(1246)
مال جي ليلان! اڃان ٿي راند جون ڪرين؟
مال جي=اوڳر>اوڳي ڙي. راند جون=اٽڪلون.
اوڳي ڙي ليلان! اڃان ٿي اٽڪلون ڪرين؟
(1247)
هت مال جا نه ڏي، وڃ ذات ٿي.
مال جا= ڳارا ذات. اُتيرا>اُتيرو>اُتي+روءُ.
هت ڳارا نه ڏي، وڃي اُتي روءُ.
(1248)
پهڻ جي ڪا تان ڪان ڏي، عيبدار ڏي،
ڏسو ليلان نالو ڪيو به پاڻهي، ته به وکر آيس ڪانه.
پهڻ جي=عينڪ>اي+نڪ. عيبدار=نڪ وڍي.
نالو=سوڍو>سودو. وکر=ڪيسر>ڪسر.
اِي نڪ واري ڪا تان ڪانه ڏي، نڪ وڍي ڏي،
ڏسو ليلان سودو ڪيو به پاڻهي،ته به ڪسر آيس ڪانه.
ليلان جي سرتين کي منٿ
(1249)
مال جون! ڪاٺ وکر جي ڪري نرنانءُ وٽ هلو،
جو ٿو شهر مان نالو ڪري، سو مونکي هندڪي ڪري ڏيو.
مال جون=رتيون>سرتيون. ڪاٺ جي=ميڙ.
وکر جا=ماسا>مان+سان. نرنانءُ=چنيسر.
شهر=لهور. نالو=لوڌي. هندڪي=پرچي.
سرتيون! ميڙ ڪري مان سان چنيسر وٽ هلو،
جو ٿو لهور مان ڪڍي، سو مونکي پرچائي ڏيو.
(1250)
پنهنجون اوهين عضوو، مون کي وڻ جو ٿو ماري.
پنهنجون=مـُـٺيون. عضوو=نرو>نه+رو.
وڻ=سکمرد.
مـُـٺيون! اوهين نه رُو، مون کي سـُـک مرد جو ٿو
ماري.
(1251)
وکر هـُـياس جيڏيون، وکر سڀ ويا.
وکر=هڙتال. وکر=چؤتال>چيتا.
هڙتال هيس جيڏيون، چيتا سڀ ويا.
(1252)
مڻئي جي مون جيڏيون، توهين ڪپڙ جون ڇو
ٿيون ٿيو.
مڻئي جي=لـَـکَ>لـِـکيو. ڪپڙ جون=ڇـَـٽيـُـون>
ڇـِـتـِـيون.
لکيو مون جيڏيون، توهين ڇـِـتيون ڇو ٿيون ٿيو.
(1253)
هيس نارنالي نرنانءَ سان، پر مرونءَ پاڻي جي ڪيس.
نارنالي=عاقلان>عاقل. نرنانءُ=عقل. مـِـرون جي=
ڪـِـي>هلڪي. پاڻيءَ جي=هار وير>هار.
هيس عاقل عقل سان، پر هلڪي هار ڪيس.
(1254)
اوهين اَن واريون، پر منهنجو ته اَن ڏسو.
ان=کلڻ. اَن (جو)= جيءُ.
اوهين کلڻ واريون، پر منهنجو ته جيءُ ڏسو.
(1255)
ذات ڀلايس جيڏيون، کاڄ خدا خلقيا،
ڪنهن نالي چيم ڪونه ڪو، ته ڌڻ جي هٿ مَ لاءِ.
ذات=لوهار. کاڄ=ڇوهارو>ڇو+هار. نالو=
سڄڻ. ڌڻ جي=مهار>مَ+هار.
هار ڀـُـلايس جيڏيون، ڇو هارَ خدا خلقيا،
ڪنهن سڄڻ چيم ڪونه ڪو، ته مَ هارَ هٿ لاءِ.
(1256)
ذاتيون ۽ ذاتيون، ڏي کاڄ جون نرنانءَ کي،
ڏي ڪکن جي عورت کي.
ذات=هنيا>هنيي. ذات=پـَـنيا>پـَـني.
کاڄ=چؤڙي>چؤ+ڙي. نرنانءُ=چنيسر.
ڪکن جي=ڀـُـنگي. عورت=رن.
هنيي نه پنيي، اوهين چؤ ڙي چنيسر کي ته ڏي
ڀـُـنگي رن
کي.
(1257)
هوءَ جي مال جي آئي، مٽيءَ جي مون کان نه ٿي،
ادي! مون عضوي جي ڪئي، تڏهن ڳهه مال جي
ٿي پئي.
مال جــي= اُســري. مٽي= واري. عضوي جي=
چـُـڪ(چيلهه جو مرض).ڳهه=مالها. مال جي=ٽـُـٽي.
هوءَ اُسري آئي، واري مون کان نه ٿي،
ادي! چـُـڪ مون ڪئي، تڏهن مالها ٽـُـٽي پئي.
سرتين جو ليلان کي جواب
(1258)
اي ليلان! ڪؤنروءَ کي ذات نالو نه ڪرين ها،
جي ذات نالو ڪيئي، ته ڏي ڪپڙي جي ڪؤنروءَ کي.
ذات=درزي>در+جي. نالو=محرم. ذات=
درزي>در+جي. نالو=محرم. ڪپڙي جي=هڙ.
اي ليلان! ڪؤنروءَ کي در جي محرم نه ڪرين ها،
جي در جي محرم ڪيئي ته ڏي هـَـڙَ ڪؤنروءَ کي.
(1259)
لوهه جا ليلان، ڪپڙي جا ڪيئن ڪيئي؟
لوهه جا=گهوڙا. ڪپڙي جا=ڪلورا>ڪلور.
گهڙا ڙي ليلان، ايڏا ڪـَـلـُـور ڪيئن ڪيئي؟
(1260)
جڏهن حقي جا ڏٺا هيئي ملڪ ۾، تڏهن مال جا
ڇو ڪيئي؟
حقي جا=چغل. مال جا=واپار.
جڏهن چغل ڏٺا هيئي ملڪ ۾، تڏهن واپار ڇو ڪيئي.
(1262)
ليلان! شهر شهرن ڳالهه، ته ڪؤنرو ڪندي ڪي اَن جا.
شهر=سڄا. ڳالهه=سـُـئي. ان جا=ڌُتپا.
ليلان! سڄن شهرن سـُـئي، ته ڪؤنرو ڪندي ڪي ڌُتپا.
(1263)
ليلان! ڪؤنرو ٿي هار آندو، تڏهن ٻولي گاهه ڪرين
ها.
