ضلعو دادو:
جعفر ڏيرو، ويٺل لڳ فريدآباد (ضلعو دادو) ڳجهارت جو سدا ملوڪ ڳولو هو. تاريخ
4- جولاءِ 1965ع تي اسان جي ساڻس پهرين ڪچهري
خيرپورناٿن شاهه ۾ ٿي. راقم ويهارو کن ڳجهارتون
کيس ڏنيون ۽ سڀ هڪ- ٻن ڌڪن ۾ ڀڳائين. شڪ پيو ۽
چيوسون ته: ’ادا شايد تنهنجون. ٻـُـڌل آهن.‘
چيائين ته: ’سائين، اوهان کڻي اهڙي ڏيو جا ٻڌل نه
هجي.‘ جعفر حقيقت ۾ ڳجهارت جو قابل ڳولو هو. چوندو
هو ته ’ڳجهارت چري مبارڪي آهي، يعني ته ڳولي کي
ڳڻتي ۾ وجهندڙ آهي، حديث تي ٻڌل نه آهي، ۽ انهيءَ
ڪري نڪي هوند نڪو شڪر.‘ ڳجهارتن ۾ جعفر ڏيري جي
مهارت کان متاثر ٿي، اسان 1958ع ۾ گاجي شاهه جي
ميلي (تعلقو جوهي) تي سگهڙن جي هڪ خاص ڪچهري قائم
ڪئي ۽ جنهن ۾ لاڙ مان رمضان ٽالپر، لعلڻ خان لغاري
۽ ٻيڙي فقير ڪنڀار جهڙا ڳولا مقابلي لاءِ آنداسون.
وڏي ڪچهري ٿي، پر لاڙ وارن سگهڙن به مڃيو ته بيشڪ
جعفر ڏيرو ڳجهارت جو وڏو ڳولو آهي. هي سگهڙ پوءِ
ستت ئي گذاري ويو.
*
ميوو خان رند ۽ يوسف سيلرو ويٺل ڳوٺ فريدآباد،
گاجي شاهه جي ميلي واري ڪچهريءَ ۾ جعفر ڏيري جا
ساٿي هئا.
*
ميرمحمد پٽ لال بخش پانڌياڻي لغاري، ويٺل واهي
پانڌي (تعلقو جوهي) جنهن سان 26- جنوري 1958ع تي
اسان جي پهرين ڪچهري جوهي ۾ ٿي، جڏهن سندس عمر 85
سال کن هئي. هر فن موليٰ ۽ وڏو سگهڙ هو، خاص طرح
کيس سهڻيون ۽ گهڻيون ڳجهارتون ياد هيون، ۽ پڻ
ڳجهارت جو سهڻو ڳولو هو. فضل بن خان محمد باگائي
چانڊيو ويٺل واهي پانڌي، عالم خان پٽ جڙيو ٻٻر
(عمر 75 سال کن) ويٺل 8- شاخ، ميوو پٽ پريل رجباڻي
ڀرڳڙي ويٺل 8- شاخ، اهي ٽيئي ميرمحمد خان لغاري جا
ساٿي ۽ ڳجهارتن جا چڱا سگهڙ هئا.
*
قادربخش چانڊيو، ڳجهارت جو ملوڪ سگهڙ جنهن سان 11-
جولاءِ 1958ع تي اسان جي رهاڻ ٿي.
*
ولي محمد مريداڻي ويٺل بهاولپور (تعلقو دادو)،
ڳجهارت جو وڏو ڳولو هو. چوندو هو ته ڳجهارت ڏجي ته
سر رکي ڏجي. سندس لياقت ۽ قابليت جي خبر اسان سان
ولي محمد جتوئي ويٺل ميان يارمحمد (لڳ خداآباد)
ڪئي.
ضلعو سانگهڙ:
*
صاحب خان مري ويٺل ڀڙي، تعلقو سنجهورو. ڳجهارت جو
وڏو سڄاڻ سگهڙ هو. سنه 1915ع ڌاري گذاريائين.
*غلام
علي ٽالپر، ويٺل ڳوٺ نواب حيدر علي خان لغاري،
تعلقو سنجهورو. ڳجهارتن جي ڪچهريءَ جو ملوڪ هو.
*
جاڙو خان ڪنگراڻي مري (عمر 85 سال). ويٺل ڄام نندو
مري تعلقو سانگهڙ. هر فن موليٰ ۽ وڏو سگهڙ آهي.
ڳجهارتون وٽس سهڻيون، گهڻيون ۽ قسمين قسمين آهن.
ڳجهارت جي ڏيڻي توڙي وهڃاڻي ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهي.
*
عليم فقير مڱريو، ويٺل سابو، تعلقو کپرو، بظاهر
موحدانه تبليغ ۾ مشغول ۽ مشهور هو، پر وڏو سگهڙ
هو. خاص طرح ڳجهارتن جي وٽس ڪمي ڪانه هئي. ساڻس
ست- اٺ ڪچهريون ٿيون جن ۾ سهڻيون ڳجهارتون ڏنائين
پر ڪڏهن به ساڳي ڳجهارت ٻيهر ڪانه ڏنائين. سندس
تڪيه ڪلام هو ته: ’ادا، پنڊ جو ٿي کائي.‘
*
لعلڻ خان لغاري (عمر 75 سال)، ويٺل ڳوٺ گل محمد
لغاري تعلقو شهدادپور، شاعر ۽ وڏو سڄاڻ سگهڙ آهي.
ڪچهريءَ جي هر فن جي ڄاڻ اٿس. ڳجهارتون ڏئي توڙي
ڳولي. هن وقت جي وڏن ڳولن مان آهي. ڳجهارت ڳولڻ
لاءِ جنس وار بيت ٺاهيا اٿس جي هن ڪتاب جي ’پهرئين
ڀاڱي‘ هيٺ ڏنا ويا آهن. لعلڻ خان سٺا سنڌائتا ڌڪ
به هڻي، پر جي ڳجهارت بيهي ته پوءِ مٿس فوج چاڙهي،
يعني ته جنس وار شين جا نالا کڻي يا بيت چوي. ٻيڙو
فقير ڪنڀار چوندو آهي ته: ’لعلڻ خان ڳجهارت لاءِ
ملٽري آهي.‘ انهيءَ ڪري ڪو سگهڙ هوندو جو لعلڻ خان
کان ڳجهارت ڪنهن رمز سان لڪائيندو. اسان مٿي بيان
ڪري آيا آهيون15
ته ڪيئن ٻيڙي فقيرڪنڀار ’ڪاٺي‘ جي پائي کي لعلڻ
خان کان لڪائڻ لاءِ انگريزي نالو ’هاڪي‘ آندو، ڇو
ته ڪاٺي ڪاٺي جي ذات لعلڻ خان کي ياد آهي. هڪ دفعي
ٻيڙي فقير چيو ته: ‘لعلڻ خان کان لڪائڻ لاءِ
”ملـُـڪ“ ’لبنان‘ جي پائي سان هي ڳجهارت ٺاهي اٿم
ته:
ملڪ نه رکان سومرا، مون کي جر جو ڪو مَ چئو
يعني:
لب نان نه رکان سومرا، مون کي گهڻو ڪو مَ چئو
*
بخشو خان شر، ويٺل ڳوٺ دليل شر، تعلقو سانگهڙ،
جنهن سان گذريل ڏهن- ٻارهن سالن کان اسان جون
ڪچهريون پئي ٿيون آهن. بخشو خان ڏور جو وڏو قابل
ڳولو آهي. اسان جي ڪچهرين ۾ حصو وٺندي ڳجهارتن
ڏانهن پوءِ مائل ٿيو ۽ هينئر ڳجهارت کي سهڻا ۽
سنڌائتا ڌڪ هڻي ڳولي ٿو.
