سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: ڳجهارتون

 

صفحو :18

(1600)

نرنانءَ سڏائين سومرا، تو ذات مال جو ڪيئن،
پنهنجي ملڪ جي هيئن، تنهنجو کاڄ جو مونکي نالا.

 

نرنانءُ=اشرف>اشراف. ذات=شـَـر>شرم.

مال جو=وِڪيو. پنهنجي=آهه>آهي. ملڪ جي=

ڏينهن رات. کاڄ جو=داغ. نالو=سومرو.

اشراف سڏائين سومرا، تو شرم وڪيو ڪيئن،
آهي راتو ڏينهن، تنهنجو داغ مون کي سومرا.

 

(1601)

ڪاٺ نه بچئي سومرا! شل وکر وڃئي،
تو اسان کي ڇو مال جن ۾ وڌو؟

 

ڪاٺ جو=وانگي. وکر=مـُـرداسنگ>مردو.

مال جا=ڇؤڙا>وِڇوڙن.

وانگي نه بچئي سومرا، شل مردو وڃئي،
تو اسان کي ڇو وڇوڙن ۾ وڌو؟

 

(1602)

وکر پويئي ميان سومرا، شهر اچين ڇو!

 

وکر=چوَڙ>چوڙنگ. شهر=ماڏو>مان+ڏي.

چوڙنگ پويئي ميان سومرا، مان ڏي اچين ڇو!

 

(1603)

لوهه جا پونئي ميان سومرا، اچيو لوهه جا پون،
انهن لوهه جن مان ڪڍي، من مون کي مارو نين.

 

لوهه جا=ڏول.

ڏول پونئي ميان سومرا، اچيو ڏول پون،
انهن ڏولن مان ڪڍي، من مون کي مارو نين.

 

(1604)

کٽڪيون پونئي سومرا، تون کـَـٽڪيون آڻين ڪيئن،
توکي راتو ڏينهن، آهن کـَـٽڪيون من ۾.

 

کـَـٽڪيون= ڇـُـروُن> ڇـُـريون. کـَـٽڪيون=

ٻـَـڌيون>ٻڌيو. کـَـٽڪيون=ٻانڌڻيون>ٻانهون+

ڌڻڻيون.

ڇـُـريون پونئي سومرا، تون ٻـَـڌيو آڻين ڪيئن،
توکي راتو ڏينهن، آهن ٻانهون ڌڻڻيون من ۾.

 

(1605)

وڻ جون وڃنئي ميان سومرا! اُڀ جي مون تان لاهه.

 

وڻ جون=پاڙون. اُڀ جي=ڪارنهن.

پاڙون وڃنئي ميان سومرا! ڪارنهن مون تان لاهه.

 

(1606)

وکر وڃئي ميان سومرا، اُڀ جي مون تان لاهه.

 

وکر=صابڻ>سو+بـُـڻ. اُڀ جي=ڪاراڻ.

سو بـُـڻ وڃئي ميان سومرا، ڪاراڻ مون تان لاهه.

 

(1607)

وکر وڃئي ميان سومرا! مال جو نه بچئي ڪو.

 

وکر=صابڻ>سو+بڻ. مال جو=بـُـج.

سو بـُـڻ وڃئي ميان سومرا! بـُـج نه بچئي ڪو.

 

(1608)

وکر وڃئي ميان سومرا، تڙ جا تان ڪجن،
مال جا ڏئي اسان کي، سي ڪپڙي تان نه لهن.

 

وکر=صابڻ>سو+بـُـڻ. تڙ جو=ٺهڻ>ٺهن.

مال جا=داغ. ڪپڙو=ڌوتو>ڌوتي.

سو بـُـڻ وڃئي ميان سومرا، جيئن ٺهن تيئن ڪجن،
جي داغ ڏنئي اسان کي، سي ڌوتي تان نه لهن.

 

(1609)

وڻ وڃئي ميان سومرا، ڪاٺ نه بچئي ڪو،
مون کي آڻي تو، مال جن ۾ ڇو وڌو!

 

وڻ=ڄمون>ڄم. ڪاٺ=بـُـنڊ. مال جا=

ڇوڙا>وڇوڙا.

ڄم وڃيئي ميان سومرا، بـُـنڊ نه بچيئي ڪو،
مون کي آڻي تو، وڇوڙن ۾  ڇو وڌو!

 

(1610)

وڻ وڃئي ميان سومرا! سـُـٽ نه بچئي ڪو،
مون کي آڻي تو، هت مرضن ۾ وڌو.

 

وڻ=سرُ>سـِـرُ. سـُـٽ جو=بڻ. مرض=سور>

سـُـورن.

سـِـرُ وڃئي ميان سومرا! بـُـڻ نه بچئي ڪو،
مون کي آڻي تو، هت سـُـورن ۾ وڌو.

 

(1611)

راند ڪيف جا سومرا! تو جرَ جو آندو ڪيئن،
مون کي راتو ڏينهن، آهي مال جو ئي من ۾.

 

راند جو=خانو. ڪيف جو=خراب. جر جو=

چاڙهو. مال جو=اوسيڙو.

خانو خراب ٿيئي سومرا! تو چاڙهي آندو ڪيئن،
مون کي راتو ڏينهن، آهي اوسيئڙو من ۾.

 

(1612)

جر جون پونئي سومرا! مال جي آندئي ڪيئن،
مون کي راتو ڏينهن، آهي نالو من ۾.

 

جر جون=سيرون. مال جي=ٻڌي. نالو=موٽڻ.

سيرون پونئي سومرا! ٻـَـڌي آندئي ڪيئن،
مون کي راتو ڏينهن، آهي موٽڻ من ۾.

 

(1613)

ڍنڍ ڪاٺ کائنئي ميان سومرا، ڌڻ جو آڻي ڪيئن،
مون کي راتو ڏينهن، آهي مرد من ۾.

 

ڍنڍ=ڪاري. ڪاٺ(جو) =هـَـل(هر). ڌڻ جو=

بـَـنديو>بنديئي. مرد=موٽڻ.

ڪاريهل کائينئي ميان سومرا، بنديئي آڻي ڪيئن،
مون کي راتو ڏينهن، آهي موٽڻ  من ۾.

 

(1614)

جيت کائني ميان سومرا، ڪاٺ نه بچئي ڪو.

 

جيت=ڪاريهر. ڪاٺ=وانگي.

ڪاريهر کائني ميان سومرا، وانگي نه بچئي ڪو.

 

(1615)

اَن جو پوئي ميان سومرا! جر جي بچئي ڪين.

 

اَن جو=تـُـوتـَـڙ(تـُـهه). جر جي=پوئڪي>

پوءِ ڪي.

توتـَـڙَ پوئي ميان سومرا! پوءِ ڪي بچئي ڪين.

 

(1616)

ذات وڃين ميان سومرا! ڪپڙي جو ڪيئي مون.