ٻولي= ڇـِـني. گاهه=مـُـڃَ.
ليلان! ڪؤنرو ٿي هار آندو، تڏهن ڇـِـني مـُـڃ ڪرين
ها.
(1264)
پنڌ جي هار ورتئي؟ اهڙا نالا نه ڪجن.
پنڌ جي=ڇـُـهي>ڇو+هيءُ. نالو=ڪمن>ڪم.
ڇو هيءُ هار ورتئي؟ اهڙا ڪم نه ڪجن.
(1265)
وڻ وڃئي نارنانءَ، تو مال جو ڇو ڪيو؟
وڻ=اَڪ>عقل. نارنانءُ=ليلان. مال جو=
مـَـٽُ (سودو)
عقل وڃيئي ليلان، تو مـَـٽُ ڇو ڪيو؟
(1266)
لوهه جي ليلان، رڇ چنيسر؟
لوهه جي=ڪينچي>ڪنهن+چيئي. رڇ=مـَـٽ.
ڪنهن چيئي ليلان، (ته) مـَـٽِ چنيسر؟
(1267)
لوهه جي ليلان، تو ني اَن جا ڪيا.
لوهه جا=گهوڙا. اَن جا=اگهه.
گهوڙا ليلان! تو وڃي (مڙس جا) اگهه ڪيا.
(1268)
عضوو وٺي جبل تو ڪيو حرام ڙي ليلان!
عضوو=لب. جبل=ياقوت. حرام=رمايو.
لب وٺي ياقوت تو رمايو ڙي ليلان!
(1269)
ليلان، چنيسر کي عورت نه ڪرڻو هو،
پوءِ نانءُ نه ڪجن اهڙا، ذات هار وٺڻو هو.
عورت=مـَـمـُـلَ>مَ+مـُـلهه. نانءُ=ڪـَـمـَـنُ>
ڪـَـمَ+نه. ذات=کوسا.
ليلان، چنيسر کي مَ مـُـلهه ڪرڻو هو،
ڪم نه ڪجن اهڙا، کسي هار وٺڻو هو.
(1270)
عضوي ۽ ڪاٺ تي، نرنانءُ وڃي ذات ٿيو.
عضوو=مڻڪو. ڪاٺ=چندن>چندن هار.
نرنانءُ=چنيسر. ذات=وِڪيا>وِڪيو.
مڻڪي چندن هار تي، چنيسر تو وِڪيو.
(1271)
ذات ڪنهين نه ذات ڪيا، توڙي ذات هجن،
نرنانءُ ته نرنان هو، تو ڇو رڇ ڪيو؟
ذات=ڪانڌڙا>ڪانڌ. ذات=وِڪيا. ذات=
ڪارڙا. نرنان=چنيسر. نرنان=ملوڪ. رڇ=
ڏِيو>ڇڏيو.
ڪانڌ ڪنهين نه ڪيا، توڙي ڪارڙا هجن،
چنيسر ته ملوڪ هو، تو ڇو ڇڏيو؟
(1272)
توڙي هجن ذاتيون، ته به اهڙي ذات ته ڪنهن نه.
ذاتيون=ورڏنگ>ور+ڏنگا. ذات=وڪيا.
توڙي هجن وَر ڏِنگا، ته به وِڪيا ته ڪنهن نه.
(1273)
نارنانءَ! جن سان ڪپڙ جون ڪجن، سي شهر نه ڏجن.
نارنانءُ=ليلان. ڪپڙ جي=لوڏ>لوڏون.
شهر=ملتان>ملهه+تان.
ليلان! جن سان لوڏُون ڪجن، سي ملهه تان نه ڏجن.
(1274)
ذاتيون ڪنهن نه ذاتيون، تنهنجو ته نرنانءُ هو!
ذاتيون=ڪارڙا ۽ ڪوجهڙا. ذات=وِڪيا.
نرنانءُ=ملوڪ.
ڪارڙا ۽ ڪوجهڙا ڪنهن نه وِڪيا، تنهنجوته سهڻو هو!
(1275)
نالو نالو ڪنهن نه ڇڏيو، تنهنجو ته نرناءُ هو!
نالو=ڪاڻو. نالو=ڪوجهو. نرنانءُ=ملوڪ.
ڪاڻو ڪوجهو ڪنهن نه ڇڏيو، تنهنجوته ملوڪ هو!
(1276)
ذاتيون نه ڪڍ، جو نالو ڪيو ٿي ڪانڌ کي،
مرض نه ايندءِ هٿ.
ذات=اَگهيم>اگهه+مَ. نالو=ڪارو. مرض=
موڪو>موقعو.
اَگهه مَ ڪڍ، جو ڪارو ڪيو ٿي ڪانڌ کي،
موقعو نه ايندءِ
هٿ.
(1277)
ليلان! ليکو لاهه، چنيسر ڪپڙو تو ڪيو.
ليکو=ڀولو. ڪپڙو=ڪارو.
ليلان! ڀولو لاهه، چنيسر ڪارو تو ڪيو.
(1278)
مـَـرُ ڪاٺ جو ٿي ليلان، جو عضوين نانءُ پيئي.
ڪاٺ جو=ڏَڪُ>سـُـڏَڪ. عضوو=هٿ>هٿين.
نانءُ=هر جو.
مـَـرُ سـُـڏڪ ڙي ليلان، جو هٿين هرج پيئي.
(1279)
جڏهن ڪپڙي جو ڏٺئي، تڏهن مڇيءَ جو ڀريئي.
ڪپڙي جو=زيب. مڇيءَ جو=ڀـَـنُ.
جڏهن زيب ڏٺئي، تڏهن ڀـَـنُ (چـَـٽي) ڀريئي.
(1280)
نارنان! توکي ڳهه مليو، ته ويئي ذات ڇڏي.
نارنان=ليلان. ڳهه=هار. ذات جا=مـَـتيا>مـَـت.
ليلان! توکي هار مليو، ته ويئي مت ڇڏي.
(1281)
مر مٽي هجين ليلان، وڻ جا وڏا هـُـيئي.
مـِـٽي=ڇوري. وڻ=سکمڙد>سک+مڙد.
مر ڇوري هجين ليلان، سـُـکَ مڙدَ جا وڏا هـُـيئي.
(1282)
ڳهه مٽي ڙي ليلان! نه ته وڏا هئا وڻ جا.
ڳهه=طوق>تو ڪئي. مٽي=ڪچي. وڻ=سـُـکمڙد.
تو ڪئي ڪچي ڙي ليلان! نه ته وڏا هئا سـُـکَ مڙد
جا.