ضلعو نوابشاهه:
ضلعي نوابشاهه ۾ ڳجهارتن جي ڪچهريءَ ۾ هيٺيان سگهڙ نالي وارا ٿي گذريا آهن:
*اوبـــــاهيو
ڏاهــــري، ويٺـــل ڄـــام صاحب، تعلقـــو
نوابــشاهـه، سنه 1925ع ڌاري گذاري ويو. جاڙي خان
مري جي چوڻ موجب ڳجهارتن جي ڳول ۾ اوباهيي ماڇي جو
مٽ ڪونه هو.
*
عثمان مير بحر، ويٺل دليل ديرو، تعلقو سڪرنڊ،
پاڪستان کان اڳ گذاري ويو.
*لعل
بخش شاهاڻي، ويٺل لڳ ڳوٺ مجيد ڪيريو، تعلقو سڪرنڊ
ڳجهارت جو خفتي ڳولو هو.
*
عثمان کٽي، ويٺل کنياريون، لڳ نوابشاهه، ڳجهارت جي
ڪچهريءَ جو سگهڙ هو.
هن وقت علي خان سنجراڻي، ويٺل لڳ صابو راهو، تعلقو سڪرنڊ، ڳول ۾ لعلڻ خان
لغاري جون سڪون لاهي ٿو. وارث کٽي ويٺل شهر
نوابشاهه، پڻ ڳجهارت جي ڪچهريءَ جي سگهڙن مان آهي.
ضلعو خيرپور:
قادر بخش راڄپر، ويٺل لڳ ٽالپر وڏا تعلقو ٺري، وڏو هر فن موليٰ سگهڙ هو.
1955ع کان وٺي اسان جون ساڻس ڪچهريون قائم رهيون.
ڳجهارتن جي ڏي- وٺ ۾ به ملوڪ هو. 1966ع ۾ گذاري
ويو.
*
علي شير جاگيراڻي، ويٺل لڳ ڪنڊڙي، تعلقو خيرپور.
وڏو داناءَ سگهڙ ۽ هڪ لائق انسان هو. ڏور جو وڏو
ڄاڻو هو، پر پوءِ اسان جي ڪچهرين ۾ حصو وٺندي
ڳجهارت ۽ سينگار ڏانهن مائل ٿيو. ڳجهارتون پنهنجون
جوڙي ڪک رکي ڏنائين جي ڪچهرين ۾ بيٺيون. 1967ع ۾
هي سڄاڻ سگهڙ اسان کان جدا ٿي ويو.
*خدابخش
ڏيپر، ويٺل لڳ ڪنڊڙي، ڳجهارت جي ڪچهريءَ جي سڄاڻ
سگهڙن مان هو. 1962ع ڌاري گذاري ويو.
*
سبحان شاهه، ويٺل سنابو، تعلقو گمبٽ. ڳجهارت جو
وڏو ڳولو هو. حاجي فقير مهيسر خبر ڪئي ته: ڳجهارت
ڌڪ جهلي ويندي هئي ۽ پاڻ تڪڙو هوندو هو، ته وري
ٻئي دفعي موٽي اچي ڳجهارت ڳوليندو هو. ڪنهن کيس هٿ
جي ٺاهي ڏني ته ”ذات آزار ۾ خوش“ جا في الحال ڪانه
ڀڳي. ڳوٺ ويو ته گهاڻو ڏٺائين ۽ موٽي اچي ڳجهارت
ڀڳائين ته: ’چاڪي پيڙ ۾ خوش.‘
*ميوو
ڦلپوٽو (عمر پنجهٺ ورهيه) تعلقو خيرپور، هن وقت
ڳجهارت جي وڏن ڳولن مان آهي. وٽس ڳجهارتون گهڻيون
آهن ۽ پاڻ به ڳجهارتن جو شاعر آهي. ڳجهارت ڳوليندو
ته پاون کي سهڻا ۽ سنڌائتا ڌڪ هڻندو ويندو ۽ ڄڻ
ڳجهارت تي سوار ٿيو ويٺو هوندو، هن وقت ڳجهارت جي
فن ۾ وڏو سڄاڻ سگهڙ آهي.
*حاجي
فقير مهيسر، ’ڏور‘ جو شاعر آهي، پر اسان جي ڪچهرين
۾ ڳجهارت ڏانهن پڻ مائل ٿيو آهي. قدري ڳجهارت کي
ڳولي ٿو ۽ ڪي ڳجهارتون پنهنجون به ڪچهرين ۾ ڏئي
ٿو.
*مراد
لاشاري (عمر 65 ورهيه) ويٺل لڳ ڪنڊڙي، ڳجهارت جي
ڪچهريءَ جي سمجهدار سگهڙن مان آهي. ڏيڻ لاءِ به
وٽس ڳجهارتون ججهيون آهن، ۽ ڳوليندو ته به جانچي
سهڻا ڌڪ هڻندو.
*گل
بهار کٽي (تعلقو خيرپور) ڳجهارت جي ڪچهريءَ جي
سمجهو ۽ سنجيده سگهڙن مان آهي.
*
گلڻ خان جلباڻي (عمر 65 سال) تعلقو خيرپور،
ڳجهارتن جي ڪچهريءَ جو مور آهي. سندس ويٺي ڪچهري
سينگارجي ويندي. ڳجهارت ڳوليندو ته وڏي چڙهائي سان
ڳوليندو. بس ڳجهارت کي ٻکين پئجي ويندو ۽ منڊل
مچايو بيٺو هوندو. ڳجهارت کي سندس ڌڪ لڳو ۽ ڀڳي ته
ٻئي هٿ اُڀا ڪري ’ها‘ ڪندو ۽ ڪچهري تي ڇانئجي
ويندو. گلڻ جلباڻي جي ’ها‘ مشهور آهي ۽ ڪنهن کي
ڪانه وسرندي.