 

ذات=مري. ڪپڙي جو=رَئو>گـِـلارو.

مري وڃين ميان سومرا! گلارو ڪيئي مون.

 

(1617)

ڪو لوهه پوئي ميان سومرا، تو وڻ جي آندي ڪيئن!

 

لوهه(جي) =ڪوڏر. وڻ=ڪـُـنوار ٻوٽي>ڪنواري.

ڪو ڏَرُ پوئي ميان سومرا، تو ڪنواري آندي ڪيئن؟

 

(1618)

مٽيءَ جو وڃئي ميان سومرا، تو ذات جي آندي ڪيئن!

 

مٽيءَ جو=تـَـنـُـور>نـُـورُ. ذات جي=تـُـنياڻي>

تو+نياڻي.

نـُـور وڃئي ميان سومرا، تو نياڻي آندي ڪيئن.

 

(1619)

ٻج ڀڄنئي ميان سومرا، ڪپڙو نه بچئي ڪو.

 

ٻج=ڪڪڙا>ڪي ڪـَـڙا. ڪپڙو=ڪوٽ.

ڪي ڪڙا ڀڄنئي ميان سومرا، ڪوٽ نه بچئي ڪو.

 

(1620)

عمر، شال مال جا پونئي.

 

مال جا=گهوڙا.

عمر، شال گهوڙا پونئي.

 

(1621)

هندڪو وڃئي ميان سومرا، شل نالو ٿئين ڪين!

 

هندڪو=رام>آرام. نالو=سکيو.

آرام وڃئي ميان سومرا، شل سکيو ٿئين ڪين!

 

(1622)

نرنانءُ وڃئي ميان سومرا، تڏهن ڪا ذات پوئي.

 

نرنان=موسن>مون+سنه. ذات=دُر>قدر.

مون سنه وڃئي ميان سومرا، تڏهن ڪو قدر پوئي.

 

(1623)

سـُـٽ جون وڃئي سومرا، هي لوهه جا مون تؤن لاهه.

 

سـُـٽ جون=پيڙهيون. لوهه جا=مارا.

پيڙهيون وڃئي سومرا، هي مارا مون تان لاهه.

 

(1624)

گاهه ٿئين ميان سومرا! مون تان جر جا لاهه.

 

گاهه=چٽ. جر جا=لـُـڙَ.

چـَـٽُ ٿيئن ميان سومرا! مون تان (هي)لـُـڙ لاهه.

 

(1625)

ڪک جر جون پونئي سومرا، مون تان پاڻي وارا لاهه.

 

ڪک جا=سر. جر جون=واهيون. پاڻي وارا=لـُـڙَ.

سرواهيون پونئي سومرا! مون تان (هي) لـُـڙ لاهه.

 

(1626)

ڪاٺ جا پونئي ميان سومرا، مون تان لوهه جا لاهه.

 

ڪاٺ جا=اَرٽ. لوهه جا=ڪرٽ.

اَرٽ پونئي ميان سومرا، مون تان ڪـَـرٽ لاهه.

 

(1627)

لوهه جا پونئي ميان سومرا، اَن جا مون تان لاهه.

 

لوهه جا=ڪنگڻ. اَن جا=لنگهڻ.

ڪنگڻ پونئي ميان سومرا، لنگهڻ مون تان لاهه.

 

(1628)

ادا عمر! ڏينهن پوئي، ڏينهن مون تان لاهه.

 

ڏينهن=حشر. ڏينهن=محشر.

ادا عمر! حشر پوئي، محشر مون تان لاهه.

 

(1629)

لوهه جا پونئي ميان سومرا،هي ذاتيون مون تان لاهه.

 

لوهه جا=برمان. ذات=ڏچر>ڏَچا.

برمان پونئي ميان سومرا، هي ڏچا مون تان لاهه.

 

(1630)

اُڀ جون پونئي ميان سومرا! شل ذات وڃين.

 

اُڀ جون=اورڪون. ذات=ڳاها>ڳاهجي.

اورڪون پونئي ميان سومرا! شل ڳاهجي وڃين.

 

(1631)

جڏهن نرنانءَ ٿي وڻ ٿيو، تڏهن نارنان هجان ها،
ته گاهه واريندي، عضوي جو ڏيانس ها.

 

نرنانءُ=عمر. وڻ=ڄميو. نارنان=حڪيمان>

حقي ماءُ. گاهه=ناڙو. واريندي=موڙيندي.

عضوي جو=نـُـنهن.

جڏهن عمر ٿي ڄميو، تڏهن حقي ماءُ هجان ها،
ته ناڙو موڙيندي، نـُـنهن ڏيانس ها.

 

(1632)

اي ذات گاهه ڪپيندڙ، تو هٿ جو ڇونه ڏنو عمرکي؟

 

ذات=دايا>دائي. گاهه=ناڙو. هٿ جو=گهـُـٽو.

اي دائي! ناڙو وڍيندڙ، تو گهـُـٽو ڇو نه ڏنو عمر کي؟

 

(1633)

جڏهن عمر پئي ڪپڙا ڪيا، تڏهن ڪپڙو ڪنهن نه اُتو.

 

ڪپڙو=اُبتو>اُبتا. ڪپڙو=سـُـبتو.

جڏهن عمر پئي اُبتا ڪيا، تڏهن سـُـبتو ڪنهن نه اُتو.

 

(1634)

سي ڪاٺ جا مير عمر! جن نرنانءُ مون هتي.

 

ڪاٺ جا=مـُـٺيا>مـُـٺا. نرنان=آندو.

سي مـُـٺا مير عمر! جن آندو مون هتي.

 

(1635)

ڳالهه چوانءِ ميان سومرا! جي عضوي لايين تون،
تنهان پوءِ مون، اُٺن شهر جي ڇڏيين.

 

ڳالهه(جي) =نصيحت. عضوو=دل. اُٺن(جو) =

ساڳو>ساڳي. شهر جي=جاءِ.

نصيحت ڪريين ميان سومرا! جي دل(سان) لايين تون،
تنهان پوءِ مون، ساڳي جاءِ ڇڏيين.

 

(1636)

لهي وڃ انهيءَ لوهه تان، توکي نالو، نالو ڏي.

 

لوهه جو=بـُـرج. نالو=هادي. نالو=هدايت.

لهي وڃ انهي برج تان، توکي هادي هدايت ڏي.

 

(1637)

لوهه تي راڄ ويهار، گهر جي ڏي نه تن کي.

 

لوهه=ريهو>ريهي. گهر جي=ڪارنهن.

ريهي راڄ ويهار، ڪارنهن ڏي نه تن کي.

 

(1638)

راند جون ذاتين سان ڏجن، نه ڪجن ڪاٺن
                        سان حڪيماڻا،
جيئن نانوَ نرنانون جا، تيئن مارو سونهن مس،
ڏيئي دلاسن دس، لوهه جي نانءُ ويهار سومرا!

