(1405)
هـِـت هندڪا اڳ به هئا، جر جون فقيراڻيون
تو ڪيون.
هـِـندڪا=راجا. جر جون=نيون. فقيراڻيون=ريتيون.
هت راجا اڳ به هئا، پر نيون ريتيون تو ڪيون.
(1406)
ادا ڙي عمر! تو نالي اهڙا ڪاٺ جا ڪنهن نه ڪيا.
نالو=ساماڻو. ڪاٺ جا=گز>غضب.
ادا ڙي عمر، تو ساماڻي اهڙا غضب ڪنهن نه ڪيا.
(1407)
سڻڀ ان جون ڪري، نرنانءُ ٿيو ڪونه ڪو.
سڻڀ جي=چـُـوري>چوريون. ان جون=رَيون.
نرنانءُ=وَنهيون.
چوريون ڪري، وَنهيون ٿيو ڪونه ڪو.
(1408)
نالا نانءُ نه ڪن، ڪاٺيون هڻن نه سومرا!
نالو=چڱو>چڱا. نانءُ=چـُـوريو>چوريون.
ڪاٺيون=سـِـڌيون>سـَـنڌيون(کاٽ).
چڱا چوريوُن نه ڪن، سـَـنڌيون هڻن نه سومرا!
(1409)
مڻيا پوک نه ڪن، پوک ڀلي پورهيت ڪن.
مڻيو=سالڪ. پوک=کـَـس. پورهيت=
ڪمي>ڪميڻا.
سالڪ کـَـس نه ڪن، کـَـس ڀلي ڪميڻا ڪن.
(1410)
اهو مال جو نه هـُـيئي سومرا، جو لڄايئي ذاتيون.
مال جو=وڙ. جيت=پوپٽ>پٽ. ذات=
پنهوار>پنهواريون.
اهو وَڙُ نه هيئي سومرا، جو لڄايئي پنهواريون.
(1411)
پکي مار نه سومرا! نالو پوک نه تون.
پکي=اَڀرا. نالو=رعايا. پوک(جو)=تڪ.
اَڀرا مار نه سومرا! رعايا تـَـڪ نه تون.
(1412)
پکي مار مَ سومرا! مـَـرُ پکي مارُو هونِ،
پکي جهلڻ جهنگ مان، اها ريت نه راجائن.
پکي=آڀرو>اَڀرا. پکي=سڀرو>سڀرا. پکي=
ٻار ڌتارو.
اَڀرا مار مَ سومرا! مر سڀرا مارُو هونِ،
ٻار ڏتاري جهلڻ جهنگ مان، اها ريت نه راجائن.
(1413)
ذات نه ڪر ميان سومرا، توکي نرنانءُ نالو ڪندو.
ذات=تـُـرڪ>روڪ. نرنانءُ=مالڪ.
نالو=موچارو.
روڪ نه ڪر ميان سومرا، توکي مالڪ موچارو ڪندو.
(1414)
تڙ ڦٽا ڪر سومرا! نيئي ڏي ڳهه مارن کي.
تڙ=ڏِنگُ. ڳهه=مانگهه>مان گڏ.
ڏِنگ ڦٽو ڪر سومرا! نيئي مون گڏ مارن کي.
(1415)
عمر! اسان جي ڏيهه ۾، ول پوک ٿئي ئي ڪانه.
ول=ويساهي>ويساهه. پوک=ڪـَـتي>گهاتي.
عمر! اسان جي ڏيهه ۾، ويساهه-گهاتي ٿئي ئي ڪانه.
(1416)
ذات آنديس سومرا! وڻن ڪونهي ڏوهه.
ذات=اَمر. وڻ=مئٽ>مائٽ.
اَمر آنديس سومرا! مائٽن ڪونهي ڏوهه.
(1417)
مارئي مري ٿي نرنانءُ لا”، آءُ نرنانءُ کي پهچا”،
نالي نرنائن ۾، تو ڇو کاڄ جي ڪئي؟
نرنانءُ=ننگ. نرنانءُ=ساهـُـو>سا+هن. نالو=
بيگ> بيگناهه. نــــرنـــانءُ= بـَـنگـُـل>
بنگـلن.
کاڄ جي=پـُـوري.
مارئي مري ٿي ننگ لاءِ، آءُ سان هـُـن کي پهچاءِ،
بيگناهه بنگلن ۾، تو ڇو پـُـوري آهه؟
عمر جو مارئيءَ کي شاديءَ لاءِ چوڻ
(1418)
مال جي ٿي نه مارئي، تنهنجا نالا نالا آهن.
مال جي=مادي>ماندي. نالو=سانگي. نالو=
سکيو>سکيا.
ماندي ٿيءُ نه مارئي، تنهنجا سانگي سـُـکيا آهن.
(1419)
چلم جي نه ٿيءُ مارئي! تون نارنان ٿي ويهه.
چلم جي=ڪـِـنـِـي. نارنان=سـُـرهي.
ڪـِـني نه ٿيءُ مارئي! تون سـُـرهي ٿي ويهه.
(1420)
نالو ٿي جي رڇ ڪرين، ته ڏيان وکر مارن کي.
نالو=روچي>پرچي. رڇ=پرُڻ>پرڻو. وکر=
زهر>زر.
پرچي جي پرڻو ڪرين، ته ڏيان زر مارن کي.
(1421)
وڻ تون ملڪ وسار، پنهنجو ڏي نرنان کي.
وڻ=وينگس. ملڪ=ويڙهه. پنهنجو=جهڄڻ.
نرنان=جهانگي.
وينگس تون ويڙهه وسار، جهڄڻ جهانگيئڙن کي.
(1422)
نالي ۾ ٿي ويهه، ڇڏ مرون مارئي.
نالو=نظر. مرون=ويڙهو>ويڙها.
نظر ۾ ٿي ويهه، ڇڏ ويڙها مارئي.
(1423)
توکي نالي آندم مارئي، تون نالي ۾ ٿي ويهه،
هي به تنهنجو ڏيهه، نالي ڪندوسانءِ مارئي!
نالو=دِلو>دِليئون. نالو=بيگم>بي+غمي.
نالو=بخشو>بخش.
توکي دليئون آندم مارئي، تون بي غمي ٿي ويهه،
هي به تنهنجو ڏيهه، بخش ڪندوسانءِ مارئي!
(1424)
نالي ۾ آندومانءِ مارئي! نالي ۾ ٿي ويهه،
هي به تنهنجو ڏيهه، نالي ۾ ڪندوسانءِ مارئي!
نالو=محبت. نالو=صحبت. نالو=سـُـکيو.
محبت ۾ آندومانءِ مارئي! صحبت ۾ ٿي ويهه،
هي به تنهنجو ڏيهه، سکيو ڪندوسانءِ مارئي!
(1425)
ڪاٺ ڪر، ٻولي شهر جن ۾ فقير جون ڪر مارئي.
ڪاٺ(جي)=ماٺِ. ٻولي=هلي. شهر جا=محلات.
فقير جون=موجون.
ماٺ ڪر، هلي محلاتن ۾ موجون ڪر مارئي.
(1426)
ڪر پنهنجو، ٿيءُ نارنان، ٻوليون ڪيم ڪر،
ته نرنان ڪريئين مارئي.
پنهنجو=صبر. نارنان=سياڻي. ٻوليون=دانهون.
نرنان=راضي.
ڪر صبر، ٿيءُ سياڻي، دانهون ڪيم ڪر،
ته راضي ڪريئين مارئي.
(1427)
کاڄ نه کائين ڙي مارئي! نالا نامن جا.
کاڄ=صوف. نالو=تاجو>تازو. نام=باغ.
صوف نه کائين ڙي مارئي! تازا باغن جا.
(1428)
مڇي ٿي ڳهه پاءِ، ڪڙمڪا نه هار.
مڇي=ڏاهي. ڳهه=ڇلا. ڪڙمڪا=ڳوڙها.
ڏاهي ٿي، ڇلا پاءِ، ڳوڙها نه هار.
(1429)
ان جا آڻيو ڏينِ، ته مال جا ڪر مارئي!
انءَ جا=وساڻ>ويس+نوان. مال جا=چونڊ.
ويس نوان آڻيو ڏينِ، ته چونڊ ڪر مارئي!
مارئيءَ جو عمر کي جواب
(1430)
وات جا آڇ نه مون، راند جا ڀلي هـَـڻ.
وات جا=ويڻ. راند جا=هاڙهي>ڪهاڙي.
ويڻ آڇ نه مون، ڪـُـهاڙي ڀلي هـَـڻ.
(1431)
حاڪم جون نه ڪر عمر ادا، بلائون کينئي.
حاڪم جون=آڇون. بلائون=ارموش(وڏي بلا).
