سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: ڳجهارتون

 

صفحو :20

(2008)

جڏهن ٻيلي هئين تڏهن مٽيءَ راند جي ڪرين ها.

 

ٻيلي= توشڪي> تون+ شڪي. مٽيءَ جي= سـِـرَ راند جي = ڪاٽ.

جڏهن تون شڪي هئين، تڏهن سـِـرُ ڪاٽ ڪرين ها.

 

(2009)

ڪاٺ لنگهندي هندڪا ڏٺئي، تڏهن تون فاقيرا ڪر!

 

ڪاٺ= درِ. هندڪا= گـَـڏُون> گڏ.

فاقيرا= ٽـُـڪرَ.

در لنگهندي گڏ ڏٺئي، تڏهن تون (وڍي) ٽڪر ڪر!

 

(2010)

نالا ڏٺا هوئي رات، تڏهن نارنان توکان وئي،
جڏهن نارنان شهر هئي، ته شهر ڪرڻا هوئي ذات!

 

نالو= دودو> دو. رات= گڏيل> گڏ. نارنان=

ڪلان> ڪـَـلا. نارنان= مومل. شهر= سانگهڙ>

ساگهر. شهر= ٻيراني> ٻيرا+ني. ذات= منڌرا>

مينڌرا.

دو ڏٺا هوئي گڏ، تڏهن ڪلا توکان وئي،
جڏهن مومل سا گهر هئي، ته ٻيرا ني ڪرڻا هوئي مينڌرا!

 

(2011)

ڪپڙي جي ڏٺو هيئي، ته ذات وجهين ها مينڌرا!

 

ڪپڙي جي= ٻـِـٽَ. ذات= واڍا> وَڍي.

ٻـِـٽَ ڏٺو هيئي، ته وڍي وجهين ها مينڌرا!

 

(2012)

جڏهن پکي نالو ڏٺئي شهر ۾، تڏهن ڪاٺي ڪر!

 

پکي= ٻچو. نالو= رتو. شهر= ماڙي. ڪاٺي=

چڪر> ڳـَـچَ ڪر.

جڏهن ٻه چور توڏٺا ماڙيءَ ۾، تڏهن ڳـَـچ (ٽڪر) ڪر!

 

(2013)

جڏهن جيت ڏٺو هوءِ ڪاڪ ۾، تڏهن ڪاسبڪي
                                        ڪرين ها!

 

جيت= ڪـَـٽـَـرُ. ڪاسبڪي= وَڍَ.

جڏهن ڪٽر ڏٺو هوءِ ڪاڪ ۾، تڏهن وَڍَ ڪرين ها!

 

(2014)

پنهنجا پکي، ڪپڙي جا ته نه!

 

پنهنجا= مٿا> مٿان. پکي> تاڙو> تاڙي (تاڻي).

ڪپڙي جا= ڪاپا> ڪپيئي.

مٿان تاڙي، ڪـَـپـِـيئي ته نه!

 

(2015)

اول ته راند جو ڪرين ها، جر جو پوءِ.

 

راند جو= وارو. جر جو= ڍورو> ڍنڍورو.

اول ته وارو ڪرين ها، ڍَنڍورو پوءِ.

 

(2016)

جڏهن مـِـرون ڏٺو هوءِ، ته نار نالي ڪرين ها!

 

مـِـرون= ڀولو. نار نالو= صادر.

جڏهن ڀولو ڏٺو هوءِ، ته صادر ڪرين ها!

 

(2017)

جڏهن نالو ڏٺو هوئي، تڏهن کاڄ جو ڪرين ها!

 

نالو= ڪوڏُو> ڪو+ ڏوهه. کاڄ جو= ڀـَـت> ثابت.

جڏهن ڪو ڏوهه ڏٺو هوئي، تڏهن ثابت ڪرين ها!

 

(2018)

جڏهن سون جي نه ڪيئي، تڏهن وڻ نه ڪرين ها،
جڏهن وڻ ڪيئي، تڏهن راند جي ته ڪرين ها.