 

راند جون=جوٽون. ذات=جوسي>جيسين. ڪاٺي=هيڻي. حاڪيماڻا=

حسد. نانءُ=گاهي. نرنانوَ =درگاهي.لوهه جي= ريهه. نانءُ=راڄ.

جوٽون جيسـَـن سان ڏجن، نه ڪجن هيڻن سان حسد،
جيئن گاهي درگاهي، تيئن مارو سونهن مس،
ڏيئي دلاسن دس، ريهي راڄ ويهار سومرا!

 

(1639)

ادا عمر! لوهه جا انهن سان ڪر، جيڪي انهيءَ
                        اَن جون هجن.

 

لوهه جا=ڪـَـرٽَ. ان جي=چال.

ادا عمر! ڪرٽ انهن سان ڪر، جيڪي انهيءَ چال
                                جون هجن.

 

(1640)

ذات ذات کي ذات جيئن آهي، سا ڪيئن ذات سومرا!

 

ذات=رعيت. ذات=حاڪم. ذات=ٻچڙا>ٻچڙن.

ذات=تـَـڪيا>تڪين.

رعيت حاڪم کي ٻچڙن جيئن آهي، سا ڪيئن تڪين سومرا!

 

(1641)

ادا عمر! مون کي وڻ آهي ته تون ذات آهين.

 

وڻ=ڪين>يقين. ذات=صراف>اشراف.

ادا عمر! مون کي يقين آهي ته تون اَشراف آهين.

 

(1642)

ادا عمر! مون کي ته ڪتي جي، تون چوين ته اڃان
                                ڪپڙي جي.

 

ڪـُـتي جي=تڻڪ. ڪپڙي جي=گهاري>گهار.

ادا عمر! مون کي ته تـَـڻڪ (مارن جي)، تون چوين
                                ته اڃان گهارِ.

 

(1643)

نالي سان نالو، عمر! نالوئي نه.

 

نالو=مولو>مون. نالو=مرڪڻ. نالو=شيوو.

مون سان مرڪڻ، عمر! شيووئي نه.

 

(1644)

چم جي آهيان ميان سومرا، چم جي ڪر نه تون.

 

چم جي=نـَـط>امانت. چم جي=نـَـط>خيانت.

امانت آهيان ميان سومرا، خيانت ڪر نه تون.

 

(1645)

نالو ٿي حاڪم جو نه ڪر، نه ته ملڪ ٿي ويندين.

 

نالو=ظالم. حاڪم جو=ظلم. ملڪ=تباهه.

ظالم ٿي ظلم نه ڪر، نه ته تباهه ٿي ويندين.

 

(1646)

وڻ ڏسي نالو نه ٿي، اڳيان مڇي زور آهي.

 

وڻ=سورت>صورت. نالو=ظالم. مڇي=

هـَـڪـَـمُ>حاڪم.

صورت ڏسي ظالم نه ٿي، اڳيان حاڪم زور آهي.

 

(1647)

علم وارا! مون سان علم واري نه ڪر، متان علم
                                        وارو اچئي.

 

علم(جي) =زير>زوراوَر. علم(جي) =زبر>

زورزَبر>علم(جو) =پيشُ.

زوراور! مون سان زور زبر نه ڪر، متان پيش اچئي.

 

(1648)

نالا نام تنهنجا، آهن نالا نام تو،
نام ڪرين ٿو ڇو، نالي نام ڪندين ڪينڪي.

 

نالا=نوڪر. نام=چاڪر. نالا=سندا. نام=رعايا.

نام=هيبت. نالا=مارو. نام=ناموس.

نوڪر چاڪر تنهنجا، آهن سندا رعايا تو،
هيبت ڪرين ٿو ڇو، مارُو ناموس ڪندئي ڪينڪي.

 

(1649)

هت به نالا نانءُ وٽ تو، هت به نالا نانءُ تو،
سي نالا نالن تي ڪين هئا، تو نانءُ ڌرين ٿو ڇو؟

 

نالا= نوڪر. نانءُ= چاڪر. نالا= سانگي. نانءَ=

پرتو>پرتا. نالو=مارو. نالا=مـَـواس (زورائتا، مـَـواڙ)

نانءُ=هيبت>هيبتون.

هـِـت به نوڪر چاڪر وٽ تو، هـُـت به سانگي پرتا تو،
سي مارو مواس ئي ڪين ها، تون هيبتون ڪرين ٿو ڇو؟

 

(1650)

ادا عمر! هـِـت ته ذات ٿي، ڪا ڪاٺي نالو ڪر.

 

ذات=مانجهي>مانجهاندو. ڪاٺي=ڊگهي.

نالو=نظر.

ادا عمر! هت ته مانجهاندو ٿي، ڪا ڊگهي نظر ڪر.

 

(1651)

هت تون ٿو جنگيون ڪرين، اڳيان ڪاٺ جن ۾
                        مال جا اٿئي.

 

جنگ جو=اولاڻو. ڪاٺ جو=ڳجهه>ڳجهن.

مال جو=ڇاڻو>پڇاڻو.

هـِـت تون ٿو اولاڻا ڪرين، اڳيان ڳجهن ۾ پڇاڻو اٿئي.

 

(1652)

ادا عمر! انهيءَ وڻ ئون تندئون چم جو وڃئي.

 

وڻ=اَڪ. تند=لئون. چم جو=مـَـڙهه.

ادا عمر! انهيءَ عقلؤن مـَـڙهه وڃئي.

 

(1653)

ذات ۾ ڪپڙو ٿئين، تون ڪي ذات.

 

ذات=سامي. ڪپڙو=سوڙهو. ذات=سـِـک.

ساميءَ ۾ سوڙهو ٿئين، تون ڪي سـِـکُ.

 

(1654)

رات ڪيئي سومرا، مـَـنَ ڪو ڏينهن ٿئي.

 

رات=ڪاري. ڏينهن=آچر>آچار.

ڪاري ڪيئي سومرا! من ڪو آچار ٿئي.

 

(1655)

جڏهن ڏينهن ٿيندو، تڏهن ڪاٺ ڪنديسانءِ سومرا!

 

ڏينهن=آچر>آچار. ڪاٺ=سنئون.

جڏهن آچار ٿيندو، تڏهن سنئون ڪنديسان سومرا!

 

(1656)

ادا عمر! تنهنجي ڏيهه تي اها ڪاٺي ناهي، جنهن
                        سان کاڄ ڪريان.

 

ڪاٺي=ونگي>وانگي. کاڄ=آچار.

ادا عمر! تنهنجي ڏيهه تي اهو وانگي ناهي، جنهن سان
                                آچار ڪريان.

 

(1657)

اُهي نالا آڻ، جيڪي لوهه جي ته ڪن.

