ڀاڱو ٻيو
سُرن وار ڳجهارتون
هن ڀاڱي ۾ جملي ڳجهارتون جداجدا بابن هيٺ ورڇي رکيون ويون آهن. هر هڪ ڳجهارت
’ڏيڻي‘، ’ڀڃڻي‘ ۽ ’پـاون‘
سميت هيٺينءَ ترتيب موجب لکي ويئي آهي: پهريائين ڳجهارت جي ’ڏيڻي‘ نروار ڪري
ان ۾ ’پاوا‘ چـِـٽا ڪيا ويا آهن، ان بعد پاوَن مان
هرهڪ ’پائي‘ جي ڀڃڻي ۽ انهن ڀڃڻين مان ٺهندڙ لفظ ۽
انهن جون معنوي صورتون ڏنيون ويون آهن، ان کان
پوءِ سڄي ڪيل ڳجهارت يا سڄي ڀڃڻي ڏني ويئي آهي.
پهرئين باب ۾ قدرت جي ساراهه ۽ قدرت طرفان معجزن نبين، ولين ۽ درويشن بابت
ڳجهارتون رکيون ويون آهن. اهي ڳجهارتون ’مٿين
سـُـرن واريون‘ يا ’حقاني‘ جي عنوان سان مشهور
آهن. ٻئي باب ۾ تاريخي واقعن متعلق ڳجهارتون ڏنل
آهن. ٽئين باب کان پوءِ عشقيـہ قصن ۽ داستانن تي
ٻڌل ڳجهارتون جداجدا بابن هيٺ ڏنيون ويون آهن. ان
بعد رسالي جي سـُـرن، مجاز، سورهيائي، هدايت ۽
نصيحت واريون ڳجهارتون سلسليوار شامل ڪيون ويون
آهن.
----*---
قدرت جي ساراهه
باب پهريون
’مٿين سرن‘ واريون يا ’حقاني‘ ڳجهارتون
(1)
ٻن
نالن وچ
۾
ڪاٺ جي ٿئي ڪانه ميان.
ٻه نالا= هڪ عرش، ٻيو فرش. ڪاٺ جي= چاڙهي.
عرش فرش وچ ۾، چاڙهي ٿئي ڪانه ميان.
(2)
تنهنجي گهمئي آءُ نه پڄاڻ، جو ٿو نالو ڏين نرنانءَ
کي.
گهمئي<گهمڻ=وڙڪڻ<وَڙڪيو<وڙ+
ڪيو.
نالو= پـِـروز<روز. نرنان= خالق، خلق.
تنهنجي وَڙَ ڪئي آءٌ نه پڄان، جو ٿو روز ڏين خلق
کي.
(3)
اها پنهنجي آهي نرنانءَ کي، جنهن مال جن ۾ کاڄ
وڌو.
پنهنجي= قدرت. نرنان= خاوند. مال جن=
ٿڻ<ٿڻن.
کاڄ= کير.
اها قدرت آهي خاوند کي، جنهن ٿڻن ۾ کير وڌو.
نـــکــٽ
(4)
ڪاٺ شهر جو نالو ٿيو، سو جـَـرَ جو ٿيوئي ڪونه.
ڪاٺ جو= ڪتبُ
<قطب. شهر جو=
اوتارو<تارو. نالو=اِڀريو<اُڀريو.
جر جو= لٿو.
قطب تارو اُڀريو، سو لٿو ئي ڪونه.
(5)
نالو پنهنجي جاءِ، ڪاٺ راند جي تنهن کي.
نالو= قطب. ڪاٺ جي= کٽ. راند جي=
ڦيري<ڦـِـري.
قطب پنهنجي جاءِ، کٽ ڦـِـري تنهن کي.
(6)
هڪ نرنان نالي مٿان، مون ڪاٺيءَ جي ڦرندي ڏٺي،
ٻي به نرنان نالي مٿان، مون ڪاٺيءَ جي ڦرندي ڏٺي،
ٽي نار نالي اڳيان، مون ڪاٺيءَ جي ڦرندي ڏٺي.
نرنان= قطب. نالو= تارو. ڪاٺيءَ جي= کٽ.
نرنان= سمنڊ. نالو= دريا خان<درياءُ.
ڪاٺيءَ جي= ٻيڙي. نار= مسيت. نالو= دُرُو<
دَرو<در.
ڪاٺيءَ جي= تسبيح.
هڪ قطب تاري مٿان مون کـَـٽ ڦرندي ڏٺي،
ٻي سمنڊ درياءُ مٿان مون ٻيڙي ڦرندي ڏٺي،
ٽي مسيت در اڳيان مون تسبيح ڦرندي ڏٺي.
(7)
جيئڏ سڀ ڄمار، اَن جي ڏٺي ڪانڪا.
جيئڏ= ڀـَـٽـُـون. اَن جي= ڪـَـتي.
ڀـَـٽـُـونءَ سڀ ڄمار، ڪـَـتي ڏٺي ڪانڪا.
(8)
جيت چئي، الله! مون کي مٽيءَ جي ملا”.
جيت= وِڇون. مٽيءَ جي= ڪـَـتي.
وڇون چئي، الله! مون کي ڪـَـتي مـِـلا”.
عزازيل
(9)
نالي، نالي کي شهر نه ڪيو، تڏهن پوک جي ٿي ويو.
نالو= عزازيل. نالو= آدم. شهر= جـِـدو<سجدو.
پوک جي= تـَـڙ<تڙجي.
عزازيل، آدم کي سجدو نه ڪيو، تڏهن تڙجي ويو.
(10)
نرنان، پوک ڪپڙ جو ڪري، مال جو ٿي ويو.
نرنان= عزازيل. پوک جو= تڪ+ ڪپڙ جو=
بر<تڪبر.
مال جو= تڙيو<تڙجي.
عزازيل، تڪبر ڪري تڙجي پيو.
(11)
مرد نالي ساز هو، ڪپڙي جو ڪيائين ته نرنان ٿي پيو.
مرد نالي= عزيٰ+ ساز= زيل. ڪپڙي جو=
بر<تڪبر.
