سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: ڳجهارتون

 

صفحو :15

 

باب اٺون

سرائتيون ڳجهارتون: مورڙو

(1089)

نالو ۽ نرنانءُ وڏي ذات هئا.

 

نالو=بانڪو. نرنانءُ=بهرام. ذات=بهليم.

بانڪو ۽ بهرام وڏا بهليم هئا.

 

(1090)

ڪاٺي نرنانءُ مٿان نالي نام ڦٽي ڪئي.

 

ڪاٺي=مـُـهري>مـُـهر. نرنانءُ=مور.

نالو نام=دلوراءِ.

مـُـهر مور مٿان (گهوري)، دلوراءِ ڦٽي ڪئي.

 

(1091)

هليا شهر ولايت جرجا ڪا ٿي.

 

شهر=ڪمرڪش. ولايت=جولان>جوان.

جر جا=غرق.

هليا ڪمر ڪشي جوان، غرق ٿيا ڪاٿي.

 

(1092)

پنهنجا ڪين ڪاٺن، جي مال جا جرجن.

 

پنهنجا=وياءَ>ويا. ڪاٺ جا=وَرا>ورن.

مال جا=نيا. جر جا=نڪونج.

ويا ڪين ورن، جي نيا نڪونج.

 

(1093)

پـُـٽَ نرنانءَ جا، ذات جانور گهر جا.

 

نرنان=الله اوڀايو. ذات=مانگَ>مانگر.

جانور=مڇ. گهر جا=ڳٿا>ڳـِـٿا.

پـَـٽ الله اوڀايي جا مانگر مڇ ڳـِـٿا.

 

(1094)

نالا ته گهڻئي بهادر هئا، پر ڪيائين منهن جو هڪڙو.

 

نالو=مانجهي. بهادر=مـَـل. مـُـنهن جو=چڪ.

مانجهي ته گهڻئي مـَـل هئا، پر ڪيائين چڪ هڪڙو.

 

(1095)

نالي ۽ نرناءُ کي، ساري ڏج سلام،
ته اوهان ڪئي مال جي، ڪکن جي ڪئي ڪامَ.

 

نالو=مورڙو. نرنانءُ=ملاح. مال جي=ٽـَـڪ.

ڪکن جي=دَن>اَدن.

مورڙي ملاح کي، ساري ڏج سلام،
ته اوهان ڪئي ٽـَـڪن جي، ادن جي ڪئي ڪامَ.

 

(1096)

جهنگ جا! اُٿي شهر جي ڪر، هو نرنالا ئي نه.

 

جهنگ جا=مور. شهر جي=ڀيڙ>ڀيڻن. نرنالو=

وريو>وريا.

مورڙا! اُٿي ڀيڻن جي ڪر، هو وريائي نه.

 

(1097)

ادا! پانهنجون تو عضوي، ونءُ جر جي.

 

پانهنجون=لـڄـون. عضوو=ڳل>ڳلي. جر جي=

مـَـڇ>مَ+ڇڏي.

ادا! هي لڄون تو ڳـَـلي، ونءُ مَ ڇڏي.

 

(1098)

نالا ته اڳئي ويا، پر اَن جو به اوڏانهون.

 

نالو=ڇـَـتو>ڇـَـتا>ڇهه+تان. ان جو=ستون.

ڇهه تان اڳئي ويا، پر ستون به اوڏانهون.

 

(1099)

وڃ نه وڏي سامهون، هو ڏيهون آپڪي، ٿو،
                                مال رڇ ڪري.

 

وڏو=ويري. ڏيهه=ڪڇ. آپڪي=آهه.

مال=منجهـِـي>منجهه. رڇ=خونچو>خون.

وڃ نه ويريءَ سامهون، هو ڪڇئون آهه ڪري،
                      ٿو منجهه خون ڪري.

 

(1100)

نالو اٿم هيٺ من ذات ڏسان.

 

نالو=لهڻو. ذات=ڪمانگر>ڪي+مانگر.

لهڻو اٿم هيٺ، من ڪي مانگر ڏسان.

 

(1101)

گاهه ٻڌي هٿيار کڻي، وڃي مرون ماريندس.

 

گاهه=ڪـَـل. هٿيار=ڪات. مـِـرُون=مانگر.

ڪـَـل ٻڌي ڪات کڻي، وڃي مانگر ماريندس.

 

(1102)

پنهنجيءَ کان پوءِ ٿي ذات نئين کي.

 

پنهنجي=ٽـُـٻي. ذات=کيبر>خبر. نئين=مورَ

(ٻـُـور جي).

ٽـٻيءَ کان پوءِ ٿي خبر مور کي.

 

(1103)

ڏيئي ذات عضوي ۾، وڃي ڪو ڪاٺ جو ڏٺائين.

 

ذات=ڪاتيار>ڪات. عضوو=ڪليون.

ڪاٺ جو=ڀانڊو.

ڏيئي ڪات ڪلين ۾، وڃي ڪو ڀانڊو ڏٺائين.

 

(1104)

نرنانءُ مرون سان، ٿو جر جن منجهه وڙهي.

 

نرنانءُ=مورڙو. مرون=مانگر.  جر جون=ويـِـريون.

مورڙو مانگر سان، ٿو ويرين منجهه وڙهي.

 

(1105)

آجهي جيءُ جڙيو، وڻ جي ڪـُـتي سان.

 

اَجهي(جي)=وِيري(اها پـَـتر جا ڪوٺيءَ جي

وچان ڏجي)>وِيرين. جڙيو=ويڙهيو>وڙهيو.

وڻ جي=موري>موريو>مورڙيو. ڪـُـتو=مانگر.

وِيرين منجهه وڙهيو، مورڙيو مانگر سان.

 

(1106)

ٻه ٻوليون ڪري وڃي نرنانءُ وکر ٿيو.

 

ٻه ٻوليون=هاءُ ۽ هوءَ. نرنان=موريو>مورڙو.

وکر=زهر>ظاهر.

هاءُ هوءُ ڪري وڃي مورڙو ظاهر ٿيو.

 

(1107)

وَمون منجهه پڪو، نرنانءُ ئي جنگ جو ڪيو.

 

وَمون=ڪـَـڇون. پڪو=تـَـريو. نرنانءُ=مورڙو.

جنگ جو=مات.

ڪڇون منجهه تـَـريو، مورڙي مات ڪيو.

 

(1108)

ڪاريگر جي ڪم ۾، ڪو مرون مست هئو،
پکي اچي پيو، جو مرون کي ماري ويو.

 

ڪاريگر=ڪـُـلاچي. ڪم(جو)=ڪـُـنو>ڪـُـن.

مرون=مانگر. پکي=مور>مورڙو. مرون=مڇ.