 

نالا=امين. لوهه جو=پرُوڻ>پروڙ.

اُهي اَمين آڻ، جيڪي پروڙ ته ڪن.

 

(1658)

رڇ پاڻيءَ جي کان پڇ عورت ئون ته عورت
                        ڪير آهي؟

 

رڇ=ڪـَـرسيا>ڪر+سـِـيا. پاڻيءَ جو=گـَـڏُون>

گڏ. عورت=امينا>امينئون. عورت=اُتما>اتم.

ڪر سـِـيا گڏ، پڇ اَمينئون ته اُتم ڪير آهي؟

 

(1659)

کاڄ ڪر ميان سومرا! توتي شهر ڪندا.

 

کاڄ=آچار. شهر=لکپت>لک+پت.

آچار ڪر ميان سومرا! توتي لـَـکَ پـَـتِ ڪندا.

 

(1660)

ذات لڳئي ميان سومرا! ته نالو ٿيندوُن.

 

ذات=آهپن>آهه+پـُـنئي. نالو=امين.

آهه پـُـنئي ميان سومرا! ته اَمين ٿيندوُن.

 

مارئيءَ جو وطن ۽ ويڙهيچن کي سارڻ

(1661)

ادا عمر! ڌڌڪ پر ڪٽڪ نه.

 

ڌڌڪ=شرع. ڪٽڪ=لـُـٽ.

ادا عمر! رهه شرع، پر لـُـٽ نه.

 

(1662)

علم جي آئي مارئي وهٽ جا ڇڏي،
پوءِ هاڻي ڪو هجي، جو ڪري راند ڪاٺيءَ سان.

 

علم=مسين. وهٽ جا=ايال>عيال. راند=ميلو.

ڪاٺي=ڏوئي>ماڏوئيءَ.

مسين آئي مارئي، عيال ڇڏي،
پوءِ هاڻي ڪو هجي، جو ڪري ميلو ماڏوئيءَ سان.

 

(1663)

وڻ جون وتن ميان سومرا، ڪپڙي تي ڪيئي.

 

وڻ جون=ڇـَـڙيون>ڇـُـڙيون. ڪپڙو=پـَـٽ>پـَـٽن.

ڇـُـڙيون وتن ميان سومرا! پـَـٽن تي ڪيئي.

 

(1664)

وڻ جون وڃن مال سان، عمر! پوک جي نه ڪن.

 

وڻ جون=ڇـَـڙيون. مال=ڇيلا. پوک جي=

اولِ>اُلڪو.

ڇڙيون وڃن ڇيلن سان، عمر! اُلڪوئي نه ڪن.

 

(1665)

ليکي ۽ سور ۾ آڻي، تو راند جي ڪئي ميان سومرا!
هت ٿو ذاتيون ڪرين، اتي مارو نالو ڪندا.

 

ليکي جي=ڀـُـل. سور جي=چـُـڪ. راند جي=

لـِـڪائي. ذات جا=مذاق>مزا. نالو=سـِـڪيو.

ڀـُـل چـُـڪ ۾ آڻي، تو لـِـڪائي ميان سومرا!
هت ٿو مزا ڪرين، اتي مارُو (مون لا”) سڪندا.

 

(1666)

پکي ساريم سومرا! جنهن مون کي کاڄ جي ڏني.

 

پکي=هـُـماءُ>هوءَ+ماءُ. کاڄ جي=ٿڃ.

هوءَ ماءُ ساريم سومرا! جنهن مون کي ٿڃ ڏني.

 

ٿـــر

(1667)

پکي کائينِ ميان سومرا! ذاتين منجهه رهن،
مال انهن جا سومرا! راڳن  منجهه چـَـرن.

 

پکي=گـُـرڙ. ذت جا=ڀـَـٽ>ڀـِـٽ. راڳ=ڏَهر.

گرڙ کائين ميان سومرا! ڀـِـٽن منجهه رهن،
مال انهن جا سومرا! ڏهرن منجهه چـَـرن.

 

(1668)

ڪپڙجي ڪري آندءِ ميان سومرا! ڳهه ٿي موڪل ڏي.

 

ڪپڙ جي=ٻانڌڻي>ٻانهن ڌوڻي. ڳهه=مـُـرڪي.

ٻانهن ڌوڻي آندءِ ميان سومرا!(هاڻي)مـُـرڪي موڪل ڏي.

 

(1669)

نرنان ته منهنجا نرنان آهن، پر قسمت قيد ڪيو.

 

نرنان=مارو. نرنان=مٺو.

مارو ته منهنجا مٺا آهن، پر قسمت قيد ڪيو.

 

(1670)

عمر! انهيءَ جاءِ تي مارو مون لاءِ، ڪاٺي ذات ڪن.

 

ڪاٺي= اُڏَهڻي(ڏَڪَ = ڪنڀار ٿانون کــي ٺپڻ

وقت ٽيڪ طور ڏيڻ)>او+ڏِهاڻي. ذات=گـُـهمرا.

عمر! انهيءَ جاءِ تي مارو مون لاءِ اُوڏِهاڻي گهمرا ڪن.

 

(1671)

جهليو درياءَ زمين جي، آءٌ ڏينهن جي هياس،
آڻي نرنانءُ ڪپڙي ۾، پنهنجي حاڪم جو ڪياس،
تنهان پوءِ ٿياس، ذاتين نالي لاءِ.

 

درياءَ جي=ڀـَـر. زمين جي=ڀـِـٽَ. ڏينهن جي=

مـُـرڪ. نرنــانءُ= عمر. ڪپڙي حــّــــو= ڪوٽ.

پنهنجي=قسمت. حاڪم جو=قيد. ذات=مشتاق.

نالو=مارو.

جهليو ڀـَـر ڀـِـتن جي، آءٌ مرڪندي هياس،
آڻي عمر ڪوٽ ۾، قسمت قيد ڪياس،
تنهان پوءِ ٿياس، مشتاقي مارن لاءِ.

 

(1672)

تون ذات ڪر، هو ذات ڪندا.

 

ذات=ڪيهر>قهر+نه. ذات=هـَـهـَـا>هاءِ ها”.

تون قهر نه ڪر، هو هاءِ هاءِ ڪندا.

 

(1673)

کاڄ ئون تنهنجي سومرا! وڻ جيءَ تي نه ڪپڙا.

 

کاڄ=ڊاکون>ڊاءُ+کؤن. وڻ جي=پـُـسي.

ڪپڙو=پهراڻ>پهرن.

ڊاءَ کؤن تنهنجي سومرا! پـُـسيءَ تي نه پهرن.

 

(1674)

ٻن ڳهن کؤن ميان سومرا! مارو ٿا مال جا ڪن.

 

ٻه ڳهه=طوق>تو+هار>قهار. مال جا=ڦر> ڦـَـڙ.