ضلعو لاڙڪاڻو:
لاڙڪاڻي ضلعي ۾ اسان نسبتاً گهٽ ڪچهريون ڪيون آهن، ڳجهارتن جا نالي وارا
سگهڙ جن جي اسان کي خبر آهي يا جن کي ٻين سگهڙن
تسليم ڪيو آهي سي هي آهن:
*
نبي بخش لاشاري گهوگهاري جو، ڳجهارت جي ڏيڻي ۽
ڀڃڻي جو خفتي، جنهن سان 1955ع ۾ اسان جي ڪچهري ٿي.
*
علي بخش لوهار، شهر قمبر جو، ڳجهارت جي وڏن سڄاڻ
ڳولن مان هو. 1950ع ڌاري گذاري ويو.
*حاجي
عيسو موچي، ويٺل رتوڪوٽ، تعلقو لاڙڪاڻو. ڳجهارت جي
سگهڙن مان هو.
*احمد
چانڊيو گهوگهاري جو، ڳجهارت جي ڪچهريءَ جو سگهڙ
هو.
ضلعو سکر:
مولا بخش درزي شهر شڪارپور جو، ڳجهارتن جي ڪچهريءَ جو وڏو ملوڪ هو.
*
واحد بخش شيخ، شهر شڪارپور جو، ڳجهارت جو سگهڙ هو.
*
هوت موچي، شهر روهڙي جو، ڳجهارت جي ڪچهريءَ جو وڏو
شائق هو. ڏيڻ جو توڙي ڳول جو ملوڪ هو. سندس دم سان
ئي شهر روهڙي ۾ سگهڙن جون ڪچهريون قائم هونديون
هيون.
*فريد
خان گڏاڻي (عمر 85 سال) ويٺل لڳ گهوٽڪي. هرفن
موليٰ سگهڙ ۽ ڳجهارتن جي ڪچهريءَ جو پڻ ملوڪ آهي.
1955ع ڌاري اسان جي پهرين ڪچهري ساڻس ٿي ۽ ان کان
پوءِ گهوٽڪي توڙي ڳوٺ گلو پتافي (تعلقو ميرپور
ماٿيلو) ۾ ساڻس ڪچهريون ٿيون. فريدخان ڪچهريءَ جو
مور آهي ۽ پنهنجي گفتي جي ملوڪت سان منڊل مچايو
ويٺو هوندو آهي.
*
غمٽار فقير اُنساڻي مهر (عمر 75 سال) ويٺل تڙ
چنيسر، ديهه سـُـچارو، تعلقو ميرپور ماٿيلو، شاعر
۽ هر فن موليٰ سگهڙ آهي. 1960ع کان وٺي ساڻس اسان
جون ڪچهريون پئي ٿيون آهن. وٽس ڳجهارتون گهڻيون ۽
سهڻيون آهن. ڳولو به چڱو آهي. جنسن جا بيت ياد
اٿس.
*
امين تڙت، ڳجهارتن جي ڪچهريءَ جي سگهڙن مان آهي.
ڳوٺ گلو پتافي ۾ سردار فتح علي خان پتافي وٽ 7-
مارچ 1969ع تي قائم ڪيل ڪچهريءَ ۾ امين سان اسان
جي ڪچهري ٿي.
ضلعو جيڪب آباد:
جيڪب آباد ضلعي جي وڏي سگهڙ سيد شريف شاهه ۽ سهائي موچي جون پاڻ ۾ ڳجهارت
جون مقابلي واريون ڪچهريون هونديون هيون. سيد شريف
شاهه چوندو هو ته ’بيشڪ علي بخش لوهار ڳجهارت جو
وڏو ڳولو هو.‘
*
ماڻڪ خان لاشاري، ويٺل محرابپور جمالي، تعلقو
اوستو محمد، هرفن موليٰ سگهڙ ۽ وڏو قصه خوان هو.
ڳجهارتن جي ڪچهريءَ جو به ڄاڻو هو. سنه 1942ع ڌاري
پنجانوي سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪيائين.
*
سـُـهائو موچي، ويٺل ميرپور ٻرڙو، تعلقو ٺل، هرفن
موليٰ سگهڙ ۽ ڳجهارت جي ڪچهريءَ جو وڏو ڄاڻو هو.
*
سيد شريف شاهه، ويٺل بکرڙو، تعلقو اوسته محمد،
ڳجهارت جي سنڌ ملوڪ ڳولن مان هو. قنبر جي سگهڙ علي
بخش لوهار سان سندس مقابلي واريون ڪچهريون هونديون
هيون. ڳجهارت کي سهڻا ۽ سنڌائتا ڌڪ هڻندو هو.
1960ع ڌاري پنجاسي ورهيه جي ڄمار ۾ گذاري ويو.
*
خاقل ٻرڙو (عمر 75 سال)، ويٺل لڳ ميرپور ٻرڙو،
تعلقو ٺل، هرفن موليٰ سگهڙ آهي ۽ ڳجهارتن جي ڏي-
وٺ جو به ملوڪ آهي. خاقل ڪچهريءَ جو مور آهي، ۽
گفتي جي وڍ- ٽڪ لايو ويٺو هوندو.
*
پنهون خان لاشاري (عمر سٺ ورهيه)، ويٺل ڳوٺ سانوڻ
لاشاري، تعلقو ڳڙهي خيرو، ڳجهارت جو خفتي ڳولو
آهي. چونڊ ڌڪ به هڻندو پر گهڻو ڪري ڪانبو ٻڌي ڳول
ڪندو ۽ وڏي همت ۽ حرص سان ڳوليندو. سنه 1960ع کان
وٺي اسان جون ساڻس ڪچهريون پئي ٿيون آهن.
ناڙي:
ناڙي (ضلعو ڪڇي، قلات ڊويزن) ۾ اسان جون ڪچهريون ڊسمبر 1968ع کان شروع ٿيون.
هيٺين سگهڙن سان ’بيرون کيرٿر‘ (زمين مير شاهنواز
خان شاهلياڻي جمالي) ۾ اسان جون رهاڻيون ٿيون، ۽
ڳجهارتن جي ڪچهري جا چڱا ڄاڻو نظر آيا.
*
چنيسر خان عمراڻي، هرفن موليٰ سگهڙ، ڳجهارت جو سدا
ملوڪ ڳولو ۽ ناڙي جي سڀني سگهڙن ۾ سرس ۽ سوايو
آهي. 28- مارچ 1969ع تي اسان جي ساڻس ڪچهري ٿي.
*
غلام حيدر جويو، جنهن وٽ ڳجهارتون گهڻيون آهن،
ڳولڻ کان وڌيڪ ڏيڻ جو ذوق اٿس.
*
سومر خان مگسي، ڳجهارتن جي ڏي- وٺ ۾ بهرو وٺندو
آهي.
