باب ٻارهون
سرائتيون ڳجهارتون:
راءِ ڏياچ
انيراءِ ۽ راءِ ڏياچ جي جنگ
(2076)
جر جن مٿي مال جا پـُـڄن ئي ڪين.
جر جا=نارَ> گرنار. مال جا= گورا.
گرنار مٿي، گورا پڄن ئي ڪين.
ٻيجل جو جهوناڳڙهه وڃڻ، ۽ راءِ ڏياچ کان سر گهرڻ
(2077)
منگتو فقير ٿلهو هو.
فقير= پنڻو. ٿـُـلهو= مـَـڳُ.
منگتو پنڻو مـَـڳُ هو.
(2078)
نرنانءُ شهر مٿي، مال جن ۾ هو.
نرنانءُ= جاجڪ. شهر= جهوناڳڙهه. مال جو=
ڍونڍو> ڍونڍڻ.
جاجڪ جهوناڳڙهه ۾ ڍونڍڻ ويو.
(2079)
شهر ۾ پوک جون، ڪو ڌنار آيو ڙي.
شهر= استنبول> تنبيل. پوک= تار> تارون.
ڌنار (جو) = چارڻ.
تنبيل ۾ تاروُن وڳيون، ڪو چارڻ آيو ڙي.
(2080)
لڳي لوهه جي، ٿي مال جي، مـِـٽي هيٺ نرنانءَ جي.
لوهه جي= تند. مال جي= تنوار. مٽيءَ(جي) =
ماڙي. نرنانءُ= ملوڪ.
لڳي تند، ٿي تنوار، ماڙيءَ هيٺ ملوڪ جي.
(2081)
مال جو وجهي پوک جن ۾ آيو، اهو نالو ئي نيندو.
مال جو= تارون (اُٺ جو). پوک جون= تـُـنبيون.
نالو= سلطان> سـِـر+ تان.
تاروُن وجهي تـُـنبن ۾ آيو، اهو سـِـر تان نيندو.
(2082)
ڪاٺ جو آيو فقير، جنهن ڳهه ٻوٽي رات.
ڪاٺ جو= آرو. فقير= مڱڻهار. ڳهه= لئون.
ٻوٽي= جاڳائي.
آري آيو مڱڻهار، جنهن لئـُـون جاڳائي رات.
(2083)
رڇ ذات ڦاٿا کاڄ جو، نرنان اُتي اوزار هئو.
رڇ= جام> جان. ذات= منگتا. ڦاٿي(جا) =
آلاپ. کاڄ جو= پڪو> ڪيو. نرنانءُ= راءُ.
اوزار= سـُـئو.
جان منگتي آلاپ ڪيو، راءَ اُتي سـُـئو.
(2084)
وَل جي ۾ نالو لڳو، تنهن ۾ ٻه وڻيون، تني
نالو ڦٽايو.
ول جو= تـُـنبو. نالو= تارو> تارُون. ٻه وڻيون=
ٻٻريون> ٻه+ ٻـُـريون. نالو= رام> آرام.
تـُـنبي ۾ تاروُن لڳيون، تنهن ۾ ٻه ٻـُـريون،
تني آرام ڦٽايو.
(2085)
اوزار راڳ جن نرنانءَ کي شهر ڪيو.
اوزار= رندو> سـُـرندو. راڳ جن= سـُـرن. نرنانءُ=
ڏياچ. شهر= دهلي> ڏهلي.
سـُـرندي جي سـُـرن، ڏياچ کي ڏهلي وڌو.
(2086)
نرنانءُ وڳو راڳ ٿيو، هن ڪامڻ جي اڳيان.
نرنانءُ= اُپنگ. راڳ= ڪينرو. ڪامڻ= راڻي.
اُپنگ وَڳو ڪينرو ٿيو، هن راڻيءَ جي اڳيان.
(2087)
نالي لوهه جا کڻي، ڪامڻ کي نارنانءُ ڪيو.
نالو= چئنچل. لوهه جا= چنگ. ڪامڻ= راڻي.
نرنانءُ= حـُـوران> حيران.
چئنچل چنگ کڻي، راڻيءَ کي حيران ڪيو.
(2088)
نرنان پاهڻ مال، سو وکر مون وڻي.
نرنان= ٻيجل. پاهڻ= ٿوٻي> ٿو+ ٻي. مال=
ڳاءِ (ڳئون). وکر= سـُـرمون> سـُـر+ مون.
ٻيجل ٿو ٻي ڳاءِ، سو سـُـر مون وڻي.
(2089)
نار نالي پڄئي ته ولايت تون.
نار نالي= وَس. ولايت= ڪرني> ڪر+ ني.
وس پڄئي ته ڪر ني تون.
(2090)
هيءُ جو آيو نرنانءُ، ذاتين ۾ پيو،
تنهن کي ڪي ڏيو، من مرض ٿئي.
نرنانءُ= ٻيجل. ذات= قنبراڻي> ڪنب+ راڻين.
مرض= موراهي> مئو+ راهي.
هيءُ جو ٻيجل آيو، ڪنب راڻين ۾ پيو،
تنهن کي ڪي ڏيو، من مـَـئو راهي ٿئي.
(2091)
چم جو آيو منگتو، جنهن جي ڪاٺي بڇڙي آهه،
وڻ وجهندو راڻين ۾، پکي پنهنجو لاءِ.
چم جو= موجو(موزو)> مئو+ جو. ڪاٺيءَ جو=
ڀؤنري. وڻ= راڙهو. پکي= ڪاؤس> ڪو+ وس.
مـُـئو جو آيو منگتو، جنهن جي ڀؤنري بڇڙي آهه،
راڙهو وجهندو راڻين ۾، ڪو وَس پنهنجو لاءِ.
(2092)
پوک جا نار نالي، ذات عضوي ڙي.
پوک جا= نار> گرنار. نار نالي= ڌڃاڻي. ذات=
چارڻ. عضوو= مـُـٺ> مٺيون.
گرنار جون ڌڃاڻيون، چارڻ مـُـٺيون ڙي.
(2093)
جيئن ٿو وڻ جو ڪري، تيئن ٿو ذاتين ۾ پوي.
وڻ= مئو راڙي> مئو+ راڙيون. ذات= قنبراڻي>
ڪـَـنب+ راڻين.
جيئن ٿو مـُـئو راڙيون ڪري، تيئن ٿو ڪنب راڻين ۾ پوي.
(2094)
نرنانءُ آيو، مال چڙهي بيٺو شهر گهري.
نرنانءُ= منگتو. مال= اُٺ> چانئٺ. شهر=
سري> سـِـرُ.
منگتو آيو، چانئٺ چڙهي بيٺو سـِـرُ گهري.
راءِ ڏياچ جو ٻيجل کي دان آڇڻ
(2095)
ڪاٺن سان ڀري ڏيو، چم جي هن نرنانءُ کي.