نرنان= شيطان.
عزازيل هو، تڪبر ڪيائين ته شيطان ٿي پيو.
اسرافيل
(12)
نرنان، ذات کنئي، پر پنهنجي ته نه.
نرنان= اسرافيل. ذات= نفيل. پنهنجي= ڦـُـوڪَ
<ڦوڪي.
اسرافيل نفيل کنئي، پر ڦوڪي ته نه.
عزرائيل
(13)
ولايت- ئون آيو نالو، جنهن اچي پوک جي ڪئي.
ولايت= عرش. نالو= عزرائيل. پوک جي= گهـُـٽ.
عرشئون آيو عزرائيل، جنهن اچي گهـُـٽ ڪئي.
حضرت آدم عليـہ السلام
(14)
نالو ۽ نارنان، پوک، ان ۽ سٽ جي ڪري، شهر مان ذات
ٿي ويا.
نالو= آدم. نارنان= حوا. پوک= ڪڻڪ.
اَن (جو)= داڻو. سٽ جي= کاهي<کائي.
شهر= بهشت. ذات= لوڌي<لوڌجي.
آدم ۽ حوا ڪڻڪ جو داڻو کائي، بهشت مان لوڌجي ويا.
(15)
نرنان، ملڪ تي علم جي ڪئي،
نرنان، نالو ڪري حاڪم جي ڏني.
نرنان= حضرت آدم. ملڪ= عرفات. علم جي= توبه.
نرنان= قادر. نالو= قبول. حاڪم جي= معافي.
حضرت آدم عرفات تي توبه ڪئي،
قــــــادر قبول ڪــــري، معافي ڏني.
هابيل ۽ قابيل
(16)
نالو ۽ نرنان، شهرئون اڳي هئا.
نالو= هابيل. نرنان= قابيل. شهر= سال.
هابيل ۽ قابيل، (ڪئين) سال اڳي هئا.
حضرت نوح عليـہ السلام
(17)
ڪاٺ، نالي ذات جي، نرنان، جرجن مان عورت ڪئي.
ڪاٺ جي= ڪشتي. نالو= نوح. ذات= نبي.
نرنان= قادر. جرجـِـن= لهرين. عورت= بچائي.
ڪشتي، نوح نبيءَ جي، قادر لهرين مان بچائي.
(18)
نالي هيٺؤن ذات، نرنان قابو ڪئي.
نالو= ڦوٽو. ذات= ريڍار. نرنان= قادر.
ڦوٽي هيٺؤن ريڍارِ، قادر قابو ڪئي.
هاروت ۽ ماروت
(19)
نالو ۽ نرنان، ٻئي ولايت ويا.
نالو= هاروت. نرنان= ماروت. ولايت= ڪنعان.
هاروت ۽ ماروت، ٻئي ڪنعان ويا.
(20)
نالو ۽ نرنان، ڪپڙي جي ڪيئن ذات ٿيا؟
نالو= هاروت. نرنان= ماروت. ڪپڙي جي=
اُبت<اُبتا.
ذات= ٽنگوڙي<ٽنگيا=
ڙي.
هاروت ۽ ماروت، اُبتا ڪيئن ٽنگيا ڙي؟
حضرت ابراهيم عليـہ السلام
(21)
نرنان گهڙيو جهنگ ۾، نار کي نرنان لڳو.
نرنان= حضرت ابراهيم. جهنگ= آڙاهه. نار=
بيبي ساران. نرنان= نورنگ<نئون+ رنگ.
حضرت ابراهيم گهڙيو آڙاهه ۾، بيبي ساران کي نئون
رنگ لڳو.
(22)
نرنان کي پنهنجو آيو، ته اُٿي نار نالي ڪر.
نرنان= خليل. پنهنجو= آواز. نار نالي= قرباني.
خليل کي آواز آيو، ته اُٿي قرباني ڪر.
(23)
اي نالا! ڪر پکي جو، نالي کي ته ذات ٿئين.
نالو= ابراهيم. پکي جو= ڪـُـهڻ<ڪـُـهه.
نالو= اسماعيل. ذات= ڪسر<ڪثر.
اي ابراهيم! ڪـُـهه اسماعيل کي ته ڪثر ٿئين.
(24)
نالي ۽ نرنان کي، نماز جيءَ ۾ اچي ڪاٺ جو ڏنائون.
نالو= ابراهيم+ نرنان= خليل. نماز جي= تڪبير.
ڪاٺ جو= دُنبو (پڃر).
ابراهيم خليل کي تڪبير ۾ اچي دنبو ڏنائون.
حضرت يوسف عليـہ السلام ۽ بيبي زليخا
(25)
نالــــي ۽ نرنــــان کــــي، پنهنجن تـــڙ ۾ کاڄ
جو ڪيو،
پوءِ وڃي شهر ۾ عيبدار ٿيو، جو نار نان مال جو
ڪيو.
نالو= حضرت+ نرنان= يوسف. پنهنجن= ڀائرن.
تڙ= کوهه. کاڄ جو= وڌيو<وِڌو. شهر= مصر.
عيبدار= ڪاڻو<وڪاڻو. نارنان= بيبي زليخا.
مال جو= خريدڻ<خريد.
حـــضــرت يـــوســـف کــــي، ڀائــرن کــــــوهه
۾ وڌو،
پوءِ وڃي مصر ۾ وڪاڻو، بيبي زليخا خريد ڪيو.
(26)
پکي ڏٺم، ڙي جيڏيون! ته نرنان، ولايت ۾ آيو.
پکي= سرخاب<اَسر+ خواب. نرنان= يوسف.
ولايت = مصر.
اسـُـر خواب ڏٺم، ڙي جيڏيون! ته يوسف مصر ۾ آيو.
(27)
نارنالي! پنهنجي ۾ نرنان، ڏٺو هوءِ، ته پنهنجو
ڪرين ها.
نار نالو= زليخا. پنهنجو= خواب. نرنان= يوسف.
پنهنجو= هوش.