آڇون نه ڪر عمر ادا، ارموش کينئي.
(1432)
عمر! تون چوين نرنان، مون کي مال جي.
نرنان=پرچو>پـَـرچ. مال جي=اُکي>اوکي.
عمر! تون چوين پرچ، مون کي اوکي.
(1433)
ڪپڙو نه ڪر ميان سومرا! هيءُ ڪپڙو چڱو هناهه،
جو نالو تون چوين، سو نالو مون وٽ ناهه.
ڪپڙو=ڪارو. ڪپڙو=اَنڌاري>انڌير. نالو=
کـِـلڻ. نالو=خوشي.
ڪارو نه ڪر ميان سومرا! هيءُ انڌير چڱو ناهه،
جو کـِـلڻ تون چوين، سا خوشي مون وٽ ناهه.
(1434)
ذات ڪاسبڪي ڪار، نرنالي آزار جي نارنالي.
ذات=دائي>مدائي. ڪاسبڪي ڪار=مـَـنڻ>
من+۾. نرنالو=اَمانُ>اما+نه. آزار جي=سـُـتي.
نار نالو=ڏني.
مدائيءَ جي من ۾، اما نه سـُـتي ڏني.
(1435)
عضوي تي ويهي، عضوو ڏيندي سانءِ ڪين ميان!
عضوو=سـَـنڌ>سـَـڌَ. عضوو=گوش.
سـَـڌُن تي ويهي، گوش ڏيندي سانءِ ڪين ميان!
(1436)
عورت تنهنجي سومرا، مرونءَ جي وڻي مَ مون.
عورت=هرچي>هر چيز. مرونءَ جي=ڪانئين>
ڪائي.
هر چيز تنهنجي سومرا، ڪائي وڻي مَ مون.
(1437)
عمر چئي سـُـٽ جي، آءٌ نار نالي نه هڪڙي.
سٽ جي=کاهي>کاءُ+هي. نار نالو=زليخان>
ذَري+کان.
عمر چئي کاءُ هي، آءُ ذري کان نه هڪڙي.
(1438)
کڻ پنهنجا عضوا، مان ذات جي نه آهيان.
عضوا=ڍاڪون. ذات=بخاري>بکاري.
کڻ پنهنجا ڍاڪون، مان بـُـکاري نه آهيان.
(1439)
نالو ڪر نه سومرا، ته ويهي عورت تون.
نالو=صلاح. عورت=خاتـُـون>کاءُ+تون.
صلاح ڪر نه سومرا، ’ته ويهي کاءُ تون.‘
(1440)
کاڄ نه کائينديس سومرا، مون کي مٽيءَ جون آڻي ڏي.
کاڄ=حلوو>حلوا. مٽيءَ جون=کنڀيون.
حلوا نه کائينديس سومرا، مون کي کنڀيون آڻي ڏي.
(1441)
کاڄ کائينديس ڪينڪي، نار نالي تنهنجو.
کاڄ=آڪو>آءٌ+ڪو. نار نالو=داني>
اَدا+ني.
آءٌ ڪو کائينديس ڪينڪي، ادا ني تنهنجو.
(1442)
مٽيءَ جي کائيندياس، ذات ڪنديس ڪينڪي.
مٽيءَ جي=پـِـني. ذات=شاهه>شاهي.
پـِـني کائيندياس، شاهي ڪنديس ڪينڪي.
(1443)
مـُـئي جوکائينديس ڪينڪي، وڃ نالو نانوَ کڻي.
مئي جو=ماتام>مان+طعام. نالو=خانا>کانا.
نانءُ=خان.
مان طعام کائينديس ڪينڪي، وڃ کانا خانَ کڻي.
(1444)
تنهنجي ذاتين ڪريان ڪوهه، منهنجي پکين شهر
جا ڪيا.
ذات=خشڪ>خشڪن. پکي=ڍولير. شهر جا=ڍير.
تنهنجي خشڪن ڪريان ڪوهه، منهنجي ڍوليرن ڍير ڪيا.
(1445)
سـُـٽ جا آڇ مَ سومرا! مان گاهه جي هيراڪ.
سٽ جا=وَٽيا>وَٽا. گاهه=ٻـُـڪن.
وَٽا آڇ مَ سومرا! مان ٻـُـڪن جي هيراڪ.
(1446)
اَن جا آڻي ڏينِ، ته به وڻ جا نه کائي مارئي.
اَن جو=ميدو>ميدا. وڻ جا=مور(گونچ)>مـُـور.
ميدا آڻي ڏينِ، ته به مـُـور نه کائي مارئي.
(1447)
نار نالي آڇ نه سومرا، نار نالي پنهنجون پاڻ،
جي نارنالي کاوان، ته مارن ۾ مٽي ٿيان.
نار نالو=مـِـلي>مليدا. نار نالو=خاتون>کاءُ+
تون. نار نالو=زرينا>ذري. مٽي=ڪاري.
مليدا آڇ نه سومرا، کاءُ تون پنهنجا پاڻ،
جي ذري کاوان، ته مارن ۾ ڪاري ٿيان.
(1448)
تنهنجي جر جن ڪريان ڪوهه، منهنجي جيتن
عضوا ڪيا.
جر جو=کنڊ. جيت=ڪارڙو>ڪرڙن. عضوا=
ڏؤنرا.
تنهنجي کنڊن ڪريان ڪوهه، منهنجي ڪِـرڙن ڏؤنرا ڪيا.
(1449)
وڻ جي عمر سومرا، نالي مرض نه.
وڻ جي=ڇوڏي>ڇو+ڏين. نالو=مصري.
مرض=کامَ>کان+مان.
ڇو ڏين عمر سومرا، مصري کان مان نه.
(1450)
ادا ڙي عمر! اسان جو ڪاٺن تي گذران، ڇا ڪنديس
شهر کي.
ڪاٺ=ساڳُ. شهر=مصر>مصري.
ادا ڙي عمر! اسان جو ساڳن تي گذران، ڇا ڪنديس
مصريءَ کي.
(1451)
پوک مـُـلڪ ميان سومرا! وڻ کائي.
پوک=ڪـَـٽي>ڪـَـٽيون. ملڪ=سال. وڻ=کاٽونبا.
ڪـَـٽيون سال ميان سومرا! کاٽونبا کائي.
(1452)
نالن ۽ نالن تي، آءٌ ڪاٺي.
نالو=لونگ>لونگن. نالو=ڦوٽو>ڦوٽن.
ڪاٺي=نهري>نه+هـِـري.
لونگن ۽ ڦوٽن تي، آءٌ نه هـِـري.
(1453)
نالو کائي نه مارئي، اهو نالو نالن جو.
نالو=مٺو. نالو=ميوو. نالو=باغ>باغن.
مـِـٺو کائي نه مارئي، اهو ميوو باغن جو.
(1454)
ٻن نالن مان عورت آءٌ نه، متان حاڪيماڻي ٿي پوان.
ٻه نالا=هڪ نالو توت، ٻيو نالو صوف. عورت=
زليخا>ذَري کان. حاڪيماڻي=گنهگار.
توتن ۽ صوفن مان آءٌ ذري نه کان، متان گنهگار ٿي
پوان.
(1455)
نرنانءُ! نار نالي پنهنجو نه، اسان وٽ نالن ۾ ڪاٺ.
نار=گلابي. نالو=گل. نرنانءُ=عمر. پنهنجو=
ســونگهڻ> ســونگهيــان. نــالــو= کـقـُڙ>
کــٻـڙن.
ڪاٺ=بانس.
عمر!گلابي گل سونگهيان نه، اسان وٽ کٻڙن ۾ بانس.
(1456)
ڏڌ وڻ جي آڇ مَ سومرا! اسان ڏي ريت رڇن.
ڏڌ جي=جهـُـو (ڦيڻ). وڻ جي=مـَـڪ. رَڇ=
وَٽو>وَٽين (ڪنن ۾ پائڻ جو ڳهه).
جهومڪ آڇ مَ سومرا! اسان ڏي ريت وَٽين.
(1457)
عمر! تون شهرئون ڏئين، آءٌ ڪاٺي به ڪانه ڏيان.
شهر=سـَـڳيون. ڪاٺ(جي)=ڦڻي.
عمر! تون سڳيون ڏئين، آءٌ ته ڦڻي به ڪانه ڏيان.
(1458)
اڌ شهر ۾ ساز جو وڻي نه مون، مون کي پنهنجن
جا پنهنجا ئي چڱا.
شهر=چوٽي (چوٽياريون مان اڌ شهر). ساز جو=
ڇمڪو. پنهنجن=ٻاٻاڻا. پنهنجا=ٻچڙا.
چوٽيءَ ۾ ڇمڪو وڻي نه مون،مونکي ٻاٻاڻا ٻچڙائي
چڱا.