(1283)
وڻ ڪـِـي، ڌن ڪـِـي، پهر کهيتي ڪـِـي ڪيون؟
وڻ=سکمڙد. ڌن ڪي=مٽا. کهيتي ڪي=
روت>روتي.
سکهه مرد مـِـٽا، پهر روتي ڪيون؟
(1284)
ليلان! توکي ذات ڇڏيو، يا ڪنهن سان نالو هئينءَ.
ذات=ڀاڳت>ڀاڳ. نالو=ذوتي.
ليلان! توکي ڀاڳ ڇڏيو، يا ڪنهن سان ذوقي هئينءَ.
(1285)
سـُـٽ جي ليلان، هوءَ پورهيت هار کڻي ويئي.
سـُـٽ جي=پڙائي>پڙهايئي. پورهيت=ڪـُـويلي>
ڪويلي.
ڪنهن پڙهايئي ليلان، هوءَ ڪويلي هار کڻي ويئي.
(1286)
نالو ذات ڪري، ڪوهه مڇي ٿي ليلان.
نالو=مـِـٺو. ذات=مڱڻهار>هار. مڇي=
رڙي>رڙين.
مـِـٺو هار ڪري، (پوءِ) ڪوهه رڙين ٿي ليلان!
(1287)
هٿيار پوک جي ذات ڪيئي،ڇو مرونءَ جي ليلان!
هٿيار=وَڏاڻ. پوک جي=رَک. ذات=واپاري>
واپار. مرونءَ جي=لـُـڇ>لـُـڇين.
وڏاڻ رکي واپار ڪيئي، (پوءِ) ڇو لـُـڇين ليلان!
(1288)
نالي ڪاٺ جو به تنهنجو، وري راند جي به تون!
نالو=قائم. ڪاٺ جو=ڪـِـلو. راند جي=گـُـٿي.
قائم ڪـِـلو به تنهنجو، وري گٿينءَ به تون!
(1289)
اڙي ليلان! نالو تنهنجو شهر هو، پر توکان
نالو ئي نه ٿيو.
نالو=خانو>خانو(گهر). شهر=آباد. نالو=وَسايو.
اڙي ليلان! خانو تنهنجو آباد هو، پر توکان وَسايو
نه ٿيو.
(1290)
چنيسر ته ذات هو، تو شهر ڪيو ڙي.
ذات=سنگتراش>سنگت+راس. شهر=ڪرڪـُـوڪ
>ڪرتـُـوت
چنيسر ته سنگت راس هو، تو ڪـَـرتـُـوت ڪيو ڙي.
(1291)
ڪوڙ ڪيو اٿئي ليلان، مرون ڪـَـٽيو تو.
ڪوڙ=اِعمال. مـِـرون=ڪـَـلب>قلب.
اِعمال (لڇڻ) ڪيو اٿئي ليلان، قلب ڪـَـٽيو تو.
(1292)
کاڄ جي توکي نارنان، نارنان تو نه ڪئي.
کاڄ جي=ٻـَـرهي>ٻـَـر+هو. نارنان=ليلان.
نارنان=سـُـرهي.
ٻـَـرهئو توکي ليلان، سـُـرهي تو نه ڪئي.
(1293)
ٻه ڪاٺيون توتي ليلان! تڏهن پوک جو توکي ٿيو.
ڪاٺي=ٻـِـچ. ڪاٺي=گـُـلي. پوک جو=وهراج>
وِهه+راڄ.
ٻه چغليون توتي ليلان! تڏهن وِهه راڄ توکي ٿيو.
(1294)
ليلان! ڳهه ٿيئي، ڪاٺ جو نه ٿيو تو.
ڳهه=هار. ڪاٺ جو=وَرو>وَرُ.
ليلان! هار ٿيئي، وَر نه ٿيو تو.
(1295)
ليلان! نالو ته ڪيئي، پر ٻولي نه.
نالو=ڌيرڻ>آڌيءَ+رڻ. ٻولي=ٺهيو.
ليلان! آڌيءَ رِڻ ڪيئي، پر ٺهيو ته نه.
(1296)
ليلان! سٽ جو ڏنو پاڻ کي، هاڻي وَت راند جي.
سٽ جو=توبرو>توٻرو> تو+ٻـَـرو. راند جي=
ڊوڙ>ڊوڙندي.
ليلان! تو ٻـَـرو ڏنو پاڻ کي، هاڻي وت ڊوڙندي.
(1297)
راند ڌڻ تنهنجو، زحمت مرون ليلان!
راند جو=حڪم. ڌَڻ=چـُـڪو. زحمت=اُٿي.
مرون=روباهه>روءُ+باهه.
حڪم چڪو تنهنجو، اُٿي روءُ باهه (۾) ليلان!
(1298)
نارنالي لوهه جي لڳئي، تڏهن به ٿي مال جا ڪرين!
نار نالي=ليلان. لوهه جي=ڪـَـسُ. مال جا=
سودا>سوداءُ.
ليلان! ڪس لڳئي، تڏهن به ٿي سوداءُ ڪرين!
(1299)
اڙي ليلان! شهر ته ڪيئي، پر نالو ته ڪر.
شهر=قصور. نالو=منظور.
اڙي ليلان! قصور ته ڪيئي، پر منظور ته ڪر.
(1300)
پنهنجي ڪري ليلان، پوءِ ٿي پکي ڪرين.
پنهنجي=سونهن>سونهان. پکي=شتاب>تاب.
سونهان ڪري ليلان! پوءِ ٿي تاب ڪرين.
(1301)
مرض تنهنجا ليلان! ڪپڙ جا سهيو، ويٺي مرد جا ڪرين.
مرض=ٻرهال>ٻـَـرَ+حال. ڪپڙ جا=تـُـنڪا.
مرد جا=لـُـٽڪا.
ٻـَـرَ حال تنهنجا ليلان! تـُـنڪا سهيو ويٺي
لـُـٽڪا ڪرين.
(1302)
ڪپڙ جا ڇڏي، تون ڪـُـتي جا ڪر.
ڪپڙ جا=ڪـُـٽڪا (ٽـُـڪريون). ڪـُـتي جا=
لـُـٽڪا (پڇ لـُـٽڪائڻ).
ڪـُـٽڪا ڇڏي، تون لـُـٽڪا ڪر.
(1303)
نالو اٿئي ڙي ليلان! هاڻي ذات نه ڪر.
نالو =روشن، ذات ڪراڙ > تڪرار.
روشن اٿئي ڙي ليلان! هاڻي تڪرار نه ڪر.
(1304)
ڪاٺ جي آهين ليلان، مال جو چنيسر.
