اوچتو لنڊين (وڻن) جي هيٺان گذرندي مٿي ٽارين ۾ڪٿي
هڪ پن کڙڪيو ۽ تيز هوا جي جهوٽي سان ڇڄي پٽ تي اچي
ڪريو.
ننڍڙي ٻار سٽ ڏئي پنهنجو هٿ ڇڏائي ورتو، ۽
پٽ تي ڊوڙندڙ پن ڏانهن ڀڄڻ لڳو. ”جين“ کيس روڪڻ
گهريو، ٻين قيدين به کيس ڏ ڪيا، پر ٻارڙو کلندو،
ٽپ ڏيندو، قطار ڇني، سائي پن ڏانهن ڊڪندو رهيو.
نيٺ خوشيءَ مان رڙ ڪري، ان ٻار جهپ هڻي پن کي
پنهنجي هٿ ۾ کڻي ورتو.
عين ان ئي گهڙيءَ سندس پٺيءَ تي هڪ گولي
اچي لڳي، ۽ هو اتي ئي ڌرتيءَ تي ڪري پيو.سندس هٿ
۾ اهوئي سائو پن هو ۽ اهو ئي آخري پن هو جو ٽن
سالن جي ٻار پنهنجي اکين سان ڏٺو.
يهودي قيدين جي قطار ۾ ڏک ۽ ڪاوڙ جي لهر
ڊوڙي وئي، مگر نازي سپاهي، رائفلون تاڻي، سندن
بلڪل ويجهو پهچي ويا ۽ بيوس ۽ مجبور قيدي، ڪنڌ
جهڪائي ٻيهر پوپلر جي وڻن ڏانهن وڌڻ لڳا.
ليون جي بلڪل ڀر ۾ پوڙهي سائنسدان ابراهيم
کي ٻڌو ويو. سڀ کان پڇاڙيءَ ۾ ”جين“ کي ٻڌ ويو؛
”جين“ جيڪا هن جي محبوبه هئي، ڀورن نيڻن واري
بهادر جين، جنهن جي چپڙن تي گلابي لپ اسٽڪ چمڪي
پئي. هيءَ ڪنهن نخريباز عورت جي ادا نه هئي؛ اها
موت خلاف هڪ معصوم ۽ بهادر نينگريءَ جي بغاوت جو
اعلان هو.
جڏهن سڀئي يهودي قيدي وڻن سان سڪ ٻڌجي ويا
ته نازي سپاهين پنهنجي پنهنجي جڳهين تي بيٺي
رائيفلون تاڻي ورتيون.
عين ان وقت هڪ سپاهي ڊڪندو آيو ۽ سارجنٽ
کي چوڻ لڳو، ”لاش ساڙڻ وارين کورين تي هڪ ماڻهو
گهٽ رکجي ويو آهي، ۽ نوان قيدي ته سڀاڻي ايندا!“
سارجنٽ هٿ جي اشاري سان سپاهين کي گولي
هلائڻ کان روڪيو ۽ پاڻ گهمي ڦري وڻن سان ٻڌل هڪ هڪ
قيدي کي ڏسڻ لڳو. هر قيدي سندس نگاهن هيٺ ڏڪي رهيو
هو. هيءُ سارجنٽ، هڪ ڄڻي کي هڪ ڏينهن جي زندگي ڏئي
سگهيو ٿي، نڄاڻ اهو خوش نصيب ڪير هوندو.
سارجنٽ جي اها رحم کان پالهي نظر، سڀني
قيدين تان ترڪندي، نيٺ ليون جي چهري تي ڄمي بيٺي.
ليون رڙيون ڪندي چيو، ”نه سارجنٽ، مون کي
نه! اهو ڏينهن تون جين کي ڏي، ابراهيم کي ڏي،“
”هڪ ئي ته ڏينهن ته آهي،“ نازي سارجنٽ
بيحد بڇان وچان چيو.
”هڪ ئي ته ڏينهن آهي،“ ليون سوچڻ لڳو، پر
هڪ ڏينهن ۾ ڪيترا ساهه هوندا آهن، ڪيترا منٽ،
ڪيترا سيڪنڊ، ڪيترا خيال ۽ ڪيترا تصور! هڪ ڏينهن
جي دامن ۾ ڪيتريون آرزوئون، ڪيتريون حسرتون، ڪيترا
گل ۽ ڪيتريون مکڙيون ٽڙنديون آهن. هڪ ڏينهن پوري
زندگي، پوري صدي، پوري تاريخ بنجي سگهي ٿو، پر
انڌي شعور جي پٿرائين ۾گشت ڪندڙ نازي سپاهيءَ کي
ڪهڙي ڪل ته هڪ ڏينهن ۾ ڇا ٿيندو آهي!“
ليون، ان گهڙيءَ بيٺي بيٺي اهو سوچيو ته
سوالي نيڻن سان سارجنٽ ڏانهن ڏسڻ لڳو.