(1459)
ڪاٺ ئون ڪاٺي، ڪانهي ريت رڇن جي.
ڪاٺ(جي) =ٻانهين > ٻانهيون، ڪاٺي = ٻندو
رڇ= وٽو> وٽن.
ٻانهيون ٻـُـقندا ناهه، ڪانهي ريت وٽن جي.
(1460)
عمر اسان جي ڏيهه ۾، ڪاٺ ئون ڪاٺي ڪانه.
ڪاٺ=ٻانهين. ڪاٺي=پائو>پائي.
عمر اسان جي ڏيهه ۾، ٻانهين پائي ڪانه.
(1461)
ڪپڙي آندءِ سومرا! سـُـٽ پائيندي ڪين.
ڪپڙو=ٻانڌڻي>بندياڻي.سـُـٽ جي=سانٿ>سا+نـَـٿ.
بندياڻي آندءِ سومرا! سا نـَـٿ پائيندي ڪين.
(1462)
عمر! اسان جي ڏيهه تي، ڪاٺيون ڪنهن نه ذاتيون.
ڪاٺ(جي)=نٿ>نٿون. ذات=پاتڻي،پاتا>پاتيون.
عمر! اسان جي ڏيهه تي، نـَـٿون ڪنهن نه پاتيون.
(1463)
ڪتا آڇ مَ سومرا! آءٌ مرون نه پايان،
جيت اباڻي پار جا، مڙيئي ملهايان،
پوءِ گاهه لڱين لايان، آءٌ ذات ٿينديس ميان سومرا!
ڪـُـتو=وينڊو.مرونءَ جو=ڇلو.جيت=اُڏوهي>
اوڏانهين.گاهه=چاهڪ. ذات=ماڇي>اَڇي.
وينڊا آڇ مَ سومرا! آءٌ ڇلو نه پايان،
اوڏانهين اباڻي پار جا مڙيئي ملهايان،
چاهڪ لڱين لايان، مان اَڇي ٿينديس ميان سومرا!
(1464)
ڪاٺئين رانديون ڪن، سي سيباڻا ساهه کي،
نالا نرنان تنهنجا، ٻهڳڻ وجهان ٻن،
عمر! اسان جي ملڪ تي، ڪپڙو ئي نه ڪن.
ڪاٺ= کوهو> کوهين. راند= کيل> کيلون.
نالو=سونو.نرنان=ڳهڻو.ڪپڙو=شال>شالون.
کـُـوهين کيلون ڪن، سي سيباڻا ساهه کي،
سونا ڳهڻا تنهنجا، ٻهڳڻ وجهان ٻن،
عمر اسان جي ملڪ تي، شالون ڪونه ڪن.
(1465)
فقير جي پائي، باهه جا وٺي آءُ.
فقير جي=جاڳهه>جا+ڳهه. باهه جا=اُهاءَ>اُها.
جا ڳهه پائي، اُها وٺي آءُ.
(1466)
اوطاق پائي سومرا! ڪپڙي آڻج جوءِ،
اسان ۾ ريت ڪاٺين جي، نرنان ڪن نه هوءِ.
اوطاق=جاڳهه>جا+ڳهه. ڪپڙو=سائو>سائي.
ڪاٺي=ٻـُـندو. نرنان=حـَـسن>هــس.
جا ڳهه پائي سومرا! سائي آڻج جوءِ،
اسان ۾ ريت ٻـُـندن(پائڻ) جي، هـَـسَ ڪن نه هوءِ.
(1467)
مٽيءَ جي آڇ نه سومرا، مون ڪاٺ جا ئي ناهن.
مٽيءَ جي=جاڳهه>ڳهه. ڪاٺ جا=پائڻا(لڪڻ).
ڳهه آڇ نه سومرا! مون پائڻائي ناهن.
(1468)
تنهنجن نرنامن کي ڇا ڪريان، هي مال جا ئي مون بس،
راند جن بنان ڙي سومرا! منهنجي روح نه اچي رس.
نرنالا=سونو ۽ ڳهڻو. مال جا=وڳ>وڳا.
راند جا=ڍارا>ريڍار.
تنهنجن سونن ڳهڻن کي ڇا ڪريان، هي وَڳائي مون بس،
ريڍارن بنان ڙي سومرا! منهنجي روح نه اچي رس.
(1469)
تنهنجي نالن کان، مون کي سـُـٽ جا چڱا.
نالو=سونو. سٽ جا=وَٽا.
تنهنجي سونن کان، مون کي وَٽا چڱا.
(1470)
ٻه وڻيون اَباڻن جون، سي ڇڏينديس ڪين ميان!
تو ٿي آڇيا نالا ۽ نرنان، سي وٺنديس ڪين ميان!
تو ٿي گهڙيا رڇ راند جا، سي رڇ ڏينديس ڪين ميان!
وڻـــي= ڪـِـرڙي> ڪـِـرڙيون. نـــالـــو= هيرو.
نرنان=جواهر. رڇ=پرُڻ>پرڻو. راند جو=پاسو.
رڇ=دِلو>دلئون.
ٻڪرڙيون اَباڻن جون، سي ڇڏينديس ڪين ميان!
تو ٿي آڇيا هيرا جواهر، سي وٺنديس ڪين ميان!
تو ٿي گهريا پرڻي لاءِ پاسا، دلئون ڏينديس ڪين
ميان!
(1471)
ڳهه پائينديس سومرا، لوهه جا تنهنجا.
ڳهه=نسبي>نه+سـِـبي. لوهه جا=رَواتَ>
رَوا+ته.
نه سـِـبي پائينديس سومرا، رَوا ته تنهنجا.
(1472)
لوهه جون آڇ مَ سومرا! آءٌ وکر ئي ڪندياس.
لوهه جون=رواتيون>روا+تون. وَکر=
ڪـَـتيلو>ڪتي+لو.
روا تون آڇ مَ سومرا! آءٌ ڪـَـتي لوئي ڪندياس.
(1473)
ادا عمر! اهو وکر ڪنديس ڪين، جو وکر اٿم مارن جو.
وکر=تـِـج>تاج. وکر=کـُـهنبو.
ادا عمر! اهو تاج ڪنديس ڪين،جوکـُـهنبو اٿم مارن
جو.
(1474)
ڪپڙو آڇ نه سومرا! اهو ڪپڙو ٿئي منهنجي من،
مارو ملڪ ملير تي، اهو پيا ڪپڙو ڪن.
ڪپڙو=گيگم. ڪپڙو=گيگم>غم.
گيگم آڇ نه سومرا! اهو غم ٿئي منهنجي من،
مارو ملڪ ملير تي، اهو پيا غم ڪن.
(1475)
هي پورهيو وڻ نه مارئي، چي، وڃي نالي نار پهچاءِ.
پورهيو=ڀـَـرت. وڻ=بانس>باسي. نالو=پـَـٽ.
نار=راڻي.
هي ڀـَـرت نه باسي مارئي، چي، وڃي پٽ راڻيءَ
پهچاءِ.
(1476)
فقير جي آندءِ سومرا، فقير جا آڇ مَ تون،
جـَـر جي ٿينديس ڪينڪي، جي شهر ڏئين ٿو مون،
جيئن سـَـڏجي اٿئي مون، تيئن پنهنجون سڏيندءِ
سومرا!
فقير جي=ڳاٽي>آڳاٽي. فقير جو=پـَـٽو>پـَـٽ.
جـَـرَ جي=چري. شهر=گام. سـَـڏجي=رَڙ.
آڳاٽي آندءِ سومرا، پـَـٽَ آڇ مَ تون،
چري ٿينديس ڪينڪي، جي گام ڏئين ٿو مون،
جيئن رڙايو اٿئي مون، تيئن پنهنجون رڙندءِ سومرا!
(1477)
ڪاريگر جا ڪنديس ڪينڪي، مون کي مال جائي بس.
ڪاريگر(جا)=پٽ. ڪنديس=پهرينديس.
مال(جا)=ليڙا.
پٽ پهرينديس ڪينڪي، مون کي ليڙا(اباڻا)ئي بس.
(1478)
ادا عمر! باهه جا نه ڏي، مون کي ڪپڙو ئي چڱو.
باهه(جا)=شـَـم>ريشم. ڪپڙو=لـِـيڙو.
ادا عمر! ريشم نه ڏي، مون کي ليڙوئي چڱو.
(1479)
ڪپڙو آڇ مَ سومرا! مون اُن پهڻ جي وَڻي.
ڪپڙو=ڪيمخواب.اُن(جي)=لوئي.پهڻ جي=لال.
ڪيمخواب آڇ مَ سومرا! مون لوئي لال وڻي.