زليخا! خواب ۾ يوسف ڏٺو هوءِ، ته هوش ڪرين ها.
(28)
نار، نالي ڪاڻ، مٽيءَ جي ٿي پيئي.
نار= زليخا. نالو= يوسف. مٽيءَ جي= چـَـري.
زليخا، يوسف ڪاڻ، چري ٿي پيئي.
(29)
ڪامڻ، نرنان کي، مٽيءَ جي ۾ ڪپڙي جو ڏنو.
ڪامڻ= زليخا. نرنان= يوسف. مٽيءَ جي= ڪوٺي.
ڪپڙي جو= چاڪ.
زليخا، يوسف کي ڪوٺيءَ ۾ چاڪ ڏنو.
(30)
پنهنجي ته پنهنجو، پنهنجو نرنانءَ جو هو،
پنهنجي= سـِـنگهه<سـُـنگهان. پنهنجو= سـُـرهو.
پنهنجو= پگهر. نرنان= يوسف.
سـُـنگهان ته سـُـرهو، پگهر يوسف جو هو.
حضرت موسيٰ عليـہ السلام
(31)
نالي تنهن نرنان کي، پکي جو، فقير جيءَ تي ولايت
مان نالي ٻولي ايندو هو.
نالو= موسيٰ. نرنان= دوست خدا. پکيءَ جو= تور<طور+
فقير جي=
سين<سينا=
طور سينا. ولايت= الست. نالو= هاتف<هاتفي.
ٻولي=آواز.
موسيٰ دوست خدا جي کي، طور سينا تي الست مان هاتفي
آواز ايندو هو.
(32)
نرنــــان نــــالي جــــو پکــــيءَ جــــي وکر
تي،
باهه نالي، جو ڏسي، ذات ڪاٺ جو ٿي ويو.
نرنان= حضرت موسيٰ. نالو= دوست خدا.
پکيءَ جو= تـُـور<طور+وکر=سـَـنا<سينا=
طور سينا. باهه جو= تجلو. نالو= نور. ذات= فنا.
ڪاٺ جو= لاهه<في الله.
حضرت موسيٰ دوست خدا جو طورسينا تي،
تجلو نـُـور جـــــو ڏسي، فنا في الله ٿي ويـــو.
(33)
نرنالي مٿي پوک جي، ڪپڙي جي ڏٺي.
نالو= موسيٰ. پوک= توريو<تـُـور<طور.
ڪپڙي جي= جهلي<تجلي.
موسيٰ مٿي طور جي تجلي ڏٺي.
(34)
نرنانءَ کي مرض ڏسي مال جو ٿيو، جو ولايت ۾ ويو.
نرنان= قارون. مرض= گنج. مال جو= مـَـئو.
ولايت= تحت الثريٰ.
قارون کي گنج ڏسي مئو ٿيو، جو تحت الثريٰ ۾ ويو.
حضرت خضر عليـہ السلام
(35)
نالي ۽ نرنان کي جر جون ڏنائين.
نالو=خواجه+نرنان= خضر. جـَـرَ جون= موجون.
خواجه خضر کي موجون ڏنائين.
(36)
نالي ۽ نرنان کي، پنهنجي پويئي ڪانه.
نالو= خواجه+ نرنان= خضر. پنهنجي= ڪرَ.
خواجه خضر کي ڪـَـرَ پويئي ڪانه.
(37)
اي نالي نرنان! ڪاٺ جو ڀريو ڪپڙو ڪرين.
نالو= خواجه+ نرنان= خضر. ڪاٺ جو= ٻيڙو<
ٻيڙا. ڪپڙو= غرقي<غرق.
اي خواجه خضر! ٻيڙا ڀريو غرق ڪرين.
حضرت دائود ۽ شداد
(38)
نرنان کي جيت نه لڳي ها، ته نارنالي ڏسي ها.
نرنان= شداد. جيت= ڪاريهر. نار نالي= جنت.
شداد کي ڪاريهر نانگ نه کائي ها، ته جنت ڏسي ها.
حضرت دائود ۽ بخت نصر
(39)
نرنان، شهر ۾ وڃي، ذات سان قرآن جا ڪيا.
نرنان= بخت نصر. شهر= بيت المقدس. ذات=
بني اسرائيل. قرآن جا= مثقال.
بخت نصر بيت المقدس ۾ وڃي، بني اسرائيلن سان مثقال
(وعدا) ڪيا.
حضرت سڪندر ذوالقرنين عليـہ السلام
(40)
نالي، ذات آڻائي، سا ڪاٺ ٿي پيئي.
نالو= سڪندر. ذات= سامٽيا<سا+مـِـٽي.
ڪاٺ=پڙاٽي<ڪيپراٽي.
سڪندر، مٽي آڻائي سا ڪيپراٽي ٿي پيئي.
حضرت يونس عليـہ السلام
(41)
نالي
نرنان کي مڇي جهنگ جو.
نالو=حضرت+نرنان= يونس. مڇي= آسا.
جهنگ= ڳـِـٿو.
حضرت يونس کي آسا (مڇيءَ) ڳـِـٿو.
حضرت سليمان عليـہ السلام
(42)
نالي نرنان اچي شهر جو ڀيڙو ٿيو، ذات وارن اچي
پنهنجو ڪيو.
نالو= حضرت+نرنان= سليمان. شهر جو= تخت. ذات=
ديوَ، پريون. پنهنجو= سلام.
حضرت سليمان اچي تخت ڀيڙو ٿيو، ته ديون پرين اچي
سلام ڪيو.
حضرت زڪريا عليـہ السلام
(43)
نالي نرنان تي اوزار جر جو، تڏهن به شهر ٿيو.
نالي= حضرت+نرنان=زڪريا. اوزار= ڪرٽ.
جر جو= وهيو<وُڙهو. شهر= آراضي<راضي.
حضرت زڪريا تي ڪرٽ وُڙهو، تڏهن به راضي ٿيو.
حضرت لقمان
(44)
نالي ۽ نرنان، پنهنجي ۾ ڪو جر جو ڏٺو.