 

سون جي= پرک. وڻ= هيرڻ> هي+رڻ.

راند جي= پڇا ڳاڇا.

جڏهن پرک نه ڪيئي، تڏهن هي رڻ نه ڪرين ها،
جڏهن هي رڻ ڪيئي، تڏهن پڇا ڳاڇا ته ڪرين ها.

 

(2019)

مقامن جا! جڏهن مرون ٿيئي، تڏهن مڇي
                                کاڄ جي ڪرين ها.

 

مقامن جا= مجاور> منهنجا وَرَ. مـِـروُن= ڀولو.

مڇيءَ جي= پـُـڇي. کاڄ= پڪو> پـَـڪَ.

منهنجا وَرَ! جڏهن ڀولو ٿيئي، تڏهن پڇي پـَـڪَ
                                ڪرين ها.

 

(2020)

مال جيءَ آيوهئين نرنانءَ! پوءِ ڪاٺ جي وڃين ڪيئن؟

 

مال جي= پڏي. نرنانءَ= راڻو. ڪاٺ جي=

دهلي> دهليو.

پـَـڏي آيو هئين راڻا! پوءِ دهليو وڃين ڪيئن؟

 

(2021)

اي نالا! ذات، نرنانءَ نه ٿين ها، پوک جي اچين ها،
ڪکن جي ڪامڻي ٻولي ڪي ٻولي.

 

نالو= راڻو. ذات= دهليا> دهلجي. نرنانءُ= دُورو>

دور. پوک جي=اور> اوري. ڪکن جو= سـَـنڌ>

سـُـڌ. ڪامڻي= سڀائي> سڀيئي. ٻولي= ڪوڙ.

ٻولي= سچ.

اي راڻا‍ دهلجي دور نه ٿين ها، اوري اچين ها،
سـُـڌ سڀئي پويئي ها ته ”ڪوڙ ڪي سچ“.

 

(2022)

هوءِ راڳ نار نالي جو، ته درياءَ ليکي جو ڪرين ها،

 

راڳ = ڪسوري> قصور. نار نالي = ڪامڻي.

درياءَ جو= مار> مادي. ليکي جو = مٽ.

هو قصور ڪامڻيءَ جو، ته ماي مـَـٽُ ڪرين ها.

 

 

(2023)

راڻا! رات ڪري وئين، من ڪو ڏينهن ٿئي!

 

رات جي= اوندهه. ڏينهن= آچر> آچار (انصاف).

راڻا! اوندهه ڪري وئين، من ڪو آچار ٿئي!

 

(2024)

پاڻي ٿيءُ نه سپرين، ذات مون ڏي آءٌ.

 

پاڻي= ٻاڙو. ذات= اوڏ> اوڏو.

ٻاڙو (ٻول) نه سپرين، اوڏو مون ڏي آءٌ.

 

(2025)

مڇي هيس سيج تي، ڪنهن مڇيءَ ماراياس،
مڇي سمجهايس ڪينڪي، ڪنهن مڇيءَ ڦاساياس،
انهيءَ وهم و رتياس، جو مڇي مڇي ڪري ويا.

 

مڇي= سينگاري. مڇي= ڦـِـدڙي> ڦـَـند ڙي. مڇي=

مـُـڪري> مـَـڪر. مڇي= پلو. مڇي= پوپري> پرين.

مڇي= پلو> پري.

سينگاري هيس سيج تي، ڪنهن مڪر ماراياس،
پلي سمجهايس ڪينڪي، ڪنهن ڦند ڙي ڦاسايس،
انهيءَ وهم رٺتياس، جو پرين پري ڪري ويا.

 

(2026)

مڇي مار نه مينڌرا! مڇي آءٌ نه هياس،
مڇيءَ جي ڪري، مڇي آءٌ نه هياس،
مڇي هيس من ۾، ڪنهن مڇي مارياس؟
انهي وهم ورتياس، جو مڇي مڇي ڪري ويا.