ڪاٺن(جا) = مـُـهرا> مـُـهرن. چم جي= ٿيلهي.
نرنانءُ= مڱڻ> مڱڻ+ هار.
مـُـهـُـرن سان ڀري ڏيو، ٿيلهي هن مڱڻهار کي.
(2096)
آءُ فقير چم ڪاٺ جا، هيءَ نارنالي توکي ڏيان.
فقير= جاجڪ. چم جا= جهونا. ڪاٺ جا= ڳڙهه.
نار نالو= زرينا> زر+ ني.
آءُ جاجڪ جهوناڳڙهه جا، هيءَ زر ني توکي ڏيان.
(2097)
شهر نالن سان ڏيانءِ، تنهن جي مٿئون لوهه جي.
شهر=لڪي> پالڪي. نالو= جهوڙو> جهـُـوڙن.
لوهه جي= چـَـڙي> چڙهي.
پالڪي جهوڙن سان ڏيانءِ، تنهن جي مٿئون وڃ چڙهي.
(2098)
نار مڱين منگتا، ته نار نالي تو ڏيان.
نار= راڄي> راڄ. نار نالو= سڀائي> سڀوئي.
راڄ مڱين منڱتا، ته سڀوئي تو ڏيان.
(2099)
وٺ ٻولي منگتا، وڃ شهر کي کڻي.
ٻولي= هونهين. شهر جي= ڪيميا.
وٺ هونهين منگتا، وڃ ڪيميا کڻي.
(2100)
هيءَ ذات وڃي، منهنجو ته نالو ٿئي.
ذات= جانوري> جان+ وري. نالو= نندو>
نندا (گـِـلا).
هيءَ جان وري وڃي، منهنجي ته نـِـندا ٿئي.
ٻيجل جو ناڻي وٺڻ کان انڪار ۽ سـِـرُ گهرڻ
(2101)
جيڪي ذاتئين ويندا، سي نالو ڇونه ڪندا!
ذات=جانوري> جان+ وري. نالو= نندو> نـِـندا.
جيڪي جان وري ويندا، سي نندا ڇو نه ڪندا!
(2102)
نالو نالي آهيان، ڏي نالو ڏاتار!
نالي نالا پـِـنان، ته ذات گهڻا هئا.
نالو= نذر> نه زر. نالو= طالب. نالو= مصري>
مَ+ سـِـري. ذات= اُتيرا> اُتي+ راءِ.
نه زر طالب آهيان، ڏينم سـِـري ڏاتار!
ماڻڪ موتي پنان ته اُتي راءِ گهڻا هئا.
(2103)
اي ميان جر جا سوداگر، تو وٽان مال جا موٽي ويا؟
جر جا= نارَ> گرنار. سوداگر=ڌَڻي. مال جا=
جهـُـڪ (جهوڪون)> جاجڪ.
اي ميان گرنار جا ڌڻي، تو وٽان جاجڪ موٽي ويا؟
(2104)
ڪپڙي ٻيڙيءَ جا ڌڻي، مون کي رڇ ڏيار!
ڪپڙو= جهونو. ٻيڙيءَ جو= ڳڙهه. رڇ= تسري>
ته+ سـِـري.
جهوناڳڙهه جا ڌڻي، مون کي ته سـِـري ڏيار!
(2105)
ڪپڙو جن مٿي، آءٌ به نالو تن جو.
ڪپڙي(جي) = تاجَ> تاجـُـون. نالو= طالب> طالبـُـو.
تاجون جن مٿي، آءٌ به طالبـُـو تن جو.
(2106)
آيس پوک مال تي، نالو ڏي ته نرنانءُ ٿيان.
پوک= تماڪ> طماعو. مال= توڏو> تو+ڏي.
نالو= مـُـهت. نرنانءُ= نهال.
آيس طماعو تو ڏي، مهت ڏي ته نهال ٿيان.
(2107)
ذات آيس تو ڏي، هٿيار ڏي ته ذات چون توکي.
ذات= سيال> سوالي. هٿيار= مصري(تلوار)> سـِـري.
ذات= جسراڄ> جس+ راڄ.
سوالي آيس توڏي، سـِـري ڏي ته جس راڄ چون توکي.
(2108)
شهر ڌڻي! اهو رڇ وڻ چا ڏي ذات ڪون.
شهر= جهوناڳڙهه. رڇ= تاسري> سـِـري. وڻ=
ڪونڀٽ. ذات= ڀـَـٽ.
جهوناڳڙهه ڌڻي! اها سـِـري چاڏي ڀـَـٽ ڪـُـون.
(2109)
نالو نرنالو آهين، ته ولايت مون کي ڏي.
نالو= سخي. نرنالو= ڏاتار. ولايت= سرو> سـِـري.
سخي ڏاتار آهين، ته سـِـري مون کي ڏي.
(2110)
ٿـُـلهي ٻاجهؤن ذات، نار نالي ڪـُـڏي.
ٿـُـلهي= ماسيري> مان+ سـِـري. ٻاجهئون= توهه>
تو هان. ذات= گهريا> گهري. نار نالي=
سامان> سا+ مان. ڪـُـڏي= کيڏي> کي+ ڏي.
مان سـِـري تو هان گهري، سا مان کي ڏي.
(2111)
ٻولي ڪڙمڪي، جيئڏ نهين.
ٻولي= ڪـَـهه> ڪـُـهي. ڪـُـڙمڪي= ڪيپراٽي.
جيئڏ= ڏيڏر> ڏي+ ڏر (ڊپ).
ڪـُـهي ڪيپراٽي ڏي، ڏر نهين.
(2112)
ڏي عضوي جي، مـِـرونءَ جي نه.
عضوي جي= ڪيپراٽي. مرونءَ جي= ڏَرِ.
ڏي ڪيپراٽي، ڏَرُ نه.
(2113)
ذات، پر ڪاٺ نه.
ذات= ڏيپر> ڏي+ پر. ڪاٺ(جا) = ڏَڪُ.
ڏي، پر ڌَڪو نه.
سورٺ جون ٻيجل کي آزيون
(2114)
ڪپڙي جي تنوار نه ڪر، تون ڪر ڀنن ڪکن کؤن بس،
جي نرنالا تون گهرين، ته آهن منهنجي وس.
ڪپڙي جي= تند. ڀنا ڪک= آلاپن. نر نالا=
ماڻڪ ۽ موتي.
تند تنوار نه ڪر، تون ڪر آلاپن کان بس،
جي ماڻڪ تون موتي گهرين، ته آهن منهنجي وس.
(2115)
ڪاٺ منگي منگتو، ڪو وڻ ئون آيو ڙي!
ڪاٺ= نهيرو> نه+ هيرو. وَڻ= اَڪ>
عڪ> عڪس.