نالو= لقمان+ نرنان= حڪيم. پنهنجي= ڪوپري.
جر جو=ڏيڏر.
لقمان حڪيم، ڪوپريءَ ۾ ڪو ڏيڏر ڏٺو.
حضرت محمد ﷺ
(45)
جڏهن نرنان جو نالو پيدا ٿيو، تڏهن ذات هئائي
ڪونه.
نرنان= رسول الله. نالو= نورو<نور.
ذات= مـَـلڪ<ملائڪ.
جڏهن رسول الله جو نور پيدا ٿيو، تڏهن ملائڪ هئائي
ڪونه.
(46)
نالي نرنان جو، ڪاٺ جو اک جي ۾، ڪيئن ڪپڙو هو.
نالو= نورو<نور. نرنان= نبي +. ڪاٺ جو=
ڪتب= قطب+ اک جو= تارو= قطب تارو.
ڪپڙو= شال<سال.
نور نبي ﷺ جو قطب تاري ۾ ڪئين سال هو.
(47)
جيڪو رڇ مان پيدا ٿيو، سو آهي نالو وکر جو.
رڇ=تنور<نور. نالو= مرسل. وکر= جاڻ<جهان.
جيڪو نور مان پيدا ٿيو، سو آهي مرسل جهان جو.
(48)
جڏهن نرنان شهر ۾ پوک جو، تڏهن ليکي جا رڇ باهه
ٿيا.
نرنان= محمد +. شهر= مڪو. پوک جو=
ڄائو. ليکي جا= چوڏهن.رڇ= طباخ<طباق<
طبق. باهه= روشن.
جڏهن محمد + مڪي ۾ ڄائو، تڏهن چوڏهن ئي طبق روشن
ٿيا.
(49)
جڏهن نرنان پيدا ٿيو، تڏهن ذاتين جا عضوا ڪاٺي
ڪاغذ جا ٿيا.
نرنان= محمد رسول. ذاتين = ڪافرن. عضوا= بـُـتَ.
ڪاٺي= ڀڳي<ڀڄي.
ڪاغذ جا = پرزا.
جڏهن محمد رسول پيدا ٿيو، تڏهن ڪافرن جا بت ڀڄي
پرزا ٿيا.
(50)
جڏهن نر نالو آيو، تڏهن ذات نار نالي اُٿي اَن جي
ڏني.
نر نالو= محمد. ذات= دايا<دائي+ نار نالي=
حليمان. اَن جي= واڌائي.
جڏهن محمد ﷺ ڄائو، تڏهن دائي حليمان اُٿي واڌائي
ڏني.
(51)
جڏهن وڻ جو پيدا ٿيو، تڏهن اَن جي لٿي عام تان.
وڻ جو= رس<رسول. ان جي= کاهي<اوکائي.
جڏهن رسول پيدا ٿيو، تڏهن اوکائي لٿي عام تان.
(52)
شهر ڏي ڪيم مال جي، ته نرنان پيو باهه جا ڪري.
شهر= مڪو. مال جي= مـُـهاڙ. نرنان= نورو<
نور. باهه جا= تجلا.
مڪي ڏي ڪيم مـُـهاڙ، ته نور پيو تجلا ڪري.
(53)
شهر ۽ ولايت ۾، نرنان ٿو سـُـجهي.
شهر= مڪو. ولايت= مدينو. نرنان= محمد +.
مڪي ۽ مديني ۾، محمد + ٿو سـُـجهي.
(54)
نالي تنهن نرنان کي، ليکي علم جون سـُـڻايون،
تڏهن به نرنان نالي تي نه آيو.
نالو= محمدﷺ. نرنان= ابوجهل. ليکي= هزارين.
علم جون= حديثون. نرنان= ابوجهل. نالو=
سلام<اسلام.
حضرت محمد ﷺ، ابوجهل کي هزارين حديثون سڻايون،
تــــڏهـــــــن بـــــــه ابــــوجـــهــــل
اســــــلام تـــــي نــــه آيـــــو.
(55)
نرنان چيو نرنان کي، ته ولايت هلنداسون.
نرنان= جبرائيل. نرنان= محمدﷺ. ولايت= معراج.
جبرائيل چيو محمد ﷺ کي، ته معراج هلنداسون.
(56)
تاج جي رات هئي، جانورن ۾ لات هئي، نرنان ٿي ولايت
ويو.
تاج جي= وڌائي<وڏي. جانورن= مرگهن (هرڻن).
نرنان= حضرت محمد ﷺ. ولايت = معراج.
وڏي رات هئي، مـِـرگهن ۾ لات هئي، محمدﷺ ٿي معراج
ويو.
(57)
جڏهن نرنان، نالي کي نالي گهرايو،
تڏهن نـــالــــي کــــي نالو ڪيائين.
نرنان= الله تعاليٰ. نالو= محمد. نالو=
مورج<معراج.
نالو= عرش. نالو= عظيم.
جڏهن الله تعالي، محمد ﷺ کي معراج گهرايو،
تـــــڏهــــن عـــــرش کــــي عــــظيم
ڪــــــيائيــــن.
(58)
جڏهن نرنان ٿي نالو ڪيو، تڏهن نالو ٿيو نرنائن ۾.
نرنانءُ= محمد +. نالو= مورج<معراج.
نالو= عيدو<عيدون. نرنائن=
عرشن.
جڏهن محمد ﷺ ٿي معراج ڪيو، تڏهن عيدون ٿيون عرشن
۾.
(59)
پڇو نالي ۽ نرنان کان، ته ڪيڏي هئي نار نالي نرنان
جي.
نالو= عرشﷺ نرنان= عظيم. نار نالي= عزت.
نرنان= رسول الله.
پڇو عرش عظيم کان، ڪيڏي هئي عزت رسول الله جي.
(60)
نرنان، ولايت ۾ ڪي گهوڙي جا هو.
نرنان= محمدﷺ. ولايت= معراج. گهوڙي جا= سال.
محمد ﷺ، معراج ۾ ڪي سال هو.
(61)
عورت نالي ته پاڻيءَ جو چاڙهيو، نالي پر نالو ئي
نه.