مگر نازي سارجنٽ سندس اها التجا ٿڏي ڇڏي،
”جين، هڪ نٻل نينگري آهي“، هن چيو، ”۽ ابراهيم،
پوڙهو آهي. لاش ساڙڻ واريءَ کوريءَ تي ڪنهن سگهاري
ماڻهوءَ جي گهرجي آهي... وليم!“ نازي سارجنٽ
رنڀندي، پنهنجي هڪ سپاهي کي چيو،“ ليون جون رسيون
کول!“
ڪجهه منٽن کان پوءِ هو چوٿين نمبر کوريءَ
تي ڪم ڪرڻ لڳو. لاشن ساڙڻ جون کوريون ڪنسنٽريشن
ڪئمپ جي پڇڙيءَ وٽ هيون ۽ ان کان پنجاهه وکون پري
جيل جو لوهي لوڙهو. ان لوهي لوڙهي جي ٻاهران پڻ
چئني طرف نازي سپاهي پهرو ڏيندا ۽ گشت ڪندا هئا،
پر اڄ ڪو هيرو ايڏو گهاٽو هو، جو لوهي لوڙهي جي
ٽيڏي پاسيري ڄار اڌ کان وڌيڪ ڪو هيري ۾ ٻڏل پئي
ڏٺي ۽ نازي سپاهين جا ٻوٿ ڪجهه گهڙين لاءِ ڪوهيڙي
مان ٻڏي ظاهر ٿيا ۽ وري ساڳئي ڪوهيري ۾ ڍڪجي ٿي
ويا.
پنجاهه وکن تي آزادي آهي، ليون کوريءَ ۾
لاشا سوريندي سوريندي سوچيو، صرف پنجاهه وکن جي
پنڌ تي! ساڻس ٻه نازي سپاهي به ڪم ڪري رهيا هئا ۽
ٽي يهودي.
ساڳيو سائو پن وري ليون جي اکين ۾ ڦرڻ
لڳو، ڄڻڪ کيس پاڻ وٽ سڏي رهيو هجي، زندگي جو
سنيهو ڏيئي رهيو هجي.
”پر اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي؟ ليون ڪم ڪندو
رهيو. ۽ سوچيندو رهيو، پوءِ ٽيهين نمبر کوريءَ ۾
ڪا خرابيءَ پيدا ٿي پئي ۽ هڪ نازي سپاهي مدد لاءِ
اوڏاهين هليو ويو.
هاڻي رڳو هڪ نازي سپاهي هو ۽ چار يهودي
قيدي هئا. هنن سڀني قيدين هڪٻئي ڏانهن نهاريو، ڄڻ
هڪ ئي خيال، هڪ ئي وقت، هنن چئني جي ذهنن ۾ اڀريو
هجي. اکين ئي اکين ۾ اشارا ٿيا ۽ سڀ قيدي اڳ کان
به وڌيڪ چاهه ۽ محنت سان ڪم کي جنبي ويا ۽ ڪم ڪندي
ڪندي، نازي سپاهيءَ جي صفا ويجهڙو اچي ويا.
نازي سپاهيءَ هڪ کن لاءِ کوريءَ اندر
چتائي ڏٺو ۽ چيو، ”بس، ترسو! هاڻي اندر جڳهه نه
آهي.“
ٺيڪ ان وقت لوهي چنبي جهڙي هڪ مضبوط هٿ،
سندس وات زور سان بند ڪري ورتو. ان نازي سپاهيءَ
جي وات مان ريهه به نڪري نه سگهي. پوءِ سڀني قيدين
کيس گهلي، کوريءَ ۾ ڌڪي وڌو ۽ ٻاهران دروازو بند
ڪري ڇڏيو ۽ پاڻ پنجاهه وکون پريان لوهي لوڙهي
ڏانهن ڀڄي ويا.
ڌنڌ ۽ ڪوهيرو گهاٽو ۽ ميرڙو هو. لوهي تارن
جي ڄار مان قيدي مڇين جيان ٽپا ڏيئي ڀڄڻ لڳا.
ايتري ۾ گشتي سپاهين کين ڏسي ورتو. خطري جو سائرن
زور زور سان وڄڻ لڳو. نازي سپاهي، رائيفلون تاڻي
ڊڪڻ لڳا ۽ چئني پاسي رڙورڙ مچي وئي.
ليون گهاٽي ڌنڌ ۾ ڀڄندو پئي ويو، هن جي
سڄي کٻي گوليون زوزٽ ڪنديون گذري ويون، پر هو هڪ
ئي ڏس ڀڄندو رهيو. اولهه پاسي ”فر“ جي وڻن جو
گهاٽو ٻيلو هو، هن ڪنهن به طرح اتي پهچڻ تي گهريو.
ٻيلي ۾ ڳچ پنڌ ڪرڻ کانپوءِ، هو گاهه تي
ڪري پيو. ڪجهه گهڙين پٺاڻان هن کي سمڪ نه رهي، ته
هو ڪٿي آهي. هينئر هن کي رڳو ايترو ساروڻ هئي، ته
هو بيهوش ٿيڻ کان اڳ، سندس اکين آڏو هڪ سائو پن
چمڪيو هو.