نه هيرو منگي منگتو، ڪو عڪسؤن آيو ڙي!
(2116)
سـُـٽ جي وڻي مَ مون، جا پنهنجي ڪئي آ تو.
سـُـٽَ جي= سائي. پنهنجي= وائي.
سائي وڻي مَ مون، جا وائي ڪئي آ تو.
(2117)
نالو گهر منگتا، ته پنهنجي مال جو ٿئين.
نالو= ناصر> نا+ سـِـر. پنهنجي = ڪمائي.
مال جو= ڪـُـٽ.
نا سـِـر گهر منگتا، ڪمائي ٿي ڪـُـٽُ ٿيئي.
(2118)
اي نالا! ڇڏ پوک جي، ته توکي نار نالي ڏيان.
نالو= ٻيجل. پوک= مـُـنڍي. نار نالو= زرينا>
زر+ ني.
اي ٻيجل! ڇڏ منڍي، ته توکي زر ني ڏيان.
(2119)
اي ڳـَـڻ وارا! تو نرنالي کي، اوزار تي سونَ جو ڪيو.
ڳڻ وارا= چار> چارڻ. نرنالو= راءِ ڏياچ. اوزار=
رَندو> سـُـرندي. سون جو= رجائڻ> ريجهايو.
اي چارڻ! تو راءِ ڏياچ کي سـُـرندي تي ريجهايو.
(2120)
نالو ۽ نالو، هڻ پاهڻ جو ٻيو.
نالو= راءِ ڏياچ. نالو= ريڌو. پاهڻ جو= گهرڪو>
گهر+ڪو.
راءِ ڏياچ ريڌو، هاڻي گهر ڪو ٻيو.
(2121)
مـِـرون ٻولي تو ڏيان، مَ گهر عضوو نرنانءُ جو.
مـِـرُون= تازي. ٻولي= گهوڙا. عضوو= مـَـٿو.
نرنانءُ= ملوڪَ.
تازي گهوڙا تو ڏيان، مَ گهر مٿو ملوڪ جو.
(2122)
اي نرنالا ذات ٻار جي ڪري ڪئين نالا ني،
راءِ مان پوک مرض جي نه ڏينديس هڪڙي.
نر نالو= ٻيجل. ذات= مـَـهر. ٻار جي= باني.
ڪئين نالا= هيرو ۽ ماڻڪ. پوک جو مرض= رتي.
اي ٻيجل! مهرباني ڪري هيرا ماڻڪ ني،
راءِ مان رتي نه ڏينديس هڪڙي.
(2123)
تون آئين پنهنجي ڪري پنڌ جي تو ڏيان،
نالو چوانءِ ٿي، ذات اٿم، مال جو ڪجان.
پنهنجي= هام. پنڌ جي= زره> زر. نالو= جانـُـو>
جانو. ذات= هڪڙا> هڪڙو. مال جو= ٽارو.
تون آئين هام هڻي، زر تو ڏيان،
جانو ڀريانءِ ٿي، هڪڙو اٿم، ٽارو ڪجان.
(2124)
ڇڏ پوک جي، وٺ پکي، وڻ جو مان تان ڪر.
پوک جي= مـُـنڍي. پکي= متاهـُـه> متاع.
وڻ جو= ٽارو.
ڇڏي مـُـنڍي، وٺ متاع، ٽارو مان تان ڪر.
(2125)
جيت ڏيانءِ نرنان ڪاٺن جا به هزار،
ڇڏ پوک جي پچار، پکي کڻي وڃ پاڻ سان.
جيت= ماڪوڙيون> مان+ ڪؤڙيون. نرنانءُ=
منگتو. ڪاٺ جون= مـُـهريون> مـُـهرن. پوک جي=
مـُـنڍي. پکي= متاهـُـه> متاع.
مان ڪؤڙيون ڏيانءِ منگتا، مـُـهرن جا به هزار،
ڇڏ منڍيءَ جي پچار، متاع کڻي وڃ پاڻ سان.
(2126)
ڪاٺ ڪاٺو تو ڏيان، ني ڪاٺو ئي ملڪ ميان،
عضوي ڪندين ڪوهه، ڪـُـني ڪندين ڪين ميان.
ڪاٺ= ڪهڙ> ڪهڙين> ڪؤڙين. ڪاٺو= ڪجائو
>ڪجاوا. ڪاٺو= نيسارو> ني+ سارو. ملڪ =
ڏيهه. عضوو= سـِـري. ڪـُـني= رڌي.
ڪؤڙين ڪجاوا تو ڏيان، ني سارو ڏيهه ميان،
سـِـري ڪندين ڪوهه، رڌي کيندي ڪين ميان.
(2127)
وٺ نالن جا نرنانءَ، مال جيءَ ۾ ڏڌ جي اٿئي؟
نالو= لکمڻ> لک+ مڻ. نالو= موتي> موتين.
مال جي= ڪيپراٽي. ڏڌ جي= ڇاڇ> ڇا.
وٺ لک مڻ موتين جا، ڪيپراٽيءَ ۾ ڇا اٿئي؟
(2128)
کڻ ڪاٺين جا هزار، ڇڏ پوک جي پچار، ني نالو ئي
پاڻ سان.
ڪاٺيءَ جون= مهريون> مهرون. پوک جي=
مـُـنڍي. نالو= جيئرو.
کڻ مهرن جا هزار، ڇڏ مـُـنڍيءَ جي پچار، ني جيئرو ئي
پاڻ سان.
(2129)
هي نالو ٿي ڏيانءِ، وڃي نالي ۾ ڏيکار،
اسان وٽ ڇڏ نه پهڻ جو، وڃي نالي پکي ڌار،
هيءُ نه ڪپڙ جو ڪيراءُ، جنهن تي آهي نرنانءُ.
نالو= ڌَمالي> ڌَن+ مالُ. نالو= جڳت> جڳ.
پهڻ جو= ڪـَـسيرو. نالو= سونو. پکي= ڪڪڙ.
ڪپڙ جو= ڇـَـٽُ. نرنانءُ= مدار.
هي ڌَن مال ٿي ڏيانءِ، وڃي جڳ ۾ ڏيکار،
اسان وٽ ڇڏ نه ڪسيرو، وڃي سونو ڪڪڙ ڌار،
هيءُ نه ڇٽ ڪيراءِ، جنهن تي آهي مدار.
(2130)
نالا ذاتيون تو ڏيان، نرنانءُ ڏيکارج مون،
منهنجو لاهي تون، شهر نه ني ميان منگتا!
نالو= بادل. ذات= دَل. نرنانءُ= ڏيوو> ڏيهه.
شهر= ڇٽ.
دل بادل تو ڏيان، ڏيهه ڏيکارج مون،
منهنجو لاهي تون، ڇٽ نه ني ميان منگتا!
