+روهه.
ڪاسبڪي=
مـَـٿـَـڪي<مَ+ٿـَـڪ.
ڪيڏا روهه لنگهي سسئي، مَ ٿڪ ڪيچين ڪاڻ.
(1027)
هي رَڇ حاڪيماڻا ڏسجن، سي هـُـونِ من ولايت جا.
رَڇَ=دَرَ(ڪاٺ جا پيالا). حاڪيماڻا=خط<خت.
ولايت=هاڙهو.
هي درخت ڏسجن، سي هـُـونِ من هاڙهي جا.
(1028)
نالو نالي هيٺ، مون مال جو ڏٺو ڙي!
نالو=چنڊ. نالو=تارو. مال جو=گس.
چنڊ تاري هيٺ، مون گس ڏٺو ڙي!
(1029)
پکي ڳهه وڃي، چڙهي عضوين سسئي.
پکي=ڪرگس<گس. ڳهه=بينا<بـِـنان.
عضوو
=چوٽي<چوٽئين.
گس بنان وڃي، چڙهي چوٽئين سسئي.
(1030)
جبل جا چڙهي، پوءِ پکي ٿي پلٽيائين،
وڃي ائين چيائين، ته جر جي آهيان جيڏيون!
جبل جا=لڪَ. پکي=هنجهه<هنجهون.
پلٽيائين=هاريائين. جر جي=چـُـڪي.
لـَـڪن تي چڙهي، پوءِ هنجهون هاريائين،
وڃي ائين چيائين، ته چـُـڪي آهيان جيڏيون!
(1031)
وڻ جا کائي ڪتي جن ۾، عضوا کڻي نرنانءُ
کي آءٌ شهر ۾ ڏسندياس.
وڻ جا=لوڏا. ڪـُـتي جي=لـَـڪ<لـَـڪن
عضوا=پير<پيرا. نرنان=پنهل. شهر=ڪيچ.
لوڏا کائي لـَـڪن ۾، پيرا کڻي پنهل جا،
آءٌ ڪيچ ۾ ڏسندياس.
(1032)
مال جن ۾ سسئي، کاڄ جي ڪيچن ڪاڻ.
مال جن=لـَـڪـَـن. کاڄ جي=ڪـَـڙهي<ڪڙهي.
لڪن ۾ سسئي، ڪڙهي ڪيچين ڪاڻ.
(1033)
مرون ۽ مال جي، مـَـنَ ڪو کاڄ جو پويئي.
مـِـرون جي=لـَـڪ لـَـڪ<لـَـڪُ لـَـڪُ. مال جي=
ڦولــــڙي<
ڦولهه+ ڙي. کـــــاڄ جو= ڪوپرو<
ڪو+پـَـرو.
لـَـڪُ لـَـڪُ ڪري ڦولهه ڙي! مـَـنَ ڪو پـَـرو
پويئي.
(1034)
ڪاٺي ڪيچين ڪاڻ، سٽ جي ڏهاڙي سسئي.
ڪاٺي=لڪڙي<لـَـڪ+ڙي. سـُـٽ جي=ڏور.
لـَـڪَ ڙي ڪيچين ڪاڻ، ڏور ڏهاڙي سسئي!
(1035)
مال جن تان چڙهي، وڃي پکين ۾ پيئي.
مال جا=گهٽ<گهـَـٽـَـن. پکي=گهـُـگهـُـه.
گهـَـٽن تان چڙهي، وڃي گهـُـگهـَـن(گهاٽن جهنگن)
۾ پيئي.
(1036)
پنهون منهنجو جبل هو، جبل ڳوليان ڇو نه ميان!
جبل=جاڏو<جاڏهون. جبل=تاڏو(ڏنگو)
<تاڏهون.
پنهون منهنجو جاڏهون هو، تاڏهون ڳوليان ڇو نه
ميان!
(1037)
ذاتيون ڳوليندياس، نالو ناهي من ۾.
ذاتيون=رِند<رَند ۽ راهوما<راهون+مان
نالو = موٽڻ.