ڪـُـلاچيءَ جي ڪـُـن ۾، ڪو مانگر مست هئو،
مورڙو اچي پيو، جو مـَـڇَ کي ماري ويو.

 

------

 

باب نائون

سرائتيون ڳجهارتون: ليلان ۽ چنيسر

(1109)

ڪاٺيون ڀڃي ڪاٺ، ڪورت پئي اَن جا ڪيا.

 

ڪاٺي(جي)=تاڙي>تاڙيون. ڪاٺ(جو)>طاق.

عورت=ليلان. اَن جا=اَکا>لـِـياکا>(لياڪا).

تاڙيون ڀڃي طاق، ليلان پئي لياکا ڪيا.

 

(1110)

مال جي ليلان، ڪڙمڪي چنيسر.

 

مال جي>مين(آواز)> اڳ ۾. ڪڙمڪي>ڪـَـڍَ.

(ڳاڌيءَ واري نوڙي).

اڳ ۾ ليلان، ڪڍ (هـُـيو) چنيسر.

 

(1111)

ڪڍي رڱ جـِـيوَڏ مان ڪاٺي چنيسر.

 

رڱ= بور. جـِـيوَڏ=پونئرو>بـُـهرو. ڪاٺي=

چاڙهي.

ڪڍي بور بـُـهري مان، چاڙهي چنيسر.

 

(1112)

ليلان هڏ فقير، چنيسر ته ٻولي ڙي.

 

فقير=گسائين>گـُـسائي. ٻولي=ڏٺي.

ليلان هڏ گـَـسائي، چنيسر ته ڏٺي ڙي.

 

(1113)

جڏهن لوهه جي ليلان، تڏهن ڪاٺ جو چنيسر.

 

لوهه جي=ڏنگي. ڪاٺ جو=نه پـَـنو>پـُـنو.

جڏهن ڏنگي ٿي ليلان، تڏهن نه پـُـنـُـو چنيسر.

 

(1114)

ليلان لوهه، چنيسر ڪپڙو.

 

لوهه(جو)=نعل>نال. ڪپڙو=پوچو.

ليلان نال، چنيسر پوچو.

 

ڪؤنروءَ جو اچڻ ۽ چنيسر سان پرڻجڻ

(1115)

ڪـُـتي والي، چرخي والي، ڪـَـکُ ڳوليندي وتي.

 

ڪـُـتي والي=ڪـَـئـُـون. چرخي والي=رئـُـون.

ڪـَـکُ=سـَـر>چنيسر.

ڪؤنرو چنيسر ڳوليندي وتي.

 

(1116)

ليلان ته ذات پر نار نان عورت اَن جو ڪندي.

 

ذات=سولنگي>سؤرنگي. نارنان=ڪؤنرو.

عورت=جپني>جي+پـُـني. اَن جو=اگهه.

ليلان ته سؤرنگي، پر ڪؤنرو جي پـُـني ته اگهه ڪندي.

 

(1117)

ليلان جهل جبل جون، مال واريون ٿيون اچنئي.

 

جبل جون=چـَـڪيون. مال واريون=بـُـکاريو.

ليلان جهل چڪيون،(جو) بکاريون ٿيون اچنئي.

 

(1118)

کاڄ جي ذات ڪريو ٿي ذات پاڻ.

 

کاڄ جي=سنگائڻ(مصري)>سانگائڻ. ذات=

گـِـلال>گلا. ذات=سـُـها>سـُـهائي.

سانگائڻ گـِـلا ڪريو ٿي سـُـهائي پاڻ.

 

(1119)

آءُ واڻڪي ڪرته مال جي ڏيان”.

 

واڻڪي=ڌوتي>ڌُوتي. مال جا=وَڳ>وَڳا.

مال جي=ڏِهاڙي.

آءُ ڌُوتي، ڪر وڳا ته ڏهاڙي ڏيان”.

 

(1120)

توکي ٻيڙيءَ ۾ راند جي، مون کي ڪپڙوگاهه چڱو.

 

ٻيڙيءَ(جي)=ڪـَـپي>کـپي، راند جي=هار.

ڪپڙو=چـُـني. گاهه=سـَـر.

توکي کپي هار، مون کي چنيسر چڱو.

 

(1121)

عورت مرد ڳهه تي نرنانءُ.

 

عورت=ليلان. مرد=چنيسر. ڳهه=هار.

نرنانءُ=ڏنو.

ليلان، چنيسر هار تي ڏنو.

 

(1122)

ليلان وڻ لـُـڏي، راند جي ٿي پئي.

 

وڻ=اَڪ. لـُـڏي= لـَـمي. راند جي=ڪـَـچي.

ليلان عقل ۾ ڪـَـچي ٿي پئي.

 

(1123)

راند جي نه هئي ليلان، پر واڻئي جي لوڏي وڌي.

 

راند جي=ڀل>ڀـُـلڻي. واڻئي جي=لالـچ.

ڀـُـلڻي نه هئي ليلان، پر لالـچ لوڏي وڌي.

 

(1124)

ليلان شهر نه ڳالهه، ته ڪؤنرو سٽ جي ڪندي.

 

شهر=لـَـکي. سـُـٽ جا=هـَـڪَ>نا+حق.

ليلان لـَـکي نه ڳالهه، ته ڪؤنرو ناحق ڪندي.

 

(1125)

ليلان ته جنڊ جي، ڪؤنرو حاڪيماڻي.

 

جنڊ جي=ويسوڙي. حاڪيماڻي=ڊوهي.

ليلان ته ويسوڙي، ڪؤنرو ڊوهي.

 

(1126)

ڪپڙ نالي گاهه، عورت وڌو ملڪ ۾.

 

ڪپڙ=ڇور>چور>چوري. نالو=چنيسر. گاهه=

سـَـرُ. عورت=ڪؤنرو. ملڪ=ڪڇ.

چوري چنيسر، ڪؤنروءَ وڌو ڪڇ ۾.

 

(1127)

وڻ جي ساري رات، نالو هڪ گهڙي.

 

وڻ جي=سـِـمي. نالو=پسند.

سـِـمي ساري رات، پسند هڪ گهڙي.

 

(1128)

ليلان، چنيسر ذات ويٺي، پر ڪؤنرو ڪکن جو
                                ڪري ويئي.

 

ذات=کٽي. ڪکن جو=ٻـُـهارو>ٻـُـهاري.

ليلان، چنيسر کٽي ويٺي، پر ڪؤنرو ٻـُـهاري
                                کڻي ويٺي.

 

(1129)

ليلان لوهه لڳو ته ڪؤنرو وڻ ٿي پئي.

 

لوهه=هول. وڻ=ڪنوار ٻوٽي>ڪنوار.