عورت نالي= ڪينا. پاڻيءَ جو= ڪـُـن<ڪـُـنو.
نالو= راڌو<رڌو.
ڪينا ته ڪـُـنو چاڙهيو، پر رڌوئي نه.
(62)
نرنان پئي حاڪيماڻي ڪئي، مال عضوي جي ڪاڻ.
نرنان= عڪاسه. حاڪيماڻي= دعويٰ. مال جي=
مهر. عضوي جي= چـُـمي<چمڻ.
عڪاسه پئي دعويٰ ڪئي، مـُـهر نبوت جي چمڻ ڪاڻ.
(63)
نرنان پنهنجيءَ سان، حاڪم جي ڏٺي.
نرنان= عڪاسه. پنهنجي= حرفت. حاڪم جي=
مهر (نبوت).
عڪاسه حرفت سان مهر نبوت ڏٺي.
(64)
نار هئي نرنان جي، نر نالي ڏسي پنهنجون ڏنيون.
نار= مـِـهر<مـُـهر. نرنان= محمدﷺ. نر نالو=
عڪاسه. پنهنجون= چميون.
مـُـهر هئي محمد ﷺ جي، عڪاسه ڏسي چميون ڏنيون.
(65)
ڏِس فاقيري نرنانءَ جي، جو نار لاءِ نرنان کي،
حـــــــــــاڪــــــــــــم جـــــــــي
ڪـــــنـــــــدو ويــــــو.
فاقيري= ٻاجهه. نرنان= محمدﷺ. نار= آمنت<
اُمــــت. نرنـــان= عزرائيل. حاڪم جي= پارت.
ڏس ٻاجهه محمد ﷺ جي، جو اُمت لا”،
عـــــزرائيـــل کــــي پــــارت ڪندو ويو.
(66)
ڪپڙي ۽ ڪاٺ جو، ٻئي مرد مٿان.
ڪپڙي جو= چؤسو<چؤسا<چيو+
اسان.
ڪاٺ جو= قلم<ڪلمون.
مرد= محمد.
چئو سو ڪلمون محمد ﷺ مٿان.
(67)
ولايت ۾ نرنان ايندو، جو اچي حاڪم جي ڪرائيندو.
ولايت= محشر. نرنان= محمد ﷺ.
حاڪم جي= معافي.
محشر ۾ محمدﷺ ايندو، جو اچي معافي ڪرائيندو.
(68)
ذات کي زحمت لڳي، نرنانءَ ٿي شهر جي ڪئي.
ذات= مانک<مون کي. زحمت= ماندڪائي.
نرنان= محمدﷺ. شهر جي = ماڙي<ماڙ.
مون کي ماندڪائي لڳي، محمد اچي ماڙ ڪئي.
(69)
پڙهه علم ذات تي، ته فقير جو ٿيئي.
علم جي= صلوات. ذات= سروري<سرور.
فقير جو= ثواب.
پڙهه صلوات سرور تي ته ثواب ٿيئي.
(70)
نالي ۽ ٻـــــن نانون جـــــي، لوهه جـــــي
ٿيندياس،
نار نالي نرنانءُ چوي، پکي مـَـئي جو پيئندياس،
اتاهــــون لوهه جــــا وٺنديـــاس، جتي عالم
آسرو.
نالو= سهڻو. ٻه نانوَ= هڪ مرسل ٻيو مير. لوهه
جي= گولي. نار نالي= رحمت. نرنان= رمضان،
پکيءَ جو= پر<پـُـر+ مئي جو= پيالو<پيالا.
لوهه جا= وَٽ.
سهڻي مرسل مير جي، گولي آن ٿيندياس،
رحمت مان ”رمضان“ چوي، پيالا پـُـر پيندياس،
اتاهون وٽَ وٺندياس، جتي عالم آسرو.
(71)
نالـــــو ٿــــي نرنان، مـــــرض اٿــــم تنهنجو.
نالو= مدد، نرنان= مصطفيٰ. مرض= ڏڍ.
مــــدد ٿـــــيءُ مصطفيٰ، ڏڍ اٿـــــــم تنهنجو.
(72)
الله ڪج نالو مون کي، شهر جي نرنانءَ جو.
نالو= پانڌي. شهر= مڪو. نالو= محمدﷺ.
الله ڪج پانڌي مون کي، مڪي جي محمدﷺ جو.
(73)
مڻيو آهي جيڏيون! ڪاٺ جو نرنان ڏي.
مڻيو = دل پاڪ. ڪاٺ جو = سل > مرسل.
نرنان= محمد ﷺ.
دل پاڪ آهي جيڏيون! مرسل محمد ڏي.
(74)
مال جي، نرنان جي مون کي نالو ڏيکاري.
مال جي= ماڻڪي. نرنان= محمد ﷺ. نالو= ڏاتر.
ماڻڪي محمد ﷺ جي، مون کي ڏاتر ڏيکاري.
(75)
شهر ڇڏي شهر ۾، وڃي مال جي ڏٺائون.
شهر= مڪو. شهر= مدينو. مال جي= ماڻڪي.
مڪو ڇڏي، مديني ۾ وڃي ماڻڪي ڏٺائون.
(76)
شهر منجهه ويندياس، وڃي نارنان ٿيندياس،
مال نرنانءُ نالي جي، عضون سين ٻار جي ڪندياس.
شهر= مدينو. نارنان= حاجاڻي. مال= ماڻڪي.
نرنان= محمدﷺ. نالي= مير. عضون= چشمن.
ٻار جي= چمي.
مديني منجهه ويندياس، وڃي حاجاڻي ٿيندياس،
ماڻڪي محمد مير جي، چشمن سين چمندياس.
(77)
جڏهن جبل ڏٺو هئي، تڏهن ڪپڙي جو ٻڌين ها.
جبل= لم لم. ڪپڙي جو= احرام.
جڏهن لم لم ڏٺو هئي، تڏهن احرام ٻڌين ها.
(78)
شهرئون نڪتي شهر ويئي، نالو ڏسي موٽي آئي.