رَند ۽ راهون مان ڳوليندياس، موٽڻ نه آهي من ۾.
(1038)
نالي ذات ويندياس، مان مرض جي نه ڪڏهن.
نالو=صابو<سا+ڀـُـون. ذات=ڀاٽيا<ڀيٽيندياس.
مرض=ڏُٺي<ڏِٺي.
سا ڀـُـون ڀيٽيندياس، جا مون نه ڏٺي ڪڏهن.
(1039)
ذات پنهنجي، عورت تنهن نالي کي.
ذات=مالهي<مانَ+لهي. پنهنجي=سڌ سماءُ.
عورت=پـُـڄان. نالو=پرين.
مانَ لهي سڌ سماءُ، پڄان تنهن پرينءَ کي.
(1040)
پنڌ جي هوتن کي هئي، تڏهن آءٌ عضوو هياس.
پنڌ جي=وڇوٽي. عضوو=مـَـرهي<مان+رهي.
وِڇوٽي هوتن کي هئي، تڏهن مان رهي هياس.
(1041)
ڪاٺ کڻيو ٿي هڪلون ڪري، وڻ ڏسيو ٿي روئي،
هاڻي ڪيئن وري، جنهن
جو کاڄ اڳي ٿيو.
ڪاٺ=پاهو<ٻانهون.
وڻ=هيرڻ<هيءُ+رڻ.
کاڄ=چانور<ور.
ٻانهون کڻيو ٿي هڪلون ڪري، هيءُ رڻ ڏسيو
ٿي روئي،
هاڻي ڪيئن وري، جنهن جو وَرُ اڳي ٿيو.
(1042)
وڻ کان پاسي ٿي، مرون ڏسيو پيئي روءِ،
ڪيچين پڄاڻا پوءِ، نه نارنانءُ سسئي.
وڻ=تهنور<تنهن+وَر. مرون=راڱو<راڱا<
پيراڱا. نارنان=جيئندي.
تنهن وَرُ کان پاسي ٿي، پيراڱا ڏسيو پيئي روءِ،
ڪيچين پڄاڻا پوءِ، نه جيئندي سسئي.
(1043)
تنهن کي پوک رڇن تي ناهي، جنهن جا نالا پرڏيهي،
سان نالي بنان نارنانءُ، مال جي سگهي نه ويهي.
پـــوک= آرڻ
<آرام. رڇ= تنور<
تـــن. نالو=
رفيق. نالو=جانب. نارنان=جيئري. مال جي=
=بري<بـَـرنِ.
تنهن کي آرام تن ۾ ناهي، جنهن جا رفيق پرڏيهي،
سا جانب بنان جيئري، بـَـرنِ ۾ سگهي نه ويهي.
(1044)
وڻ نه نهار، وڃي ڳهه نهار سسئي!
وڻ=هيرڻ<هيءُ+رڻ. ڳـَـهه=دُر<ڌُر.
هيءُ رڻ نه نهار، وڃي ڌُر نهار سسئي!
(1045)
وڻ چڙهيو ٿي وڻ چڙهان، مون کي وڻ ۾ پيئي رات،
پرهه ڦٽيءَ پرڀات، عضوي پوان پکي کي.
وڻ=هيرڻ<رڻ. عضوو=پير. پکي=ڪيچي.
رڻ چڙهيو ٿي رڻ چڙهان، مون کي رڻ ۾ پيئي رات،
پرهه ڦٽيءَ پرڀات، پيرين پوان ڪيچي کي.
(1046)
ڪاٺن چڙهيو ڪاٺن چڙهان، ڳهه پايو مال جا ڪريان،
پوک جي ڪري، نرنانءُ کي چوي ته تو بنان
منهنجو نرنانءَ ناهي.
ڪاٺ(جا)=آرٽ<آرٽن. ڪاٺ(جا)=پـَـٽ<پـَـٽن.
ڳهه=منڊيون. مال جا=گهوڙا. پوک=ڪورڙ.
نرنانءُ=پنهون. نرنانءُ=جيئڻ.