کوڙ سارا مهينا هو هڪ روسي ڪڙميءَ جي گهر
۾ لڪو رهيو. ان زماني ۾ نازين جي والاريل حد ۾
ڪنهن يهودي کي پناهه ڏيڻ موت کي سڏڻ برابر هو، پر
هن بهادر ڪڙميءَ وڏيءَ دليريءَ سان ان خطري جو
مقابلو ڪيو ۽ ليون کي پنهنجي گهر ۾ پناهه ڏني.
پوءِ جڏهن لاڳيتن روسي حملن، نازي فوجن کي يوڪرين
مان ڀڄڻ تي مجبور ڪيو ته موٽندي وقت باقي بچيل
ڳوٺن ۽ انهن جي گهرن کي ساڙينديون، لٽنديون ۽ ڀينگ
ڪنديون، پوئتي هٽڻ لڳيون. نازي فوجين جي ڀڄڻ وقت،
ليون بدقسمتيءَ سان ٻيهر پڪڙجي پيو. نازين کيسن
پناهه ڏيندڙ ڪڙميءَ پٽيءَ تي گوليءَ سان اڏائي
ڇڏيو ۽ ليون کي ٻيهر لودو جي نازي جيل ۾ موڪليو
ويو.
پر هن ڀيري، ليون کي جيل ۾ ڪنهن به نه
سڃاتو، هڪ ته هن جي ڏاڙهي مهينن جو وڌيل هئي، ٻيو
وري لاڳيتين مصيبتن سهڻ ۽ بکئي رهڻ ڪري اڀرو ۽
نٻل به ٿي ويو هو. جيل جو نمونو به هينئر بدلجي
ويو هو.
پوئتي هٽندي وقت، هٽلر حڪم ڏنو هو ته
ڪنسٽريشن ڪيمپن جا هڙ نشان ميساري ڇڏيا وڃن، ته
جيئن جڳ کي هٽلر شاهيءَ جي ڏاڍ ۽ ظلم جو ثبوت ملي
نه سگهي.
نازي سارجنٽ ڪائيٽل هڪ فهرست کڻي، ليون وٽ
آيو، ۽ چيائين، ”جوزف! (ڇو ته ليون اڄڪلهه پنهنجو
نالو بدلائي ڇڏيو هو) تنهنجي ٽوليءَ ۾ ڏهه يهودي
آهن ۽ هن فهرست ۾ هڪ سو ٻياسي يهودي قيدين جا
نالآهن، جن کي سلسلي وار 182 قبرن ۾ پوريو ويو
آهي، توهان کي هر ڪا قبر کوٽڻي پوندي ۽ سڃاڻپ لاءِ
هر مردي سان قبر ۾ جيڪو ڪارڊ پوريل آهي، اهو ڪڍي
فهرست سان ڀيٽائڻو پوندو. ڀيٽڻ بعد مردن کي ٻاهر
ڪڍي کوريءَ ۾ ساڙڻو پوندو ۽ قبرن کي لٽي ڇڏڻو
پوندو.
”چار ڏينهن ته گهٽ ٿيندا صاحب!“ جوزف يعني
ليون ڪنڌ جهڪائي وڏي ادب سان چيو.
”ته هڪ ڏينهن وڌيڪ کڻي وٺو! هڪ ڏينهن
وڌيڪ ڪهڙي اوڄ ڏيندوَ!“ ڪائيٽل ڏاڍي لاپرواهيءَ
سان چيو.
”هڪ ڏينهن وڌيڪ!“ ليون وڏي ڌيان سان
سوچيو.
پر ليون کي وڌيڪ سوچڻ جو موقعو نه مليو
هو. تمام جلد قبرون کوٽڻ ۽ کوٽي لاشا ڪڍڻ ۽ انهن
کي ڪڍي ساڙڻ جي ڪم ۾ لڳايا ويا.
پهريون ڏينهن ان ڪم ۾ گذري ويو، ٻيو ڏينهن
به لنگهي ويو، وري ان ئي رات الاهي ڪهڙي ڪمهري
آئي، جو نازي سارجنٽ ليون جي ٽولي جي سڀني قيدين
کي جاڳائي، قبرن تي مٽي ورائي، ڍڪي ڇڏڻ جي ڪم تي
لڳائي ڇڏيو.
جيتوڻيڪ هو سڄو ڏينهن ڪم ڪري چڪا هئا، ۽
رات جو ڪڏهن به ڪم نه ٿيندو هو، پر نازي سارجنٽ
ڏاڍو ڊنل ۽ هراسيل پئي ڏٺو. ائين پئي معلوم ٿيو،
شايد مورچي تان ڪا تمام اگري خبر آئي هئي.
هي همراهه ساري رات قبرن ڍڪڻ جو ڪم ڪندا
رهيا. جيڪو قيدي ٿڪو ٿي، ان کي نازي سپاهي رائيفل
جا ڪنداڪ هڻي ڪم ڪرائيندا رهيا، ڄڻ سندن سر تي ڪو
ڀوت سوار هو. ڪم هلندي هلندي نازي سپاهين ڊنل
نگاهن سان پوئتي ڏسي ٿي ورتو. هري هري سڀئي قبرون
لٽجي ويون، باقي رڳو چار قبرون وڃي رهيون هيون.