 

مڇـــي= مـُـڪــــر> مـُـڪري. مــڇي = سڻي> سـُـڻي.

مڇي= سينگاري> سينگاري. مڇي= سوٿي> سـُـتي.

مڇي= ڏاهي. مڇي= لوڙهه> لهه ڙي. مڇي=

پوپري> پوءِ + پرين. مڇي= پـَـلو> پلي.

مـُـڪري مار نه مينڌرا! مـُـڪري آءٌ نه هياس،
سـُـڻي سينگاري سيج تي، ستي آءٌ نه هياس،
ڏاهي هيس ڏيل ۾، ڪنهن لهه ڙي لوڌاياس،
انهيءَ وهم ورتياس، جو پرين پاڻ پلي ويا.

 

(2027)

نالا! نالو ٿيءُ، مرض اٿم تنهنجو.

 

نالو= راڻو. نالو= راضي. مرض= عشق.

راڻا! راضي ٿيءُ، عشق اٿم تنهنجو.

 

(2028)

جيت ڇڏي وئين جاني، شل راڻل نالو ٿئين!

 

جـِـيت= جـُـونءِ> جـُـوءِ. نالو= راضي.

جـُـوءِ ڇڏي وئين جاني، شل راڻل راضي ٿئين!

 

(2029)

راڻا شهر ٿي، پکي ڏسان شال ميان!

 

شهر= آراضي> آءُ+ راضي. پکي= طوطو> تو+تن.

راڻا! آءُ، راضي ٿيءُ، تو تـَـنُ ڏسان شال ميان!

 

(2030)

نرنانءِ نالو ٿيءُ، حاڪيمياڻيون شهر تي.

 

نرنان= راڻو. نالو= راضي. حاڪيماڻي= قنات>

قناتون. شهر= ڪاڪ.

راڻا راضي ٿيءُ، (کوڙ) قناتون ڪاڪ تي.

 

(2031)

ڪاٺ ٻار جو ٿي ويو نرنان، ان جو نرنان،
ڪري ائين الله، ته نرنان شهر اچي.

 

ڪاٺ جو= وَرُ. ٻار جو= رسامون> رُسي.

نرنان= ولهو. ان جو= جيءُ. نرنانءُ= جاني.

شهر= ڍٽَ.

وَرُ رُسي ويو ولهو، جيءُ جو جاني،
ڪري ائين الله، ته ڍوليو ڍٽ اچي.

 

(2032)

اکر پکي رڇ راند جا، ٻولي ذات ڪندياس،
نالي ڏي منجندياس، ڀري ڍول ڪپاهه جا.

 

اکر= ٻي. پکي= هـِـل> هر. رڇ= ڪـَـرو> م ڪر.

راند جا= هـُـل. ٻولي= مان. ذات= جانوري>

زاري. نالو= راڻو. ڍول ڪپاهه جا= پهاڪا پرچاوَ جا.

ٻيهر هـُـل م ڪر، مان زاري ڪندياس،
راڻي ڏي منجندياس، ڀري پهاڪا پرچاوَ جا.

 

مومل، سومل سرتين جي گفتگو

(2033)

عورت چيو عورت کي، مون کي نالو آڻي ڏي.

 

عورت= مومل. عورت= سومل. نالو= راڻو.

مومل چيو سومل کي، مون کي راڻو آڻي ڏي.

 

(2034)

شل نارنانءُ! باهه جي ذات ٿئين، تو فقير جي سان
                منهنجو ذات راند جو ڪري ڇڏيو.

 

نارنان= سومل. باهه جي= سڙي. ذات= مري.

فقير جو= کريب. ذات= ڀوتار> ڀتار. راند جو=ڀلايو.

شل سومل! سڙي مرين، تو کريب سان، منهنجو
                                ڀتار ڀـُـلائي ڇڏيو.

 

(2035)

ٻيڙيءَ واري کان پڇين ها ته اهڙي حاڪيماڻي نه ٿئي ها.