ليلان هول لڳو ته ڪؤنرو ڪنوار ٿي پئي.

 

(1130)

هو نالو، ته پکيءَ جو پيو.

 

نالو=وڪيو. پکيءَ جو=ڪـُـوڪريو.

هـُـو وڪيو، ته ڪـُـوڪرو پيو.

 

ليلان جو پڇتائڻ

(1132)

تن نالن کي مان باهه ڏيان، جن ڪپڙي هار ورتو.

 

نالو=گامن(وِکن). ڪپڙو=ڀريل>ڀري.

تن گامن کي مان باهه ڏيان، جن ڀري هار ورتو.

 

(1133)

مـِـرون ڪاٺ پيو، تڏهن مون کان نالو ويو.

 

مرون=ڀولو. ڪاٺ(جو)=مـَـن. نالو=سڄڻ.

ڀولو مـَـن پيو، تڏهن مون کان سڄڻ ويو.

 

(1134)

ڪاٺي تڏهن ٿيس، جڏهن ڪاٺ جو وٺي نالو ڏنم.

 

ڪاٺي=هـَـلڪي. ڪاٺ جو=هر>هارُ. نالو=

يارو>يارُ.

هلڪي تڏهن ٿيس، جڏهن هار وٺي يار ڏنم.

 

(1135)

رڇ راند جي ڪري، مون کان ذات گاهه نيو.

 

رڇ=ڪؤنرو. راند جي=ڪپت. ذات=چنا.

گاهه=سـَـرُ.

ڪؤنروءَ ڪپت ڪري، مون کان چنيسر نيو.

 

(1136)

شهرجو، گهڻئي شهر هو، پر عورت کڻي وکر جو ڪيو.

 

شهر جو=گهر. شهر=ڀريل. عورت=نانگي.

وکر=ناس.

گهر گهڻئي ڀريل هو، پر نانگيءَ کڻي ناس ڪيو.

 

(1137)

پنهنجي تي سودو ڪيوسين، ته نر نالو ئي ويو.

 

پنهنجو=لـَـبُ. نر نالو=تيمور>مـُـورُ.

لب تي سودو ڪيوسين، ته مـُـورئي ويو.

 

(1138)

ذات ٻاراڻي ڪيام، نار نه وڻي نرنانءُ کي.

 

ذات=ڪاسائي>ڪاساعت. ٻاراڻي=لوڏ

نار=سيباڻي. نرنانءُ=صاحب.

ڪاساعت لوڏ ڪيام، سا نه سيباڻي صاحب کي.

 

(1139)

مان ته چيو نرنانءُ ٿيندو، پر هـُـو ذات ئون ويو.

 

نرنانءُ=نهال. ذات=هالا>حال.

مان ته چيو نهال ٿيندو، پر هـُـو حالئون ويو.

 

(1140)

نالو پائي حاڪيماڻو ٿيندياس، پر پوک جائي نه.

 

نالو=بهار>هار. حاڪيماڻو=سينگار.

پوک جا=رنگ.

هارپائي سينگار ڪندياس، پر اهي رنگ ئي نه.

 

(1141)

مون ڀانيو شهر ٿيندو، پر مان کؤن ٻيڙيءَ جو ئي ويو.

 

شهر=نؤرنگ>نئون+رنگ. ٻيڙيءَ جو=ساز.

مون ڀانيو نئون رنگ ٿيندو، پر مان کؤن سازئي ويو.

 

(1142)

مون ليکي ته نرنانءُ ٿيندو، پر ذات ئي ويو.

 

نرنانءُ=نورنگ>نئون+رنگ. ذات=سهاڳ.

مون ليکي ته نئون رنگ ٿيندو، پر سهاڳ ئي ويو.

 

(1143)

اهڙو ڪو ذات هار ورتم، جنهن ۾ مال جو ڏيئي ويٺيس.

 

ذات=پڙهيار>پڙهيل. مال جو=وَرُ.

اهڙو ڪو پڙهيل هار ورتم، جنهن ۾ وَرُ ڏيئي ويٺيس.

 

(1144)

وکر سڀ ڄمار، پر راند جي ساعت هڪڙي.

 

وکر=سنکيو>سکيس. راند جي=ٺـَـڳي>ٺڳيس.

سکيس سڀ ڄمار، پر ٺـَـڳيس ساعت هڪڙي.

 

(1145)

ڪاٺ آيم هيءُ، ته نالو ڪندو هار.

 

ڪاٺ=نهيلو>نه+حيلو. نالو=مـُـورڻ>

مـُـئو+رِڻُ.

نه حيلو آيم هيءُ، ته مـُـئو رڻ ڪندو هار.

 

(1146)

اَن جي ٻولي ڳهه ذات ڪري.

 

اَن جي=قيمت>قسمت. ٻولي=بگڙي. ڳهه=

پياجڙي>پهياج(پهاڄ). ذات=جـُـلاه> جلهه.

(جڏهن)قسمت بگڙي، (تڏهن)پهياج ٿي جـُـلهه ڪري.

 

(1147)

ڪاريگر جي، نرنالو مون ڪئي، نالو نه.

 

ڪاريگر جي=جاک>جا+خ. نر نالو=طائي.

نالو=ٻيلو>ٻئي+لوڙي.

جا خطا ئي مون ڪئي، ٻئي لوڙي نه.

 

(1148)

ولايت کان ليکي علم جو، تڏهن آيم مال عورت جو.

 

ولايت=الست. ليکي جو=انگ. علم جو=لکيو.

مال جو=ڏنڀ. عورت جو=ڏهاڳ.

الست کان لکيو انگ، تڏهن آيم ڏنڀ ڏهاڳ جو.

 

(1149)

نار مال جي اڳي هئي، پر هاڻ ٻولي ڪري ويئي.

 

نار=ڪؤنرو. مال جي=ڏندي> هو ڏندي.

ٻولي=ويساهه گهاتي.

ڪؤنرو، هوڏندي اڳي هئي، پر هاڻ ته ويساهه
                            گهاتي ڪري ويئي.

 

(1150)

مال جون ڄام چنيسر کي، نالو تنهنجي در،
انهيءَ مٽيءَ جون ليکي ۾، تون تان نالو ڪر.

 

مال جي=چوڙي>چئو+ڙي. نالو=دائي.

مٽيءَ جون=ڪچايون. ليکي(جي)=بندي.

نالو=بخش.

چئو ڙي ڄام چنيسر کي، دائي تنهنجي در،
اهي ڪچايون بنديءَ کي، تون تان بخش ڪر.

 

ليلان جون چنيسر کي منٿون ۽ ميارون

(1151)

ذاتين ۾ جا ذات هئي، سا ذات ويهاري تو،
توکي ڪو هو، نالو منهنجي شهر جو.