چولستان- رحيم يارخان (بهاولپور):
بهاولپور جي ٿر واري علائقي (چولستان) توڙي ضلعي رحيم يار خان ۾ سنڌي
ڳالهائيندڙ قومون رهن ٿيون جن ۾ ڪچهرين جو وڏو شوق
آهي. انهيءَ ڀاڱي ۾ هوت موچي، ويٺل ڀـُـنگ تعلقو
صادق آباد ڳجهارتن جو وڏو ڄاڻو ۽ سهائي موچي جو
استاد هو. اسان وڏي ۾ وڏي ڪچهري سنجرپور لڳ،
محمدآباد ۾، جناب پير مبارڪ شاهه جي مدد ۽ مهرباني
سان 5- اپريل 1965ع تي ڪئي جنهن ۾ هيٺيان سگهڙ
ڳجهارت جي ڪچهريءَ ۾ برک نظر آيا.
*لطيف
شر (عمر 65 ورهيه کن) ويٺل ڳوٺ جنگو، ڳجهارتن جي
ڳول ۾ سڀني کان ملوڪ هو.
*دين
محمد مهر (عمر 60 ورهيه کن) ويٺل بيگ مهر، تعلقو
صادق آباد، وٽ گهڻيون ڳجهارتون هيون جي ڪچهريءَ ۾
ڏنائين.
*صالح
محمد شيخ (عمر 30 سال) ويٺل ٽٻي، نوجوان سگهڙ جنهن
ڳجهارتن جي ڏي- وٺ ۾ گهڻو بهرو ورتو.
فن ڳجهارت جي اهميت ۽ افاديت:
ڳجهارت ادب ۽ ثقافت، لغت ۽ حڪمت (دانائي) جي ڳوڙهي رهاڻ آهي. ڳجهارت بابت
مخدوم محمد زمان صاحب جي هي راءِ بالڪل صحيح ۽
وزندار آهي ته: ”ڳجهارت جيئن سنڌي ۾ آهي اهڙيءَ
طرح ڪنهن ٻيءَ زبان ۾ شايد ئي هجي“ ۽ ”ڳجهارت کي
سنڌي ادب جي جان کڻي چئجي.... ته بيجا نه ٿيندو“16
. اسان واضح ڪري چڪا آهيون ته تجنيس ۽ تلميح
ڳجهارت جا ٻه مکيه پهلو آهن: اهي ڄڻ ٻه ٿنڀا آهن
جن تي ڳجهارت جي اڏاوت ٿيل آهي، يا ٻه پر آهن جن
سان ڳجهارت اُڏامي ٿي. معاني ۽ بديع جي لحاظ سان
تجنيس ۽ تلميح جون صنعتون خاص اهميت رکن ٿيون.
بيشڪ ڳجهارت هڪ نهايت ڳوڙهو ۽ شاندار فن آهي، ۽
سنڌي علم ادب جو هڪ اهم ۽ نتيجي خيز سرمايو آهي.
ڳجهارتون عوامي ڪچهرين جي سونهن ۽ سگهڙن جي وندر
ورونهن جو ذريعو پئي رهيون آهن. اهو ڳجهارتن جي
اهميت ۽ افاديت جو نمايان مگر هڪ پهلو آهن.
ڳجهارتون عام تعليم ۽ تربيت جو هڪ مؤثر ذريعو آهن
جن سان هڪ ته تاريخي واقعن ۽ قصن، نينهن جي نياپن
۽ ڏوراپن، سلوڪ ۽ نصيحت جي گفتن، بلڪ زندگي جي هر
شعبي بابت دانائيءَ جي نـُـڪتن جي پرک پروڙ ۽
واقفيت حاصل ٿئي ٿي، ۽ ٻيو ته ڳجهارت ڏيڻ ۽ ڳولڻ
سان سوچ ۽ ويچار جي ذهني مشق ٿئي ٿي ۽ سنڌي لغت جي
ڄاڻ وڌي ٿي.
هن ڪتاب جي پهرين ٽن بابن هيٺ17
ڏنل ڳجهارتن مان معلوم ٿيندو ته ڪيتريون ئي
ڳجهارتون قدرت جي ڪارنامن، قديم قصن، ۽ مختلف
تاريخي واقعن تي سٽيل آهن، جن سان معلومات وڏي ٿي،
۽ اهو پڻ واضح ٿئي ٿو ته سنڌ جي سگهڙن جي ڄاڻ جو
دائرو ڪيترو نه وسيع هو جو گذريل دؤر جي ڪيترن ئي
انوکن اهڃاڻن تي ڳجهارتون سٽيائون. سندن اها
تاريخي ڄاڻ بخت نصر ۽ بني اسرائيل ۽ سڪندراعظم جي
اهڃاڻن کان وٺي ويندي هن دؤر جي تاريخي واقعن
تائين پهچي ٿي. ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جڏهن ڪڇ تي
ڪاهه ڪئي تڏهن ’جهاري‘ جي ٽڪر تي جنگ لڳي جنهن ۾
ڀيمجي جاڙيجو بهادري سان وڙهيو پر مارجي ويو. ڪنهن
سگهڙ هڪ بيت چيو ته:
ڀـُـڄ ڀـُـڄيئي وچ ۾ اٺوري اٽڪيا ڀيمجي جهارو
ملهائيو مـُـڙيو نه ماڳا
انهيءَ ٽاڻي تي ڳجهارت آهي ته:
نرنان ذاتين سين مال جن تي پوک جا ڪيا
يعني: ڀيمجي جاڙيجن سين ٽڪرن تـــــي ڳاهه ڪيا
ٻي هڪ ڳجهارت آهي ته:
شـــــهرئون نــــارنــــان آئي، فقير ڏي ويئي
يعني: نيرون- ئون نابينا آئي، سرفراز ڏي ويئي.
هن ڳجهارت ۾ شهر نيرون (حيدرآباد) ۽ سرفراز جو نالو کنيل آهي، ۽ ٿي سگهي ٿو
ته هن ڳجهارت جو تعلق ميان سرفراز ڪلهوڙي جي دؤر
جي ڪنهن واقعي سان هجي. اهو واقعو وسري چڪو آهي پر
ڳجهارت ان جي اهڃاڻ کي محفوظ رکيو آهي.
ڪن ڳجهارتن ۾ ڪن ڪهنن قصن ۽ ڪهاڻين جا اهڃاڻ سمايل آهن، جن جي ذريعي انهن
قصن ۽ ڪهاڻين بابت معلومات ۾ اضافو ٿئي ٿو. مثلاً
’ڪان سجان‘ بابت ڪهاڻيون هلندڙ آهن، پر هيٺين
ڳجهارت مان معلوم ٿئي ٿو ته ’ڪان سجان‘ پٽ هو ’سجي
ڪارياڻي‘ جو:
اي ميان نرنان! نه تون نرنان جهلين نه پنهنجو
پلين،
هو نارنان پنهنجي سکيو، جو نرنان ڇنيو، نرنان ڪري،
تنهن کي نرنان ڪيئن پنهنجو ڪندو.