(2131)
هڪڙي ڪاريگرجي پنهنجو ڏي مون، ٻي عورت تون.
ڪاريگر جي= توَڻ (اڱرن واري کوري).
پنهنجو= ويلو. عورت= نينگر> ني+گهر.
هڪڙي توَڻ ويلي جي ڏي مون، ٻي گهر ني تون.
(2132)
رنگ بـَـلا تو ڏيان، ونءُ نرنالو ٿي.
رنگ= نيلو> نيل. بـَـلا= پـَـدم. نر نالو= راضي.
نيل پدم تو ڏيان، ونءُ راضي ٿي.
(2133)
ٺـِـڪر بلائون تو ڏيان، نرنانءُ جر جو نه.
ٺڪر جي= نيل. بلائون= پدم. نرنانءُ= جيئرو.
جر جو= ڪـَـپ.
نيلون پدم تو ڏيان، جيئري ڪپ نه.
(2134)
مرض اٿئي منگتا، کاڄ جي نه گهر.
مرض= گنج. کاڄ جي= پورت> پوءِ+ رت.
گنج اٿئي منگتا، پوءِ رت نه گهر.
(2135)
پوک جو اٿئي، ڪپڙي جي ڪرين ته ٻولي نه ڪر.
پوک جو= اسم. ڪپڙي جي= مڃ> مڃين.
ٻولي= ڪيس.
اسم اٿئي، جي مڃين ته ڪيس نه ڪر.
(2136)
نالو اٿيئي منگتا، هاڻي ذات ڪر.
نالو= آڍو> ڍَوَ. ذات= مزاري> مَ+ زاري.
ڍَوَ اٿئي منگتا، هاڻي مَ زاري ڪر.
(2137)
ذات ٿي نه منگتا، اهڙا کاڄ جا نه ڪجن.
ذات= ڪاسائي. کاڄ= پاپڙ> پاپ.
ڪاسائي ٿي نه منگتا، اهڙا پاپ نه ڪجن.
(2138)
پکي نرنانءُ کڻي ذات ڪر!
پکي= ٽرڙو(ڪڪڙ)> ٽر+ ڙي. نرنانءُ= منگتو.
ذات= کـُـهاوڙ> کهيا+ وڙ.
تـَـرُ ڙي منگتا، کـُـهيا وَڙ ڪر!
(2139)
آءُ فقير! گهوڙي جا، ته مال جا توکي ڏيان.
فقير= جاجڪ. گهوڙي جا= چهبڪ> چا+ ٻـُـڪ.
مال جا= آکا.
آءُ جاجڪ جا ٻـُـڪ، ته اَکا توکي ڏيان.
(2140)
پنهنجو اٿئي نرنانءُ جو، ته وڃي نالو ڏئينس.
پنهنجو= لاچار. نرنانءُ= انيراءِ. نالو=جيئرو.
لاچار اٿئي انيراءِ جو، ته وڃي جيئرو ڏئينس.
(2141)
نالو تو نالو مون، ني نالو پاڻ سان، پکي نه.
نالو= گهريو. نالو= ڏنو. نالو= جيئرو. پکي=
پرمارُ> پر+ مار.
گهريو تو ڏنو مون، ني جيئرو پاڻ سان، پر مار نه.
(2142)
نالو اٿئي، نالو ني، پکي نه.
نالو= پـَـرتو. نالو= جيئندو. پکي=ڪوهي> ڪـُـهي.
پرتو اٿئي، جيئندو ني، ڪـُـهي نه.
(2143)
پکي ڏينديس ڪينڪي، نر نالو وٺي وڃ.
پکي= ڪوهي> ڪـُـهي. نر نالو= جيئرو.
ڪـُـهي ڏينديس ڪينڪي، جيئرو وٺي وڃ.
(2144)
هي نالو وڃ وٺي، پکي نه ڙي منگتا!
نالو= جيئرو. پکي=پرمار> پر+ مار.
هي جيئرو وڃ وٺي، پر مار نه ڙي منگتا!
(2145)
وڏو نالو ڪاٺ جو.
وڏو= ڪهنو> ڪـُـهه+ نه. نالو= راجا. ڪاٺ جو=
نيسارو> ني+ سارو.
ڪـُـهه نه، راجا ني سارو.
(2146)
اي فقير! وڻ جي نالي جر جو ٿي، توکي نالي
۾ مٽيءَ جي ڏيان.
فقير= ڀنڊ. وڻ جو= لاهه> الله. جر جو= مـُـڙڻ>
مـُـڙي. نالو= بادل> بـَـدل> بدلي. مٽيءَ جي=
سـِـرَ> سـِـرُ.
اي ڀنڊ! الله جي نالي مڙي وڃ، توکي بدلي ۾
(پنهنجو) سـِـر ڏيان.
(2147)
پوک جي نيندين، ڪاٺي ايندئي ڪانه، تون
نالي کي ڏيندين.
پوک جي= مـُـنڍي. ڪاٺي= ڪتب. نالو= اَنيراءِ.
مـُـنڍي نيندين، ڪتب ايندئي ڪانه، تون انيراءِ کي ڏيندين.
(2148)
ڪاٺ مٽيءَ جا فقير! لوهه جو نه ڪر،
جي لوهه جو ڪندين، ته ڪاٺ ايندئي ڪين.
ڪاٺ جي= نيسر> نه+ سريا. مٽيءَ جي= سـِـر.
لوهه جو= ڪـَـپ. ڪاٺ= ڪتب.
نه سريا فقير! سر نه ڪپ، جي ڪپيندين ته ڪتب
ايندئي ڪين.
(2149)
شهر ئي فقير، پر ڪاٺي ايندءِ ڪينڪي.
شهر= چائـُـسري> چاءُ+ سـِـر. ڪاٺي= ڪتب.
چاءِ سـِـرُ فقير! پر ڪتب ايندءِ ڪينڪي.
(2150)
منگتا! ڀلي نالو، حاڪم جي ڪونه چوئي.
نالو= ڪٽپر> ڪٽ+ پر. حاڪم جي= ورجس>
وري+ جس.
منگتا! ڀلي ڪـَـٽِ، پر وري جس ڪونه چوئي.
راءِ ڏياچ جو سر وڍڻ
(2151)
سڱ تو نه آهه، ٻه انگ ذات جو.
سڱ= سـَـسُ> سستو. ٻه انگ> سؤ+دو> سودو.
ذات= مڱڻهار.
سستو نه آهه، سودو مڱڻهار جو.
(2152)
نالو نالي ڏين، ته به نالو پرچي ڪينڪي.
نالو= سونو. نالو= ڳهڻو. نالو= ٻيجل.
سونا ڳهڻا ڏين، ته به ٻيجل پرچي ڪينڪي.