 

ذات = پاڙها>پاڙي. ذات=پهياج. ذات=ڪانڌڙا

>ڪانڌ. نالو=منصوبو. شهر=ڪڍڻ.

پاڙي ۾ جا پهياج هئي، سا ڪانڌ ويهاري تو،
توکي ڪو هو، منصوبو منهنجي ڪڍڻ جو.

 

(1152)

اُٺن جا ڏسي ڳهن ۾، تو ڪاٺ ئون جرجون ڪاٺ.

 

اُٺن جا=لوڏا. ڳهه=لـِـکَ>لـِـکيو. ڪاٺ=در.

جر جو=تـَـڙُ>تڙيو. ڪاٺ=داسو>داسڙا.

لوڏا ڏسي لکئي ۾، تو دَرَ تان تڙيو داسڙا!

 

(1153)

نرنانءُ جي نارنانءُ ۾، نار نالي هياس،
هاڻي نرنانءُ، تون ٿو رڇ ڪرين!

 

نرنانءُ=دوست. نرنانءُ=ديدار. نارنالو=دادلي.

نرنانءُ=موسو>مون+سـُـئو. رڇ=ٿوٻي>ٿو+ٻي.

دوست جي ديدار ۾، دادلي هياس،
هاڻي مون سـُـئو، ته تون ٿو ٻي ڪرين!

 

(1154)

مان نار نالا، مون کي عضوي جي نه ڏي.

 

نارنالا=هڪ نالو سـُـکي. ٻيو سـُـهج>سهنجي.

عضوو=پــُـٺي.

مان سـُـکي سهنجي، مون کي پٺي نه ڏي.

 

(1155)

جڏهن آءٌ اوهان جي وڻ جي، تڏهن وڻ جي ڏيو،
دوست ڏسي درياهه جا، مون سان راوَل رڇ ٿيو.

 

وڻ جي= هـَـري> هـِـري. وڻ= آسري> آسرو.

درياهه جو=ڪـَـچو>ڪـَـچا. رڇ=ڍڪڻ>ڍَڪُ.

جڏهن آءٌ اوهان تي هري، تڏهن آسرو ڏيو،
دوست ڏسي منهنجا ڪچا، مون تي راول ڍڪ ٿيو.

 

(1156)

وڻ جن ۾ نالو هئاسون، تون پنهنجو ڪيم وسار،
عورت توسان ڪانه ڪئي، تون تان ڏينهن سنڀار.

 

وڻ=واڌُڙ>وو ڌاڙن. نالو=شامل. پنهنجو=

مسح>م+سـَـهو. عورت=مـُـولي>مون+لائي.

وو، ڌاڙن ۾ شامل هئاسون، تون مَ سهو وسار،
مون لائي توسان ڪانه ڪئي، تون تان ڏينهن سنڀار.

 

(1157)

مرون راند جي ذات! علم جو پوئي ها ته نالو
                                ڪرين ڪين ها.

 

مرون=سهو. راند جي=ويل. ذات=داسڙا.

علم جو=ياد. نالو=لوڌي>لوڌين.

سـَـهي ويل داسڙا! ياد پوئي ها ته لوڌين ڪين ها.

 

(1158)

ماڻهو جي آءٌ نه ڪندياس، ڪتي جي تون نه ڇڏ.

 

ماڻهو جي=رِيسَ. ڪـُـتي جي=لوڌ>لوڌي.

ريس آءٌ نه ڪندياس، لوڌي تون نه ڇڏ.

 

(1159)

پنهنجون مون ڇڏيون، هاڻي ڪتن جون تون به ڇڏ.

 

پنهنجون=حجتون. ڪـُـتن جون=لوڌون.

حجتون مون ڇڏيون، هاڻي لوڌون(لوڌڻ) تون به ڇڏ.

 

(1160)

اي ميان چنيسر! کاڄ سان مال جو ڪر، نه ته ٿي
                نانءَ ۾ ٻار جي ٿيان.

 

کاڄ=ريوڙي>ري+وڙي. مال جو=وڙ.

نانءُ=فاروق>فراق. ٻار جي=چـَـٽ.

اي ميان چنيسر! ري وڙيءَ سان وڙ ڪر، نه ته ٿي
                        فراق ۾ چٽ ٿيان.

 

(1161)

ڪاٺ ئون پئي اٿم، تڏهن کڻي نالو ڪر.

 

ڪاٺ(جو)=هٿيو>هٿئون. نالو=بخشڻ>بخش.

هٿئون پيئي اٿم، تڏهن کڻي بخش ڪر.

 

(1162)

وڻ گهوڙي جا وَلها! ڏي ٻيڙيءَ جو مون،
جي مڇي ٿيان آءٌ، من ٻه نالا ٿين تون.

 

وڻ=اَڪ. گهوڙي جو=لـَـوَند. ٻيڙيءَ جو=سـُـهاڳ.

مڇي=ڏاهي. ٻه نالا=هڪ نالو صاحب. ٻيو راضي.

عقلوَند ولها! ڏي سهاڳ مون،
ڏاهي ٿيان آءٌ، من صاحب! راضي ٿين تون.

 

(1163)

چيائين، مون هٿان جهنگ جي.

 

جهنگ جي=پـَـئي.

چيائين، مون هٿان پئي.

 

(1164)

نالو نه هو ڪپڙي جي کي، منهنجي شهر جو.

 

نالو=مناسب. ڪپڙي جو=وَر. شهر=ڪڍڻ.

مناسب نه هو وَرَ کي، منهنجي ڪڍڻ جو.

 

(1165)

ڪڏهن وڻ جيئن هياس، پوءِ ڦري کڏ جي ٿياس.

 

وڻ جي=ماکي. کڏ جي=ڪـَـڙي.

ڪڏهن ماکيءَ جيئن هياس، پوءِ ڦري ڪڙي ٿياس.

 

(1166)

ڳهه مال جو ڪر، ته وري نالو مون،
ڄيري وڃي هار سو، جنهن مرض جي وڌي آهيان.

 

ڳهه=والي. مال جو=وَڙ. نالو=بخت. ڄيري جو=

سڙيو. مرض جي=جهوري.

والي! وَڙ ڪر ته وري بخت مون،
سڙيو وڃي هار سو، جنهن جهوريءَ وڌي آهيان.

 

(1167)

نار چئي نرنانءَ کي، ته اها پنهنجي نالو مون کي.

 

نار=ليلان. نرنانءُ=چنيسر. پنهنجي=خطا.

نالو=بخش.

ليلان چئي چنيسر کي، ته اها خطا بخش مون کي.

 

(1168)

مرض پئي، مون ڪامڻ ڪئي، هاڻي ڪاٺ جو ڪر!