(نرنان= سجي ڪارياڻي، نرنان= ڪان سجان، پنهنجو= پٽ،
نارنان = چڱي، پنهنجي= ڪار، نرنان= ميهار<
هار، نرنان=
گلدار<
گل ڌار، نرنان= خاوند، پنهنجو ڪرڻ= صبر ڪرڻ<
کمڻ<
کمندو).
اي ميان سجي ڪارياڻي! نه تون ڪان سجان جهلين نه پٽ پلين
هو چڱي ڪار سکيو، جو هار ڇنيو، گل ڌار ڪري
تنهن کي خاوند ڪيئن کمندو!
’ممتاز ۽ ماه طلعت‘ جي افساني بابت ڳجهارت آهي ته:
ســــاز وڄــــي نـرنـــــان حـّـــاڳي، نارنان
ڪاٿي،
مرڌنگ وڄي ممتاز جاڳي، ماه طلعت ڪاٿي.
هيٺيون ڳجهارتون عمر- مارئي جي قصي جي ڪن ٽاڻن کي
روشن ڪن ٿيون. عام روايت آهي ته ’ڦوڳ‘ وڃي عمر
سومري کي چوري چاڙهيو هو، پر هيٺينءَ ڳجهارت ۾
جکري نالي چغل جو نالو کنيل آهي.
مڇي کاڄ ڪيو، نه ته عمر نالو ئي نه.
(مڇي= جکري<
جکري، کاڄ= جوٺو<
جوٺ، نالو= اچڻو)
يعني: جکري جوٺ ڪيو، نه ته عمر اچڻو ئي نه.
بادشاهه عمر سومرو عادل هو جنهن ڪابه خيانت نه ڪئي ۽ مارئي کي امانت سمجهي
پنهنجن مائٽن ڏانهن موٽايائين. انهيءَ حقيقت تي
هيٺين ڳجهارت شاهد آهي ته:
عمر شهر ڪانه، وئـــــي شهر ساڻ مارئي.
يعني: عمر جوهي ڪانه، وئي امان ساڻ مارئي.
قصن ۽ ڪهاڻين کان سواءِ ڳجهارتون زندگي جي هر شعبي تي سٽيل آهن: بزم ۽ رزم،
محبت ۽ مجاز، سلوڪ ۽ دانائي ۽ روزمره جا تجربا ۽
احساسات مڙيئي ڳجهارتن جو موضوع ۽ مضمون بنيا آهن،
جن جي پهڻ پروڙڻ سان عقل ۾ اضافو ٿئي ٿو. مثلاً
سورهيائي ۽ بهادري جي اهڃاڻن بابت هيٺين ڳجهارت
اثر آميز آهي:
لوهه جا لڳن، پکي ڇپن، نرنـــان اچيو ان جا ٿين
يعني: ڪان لڳن، ڪانئر ڇپن، سورهيه اچيو ٽڪر ٿين
هيٺين ڳجهارت پڻ جنگنامي جي آهي ته:
هــــو جـــي پــــکـــي آئيا، ڪري ڪپڙا وات
اچي پڇيائون رات، ته نالا جنگ جا ڪٿي؟
يعني ته: هــــو جي ڳجهون آئيون ڪــــري ڳاڙها
وات
اچي پڇيائون پرڀات، ته محب ماراڻا ڪٿي؟
محبت ۽ مجاز جي مضمون ۾ هيٺيون ڳجهارتون دلپذير
آهن:
ڪپڙي دل عجيب، ان جي مور نه ٿئي.
يعني: رِلــــي دل عجيب، پــــلـــي مــور نه
ٿئي.
----
نالو تو وٽ ناهي، آءٌ کاڄ جي ڇا ڪريان.
يعني: محبت تو وٽ ناهي، آءٌ ٽڪي ڇا ڪريان.
----
تڙ لڳن جيڏيون، جو مرد نه مڪائون
انهن کي آئون، مـــن ڳهه لڳي آهيان!
(تڙ= ڪيهي (نالو ڳوٺ يا تڙ جو)، مرد (جو نالو)=
سلام، ڳهه= ڪڙي).
ڪيهي لڳن جيڏيون، جو سلام نه مڪائون
انهن کــــي آئون، مــــن ڪـــڙي لڳي آهيان!
محبت جي مضمون ۽ قدرت جي نظاري جي ڳجهارت آهي ته:
نالا آيا نالن وٽ ڪي وکر جون وٺڻ
(نالا= ڀونئرَ، نالن= گلن،وکر= سـَـنا، وکر جون=
سنائون
<
واسنائون)
ڀونئر آيا گلن وٽ ڪي واسنائون وٺڻ.
روزمره جي زندگي ۾ باهمي تعلق ۽ لڳ لاڳاپي بابت
ڳجهارت آهي ته:
ٻــــولـــي ڪــــجـــي ان کــــي جيڪو ٻـــولـــي
ڪري
جيڪو ٻولي نه ڪري، تنهن کــــي ٻولي ڇا ڪجي!
يعني: عــرض ڪــــجــــي ان کــــي جــيـــڪو
غـــرض ڪري
جيڪو غــــرض نه ڪري تنهن کي عرض ڇا ڪجي!
سلوڪ ۽ توڪل جي موضوع تي ڳجهارت آهي ته:
الله ذات آهي، نوڪر اٿس ئي ڪونه، پر جي نالو ٿئي.
(ذات= ڏيٿو<
ڏئي ٿو، نوڪر= ڪمي، نالو= راضي)
يعني: الله ڏئي ٿو، ڪمي اٿس ئي ڪانه، پر جي راضي ٿئي.
تاريخي واقعن ۽ قصن ڪهاڻين جي ٽاڻن، رزم ۽ بزم جي اهڃاڻن، ۽ روزمره جي زندگي
جي مختلف شعبن بابت معنوي نـُـڪتن ۽ نزاڪتن جي
آئيني کان سواءِ، ڳجهارت سنڌي لغت جو خزانو بلڪ
سانچو آهي، جنهن ۾ انوکا لفظ پيا اُٿلن پٿلن ۽
نئين سر سموهجي استعمال ٿين. بيشڪ ڳجهارت سنڌي لغت
جي کاڻ جي کوٽائي جي هڪ نهايت مؤثر مگر پيچيده
ڪـَـل آهي، جنهن مدت مديد کان پئي انوکن لفظن ۽
محاورن جي هيرن ۽ لعلن کي کوٽيو، ونڌيو ۽ چمڪايو
آهي. هن فن جي ذريعي سنڌي لغات جي ڀڃ- گهڙ ۽ وڍ-
ٽڪ سان سنڌي ٻولي جو نت نئون مواد اُجرندو رهي ٿو،
۽ انهيءَ صيقل گيريءَ سان سنڌي لغت جو سرمايو وڌيڪ
پختو ۽ پائيدار ٿيندو رهي ٿو.