شهر= مڪو. شهر= مدينو. نالو= محمدﷺ.
مڪي مان نڪتي، مديني ويئي، محمدﷺ ڏسي موٽي آئي.
(79)
نالا گڏيا نالن کي، وڃي نالو ڏٺائون،
پنهنجو مڃيائون، مڙد مڙئي نالا ٿيا.
نالا= حاجي. نالا=حاجي<حاجين. نالو= رضا<
روضو. پنهنجو= مرشد. مڙد= حق. نالو= حاصل.
حاجي گڏيا حاجين کي، وڃي روضو ڏٺائون،
مرشد مڃيائون، حق مڙئي حاصل ٿيا.
حضرت علي ڪرم الله وجـہ
(80)
نالي جي مال جيءَ سان، پوک جي ٿي ويا.
نالو= حيدر. مال جي= هڪل. پوک جي=
ڏيڏڪي<ڏيهه+
ڏڪي.
حيدر جي هڪل سان، ڏيهه ڏَڪي ٿي ويا.
(81)
ذات نالي جهڙو ٿيوئي ڪونه،
جنهن کان فقير ساز جو ويو ڪونه ميان!
ذات= سخي. نالو= علي. فقير= سوالي. ساز= خالي.
سخي علي جهڙو ٿيوئي ڪونه،
جنهن کان سوالي خالي ويو ڪونه ميان!
امام حسن ۽ حسين رضه
(82)
ڪاٺ جو نرنان جو، نالو وڻ جو ڪندو هو.
ڪاٺ جو= هندورو. نرنان= امام حسين. نالو=
جبرائيل. وڻ جو= جهولو<جهوليندو.
هندورو امام حسين جو، جبرائيل جهوليندو هو.
(83)
پنهنجا، نارنان جا، وڻ جي نالو ٿيا.
پنهنجا= پٽ. نارنان= خاتونِ جنت. وڻ جي=
ڄائپ<ڄاپندي.
نالو= ڄام.
پـُـٽَ، خاتونِ جنت جا، ڄاپندي ڄام ٿيا.
(84)
نالي ۽ نرنانءَ کي، نارنان ٿي وڻ جا ڏنا.
نالو= امام حسن. نرنان= امام حسين. نارنان=
بيبي فاطمه. وڻ جا= لاڻا<اولاڻا.
امام حسن ۽ حسين کي، بيبي فاطمه ٿي اولاڻا ڏنا.
(85)
پنهنجا، پير ڪپڙ جي ذات جا نالا ٿيا،
سي نارنان کي ڳهه جو ڪري ويا.
پنهنجا= پٽ. پير= پاڪ+ ڪپڙ جي= دامن<
پاڪدامن. ذات= سوريا<سورهيه. نالا= ساماڻا.
نارنان= آمنت<اُمت. ڳهه جو= اُجار.
پٽ پاڪدامن جا سورهيه ساماڻا، سي اُمت کي اُجاري
ويا.
(86)
نالي ۽ نرنان جي، ڪا جاءِ ڪاٺي ڙي!
نالو= حسن. نالو= حسين. جا”= عرش.
ڪاٺي= اَڏي.
حسن ۽ حسين جي، ڪا عرشئون اَڏي ڙي!
ڪربلا جو واقعو
(87)
نرنان ولايت ويو، نار نالي کڻي عضوو ڪيو.
نرنان= حسين. ولايت= ڪربلا. نارنالي= حور.
عضوو= هنج.
امام حسين ڪربلا ويو، جنهن کي حورن کڻي هنج ۾ ڪيو.
(88)
جڏهن شهر ۾ چم جو ٿيو، تڏهن عورتن ڳهه مال جا ڪيا،
جر جن ۾ ماڻهوءَ جون پيون، ذات مـُـلڪ ويا.
شهر= ڪربلا. چم جو= ڪوس. عورتن= حورن.
ڳهه جا= هار. مال جا= ڇنا<ڇـِـنا.
جر جا=
ڀـَـن<اُڀن. ماڻهو جون= اوڇنگارون. ذات=
اوڏڪي<او+ ڏڪي. مـُـلڪ= ڏيهه.
جڏهن ڪربلا ۾ ڪوس ٿيو، تڏهن حورن هار ڇنا،
اُڀن اوڇنگارون پيون، او! ڏڪي ڏيهه ويا.
(89)
پاڻي جيڏ ۾ جيڏيون! ذاتين نالا مال جا.
پاڻيءَ جي= ڪرَ. جيڏ= بلا<ڪربلا.
ذات= ڪوفي<ڪوفين.
نالا= امام. مال جا= ڪـُـٺا.
ڪربلا ۾ جيڏيون! ڪوفين امام ڪـُـٺا.
(90)
نرنانءَ کي لوهه جن ڪاٺ جو ڪري ڇڏيو،
تڏهن به شهر گهوڙي جي ۾، نالو مال جوئي ڪين.
نرنان= امام حسين. لوهه جن= تيرن. ڪاٺ جو=
تـِـرڇو<ترڇي. شهر= ڪربلا. گهوڙي جو= ميدان.
نالو= ڪوڏڻ<ڪوڏيو.
مال جو= ڪڻڪيو.
امام حسين عه کي تيرن تـِـرڇي ڇڏيو،
تڏهن به ڪربلا ميدان ۾، ڪوڏيو ڪڻڪيوئي ڪين.
(91)
جڏهن نرنان شهر ۾ پکي ٿيو، تڏهن ذاتين بيٺي کاڄ جا
ڪيا.
نرنان= امام حسين عه. شهر= ڪربلا. پکي= شهيد.
ذاتيون= مـَـلڪ<ملائڪ. کاڄ جا= طعام<ماتام.
جڏهن امام حسين ڪربلا ۾ شهيد ٿيو،
تڏهن ملائڪن بيٺي ماتام ڪيا.
(92)
نـــــرنــــان ولايــــــت ويـــــو، وري
رانــــــد جــــــو نــــــه.
نرنان= امام حسين. ولايت= ڪربلا. راند جو=
موٽو (جـُـڳ)> موٽيو.