ڪائيٽل فهرست ڏسندي چيو، ”ابراهيم ايهرين برگ!“
”مردو موجود آهي،“ هڪ قيديءَ کوٽيل قبر
ڏسي چيو.
”ايٿلي ايهرين برگ!“
”مردو موجود آهي“
روزا ايهرين برگ!“
”مردو موجود آهي!“
”ليون، ويلز؟“ سارجنٽ ڪائيٽل فهرست جو پڇاڙڪو
نالو پڙهندي پڇيو.
”خبر خالي آهي!“ ڪيئن خالي آهي؟“ سارجنٽ ڪائيٽل
حيرت مان چيو.
ناري سارجنٽ قبر جا چارئي قبلا گهُميا، پوءِ وڏي
مايوسيءَ مان چيائين، ”اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي؟ نازي
فهرست ۾ ڪا غلطي نٿي ٿي سگهي. سڀني کي اسان ماريو،
سڀني کي اسان پوريو – مردو هتي موجود هجڻ کپي!“
”مگر مردو هتي موجود نه آهي!“ ليون جي
آواز ۾ اڻ لکي ٽوڪ هئي.
”ته پوءِ مردو ڪيڏانهن ويو؟! جهٽ ۾ ٻڌايو،
نه ته اوهان سڀني کي گولي سان اڏائي ڇڏيندس!“
سارجنٽ ڪائيٽل ڪاوڙ مان رائيفل تاڻي بيٺو، سڀني
قيدين جا منهن لهي ويا، سواءِ ليون جي.
ليون ڌيان سان اوڀر طرف ڏسي رهيو هو، جتان
سوجهري جي ”لاٽ“ اڀري رهي هئي، پر اهو صبح جو
سوجهرو نه هو، وڌندڙ روسي فوجين جو ”لاوو“ هو.
”جلدي ٻڌايو... مون کي بيوقوف نه
بنايو...!“ نازي سارجنٽ چيو، سندس آواز ۾ ڊپ جي
ڏڪڻي هئي، ”ڇا مردو پاڻهي هلي ڪٿي گم ٿي سگهي ٿو؟“
ليون هڪ ساعت لاءِ سن ٿي ويو، ٻيءَ گهڙيءَ
سڄو وايو منڊل باهه ۽ بارود جي ٺڪاون سان ٻري ويو.
لودو جي ڪئمپ جي چوڌاري روسي فوجين حملو ڪري ڏنو
هو. نازي سپاهي ڊڄ ۽ هراس وچان ٿڙندا ٿاٻڙندا،
هيڏانهن هوڏانهن ڀڄڻ جون واهون ڳولڻ لڳا. سارجنٽ
ڪائيٽل به هڪ طرف ڀڄڻ لڳو – مگر ليون کيس ڳچيءَ
مان سوگهو ڪري جهليو. سندس رائيفل کسي ورتائين ۽
کيس زوريءَ کنڀي، پنهنجي خالي قبر وٽ آڻي،
چيائين، ”سارجنٽ ڪائيٽل! نازين جي فهرست ۾ هڪ غلطي
باقي رهجي وئي، اهي انسان جي جذبه آزاديءَ کي
وساري ويٺا. اهي وساري ويٺا ته مردا به پنڌ ڪري
واس اچي سگهن ٿا، ۽ هڪ ڏينهن ۾ تاريخ به بدلجي
سگهي ٿي. سارجنٽ ڪائيٽل! مان جوزف نه آهيان، آئون
ليون ويلز آهيان! غور سان هن خالي قبر کي ڏس، جيڪا
منهنجي لاش لاءِ کوٽي وئي هئي. خبر اٿئي سارنٽ
ڪائيٽل! ته هيءَ قبر خالي ڇو؟“
؟نه!“ سارجنٽ ڪائيٽل چيو.
ليون ڳاٽ اڀو ڪري، پورب ڏانهن ڏسندي چيو،
”هاڻ هن خالي قبر ۾ نازي داد (انصاف) دفن ڪيو
ويندو!“
(سنڌيڪار: تاج جويو)
ايراني پلاءُ
اڄوڪي رات منهنجي هئي، ڇاڪاڻ جو اڄ رات
منهنجي کيسي ۾ پئسا ڪونه هئا، جنهن رات منهنجي
کيسي ۾ پئسا هوندا آهن، اها رات مون کي پنهنجي
ڪونه لڳندي آهي. اها رات مون کي مرين ڊرائيور تي
ٿڙڪندڙ گاڏين جي لڳندي آهي، جڳمڳائيندڙ فانوسن جي
لڳندي آهي، ايمباسيڊر هوٽل جي ڇت تي نچندڙن جي
لڳندي آحي، ليڪن اڄوڪي رات منهنجي پنهنجي رات هئي.