روايتي رنگ ۾ ڳجهارتن کي ڳولڻ لاءِ لغت جي وڏي سرمايي ۽ سامان جي ضرورت آهي.
جنس جنس جا نالا ۽ ٻولي جا انوکا انوکا الفاظ
’پاون‘ جي پوش ۾ ڍڪجن ٿا، جن جي ڳولڻ ۽ کولڻ لاءِ
لغت جي جهان ۽ جنسار تي نظر رکڻي آهي. ’ڳجهارت جي
ڀڃڻي‘ خاطر سگهڙن جيڪو سنڌي لغت جو خزانو کوليو ۽
ڦوليو آهي، تنهن جو اندازو قدري هن ڪتاب جي
’پهرئين ڀاڱي‘ مان ڪري سگهجي ٿو. شين جي هر جنس ۽
صنف، ۽ ڳالهه جي هر ٽاڻي ۽ اهڃاڻ متعلق سنڌي لفظن
جو ذخيرو وڏو وسيع آهي، جنهن جو اندازو فقط اهوئي
ڪري سگهندو جنهن ڳجهارت ڳولي هوندي. ڪنهن لفظ يا
معنيٰ جي ڄاڻ جي باوجود، جڏهن ماڻهو هم معنيٰ لفظ
يا معنوي ٽاڻي جي تلاش ڪري ٿو ته سنڌي لغات ۾
مترادفات ۽ متعلقات جو ميدان ايڏو وسيع لڳي ٿو جو
ڀانئجي ته پهچڻ ڀيڻي ڪانهي. سنه 1950ع ۾ ڪراچي شهر
(صدر) ۾ مرحوم سليمان ٻـُـري جي ڊيري (کير مکڻ جي
دڪان) تي هڪ ڪچهري ٿي جنهن ۾ هڪ سگهڙ (جنهن جو
نالو ياد نه رهيو آهي) ڳجهارتون ڳوليندي هر جنس جي
لفظن ۽ نالن جا انبار لائي ٿي ڇڏيا. کيس ٻڌي آءٌ
پهريون ڀيرو سنڌي لغت جي وسعت کان نهايت متاثر
ٿيس. ان موقعي تي ڪنهن هي ڳجهارت ڏني ته:
جنڊ جي ليلان ڪونئرو حاڪيماڻو ڏي.
مون کي فوراً خيال آيو ته: ’جنڊ‘ (چڪي) متعلق نالا محدود آهن ۽ ڳجهارت جو
پائو ’جنڊي جي‘ آهي جو ويتر جنڊ متعلق لفظن کي
محدود ڪري ٿو. هاڻي ڏسان ته سگهڙ ’جنڊ جي‘ لحاظ
سان ڪهڙا لفظ ٿو کڻي! اهو خيال ڪري آءٌ پنو پينسل
تيار ڪري ويٺس، ۽ هن سگهڙ جيڪي لفظ پئي چيا سي
تڪڙا تڪڙا لکندو ويس حالانڪ سڀ لکي ڪونه سگهيس. ان
وقت جي اها يادداشت هن طرح آهي: جنڊ جي= ڳري،
ڳاري، ٻـُـڪي، هلڪي، ڳوري، کـُـتي، رَتي، سوڙهه،
جهٽ- پٽ، گهـُـمري، ٻـُـهاري، ڪوسڙي، ڪاٺي،
ڪـَـهي، چـِـٽي، موڙي، ڦيري، اُبتي، سبتي، هـَـٿي،
اُڌاڻي، جوٽي، اُڍاڻي، اُکڙي، تڙي، لوڏ، اَهوڙَ،
ليڪ، وٽ، پـَـٽي، مڪڙي، هيٺين، مٿين، ڪـُـمر، ماٺ،
گٺي، پيٺي، لـِـتي، ننڊ، ڳهر، اوجهراڻي، نائي،
ڪـَـڻ، لپ، مٺ، ڪاڻي، ڦـُـٽي، ڦاٽي، ڦـِـٽي، ٽڪري،
ڪڪري، جهري، ڀڳي، زخمي، اُسوئي (اُس ۾ ڇڏڻ)،
ٻـَـجهه، تاڻي، مـُـڪائي، ڇڪي.... پر انهن ڌڪن تي
ڳجهارت نه ڀڳي، ۽ آخرڪار ’گهرڪي‘ تي ڀڳي. جنڊ جي
’گهرڪي‘ ۽ حاڪيماڻو (يعني حاڪم جو) ’اَمن‘. يعني:
گهـُـرڪي ليلان، ’ڪونئرو امن ڏي.‘
انهن لفظن ٻڌڻ کان اڳ وهم گمان ۾ ئي نٿي آيو ته ڪو ’جنڊ جي‘ متعلق به ڪي
ايترا لفظ سنڌي ۾ موجود آهن. ڳجهارتن ذريعي اسان
کي سنڌي لغت جا اهڙا ته انوکا لفظ معلوم ٿيا آهن
جن جي اڳ خبر ئي ڪانه هئي. مثلاً مومل راڻي جي
ڳجهارت آهي ته:
هڏو ڏٺئي ته گاهه نه ڪيئي.
هڏو ’ڪو شڪ‘ ۽ گاهه ’ڪوتڪ‘ آهي. ڪوتڪ گاهه ته معلوم آهي پر اهو معلوم نه هو
ته ڪو وَهه يا مـِـک واري هڏي کي ’ڪوشڪ‘ چئبو آهي.
مومل (يا ڪو ٻيو) راڻي کي ٿو چوي ته، کٽ تي ٻه گڏ
ستل ڏسي ڪنهن ۾ ڪو شڪ ڏٺو هئي ته ڌڪ هڻي ڪي تڪ
(ٽڪرا) نه ڪيئي:
ڪو شڪ ڏٺئي ته ڪي تڪ نه ڪيئي.
لعلڻ خان لغاري ڳجهارت جو وڏو ڳولو آهي ۽ لفظن جو وٽس ڀرپور خزانو آهي. سنه
1956ع ۾ پير حسن بخش جي ميلي تي (ڊٺڙو، تعلقو
شهدادپور) اسان ادبي محفل ڪئي جنهن ۾ ڳجهارتن جي
ڪچهري هلي. ٻيڙي فقير ڪنڀار ان موقعي تي هيٺين
ڳجهارت لعلڻ خان کي ڏني ته:
عمر انهيءَ جاءِ تي مارو مون لاءِ ڪاٺي ذات ڪن.