 

مرض=چـُـڪَ. ڪامڻ=آزي. ڪاٺ جو=

محافو>معاف.

چـُـڪَ پئي، مون آزي ڪئي، هاڻي معاف ڪر!

 

(1169)

نالا مـَـين نـُـون، نالا مـَـين نه ڪريسان.

 

نالو=بخس. نالو=بهاول>بها+ول.

بخش مين نـُـون، بـَـها وَل مين نه ڪريسان.

 

(1170)

ذات چنيسر، ذات ليلان.

 

ذات=ڏيڪل>ڏي+ڪل. ذات=ڪـِـٿرا>

ڪٿ+رَهي.

ڏي ڪـَـلَ چنيسر، ته ڪٿ رهي ليلان؟

 

چنيسر جو ليلان کي جواب

(1171)

مون توکي چيو هو ته، اها ذات نالو نه ڪر.

 

ذات=درزي>در+جي. نالو=محرم.

مون توکي چيو هو ته، اها درجي محرم نه ڪر.

 

(1172)

ذاتيون ذات آڻ، نالو نالا نه اٿئي.

 

ذات=درس. ذات=ڏومَ. نالو=ڀرمو>ڀـَـر+مون نالو = چڱي، چڱيون.

دَرِ سي ڏوُن مَ آڻ، ڀـَـر ۾ چڱيون نه اٿئي.

 

(1173)

نالو نالي سان ليلان، تون ذات وٺڻ ڇو وئين؟

 

نالو=هوندو. نالو=سـُـوندرو>سوندو.

ذات=مڱڻهار.

هوندي سوندي ليلان، تون مڱڻ هار ڇو وئين؟

 

(1174)

نالو نالو تو، هاڻي پاهڻ جو ڪو ٻيو.

 

نالو=چنيسر. نالو=وِڪيو. پاهڻ جو=

گـُـهر>گـُـهر.

چنيسر وڪيو تو، هاڻي گهرُ ڪو ٻيو.

 

(1175)

ڪکن جي ڪامڻي، مال جو، پکيءَ جو ٻيو.

 

ڪکن جي=تونري>تون+ڙي. ڪامڻي=سـَـمي.

مال جو=ور. پکيءَ جو=ڪـَـرڪو.

تون ڙي سـَـمي! ور ڪر ڪو ٻيو.

 

(1176)

ڪـُـڙمڪي ذات ڪيئي، ڪو مال جو هو ڇا؟

 

ڪڙمڪو=ڇڪو. ذات=بـَـهائي>بها.

مال جو=ڍڳو.

ڇـِـڪي بها ڪيئي، ڪو ڍڳو هو ڇا؟

 

(1177)

نالو اٿئي ڙي ليلان! وڃي نالو ڪر.

 

نالو=لوڪـُـو>لوڪ. نالو=پسند.

لوڪ اٿئي ڙي ليلان! وڃي پسند ڪر.

 

(1178)

ليلان! اڳ ڪاٺن تي نه ڪـِـر، شهر پوندءِ.

 

ڪاٺ(جا)=پيرَ>پيرَن. خبر=ڪـَـل.

شهر=ڪلڪتو>ڪـَـل+ڪتئي.

ليلان! اڳ پيرن تي نه ڪر، ڪـَـل ڪـَـتئي پوندءِ.

 

(1179)

وڃ اڌ نالو کڻي، خبر شهر پوندئي،
شهر جر جن تي نارنان! ڪار نه اٿئي.

 

اڌ نالو=هار>مڱڻهار. شهر=ڪلڪتو>ڪـَـلَ+

ڪتئي. شهر=پوڪرڻ>پوءِ+ڪـِـرڻ. جر جا=

پيرا. نارنان=ليلان.

وڃ هار کڻي، ڪل ڪـَـتئي پوندئي،
پوءِ ڪـِـرڻ هتي، ليلان! ڪار نه اٿئي.

 

(1180)

ڪپڙ جو ڪري آئين ليلان! هاڻي پئي ٻار جي ڪرين
                             ته ڪو نالو ڪريو.

 

ڪپڙ جو=هٿ. ٻار جي=گيسي. نالو=

پٿورو>ٿورو.

هٿئون ڪري آئينءَ ليلان! هاڻي پئي گيسي ڪرين،
                            ته ڪو ٿورو ڪريو.

 

(1181)

شهر ڙي ليلان، تو نه نالو.

 

شهر=دو آبو>آب. نالو=لڌو.

آب ڙي ليلان! تو نه لڌو.

 

(1182)

توڙي شهر ڏين ته به نالو نه ڪريان آءٌ.

 

شهر=لکپت. نالو=اعتبار.

توڙي لک پت ڏين، ته به اعتبار نه ڪريان آءٌ.

 

(1183)

انهن بڇڙن هٿيارن ڪـَـنـَـون مين ليلان مال دي.

 

هٿيار=ڪان>اَرڪان. مال دي=ڇوڙي.

انهن بڇڙن ارڪانن ڪنون مين ليلان ڇوڙي.

 

(1184)

ٻولي اٿئي ليلان! هاڻي ويٺي ٻولي ڪر، پنهنجو
                                  ٿيندوئي ڪونه ڪو.

 

ٻولي=جواب. ٻولي=سوال. پنهنجو=نفعو.

جواب اٿئي ليلان! هاڻي ويٺي سوال ڪر، نفعو
                                ٿيندئي ڪونه ڪو.

 

(1185)

هـُـرلي جي هجئي ليلان، جو مال جا ٿي ڪرين!

 

هرلي جي=جوڳ. مال جا=سودا.

جوڳ هجئي ليلان، جو سودا ٿي ڪرين!

 

(1186)

ايٽ جا اٿئي ليلان، اڃان ٿي راند جا ڪرين.

 

ايٽ جا=جوڳ. راند جا=سعيا.

جوڳ اٿئي ليلان، اڃان ٿي سعيا ڪرين.

 

(1187)

ڪاٺ مـُـٺينءَ ڙي ليلان! هاڻي فقير جو اٿئي.

 

ڪاٺ(جو)=نشان>شان. فقير جو=جوڳ.

شانُ مٺينءَ ڙي ليلان! هاڻي جوڳ اٿئي.

 

(1188)

ليلان! لوهه جا نالو.

 

لوهه جا=ماشا. نالو= خدا.

ليلان! ماشا خدا.

 

ليلان جا ڪؤنرو کي طعنا ۽ پاراتا

(1189)

هو جي ٻه ڪاٺيون آيون، تن اَچي راند جي ڪئي.

 

ڪاٺ جون=پـُـتليون. راند جي=بازي.

هو جي ٻه پـُـتليون آيون، تن اَچي بازي ڪئي.