اڄ آسمان جا تار منهنجا هئا، بمبئي جون سڀ سڙڪون
منهنجون هيون، جڏهن به کيسي ۾ ٿورا پئسا هوندا
آهن، تڏهن سڄو شهر مونڏانهن گهوريندو نظر ايندو
آهي، هرڪا شئي ڇينڀيندي آهي ۽ پنهنجو پاڻ کان پري
ٿيڻ لاءِ مجبور ڪندي آهي. اوني پتلونن کان وٺي
خوشنما ريڊيو گرام تائين هر ڪا شئي چوندي آهي، مون
کان پري ٿي! پري ٿي!! ليڪن جڏهن کيسي ۾ هڪ پائي به
ڪونه هوندي آهي، تڏهن سڄو شهر پنهنجي لاءِ ٺهيل
لڳندو آهي. سڙڪ جي هر هڪ پٿر تي، گهٽيءَ جي هر موڙ
تي، بجليءَ جي هر ٿنڀي تي ڄڻ ائين لکيل هوندو آهي،
”تعمير ڪيا گيا برائي ايڪ فاقا مست مصنف.“ ان
ڏينهن نه حوالات جو ڊپ هوندو آهي، نه گاڏيءَ جي
لپيٽ ۾ اچڻ وڃڻ جو ۽ نه وري هوٽل ۾ ڪجهه کائڻ جو!
ان رات مان خود نه هلندو آهيان، ان رات
مون کي بمبئيءَ جون سڙڪون کنيو ڦرنديون آهن.
گهٽين جا موڙ ۽ وڏين وڏين عمارتن جا اوندهه ڪونا
مون کي خود دعوت ڏيندا آهن ۽ چوندا آن، ”هيڏانهن
اچ ... اسان جي طرف به ڏس ... اسان سان به گڏج
دوست! تون اٺن سالن اکن هن شهر ۾ رهيو آهين، ليڪن
ان هوندي به اجنبين وانگر ڇو هلي رهيو آهين؟
هيڏناهن اچ... اسان سان هٿ ملاءِ!! اڄ رات پنهنجي
هئي، اڄ رات ڪنهن جو به ڊپ ڪونه هو. ڊپ ٿئي به ته
ٿئي ڪيئن؟ ڊپ ته ان کي ٿيندو آهي، جنهن جو کيسو
ڀريل هوندو آهي. هن خالي کيسن واري بجاءِ ملڪ ۾
ڀريل کيسن وارن کي ئي ڊپ هئڻ گهرجي ۽ مون وٽ هوئي
ڇا؟ جنهن کي ڪوئي کسي وٺندو؟ ٻڌو آهي ته سرڪار هڪ
قانون ٺاهيو آهي، جنهن موجب رات جي ٻارهين بجي کان
پوءِ سڙڪن تي گهمڻ ڏوهه آهي، ڇو؟ ڪهڙي ڳالهه آهي؟؟
رات جو ٻارهين بجي کان پوءِ بمبئيءَ ۾ ڇا ٿيندو
آهي؟؟ جنهن کي هو مون کان لڪائڻ ٿا چاهين. مان
ضرور ڏسندس، چاهي ڪجهه به ٿي پو! اڄ رات مون کي
ڪنهن جو ڊپ ڪونه آهي، ڪجهه به ٿي پوي، مان اڄ
ضرور گهمندس ۽ پنهنجن دوستن سان هٿ ملائيندس.
اهوئي سوچي مان چرچ گي اسٽيشن وٽان گذري
يونيورسٽي گرائونڊ ۾ اندر لنگهي ويس. ارادو هئم ته
ميدان مان گذري وڃان،ا ن وقت مون ڏٺو، هڪ ڪنڊ ۾
ڪجهه ڇوڪرا گول بڻائي ويٺا آهن ۽ تاڙيون وڄائڻ سان
گڏوگڏ ڳائي رهيا آهن.