(2153)
نالا نالي ڏين، ته به ذات نالي ڪين ميان!
نالو= هيرو. نالو=موتي. ذات= چارڻ. نالو=
سـَـرتو> سرچي.
هيرا موتي ڏين، ته به چارڻ سرچي ڪين ميان!
(2154)
نرنان سرچي ڪينڪي، جنهن کي ذات ڪکن جي آهه،
ڪاسبڪي ڪپڙو، عورت وهٽ ئون ڪين وڃا”.
نرنانءُ= ٻيجل. ذات= ڍيڍ. ڪکن جي= نـُـک.
ڪاسبڪي= آزي. ڪپڙو= صافو> انصافئون.
عورت= وِينگس. وهٽ جو= وڙ.
ٻيجل سرچي ڪينڪي، جنهن کي ڍيڍڪي نـُـک آهه،
آزيون انصافئون وينگس جون، وڙئون ڪين وڃا”.
(2155)
ڪک جي ذات ڪي، تڏهن نه جر جو.
ڪک جي= نـُـکَ. ذات= ڍيڍ. جرجو= مـُـڙڻ> مـُـڙيو.
نـُـکَ (هيس) ڍيڍڪي، تڏهن نه مـُـڙيو.
(2156)
آءُ ته پوک مال جي ذات توکي ڏيان.
پوک جي= لـُـڻي. مال جي= سـِـري. ذات= منگتا.
آءُ ته لـُـڻي سـِـري منگتا توکي ڏيان.
(2157)
ڏيئي هٿيار ذات کؤن، تون فاقيرو وٺ.
هٿيار= ڪات. ذات= ڪلها> ڪـُـلها. فاقيرو=
ڪونرو> ڪوري.
ڏيئي ڪاٺ ڪلهن کؤن، تون ڪوري وٺ.
(2158)
کڻ هٿيار، وڍ عضوو، ڪاٺ جو نه.
هٿيار= ڇـُـري. عضوو= سـِـري. ڪاٺ جو= ڏَڪُ.
کڻ ڇـُـري، وڍ سـِـري، ڏَڪ نه.
(2159)
نالو نرنان کي، ٿو جنڊ مٽيءَ جي ڏئي.
نالو= راءِ ڏياچ. نرنان= ٻيجل. جنڊ جو= نائو>
نايو. مٽيءَ جي= سـِـر.
راءِ ڏياچ، ٻيجل کي ٿو نايو سـِـرُ ڏئي.
(2160)
وکر وکر شهر ڙي.
وکر= واس> واسي. وَکر= ڌُوپ> ڌوپي.
شهر= چانيسري> چائي+ سـِـري.
واسي ڌوپي چائي سـِـري.
(2161)
لوهه جو شهر ۾ پيو، جڏهن نرنانءُ ٿي پنهنجو نيو.
لوهه جو= ڪوڪو> ڪوڪٽ. شهر= جهوناڳڙهه.
نرنانءُ= ٻيجل. پنهنجو= سـِـر.
ڪـُـوڪٽ جهوناڳڙهه ۾ پيو، جڏهن ٻيجل ٿي سـِـرُ نيو.
(2162)
ملڪ ئون مال جي آئي، تنهن کي ٻولي ڪنهن نه ڪيو.
ملڪ= طرف. مال جي= تڪبير. ٻولي= رَدي> رَدُ.
طرفئون تڪبير آئي، تنهن کي رد ڪنهن نه ڪيو.
(2163)
ٻيجل جو نالو، راءِ کي ساز جي ميٺاج ماريو.
نالو= مـُـوسو> موسو(بهانو). ساز جو= سڳو.
ميٺاج= ساءُ.
ٻيجل جو موسو، راءِ کي سڳي جي ساءُ ماريو.
(2164)
نالي سندي ٻاراڻي نالو مارايو.
نالو= قابل. ٻاراڻو= ڪـِـينرو. نالو= ڪامل.
قابل سندي ڪـِـينري، ڪامل مارايو.
(2165)
جر جو پسي پوک جي، عورت مال جو ڪيو،
پاراتي کان پوءِ، ذات زمين جو ٿيو.
جر جو= ريلو. پوک جي= رُتِ> رَتُ.
عورت=سورٺ. مال جو=ڪـُـوڪرو. پاراتو=
هي وڍيا. ذات= چارڻ. زمين جو= رڻ.
ريلو پسي رت جو، سورٺ ڪــُـوڪرو ڪيو،
هي ڙي وڍيا چارڻ، تو ڪهڙو رڻ ڪيو!
(2166)
نرنان پڇي مال واري کان، ته ڪنهن عضوو نيو
مرد جو؟
نرنانءُ= هوٿي> هوءَ+ ٿي. مال واري= اُن.
عضوو= سـِـرُ. مرد= ڪانڌ.
هـُـوءَ ٿي پڇي اُن کان، ته ڪنهن سـِـرُ نيو ڪانڌ جو؟
(2167)
پوک پکي نيئي، اُٿي ڪپڙي جي ڪر!
پوک جو= نسرڻ> سـِـرُ. پکي= سوالي.
ڪپڙي جي= ڌڙ.
سـِـرُ سوالي نيئي، اُٿي ڌڙ جي ڪر!
(2168)
ڏسيو کاڄ پرينءَ جو، وٺيو کاڄ روئي،
انهيءَ کاڄ سان، شل منهنجو کاڄ هوئي!
کاڄ= لوڙهه (لاش).
ڏسيو لوڙهه پرينءَ جو، وٺيو لوڙهه روئي،
انهي لوڙهه سان، شل منهنجو لوڙهه هوئي!
(2169)
اَن کان آءٌ نه ڀانيان، جيڪا مون سان ولايت ڪئي.
اَن(جا) = تـُـهـَـه> تو. ولايت= عرب> رب.
توکان آءٌ نه ڀانيان. جيڪا مون سان رب ڪئي.
(2170)
عضوا لوهه ڳڌئي، هـُـڻ ڪيا ذات ڙي!
عضوو= سـِـر. لوهه جو= ڪپ. ذات= منگسي> منگيسي.
سـِـرُ ڪپ ڳڌئي، هڻ ڪيا منگيسي.
(2171)
ايندو ڀانيم ڪينڪي، مال جو ماڙيءَ تي،
ٻاراڻي هيس بي خلل، ان جا عضون تي،
پر ڪا نرنانءُ جي لوهه جي لڳي پنهنجي کي،
ويو هٿيار جو ڪري، مان هٿ جي هاڻي ڇا ڪريان.
مال جو= چارڻ. ٻاراڻي= سـُـتي. اَن جا= پـَـل.
عضوو=انگ. نرنانءُ=راءِ ڏياچ. لوهه جي= تار.
پنهنجو=تن. هٿيار جو= وارُ. هٿ جي=مٺِ> مـُـٺي.