امام حسين ڪربلا ويو، وري موٽيوئي نه.
(93)
نرنانءَ نالي جي پکيءَ ۾ کاڄ جو ڏنو.
نرنان= حضرت عباس. نالو= امام حسين.
پکي= هنج. کاڄ= پساهه.
حضرت عباس، امام حسين جي هنج ۾ پساهه ڏنو.
(94)
نالو ۽ نرنانءُ شهر ۾ شهر ٿيا، پر نالي مال جي
ڪيائون ڪين.
نالو= قاسم. نرنان= علي اڪبر. شهر= ڪربلا. شهر=
شهد<
شهيد. نالو= ڪونڌر. مال جي= ڪـُـڻڪ<ڪڻڪيا.
امام قاسم ۽ علي اڪبر ڪربلا ۾ شهيد ٿيا،
پر ڪونڌر ڪـُـڻڪيا ڪين.
(95)
نرنانءَ سـُـٽ جا مال جا ۽ نالي راند جي پکي ٿيو.
نرنان= امام قاسم. سـُـٽ جا= ڳانا. مال جا=ٻـَـڌا.
نالو= شادي. راند جي= ويل. پکي= شهيد.
امام قاسم ڳانا ٻڌا ۽ شاديءَ ويل شهيد ٿيو.
(96)
نالي نرنانءَ کي مال جي لڳي، زناور جر جو ڪونه
ڏنو،
مرڳو لوهه جو هڻي پکي ڪيو، نرنان اهو مرض جو
سـَـٺو،
ڏسي جر ڌڪ جو، نرنان پنهنجو ڪيو.
نالو= علي+ نرنان= اصغر. مال جي= اُڃ. زناور=
پليت. جر جو= پاڻي. لوهه جو= تير. پکي= شهيد.
نرنان= امام حسين. مرض جو= سـُـور. جر جو= ريلو.
ڌڪ جو= رت. نرنان= صابر<صابرين. پنهنجو= صبر.
علي اصغر کي اُڃ لڳي، پليتن پاڻي ڪونه ڏنو،
مرڳو تير هڻي شهيد ڪيو، امام حسين اهو سور سـَـٺو،
ڏسي ريلو رت جو، صابرين صبر ڪيو.
(97)
نرنانءَ جي پنهنجي نالو حاڪم جي ۾ ٿي پنڌ جو
ڪاٽيو،
تڏهن به وکر علم جو ڪندو ويو.
نرنان= امام حسين عه . پنهنجو= پـُـٽ. نالو=
زين العابدين عه . حاڪم جو= قيد. پنڌ جو=
ڪشالو. وکر= شڪر<شـُـڪر. علم جو= الحمدلله.
امام حسين جي پٽ زين العابدين، قيد ۾ ٿي ڪشالو
ڪاٽيو،
تڏهن به ’شڪر الحمدلله‘ ڪندو ويو.
(98)
شهر ۾ مرض جا، نارنان ٿي مال جا.
شهر= ڪربلا. مرض جا= ڪڪرا.
نارنان= مادر. مال جا= ميڙيا.
ڪربلا ۾ ڪـَـڪرا، مادر ٿي ميڙيا.
(99)
پنهنجي هجي نرنانءَ کي، جنهن نالي کي پکي ڪيو.
پنهنجي= لعنت. نرنان= شمر. نالو= امام حسين عه.
پکي= شهيد.
لعنت هجي شمر کي، جنهن امام حسين عه کي شهيد ڪيو.
(100)
شهر ۾ چم جو ٿيو، مال جا تن نرنائن لاءِ!
شهر= ڪربلا. چم جو= ڪوس. مال جا=
گهوڙا. نرنائن= گهوٽن.
ڪربلا ۾ ڪوس ٿيو، گهوڙا تن گهوٽن لا”!
(101)
ولايت شهر اي نرنان! وکر کي عضوو ڪيئي،
جنهن لاءِ نالي ڪاٺيءَ جي پئي ٻوليءَ جا ڪيا.
ولايت= ڪين. شهر=سرو<سرئي. نرنان= پليت.
وکر= ڪوئـِـن<ڪوهه+
اُن. عضوو= ران<حيران.
نالو= عرس<عرش. ڪاٺيءَ جي= ڪرسي. ٻوليءَ
جا= ماتام.
ڪينَ سريئي اي پليت! ڪوهه اُن کي حيران ڪيئي،
جنهن لاءِ عرش ڪـُـرسيءَ پئي ماتام ڪيا.
جـُـبير اصحابي رحه
(102)
نرنان ڪـُـڙمڪو هو، جنهن پنهنجي راند جي ڪئي.
نرنان= جـُـبير (اصحابي). ڪڙمڪو= جـُـنگ.
پنهنجي = جنگ. راند جي= خاصي.
جـُـبير اصحابي ته جـُـنگ هو، جنهن جـَـنگ خاصي
ڪئي.
تميم انصاري رحه
(103)
نرنانءُ ذاتين مان نڪري، ولايت ويو ڙي!
نرنان= تميم. ذات= انصاري. ولايت=تنگها.
تميم، انصارين مان نڪري، تنگها ويو ڙي!
بيبي رابعـﮧ بصري رحه
(104)
نار نالي کي نرنانءُ ولايت ۾ گڏيو.
نار= بيبي رابعـه(بصري). نرنان= ڪعبو. ولايت= مصر.
بيبي رابعـه بصريءَ کي ڪعبو مصر ۾ گڏيو.
شيخ سـُـنيان رحه
(105)
ڪامڻ، نرنان کي ڪپڙي جو پئي ڪيو.
ڪامڻ= نيڻي. نرنان= سنيان. ڪپڙي جو= پليت.
نيڻين، سـُـنيان کي پليت پئي ڪيو.
فريدالدين عطار رحه
(106)
نـــــرنـــــانءُ ولايــــت ۾ بيٺو پنهنجي
ڪــــــري.
نرنان= عطار. ولايت= فلسطين. پنهنجي=نصيحت.
