باب چوڏهون
سرائتيون ڳجهارتون: نوري ۽ ڄام تماچي
(2324)
ڪپڙي ۾ ٿي نار سـُـڄي، سڻ نالن جا نرنانءَ ميان!
ڪپڙو= کيسُ> کيسـَـن. نار= نوري. نالو=
سـَـمو. نرنان= سلطان.
کيسـَـنِ ۾ ٿي نوري سـُـڄي، سڻ سمن جا سلطان ميان!
(2325)
نرنان جڏهن نر نالي ڏٺي، عضوي ڪپڙي جي.
نرنان= تماچي. نار نالو= نوري. عضوو= دل.
ڪپڙو= هرک> هرکجي.
تماچي جڏهن نوري ڏٺي، (پيس) دل هرکجي.
(2326)
نرنان نالو ذات فقير ڪيو، نه ته هو نرنان ڪاٺ جو.
نرنان= ڄام. نالو= تماچي. ذات=ميءَ. فقير=
مستان. نرنان= صاحب. ڪاٺ جو= تخت.
ڄام تماچي ميءَ مستان ڪيو، نه ته هو صاحب تخت جو.
(2327)
هئي ته ڪـِـنَ جي پر ذات واري کڻي نارنالي ڪئي.
ڪـِـنَ جي= گندي> گندري. ذات= سمو. نارنالو=راڻي.
هئي ته گندري، پر سمي کڻي راڻي ڪئي.
(2328)
ڪکن واري پوک جي، نوڙيءَ جو نرنان جو،
مٽيءَ جا ماڻهن جا ذات لئي، واهه نالو نرنان جو،
واهه مرض هٿيار جو، جو ڪاٺ جن سان ڪاٺ ٿيو.
ڪکن جي= کاري. پوک جي= ساڻِ (سنگن جي
ساڻائي). نوڙيءَ جو= پيچ. نرنان= سمو. مٽيءَ جا=
محل. ماڻهن جا= اوسر (لاڳيتي قطار ڪرڻ)> اُسريا.
ذات= مهاڻا. نالو= راڄو> راڄ. نرنان= سمو.
مرض= عشق. هٿيار= تماچو> تماچي. ڪاٺ جا=
لاهه> ملاح.
کاريءَ واريءَ ساڻ، (پيو) پيچ سمي جو،
محل اُسريا مهاڻن لئي، واهه راڄ سمي جو،
واهه عشق تماچي جو، جو ملاحن سان ملاح ٿيو.
(2329)
ڪاٺَ لائق ناهه، کاڄ منهنجو سـُـٽ جون،
اَهڙوئي الله، جو نرنانءُ کي سـُـٽَ جو ڪلهي تي.
ڪاٺ جو= پلنگ. سـُـٽَ جون= ٻوريون. نرنانءُ=
ڄام. سـُـٽَ جو= ڄارُ.
پلنگ لائق ناهيان، کاڄ منهنجو ٻوريون،
اهڙوئي الله، جو ڄام کي ڄار ڪلهي تي.
(2330)
نرنان وڻ ڪلهي تي.
نرنان= ڄام تماچي. وڻ= ڄار.
ڄام تماچي (کي) ڄار ڪلهي تي.
(2331)
اي ذات وارا! ڇو ذات وارين تي پاڻ کي ذات ڪيئي؟
ذات وارا= سما. ذات واريون= مهاڻيون.
ذات= وڪيا> وڪيئي.
اي سما! ڇو مهاڻين تي پاڻ کي وڪيئي؟
(2332)
اي نالا نرنانءُ! ويهين ڪاٺين وچ ۾، توکي
پوک جي ٿئي ڪانه؟
نالو= ڄام. نرنانءُ= تماچي. ڪاٺيءَ جي= ڪـُـڙي.
پوک جي= ڇـَـٽ.
اي ڄام تماچي! ويهين ڪـُـڙِين وچ ۾، توکي ڇـَـٽ
(باس) ٿئي
ڪانه؟
(2333)
نالا نرنانءُ! ويهين نالن وچ ۾، توکي پوک جي
اچي ڪانه؟
نالو= سمو. نرنان= سلطان. نالو= ملاح> ملاحن.
پوک جي= ڇـَـٽ.
سما سلطان! ويهين ملاحن وچ ۾، توکي ڇـَـٽ اچي
ڪانه؟
(2334)
اي مٽيءَ جون! ڪينَ سڙو، مون پنهنجيءَ
مان
کٽيو.
مٽيءَ جون= ساميون> سميون. پنهنجي= نـِـوڙت.
اي سميون! ڪينَ سڙو، مون نوڙت مان کٽيو.
(2335)
تون نالو، آءٌ ذات، مون ۾ نالو مال جي.
نالو= سمو. ذات= گندري. نالو= اَبن> عيبن. مال
جي= جـُـوءِ.
تون سمو، آءٌ گندري، مون ۾ عيبن جـُـوءِ.
(2336)
ڪامڻيون سڀ پوک، ڪامڻ رڇ نه ڪا.
ڪامڻيون= سهڻيون. پوک= جاڻِ> سميجاڻيون.
ڪامڻ= نوري. رڇ= مـَـٽُ.
سميجاڻيون سڀ سهڻيون، پر نوريءَ مـَـٽ نه ڪا.
(2337)
ذات پانهنجي، ڪپڙي جو ڪونه.
ذات= ڪاراڻي> ڪا+ راڻي. پانهنجي= ميسَ>
ميءَ. ڪپڙي جو= تـُـرو> تـُـري.
ڪا راڻي ميءَ سان تـُـري ڪانه.
(2338)
جنهن کي گهڻي مان ٿورو مليو، سا نالو ڇو نه ڪري!
گهڻو= ڪينجهر. ٿورو= بخرو(= حصو). نالو=
ڏامو> لوڏامون.
جنهن کي ڪينجهر مان بخرو مليو، سا لوڏامان ڇونه
ڪري!
(2339)
هن تڙ مٿي نارنان بيٺي حاڪيماڻو ناهه.
تڙ= ڪينجهر. نارنانءَ= نوري. حاڪيماڻو= محصول.
ڪينجهر مٿي نوريءَ بيٺي محصول ئي ناهه.
------ |