 

(1190)

مال واريون جي آيون، سي مٽيءَ جا ڪري ويون.

 

مال واريو=خچريون. مٽيءَ جا=کـُـورا.

خچريون جي آيون، سي کـُـورا ڪري ويون.

 

(1191)

هو نالي واريون آيون، جني ذات جو ڏنو،
تني  کي آءٌ، ڏيئي مال جو ويٺي آهيان.

 

نالو=نصير>نه+سي+رَنون. ذات=پڙهيار>

پڙهي+هار. مال جو=وَرُ.

هو نه سي رنون آيون، جني پڙهي هار ڏنو،
تني کي آءٌ، ڏيئي وَرُ ويٺي آهيان.

 

(1192)

ذاتيون آيون، پر ڪي ڏاڍيون ذاتيون،
جن اچي ڪاسبڪو ڪيو ۽ چنيسر به نيائون.

 

ذات=سانگي>سانگياڻيون. ذات=بازيگر>

بازيگرڻيون. ڪاسبڪو=کـُـورو.

سانگياڻيون آيون، پر ڪي ڏاڍيون بازيگرڻيون،
جن اچي کورو ڪيو ۽ چنيسر به نيائون.

 

(1193)

اوهين وڏيون ذاتيون آهيو، پوک نه پڄندي سانوَ.

 

ذات=واگهه>واگهيون. پوک=ٿڏي.

اوهين وڏيون واگهيون آهيو، ٿڏي نه پڄندي سانوَ.

 

(1194)

اُٺ ٻولي جنڊ جي، هيءَ نارنان ڪٿان آئي؟

 

اُٺ جي=بـُـري. ٻولي=بيحيا. جنڊ جي=بيراهه.

نارنان=ڏائڻ.

هيءَ بـُـري، بيحيا، بيراهه، ڏائڻ ڪٿان آئي؟

 

(1195)

ڪؤنرو! مان وٽ پکي، ٻاراڻا ڪري کاڄ جا نيئي،
تهان پوءِ به ٿي حاڪيماڻا هلين!

 

پکي=وَهيو>ويهي. ٻاراڻا=ڌوتپا>ڌوُتپا.

کاڄ=ڀـَــت>ڀتار. حاڪيماڻا=وَرَ.

ڪؤنرو! مان وٽ ويهي، ڌُوتپا ڪري ڀتار نيئي،
تهان پوءِ به ٿي وَر هلين.

 

(1196)

عضوي منجهه ويهي، ٻار جو ڪيوئي،
نالو نيوئي، هاڻ ٿي پنهنجون ڪرين!

 

عضوو=پاسو. ٻار جو=ڌُتپو. نالو=ڀوتار>

ڀتار. پنهنجون=چٿرون.

پاسي منجهه ويهي، ڌتپو ڪيوئي،
ڀتار نيوئي، هاڻ ٿي چٿرون ڪرين.

 

(1197)

نارنان! تون ٿي راند جا ڪرين، آءٌ ولايت ۾ رڇ
                                جي ڪنديسئين.

 

نارنان=رَنَ. راند جا=دولاب. ولايت=قيامت.

رڇ جي=هاري>ڏوهاري.

رَن! تون ٿي دولاب ڪرين، آءٌ قيامت ۾
                     ڏوهاري ڪنديسئين.

 

(1198)

تڙ مال جي ڪؤنرو! ته ان جو ڪنديسئين.

 

تڙ جي=ڪـَـرَ>جيڪر. مال جي=گڏي(گڏجاڻي).

ان جو=اگهه.

جيڪر گڏيسئين ڪؤنرو! ته اگهه ڪنديسئين.

 

(1199)

حاڪيماڻي ڪؤنرو! دنيا ڪي خدا،
ڀلا ڙي فقير، تو به ڪين گهٽايو.

 

حاڪيماڻي=آنڪي>اَنڪي(بڇڙي). دنيا=ماسا>

مان سان. فقير=اُڌوتي>ڌوتي.

آنڪي ڪؤنرو! مان سان ڪي خدا،
ڀلا ڙي ڌوتي! تو به ڪين گهٽايو.

 

(1200)

نارنان! ڪکن جي ڪنهن ڪانه ڪئي، تون تڏهن
                                ٿي نالا ڪرين.

 

نارنان=ڪؤنرو. ڪکن جي=جهـَـل. نالو=

ڏامون>ڏامان>لوڏامان.

ڪؤنرو! مون کي جهل ڪنهن ڪانه ڪئي، تون تڏهن
                                 ٿي لوڏامان ڪرين.

 

(1201)

ڪؤنرو! پکي پـُـونئي، منهنجو گاهه نيوئي.

 

پکي=ڪارڪڻڇي. گاهه=سرُ>چنيسر.

ڪؤنرو! ڪارَڪڻڇيون پونئي، منهنجو چنيسر نيوئي.

 

(1202)

لوهه جون هڻي نرنانءُ نيئي، اڃان به چوين ٿي ذات ڙي.

 

لوهه جون = گزيون. نرنان=چنيسر. ذات=ڪسر.

گزيون هڻي چنيسر نيئي، اڃان به چوين ٿي ڪسر ڙي!

 

(1203)

مٽيءَ جو هار تنهنجو، ڄيري توئي ساڻ،
جنهن سان روح ٻنڌاڻ، سو ڏينم مڇي ڪانڌ ڙي!

 

مٽيءَ جو=کامون>کامي. ڄيري جو=سڙيو.

مڇي=پلو>پـَـلئي.

کامي هار تنهنجو، سڙي توئي ساڻ،
جنهن سان روح ٻنڌاڻ، سو ڏينم پلئي ڪانڌ ڙي!

 

(1204)

نالو مون جي ڪانڌ، ته نالو توئي ساڻ،
جنهن سان روح ٻنڌاڻ، سو ڏي نالي ۾ ڪانڌ ڙي!

 

نالو=وڪيو. نالو=ٽڪيو. نالو=ورايو.

وڪيو مون جي ڪانڌ، ته ٽڪيو توئي ساڻ،
جنهن سان روح ٻنڌاڻ، سو ڏي ورائي ڪانڌ ڙي!

 

(1205)

مٽيءَ جي ڪؤنرو! مون کان ٿي، مون ڪپهه جو
                                توئي ساڻ،
جنهن سان روح ٻنڌاڻ، سو ڏي نالي ۾ ڪانڌ ڙي!

 

مٽيءَ جي = ڪچي. ڪپهه جو=مـَـٽڻ>مٽيو.

نالو=جانـُـو>جانو.

ڪـَـچي ڪؤنرو! مون کان ٿي، جو مون مٽيو توئي ساڻ،
جنهن سان روح ٻنڌاڻ، سو ڏي جاني ۾ ڪانڌ ڙي!