تو قهارئون ميان سومرا! مارو ٿا ڦڙڪن.

 

(1675)

ڳوٺاڻو ڳوٺ منهنجو آهي رسو مارن سان.

 

ڳوٺ=کـِـلڻ. ڳوٺ=خاشو. رسي جو = مرڪ.

کلڻ خاشو، منهنجو آهي مرڪ مارن سان.

 

(1676)

ڪپڙو مارن من ۾، نالو ڪن ئي ڪونه.

 

ڪپڙو=قلمي(ٻيڙيءَ جو جهنڊو)>ڪلمون.

نالو=ٻيجل>ٻي+جهل.

ڪلمون مارن من ۾، ٻي جهل ڪن ئي ڪونه.

 

(1677)

ڌڻ جون سڻيو سومرا! مون کي ڌڻ جون اچيو پـُـون،
ڌڻ جن منجهان سومرا! من مارو مون کي نين،
هـُـتي ڌڻ جن مٿي سومرا! پيا مارو قوت ڪن.

 

ڌڻ جون=ڇيرون. ڌڻ جون=لـُـڙڪيون>لـُـڙڪ.

ڌڻ جون=ماڙيون. (ضد=ڀلوڙيون). ڌڻ جا=

کـُـڏا (ڪن چيريل).

ڇيرون سڻيو سومرا! مون کي لـُـڙڪ اچيو پون،
ماڙين منجهان سومرا! مـَـن ماروُ مون کي نين،
هـُـتي کڏن مٿي سومرا! پيا مارو قوت ڪن.

 

(1678)

اڳ جرجن منجهه هياس، هاڻ جر جا اچيو پـُـون،
جرجن ماري آهيان، هاڻي مارو شال نين.

 

جر جا=لوڙهه>لوڙهن. جر جا=لڙڪ.

جر جا=بندَ.

اڳ لوڙهن منجهه هياس، هاڻ لڙيو لڙڪ پـُـون،
بندن ماري آهيان، هاڻي مارو شال نين.

 

(1679)

لوهن ماري مارئي، لوهه تنين کي پـُـون،
لوهن مان ڪڍي، مارئي مئيءَ کي نينِ.

 

لوهه جو=ڏول>ڏولاوا>ڏولاون.

ڏولاوان ماري مارئي، ڏولاوا تنين کي پـُـون،
ڏولاون مان ڪڍي، مارئي مئيءَ کي نين.

 

(1680)

سنج آهن مال جا، نرنان منهنجي نالن جا،
نالا ٻڌي مال جا، هت نه ٽڪي ٿو هينون.

 

سنج=ٿڙا>ٿر. مال جا=ٿاڪَ. نرنان=عمر.

نالو=مارو>مارن. نالو=عمر. مال جا=ٻاڪ.

ٿر آهن ٿاڪ، عمر منهنجي مارن جا،
عمر ٻڌي ٻاڪ، هت نه ٽڪي ٿو  هـِـنيون.

 

(1681)

پاهڻ منهنجي من، ذاتيون ڪين ميان!

 

پاهڻ=ماروسو>مارو+سي. ذات=وسريا>وسرن.

مارو سي منهنجي من، وسرن ڪين ميان!

 

(1682)

ڏي رڇ سومرا، نالو ته نه.

 

رڇ=حـُـقو>هـُـه+ڪو. نالو=ويسرو>وسريو.

ڏيهه ڪو سومرا، مون وسريو ته نه.

 

(1683)

وڻ ڦر مارن ڏي، حاڪيماڻا ويل سومرا!

 

وڻ ڦر=ماڇڪ>مان+ڇڪ. حاڪيماڻو=روز.

ويل=ڏيهاڙي.

مان ڇڪ مارن ڏي، روز ڏيهاڙي سومرا!

 

(1684)

عمر! پکي ڪپڙي جي، جي ذات وڃي سا به،
                        پکيءَ تي.

 

پکي=طوطو>تو+ته. ڪپڙو=جهلي. ذات=

مري. پکي=طوطو>تو+تي.

عمر! تو ته جهلي، جي مري وڃي سا به توتي.

 

(1685)

ادا عمر! هـِـت نه مال جا، پر هـُـت مال جا.

 

مال جا=مـَـرا>مـَـران.

ادا عمر! هت نه مران، پر هـُـت مران.

 

(1686)

جي مان ذات ٿيان، ته ساز جو وڃي نرنان کي ڏيو.

 

ذات=مري. ساز جو=مڙهه. نرنان=کيت.

جي مان مري وڃان، ته مڙهه کيت کي ڏيو.

 

(1687)

جيت آيا ٿي سومرا، پکي جي ملان تن،
جڏهن اَن جي آهيان گاهه ۾، آڪهه اباڻن.

 

جيت=اڏوهي>اوڏانهون. پکي>ڪـُـرڪي>

ڪـَـر+ڪي. ان جي=ساري. گاهه=سر>سرير.

اوڏانهون آيا ٿي سومرا، ڪـَـر ڪي ملان تن،
ساري آهيان سرير ۾، آڪهه اباڻن.

 

(1688)

ڪپڙو آڇ نه ميان سومرا، ڪپڙو منهنجي من،
منهنجا مارو ملير ۾، ڪپڙو ڪپڙو ڪن.

 

ڪپڙو=گـِـيگم>ڪي+غم. ڪپڙو=گـِـيگم>

هي+غم. ڪپڙو=گـِـيگم=غم.

ڪي غم نه آڇ ميان سومرا، هي غم منهنجي من،
منهنجا مارو ملير ۾، غم پيا ڪن.

 

(1689)

مينهن جا ميان سومرا، گاهن جا اباڻن.

 

مينهن جا=وسڻ>وسن. گاهن جا=ويڙها.

وسن ميان سومرا، ويڙها اباڻن.

 

(1690)

مـُـردي ڍُڪيءَ ان جا، مون پوک جون ملير ۾.

 

مـُـردي جا=سـُـور>سـُـو. ڍُڪيءَ جا=مـَـرا.

ان=ساريون. پوک جون=رتيون.

سومرا ساريون، مون رُتيون ملير ۾.

 

(1691)

ٻاراڻا مون ڇڏيا، نالي اباڻا.

 

ٻاراڻا=مـِـنهـَـن>مـَـنهـَـن>مـَـنهڙا. نالو=

اَڏيو>اڏيا.

منهڙا مون ڇڏيا، اَڏيا اباڻا.

 

(1692)

کاڄ ريءَ سومرا! ڪکن جا نه ٻـَـڌن.

 

کاڄ=سـِـيرا>سـِـيرون. ڪکن جا=مـَـنـَـهـُـن.

سـِـيرِن ريءَ سومرا! مـَـنـَـهڙا نه ٻـَـڌن.

 

(1693)

نالا جن رکيا، کاڄ به ڏينديس تن کي.