ڪاٺ جي=ڇيت>ڇـِـتي. مال جو=پـُـڇ.
ڇـِـتي ٿي آهين ليلان، پـُـڇ چنيسر.
(1305)
لوهه جي ٿي هئين ليلان! تڏهن پکي جو چنيسر.
لوهه جي=ڇيتِ>ڇـِـتي. پکيءَ جو=پـُـڇ>پـُـڇن.
ڇـِـتي ٿي هئين ليلان! تڏهن پڇين ها چنيسر.
(1306)
ليلان! تون لوهه جي ٿئينءَ، چنيسر مال جو ٿيو.
لوهه جي = دور. مال جو=مست.
ليلان! دور ٿئينءَ، چنيسر مست ٿيو.
(1307)
ليلان! تو ۾ هار جو هو، تڏهن توکي وئي ذات ڇڏي.
هار جو=ڪـَـچُ. ذات=سمجهه.
ليلان! تو ۾ ڪـَـچُ هو، تڏهن توکي وئي سمجهه ڇڏي.
(1308)
نالو وڃائي پانهنجو، تڙ ويٺينءَ تون،
مرون جي هن به ڪانه ڪي، پوءِ عضوي پئينءَ تون.
نالو=هالو>حال. تـَـڙ=تالهو>طالبو. مرون جي=
اونائي. عضوو=مـُـٺ>مـُـٺينءَ.
حال وڃائي پانهنجو، طالب ٿئينءَ تون،
اونائي هن به ڪانه ڪا، پوءِ مـُـٺينءَ تون.
(1309)
ليلان! اسان لوهه جي ته چنيسر مٽيءَ جي ڪري.
لوهه جي=سـُـئي. مـِـٽيءَ جي=ٿوٻـِـي>ٿو+ٻي.
ليلان، اسان سـُـئي ته چنيسر ٿو ٻـِـي ڪري.
(1310)
ذات نالي ڀر، جو عورتان ٻولي ڪري.
ذات=قنبراڻي>ڪنبُ+راڻي. نالو=قهار.
عورت=دادلي>دادليون. ٻولي=دُور.
ڪـَـنبُ راڻي، قهار ڀـَـر، جو دادليون دور ڪري.
(1311)
مرض سهي کڻي ڪاٺ جي ڪر، نالي ۾ فقير
جو اٿئي.
مرض=سور. ڪاٺ جي=ماٺ. نالو=نصيبو>
نصيب. فقير جو=لکيو.
سـُـور سهي کڻي ماٺ ڪر، نصيب ۾ لکيو اٿئي.
(1312)
ڪکُ ڪري پيو نالي تي، هاڻ ڪا ذات.
ڪک=قلم. نالو=ڪرم. ذات=ڀوڳڙي>
ڀوڳ+ڙي.
قلم آئيئي ڪرم تي، هاڻ ڀوڳ ڙي.
(1313)
ويو ڪـَـکُ وَهي، هاڻي ليلان! ويٺي ذات.
ڪک=قلم. ذات=لوڙها>لوڙُ.
ويو قلم وهي، هاڻي ليلان! ويٺي لوڙ.
(1314)
لوهه جي ليلان، اکر جو چنيسر،
ڪاٺ ئون پئي، هاڻي نالو ڪر.
لوهه جي=روات>روءُ+اُت. اکر جو=وَٽُ.
ڪاٺ جو=هٿيو>هٿ. نالو=بخشڻ>بخش.
روءُ اُت ليلان، وَٽ چنيسر،
هٿئون پئي، هاڻي بخش ڪر.
(1315)
ذات ليلان سـُـٽَ جي، چنيسر من نانءُ ڪريئي!
ذات=وونرا>وؤن+روءُ. سٽ جي=وَٽِ.
نانءُ=سائينداد>سائين+داد.
وؤن روءُ ليلان! وَٽ چنيسر، من سائين داد ڪريئي.
(1316)
مال جو ليلان، توسان الله نانءُ ڪندو.
مال جو=نرو>نه+روءُ. الله=سائين. نانءُ=داد.
نه روءُ ليلان، توسان سائين داد ڪندو.
(1317)
ڀر ڙي ليلان ڪاٺي، اڳيان ذاتين ۾ ويندينءَ.
ڪاٺي=قلمي>ڪلمون. ذات=ملائڪ>ملائڪن.
ڀر ڙي ليلان ڪلمون، اڳيان ملائڪن ۾ ويندينءَ.
(1318)
ليلان! ويهه نه مال جن ۾، وڃ تون ذات کڻي.
مال جا=اَجها>اَجهن. ذات=ساڏور>ڏور.
ليلان! ويهه نه اَجهن ۾، وڃ تون ڏُور کڻي.
ليلان جو وڃڻ
(1319)
هئينءَ ڪکن جي ڪامڻي، نرنانءُ ويوئي ڇڏي،
هاڻي ليلان وڃ لڏي، متان مرضو مرض مري وڃي.
ڪکن جي=تونري>توڙي. ڪامڻي=سومري.
نرنانءُ=سڀاڳو>سو+ڀاڳ. مرض=رنجو رنج.
هئينءَ توڙي سومري، سو ڀاڳ ويوئي ڇڏي،
هاڻي ليلان وڃ لڏي، متان رنجو رنج مري وڃي.
(1320)
اي ليلان! گاهه جي هتئون، ڪؤنرو ڪپڙو ڪيو.
گاهه جي=لـَـڏ. ڪپڙو=ڇوڙو (ڪفن مٿان ڪپڙو)
>وڇوڙو.
اي ليلان! لڏِ هـِـتئون، ڪؤنرو وڇوڙو ڪيو.
(1321)
هتي واڻڪي ڪريان ڪوهه، چنيسر ذات ٿيو.
واڻڪي=وَهي>ويهي. ذات=سامٽيا>ساءُ+مٽيو.
هتي ويهي ڪريان ڪوهه، (جڏهن) چنيسر ساءُ مٽيو.
(1322)
حاڪيماڻا هت ڇڏيو،ليلان ولايت وڃي.
حاڪيماڻا = قلعا. ولايت=ڏورُ.
قلعا هت ڇڏيو، ليلان ڏور وڃي.
(1323)
جڏهن ليلان ٿي گاهه جي، تڏهن کائڻ جو ڪير
چويس ئي ڪونه.
گاهه جي=لـَـڏَ>لڏي. کائڻ جو=وِهه>ويهڻ.
جڏهن ليلان ٿي لڏي، تڏهن ويهڻ جو ڪير چويس ئي نه.
(1324)
ليلان پئي گاهه جا ڪيا، ته هندو نالي ڪنهن نه چيو.