”تيرا ميرا پيار هوگيا... تيرا ميرا، ميرا تيرا،
تيرا ميرا پيار هوگيا آ ... آ....آ“
ٻه ٽي ڇوڪرا تاڙيون وڄائي رهيا هئا. هڪ
ڇوڪرو وات مان بنسريءَ جهڙو آواز ڪڍڻ جي ڪوشش ڪري
رهيو هو، ٻيو ڇوڪرو ڪنڌ کي ڦيرائڻ سان گڏوگڏ هڪ
ڪاٺ جي پيتيءَ کي طلبي وانگر وڄائي رهيو هو. سڀ
خوشيءَ ۾ جهومي رهيا هئا ۽ سنهي ٿلهي آواز ۾ ڳائي
رهيا هئا، مون ويجهو وڃي هنن کان پڇيو، ”ڪيئن
دوستو! ڪنهن جو ڪنهن سان پيار ٿي ويو؟“
هنن هڪ پل لاءِ گانو بند ڪري مون طرف ڏٺو،
اها خبر ڪين اٿم ته مان ماڻهن کي ڏسڻ ۾ ڪيئن
لڳندو آهيان، پر ايتري خبر ضرور اٿم ته هڪ پل مون
طرف ڏسي ماڻهو مون سان رلي ملي ويندا آهن، مون سان
ايتريقدر ته گهرا ٿي ويندا آهن، جو زندگي ڀر جا
راز پنهنجي مختصر ڪائنات جون سڀ تصويرون، پنهنجي
دل جا سڀ دک درد مون سان سلڻ لڳندا آهن. منهنجي
چهري ۾ ڪابه وڏ ڪونه آهي. ڪائي عجب ۾ وجهندڙ شيءِ
ڪونه آهي، ڪوئي رعب ڪوئي دٻدٻو ڪونه آهي، منهنجي
لباس ۾ به ڪوئي شان و شوڪت ڪونه آهي، منهنجن پيرن
۾ هڪ معمولي چمپل هوندي آهي، ان جي مٿان لٺي جي
پتلون ۽ لٺي جي خميس، هڪ ته مون کي پنهنجي
جهوپڙيءَ ۾ پٽ تي سمهڻ جي عادت آهي، ٻيو مون ۾ اها
به هڪ خراب عادت آهي ته منهنجي زندگيءَ ۾ ميريون،
گنديون ڀتيون گهڻيون اينديودن آهن ۽ صاف اجليون
ڀتيون بلڪل ئي گهٽ! ڪمبخت خميس ڪنڌي وٽان تمام
جلدي ڦاٽي پوندي آهي، اتي توهان کي اڪثر ٽاڪا لڳل
نظر ايندا. ڏاڍيءَ محنت ۽ صفائيءَ سان مان اهي
ٽاڪا لڳائيندو آهيان، پر ان هوندي به ڪمبخت ڏسڻ ۾
ايندا آهن. ڇو جو ٽاڪا ڦاٽلن جي ڪپڙن جي ٻن ڪنارن
کي ملائڻ جو نالو آهي. ڦاٽلن پراڻن ڪپڙن کي هر هر
جوڙڻ جي ڪوشش ڇو ڪئي ويندي آهي، ڇو هر ڪو ماڻهو
ڪاري اچڪن مٿان سرخ گلاب جو گل نٿو لڳائي سگهي؟
اهو سچ آهي ته به انسان هڪجهڙا نٿا ٿين، ساڳيءَ
صورت جا نٿا ٿين. بمبئيءَ ۾ ڏينهن ۽ رات ۾ لکين
مختلف قسمن جا چهرا ڏسندو آهيان، ليڪن ائين ڇو
انهن سڀني جي خميس تي به ڪنڌن وٽ ٽاڪا لڳل هوندا
آهن. لکين ٽاڪا ڦاٽل زندگين جي ڪنارن کي ملائڻ جي
ناڪام ڪوشش ڪندا آهن. هڪ نقاد منهنجون ڪهاڻيون
پڙهي مون کي چيو هو، ”مون کي انهن مان ڪنهن به
انسان جو چهرو نظر نٿو اچي.“ اهائي مون ۾ وڏ آهي
ته مان پنهنجن ڪردارن جي چهرن جو بيان نٿو ڪريان،
انهن جو ڪنڌن جا ٽاتڪا ڏسي انهن جو بيان ٿو
ڪريان، ٽاڪا جي مون کي انسان جو اندريون چهرو
ڏيکارين ٿا. انهن جي ڏينهن رات جي ڪشمڪش ۽ انهن جي
ڏينهن رات جي محنت جو راز ٻڌائين ٿا. ٽاڪا جن کان
سواءِ زندگي جو ڪوئي ناول ۽ سماج جي ڪائي ڪهاڻي
مڪمل ٿي نٿي سگهي. ان ڪري مون کي ان ڳالهه جي ڏاڍي
خوشي آهي ته منهنجو چهرو ڏسي ڪوئي مون کي ڪلارڪ
سمجهندو آهي، ڪوئي فوٽا وڪڻندڙ يا وار ڪٽيندڙ، اڄ
تائين مون کي ڪنهن به وزير يا کيسو ڪتريندڙ، ڪونه
سمجهيو آهي. ان ڳالهه جي مون کي ڏاڍي خوشي آهي ته
مان انهن لکن ڪروڙن ننڍن ماڻهن مان هڪ آهيان، جي
تمام ... هڪ ٻئي سان رسمي واقفيت کان سواءِ رلي
ملي وڃن ٿا.