لعلڻ خان وٽ ڪاٺي ڪاٺي جي ذات هڪ بيت ۾ ٻڌل آهي. لعلڻ خان بيت چيو ۽ ٻيا به
’ڪاٺي‘ جا گهڻا ڌڪ هنيا پر ڳجهارت ڪانه ڀڳي. ٻيڙي
فقير لـِـڪ خاطر ڪنڀارن جي ڌنڌي مان ’اُڏهڻي‘ نالي
ڪاٺي ڳجهارت ۾ آندي هئي. ’اُڏهڻي‘ يا ’ڌَڪ‘ اها
ڪاٺي آهي جا ڪنڀار وڏن ٿانوَن (ماٽي، مٽ يا دِلي)
کي ٺپي پورو ڪري، زمين تي رکڻ وقت اندرين پاسي کان
اُڀي ٽيڪ طور ڏيندا آهن ته ٿانو پنهنجو پاڻ جهلي
اُڀو ٿي بيهي. هر ٿانو کي گهٽ ۾ گهٽ ٻه اُڏهڻيون
اينديون. ڳجهارت جي پاوَن جي لحاظ سان، ڪاٺي=
اڏهڻي<
او+ ڏهاڻي، ذات جا= گهمرا. مارئي ٿي عمر کي چوي
ته:
’عمر انهيءَ جاءِ تي مارو مون لاءِ او ڏهاڻي
گهمراڪن‘
انوکن لفطن کان سوا”، اصطلاح ۽ محاورا پڻ ڳجهارتن ۾ سموهيل آهن. مثلاً زماني
جي حالات بابت ڳجهارت آهي ته:
شهر لڳو ماڻهو ذات ٿيا
يعني: سن لڳو ماڻهن ساءِ مٽيا
ذات جا ’سامٽيا‘، ’سن لڳڻ‘ يعني ’چوڏهين سن جو اچڻ‘. سنڌ تي انگريزن جي قبضي
۽ ٽالپورن اميرن جي حڪومت جي پڄاڻي ۽ آزادي جي
خاتمي سان، ملڪ ۾ پنهنجي راڄ رسم موجب فيصلا نبيرا
ختم ٿي ويا ۽ نوان قاعدا قانون رائج ٿيا. 1259هه ۾
انگريزن سنڌ تي قبضو ڪيو ۽ ايندڙ چاليهن سالن ۾
سندن تسلط پورو ڄمي ويو. يعني ته سنه 1300هه بعد،
چوڏهين سن (صدي) جي شروعات سان اهو نئون اثر
نمايان طور نظر اچڻ لڳو، جنهن جو احساس سنڌ جي
عوام کي شدت سان ٿيو ۽ چوڏهين سن کي ننديائون ۽ شڪ
جي نگاهه سان ڏٺائون. سگهڙن ان جو اظهار مٿين
ڳجهارت ذريعي ڪيو.
مواد جي سهيڙ ۽ ترتيب:
پهريون اديب جنهن هن اعليٰ فن جي افاديت محسوس ڪئي سو هو ڪوڙومل چندنمل
کلڻاڻي، جنهن سنه 1888ع کان اڳ (اندازاً 87- 1885ع
وارن سالن ۾) ڳجهارتون گڏ ڪرڻ شروع ڪيون ۽ هن
موضوع تي ڪتابڙو مرتب ڪيائين. تاريخ 1- جنوري
1888ع تي ان ڪتابڙي جو ديباچو لکيائين، جنهن ۾ چوي
ٿو ته:
”سنڌ ۾ گهڻن ماڻهن کي خصوصن ٻهراڙيءَ ۾ ڳجهارتن جو ڏاڍو شوق آهي. رڳو
اڻپڙهيل ۽ دهقاني ماڻهو، پر بعضي وڏا ماڻهو به
ڳجهارتن سان اهڙيءَ طرح دل وندرائيندا آهن جيئن
چوپڙ يا پتن جي راند سان. ميلن ملاکڙن ۾ گهڻا
ڳجهارتي اچي گڏ ٿين ٿا ته اتي ڪي شوقين ماڻهو
سڄيون راتيون انهيءَ وندر ۾ گذارين. گهڻن ماڻهن
چيم ته ڳجهارتون گڏ ڪري ڇپايو ته چڱو ۽ مون پاڻ به
ڏٺو ته ماڻهو اڻپڙهيل ۽ دهقاني سڏجن ٿا سي ڪيئن
پنهنجو عقل ويڙهائين ۽ خيال ڊوڙائين ٿا ۽ پاڻ
وندرائين ٿا سا ڳالهه ته ڳجهارتن مان معلوم ٿئي
ٿي، پر انهن ۾ گهڻا نوان نوان لفظ ٿا ڏسجن،
تنهنڪري جي گڏ ڪري ڇپائبيون ته سنڌيءَ جي به ڪجهه
واڌ ٿيندي، پوءِ حيدرآباد ۽ ڪراچي ضلعن ۾ گهمندي
انهن جي گڏ ڪرڻ ۾ پيش.“
اهڙيءَ طرح هن سڄاڻ اديب ڳجهارتن جي اهميت محسوس ڪري حيدرآباد ۽ ڪراچي ضلعن
مان پنج سؤ ڳجهارتون گڏ ڪيون، جن مان چونڊ ڪري ٽي
سؤ ٽيهٺ ڳجهارتون سرن وار مرتب ڪري انهن جي ڀڃڻي ۽
مطلب سميت ”سنڌي ڳجهارتون“ نالي ڪتابڙي ۾ ڇپايائين(18)
.
انهيءَ ساڳئي دؤر ۾ سنڌ جو هڪ وڏو سڄاڻ سگهڙ رمضان فقير واڍو (ذات جو لاکو
ويٺل پنجمورو تعلقو هالا) ساماڻو، جنهن سنڌي
سگهڙپائي جي هر فن ۾ طبع آزمائي ڪئي. هو پاڻ سگهڙ
شاعر هو، جنهن پنهنجون ڳجهارتون جوڙيون جن مان
اڪثر منظوم هجڻ ڪري سگهوئي سگهڙن ۾ عام مشهور ٿي
ويون. رمضان فقير اهي ڳجهارتون هڪ جدا ڪتابڙي ۾
مرتب ڪيون جو هن فن ۾ پهرئين تصنيف آهي، ۽ هن وقت
قلمي صورت ۾ موجود آهي. اهڙيءَ طرح ٻئي ڪنهن سگهڙ
ڳجهارتون گڏ ڪيون جي آڳاٽو هريسنگ (سکر) ۽ پوڪرداس
(شڪارپور) ڪتب فروش طرفان شايع ٿيون. پاڪستاني دؤر
۾ محترم عبدالڪريم سنديلي ڪتاب ’وينجهار‘ ۾ هڪ باب
ڳجهارتن تي لکيو ۽ ڳجهارتون درج ڪيون، ۽ پوءِ
مرحوم عبدالحسين شاهه موسوي پنهنجي ڪتاب ’سرهاڻ‘ ۾
ڳجهارتون درج ڪيون. انهن مڙني ڪوششن ۾ ڪوڙيمل جي
ڪوشش سڀ کان اول ۽ اهم هئي.