ايندو ڀانيم ڪينڪي، چارڻ ماڙيءَ تي،
سـُـتي هيس بي خلل، وڃي پلنگن تي،
پر ڪا راءِ ڏياچ جي، تار لڳي تن کي،
ويو وارُ ڪري، مان مـُـٺي هاڻي ڇا ڪريان.
(2172)
ڪکن جو لوهه ٿيو، ايڏو ڪو فقير جو!
ڪـَـکن جو= جهـُـڳو. لوهه(جو) = تالو> طالح.
فقير جو= جرجلو.
جهـُـڳو طالح (برباد) ٿيو، ايڏو ڪو جرجلو!
(2173)
نرنانءُ نڪتو شهر مان، وکر جي کڻي،
نرنانءُ گڏيو ڪونه ڪو، جنهن کي ڏئي کڻي.
نرنانءُ= جوڳي. شهر= جهوناڳڙهه. وکر جي=
کٿوري. نرنانءُ= سالڪ.
جوڳي نڪتو جهوناڳڙهه مان، کٿوري کڻي،
سالڪ گڏيو ڪونه ڪو، جنهن کي ڏئي کڻي.
-------
باب تيرهون
سرائتيون ڳجهارتون: سهڻي ۽ ميهار
ميهار جو اچڻ ۽ سهڻيءَ سان عشق
(2174)
نالو هٽ جو واڻڪو، پر هي ڪاريگر نار جو.
نالو= تـُـلو. هٽ جو= ليکو. واڻڪو= واپاري.
ڪاريگر= سوداگر. نار= سهڻي.
تـُـلي ليکي واپاري، پر هيءُ سوداگر سهڻيءَ جو.
(2175)
پکي کان ڏڌ جي، سهڻيءَ پيتي سڪ جي.
پکي= ميهار. ڏڌ جي= مهي.
ميهارکان مـَـهي، سهڻيءَ پيتي سڪ جي.
(2176)
جر جي پيتائين ڪپڙي جي، تڏهن ذات ذات ٿي.
جر جي= سـُـرڪي. ڪپڙي جي= هـَـڙ> ساهڙ.
ذات= موچي> مـَـچي. ذات= مستوئي> مست.
سـُـرڪي پيتائين ساهڙ جي، تڏهن مچي مست ٿي.
(2177)
سهڻي پنهنجي ۽ پکي جي، پر مرونءَ جي نه.
پنهنجي= سـُـرڪي. پکي جي= چکي. مرونءَ جي= رسي.
سهڻي سـُـرڪي چکي، پر رسي نه.
(2178)
نرنان توکي ذات ڏني، تنهن مان تون ڪپڙي جي.
نرنان= ميهار. ذات= مسرڪ> سـُـرڪ.
ڪپڙي جي= جهلي.
ميهار توکي سـُـرڪ ڏني، تنهن مان تون جهـَـلي.
(2179)
لوهه ڪپڙي لڳياس، ساز کنيو نرنانءُ ڏسي.
لوهه= کرڪي. ڪپڙو= کيس. ساز= ڪرناءِ>
ڪر. نرنانءُ= ميهار.
کـَـرڪي کيس لڳياس، ڪرَ کنيو ميهار ڏسي.
(2180)
نالا ڪپڙي جن، تن سٽ جن وڃي باهه جي ڪئي.
نالو= ٻيلو. ڪپڙي جي= ٻـُـري> ٻـُـرن. سـُـٽ جو=
چـَـڙو> چڙن. باهه جي= چري.
ٻيلي منجهه ٻـُـرن، تن چڙن وڃي چـَـري ڪئي.
(2181)
شهر ئون منجهه وڻن، تن لوهه ڪپڙ جي آهيان.
شهر= ٻيلو. وڻ= ٻٻر> ٻٻرن> ٻـُـرن. لوهه جو=
چـَـڙو> چـَـڙن. ڪپڙ جي= چولي> چوري.
جي ٻيلي منجهه ٻـُـرن، تن چـَـڙن چوري آهيان.
(2182)
جڏهن گاهه ۾ ٿي لوهه لڳا، تڏهن ٿي ذات ڏٺم.
گاهه= پراڙ. لوهه= سنڀار. ذات= ميهار.
جڏهن پراڙ ۾ ٿي سنڀار وڳا، تڏهن ٿي ميهار ڏٺم.
(2183)
زحمت خوش ڪياس، جي نالي پاسي ذات.
زحمت= کـَـرڪي. نالو= ٻيلو. ذات= ٻـُـرڙا> ٻـُـرنِ.
کرڪين خوش ڪياس، جي ٻيلي پاس ٻـُـرن.
(2184)
لوهه ۽ ذات جون، مان ٻڌيو ٿي خوش ٿيان.
لوهه جون= کـَـرڪيون. ذات= ٻيلائي> ٻيلن.
کرڪيون ٻيلن جون، مان ٻڌيو ٿي خوش ٿيان.
(2185)
عضوي گاهه ٻـُـڌوم، تڏهن دل ڌرتيءَ جي ٿي.
عضوو= ڪـَـنُ> ڪنين. گاهه= ناڙو> نـَـڙُ.
ڌرتيءَ جي= چـَـري (کڏ).
ڪنين نڙ ٻـُـڌوم، تڏهن دل چري ٿي.
(2186)
ٻيلي گاهه ٻـُـجهن، آءٌ ٿي ڪاٺي ٿيان.
گاهه= نـَـڙ. ڪاٺي= سـُـرهي.
ٻيلي نڙ ٻـُـجهن، آءٌ ٿي سـَـرهي ٿيان.
(2187)
اورِين ڀـِـڪ وڻ بيٺو آهي، پرين ڀـِـڪ گاهه ٻـُـجهي ٿو.
وڻ= ڪابولي. گاهه= نڙ.
اورِين ڀڪ ڪابولي بيٺو آهي، پرين ڀڪ نڙ ٻـُـجهي ٿو.
(2188)
هـُـت پيا گاهه سـُـڄن، هـِـت هينئڙو مرض ٿئي.
گاهه= نڙ. مرض= چور (تپ) چـُـور.
هـُـت پيا نڙ سـُـڄن، هـِـت هينئڙو چوُر ٿئي.
(2189)
لوهه جون ڪکن ۾، ڪو نرنانءُ ڙي!
لوهه جون= ڪـُـنڍيون. ڪک= ڪانهن.
نرنان= ميهار.
ڪـُـنڍيون ڪانهن ۾، ڪو ميهار ڙي!
(2190)
لوهه مال جون ڪن، آءٌ ذات پروڙيان تن مان.
لوهه جون= ڪنڍيون. مال جون= ڪـُـڻڪون>
ڪـَـڙڪا. ذات= ڪاڪا.