(1480)
ذات ڇڏينديس ڪينڪي، ذات نه مون کي آڇ.
ذات=ڪلوئي>لوئي. ذات=وِينس>ويس.
لوئي ڇڏينديس ڪينڪي، ويس نه مون کي آڇ.
(1481)
مال جا مون وٽ هـُـونِ، ته پوک ڪري ذات ڪريان.
مال(جا)=ڄـُـنڊا. پوک=ڪـَـتي>ڪـَـتي.ذات=
ڪلوئي>ڪا+لوئي.
ڄـُـنڊا(اُن)مون وٽ هـُـونِ، ته ڪـَـتي ڪا لوئي
ڪريان.
(1482)
تنهنجن جر جن ڪريان ڪوهه، منهنجا ذات جائي چڱا.
جرجا=نوان(لـَـٽَ)>نـَـون. ذات=ٽڳڙ>ٿـِـڳڙ.
تنهنجن نـَـوَن ڪريان ڪوهه، منهنجا ٿڳڙئي چڱا.
(1483)
ذات اٿم ڪپڙا، پوک جا تان نه ڪندياس.
ذات=مڱڻيجا>مڱڻي+جا. پوک(جا)=ٻيجا>
ٻيجا(ٻيا).
مڱڻي جا اٿم ڪپڙا، ٻيجا تان نه ڪندياس.
(1484)
شل باهه جا تنهنجا ڪپڙي جا،عضوي ليکي جا ڏي،
ته وڃي ڪريان پنهنجن سان معشوقن
جا.
باهه جا=کامڻ>کامـَـن. ڪپڙي جا=طول وهاڻا.
عضوو=رُخُ. ليکي جا=سـَـتَ. پنهنجا=مائٽ>
مائٽن. معشوقن جا=ماڻا.
شل کامن تنهنجا طول وهاڻا، رخصت ڏي ته وڃي
ڪريان مائٽن سان ماڻا.
(1485)
تنهنجي ذاتين کان ميان سومرا! منهنجي ذات مٿي.
ذات=فراش>فراشين. ذات=کـَـرڙ.
تنهنجي فراشين کان ميان سومرا! منهنجا کرڙ مٿي.
(1486)
ذاتيون آڇ نه سومرا، تنهنجي ذاتين ڏيان ٻـَـنِ،
راڳ جي منهنجي من، اوزار اَباڻي پار جا.
ذات=ٽڳڙ>ڊڳڙ. ذات=فراش>فراسين. راڳ
جي=صدا>سدا. اوزار=سونهڻ>سونهان.
ڊڳڙ آڇ نه سومرا، تنهنجي فراسين ڏيان ٻـَـنِ،
سدا منهنجي من، سـُـونهان اَباڻي پار جو.
(1487)
ذات عورت سومرا، مـُـندون اوزارن،
سي ڪيئن نانءُ رهن، جن جون ٿوريون وڻ مان سومرا.
ذات=کـَـرڙ. عورت=اوڍي.مـُـند=سيارو.اوزار=
سونهن>سونهن. نانءُ=رتو>رتولين. ٿوري=
سوڙهي>سوَڙيون. وڻ=سـِـڻُ.
کـَـرڙ اوڍيـُـون ميان سومرا، جي سياري سـُـونهن،
سي ڪيئن رتولين رهن، جن جون سوڙيون سـِـڻ مان
سومرا.
(1488)
حاڪيماڻا نه وڻن مون، آءٌ ته وڃي مرض واريون ڏسان.
حاڪيماڻا=طنبو. مرض=مليريا>ملير،.
طنبو نه وڻن مون، آءٌ ته وڃي ملير واريون ڏسان.
(1489)
اُڀ جن تي ويهندياس، رڇ جي تو وٽ.
اُڀ جا=نـَـکٽ>نه+کٽ. رڇ جي=گهڙي.
نه کٽ تي ويهندياس، هڪ گهڙي تو وٽ.
(1490)
تنهنجي کاڄ گاهه ان بس، حاڪيماڻا مون نه قبوليا.
کاڄ=سج>سيج. گاهه(جا)=بند. حاڪيماڻا=
پلنگ.
تنهنجي سيج بندن کان بس، پلنگ مون نه قبوليا.
(1491)
مـِـٽي جن ۾ ويهار نه ميان سومرا، اي نالو مون نه
آهه.
مٽيءَ جي=ماڙي>ماڙين. نالو=لائق.
ماڙين ۾ ويهار نه ميان سومرا، اي لائق مون نه آهه.
(1492)
ڪاريون آڇ مَ سومرا، مان مال جون کائيندياس.
ڪاريون=اُماڙيون>ماڙيون. مال جون=گوريون.
ماڙيون آڇ مَ سومرا، مان گوريون کائيندياس.
(1493)
پوک جو مون نه وڻي، اِهو نالو ڏي پنهنجن کي.
پوکَ جو=مهلو>محلو. نالو=بنگل>بنگلو.
محلو مون نه وڻي، اهو بنگلو ڏي پنهجن کي.
(1494)
آءُ مرض ڏيان تنهنجي شهر جن کي، مون کي وڻن
مال ۽ جر جون.
مرض=باهه. شهر جا=بنگلا. مال(جا)=ڇيلا.
جر جون=ڇٽڪارون.
آءٌ باهه ڏيان تنهنجي بنگلن کي، مون کي وڻن ڇيلن
جو ڇٽڪارون.
(1495)
عمر! اسان جي ڏيهه تي، ڪاٺي ٿئي ئي ڪانه.
ڪاٺيءَ جي=اُماڙي>ماڙي.
عمر! اسان جي ڏيهه تي، ماڙي ٿئي ئي ڪانه.
(1496)
ادا عمر! اسان وٽ نڪي علم جو، نڪي مال جو،
ڪريون کاڄن تي گذران.
علم جو=صفحو>صفو. مال جو=ماڙي(پاڏو).
کاڄ=پيهـُـون>پيهين.
ادا عمر! اسان وٽ نڪي صفو، نڪا ماڙي، ڪريون
پيهين تي گذران.
(1497)
باهه جن تنهنجن باهه جون ڏيان، آءٌ ڪکن ۾
ويهندياس.
باهه جون=اُماڙيون>ماڙِين. باهه جون=
اُماڙيون. ڪکن (جا)=جهوپڙا>جهوپڙن.
ماڙين تنهنجن اُماڙيون ڏيان، آءٌ جهوپڙن ۾
ويهندياس.
(1498)
ڪاٺ جا سمجهان ذات، ڪک جون ڪپڙي رڇ.
ڪاٺ جا=مول(لاه). ذات=سومرا. ڪک جون=
ڪنڌيون. ڪپڙو=ڪوٽ>ڪوٽن. رڇ=مـَـٽ.
مـُـول نه سمجهان سومرا! ڪنڌيون ڪوٽن مـَـٽ.
(1499)
عمر!ڪاٺ جو ۽ پنهنجي، وڻ جي ڪپڙي کي.
ڪاٺ جو=در>اندر. پنهنجي=آهه. وڻ جو=
ڪيرو>ڪيرائي. ڪپڙو=ڪوٽ.
عمر! اندر جي آهه، ڪيرائي (تنهنجي) ڪوٽ کي.
(1500)
نالا نانءُ ته تنهنجا، نالا نانءُ ته تو،
نالا نالي ڪينڪي، تن کي نالا وجهين ڇو.
نالو=نوڪر. نانءُ=چاڪر. نالو=سانگي. نانءُ=
پرتو> پرتا. نالــو= مــاروُ. نالو> محسن> مــئاس.
نالو=هيبت.
نوڪر چاڪر تنهنجا، سانگي پـُـرتا تو،
مارُو ته مئاس ڪينڪي، تن کي هيبت وجهين ڇو.
(1501)
نرنان آڇ نه سومرا، آهي مرض مارن کي.
نرنان=دولت. مرض=گنج.
دولت آڇ نه سومرا، آهي گنجُ مارن کي.
(1502)
نالو تو وٽ سومرا، ٻولي اسان مارن کي.
نالو=ڌَنو>ڌَنُ. ٻولي=مسڪيني.
ڌنُ تو وٽ سومرا، مسڪيني اسان مارن کي.
(1503)
مارئي عمر سان، وڻ جو ئي نه ڪري.
وڻ جو=آڪارو>هاڪارو>هائوڪار.
مارئي عمر سان، هائوڪارئي نه ڪري.
(1504)
ادا عمر! جيڪو مون سان عضوو لائي، ذات تنهن
کي کائي.
عضوو= لـــؤڻـــو> لـــنـــؤ. ذات= نـــانـگا>
نانگ.
ادا عمر! جيڪو مون سان لنؤلائي، نانگ تنهن کي
کائي.