گاهه جا=لڏڻ>لاڏاڻا. هندو نالو=ٽـِـڪيو>ٽـِـڪ.
ليلان پئي لاڏاڻا ڪيا، ته ’ٽـِـڪُ‘ ڪنهن نه چيو.
(1325)
حاڪيماڻي ليلان، چنيسر ٿو ذات ڪري، متان
ڪاسبڪي ڏي.
حاڪيماڻي=ڀـَـڄ. ذات=وَڳڻ. ڪاسبڪي=مار.
ڀڄ ليلان، چنيسر ٿو وڳڻ ڪري، متان مار ڏي.
(1326)
ڪپڙي جي اٿئي ليلان، وڃ نالو کڻي.
ڪپڙي جي=هـَـڙَ. نالو=ساهـُـڙ>سا+هـَـڙَ.
(جا) هـَـڙ اٿئي ليلان، وڃ ساهـَـڙَ کڻي.
(1327)
اي ليلان! فقير جو نه، ڪپڙي جو آ.
فقير جو=گيڙُ (هارڻ). ڪپڙي جو=ڀـَـريو.
اي ليلان! گيڙُ نه، ڀـَـريو آ.
(1328)
هٿيار جي ليلان، نه ٻولي چنيسر.
هٿيار جي=جامڪي>جا+مـُـڪي. ٻولي=مڃي.
جا مـُـڪي ليلان، نه مڃي چنيسر.
(1329)
پنهنجو جيت چنيسر، ليلان ان جو نه.
پنهنجو=نياپو. جيت=مـُـڪو. ان جو=چـُـنو>
اچ+نه.
نياپو مڪو چنيسر، ليلان اچ نه.
(1330)
اينديس گاهه عضوي، ٻي ڪاٺ جا عضوي ڪهڙي؟
گاهه=سـَـرُ>چنيسر. ڪاٺ جا=هـَـرُ. عضوو=
ڳـِـرو (ڳچي). عضوو=نڪ.
اينديس چنيسر ڳـِـري، ٻيهر نـَـڪ ڪهڙي؟
ليلان لهور ۾
(1331)
ليلان اڳي ذات هئي، پر ڪؤنرو کڻي پاڻي ڪئي.
ذات=مشوري> مشهور. پاڻي=پڌرو>پڌري.
ليلان اڳي مشهور هئي، پر ڪؤنرو کڻي پڌري ڪئي.
(1332)
ذاتيون اڳئي ذاتيون، پر ذات ٻڌاسين ڪين ميان!
ذات=ڪانڌڙا>ڪانڌ. ذات=ڳهلڙا. ذات=وڪيا.
ڪانڌ اڳئي ڳهلڙا، پر وڪيا ٻڌاسين ڪين ميان!
(1333)
ليلان ڪپڙي جو سودو ڪيو، ذات به آيس ڪانه،
پر نالو ئي
ويو.
ڪپڙي جو=لـَـبادو>لــَـبائتو. ذات=ڪـَـسـَـر>ڪثر.
نالو=مورُ>مـُـور.
ليلان لـَـبائتو سودو ڪيو، ڪثر آيس ڪانه، پر
مـُـور ئي
ويو.
(1334)
ليلان ته ڪاٺي هئي، پر ڪؤنرو جرجا ڪري،
حاڪيماڻي ڏني.
ڪاٺي=ڪاڻي>مالڪياڻي. جر جا=جهڳڙا.
حاڪيماڻي=طلاق.
ليلان ته مالڪياڻي هئي، پر ڪؤنرو جهڳڙا ڪري،
طلاق ڏني.
(1335)
ليلان پوک جو ڪيو، ڪؤنرو نالو ڪندي.
پوک جو=ڇيهه. نالو=قرب.
ليلان ڇيهه ڪيو، ڪؤنرو قرب ڪندي.
(1336)
ڪؤنرو ته پوک جا ڪيا، پر ليلان نرنانءُ ڪندي.
پوک جا=دنگ. نرنانءُ=نياز.
ڪؤنرو ته دنگ ڪيا، پر ليلان نياز ڪندي.
(1337)
جي اکر جا لکبا، سي وکر ئي ڪين.
اکر=انگ. وَکر=ميٽ>ميٽيا.
جي اَنگ لکيا، سي ميٽيائي ڪين.
(1338)
ڪاسبڪي ذات ڪئي، نه ته ڪامڻ هئي نرنانءَ سان.
ڪاسبڪي=پـَـهي>پـَـهو. ذات=نائي>پـِـنائي.
ڪامڻ=اربيلي. نرنانءُ=ارباب.
پـَـهي پـِـنائي، نه ته اربيلي هئي ارباب سان.
(1339)
عورت ٿي ڪؤنرو، جنهن اچي ٺڪر جو هنيو،
نه عورت ٿي ليلان، جنهن سان جنڊ جي ٿي.
عورت=ڀاڳي (ڀاڳ واري). ٺڪر جو=نارو.
نه عورت=نـِـڀاڳي. جنڊ جي=سوڙهي.
ڀاڳي ٿي ڪؤنرو، جنهن اچي نعرو هنيو،
نڀاڳي ٿي ليلان، جنهن سان سـُـوڙهي ٿي.
(1340)
لوهه جي ليلان، رڇ چنيسر.
لوهه جي=کـَـنڊي>کـُـنڊي. رڇ=مـَـٽُ>مـَـٽيئين.
کـُـنڊي ٿي ليلان، مٽيئين چنيسر.
(1341)
کاڄ جو ڏنائون، وکر ويچاريءَ کي.
کاڄ جو=ڪريلو>ڪري+لوءِ. وکر=وهه.
ڪري لوءِ ڏنائون وهه ويچاريءَ کي.
(1342)
هئي نالي وٽ نارنانءُ، اها تلوار جي ڪنهن ڪئي.
نالو=دوس>دوست. نارنانءُ=دادلي.
تلوار جي=ڌار.
هئي دوست وٽ دادلي، اها ڌار ڪنهن ڪئي.
(1343)
عورت ويئي، نالو ڪيائين، نرنانءُ ٿي.
عورت=قؤلان. نالو=مدگر>مـَـدِ+گهـَـر.
نرنانءُ=پـُـورن>پوءِ+رن.
قولا ويئي مـَـدِ گهر ڪيائين، پوءِ رن ٿي.
(1344)
لوهه لڳي ليلان، مٽيءَ جي ٿئي ڪيئن؟
لوهه=داغ. مٽي =اڇي.
داغ لڳي ليلان، اڇي ٿئي ڪيئن؟.
(1345)
مٽيءَ جي ليلان، لوهه جو چنيسر.