 

ٻيڙيءَ جي= مـُـوسالي> مون ساليءَ. حاڪيماڻي= حد.

مون ساليءَ کان پڇين ها ته اهڙي حد نه ٿئي ها.

 

(2036)

لوهه لڳم ڙي جيڏيون، آءٌ ڪيئن مٽيءَ جي ٿيان؟

 

لوهه(جو) = داغ. مٽيءَ جي= اڇي.

داغ لڳم ڙي جيڏيون، آءٌ ڪيئن آڇي ٿيان؟

 

(2037)

جيت لڳو ڙي جيڏيون! ڪاٺ ته منهنجي کي،
دعا ڪريو ڙي جيڏيون! من نرنان شهر اچي.

 

جـِـيت= ڏنگ. ڪاٺ(جو) = مـَـن. نرنان= راڻو.

شهر= ڪاڪ.

ڏنگ لڳو ڙي جيڏيون! من ته منهنجي کي،
دعا ڪريو ڙي جيڏيون! من راڻو ڪاڪ اچي.

 

(2038)

باهه جا ساري رات، نرنانءُ بنا ڙي سرتيون؟

 

باهه جا= سيرڻ> سي+رِڻَ. نرنان= سوڍو.

سي رڻ ساري رات، سوڍي بنان ڙي سرتيون!

 

(2039)

راڻو رات جيئڏ ٿي ويو، هلو مون سان شهر جو ٿي،
                            ته هلي مال جو ڪريون.

 

جيئڏ= ڪـَـٽر. شهر جو= ميڙ. مال جو= سمهڙو.

راڻو رات ڪٽرجي ويو، هلو مون سان ميڙ ٿي، ته هلي
                 سمهڙو (سنئين منهن، راضي) ڪريون.

 

(2040)

جنگ جو لڳو مان کي، اوهين وڃي ڪا وکر عضوي
                                جي ڪريو.

 

جنگ جو= چـَـڪر. وکر= مس. عضوو= لـَـت.

چڪر لڳو مان کي، اوهين وڃي ڪا مصلحت ڪريو.

 

(2041)

جي اک جي هجيئي ها، ته مـُـلڪ نه وڃين ها.

 

اک جي= عينڪ> نڪ. ملڪ=مهراڻو> منهن+ راڻو.

جي نڪ هجيئي ها، ته مـُـنهن راڻي نه وڃين ها.

 

مومل جو جوڳياڻي ٿي، راڻي جي پٺيان وڃڻ

(2042)

هڻي هٿ جي، کڻي ڪاٺ جي، وڃي ذات ٿينداسين.

 

هٿ جي= تاڙي. ڪاٺ جي= مـُـرلي. ذات= جوڳي.

هڻي تاڙي، کڻي مـُـرلي، وڃي جوڳي ٿينداسين.

 

(2043)

پاڻيءَ جيئن ايندياس، نرنانءَ تنهنجي ڏيهه تي.

 

پاڻيءَ جي= ڪـَـرَ. نرنان= ڍولو. ڏيهه= ڍٽ.

ڪـَـرَ کڻي ايندياس، ڍولا تنهنجي ڍٽ تي.

 

(2044)

ٻولي ۽ ٻولي، نرنانءُ نه ٻولي ته به ڪنديس تان ٻولي.

 

ٻولي= آزي. ٻولي= زاري. ٻولي= مڃي.

نرنان= راڻو. ٻولي= کـَـري.

آزي ۽ زاري راڻي نه مڃي، ته به ڪنديس تان کري.

 

(2045)

ڳالهيون ۽ ڳالهيون راڻي نه ڳالهيون، ته به ڪنديس
                                     ڳالهيون.

 

ڳالهيون= چڱيون. ڳالهيون= مــٺيون. ڳالهيون=

سـُـٺيون. ڳالهيون= کريون.

چڱيون ۽ مٺيون، راڻي نه سـُـيون، ته به ڪنديس کريون.