عــــطـــار فلسطين ۾ بيٺو نصيحت ڪـــــــري.
بادشاهه پير جيلاني
(107)
اي نرنالا! ڪا نالن کي اچي نالي ڪـَـر.
نرنالو= داتا دستگير. نالو= مريد. نالو= مدد.
اي داتا دستگير! ڪا مريدن جي اَچي مدد ڪر.
(108)
اي نالا ۽ اي نرنان! پاڻيءَ واريون پرتيون اٿئي.
نالو= پير. نرنان= دستگير. پاڻيءَ واريون=
واهيون<بيواهيون.
اي پير دستگير! بيواهيون پرتيون اٿئي.
(109)
آءٌ فقير! ٿيءُ گهر جو، مان درياءَ جي ٿيان.
فقير= دستگير. گهر جو= اجهو. درياءَ جي= ڪنڌي.
آءُ دستگير! ٿيءُ اجهو، ته مان ڪنڌيءَ ٿيان.
(110)
ڏسو فقير نرنان جو، جنهن ڪاٺ عورت جو،
لــــوهــــه جــــي منجهان، اَن جــــو ڪــري
ڇڏيو.
فقيرجو=معجزو. نرنان=محي الدين. ڪاٺ جو=
ٻيڙو. عورت= ٻڍڙي. لوهه جي= تار. اَن جو=
تارڻ<تاري.
ڏسو معجزو محي الدين جو، جنهن ٻيڙو ٻڍڙيءَ جو،
تار منجهان تاري ڇڏيو.
(111)
ٿيءُ نالو نرنانءُ جو، ته ڳهه مال جو ڪرئي،
جيئن ولايت ۾ پنهنجو ٿيئي ڪونه.
نالو=مريد. نرنان= محي الدين. ڳهه= والي. مال جو=
وَڙُ. ولايت= آخرت. پنهنجو= ڀولو.
ٿيءُ مريد محي الدين جو، ته والي وَڙُ ڪرئي،
جيئن آخرت ۾ ڀولو ٿيئي ڪونه.
(112)
عورت رڇ جر جي ۾ ڪري نالو کاڄ،
مٽيءَ جي ڏيئي مال جي ٿي، لاٿائين نرنان تان
پنهنجي.
عورت= سهڻي. رڇ= گهڙي<گهـِـڙي. جـَـر جي=
سير. نالو= الله+کاڄ= تـُـهه<تهار=
الله تهار.
مٽيءَ جي= سـِـر. مال جي= سرهي. نرنان=
مرد. پنهنجي= ميار.
سهڻي گهڙي سير ۾، ڪري الله تهار،
سـِـر ڏيئي سرهي ٿي، لاٿائين مرد تان ميار.
(113)
تون وئين شهر ۾، نر نالو ڏٺئي،
پوءِ ڪپڙي جي ڇو نه ورتئي.
شهر= بغداد. نرنالو= دستگير. ڪپڙي جي= داوَن.
تون وئين بغداد ۾، دستگير ڏٺئي، پوءِ داوَن ڇو نه
ورتئه.
منصور حلاج رحه
(114)
نالو چڙهي حاڪيماڻي تي، نالو نالو پيو چوي.
نالو= منصور. حاڪيماڻي= سوري. نالو= آئل+
نالو= حق<اَناالحق.
منصور چڙهي سوريءَ تي،
’اناالحق‘
پيو چوي.
(115)
جڏهن نرنان ٻولي چيائين، تڏهن مڻيو جر جو ٿي پيو.
نرنان= آئل+ٻولي= حق<اناالحق.
مڻيو= پارس.
جر جو= پلٽيو<پلٽجي.
جڏهن
’اناالحق‘
چيائين، تڏهن پارس پلٽجي پيو.
شمس تبريز رحه
(116)
نرنان نالو ڪيو، جنهن لاٿي مال جي پنهنجن تان.
نرنان= شمس. نالو= شاهي. مال جي= کل.
پنهنجن= لڱن.
شمس شاهي ڪئي، جنهن لاٿي کـَـل لڱن تان.
(117)
نالي نرنان ذات قبولي، پنهنجي ڏنائين.
نالو= شمس+ نرنان= تبريز. ذات= شر<
شرع. پنهنجي= کـَـل<کلڙي.
شمس تبريز شرع قبولي، کـَـلڙي ڏنائين.
(118)
نالي نرنانءَ جي وڻ مٿي ٿي کاڄ جي پڪي.
نالو= شمس+ نرنان= تبريز<شمس تبريز.
وڻ= سورج. کاڄ جي= ٻوٽي.
شمس تبريز جي سورج مٿي ٿي ٻوٽي پڪي.
قلندر شهباز رحه
(119)
نرنان آيو ولايت مان، شهر ۾ اچي راند جو ڪيائين.
نرنان= قلندر شهباز. ولايت= مروَند.
شهر= سيوهڻ. راند جو= غوغاءُ.
قلندر شهباز آيو مروَند مان، سيوهڻ ۾ اچي غوغاءُ
ڪيائين.
(120)
ڪپڙ جو وجهي ڪاٺيءَ ۾، فقير ماريائون،
وڃي ڏيکاريائون، نالي ۽ نرنانءَ کي.
ڪپڙ جو= گز. ڪاٺي= ڪمان. فقير= ملنگ.
نالو= قلندر. نرنان= شهباز.
گز وجهي ڪمان ۾، ملنگ ماريائون،
وڃي ڏيکاريائون، قلندر شهباز کي.
ساجن سوائي رحه
(121)
نالو نرنان آهي ٻنيءَ ۾.
نالو= ساجن+نرنان=سوائي<ساجن
سوائي.
ٻنيءَ جو= ڪؤنڇو.
ساجن سوائي آهي ڪؤنڇي ۾.
شاهه قادري رحه
(122)
نرنان ڳهه ڪاٺ وارو شهر ۾ آهي.
نرنان= شاهه قادري. ڳهه= روپو. ڪاٺ= در.
شهر= بدين.
شاهه قادري روپن درن وارو بدين ۾ آهي. |