آرٽن چڙهيو پٽن چڙهان، منڊيون پايو گهوڙا گهوڙا
ڪريان،
ڪو رڙ ڪري پنهون کي چوي، ته تو بنان منهنجو
جيئڻ ناهي.
(1047)
وکر ٿي آيس وکر نه ڪيائون،
مرون جيئن من ڪري، پوک جي ڏنائون،
مڇي ۽ پاڻي جي، مون سان نه ڪيائون،
تنهين سان آءٌ، سور سلي ڇا ڪريان!
وکر=سچي (جيري وغيره). وکر=سچي<سچ.
مرون جي=ويهڪ<ويهاري<ويا
ڙي. پوک
جي=ڏنگي. مڇي=کائڻ. پاڻي جي=پيئڻ.
سـُـور سلڻ= ڳوڙها ڳاڙڻ.
سچي ٿي آيس، سچ نه ڪيائون،
ويا ڙي وڻڪار ڏي، ڏنگي ڏنائون،
کائڻ ۽ پيئڻ جي، مون سان نه ڪيائون،
تنهين سان آءٌ، ڳوڙها ڳاڙي ڇا ڪريان!
(1048)
آءٌ مال جن لاءِ کاڄ جي ڪاٺي ٿياس،
پر مال جن ڏينهن ڪيو ڪونه.
مال جا=ڪيچي. کاڄ جي=ڪڙهي. ڪاٺي=ڪاري.
مال جا=ڪيچي. ڏينهن=قدر.
آءٌ ڪيچين لاءِ ڪڙهي ڪاري ٿياس، پر ڪيچين
قدر ڪيو ڪونه.
(1049)
وٺيو لوهه جو وڃو، اي مال وارا!
لوهه جو=نعل<نال. مال=ڏاگها<ڏاگهن.
وٺيو نال وڃو، اي ڏاگهن وارا!
(1050)
جن پوک جي، تن نه ڪپڙي جي، پوءِ وڃي
مال جي ٿي.
پوک جي=پـَـلي. ڪپڙي جي=جهلي. مال
جي=هيڪلي.
جن پـَـلي تن نه جهـَـلي، پوءِ وڃي هيڪلي ٿي.
(1051)
نار نالي نه سسئي! چڱو ٻار جو ڪيچين ڪاڻ.
نار نالي=سمي<سـُـمهه. ٻار جو=رُسڻ<رَسڻ
سمهه نه سسئي! چڱو رَسڻ ڪيچين ڪاڻ.
(1052)
جر جي گاهه مَ کوڙ، جيت مٽيءَ جي سسئي.
جر جي=کـُـهي. گاهه=مونو. جيت=کڻ. مٽيءَ
جي=هڻ.
کـُـهي مونو مَ کوڙ، هڻ کڻ ڙي سسئي.
(1053)
ذات جا ڇڏ سسئي! اُٿي مال جا ڪر.
ذات=بـِـهڻ<بيهڻ. مال جا=ڪشالا.
بيهڻ ڇڏ سسئي! اُٿي ڪشالا ڪر.
(1054)
سـُـٽ ذات جون سسئي، هٿين جهلج تون،
هتي نه ويهندينءَ تون، ولايت ڳولج سسئي.
سـُـٽ جون=مهارون. ذات=مـَـيا. هٿن جون
=ڇـِـڪيون<ڇڪي.
ولايت=ڪيچ.
مهارون مـَـيـَـنِ جون، ڇـِـڪي جهلج تون،
هتي نه ويهندينءَ تون، ڪيچ ڳولج سسئي.
(1055)
هندو نالي سسئي! اڳـُـون مال جون.
هندو نالو=نـَـول<نه+ول. مال جي=مـِـلس<
مـِـلسـُـون.
نه وَل سسئي! اڳـُـون مـِـلسون.
(1056)
وڻن تان پئي ويئي، ڪنهن نالي ساڻ سسئي.
وڻ=نانگ ڦڻ. نالو=اَمانُ.