(1505)
مون گاهه اڳيئي ڪيا، ڪاٺي ڪين ڪندياس،
ذاتيون ٿي ويندياس، ڪاٺ ڀرينديس ڪينڪي.
گاهه= سيڻُ.ڪاٺي=ٻياني.ذات=مري.ڪاٺ=
بانس>باس.
مون سيڻَ اڳيئي ڪيا ني، ٻياني ڪين ڪندياس،
مري جي ويندياس، ته به باس ڀرينديس ڪينڪي.
(1506)
نالو ذات ٿيو، سو نه مرض ميان!
نالو=جڳسو>جڳ+سـُـئو. ذات=سنگراس>
سڱ+راس. مرض=ڇـِـنُ.
جڳ سـُـئو سڱ راس ٿيو، سو نه ڇـِـنُ ميان!
(1507)
نالو منهنجو نالي سان، نالن مجهه ٿيو،
وکر هونديس ڪامڻي، پنهنجو نه ڪنديس ٻيو.
نالو=مڱيو>مڱڻو. نالو=کيت. نالو=ڇـَـتو>
ڇـَـتڙن. وکر=تـِـر>جيتر. ڪامڻي=جيئري.
پنهنجو=حق.
مڱڻو منهنجو کيت سان، ڇـَـتڙن منجهه ٿيو،
جيتر هونديس جيئري، حق نه ڪنديس ٻيو.
(1508)
ذات وڃين ميان سومرا، تون ٿو ذات ڪرين،
آءٌ نالو ناهيان، تون ذات نه ٿيءُ.
ذات=مري. ذات=مڱڻا>مڱڻو. نالو=راضي.
ذات=ڪهيري>قهري.
مري وڃين ميان سومرا، تون ٿو مڱڻو ڪرين،
آءٌ راضي نه آهيان، تون قهري نه ٿيءُ.
(1509)
مرض اٿم هڪڙو، راند جو جيئنديس ڪين،
شهر کاڄ اباڻن جو، عيب لائينديس ڪين.
مرض=دم. راند جو=جـُـڳ>ست جڳ. شهر=
لکپت>لک پت. کاڄ=رهو>رهي. عيب=ٽـِـڪو.
دم اٿم هڪڙو، سـَـت جڳ جيئنديس ڪين،
لک پت رهي اباڻن جي، آءٌ ٽـِـڪو لائينديس ڪين.
(1510)
مون ۾ مرون هڪڙو، ٻه راند جا آءٌ نه ڪندياس،
هي شهر مارن جو، پکي تان نه ڪندياس.
مرون=سهو>ساهه. راند جا=جـُـڳ. شهر=لکپت.
پکي=ميري.
مون ۾ ساهه هڪڙو، ٻه جـُـڳَ آءٌ نه جئندياس،
هيءَ لک پت مارن جي، ميري تان نه ڪندياس.
(1511)
گاهه مان ويندياس، ڪاٺي ڪنديس ڪينڪي.
گاهه=مريڙو>مري+ڙي. ڪاٺي=بانس+باس.
مري ڙي ويندياس، باس باسينديس ڪينڪي.
(1512)
عمر ٿو گاهه ڪري، مان وڻ چوان ته وات سڙي.
گاهه=وَس. وڻ=بانس>باسيان.
عمر ٿو وَسَ ڪري، مان باسيان ته وات سڙي.
(1513)
ڪـُـهي کاڄ ڪرين، ته به نالو نه نالي وٺان”.
کاڄ=ڪباب. نالو=عمر. نالو=قبول>قبوليانءِ.
ڪـُـهي ڪباب ڪرين، ته به عمر نه قبوليانءِ.
(1514)
لوهه جون آءٌ نه ٿيندياس،توڙي مون کي ڪاٺ جا
وجهين.
لوهه جون=ساهميون>سامهون. ڪاٺ جا=وَڍَ.
سامهون آءٌ نه ٿيندياس، توڙي مون کي وَڍَ وجهين.
(1515)
نرنانءُ آڇ مَ سومرا، نرنان آءٌ مَ ڪندياس،
ذات ٿيندياس، ته به ڪاٺ ڪمائينديس ڪانه.
نرنان=بخشو>بخششون. نرنان=قبول. ذات=
مري. ڪاٺ=بانس>باس.
بخششون آڇ مَ سومرا، قبول آءٌ مَ ڪندياس،
مري ويندياس، ته به باس باسينديس ڪانه.
(1516)
آءُ نالا، وٺ نالو، تنهنجي نالي ڏيان ٻن،
ماروئڙا ملير ۾، اهو ڪپڙو ٿا ڪن.
نالو=عمر.نالو=محبت. نالو=صحبت. ڪپڙو=
گيگم>غم.
آءُ عمر، وٺ محبت، پر تنهنجي صحبت ڏيان ٻن،
ماروئڙا ملير ۾، اهو غم ٿا ڪن.
(1517)
هندو منهنجو ماءُ پيءُ، هندو سـِـر سندونِ،
عمر اسان جي ڏيهه ڏي، هندو ڪري ئي ڪونه.
هندو=جيسو>جئي+سو. هندو=لکي. هندو=
هاسو>هائو.
جئي سو منهنجو ماءُ پيءُ، لکي سـِـر سندونِ،
عمر اسان جي ڏيهه ڏي، هائو ڪري ئي ڪونه.
(1518)
آءٌ مـِـٽي جن جي، شل ذات ملان تن کي.
مٽي=والاريل، ذات=ڪوري.
آءٌ والاريل جن جي، شل ڪوري ملان تن کي.
(1519)
نالو ڪر ته شهر ٿيئي، اسان جو نالو ئي نه.
نالو=ٻيجلو>ٻي جوءِ. شهر=گهارو. نالو=شيوو.
ٻي جوءِ ڪر ته (تو وٽ) گهاري، اسان جو شيووئي نه.
(1520)
مين نه لوهه دي تيڏي، تون چا لوهه دي ڪر.
لوهه دي=ٽجوڙي>جوڙ. لوهه دي=چاٻي>
چا+ٻي.
مين نه جوڙ تيڏي، تون چا ٻي ڪر.
(1521)
مان هـِـت درياءَ جو ڪريان، متان مارو هـُـت ڪپڙا
ٿينِ.
درياءَ جو=وَرُ. ڪپڙا=ڪارا.
مان هـِـت وَر ڪريان، متان مارُو هـُـت ڪارا ٿينِ.
(1522)
اَن جي آڻ ميان سومرا! جا جر جي تو ساڻ.
اَن جي=ڪاسگي>ڪا+سڳي. جر جي=
گهاري>گهاري.
ڪا سڳي آڻ ميان سومرا! جا گهاري تو ساڻ.
(1523)
آءُ ڪپڙي جي سومرا! تون حاڪيماڻي آڻ.
ڪپڙي جي = انڌاري> ڌارين، حاڪيماڻي = ڪاسگي> ڪا +
سڳي.
آءُ ڌاين سومرا! تون ڪا سڳي آڻ.
(1524)
گهوڙي جي ذات ۾ آڻ، توکي آهي ڏُٿ جي
ميان سومرا!
گهوڙي جي=ڌُوڻِ>ڌوڻي. ذات=ڪاٻي>
ڪا+ٻي. ڏُٿ=لوڙهه.
ڌُوڻي ڪا ٻي آڻ،(جي) توکي آهي لوڙهه ميان سومرا!
(1525)
ڪامڻ ڪا آڻ، جيڪا شهر تو سان، نالو نه مان.
ڪامڻ=ميري>مير>امير. شهر=گهارو>
گهاري. نالو=سيئو>سيوو.
امير ڪا آڻ، جيڪا گهاري تو سان، سيوو نه مان.
(1526)
ذات مؤن ڪاٺي آڻ، مان آهيان حاڪيماڻي.
ذات=اُچ>اُچن. ڪاٺي=ڪانواٺي>ڪا+وٺي.
حاڪيماڻي=دَڙي (دنگ تي لڳل)>گندڙي.
اُچن (پاڙن) مؤن ڪا وٺي آڻ، مان آهيان گندڙي.
(1527)
نار نالي نه آءٌ، نار نالي سا جر جي.
نار نالي=طوطل>تو+تـُـل. نار نالي=جادُل>
جا+تـُـل. جر جي=آڻ.
تو تـُـل نه آءٌ، جا تـُـل، سا آڻ.
(1528)
اُٺ جيئن اسان وٽ ڪريئي ڪانه، اوهان وٽ ڪا
اُٺ جيئن ڪري!
اُٺ جي=ٻهڪ>ٻه حق.
ٻه حق اسان وٽ ڪريئي ڪانه، اوهان وٽ ڪا ٻه
حق ڪري!