 

نالو=ڇـَـتو>ڇتا. کاڄ=ڳـُـنڌڻ.

ڇـَـتا جن رکيا، ڳـُـنڌڻ به ڏينديس تن کي.

 

(1694)

ڪاٺ پنهنجو ڙي سومرا! ٿو ذاتين کي پـِـٽي.

 

ڪاٺ جي=مـَـن. پنهنجو=اُداس. ذات=سانگي.

پـِـٽڻ=اوسارڻ>سارڻ.

من اداس ڙي سومرا! تو سانگين کي ساري.

 

(1695)

جر جي آهي ڇڪ، مان هاريان ٿي جر جا.

 

جر جا=سنگهارا>سنگهارن. جر جا=ڦـُـڙا.

سنگهارن جي آهي ڇـِـڪ، مان هاريان ٿي (رت جا) ڦـُـڙا.

 

(1696)

نالو مارن ڪاڻ، پلپل پاڻيءَ جي ٿيو.

 

نالو=هيمنُ>هي+من. پاڻيءَ جي=

پياس> پياسي.

هيءُ مـَـنُ مارن ڪاڻ، پلپل پياسي ٿيو.

 

(1697)

اڃان سڱ جن، پنهنجي پوک جي منهنجي.

 

سڱ جا=اباڻا. پنهنجي>آس. پوک جي=پـَـلي.

اڃان اباڻن، آس نه پلي منهنجي.

 

(1698)

نرنانءُ ڙي ميان سومرا، هت شهر مال جن سان.

 

نرنانءُ=موسن>مون+سنُ (هڪجيڏا).

شهر=گـُـڏ. مال جا=گهيٽا>گهيٽن.

مون سـَـنُ ميان سومرا، هـُـت گـَـڏُ گهيٽن ساڻ.

 

(1699)

ڪپڙي جن تي سومرا! کير جي، ٻار جون ڪن.

 

ڪپڙي جو=بـَـر. کير جي=ٿـَـرِ>ٿـَـري.

ٻار جون=رانديون.

بـَـرن تي ميان سومرا! ٿـَـري رانديون ڪن.

 

(1700)

هت ڪڏهن نالو، هت مارو مون مال جا ڪن.

 

نالو=عيدُو>عيدون. مال جا=ڪسيرا>ڪـَـسو.

هت ڪڏهن عيدون، هت مارو مون ڪـَـسو ڪن.

 

(1701)

مارئي! تنهنجي ملڪ ۾، ڪهڙا نالا نانوَ ٿين؟
چي: جيئڏ جي ڪن ڪانه ڪا، ته به ڏئي ٿو
                        اَن جون اُن کي.

 

نالو=هالو. نانءُ=چالو. جيئڏ=ڪاريهر>ڪار+

هر. اَن جون=روٽيون.

مارئي! تنهنجي ملڪ ۾، ڪهڙا هالا چالا ٿين؟
چي: ڪار هر جي ڪن ڪانه ڪا، ته به ڏئي ٿو
                        روٽيون اُن کي مولا.

 

(1702)

جر جو ساريم سومرا! آءٌ جن جو وڻ هياس،
نر نالي ٿيندياس، شهر تن سان سومرا!

 

جر جون=سيمو. وڻ=ڄمون>ڄم. نر نالو=

ميڙائو. شهر=سال>شال.

سي مون ساريا سومرا! آءٌ جن جو ڄم هياس،
ميڙائي ٿيندياس، شال تن سان سومرا!

 

(1703)

بلا شهر ڙي سومرا! لوهه جا ساريا مون.

 

بلا=جـِـن. شهر=پالهي>پالي. لوهه جا=

سينوَر>سي+وَر.

جن پالي ڙي سومرا! سي وَر ساريا مون.

 

(1704)

اڃان آهي آس، نالن کي ڏيان پوک جا.

 

نالو=سانگي. پوک=ساريون>ساريان.

اڃان آهي آس، سانگين کي ٿي ساريان.

 

(1705)

ڪپڙي جي دل مارن سان، اَن جي ٿيندي ڪانه.

 

ڪپڙي جي=رِلي. اَن جي=پـَـلي.

رِلي دل مارن سان، سا پلي ٿيندي ڪانه.

 

(1706)

عورت ٽـِـڪندي هـِـت، عورت ماروئڙن سان.

 

عورت=نـِـڌُلَ>نه+دِل. عورت=جادُل>

جا+دِل.

نه دل ٽـِـڪندي هـِـت، جا دل مارن سان.

 

(1707)

ڪامڻ هئي ڪپڙن، ته آزار هو مردن.

 

ڪامڻ=وسندي. ڪپڙا=ملير>مليراڻين. آزار=

وارو (تپ جو). مرد=سنگهار>سنگهارن.

وسندي هئي مليرياڻن، ته وارو هو سنگهارن.

 

(1708)

نالا هئن سومرا، نالا هـُـونِ شال،
راند جون ولات ۾، مال جون ڏسان شال!

 

نالو=سـُـکيو. نالو=سڄڻ. راند جون=ٻـَـڌيون.

ولات=ٻاهڙمير. مال جون=ڇيليون.

سکيا هـُـئن سومرا، سڄڻ هونِ شال،
ٻـَـڌيون ٻاهڙ مير ۾، ڇيليون ڏسان شال!

 

(1709)

اکر آهي انگ، ته وڃي ملنديس ذاتين سان.

 

اکر=لکيو. ذات=مارُو>ماروئڙن.

لکيو آهي انگ، ته وڃي ملنديس ماروئڙن سان.

 

(1710)

مال جون ساريان سومرا، جي پير جي خدا.

 

مال جون=پنهواريون. پير جي=ڏيکاري>

ڏيکاريندو.

پنهواريون ساريان سومرا، جي ڏيکاريندو خدا.

 

(1711)

مٽيءَ جا ڏنم شهر کي، سي اڃان ذات ٿيائي ڪين.

 

مٽيءَ جا=ليٿڙا. شهر=لس. ذات=وِيسر>وِسريا.

ليٿڙا لس ڏنم، سي اڃان وسريائي ڪين.

 

(1712)

پورهئي جا ساريم سومرا! پکيءَ پيئي رات،
مال جا پرڀات، نار نالو پاڻيءَ تي.

 

پورهئي جا=هيج. پکي جو=طعامو>تان+مون.

مال جا=ڦر. نار نالو=نعمت>نيا+مون.

هيجئون ساريم سومرا، تا مون پيئي رات،
ڦر (ڇوڙي) پرڀات، نيا مون پاڻيءَ تي.

 

(1713)

پوک جا ڇڏيم جي، سي نالا آهن مان کي،
نه شهر ڪرين ٿو، ادا عمر! ڇا کي؟

 

پوک جا=ڦـَـرَ. نالو=مـِـٺو>مـِـٺا. شهر=ناگور>

نه+غور.