نانگ ڦڻن تان پئي ويئي، ڪنهن امان ساڻ سسئي.
(1057)
چم جي ڪيچين ڪاڻ، هو مال جا ٿيا سسئي!
چم جي=ڇوڳر<ڇو+ڳرين.
مال جا=لانگها<
لانگهائو.
ڇو ڳرين ڪيچين ڪاڻ، هو لانگهائو ٿيا سسئي!
(1058)
ٻن لوهن وچ ۾، سسئي ويائي،
موٽ پنهل ڀائي، ڀيڻ مرئي ٿي پانهنجي.
لوهه(جا)=وَٽَ>وَٽن>واٽن. وِيائي=پير لڌا.
ڀائي(هندو)=ڇـُـڳير. ڀيڻ=اَدي>پيادي.
ٻن واٽن وچ ۾ سسئي، لڌا پيرَ،
مون پنهل ڇـُـڳير، پيادي مرئي ٿي پانهنجي.
(1059)
وڻ پير ٿام، تڏهن نالن ماري آهيان.
وڻ=چوَڙَ>چور. نالو=مـِـيون>مـَـين.
چـُـورَ پير ٿيام، تڏهن مـَـين ماري آهيان.
(1060)
مون پنهنجا عضوي، گهر جا نرنالن کي.
پنهنجا= سڏ. عضوو= ڪياڙي> ڪيا+ ڙي.
گهر جا=جارا>جاڙا. نرنالن=جيتو>جت>جتن.
مون سڏ ڪيا ڙي، جاڙا (ٻـِـٽا) جتن کي.
(1061)
ڪاغذ جي هلي ڪپڙي ۾ سا شهر پير پڄاءِ.
ڪاغذ جي=بندي. ڪپڙي(جو)بـَـرُ. شهر=
ڪيچ. پير=قادر.
بندي هلي بـَـرَ ۾، سا قادر! ڪيچ رساءِ.
(1062)
هيڪر وڻڪار ۾، نالو ڪاٺي ٿيءُ،
ٻيهر وڻڪار ۾، نالو ڪاٺي ٿيءُ،
ٽيهر وڻڪار ۾، نالو ڪاٺي ٿيءُ.
نالو=صاحب. ڪاٺي=ساڻي. نالو=ڪامل.
ڪاٺي= ڪـــولـُـون (گهاڻو). نالو= ڍوليو.
ڪاٺي=ڍڪڻ.
هيڪر وڻڪار ۾، صاحب ساڻي ٿيءُ،
ٻيهر وڻڪار ۾، ڪامل ڪولـُـون ٿيءُ،
ٽيهر وڻڪار ۾، ڍوليا ڍڪڻ ٿيءُ.
(1063)
ذات اُتي مال جو نه هجي، ته جيڪر نار نالي وڃان.
ذات=راهوجا>راهه. مال جو=ڦـَـرُ>ڦـُـرَ
نار نالي=آسودي.
راهه اُتي ڦـُـر نه هجي، ته جيڪر آسودي هلي وڃان.
سسئيءَ کي ايلپهنوار گڏجڻ
(1064)
سسئي مال جن ۾ ذات ڪپڙي جي.
مال جا=برا>برن. ذات=پنهور. ڪپڙي جي= جهـَـلي.
سسئي بـَـرن ۾ پهنوار جهلي.
(1065)
ڪـُـتي تي چڙهي ڪاٺ جو کڻي، من ڌنار ڌڻ جو ڪري!
ڪتو=جبل(جو نالو). ڪاٺ جو=هٿيو>هٿ.
ڌنار=ٻڪرار. ڌڻ جو=ڪـُـوڪرو.
جبل تي چڙهي هٿ کڻي، من ٻڪرار ڪـُـوڪـِـرو ڪري!
(1066)
عورت نڪتي شهر مان، نالو پڇندي ويئي،
نالو گڏيس ڪونڪو، وڃي ذات تي پيئي.
عورت=سسئي. شهر=ڀنڀور. نالو=پنهون.
ذات=پهنوار.