(1529)
هندونالي لنگهيا ميان سومرا! گڏ وڻ ڪنهن نه ڪيا.
هندو نالو=ڪيسن>ڪي+سنه. وَڻ=ٻائر>
ٻه+وَرَ.
ڪي سنه لنگهيا ميان سومرا! گڏ ٻه وَر ڪنهن نه ڪيا.
(1530)
نرنانءُ ويندءِ سومرا، ذات ڪرين ٿو تون.
نرنانءُ=هوشيار>حشر+محشر. ذات=ماسسَ>
ماءُ+سسُ.
محشر ويندئي سومرا، ماءُ سسُ ڪرين ٿو تون.
(1531)
آءٌ ته ڪاٺيءَ جي تنهنجي، تون ته ڪاٺي نالو ڪر.
ڪاٺيءَ(جي)=پيتي>پيئتي(پيءُجي). ڪاٺي=
ڊگهي. نالو=نظر.
آءٌ ته پئيتي تنهنجي، تون ته ڊگهي نظر ڪر.
(1532)
ميان عمر! آءُ راند جي تنهنجي، تون ڪيئن ٿو ذات
ڪرين؟
راند جي=ڀيڻي>ڀيڻ. ذات=جويا>جوءِ.
ميان عمر! آءٌ ڀيڻ تنهنجي، تون ڪيئن ٿو جوءِ ڪرين؟
(1533)
جي سـُـٽ شهر جون سومرا! سي ڪيئن ذاتيون ٿين؟
سـُـٽ جون=سڳيون. شهر جون=ڀيڻيون>ڀيڻون.
ذات=جويا>جويون.
جي سڳيون ڀيڻون سومرا! سي ڪيئن جويون ٿينِ؟
(1534)
ادا عمر! مرض، توکي چور جو ڇا؟
مرض=ماشرا(موت جي وقت نرڙ جو پگهر
”ماشرات ٿيندي“) > شرع. چور جو=جائز.
ادا عمر! مان شرع ۾ توکي جائز ڇا؟
(1535)
ڪـَـن جو لڄايان ڪيئن ڀلا، جو اٿم ٻنيءَ جو وَر،
پنهنجو پري ڪيئن ڪري قبوليان مان پـَـرُ.
ڪن جو=ڪـُـر. ٻنيءَ جو=کيٽ>کيت. پنهنجو=
سيلُ. پـَـر=ڌاريو (عمر).
ڪـُـر لڄايان ڪيئن ڀلا، جو اَٿم کيت وَر،
سيلُ پري ڪيئن ڪري، قبوليان مان عمر.
(1536)
سـِـڪ جو نه لڄاءِ پنهنجو، ڪوڙ جو لڄاءِ مون،
ڏينهن دنيا آهي ڏُون، ذات وڃاءِ پنهنجي.
سـِـڪ جو=ڀاڪر>ڀاءُ+ڪـُـر. ڪوڙ جو=مڪر>
مَ+ڪـُـر. ذات=مشائخ>مَ+ساکَ.
ڀاءُ! ڪـُـر نه لڄاءِ پنهنجو، مَ ڪـُـر لڄاءِ مون،
ڏينهن دنيا آهي ڏوُن، مَ ساک وڃاءِ پنهنجي.
(1537)
عمر! تنهنجو حـُـقي جو ۽ منهنجو حـُـقي جو آهي ته
ذات.
حقي جو=پيڻ>پيءُ. ذات=هڪڙا>هڪڙو.
عمر! تنهنجو پيءُ ۽ منهنجو پيءُ آهي ته هڪڙو.
(1538)
تنهنجي انهن ذاتين کان، مون کي مال جا چڱا.
ذات=سوُنهان>سهاڳن. مال جا=ڏوها>ڏهاڳ.
تنهنجي انهن سهاڳن کان، مون کي ڏهاڳ چڱا.
(1539)
نالو هيئن ڙي سومرا، هاڻي نالو ٿئين.
نالو=عزيز. نالو=يزيد.
عزيز هئين ڙي سومرا، هاڻي يزيد ٿئين.
(1540)
ڪاٺي هٿ مَ لاءِ، نه ته مال جون کيان ٿي.
ڪاٺي=مـُـني>مون+ني. مال جون=گوريون.
مون ني هٿ مَ لاءِ، نه ته گوريون کيان ٿي.
(1541)
ڪامڻ پنهنجي سومرا، ماکؤن ٻولي ڪر، مان کي
نار نالي وڻي.
ڪامڻ=شڪيل>شـِـڪل. ٻولي=دُوراني>دُور.
نار نالي=نٿي>نه+ٿي.
شڪل پنهنجي سومرا، ماکؤن دور ڪر، مان کي نه
ٿي وڻي.
(1542)
مقام جا آڇ نه ميان سومرا، ڌڻ جا آءٌ نه ڪندياس،
شهر ۾ نرنانءُ ٻـُـجهي، تنهن ڏي آءٌ ويندياس.
مقام جا=ڊپ. ڌڻ جا=سانگ>سانگا. شهر=
ملير. نرنانءُ=کيت.
ڊپ آڇ نه ميان سومرا، سانگا آءٌ نه ڪندياس،
ملير ۾ کيت ٻـُـجهي، تنهن ڏي آءٌ ويندياس.
(1543)
تون نالو نه رکندين سومرا! ته منهنجو نالو به
ٿيندو ڪين،
اڌ نالي ۾ زحمت ٿيندين، نالو به ٿيندئي ڪين.
نالو=سيل. نالو=جيئڻ. اڌ نالو=عالم. زحمت=
بدنام. نالو=حاصل.
تون سيلُنه رکندين سومرا! ته منهنجو جيئڻ به ٿيندو
ڪين،
عالم ۾ بدنام ٿيندين، حاصل به ٿيندئي ڪين.
(1544)
نارنالي ميان سومرا! توکي وکر ڪندا.
نار نالي=سڀائي>سڀئي. وَکر=ڪـِـنڙو.
سڀئي ميان سومرا! توکي ڪـِـنڙو ڪندا.
(1545)
عمر! انهن گهوڙي جن کان، مال جي ڏين ها.
گهوڙي جا=قاعدا>قيدن. مال جي=گؤنري>
گوري.
عمر! انهن قيدن کان، گوري (زهر جي) ڏين ها.
(1546)
وڻ ڏي وينديس، اَن جي ڪين ٿينديس.
وَڻ=آمري>آءٌ مري. اَن جو=تـُـهه>تنهنجي.
آءٌ مري وينديس، تنهنجي ڪين ٿينديس.
(1547)
توڙي جا رڇ ڪرين، ٻولي نه.
رڇ=خونچو>خون چا. ٻولي=تنهنجي.
توڙي خون چا ڪرين، تنهنجي نه.
(1548)
ادا عمر! ڪاٺ ڪر، حاڪيماڻي نه ڪر.
ڪاٺ(جو) =محافو>معاف. حاڪيماڻي=حد.
ادا عمر! معاف ڪر، حد نه ڪر.
(1549)
نالو ڪر مَ سومرا! اهو مرض مارن کي.
نالو=شادي. مرض=دوکو.
شادي ڪر مَ سومرا! اهو دوکو مارن کي.
(1550)
ذات نه آهيان سومرا، نالو ڪريان ڪيئن؟
ذات=خشڪ>خوش. نالو=گهاتو>گهوٽ.
خوش نه آهيان سومرا، گهوٽُ ڪريان ڪيئن؟
(1551)
نالو منهنجو ملير ۾، هت نالو ڪيئن ڪريان؟
نالو=مڱيلڌو>مڱيندو. نالو=شادي.
مڱيندو منهنجو ملير ۾، هت شادي ڪيئن ڪريان؟
(1552)
ادا عمر! منهنجي نرنانءَ جا، اڃا اَٿئي مٽي جا
گهڻا.
نرنانءُ=مڱڻ>مڱڻو. مٽيءَ جا=شاهد(کاٽيءَ جي
ماپ لاءِ وچ تي ڇڏيل دڙي.)
ادا عمر! منهنجي مڱڻي جا، اڃا اٿئي شاهد گهڻا.
(1553)
ذات جا مٿم ڪپڙا، پوک جا تان نه ڪندياس.
ذات=مڱڻيجا. پوک جا=ٻيجا>ٻئي جا.
مڱڻي جا مٿم ڪپڙا، ٻئي جا تان نه ڪندياس.
(1554)
ميان عمر! ڪاٺي چوان توکي، پنهنجي لڳي تو،
نرنان آهي ڪپڙ ۾، نرنان آهي سو.
ڪاٺي=سچي. پنهنجي=ڪاوڙ. نرنان=مارُو.
ڪپڙ(جو) =ملير. نرنان=مڱيو.