 

(1206)

جنڊ جي ليلان ٿي، حاڪيماڻي ڪؤنرو!

 

جنڊ جي=پـِـنـِـي. حاڪيماڻي=ڏي.

پني ليلان ٿي، ڏي تون ڪؤنرو!

 

(1207)

نالو ڀريو ٿي نالو وٺان، سو نالو نه ڏينديسانِ،
راند جي ۽ ڪـُـڙمڪي، اُتي چونديسانِ.

 

نالو=جانـُـو>جانو. نالو=جاني. نالو=گهـُـريو.

راند جي=پاهڻي>پاڻهي. ڪڙمڪو=پير>پيرائتي.

جانو ڀريو ٿي جاني وٺان، سو گهريو نه ڏينديسانِ،
(اها) پاڻيهي اتي، پيرائتي چونديسانِ.

 

ڪونروءَ جو ليلان کي جواب

(1208)

ليکو ڙي ليکو، ليلان ليکو ڇا؟

 

ليکو=ڏنو. ليکو=ورتو. ليکو=لهڻو.

(تو) ڏنو (مون) ورتو، ليلان لهڻين ڇا؟

 

(1209)

لڪڙيءَ جي تو، چور جو مون، جيت وانگي
                                آزار ڪيون؟

 

لڪڙيءَ جو=بينچ>بيچا. چور جو=لـِـيو.

جيت=پتنگ. آزار=پچڻ.

ٻيچا تو، لـِـيا مون، وري پتنگ وانگي پچڻ ڪيون؟

 

(1210)

نالو تو، نالو مون، اڃان ٿي ڪاٺ جا ڪرين!

 

نالو=وڪيو. نالو=ڳڌو. ڪاٺ جا=رِينگا.

وڪيو تو، ڳڌو مون، اڃان ٿي رينگا ڪرين!

 

(1211)

نام ڀريو ٿي نام چئين، هي نام نه ڏينديسان”،
راند جون ڪاٺ جون، توکي ٻولايون ٿي چوان.

 

نام=جانـُـو>جانو. نام=جانب. نام=جاني.

راند جي=پـِـڙي. ڪاٺ جي=پـَـٽي.

جانو ڀريو ٿي جانب چئين، هي جاني نه ڏينديسانءِ،
پـِـڙيئون پٽيئون توکي، ٻولايو ٿي چوان.

 

(1212)

ٻولي! پاراتو، هاڻي ڪاٽي نه ڪر!

 

ٻولي=وڃ. پاراتو=ڀينگي. ڪاٽي=اوڌ>هوڏ.

وڃ ڀينگي، هاڻي هوڏ نه ڪر!

 

(1213)

ڪاٺ ئون وٺيو ڳهه، پوءِ ٿي ليکي جا ڪرين.

 

ڪاٺ(جو)=هٿيو>هٿئون. ڳهه=هارَ.

ليکي جا=چوچا.

هٿئون وٺيو هار، پوءِ ٿي چوچا ڪرين.

 

(1214)

عضوو عضوي تي رکي، پوءِ شهر ڙي!

 

عضوو=ڪنڌ>ڪانڌ. عضوو=مڻڪو>مڻيو.

شهر=گهرڙي>گهـُـرين+ڙي.

ڪانڌ ميڻي تي رکي، پوءِ ٿي گهـُـرين ڙي!

 

(1215)

ڏينهن جو ليلان مون نه ڪيئي، هو پنهنجو توئي ساڻ،
جنهن سان روح ٻنڌاڻ، سو ڪيئن ڏيان نالي ۾ ڪانڌڙي!

 

ڏينهن جو=ظلم. پنهنجو=عقل. نالو=موٽيو>موٽائي.

ظلم ليلان مون نه ڪيئي، هو عقل توئي ساڻ،
جنهن سان روح ٻنڌاڻ، سو ڪيئن ڏيان موٽائي ڪانڌ ڙي!

 

(1216)

مون ته وکر توسان ڪونه ڪيو، تو ڪيو وکر
                        نرنان سان،
جو مال جن مان ڪڍي، مون کي ذات ڏنئي.

 

وکـــر= ڌوپ> ڌوپڻ> ڌُتپڻ. وکــر= کس کس>

خاص. نرنان=خوشي. مال جا=ڪڇي>ڪڇئون.

ذات=ڪانڌڙا>ڪانڌ.

مون ته ڌُتپڻ توسان ڪونه ڪيو، تو ڪيو خاص
                        خوشيءَ سان،
جو ڪڇئون ڪڍي، مون کي ڪانڌ ڏنئي.

 

(1217)

مرض لڳئي ليلان! چم جا مون کي نه ڏي.

 

مرض=سرسام. چم جو=خام.

سرسام لڳئي ليلان! خام مون کي نه ڏي.

 

(1218)

نالو ويو اٿئي نڪري، تڏهن نالو ٻولين ڇو؟
ذات به پنهنجي تو ڪئي، ٻئي جو ڪونهي ڏوهه.

 

نالو=بختاور>بخت. نالو=ڪؤڙو. ذات=

بـَـهائي>بها.

بخت ويو اٿئي نڪري، تڏهن ڪوڙو ٻولين ڇو؟
بها به پنهنجي تو ڪئي، ٻئي جو ڪونهي ڏوهه.

 

(1219)

مهتي ته ڪين هئينءَ، پر تو مهتي جو ڪيئن ڏٺو؟

 

مهتي=ڌَڙوائڻ>ڌاڙيلڻ. مهتي جو=تورڻ>تو+رڻ.

ڌاڙيلڻ ته ڪين هئين، پر تو رِڻ ڪيئن ڏٺو؟

 

(1220)

ليلان! نالو تنهنجو ويو، هاڻي نالو نه ڪر.

 

نالو=اوستو>واسطو. نالو=مامليو>معاملو.

ليلان! واسطو تنهنجو ويو، هاڻي معاملو نه ڪر.

 

(1221)

ليلان! ڇڏ ذات، ڪر مَ ذات، هاڻ تنهنجي
                                ذات ئي ناهي.

 

ذات=لاڙي>لـُـڙ. ذات=گيڙا>گوڙ. ذات جا=

اُستا>واسطو.

ليلان! ڇڏ لـُـڙ، ڪر مَ گوڙ، هاڻ تنهنجو واسطوئي ناهي.

 

(1222)

ملڪ ماڳ ليلان گاهه گاهه، ٿي پکي ڪرين.

 

ملڪ=جهـَـل. ماڳ=جهل. گاهه=وَل. پکي=

بـُـلبـُـل>بـَـل بـَـل.