 

(2046)

اي نالا! موٽي آءُ، مان ذات ٿي آهيان.

 

نالو= راڻو. ذات= جوڳي.

اي راڻا! موٽي آءُ، مان جوڳياڻي ٿي آهيان.

 

(2047)

عورت ساز کڻي ذات ٿي، نرنان نالو ٿيوئي ڪونه.

 

عورت= مومل. ساز جي= مـُـرلي. ذات= جوڳي>

جوڳياڻي. نرنان= راڻو. نالو= رِيڌو.

مومل مـُـرلي کڻي جوڳياڻي ٿي،(پر) راڻو ريڌوئي ڪونه.

 

(2048)

توڙي راند جون هـُـونِ، ته به وڻن رسين مينڌرا!

 

راند جون= شطرنجون. وڻ= توت> تون+ تـِـنِ.

توڙي شطرنجون هونِ، ته به تون تن رسين مينڌرا!

 

(2049)

راڻي مال جي، ڏسي وکر ڪاٺي تي.

 

مال جي= سڃاڻپ> سڃاتي. وکر= لسڻ.

ڪاٺي= ٻانهن.

راڻي سڃاتي، ڏسي لسڻ ٻانهن تي.

 

(2050)

گهر جون، حاڪيمياڻيون، جيئڏ گهوڙي جا
                                       ڪرين تون،
هٽ ڪاٺ علم جو، مرض لڳي ويو مون،
فقير مرون مال جو، وکر ڪرين ها تون،
نالو نالي کان، هو نالو ڪيو مون.

 

گهر جون= ميڙيون. حاڪيماڻيون= ڇيڙيون.
جيئڏ= ڪينئون> مـُـڪيون. گهوڙي جا= اَچڻ>
اچين. هٽ جو= تورو> تو+ ري. ڪاٺ جو=
پلنگ. علم جو= خال> خالي. مرض= غم.
فقير جو= ڦيرو. مرون جو= ڦٽيل. مال جو= داغ.
وکر= ميٽ> ميٽين. نالو= ڀـَـيو> ڀايائي. نالو=
ڀـَـلـُـو> ڀلي. نالو= پـِـني لڌو.

ميڙيون ڇيڙيون (مون)مـُـڪيون، هيڪر اچين ها تون،
تو ري پلنگ خالي ٿيو، تڏهن غم ٿيو مون،
ڦيرو ڏيئي ڦٽيل جو، اچي داغ ميٽين ها تون،
ڀايائي ڀلي کان، ڪو پـِـني لڌو هوئي مون.

 

(2051)

جڏهن نرنانءُ ڏٺوءِ، ته ڪاٺيءَ جي ڪرين ها.

 

نرنان= محب> مون+ عيب. ڪاٺيءَ جي= ماٺِ.

جڏهن مون ۾ عيب ڏٺو”، ته ماٺ ڪرين ها.

 

(2052)

اي نرنانءُ! منهنجو عضوو توسان،تون ڇو ڌڪارين؟

 

نرنان= راڻو. عضوو= دل.

اي راڻا! منهنجي دل توسان، تون ڇو ڌڪارين؟

 

(2053)

نرنانءُ ڪر نه مون کي، ڏي شهر ڏکيءَ کي مينڌرا!

 

نرنانءُ= ڪؤڙو> ڪـَـڙو. شهر= ڏيجي>

ڏي+ جيءُ.

ڪڙو ڪر نه مون کي، ڏي جيءُ ڏکيءَ کي مينڌرا!

 

(2054)

باهه جي ته ڪيئي، پر چم جي ته ڪر.

 

باهه جي= ڪاري. چم جي= رُوءِ> روبرو.

ڪاري ته ڪيئي، پر روبرو ته ڪر.

 

(2055)

راڻا! رڇ جيت، جر جي نه ڪر.

 

رڇ= ڍَڪ. جيت= ڏکڻهاري. جر جي= وا”.

راڻا! ڍڪ ڏکڻهاري، واءِ واءِ نه ڪر.