ميان عمر! سچي چوان توکي، ڪاوڙ لڳي تو،
مارو آهي ملير ۾، مڱيو آهي سو.
(1555)
تڙ ڦٽو ڪر سومرا! ڏي مال مارن کي.
تڙ=ڏنگو. مال جو=سـِـڱ>سـَـڱ.
ڏنگ ڦٽو ڪر سومرا! ڏي سـَـڱ مارن کي.
(1556)
رڇ آڇ مَ سومرا! نرنانءُ آءٌ نه ڪندياس،
مال جون کائيندياس، پر وڻ ڪنديس ڪينڪي.
رڇ=پرڻ>پرڻو. نرنان=قبول. مال جون=
گوريون(ڳاڙهيون ڍڳيون). وڻ=هيرڻ>هي رڻ.
پرڻو آڇ مَ سومرا! قبول آءٌ نه ڪندياس،
گوريـُـون کائيندياس، پر هي رڻ ڪنديس ڪينڪي.
(1557)
ڪپڙي جي پوئي ميان سومرا! نالو آڇ نه مون.
ڪپڙي جي=ڳارَ. نالو=شادي.
ڳارَ پوئي ميان سومرا! شادي آڇ نه مون.
(1558)
عمر! نالو مليو آهي مون، آءُ لوهه جي نه، تون مال
جو نه ڏي.
نالو= کيت، لوهه جي=پرڻي. مال جو=ٽـِـڪو.
عمر!کيت مليو آهي مون، آءٌ پرڻي نه،تون ٽـِـڪو نه
ڏي.
(1559)
سومرا! تنهنجي سورن جي، مون وکر ئي ڪونهي،
ڪاٺ منهنجي من تي، سو لوهه ئي ڪونهي،
تڏهن ٿي ڀانيان، ته ڪاٺ لوهه ئي ڪونهي.
وکر=ڪاٿو. ڪاٺ=رنجهه>رنج. لوهه(جا) =
تولا>تو+لاٿو. ڪاٺ=تـُـم>تو+مون. لوهه=
ڌاتـُـو>ڌاتو.
سومرا! تنهنجي سورن جو، مون ڪاٿوئي ڪونهي،
رنج منهنجي من تي، سو تو لاٿوئي ڪونهي،
تڏهن ٿي ڀانيان، ته تو مون سان ڌاتو ئي ڪونهي.
(1560)
سـَـنج آڇ نه سومرا! مون کي ڪپڙي جا اَباڻن.
سنج=پرڻ>پرڻو. ڪپڙي جا=چاڪ.
پرڻو آڇ نه سومرا! مون کي چاڪ اَباڻن.
(1561)
شهر جي چئو مون کي، نالو چوان تو،
مال جو وٺ ذاتين کان، جو نالو آهي تو.
شهر جي=ڀيڻي>ڀيڻ. نالو=دادُو>دادو(ڀاءُ).
مال جو=سـِـڱُ>سـَـڱ ُ. ذات=سومرا>سومرن.
نالو=لائق.
ڀيڻ چئو مون کي، دادو چوان تو،
سـَـڱ ُ وٺ سومرن کان، جو لائق آهي تو.
(1562)
شهر ڪر نه سومرا، شهر چڱوئي ناهه،
ڇا ڪنديس تنهنجي شهر کي، نالو مون وٽ ناهه.
شهر=بغداد. شهر=جهول>جهل. شهر=بخت.
نالو=خوشي.
بغداد ڪر نه سومرا، اها جهـَـل چڱي ناهه،
ڇا ڪنديس تنهنجي بخت کي، جو خوشي مون وٽ ناهه.
(1563)
نالا نالن تي، پوک جا هـُـن مٿي،
رڇ آڇين ها سومرا، چڱي ڳالهه ٿئي.
نالو=گل. نالو=موڙ>موڙن. پوک جا=آڀون>
آءُ+ڀـُـونءِ. رڇ=پرڻ>پرڻجي.
گل موڙن تي ٻـَـڌي، آءُ ڀونءِ هن مٿي،
پرڻجي اچين ها سومرا، چڱي ڳالهه ٿئي.
(1564)
ڪاٺين جون هڻ مَ سومرا! نالا نانءُ نه ڪن،
جن جو ڪم رڇن سان، مر ته وڻ جن سان اچن.
ڪاٺين جون=سنڌيون. نالو=راجا. نانءُ=راڻو.
رڇ=پرڻ. وڻ جا=موڙَ.
سـَـنڌيون هڻ مَ سومرا! راجا راڻا ائين نه ڪن،
جن جو ڪم پرڻي سان، مـَـرُ ته موڙن سان اچن.
(1565)
مرونءَ جون ڪجن پنهنجن سان، ان جا ڪجن ذاتين سان.
مرون جون=هلائون. پنهنجا=جيسَ. اَن جا=
ٻائيتال. ذات=مهراج>راڄ>راڄن.
هلائون ڪجن جيسن سان، ٻائيتال ڪجن نه راڄن سان.
(1566)
جتي پکي مارو ڪن، اُتي پکي ٽـِـڪي ڪونه ڪو،
اها ريت نه راجائن، جو پکي ڪوٺائين پاڻ کي.
پکي=شهباز. پکي=ڪانئرو. پکي=
پاپيهو>پاپي.
جتي شهباز مارو ڪن، اتي ڪانئر ٽڪي ڪونه ڪو،
اها ريت نه راجائن، جو پاپي ڪوٺائين پاڻ کي.
(1567)
گل مال جا سومرا، توکان اڳي هندڪا هئا،
تون جر فقير جي نه ڪر.
گل=ڪيسو>ڪي+سـُـئا. مال جا=ماها>
مان+هئا. هندڪا=مارڪا. جرجي=نئين>
نئين. فقير جي=ريت.
ڪي سـُـئا مان هئا سومرا، توکان اڳي مارڪا هئا،
تون نئين ريت نه ڪر.
(1568)
جر حاڪم جو سومرا، ٻيڙين جيئن ٿيو.
جر جو=هيڏو. حاڪم جو=هاڃو. ٻيڙيءَ(جي) =
نـَـتـَـر (ناتاري)>نه+تر.
هيڏو هاڃو سومرا، نه تر ۾ ٿيو.
(1569)
اهي وهٽن جا نه وِير، جو جيت لڄائين ذات کي.
وهٽ جو=وڙ. جيت=پوپٽ>پٽ. ذات=پنوهار.
اهي وَڙَ نه وِير، جو پٽ لڄائين پنوهار جو.
(1570)
ذاتيون نالا جن ڌريا، وڻ ۽ مرض جي تن ڪئي.
ذاتيون=سما ۽ سومرا. وڻ جو=ٽارو. مرض جي=
سردي>سرندي.
سومرا ۽ سما نالا جن ڌريا، سرنديءَ ٽارا تن ڪيا.
(1571)
نالا اُهي چئجن، جي پاڻي وڻ جا ڪن.
نالو=بهادر. پاڻي=سـَـرد>سرندي. وڻ جا=ٽارا.
بهادر اُهي چئجن، جي سرنديءَ ٽارا ڪن.
(1572)
جبل جي پوئي ميان سومرا! جيتين وجهه نه مون.
جبل جي=ڇـِـپَ. جيت=مـَـهلو>محل.
ڇـِـپَ پوئي ميان سومرا! محلين وجهه نه مون.
(1573)
نالا لنگهيا ميان سومرا، سـُـٽ جي ڪنهن نه ڪئي.
نالو=عيسن>سنه. سٽ جو=بـَـند.
سنه لنگهيا ميان سومرا، بند ڪنهن نه ڪئي.
(1574)
نرنالن جون اهي نه ڪامڻيون، جي نالن تي گهوڙن
جون ڪن.
نرنالو=صاحب>صاحبن. ڪامڻي=پـَـري>پريون.
نالو= راڄـــو> راڄن. گهوڙن جـــون= ڦـَـرڪـُـون
(تـَـنـبـَـڻ واري حالت)>ڦـُـر+ڪـَـنِ.
صاحبن جون اهي نه پـَـريون، جو راڄن تي ڦـُـرڪن.
(1575)
وکر ميان سومرا، توکي شهر ڪيو،
نالا جهلڻ ڪم اوهان جو هو، پر تو نالي اڳيون ڌڻ
ويو.
وکر=ڪـِـنڙو>ڪنڙي>ڪـِـن+ڙي. شهر=
کڏهرو. نالا=سما>سامون. نالو=ساماڻو>
ساماڻي. ڌڻ (جو) =وَڙُ.
ڪني ڙي ميان سومرا، توکي کڏهر ڪيو،
سامون جهلڻ ڪم اوهان هو، پر تو ساماڻي اڳيون وَڙ
ويو.