ڦـَـرَ ڇڏيم جي، سي مٺا آهن مان کي،
نه غور ڪرين ٿو، ادا عمر ڇا کي؟

 

(1714)

نرنانءُ ڙي سومرا! هـُـت نرنانءُ مال سان.

 

نرنانءُ=مؤمن>مـُـئو+مـَـن. نرنانءُ=جـُـڙيو.

مال=گهيٽا.

مـُـئو من ڙي سومرا! هـُـت جڙيو گهيٽن سان.

 

(1715)

سٽ جا ڇڏيم سومرا! سي وکر جا هوندا ڪيئن؟

 

سٽ جا=ٻـَـڌا>ٻڌي. وکر جا=ڌاڻا>ڌايا.

ٻـَـڌي ڇڏيم سومرا! سي ڌايا هوندا ڪيئن؟

 

(1716)

ڪاٺئين ڇڏيم سومرا! سي ڪکين هونديون ڪيئن؟
نرنانءُ اسان جي من ۾، آهي راتو ڏينهن.

 

ڪاٺ جو=گهاڻو. ڪکن جون=ڌايـُـون (سـَـٿريون)

نرنانءُ=موٽڻ.

گهاڻي ڇڏيم سومرا! سي ڌايـُـون هونديون ڪيئن؟
موٽڻ منهنجي من ۾، آهي راتو ڏينهن.

 

(1717)

مال جا ساريم سومرا، هو جي وڻ جا اباڻن.

 

مال جا=ڇيلا. وڻ جا=پـُـور>پوريا.

ڇيلا ساريم سومرا! هو جي پوريا اباڻن.

 

(1718)

ڌڻ پهڻ ڙي سومرا! وڻ ولايت مون،
ٻيو سواءِ مون، ذات نيندو ڪونه ميان!

 

ڌڻ جا=ڦر. پهڻ=ٽڪر. وڻَ =لـَـيا. ولايت=

ڪابول>قابو. ذات=چارڻ.

ڦر ٽڪر ڙي سومرا! لـَـيا (ٻـَـڌا) قابو مون،
ٻيو سواءِ مون، چارڻ نيندو ڪونه ميان!

 

(1719)

ڳهه وڻ جا ڇني، ڪپڙي ۾ ڪري، وڃي ذاتين
                        کي ڏيندياس.

 

ڳهه=مـُـرڪي. وڻ جا=سڱر. ڪپڙو=لوئي.

ذات=ليل> ليلن.

مـُـرڪي سڱر ڇني، لوئيءَ ۾ ڪري، وڃي ليلن
                        کي ڏيندياس.

 

(1720)

چم جون ساريم سومرا! سي چم جا اچيو پـُـون،
چم جن مٿي سومرا! قوت اباڻا ڪن،
مانَ مـُـٺيءَ کي نين، چم جن منجها سومرا!

 

چم جون=وڍيون>وانڍيون. چم جا=وَڍَ.

وانڍيون ساريم سومرا! وَڍ اچيو پـُـون،
وَڍَن (ڀـِـٽن) مٿي سومرا، قوت اباڻا ڪن،
مانَ مـُـٺيءَ کي نينِ، وڍن (ڏکن) منجهان سومرا!

 

(1721)

مال جا ساريم سومرا، هو راند جا اباڻن،
مارو تنهن ملير ۾، ڪپڙو ئي نه ڪن.

 

مال جا=جـَـنڊا. راند جا=جوڙا>جوڙيا ڪپڙو = ٿانُ.

جـَـنڊا ساريم سومرا، هو جوڙيا اباڻن،
مارو تنهن ملير ۾، ٿانُ ئي نه ڪن.

 

(1722)

تيلين جا ۽ پنهنجا، جڏهن چـِـت پون،
عضون مان وکر جا، وڻ وانگر ٿا ڪن،
عضوا لڳي مرن، جي اڃان عضوي تن جي.

 

تيلين جا=پکا. پنهنجا=وار>پنوهار. عضوو=

اک>اکين. وکر=ڳـُـڙ>ڳوڙها. وڻ جو=ڇاڻو>

ڇڻيو. عضوو=ڳل. عضوو=هٿ.

پکا پنوهارن جا، جڏهن چت پون،
اکين مان ڳوڙها، ڇڻيو ٿا پون،
ڳلي لڳي مرن، جي اچان هٿ تن جي.

 

(1723)

ادا عمر! ڪکن جو وهٽ تي، نالو اباڻن.

 

ڪکن جو=پـَـکو. وهٽ=کودڙو>دڙو. نالو=اَڏيو.

ادا عمر! پکو دڙي تي، اَڏيو اباڻن.

 

(1724)

ڏُڌ جون ساريم سومرا! جي ڪاٺ جون اباڻن.

 

ڏڌ جون=مـَـنيون>مـَـنـَـهيون. ڪاٺ جون=اَڏيون.

مـَـنهيون ساريم سومرا! جي اَڏيون اباڻن.

 

(1725)

مال جا ساريم سومرا، ڪاٺ جا اباڻن.

 

مال جا=اوگهر>اوءِ+گهر. ڪاٺ جا=اَڏا>اڏيا.

اوءِ گهر ساريم سومرا، جي اڏيا اباڻن.

 

(1726)

گاهه جا پـَـسي ميان سومرا! آءٌ ذات ٿيندياس.

 

گاهه جا=ويڙها. ذات=سـُـرهيا>سـَـرهي.

ويڙها پسي ميان سومرا! آءٌ سرهي ٿيندياس.

 

(1727)

نالو ساريم سومرا! آهي مـِـروُن مارن وٽ.

 

نالو=ساجـُـو>سا جـُـوءِ. مرون=جاجـُـو>جا جـُـوءِ.

سا جـُـوءِ ساريم سومرا! جا جوءِ مارن وٽ.

 

(1728)

وڻ ملڪ ڪيئن وساريان، منهنجو پنهنجو نرنانءُ لاءِ.

 

وڻ=وينگس. ملڪ=ويڙهه. پنهنجو=جهڄڻ.

نرنانءُ=جهانگي>جهانگين.

وينگس ويڙهه ڪيئن وساريان، منهنجو جهڄڻ جهانگين لاءِ.

 

(1729)

گاهه جا ساريم ميان سومرا، هـُـو ان جا اباڻن.

 

گاهه جا=اوڀڙ. ان جو=چـُـنـُـو>چـِـنو.

اوڀڙ ساريم ميان سومرا، هو چـِـنا اباڻن.

 

(1730)

وڻ جا ساريم سومرا! شهر جون اباڻن.

 

وڻ جا=ڏونرا. شهر جون=چاڙهيون>چاڙهيا.

ڏونرا ساريم سومرا، جي چاڙهيا اباڻن.

 

(1731)

جهنگ جون ساريم سومرا! شهر جون اباڻن.