هتي به هڪ امتحاني بل جي جهجهڪ بعد هو مون
طرف ڏسي مسڪرائڻ لڳا. هڪ ڇوڪري مون کي چيو، ”اچ
دوست! تون به اچي هت ويهه ۽ ڳائڻ چاهين ته خوشيءَ
سان ڳاءِ“ ايترو چئي ان ڏٻري پتڪري ڇوڪري مٿي جي
وارن کي جهٽڪو ڏئي پوئين طرف ڪيرايو ۽ پوءِ وري اڳ
جيان ڪاٺ جي پيتيءَ کي طبلي وانگر وڄائڻ لڳو. مان
به هنن سان سر ملائڻ لڳس ۽ اسان سڀ گڏجي وري ڳائڻ
لڳاسين، ”تيرا ميرا، ميرا تيرا، تيرا ميرا پيار
هوگيا...“
اچانڪ ان ڏٻري پتڪري ڇوڪري طبلو وڄائڻ بند
ڪري ڇڏيو ۽ پنهنجي هڪ ساٿيءَ کي جيڪو پنهنجي ڪنڌ
کي پنهنجين ٻنهي ٽنگن جي وچ ۾ لڪائي اوڪڙو ويٺو
هو، ڌڪ هڻي چيو، ”اڙي، مڌوبالا تون ڇو ڪونه ٿو
ڳائين؟“
مڌوبالا ڏاڍي تڪليف بعد پنهنجو چهرو ٽنگن
مان ٻاهر ڪڍيو. هن جو چهرو مڌوبالا ائڪٽرس وانگر
حسين ڪونه هو، هن جي بدن تي باهه ۾ جلڻ جا نشان
هئا. هن جي ننڍڙين ننڍڙين اکين مان جي هن جي گول
چهري تي ٻه ڪار ڪار داغ ٿيل هئا، انتهائي پريشاني
جهلڪي رهي هئي. هن پنهنجي چپن کي پاڻ ۾ ملائيندي
طلبي واري کي چيو، ”حرامزادا! مان نٿو ڳائي سگهان،
منهنجي پيٽ ۾ سور ٿي رهيو آهي.“
”پيٽ ۾ سور ٿي رهيو اٿئي؟ تو اڄ ايراني پلاءُ کاڌو
آهي؟؟“
مڌو بالا ڏک وچان هاڪار ۾ ڪنڌ لوڏيندي چيو، ”ها
اهوئي کاڌو اٿم.“
”ڇو کاڌءِ؟“
”نه کانوان ته ڇا ڪريان؟ اڄ صرف ٽي بوٽ جو پاليش
ڪيا هئم؟“
هڪ ٻئي ڇوڪري، جو عمر جي لحاظ کان سڀن کان وڏو ٿي
لڳو ۽ جنهن ج ي کاڏيءَ تي ٿوري ٿوري ڏاڙهي اچڻ لڳي
هئي، چيو ”اڙي مڌو بالا! اٿ ميدان ۾ چڪر لڳاءِ، هل
مان به توسان گڏ ٿو ڊڪان، ٻه ٽي چڪر لڳائڻ سان
پيٽ جو سور ويندو رهنديءِ.“
”نه! رهڻ ڏي.“
”چوانءِ ٿو اٿ! نه ته چماٽ هڻندوسانءِ.“
مڌوبالا هٿ جوڙيندي چيو، ”ڪڪو رهڻ ڏي، مان هٿ ٿو
جوڙيانءِ.“
”اٿ ڙي ڇو اسان جي محفل خراب ڪري رهيو آهين؟“
ڪڪوءَ هٿ کان وٺي مڌوبالا کي اٿاريو ۽ ٻئي
يونيورسٽي گرائونڊ ۾ ڊوِڙڻ لڳا.
پهرين ته ٿوريءَ دير تائين مان انهن ڊڪندڙ
ڇوڪرن کي ڏسڻ لڳس پر جڏهن منهنجي پاسي ۾ ويٺل
ڇوڪري پنهنجو مٿو کنگهندي چيو، ”ڪهڙي نه مصيبت
آهي، ايراني پلاءُ کاءُ ته به مصيبت، نه کاءُ ته
به مصيبت!“
مون چيو، ”پلاءُ ته ڏاڍي مزيدار شئي آهي، ان جي
کائڻ سان پيٽ ۾ سور ڪيئن پوندو؟“
منهنجي ڳالهه ٻڌي هو سڀ کلڻ لڳا، هڪ ڇوڪري (جنهنجو
نالو پوءِ مون کي ڪلديپ ڪور معلوم ٿيو ۽ جو ان وقت
ڦاٽل نڪر پائي ويٺو هو) کلندي مون کي چيو ”معلوم
ٿو ٿئي ته تو ڪڏهن ايراني پلاءُ ڪونه کاڌو آهي.“
مون ڇيو، ”پلاءُ ته ڪيترن ئي قسمن جو کاڌو اٿم،
شيد ايراني پلاءُ به کاڌو هجيم پر تون الائي ڪهڙي
پلاءُ جي پيو ڳاله ڪرين!“
ڪلديپ ڪور پنهنجي گنجيءَ جا بٽڻ کوليندي
مون کي ٻڌايو ته ”ايراني پلاءُ هنن جو هڪ خاص
اصطلاح آهي. ان کي هي روز روز ڪونه کائيندا آهن،
پر جنهن ڏينهن گهٽ پئسا ڪمائيندا آهن، ان ڏينهن
هنن کي ايراني پلاءُ کائڻو ئي پوندو آهي ۽ اهو
پلاءُ سامهون واريءَ ايراني ريسٽورينٽ ۾ رات جو
ٻارهين بجي کان پوءِ ملندو آهي. سڄي ڏينهن ۾
ماڻهو جيڪي ڊبل روٽيءَ جا ٽڪرا، گوشت جون چوسيل
هڏيون، چانورن جا داڻا، پٽاٽن جا ڇلر ۽ ٻيون شيون
پليٽن ۾ بچائي ويندا آن، اهو سڄو جوٺو کاڌو هڪ هنڌ
ڪٺو ڪيو ويندو آهي ۽ ان جي ملاوت ٻي آني پليٽ جي
حساب سان وڪامندي آهي. پٺيان رنڌڻي جي دروازي وٽ
ان کي ايراني پلاءُ چوندا آهن، ان کي عام طور هن
علائقي جا غريب ماڻهو به ڪونه کائيندا آهن پر تڏهن
به هر روز ٻه ٽي سئو پليٽون وڪامي وينديون آهن.