ڪـُـنڍيون ڪڙڪا ڪن، آءٌ ڪا پروڙيان تن مان.
(2191)
پکي سندا مال جا، مون کي پون اَن جن ۾.
پکي= ميهار. مال جا= پـُـور. اَن جا= پـَـل.
ميهار سندا پـُـور، مون کي پـَـون پلپل ۾.
(2192)
نرنان نالي نام جي، هٿ جي گهر جو ڪيو،
وڃڻ واجب ٿيو، گاهه ٻولي نام جو.
نرنان= محبت. نالو= يارو>يار. نام= ميهار.
هٿ جي= اِڻي> هڻي. گهر جو= هنڌ. گاهه=
سـِـڻي> سـُـڻي. ٻولي= سڏ. نام= سڄڻ.
محبت يار ميهار جي، هڻي هنڌ ڪيو،
وڃڻ واجب ٿيو، سـُـڻي سڏ سڄڻ جو.
(2193)
مـِـرون روز ڏسان، جيڪي ميهر وڌا عضوي تي.
مـِـرون= سيسر> سي+ سر. عضوو= مـُـنهن= مـَـنهن.
سي سـَـرَ روز ڏسان، جيڪي ميهر وڌا مـَـنهـَـن تي.
(2194)
جي نالا ميهار ڏي، ته وڃان هن پار ڏي،
وڻ جا ميهار ڏي، ته وڃان هن پار ڏي،
ذات ميهار ڏي، ته وڃان هن پار ڏي،
ڪوڏ جو ميهار ڏي، ته وڃان هن پار ڏي.
نالو= قبول. وڻ= ماڇڪ> مان+ ڇـِـڪ. ذات=
لنگها> لانگها. ڪوڏ جو= جيءُ.
جي قبول ميهار ڏي، ته وڃان هن پار ڏي،
مان ڇڪ ميهار ڏي، ته وڃان هن پار ڏي،
لانگها ميهار ڏي، ته وڃان هن پار ڏي،
جيءُ ميهار ڏي، ته وڃان هن پار ڏي.
(2195)
پنهنجن منجهه ويهي، ڪنديس ڳالهيون ڳنڍ سين.
پنهنجن= ٻيٽن. ڳنڍ= هڙ> ساهڙ.
ٻيٽن منجهه ويهي، ڪنديس ڳالهيون ساهڙ سين.
(2196)
مين وکر ويندي، جو نرنان ميڪون سڏ ڪريندا.
وکر= سوپاري> سو+ پار. نرنانءُ= ميهر.
مين سو پار ويندي، جو ميهر ميڪوُن سڏ ڪريندا.
(2197)
هوٿا پٿر ڏين، آءٌ به ڪکين ويندي سانِ.
پٿر= پارس> پار+ س. ڪک جي= تـَـر> تري.
هو ٿا پار سڏين، آءٌ به تـَـري ويندي سانِ.
(2198)
ڪاٺ ئون ٿي گهڙندياس، جتي پنهنجا ۽ پوک جا.
ڪاٺ جا= ڌُڪا> ڌوڪاري. پنهنجا= تارا> تارُو.
پوک جا= ڏَڪ> ڏڪندا.
ڌوڪاري گهڙندياس، جتي تارُو ڏڪندا.
(2199)
پکي ريءَ عورت، مٽيءَ جا هاري عضون تي.
پکي= ساهڙ. عورت=سهڻي. مٽيءَ جا= ڳوڙها.
عضوو= ڳل> ڳلن.
ساهـُـڙ ريءَ سهڻي، ڳوڙها هاري ڳلن تي.
سهڻيءَ جو دريا ِّ تري ميهار ڏانهن وڃڻ
(2200)
ٻيڙي واري ڪيئن ڪري،جنهن جو نرنان مٽيءَ جو ٿيو.
ٻيڙيءَ جي= ساٽڪي(ٻيڙي جو عضوو)> سا+
ٽـِـڪي. نرنانءُ= ساهڙ. مٽيءَ جو= هن ڀر.
سا ٽـِـڪي ڪيئن ڪري، جنهن جو ساهڙ هـُـن ڀر ٿيو.
(2201)
لوهه اوزار ۾ پوندي هئي، ته به نارنان ليکي ناڻي جو.
لوهه(جي) = تار. اوزار(جي) = تـِـکَ. نارنان=
سهڻي. ناڻي جو= سـِـڪو> سـُـڪو.
تارَ تـِـکَ ۾ پوندي هئي، ته به سهڻيءَ ليکي سـُـڪو.
(2202)
ڏسي جر لوهه جي، واڻڪي ڳهه جي سهڻي.
جر= پاڻي. لوهه جي= تار. واڻڪو= مـُـور.
ڳهه جي= ٽـِـڪ> ٽـِـڪي.
ڏسي پاڻي تار، مور (نه) ٽڪي سهڻي.
(2203)
جر عضوو کاڄ، نار نالي جر جي.
جر= پاڻي. عضوو= پـِـني. کاڄ= ٻوڙ. نار= لنگهي.
جر جي= سـِـير.
پاڻي پنيءَ ٻوڙ، سهڻيءَ ليکي سير جو.
(2204)
پاڻي منجهه هياس، عضوي کاڄ نه ڀانيان.
پاڻي= پـُـور> پـُـوريون. عضوو= پـِـني. کاڄ= ٻوڙ.
پـُـورن منجهه هياس، پـِـنيءَ ٻوڙ نه ڀانيان.
(2205)
پوک پهچان رڇ راند جي، اديون! منهنجي آهه،
نر نالي فقير ڪين ڀانيان، سپيريان جي ساءِ.
پوک= ميها. پهچان= رسان. رڇ= دِلي.
راند جي= اَڙي. نرنالو= مهراڻ. فقير= تارڪ>تار.
ميهار سان دلڙي اڙي، اديون! منهنجي آهه،
مهراڻ تار ڪين ڀانيان، سپيريان جي ساءِ.
(2206)
جر جا شهر پـُـون، ته به عضوي کاڄ نه ڀائيان.
جر جا= اَرَ. شهر= اُٿل> اُٿليو. عضوو= مـُـرِئو.
کاڄ= ٻوڙ.
آرَ اُٿليو پونِ، ته به مـُـرئي ٻوڙ نه ڀائيان.
(2207)
عورت ڏسيو ذات، ته نرنانءُ پاڻي ئي نه.
عورت= ڀاڻو> ڀاڻا. ذات= جانگهڙا> جان+ گهڙان.
نرنانءُ= مهراڻ. پاڻي= تار.
ڀاڻا ڏسيو جان گهڙان، ته مهراڻ تار ئي نه.
(2208)
عورت کي اَڌ رات جو علم ڇا ڪندو!
عورت= سهڻي. علم= سيپارو> سيءُ+ پارو.