سسٺي نڪتي ڀنڀور مان، پنهون پڇندي ويئي،
پنهون گڏيس ڪونڪو، وڃي پهنوار تي پيئي.
(1067)
کـَـڏن مون کي نالو ڏنو، مانَ کڏن پهچان،
ادا ڙي مال وارا! تون نه ڪاٺيءَ جي، مان نالن کي
رسان.
کڏ=گور>گؤنرن. نالو=موسيٰ>مـُـسايو.
کڏ=گور>گؤنرن. مال وارو=ٻڪرار.
ڪاٺيءَ جي=جهـَـل. نالو=جت>جتن.
گؤنرن مون کي مـُـسايو، مانَ گؤنرن پهچان،
ادا ڙي ٻڪرار! تون نه جهل، مان جتن کي رسان.
(1068)
ذات ڪاريگر جي، نرنالو آزار جي نارنالي مون.
ذات=دايا>دائي>مدائي. ڪاريگرجي=مـَـنڻ>
من+۾. نرنالو=امانُ>اما+نه. آزار جي=سـُـتي.
نار نالي=ڏِني.
مدائيءَ جي من ۾، اما، نه سـُـتي ڏني مون.
(1069)
هندو نالي مرون، ذات هئي وکر جي،
پکي ماکيءَ جي، وڃي نر نالي سان رسي،
نالن ڪئي جر جي، جو هٿ آئي ذات واري کي.
هندو نـــالو= نائون. مـِــــرون= ڄاهي> ڄائي.
ذات= کٽي. وکــــر= پالي (نـــاس جو قسم).
پکي=ٻاٻيهو. ماکيءَ جي=لار>لاري. نرنالو=
پنهون. نالو=هوت>هوتن. جـَـر جي=ڪـَـسي.
ذات وارو=ٻڪرار.
نائـُـونءَ جي ڄائي، کٽي هئي پالي،
ٻاٻيهي جي لاري، وڃي پنهون سان رسي،
هوتن ڪئي ڪسي، جو هٿ آئي ٻڪرار کي.
(1070)
ڪپڙي ۾ مرض ڏٺائين، تڏهن ساز کان نرنانءُ
گهريائين.
ڪپڙي(جو)=بـَـر. مرض=پهار>پهنوار. ساز=
ستار. نرنان=پناهه.
بـَـر ۾ پهنوار ڏٺائين، تڏهين ستار کان پناهه
گهريائين.
(1071)
رڇن کان رکين، نرنانءَ! مال جي ڏيکار مون.
رڇ=بدنو> بدنن> بدوئن. نرنان=محبوب.
مال جي=واٽ.
بـَـدوُئن کان رکين، محبوب! ڪا واٽ ڏيکار مون.
(1072)
ڪـِـني آدم کان عورت، وڃي پنهنجن ۾ کاڄ ٿيان.
ڪـِـنو آدم=بـَـدُو. عورت=بچي. پنهنجا=لڪ>
لڪن. کاڄ=لوڙهه.
بـَـدُوءَ کان بچي، وڃي لڪن ۾ لوڙهه ٿيان.
(1073)
هيءَ ٺڪر جي نرنانءُ تان، باهه جو ڪر.
ٺڪر جي=سـِـر. نرنان=پنهل. باهه جو=ڪـُـل
قلبان>(قربان).
هيءُ سـِـر پنهل تان قربان ڪر.
(1074)
هندو نالي جيت، ته آءٌ گهر جي وڃان.
هندو نالو=ڌرمون>ڌَرَ>آڌر+مـُـون. جيت=
ڏيڏري>ڏي+ڏري. گهرَ جي=پيهي.
آڌر مون ڏي ڏري، ته آءٌ پيهي وڃان.
(1075)
جيت چڱي جو، آءٌ ذات کان نار نالي وڃان.
جيت=ڏينڀو>ڏي+ڀـُـونءِ. چڱي=جاءِ. ذات=
پهنوار. نار نالي=بچي.
ڏي ڀون جاءِ ته، آءٌ پهنوار کان بچي وڃان.