مٽيءَ جي=چـَـري. لوهه جو=ڪـَـڙو.
چري ليلان، (ٿيو) ڪڙو چنيسر.
(1346)
پوک ڌڪ جي ليکي راند جون کائي.
پوک=تـِـر. ڌڪ جي=گـُـٿـِـي. ليکي جو=سؤ.
راند جون=چوٽون.
تـِـر جي گـُـٿي، سو چوٽـُـون کائي.
(1347)
ليلان مال جي، ڪؤنرو تان مڇي.
مال جي=ولوڙي>ويٺي لوڙي. مڇي=ڪـَـئي.
ليلان ويٺي لوڙي، (جنهن سان) ڪؤنروءَ تان ڪئي.
-------
باب ڏهون
سرائتيون
ڳجهارتون: مارئي
عمر جو کوهه تان مارئي کڻڻ
(1348)
پوک هئي جـَـرَ جي تي، تڏهن نرنان ڏٺائين.
پوک(جي)=کڙهي(زمين تيار ڪرڻ)>کڙي.
جر جو=کوهه. نرنان=عمر.
کڙي هئي کوهه تي، تڏهن عمر ڏٺائين.
(1349)
ادا! توکي منهنجي ولايت جو ڪنهن نالو ڪيو؟
ولايت=سورت>صورت. نالو=معلوم.
ادا! توکي منهنجي صورت جو ڪنهن معلوم ڪيو؟
(1350)
اَنب جا عضون مان، نالو اُٺ ڏٺي.
انب جا=ٻوڪڻ. عضوو=هٿ. نالو=ڇـُـٽو.
اُٺ=توڏي.
ٻوڪو هٿن مان ڇٽو، تو ڏي ڏِٺي.
(1351)
عمر! عورت نالي ذات گهر جو نه.
عورت نالي=حـُـمـِـي>همه. ذات=دستي.
گهر جو=کـُـڻ (ڇت جو)>کـَـڻ.
عمر! همه دستي ڪري کـَـڻُ نه.
(1352)
عمر! هڏئون زحمت نه.
هڏي(جو)=ڍارو>ريڍار. زحمت=ڇـِـنُ.
عمر! ريڍارئون ڇـِـنُ نه.
(1353)
عمر! شهر نه ڇڏ، مان ذات نالو ڪنديسان”.
شهر=ڇـِـني. ذات=آهپن>آهه+پـُـني. نالو=ڪارو.
عمر! ڇني نه ڇڏ، آهه پـُـني ته ڪارو ڪنديسانءِ.
(1354)
مرض عمر، ڪکن جي مارئي.
مرض=سـَـٽ. ڪکن جي=دٻڪي.
سـَـٽ (ڪئي) عمر، (ته) دَٻڪي مارئي.
(1355)
جر ان جي ذات، نرنان ڪاٺ جي مال تي.
جر=پاڻي. ان جي=ڀـَـرڻي>ڀريندي. ذات=
پنهوار. نرنان=عمر. ڪاٺ جي=چاڙهي.
مال=اُٺ.
پاڻي ڀريندي پنهوار، عمر چاڙهي اُٺ تي.
(1356)
ذات کي ذات ڪيو، ڪاٺيءَ کي مال ۾.
ذات=سومرو. ذات=پـِـيسڪ. ڪاٺي=بيراڳڻ.
مال=بـَـرُ.
سومري وٺي سـُـڪَ ڪيو، بيراڳڻ کي بـَـرَ ۾.
(1357)
کاڄ مڇي ماري، نه ته عمر پوک ئي نه هو.
کاڄ=جـُـوٺو. مڇي=جـَـک. پوک=چـَـڻو>اچڻو.
جوٺي (ڦوڳ) جـَـک ماري، نه ته عمر اچڻوئي نه هو.
(1358)
عمر نه ذات هو، پر ڪاٺي ٿي پيو.
ذات=امير. ڪاٺي=ناڙي>اَناڙي.
عمر ته امير هو، پر اَناڙي ٿي پيو.
مارئيءَ جي ماءُ جي مارئيءَ لاءِ پڇا
(1359)
نالي مٿي نه باهه جي، الائي ڪنهن راند جي؟
نالو=اڱڻ. باهه جي=ٽـِـمڪَ>ٽمڪي.
راند جي=چائـِـي.
اَڱڻ مٿي نه ٽمڪي، الائي ڪنهن چائي؟
(1360)
هوءَ جا نالا وٺي ذات وئي، سا ڪاٺن تؤن ئي ذات.
نالو=جعفر>جا+ڦر. ذات=چارڻ. ڪاٺ=
کـُـوهو>کوهه. ذات=نائي>نه+آئي.
هوءَ جا ڦـَـر وٺي چارڻ وئي، سان کوهه تؤن ئي نه
آئي.
(1361)
منهنجي جيت جو، ڪاٺ جو عمر سان.
جيت=ڄاهو>ڄائي. ڪاٺ جو=سـَـلُ>سليو.
منهنجي ڄائيءَ جو، ڪنهن سليو عمر سان.
(1362)
ذاتين آئين سومرا! ذات ڪري وئين مارئي.
ذات=غيبي>ازغيبي. ذات=غيب>غائب.
ازغيبي آئين سومرا! غائب ڪري وئين مارئي.
مارئي عمر جي قيد ۾
(1363)
نرنان نالو ڀانيان ها، ته ٻيلي ذات نه وڃان ها.
نرنانءُ=عمر. نالو=آيو. ٻيلي>نـَـفر>نه+ڦر.
ذات=چارڻ.
عمر آيو ڀانيان ها، ته نه ڦـَـرَ چارڻ وڃان ها.
(1364)
پنهنجي حاڪم جو ڪيو، تڏهن ڪاٺ جي تان
گاهه جو ٿياس.
پنهنجي=قسمت. حاڪم جو=قهر. ڪاٺ جو=
کـُـوهو>کوهه. گاهه جو=بند.
قسمت قهر ڪيو، تڏهن کوهه تان بند ٿياس.
(1365)
نارنان حاڪيماڻا، ڪاٺ جي ڏسان ڪانه ميان!
نارنان=جافران>جان+ڦران. حاڪيماڻا=ڪوٽ.
ڪاٺ جي=ڏاڪڻ.
جان ڦران ڪوٽ کي، ته ڏاڪڻ ڏسان ڪانه ميان!
(1366)
مارو ڇڏي مارئي، ٿي مال جا نهاري.
مال جا=اوٿـَـر>ٿـَـر.
ماروُ ڇڏي مارئي، ٿي ٿر ڏي نهاري.