 

(2056)

ڪاٺ گهوڙي ولها، ذاتيون نه ڏي مون،
جر جي آءٌ نه هياس، نرنانءُ هئين تون.

 

ڪاٺ= وَرو> وري. ذات= ڏهاڳ. جر جي=

ڏاهي. نرنانءُ= خاوند.

وري آءٌ گهوڙي ولها، ڏهاڳ نه ڏي مون،
ڏاهي آءٌ نه هياس، خاوند هـُـئين تون.

 

(2057)

وڻ گهوڙي جا ولها، ڏي ٻيڙيءَ جا مون،
مڇي آءٌ ٿيان، ٻه نالا ٿئين تون.

 

وڻ= اڪ. گهوڙي جو=لوَند. ٻيڙيءَ جو=سهاڳ.

مڇي= ڏاهي. ٻه نالا= هڪ نالو راڻو، ٻيو راضي.

عقلوند ولها، ڏي سهاڳ مون،
ڏاهي آءٌ ٿيان، راڻا! راضي ٿيءُ تون.

 

(2058)

کاڄ جون ڇڏيون، جي نالو ڏين ته ڏيانءِ راند جون.

 

کاڄ جي= مومڻائي> مون مڙئي. نالو= رسيو>

رُسڻ. راند جون= ڳرهاٽڙيون.

مون مڙئي ڇڏيون، جي رُسڻ ڇڏين ته ڏيانءِ ڳرهاٽڙيون.

 

(2059)

هيءَ نار نالي آ تنهنجي، راڻا! ڀل ذات ڪري ڇڏ.

 

نار نالي= سسئي> سـِـسي. ذات= واڍا> وَڍي.

هيءَ سـِـسي آ تنهنجي، راڻا! ڀل وڍي ڇڏ.

 

(2060)

اي نالا! نالو وٺي آءُ، ته توکي ڪپڙي جو ڏيان.

 

نالو= راڻو. نالو=اَمين. ڪپڙي جو= پلئه.

اي راڻا! اَمين وٺي آءُ، ته توکي پلئه ڏيان.

 

(2061)

پنهنجون مان ڏيان، ته نرنانءُ مون وٽ ناهه.

 

پنهنجون= ساکون. نرنان= سيتل.

ساکون مان ڏيانءِ ته سيتل مون وٽ ناهه.

 

(2062)

مينڌرا! شهر وئين، هاڻي ذات کي.

 

شهر=مٽياري> مٽي+ ياري. ذات= ملوکاڻي> مَ

+لوڌِ+کاڻي.

مينڌرا! مـَـٽي ياري وئين، هاڻي مَ لوڌِ کاڻيءَ کي.

 

(2063)

نرنان! نرنان ڌار، مڃ منهنجون مال جون.

 

نرنان= سوڍو. نرنان= سـُـرتيو> سرت. مال جون= ميڙون.

سوڍا! سـُـرت ڌار، مڃ منهنجون ميڙون.

 

(2064)

اي نالا، اي نرنان! تنهنجو نالو ڀڳو نه مان،
جي نر نالو وٺين، ته توکي نالو ڏيان.

 

نالو= سوڍو. نالو=راڻو. نالو= سـِـيرُو> سـِـيرُ.

نر نالو= سـُـکـُـو> ساکَ. نالو= پريو> پـَـر.

اي سوڍا، اي راڻا! تنهنجو سـِـيزُ ڀڳو نه مان،
جي ساک وٺين، ته توکي پـَـر (خاندان) جي ڏيان.

 

(2065)

راڻا! تو ڪاٺي، مون نه ڪاٺي.

 

ڪاٺي= سـُـري (سـُـريل) > سـَـري.

راڻا! تو سـَـري، مون نه سـَـري.

 

(2066)

مومل هڏ ٻولي هئي، پر راڻي کي ٻولي ٿي آئي.

 

ٻولي= سچي. ٻولي= ٽوهه.

مومل هڏ سچي هئي، پر راڻي کي ٽوهه ٿي آئي.