(1576)
چور جي ڪري اچي ڪپڙي جي ڪيئي، سا ڪيئن نالو؟
چور جي=قزاقي. ڪپڙي جي=گـَـئـُـون (ڳوٿري)
نالو=ڦٻيو>ڦٻندي.
قزاقي ڪري تو اچي گـَـئـُـون ڪئي، سا ڪيئن
ڦٻنديئي؟
(1577)
ڇوڙ ڪـُـڙمڪا، جو مان ذاتئين ويندياس.
ڪـُـڙمڪا=فرسا>ڦر+سي. ذات=چارڻ.
ڇوڙ ڦـَـر، سي مان چارڻ ويندياس.
(1578)
گاهه اڳي ڪيم سومرا! ڪاٺي ڪانه ڪندياس.
گاهه=سيڻُ. ڪاٺي(جي) =ٻياني.
سيڻُ اڳي ڪيم سومرا! ٻيا ني ڪانه ڪندياس.
(1579)
عمر ادا! تو وٽ اڳي به ڪا وڻ ذات هئي، يا آءٌ
ٿي وڻ ذات ٿيان.
وڻ=ٻـُـوهه>ٻـُـو. ذات=ساٽي.
عمر ادا! تو وٽ اڳي به ڪا ٻـُـوساٽي هئي، يا آءٌ
ٿي ٻـُـوساٽجان؟
(1580)
عمر! تنهنجن عضون ۾، مون کي پنهنجا ٿا مارين.
عضوو=بغل>بنگلن. پنهنجا=اوجاڳا.
عمر! تنهنجن بنگلن ۾، مون کي اوجاڳا ٿا مارين.
(1581)
لوهه جون ڀڃ نه سومرا! ڪاٺين هڏ مَ پئو،
نه آهي ڪاٺ ڪنڌيءَ ۾، تڏهن توکي ناهي ڀئو.
لوهه جون=ڪارايون>ڪرايون. ڪاٺ جو=
هٿيو>هٿين. ڪاٺ جو=وَرُ.
ڪـَـرايون ڀڃ نه سومرا! هٿين هڏ مَ پئو،
نه آهي ور ڪنڌيءَ ۾، تڏهن توکي ناهي ڀئو.
(1582)
مارو ته منهنجا حاڪيماڻا، ولايت ڪر نه تن سان.
حاڪيماڻا=سپاهي. ولايت=اُچ>اُچاٽ.
مارو ته منهنجا سپاهي، اُچاٽ نه ڪر تن سان.
(1583)
مرون ڏسي ڪـُـتي جو نه هڻ، اڳيان به نرنانءُ اٿئي.
مرون(جي) =هڪل>هيڪلي. ڪتي جو=جهٽ.
نرنانءُ=راڄو>راڄ.
هيڪلي ڏسي جهٽ نه هڻ، اڳيان به راڄ اٿئي.
(1584)
جي ذات ٻولي هجن ها، ته لوهه جي وجهنئي ها.
ذات=مارُو. ٻولي=ڪول (ويجها). لوهه جي=
ڪـَـٽ>ڪـُـٽي.
جي مارو ڪولِ هجن ها، ته ڪـُـٽي وجهنئي ها.
(1585)
عمر! شڪار وارا ڪونه هئا، نه ته ڪاٺي ڪنئي ها.
شڪار وارا= پهتا. ڪاٺيءَ جو=لـَـڪُ>پلڪ.
عمر! (مارو) پهتا ڪونه هئا، نه ته پـَـلڪَ ڪنئي
ها.
(1586)
عمر! منهنجا گڏجنئي ها، ته چم جو ڪنئي ها.
چم جو=مـَـڙُهه.
عمر! منهنجا (مائٽ)گڏجنئي ها، ته مڙهه ڪنئي ها.
(1587)
ادا
عمر! پوک جي ڪري آئين، تو ۾ گاهه جو هو،
مارن ۾ مال جي ڪانه هئي، نه ته وکر ڪنئي ها.
پوک جي=قـِـسط>ڪستُ. گاهه جو=ڦير.
مال جي=پهر. وکر=ناس.
ادا عمر! ڪست ڪري آئين، تو ۾ ڦير هو،
مارن ۾ پهر ڪانه هئي، نه ته ناس ڪنئي ها.
(1588)
ڪاٺ تي پنهنجو هجي ها، ته عضوي ٻار جي
ٿئي ها سومرا!
ڪاٺ جو=کـُـوهو>کوهه. پنهنجو=وارث.
عضوو=سسي. ٻار جي=لڙڪي.
کوهه تي وارث هجي ها، ته سسي لڙڪئي ها سومرا!
(1589)
جي ڪا لوهه جي پوي ها، ته مارو اچي هت ڪاٺ جا ٿين
ها.
لوهه جي=ڪـَـل. ڪاٺ جا=کوڙ.
جي ڪا ڪـَـل پوي ها، ته مارو اچي هت کوڙ ٿين ها.
(1590)
انهي جنگ جڙي نرنان، ذاتين ڪک پوءِ،
ته درياءَ ۽ هٿيار جو، مقام جي تهان پوءِ،
پوءِ شهر جبل هوءِ، ڪي ڏينهن ڪپڙي جن ۾.
جنگ جو= سـُـرسلو> سـُـرسلي. نرنان= سومر>
سومرا. ذات=پنهوار. ڪک=ڪـَـل. درياءَ جو=
ڪپ>ڪپينئي. هٿيار=ڪهاڙو. مقام جي=سـِـر.
شهر=راڄ. جبل=روهه>روءِ. ڪپڙي جو=ڪوٽ.
انهي سـُـرسلي جي ڙي سومرا، ڪـَـل پنهوارن پوءِ،
ته ڪپينيِّ ها ڪهاڙن سين، سـُـر تهان پوءِ،
پوءِ راڄ تولاءِ روءِ، ڪي ڏينهن انهيءَ ڪوٽ ۾.
(1591)
مرض جي ڪري، مرون جي آندءِ، ڪپڙي جهنگ جي
مَ ڀانئج سومرا!
مرض جي=سوڙهيءَ گهـُـٽَ. مرونءَ جي=سـَـٽ.
ڪپڙو=صفا. جهنگ جي=سڃ.
سوڙهيءَ گهـُـٽَ ڪري، سٽ ڏيئي آندءِ، تڏهن صفا سڃ
مَ ڀانئج
سومرا!
(1592)
شل شهر ڪاٺي ٿيئي، عضوي جي ڪر نه مون سان.
شهر=ڍينگو. ڪاٺي=ڍيري. عضوي جي=تـِـري>ايتري.
شل ڍينگو ڍيري ٿينئي، ايتري ڪر نه مون سان.
(1593)
جهـُـڙ جا پونئي سومرا، مال جا وڃنئي شال!
جهـُـڙ جا=هاگام. مال جا=دؤر.
ها گام پونئي سومرا، دؤر وڃنئي شال!
(1594)
جيڪا تو مرض جي، سا حاڪيماڻي اچيئي شال!
مرض=پٿري. حاڪيماڻي=پيش.
جيڪا تو پٿري، سا پيش اچيئي شال!
(1595)
شهر تنهنجو سومرا، مان ٻن ذاتين کي ڏينديس.
شهر=ٻيراني. ٻه ذاتيون=هڪ ذات ڪوري.
ٻي ذات=ڪـُـتڙا.
ٻيرا ني تنهنجا سومرا، ڪوري ڪـُـتڙن کي ڏينديس.
(1596)
مٽيءَ جن ۾ پوين سومرا، ڏي جيت موڪل.
مٽيءَ جا=ذاوَ(سرن جا ننڍا ٽڪر، جي اوساريءَ
۾ ڪم اچن)>ايذاوَ. جيت=اصيل>اصل.
ايذاوَن ۾ پوين سومرا، ڏي اصل موڪل.
(1597)
عمر ري نرنان، ڏي حاڪيماڻي يا ذات ڪر.
نرنان=سوڀو>سوڀا. حاڪيماڻي=مهلت. ذات=
کـُـهاوَڙ>کـُـهيا+وَڙ.
عمر بي سوڀا، ڏي مهلت يا کهيا وَڙ ڪر.
(1598)
لوهه جي پوئي ميان سومرا! مون کي ڪپڙي موڪل ڏي.
لوهه جي=ڪوڏر>ڪو+ڏَرُ. ڪپڙو=ملير.
ڪو ڏَرُ پوئي ميان سومرا! مون کي ملير موڪل ڏي.
(1599)
ڪاٺ جا پونئي ڙي سومرا! مون کي لوهه جي.
ڪاٺ جا=ڏندڻ. لوهه جو=زبانو> زبانئون.
ڏندڻ پونئي ڙي سومرا! مون کي زبانئون موڪل ڏي. |