(1367)
نالو ذات راڳ، سا پنڌ جا ڪپڙي ۾.
نالو=جعفر>جا+ڦر. ذات=چارڻ. راڳ=
جوڳ>جوڳي. پنڌ جا=ڪوهه. ڪپڙو=ڪوٽ.
جا ڦر چارڻ جوڳي، سا ڪوهه (آهي) ڪوٽ ۾.
(1368)
مارئي اندران باهه جي، پئي مال نهاري.
باهه جي=اُماڙي>ماڙي. مال=هرڻ>رڻ.
مارئي اندران ماڙيءَ جي، پئي رڻ نهاري.
(1369)
مرضن چڙهيو مارئي، بيٺي پوک جا نهاري.
مرض=مهلو>محلين. پوک جا=چؤنرا.
محلين چڙهيو مارئي، بيٺي چؤنرا نهاري.
(1370)
ماڙيءَ چڙهيو مارئي، بيٺي ڌڻ جا نهاري،
پوک اَباڻي پارَ جي، من ڏاتر ڏيکاري،
آءٌ ته گهڻئي ڳهه جي، پر جي عمر اُماڻي.
ڌڻ جا=اوڳر>گهر. پوک جا=چؤنرا
ڳهه جي=ڪـَـنڍلي>اُڪنڊي.
ماڙيءَ چڙهيو مارئي، بيٺي گهر نهاري،
چؤنرا اباڻي پارَ جا، من ڏاتر ڏيکاري،
آءٌ ته گهڻئي اُڪنڊي آهيان، پر جي عمر اُماڻي.
(1371)
وڻ چڙهيو مارئي، بيٺي جيت نهاري.
وڻ(جو)=منگهو. جيت=پوپٽ>پـَـٽ.
منگهي چڙهيو مارئي، بيٺي پـَـٽَ نهاري.
(1372)
ماڙيءَ چڙهيو مارئي، مال ڪاٺ جي لائي روئي،
ائين بيٺي چوئي، مرض مال جي آهيان.
ماڙيءَ(جو)=ڇاڄو. مال جي=رَتي>رَت.
ڪــاٺ جــو= وَرو>ورن. مـــرض= وِرهه.
مال جي=وڪوڙي.
ڇاڄين چڙهيو مارئي، رَتَ وَرَنو روئي،
ائين بيٺي چوئي، وِرهه وڪوڙي آهيان.
(1373)
کاڄ نه کائي مارئي، نالو اٿس مـَـن ۾.
کاڄ=ٽـِـڪي (ماني). نالو=موٽڻ.
ٽـِـڪي نه کائي مارئي، موٽڻ اٿس مـَـن ۾.
مارئيءَ جون عمر کي منٿون
(1374)
هڪ نالو، ٻيو نالو،ٽيون نالو،توکي چوٿون نالو نه
هو.
نالو=عمر. نالو=ميرو>مير. نالو=امير.
نالو=لائق.
عمر مير امير! توکي (ائين) لائق نه هو.
(1375)
لوهه ڪاٺ نه اٿئي ميان سومرا، هي نالو نه تو.
لوهه جي=جهـَـلَ>جهـَـلـَـڻُ. ڪاٺ(جو)=مـُـنو
(نار جو عضوو)>مناسب. نالو=لائق.
جهلڻ مناسب نه اٿئي ميان سومرا، هي لائق نه تو.
(1376)
جيت نالي ڪيئي ميان سومرا! سو شهر به ٿئين تون،
تو پنهنجي پوک جي ڪئي، پوءِ ڪاٺ پنهنجو مون.
جيت= کـَـڻ>کڻي. نالو= آندو>آندئي. شهر=
جهـَـلو>جهلي. پنهنجي=پت. پوک جي=پيوري>
پوري.ڪاٺ(جي)=کـَـٽ>کٽي. پنهنجو=نصيب.
کڻي آندئي ميان سومرا! سا جهلي ويٺين تون،
تو پنهنجي پوري ڪئي، هاڻي کـَـٽي نصيب مون.
(1377)
مڻئي نالي نار، شهرئون آندئي ڪيئن ميان!
مڻيو=ياقوت>قوت. نار=مکڻ>مکڙيون.
شهر=سامارو>سا+ماري.
قوت جنهن جو مکڙيون، سا ماري آندئي ڪين ميان!
(1378)
اولت نالي شهر مؤن، تو ڪاٺي آندي ڪيئن ميان!
اولت(عورت)=بيگم>بي+غمي. شهر=گام.
ڪاٺي=ڳـَـني>ڳنهي.
بي غمي گام مؤن، تو ڳنهي آندي ڪيئن ميان!
(1379)
نالو ڪر ڙي سومرا! ڏي پنهنجو نارنانءَ کي ته
حاڪم جي ٿئي.
نالو=ترس. پنهنجو=دلاسو. نارنانءُ=دلگير.
حاڪم جي=دلجاءِ.
ترس ڪر ڙي سومرا!ڏي دلاسو دلگير کي ته دلجاءِ ٿئي.
(1380)
اَٿئي نانءُ الله جو، ذات نه ڪر مون،
نرنالي حاڪيماڻي ۾، جيت ٿيندين تون.
ذات= ڪارا> ڪاري. نر نالو= صاحب.
حاڪيماڻي=سرڪار. جيت=ڏوهو>ڏوهي.
اٿئي نانءُ الله جو، ڪاري ڪـَـر نه مون،
صاحب جي سرڪار ۾، ڏوهي ٿيندين تون.
(1381)
ذات آهيان ميان سومرا! نه ڏي ڳهڻو اَباڻن.
ذات=ماڇي>مان اَڇي. ڳهڻو=ٽـڪڙو.
مان اَڇي آهيان ميان سومرا! نه ڏي ٽـِـڪو اَباڻن.
(1382)
پکي ڪيئي مون کي، عمر! پکين ۾.
پکي=بـَـدڪ>بـَـد. پکي=هيڙهو>هيڙين>
ساهيڙين.
بـَـد ڪيئي مون کي، عمر! ساهيڙين ۾.
(1383)
نالا تنهنجا سومرا، نالي کي نه وڻن.
نالو=حڪيم>جي+ڪـَـمَ. نالو=واحد.
جي ڪم تنهنجا سومرا، واحد کي نه وڻن.
(1384)
اي عمر سومرا! توکي زال جي، نه مال جو.
زال جي=ناس. مال جو=پـِـتو.
اي عمر سومرا! توکي ناس نه پـِـتو.
(1385)
وڻن منجهه هـُـياس، جي تون نه کڻين ها سومرا!