 

جهنگ جون=کـُـنڀيون. شهر جون=چاڙهيون.

کـُـنڀيون ساريم سومرا!(جي) چاڙهيون اباڻن.

 

(1732)

وڻ جا ساريم سومرا! مال جون اَباڻن.

 

وَڻ=مـُـنگها. مال=ميڙيا.

مـُـنگها ساريم سومرا! ميڙيا اَباڻن.

 

(1733)

سـُـٽ جون ساريم سومرا! هوءِ جي راند جون اباڻن.

 

سٽ جون=ڄاريون. راند جون=پـَـڪيون.

ڄاريون ساريم سومرا! هوءِ جي پڪيون(وٽ) اباڻن.

 

(1734)

عمر! اسان جي ڏيهه تي، ڪاٺ به عضوا ڪن.

 

ڪاٺ=ڪـِـرڙ. عضوا=ڏؤنرا.

عمر! اسان جي ڏيهه تي، ڪرڙ به ڏؤنرا ڪن.

 

(1735)

جيتن ٿي عضوا ڪيا، تڏهن مرض هنيون ساري،
پورهيت اباڻي پار جا، ڪيئن ويهان وساري؟

 

جيت=ڪـِـرڙي>ڪـِـرڙن. عضوو=ڏونرو.

مرض=ٿوٿر. پورهيت=نڦر>ڦـَـر.

ڪرڙن ٿي ڏؤنرا ڪيا، تڏهن ٿو ٿر هـِـنيون ساري،
(مان) ڦر اباڻي پار جا، ڪيئن ويهان وساري.

 

(1736)

ذاتين منجهه جا ذات، سا مون پوک وڻي.

 

ذات=ماڇاڻي>مان ڇاڻي. ذات=ڇڄڙا>ڇڄڙن.

پوک=نانگلي.

مان ڇاڻي جا ڇڄڙن ۾، سا مون نانگلي وڻي.

 

(1737)

حاڪيماڻيون ساريم سومرا! جي پٿر جون اباڻن.

 

حاڪيماڻيون=سـِـوليون(ڪورٽون)>سي+وليون.

پٿر جون=موريون.

سي وليون ساريم سومرا! جي موريون اباڻن.

 

(1738)

وڻ جا ساريم سومرا، هـُـت پوک جا اباڻن.

 

وڻ جا=ڇـُـڳا. پوک جا=چـُـونڊا>چونڊيا.

ڇڳا ساريم سومرا، هـُـت چونڊيا اباڻن.

 

(1739)

شهر ساريم سومرا، پکي ڏٺم رات،
پڄاڻان پرڀات، ڪي نالا ساريم سومرا.

 

شهر=جيسر>جي+سر. پکي=سيسر>سي+سـُـر.

نالو=قيصر>ڪي سر.

جي سـَـرَ ساريم سومرا، سي سـَـرَ ڏٺم رات،
پڄاڻان پرڀات، ڪي سـَـرَ ساريم سومرا.

 

(1740)

ذاتيون ساريم سومرا! جي نالا ملير ۾.

 

ذات=سروري>سـَـرَ+وري. نالا=موريو

مـَـسـُـو>مـَـسَ.

سـَـرَ وري ساريم سومرا! جي موريا مس ملير ۾.

 

(1741)

جهنگ جون ساريم سومرا! جي لوهه جون اباڻن.

 

جهنگ جون=ماکيون. لوهه جون=ڇاڻيون.

ماکيون ساريم سومرا! جي ڇاڻيون اباڻن.

 

(1742)

لوهه جون ساريم سومرا! هوءِ اَن جون اباڻن.

 

لوهه جون= ٽپريون (گيهه ڀرڻ جون). اَن جون= ڀريون.

ٽـِـپريون ساريم سومرا! هوءِ (جي) ڀريون اباڻن.

 

(1743)

مال جون ساريم سومرا! جي سـُـٽ جون اباڻن.

 

مال جون=ڄـَـرون. سٽ جون=اُڇلون>اُڇليون.

ڄـَـروُن ساريم سومرا! جي اُڇليون اباڻن.

 

(1744)

پنهنجا ساريم سومرا! جي نالا اباڻن.

 

پنهنجا=ڪـَـر>اوڪر. نالو=ٿڌو.

او ڪـَـرَ ساريم سومرا، جي ٿڌا اباڻن.

 

(1745)

کاڄ جون ساريم سومرا! جي ڪاٺيءَ جون اباڻن.

 

کاڄ جون=چانهيون. ڪاٺيءَ جون=ٻاريون.

چانهيون (باهيون)ساريم سومرا! جي ٻاريون اباڻن.

 

(1746)

ڌڻ جا ساريم سومرا! ڌڻ جا تان نه ڪندياس.

 

ڌڻ جا=سچا. ڌڻ جا=کوٽا.

سچا ساريم سومرا، کوٽا تان نه ڪندياس.

 

(1747)

مال جا ساريم سومرا! هـُـت اُڀ جا اباڻن.

 

مال جا=پـِـس. اُڀ جا=ڪاڙها>ڪاڙهيا.

پس ساريم سومرا! هـُـٿ ڪاڙهيا اباڻن.

 

(1748)

مال جون ساريم سومرا، اَن جون اباڻن.

 

مال جون= ڍوريون. ان جون= رَکون> رکيون.

ڍوريون ساريم سومرا، جي رکيون اباڻن.

 

(1749)

وڻ جون ساريم سومرا! جي لايون اباڻن.

 

وڻ= ميندي.

مينديون ساريم سومرا! جي لايون اباڻن.

 

(1750)

ڪاٺ جا ساريم ميان سومرا! هـُـت ذاتيون اباڻن.

 

ڪاٺ جا= پينگها. ذاتيون= واڻيا.

پينگها ساريم ميان سومرا، (جي) هـُـت واڻيا اباڻن.

 

(1751)

مال جون ساريم سومرا! لوهه جون اباڻن.

 

مال جون= پـُـٺيون. لوهه جون= ڪـَـتـَـرون.

پـُـٺيون ساريم سومرا! (جي) ڪتريون اباڻن.

 

(1752)

سٽ جون ساريم سومرا! اُڀ جون اباڻن.

 

سـُـٽَ جون= ڍيريون. اُڀ جون= ڪتيون.

ڍيريون ساريم ميان سومرا! جي ڪتيون اباڻن.

 

(1753)

سٽ جون ساريم ميان سومرا، هو نالو اباڻن.

 

سٽ جون= سڳيون. نالو= سونو> سونهن.

سڳيون ساريم ميان سومرا، هو سـُـونهن اباڻن.

 

(1754)

سٽ جون ساريم سومرا! هو مال جون اباڻن.

 

سٽ جون= چوٽيون. مال جون= گهـُـتون> ڳـُـتيون.

چوٽيون ساريم سومرا! هو ڳـُـتيون اباڻن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org