(1076)
مون تي نالا جن رکيا، کاڄ به رکندين تن جو.
نالو=ايوب>عيب. کاڄ=پـَـت.
مون تي عيب جن رکيا، پت به رکنديس تن جي.
(1077)
جڏهن ڏٺائين مال مرض، تڏهن جر جبل جي ٿي سسئي.
مال=ٻاڪر. مرض=راڙ>رار. جر جي=ٽٻي.
جبل جي=گار.
جڏهن ٻڪرار ڏٺائين، تڏهن ٽٻي (هڻي)گار ٿي سسئي.
(1078)
زمين ڪپڙي ڪاٺ جي ٿي، تنهن ۾ زمين جي ٿي نارنانءُ.
ڪپڙي جي=ڦاٽي. ڪاٺ جا=ڀـُـڪا. زمين جي=
غار. نارنان=سسئي.
زمين ڦاٽي ڀـُـڪا ٿي، تنهن ۾ غار ٿي سسئي.
(1079)
ذات ڪپڙو، هو نالو ئي نه.
ذات=قزاق>قضا. ڪپڙو=گؤنڪي>گؤن+
ڪئي. نالو=ڦٻيو.
قضا وڃي گئون ڪيئي، هو ڦٻيوئي نه.
(1080)
گهوڙو نرنانءَ ڪيائين، ته به شهر نه پـُـڳي سسئي.
گهوڙو=هزاري>هزارين. نرنان=حيلو. شهر=ڪيچ.
هزارين حيلا ڪيائين، ته به ڪيچ نه پـُـڳي سسئي.
پنهون جو ڪيچ کان موٽڻ
(1081)
ناڻي مرض جا سسئيءَ کي هئا، پر پاڻي جو
پنهون به نه هو.
ناڻي جا=سـَـوَ. مرض جا=سـُـورَ. پاڻي جو=خالي.
سـَـوَ سور سسئي کي هئا، پر خالي پنهون به نه هو.
(1082)
پنهنجي ذات کي زحمت مال جو، تڏهن جر وکر
جو ٿيس.
پنهنجو=عشق. ذات=آرائين>آري. زحمت=آزار.
مال جو=مچايو. جر جو=وَهڻ>ويهڻ.وکر=وِهـُـه
عشق آريءَ کي آزار مچايو، تڏهن ويهڻ وِهه ٿيس.
(1083)
نرنانءَ ننڊ جو نالو، تڏهن شهر مان مال جو ٿيو.
نرنان=پنهون. ننڊ جو=خواب. نالو=لڌو.
شهر=ڪيچ. مال جو=روانو.
پنهونءَ خواب لڌو، تڏهن ڪيچ مان روانو ٿيو.
(1084)
اک جي، جا عضوي لڳي، سا جنگ جي ته نه!
اک جي=لـڄ. عضوو=ڳچي. جنگ جو=
ڇڏڻ>ڇڏبي.
لـڄ، جا ڳچيءَ لڳي، سا ڇڏبي ته نه !
(1085)
ذات، جهل ان جو، ڪريان فقير کاڄ جي.
ذات=جت. ان جو=ميو. فقير جي = زيارت.
کاڄ جي=لوڙهه.
جت، جهل مـَـيو، ڪريان زيارت لوڙهه جي.
(1086)
ڪپڙي سندي رڇ جي، نالي کي دل جو وڌو.
ڪپڙو=چـُـني. رڇ جو=چـِـٽُ. نالو=پنهون.
دل جو=شڪ.
چـُـنيءَ سندي چـِـٽَ، پنهون کي شڪ وڌو.
(1087)
سسئي ۽ پنهل، ٻئي جتيءَ ۾.
جـُـتيءَ جا=لـَـڪَ.
سسئي ۽ پنهل، ٻئي لـَـڪـَـن ۾.
(1088)
نالو نالي ناهه، نالي ماري سسئي.
نالو=يارُو> يار. نالو=بيگن>بيگناهه. نالو=محبت.
يارو! بيگناهه محبت ماري سسئي.
------ |