وَڻ=اَنب>اَنبن+اَبن (عزتن).
اَبن منجهه هياس، جي تون نه کڻين ها سومرا!
(1386)
ڪاٺين آندئي مارئي، ڪاٺي ڪين ڇڏيج،
نالو اٿئي ميان سومرا! وڃي مال جن کي ڏيج.
ڪاٺ(جو)=کـُـوهو>کوهين. ڪاٺي=رُول>
رولي. نالو=راضي. مال جا=ساڳا>ساڳين.
کوهين آندئي مارئي، رولي ڪين ڇڏيج،
راضي ٿيءُ ميان سومرا! وڃي ساڳين کي ڏيج.
(1387)
ڪاٺ تان ذات آندءِ سومرا!وڌئي ڪاٺن منجهه پکي،
سا هت ڪيئن گذاري، جنهن جا شهر ۾ پوک رڇ ٿيا.
ڪاٺ=کوهو>کوهه. ذات=کونڀڙيا>کنڀي.
ڪاٺ=طاق>طاقن. پکي=تاڙو. شهر=کاهڙ.
پوک=کيٽ. رڇَ=پڪا.
کوهه تان کنڀي آندءِ سومرا! وڌئي طاقن منجهه تاڙي،
هت ڪيئن گذاري، جنهن جا کاهڙ ۾ کيٽ پڪا.
(1388)
ذاتيون ڪنهن نه کنيون ذات، عمر! تو ڪا ذات ڪئي.
ذاتيون=نياڻيون. ذات=تـَـڙت>تڙ تان.
ذات=ٿوري.
نياڻيون ڪنهن نه کنيون تـَـڙ تان، عمر! تو ڪا ٿوري
ڪئي.
(1389)
جيت مٿان جر جو، توکي رحم نه پيو هڪ رَتي.
جيت=کـَـڻ>کڻي. جر جو=کوهه.
کڻي مٿان کوهه، توکي رحم نه پيو هڪ رَتي.
(1390)
نالو نالي ۾، ڇو راند جي ڪيئي؟
نالو=بيگ. نالو=بنگل. راند جي=پوري.
بيگناهه بنگلن ۾، ڇو پـُـورِي اٿئي؟
(1391)
ڪپڙي آندئي مارئي، ڪپڙي نه ٽڪاءِ،
هن ڪپڙي مان ڪڍي، ڪپڙي ۾ ملا”.
ڪپڙو=زري>زوري. ڪپڙي(جو)=ڪوٽ.
ڪپڙو=ملير.
زوريءَ آندئي مارئي، زوريءَ نه ٽڪاءِ،
هن ڪوٽ مان ڪڍي، ملير ۾ ملاءِ.
(1392)
اداڙي عمر!اسان جي ملڪ ۾، عضوي گهوڙي ٿئي ڪانه.
عضوو=هٿ. گهوڙو=کسي>کس.
ادا ڙي عمر! اسان جي ملڪ ۾ هٿ کس ٿئي ڪانه.
(1393)
عمر! اسان جي ڏيهه ڏي، نالن تي قرآن.
نالو=واٽـُـو>واٽن. قرآن=فرقان>ڦر+ڪانه.
عمر! اسان جي ڏيهه ڏي، واٽن تي ڦـُـر(ٿئي)ڪانه.
(1394)
عضوو مون حاڪيماڻي ٿيو، عورت آندياس ڪپڙي ۾.
عضوو=تن>وطن. حاڪيماڻي=ويڙهه.
عو رت=قسمت. ڪپڙي جو=ڪوٽ.
وطن مون ويڙهه ٿيو، (پر) قسمت آندياس ڪوٽ ۾.
(1395)
عرض اچين سومرا! نالو نالن سان،
ڪڏهن سـُـئاسون ڪينڪي، اُڀ جا مارن سان.
عرض=صدا>سدا. نالو=رهندو. نالو=راڄو>راڄن.
اُڀ جا=ڪس>عڪس.
سدا اچين سومرا! رهندو راڄن سان،
ڪڏهن سـُـئاسون ڪينڪي، عڪس مارن سان.
(1396)
نالو ڪر ڙي سومرا! ذاتين راند نه ڦٽا”.
نالو=نظر. ذات=سانگي. راند=سانگ.
نظر ڪر ڙي سومرا! سانگين سانگ نه ڦٽاءِ.
(1397)
ذاتئين آندئي مارئي، سا ذاتئين تون پهچاءِ.
ذات=کيبر>بـَـرين. ذات=راڄپر>راڄين.
بـَـرين آندئي مارئي، سا راڄين تون پهچاءِ.
(1398)
ڪکين آندءِ ميان سومرا! ڪکن ۾ پهچاءِ.
ڪکن جو=ٻهارو. ڪکن(جون)=جهوپڙيون.
ٻهاري آندءِ ميان سومرا! (سا) جهوپڙين ۾ پهچاءِ.
(1399)
ڪکان آندءِ ميان سومرا! تڙئون موڪل ڏي.
ڪکن(جو)=ٻـُـهارو. تڙ (جو)=وارو.
ٻـُـهاري آندءِ ميان سومرا! (تنهن کي) واري موڪل
ڏي.
(1400)
عمر! گاهه جو ڪيئي، هاڻ نارنانءُ ڪڍجانءِ.
گاهه جو=بند. نارنان=عـِـزت.
عمر! بند ڪيئي، هاڻ عزت سان ڪڍجانءِ.
(1401)
اي پکي عمر سومرا! مون کي ڪڍ لوهن مان.
پکي=پرمار. لوهه=ڪـَـڙو>ڪـَـڙن.
اي پرمار عمر سومرا! مون کي ڪڍ ڪـَـڙن مان.
(1402)
پنهنجيءَ ڪونه آيس، پکيءَ جو کڻي آئين.
پنهنجي=خوشي. پکيءَ جو=کنڀ>کنڀي.
خوشيءَ ڪونه آيس، کنڀي کڻي آئين.
(1403)
ڪاٺي ادا سومرا! نه ته آءٌ مڇيءَ جي ڪنديسانءِ.
ڪاٺي=نيگهر>ني+گهر. مڇيءَ جي=هاري>
ڏوهاري.
ني گهر ادا سومرا! نه ته ڏوهارِي ڪنديسانءِ.
(1404)
ڪپڙي مرون آيا، پر کاڄ جي ڪنهن نه ڪئي!
ڪپڙو=چـِـندو>چـِـندين. مرون=چنچل>چئنچل.
کاڄ جي=هـَـڏي>هيڏي.
چـِـندين چئنچل آيا، پر هيڏِي ڪنهن نه ڪئي! |