 

(2067)

راڻي پئي راند جي ڪئي، تڏهن مومل پئي مڇيءُ
                                      جان ٿي.

 

راند جي= ڦـِـٽي. مڇيءَ جو= ڦـَـٿڪو> ڦٿڪي.

جڏهن راڻي پئي ڦٽي ڪئي، تڏهن مومل پئي ڦٿڪي.

 

مومل جو ڏاگهه چڙهڻ

(2068)

آءٌ ٿي کڏ کڻان، من راڻو گاهه ٿئي!

 

کڏ= چـَـر. گاهه= ويساهه.

آءٌ ٿي چـَـرَ کڻان، من راڻو ويساهه ڪري!

 

(2069)

کاڄ ڪرين ته کاڄ ڪر، نه ته کڻ کاڄ جي.

 

کاڄ= پـَـتِ. کاڄ جي= چرٻي> چـَـر+ٻي.

جي پـَـتِ ڪرين ته پـَـتِ ڪر، نه ته کڻ چـَـر ٻي.

 

(2070)

ٻولي کاڄ نرنانءُ، مٿي شهر مال جو،
سـُـٽ جا نارنان تان، وڃ ناڻي جا لاهي.

 

ٻولي= سگهو. کاڄ جو= رَسُ. نرنانءُ= راڻو.

شهر= ڪاڪ. مال جو= ڪاهيو> ڪاهي.

سـُـٽَ جا= مونجهارا. ناڻي جا= لـَـکَ.

سگهو رَس راڻا! مٿي ڪاڪ ڪاهي،
مونجهارا مومل جا، وڃ لـَـکَ لاهي.

 

(2071)

ڪاغذ ۽ فقير جو، ڪو نرنان وڃي ڏي،
نار اٿئي ڪکن جي، جنهن سين مال جو هيئي.

 

ڪاغذ= حقيقت. فقير جو= حال. نرنانءُ= قاصد.

نار= مومل. ڪکن جي= مـُـئي. مال جو= هيج.

حقيقت هن حال جي، ڪو قاصد وڃي ڏي،
مومل مـُـئي اٿئي، جنهن سان هيج هيئي.

 

(2072)

ڪا ڳـَـت جي، فقير جي، وڃي نرناءَ کي چئو،
نار مـُـئي ڙي نرنان، ڌڻ جو جنهن سان هو.

 

ڳـَـتَ جي=هال جي. فقير جي= حقيقت. نرنان=

راڻو. نار= مومل. ڌڻ جو= هيج.

حال جي، حقيقت جي، وڃي راڻي کي چئو،
مومل مـُـئي ڙي مينڌرا، هيج جنهن سان هو.

 

(2073)

مـِـٽي مالين ڏيندياس، مون کي ملڪ ڏيکار.

 

مٽيءَ(جي) = سـِـرَ. مال= ڏاگها> ڏاگهين.

مـُـلڪ= مـُـهراڻو> منهن+ راڻا.

سر ڏاگهين ڏيندياس، مون کي منهن راڻا ڏيکار.

 

(2074)

جيت ۾ آءُ راڻا! مان باهه جا ڏيکاريانءِ.

 

جـِـيت= ماڪوڙي> مان+ ڪوڙي. باهه جا=

جهـَـڙڪا.

مان ڪوڙي ۾ آءُ راڻا! مان جهـَـڙڪا ڏيکاريانءِ.

 

(2075)

نارنان وڻ چڙهي، نرنان پهڻ جي چيو، ٻولي
                        نرنان هندوءَ جي ڪريون.

 

نارنان= مومل. وڻ جي= ڏاڪ> ڏاگهه. نرنانءُ=

راڻو. پهڻ جي= روهي> روئي. ٻولي= آءُ.

نرنان= پرين. هندوءَ جي= پرچي> پرچون.

مومل ڏاگهه چڙهي، راڻي روئي چيو، آءُ ته پرين پرچون.
-------

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org