مٿيان ڄاڻايل ٻه پهريان ذخيرا ڳجهارتن جي هن ڪتاب مرتب ڪرڻ وقت اسان کي نه
ملي سگهيا. اسان سنئون سڌو سگهڙن وٽان مواد ميڙيو.
1951ع کان 1956ع واري عرصي ۾ اسان پنهنجي ذوق شوق
سان مختلف ماڳن تي ڪچهريون ڪندي ڪافي ڳجهارتون گڏ
ڪيون، ۽ سنه 1957ع ۾ جڏهن بورڊ طرفان ”لوڪ ادب
تجويز“ منظور ٿي ته اسان هن تجويز هيٺ ڳجهارتن
بابت جدا هڪ خاص ڪتاب رٿيو ۽ تعلقيوار ڪارڪنن کي
هدايتون ڏنيون ته ڳجهارتون گڏ ڪري موڪلين. اهڙيءَ
طرح ڪنهن حد تائين سنڌ جي هرڀاڱي ۽ ضلعي مان
ڳجهارتن جو مواد دستياب ٿيو.
جڏهن اهو مواد مرڪزي آفيس ۾ پهچڻ لڳو ۽ زير مطالع آيو ته بنده راقم محسوس
ڪيو ته ڳجهارت هڪ نهايت ڳوڙهو فن آهي ۽ جيسيتائين
آءٌ بذات خود هن فن کان پوريءَ طرح واقف نه ٿيندس
تيسيتائين ’لوڪ ادب تجويز‘ جي ڊائريڪٽر جي حيثيت ۾
ڳجهارتن جي ڪتاب کي ڪماحقـہ مرتب نه ڪري سگهندس.
انهيءَ ڪري جيتوڻيڪ ڳجهارتن سان اُنس اڳ هو مگر
1958ع کان وٺي هڪ طالب علم جي حيثيت ۾ ڳجهارت کي
سمجهڻ جي ڪوشش ڪيم ۽ ٽن سالن (1958- 1960ع) جي
عرصي اندر ڪچهرين ۾ سگهڙن سان ڏي- وٺ ڪندي،
ڳجهارتن جو مطالعو پختو ٿيو، ڳجهارت ڳولڻ توڙي
پنهنجي طرفان ڳجهارت ٺاهڻ جي لياقت پيدا ٿي. ٻيڙي
فقير ڪنڀار کي، جو اڳ ڏور جو سگهڙ هو، ڳجهارت جو
شوق ڏياري پنهنجي ذاتي ڪچهرين ۾ رفيق بنايو ويو،
جنهنڪري ڳجهارتن ۾ ڏي- وٺ جي مشق ٿيندي رهي ۽ سنه
1960ع تائين فن ڳجهارت جي هرپهلوءَ جي پوري پرک
پروڙ پئجي ويئي.
انهيءَ ڪوشش ۽ ڪشالي بعد سنه 1961ع ۾ ڳجهارتن جي مواد جي چڪاس ۽ ڇنڊ ڇاڻ تي
توجهه ڏنو ويو. پنهنجي ذاتي ميڙسيڙ سميت ڏهن هزارن
کان وڌيڪ ڳجهارتون قلمبند ٿيل مواد ۾ ڪٺيون ٿيون.
ڪيتريون ئي ساڳيون ڳجهارتون جداجدا ڪارڪنن کان
لکجي آيون ۽ پڻ ڪي ساڳيون ڳجهارتون جزوي ڦيرگهير
سان لکجي آيون. اهڙين ڳجهارتن کي ڀيٽي هڪ قابل
قبول ڳجهارت قائم ڪئي وئي. انهيءَ ڇنڊڇاڻ بعد
اندازاً پنج هزار کن مستقل ڳجهارتون وڃي بيٺيون
جن تي تنقيدي نگاهه وجهڻ سان ڪي اڻپوريون، ڪي غير
معياري ۽ ڪي مبهم نظر آيون جن کي ڇڏي باقي صافي
طور 2674 ڳجهارتون هن ڪتاب لاءِ چونڊيون ويون جي
متن ۾ شامل آهن. مطالعي ۽ ڀيٽ سان معلوم ٿيندو ته
هن ذخيري ۾ ڪوڙيمل جي ڪتاب واريون توڙي ٻيون پوءِ
شايع ٿيل اڪثر ڳجهارتون (قدري روايتن جي اختلاف
سان) اچي ويون آهن. سگهڙ رمضان واڍي جون ڪي
ڳجهارتون پڻ سگهڙن وٽان مليون جي هن ذخيري ۾ شامل
آهن.
فن ڳجهارت جي اعليٰ معيار جي لحاظ سان هن ذخيري ۾ اڃان به ڪيتريون ئي ڪچيون
ڦڪيون ڳجهارتون موجود آهن، پر اسان عمداً ۽
ارادتاً اهي شامل ڪيون انهيءَ لاءِ ته جنهن دؤر ۾
هيءُ ڳجهارتون گڏ ڪيون ويون انهيءَ ۾ ڳجهارتن جي
ڏي- وٺ جو جيڪو چالامان هو تنهن جو قدري صحيح
اندازو ڪري سگهجي. انهيءَ لحاظ سان هن ڪتاب ۾
ڳجهارتن جو شامل مواد موجوده عام روايتي رنگ جو
آئينو آهي.
ڳجهارتن جي هيڏي وسيع مواد کي سهڻي ترتيب ڏيڻ هڪ اڻانگو ڪم هو. اسان اول
’ڳجهارتن جي ڀڃڻي‘ واري مواد کي ڪتاب جي ’پهرئين
ڀاڱي‘ هيٺ ’پاون‘ جي لحاظ سان ’الف- بي وار‘ مرتب
ڪيو آهي، انهيءَ لاءِ ته جنهن به ’پائي‘ جي ڀڃڻي
جو مطالعو ڪرڻو هجي ان کي آساني سان لهي سگهجي.
خود ڳجهارتن کي انهن جي ڀڃڻين سميت ڪتاب جي ’ٻئي
ڀاڱي‘ ۾ سـُـر وار ڪري رکيو ويو آهي: مختلف سـُـرن
هيٺ هرهڪ داستان (سسئي- پنهون، عمر- مارئي وغيره
وغيره) جي شروع کان آخر تائين ڳالهه جي مکيه ٽاڻن
۽ اهڃاڻن جي سلسلي موجب ڳجهارتن کي مرتب ڪيو ويو
آهي. انهيءَ سلسليوار سٽاءِ ۽ ترتيب سان اميد ته
هيءُ ڪتاب ڳجهارتن جي مطالعي لاءِ مفيد ثابت
ٿيندو.
ڪوئيٽا ن.ب.
4- سيپٽمبر 1969ع
|