جهول جهل ليلان! ول ول ڪري، ٿي بـَـل بـَـل ڪرين.

 

(1223)

ليلان! جڏهن مرد نانءُ ٿيو، تڏهن ڇو اڃان شهر ڪرين!

 

مرد=چنيسر. نانءُ=نيامون>نيو+مون. شهر=

مانجهند>مانجهاندا.

ليلان! جڏهن چنيسر نيو مون، تڏهن ڇو اڃا
                        مانجهاندا ڪرين!

 

(1224)

مٽيءَ جي ٿيءُ نه ليلان! تون اڃا ٿي مال جا ڪرين.

 

مٽيءَ جي=چـَـري. مال جا=پنڌ.

چري ٿي نه ليلان! تون اڃا ٿي پنڌ ڪرين.

 

(1225)

وکر ٿي ليلان، اڃان ٿي پوک جا ڪرين.

 

وکر=ناس>بي+ناسي. پوک جون=ميڙون.

بي ناسي ٿي ليلان، اڃان ٿي ميڙون ڪرين.

 

(1226)

پوک جي ليلان، اڃان پيئي گهوڙي جا ڪري.

 

پوک جي=پـَـتي>بي پـِـتي. گهوڙي جا=بانا>بهانا.

بي پـِـتي ليلان، اڃان پئي بهانا ڪرين.

 

(1227)

عضوي جي ليلان، اڃان پئي مال جون ڪرين

 

عضوو=پتو>بي پـِـتي. مال جي = ميڙي.

بي پـِـتي ليلان، اڃان پئي ميڙون ڪرين.

 

(1228)

اڙي ليلان! تو ۾ وکر پوک جو ناهي، اڃان ٿي
                                مال جا ڪرين.

 

وکر=ناس. پوک جو=پـِـتو. مال جا=اوڳارا>ڳارا.

اڙي ليلان! تو ۾ ناس پتو ناهي، اڃان ٿي ڳارا ڪرين!

 

(1229)

لوهه جي ليلان! اڃان پئي وڻ جا ڪرين.

 

لوهه جي=بيلَ>بي+لڄي. وڻ=آسري(لئو)>آسرا.

بي لڄي ليلان! اڃان پئي آسرا ڪرين.

 

(1230)

لوهه جي ليلان! اڃان پئي مال جو ڪرين.

 

لوهه جي=بيلَ>بي لڄي. مال جو=پنهنجو.

بي لڄي ليلان! اڃان پئي پنهنجو ڪرين.

 

(1231)

لوهه جي ليلان، اڃان ٿي راند جون ڪرين.

 

لوهه جي=بيلَ>بي+لڄي. راند جون=چڙهيون.

بي لڄي ليلان، اڃان ٿي چڙهيون ڪرين.

 

(1232)

لوهه جي ليلان! اڃان ٿي مٽي مال جا ڪرين.

 

لوهه جي=بيلَ>بي لڄي. مٽيءَ جا=تـَـڪ.

مال جا=بـَـرا>بـَـر.

بي لڄي ليلان! اڃان ٿي تڪبر ڪرين.

 

(1233)

جر جي ليلان، ڪپڙي جا ڪريو، هاڻي ٿي
                گهوڙي جا ڪرين!

 

جر جي=چري. ڪپڙي جا=اَگهه. گهوڙي جا=نخرا.

چري ليلان! اَگهه ڪريو، هاڻي ٿي نخرا ڪرين.

 

(1234)

لوهه جي ليلان، اڃان پيئي مال جا ڪرين.

 

لوهه جي=دُري>دور. مال جا=آسرا.

دُور ٿيئن ليلان، اڃان پيئي آسرا ڪرين.

 

(1235)

اوزار ليلان! اڃان پيئي اُڀ جا ڪرين.

 

اوزار=ريهه>رهه. اُڀ جا=لـُـڙَ.

رهه ليلان، اڃان پئي لـُـڙ ڪرين.

 

(1236)

باهه جا لڳي ليلان، اڃان ٿي مال جا ڪرين.

 

باهه جا= ساڙ. مال جا=ٿاهر.

ساڙ لڳنئي ليلان! اڃان ٿي ٿاهر ڪرين.

 

(1237)

وڻ وڃئي ليلان، اڃان ٿي مال جا ڪرين.

 

وڻ=اَڪ>عقل. مال جا=ڦيرا.

عقل وڃئي ليلان، اڃان ٿي ڦيرا ڪرين.

 

(1238)

وڻ راند جي ليلان، اڃان ٿي راند جون ڪرين.

 

وڻ=اَڪ>عقل. راند جي=گـُـٿي. راند جون=

گيسيون.

عقلئون گـُـٿي ليلان، اڃان ٿي گيسيون ڪرين.

 

(1239)

ليکي جي ڪيئي ليلان! هاڻ ٿي ليکي جي ڪرين.

 

ليکي جي=ڀـُـل. ليکي جي=ڪـُـپت.

ڀـُـل ڪيئي ليلان! هاڻ ٿي ڪپت ڪرين.

 

(1240)

لوهه جا پونئي ليلان! اڃان ڪپڙي جا ڇو ڪرين؟

 

لوهه جا=گهوڙا. ڪپڙي جا=اوڄا>اوجاڳا.

گهوڙا پونئي ليلان! اڃان اوجاڳا ڇو ڪرين؟

 

(1241)

اُڀ ۾ آئي ليلان، تون اڃان پئي راند جا ڪرين.

 

اُڀ ۾=ڀيڄ ڀني. راند جا=ڀوڳ.

ڀيڄ ڀني آئي ليلان، تون اڃان پئي ڀوڳ ڪرين.

 

(1242)

لوهه جون لڳنئي ليلان، وڃي ڪپڙي جون ڪر.

 

لوهه جون=کـِـرڪيون. ڪپڙو=ڪفن.

کرڪيون لڳنئي ليلان، وڃي ڪفن جون ڪر.

 

(1243)

پوک جو اٿئي ليلان! جنگ جي نه.

 

پوک جو=اسم. جنگ جي=جهـِـڻڪ.

اِسم اٿئي ليلان! جهـِـڻڪ نه.

 

(1244)

ٻولي ٻولي نه چئو، مال جي ڏنئي پاڻ.

 

ٻولي=بار. مال جي=ڇؤڙي>ڇو+ڙي.

بار بار نه چئو، ڇو ڙي ڏنئي پاڻ؟

 

(1245)

نالو اٿئي ليلان ذات گاهه کي، هاڻي راند جا مَ ڪر.

 

نالو=مٽيو. ذات=چنا>چني. گاهه=سر.

راند جا=هـُـل.

مٽيو اٿئي ليلان چنيسر کي، هاڻي هـُـلَ مَ ڪر.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org