سهڻيءَ کي اَڌ رات جو سيءُ پارو ڇا ڪندو!
(2209)
عورت کي اڌ رات جو، قرآن ڪي نه ڪري،
سڻيو ساز نرنانءُ جو، وڃيو وڻ چڙهي.
عورت= سهڻي. قرآن جو= سيپارو> سيءُ+پارو.
ساز=نڙ. نرنانءُ= ميهار. وڻ= ساتار> سا+ تار.
سهڻيءَ کي اڌ رات جو، سيءُ پارو ڪي نه ڪري،
سڻيو نڙ ميهار جو، وڃيو سا تار چڙهي.
(2210)
ڏسيو فقير نرنانءَ جا، عورت مرونءَ جي ويئي.
فقير جا= دونها. نرنانءُ= دوست. عورت= سهڻي.
مرونءَ جي= سـَـٽَ> سٽيندي.
ڏسيو دونهان دوست جا، سهڻي سٽيندي ويئي.
(2211)
ذات وئي ٿي ذات ڏي، تنهن کي ذات جهلي ٿي
ڪان ميان!
ذات= ساٽي> سٽيندي. ذات= سيگهم. ذات=
سوجهر> سو+ سـَـرُ.
سٽيندي وئي سيگهه مان، تنهن کي جر جهلي ٿو ڪين ميان!
(2212)
عورت راند حاڪم جيءَ تي، جر مٽيءَ جا
ڪندي ويئي.
عورت= سهڻي. راند جي= ويل. حاڪم جو=
سمن. جر جو= درياءُ. مٽيءَ جو= دور.
سهڻي ويل سمن تي، درياءَ مان دور ڪندي هئي.
(2213)
پکي تري نه تار، سهڻي نالي سان پار.
پکي=ڪاز> ڪازن=ڪا زن (زال). نالو=
ساڌو> سا+ ڌُو.
ڪا زن تري نه تار، سهڻي، سا ڌُو سان پار.
(2214)
جر جون هڻندي هلي وڃي، لوهه جي ڪانه ٿيس.
جر جون= ٽٻيون. لوهه جي= بتي> هيبت ئي.
ٽٻيون هڻندي هلي وڃي، هيبت ئي ڪانه ٿيس.
(2215)
وکر جي نار ويئي، نالو زمين جي نار کي.
وَکر= (سمنڊ) جهاڳ> جهاڳي. نار= سهڻي. نالو=
ساهڙ. زمين جو= رِڻُ> ڪارڻ. نار (جو) = سيلُ>سيرُ
جهاڳي سهڻي ويئي، ساهڙ ڪارڻ سير کي.
(2216)
عورت کي ذات ڪپڙي جي، تڏهن لوهه مرض ويئي.
عورت= سهڻي. ذات= سـِـکَ> سـِـڪ. ڪپڙي جي=
هڙ> ساهڙ. لوهه(جي) = تار. مرض= تريو.
سهڻيءَ کي سـِـڪ ساهڙ جي،تڏهن تار تريو ويئي.
(2217)
سر ئون سڏ ڪري، وڃي پنهنجن ۾ پيئي،
اتي ٿي ويئي، جتي فقير ڪاٺ جا ڪن.
سـِـرُ =ڪاپار> ڪا+پار. پنهنجا= ٻيٽا(پـُـٽ)>
ٻيٽن. فقير جا= دونهان. ڪاٺ جو= لاٽـُـون.
ڪا پارئون سڏ ڪري، وڃي ٻيٽن ۾ پيئي،
اتي ٿي ويئي، جتي دونهان لاٽون ڪن.
(2218)
عضوي هلي، نرنان جهلي، وڃي مال جي پـُـڳي.
عضوو= تري. نرنان= نصير> نه+ سيرَ.
مال جا= کـُـڻَ.
تـَـري هلي، نه سير جهلي، وڃي کـُـڻَ پـُـڳي.
(2219)
جر جو جنهن کي لڳو، مال ڪاٺ جا سا ڪندي.
جر جو= وَهه. مال جا= ڦيرا. ڪاٺ جا= هرَ> هرهر.
وهه جنهن کي لڳو، هر هر ڦيرا سا ڪندي.
سهڻي ۽ سس جو سوال جواب
(2220)
ذات ڪکن جي، ته پنهنجا ٿينئي.
ذات= ٻـُـڌ. ڪکن جي= ڪنڌي. پنهنجا= ڪـَـن.
ٻـُـڌ ڪنڌيءَ، (ته) ڪـَـن ٿينئي1
.
(2221)
ڪامڻ ڪاريگر جي، پنهنجي سان نرنانءَ جي.
ڪامڻ= ٺـَـري. ڪاريگر جي= ٺپ. پنهنجي=
ڏَسَ> ڏسڻ. نرنانءُ= ڏَمُ.
ٺري ٺـَـپَ پيس، ڏسڻ ساڻ ڏَم جي.
(2222)
وهٽ نه وڻي، ڪپڙي جي وڻي مون.
وهٽ= ڏَمُ (مـَـٺو وهٽ). ڪپڙي جي= هڙ> ساهڙ.
ڏَمُ نه وڻي، ساهڙ وڻي مون.
(2223)
آءُ ڪپڙي جي، نرنانءُ ڏي وينديس ڪينڪي.
ڪپڙي جي= هـَـڙَ> ساهڙ. نرنانءُ= ڏَمُ.
آءٌ ساهڙ جي، ڏَم ڏي وينديس ڪينڪي.
(2224)
اي ميان نرنانءَ! تون ڪاريگر جيئن جهليندين، تيئن
ڪپڙي جي ويندي سان”.
نرنان= ڏَمُ. ڪاريگر جي= ڏهاڙي. ڪپڙي جي=
هـَـڙ> ساهڙ.
اي ميان ڏم! تون جيئن ڏهاڙي جهليندين، تيئن ساهڙ
ڏي ويندي سان”.
(2225)
جنهن جي رڇ راند جي، تنهن کي پنهنجا ڇا ڪندا!
رڇ= دلڙي. راند جي= آڙي. پنهنجا= مهڻا.
جنهن جي دلڙي اَڙي، تنهن کي مهڻا ڇا ڪندا!
(2226)
هـُـت پيا قيمت ڏين، هـِـت قيمت ڇڏي ڪين،
آءٌ به قيمت تن جي، قيمت رهنديس ڪين.
قيمت= پارس> پار+ سَ. قيمت= پيسو= پـَـئي.
(مڙس)+ سو. قيمت= ڪوڏي. قيمت= دمڙي>
دم+ ڙي.
هـُـت پيا پار سڏين، هـِـت پئي، سو ڇڏي ڪين،
آءٌ به ڪوڏي تن جي، دم ڙي! رهنديس ڪين.
سهڻيءَ کي سرتين جي جهل
|