ايراني پلاءُ جي خريدارن ۾ گهڻو ڪري بوٽ پالش
ڪندڙ، فرنيچر کڻندڙ، گراهڪن لاءِ ٽئڪسي آڻيندڙ، آس
پاس جي جڳهين جا بيڪار نوڪر يا ٺهندڙ جڳهين ۾ ڪم
ڪندڙ مزور هوندا آهن.“
مون ڪلديپ ڪور کان پڇيو، ”تنهنجو نالو ڪلديپ ڪور
ڇو آهي؟“
ڪلديپ ڪور پنهنجي صدري بلڪل لاهي ڇڏي هئي ۽ ڏاڍي
مزي سان گاهه تي ليٽي پنهنجي ڪاري پيٽ تي هٿ ڦيري
رهيو هو. منهنجو سوال ٻڌي هن پنهجي هڪ ساٿيءَ کي
چيو، ”ذرا منهنجي پيتي ته ڏجاءِ.“
ڪلديپ ڪور پيتي کولي، ان پيتيءَ ۾ هن جي
پالش جو سامان پيل هو. پالش جي هر هڪ دٻيءَ مٿان
ڪلديپ ڪور جي تصوير لڳل هئي.هن پنهنجي ساٿي کي به
پنهنجي پيتي کولڻ لاءِ چيو، هن جي پيتيءَ ۾
جيتريون به پالش جون ننڍيون وڏيون دٻليون هيون،
انهن سڀني جي مٿان وري نرگس جون تصويرون لڳل هيون،
جي رسالن ۽ اخابرن مان ڪٽي هنيون ويون هيون،
ڪلديپ ڪور چيو، ”هيءُ نرگس جي پالش ڪتب آڻيندو
آهي، هو نميءَ جي ۽ ثريا جي. اسان مان جيڪي به بوٽ
پالش ڪندا آهن، اهي سڀ ڪنهن نه ڪنهن فلم ائڪٽريس
جون تصويرون ڪٽي پنهنجين پالش جي دٻين مٿان هڻندا
آهن ۽ ان جي ڪندا آهن.“
”ڇو؟“
”حرامزادا!“ گراهڪ، انهن ڳالهين مان ڏاڍو خوش
ٿيندا آهن!! اسان انهن کي چوندا آهيون، صاحب ڪهڙي
پالش لڳايون؟ نرگس يا ثريا يا مڌوبالا؟ پوءِ
گراهڪ جنهن ائڪٽريس کي پسند ڪندو آهي، ان جي
پالش گهرندو آهي ۽ اسان ان کي، ان ڇوڪري جي حوالي
ڪندا آهيون، جيڪو ان ائڪٽريس جي پالش ڪتب آ ڻيندو
آهي. اسان ڪل اٺ ڇوڪرا اهيون، هوڏانهن سامهون
چرچگيٽ وٽ (سي) بس اسٽينڊ جي پوئتان ويهندا آهيون.
اسان مان جيڪو جنهن ائڪٽريس جي پالش ڪتب آڻيندو
آهي، ان ائڪٽريس جو نالو ئي سندس نالو آهي، ان مان
اسان جو ڌنڌو سٺو هلندو آهي ۽ ڪم ڪرڻ ۾ ذرا مزو
ايندو آهي.“
مون چيو، ”توهان جو بس اسٽينڊ جي پوئتان ۽ ايراني
ريسٽورينٽ جي سامهون ويهندا آهيو، پوءِ پوليس
وارا ڪجهه به ڪونه چوندا اٿو؟“
ڪلديپ ڪور اونڌو ليٽيل هو، منهنجو سوال ٻڌي سڌو ٿي
ويو ۽ هن پنهنجي آڱوٺي جي هڪ آڱر ۾ ڪجهه دٻائي
يڪايڪ هڪ جهٽڪي سان ائين نچايو ڄڻ هو فضا ۾ آنو
اڇلائي رهيو هو. هن چيو، ”حرامزادو ڇا چوندو؟ پئسا
جو ڏيونس ٿا؟“ ايترو چئي ڪلديپ ڪور وري آڱوڍي سان
هڪ خالي آنو هوا ۾ اڇلايو ۽ فضا ۾ ڏسڻ لڳو ۽ پوءِ
ٻئي هٿ کولي هن ان آني کي جهٽي ورتو ۽ پوءِ هن
پنهنجن ٻنهين مٺين کي کوليو، ٻئي خالي هيون. ڪلديپ
ڪور مسڪرائي چپ چپ اونڌو ٿي ليٽي پيو.
نرگس مون کي چيو، ”تون دادر ۾ پالش ڪندو آهين نه؟
مون توکي شايد ڏٺو هو.“
”مون کي به هڪ قسم جو پالش وارو ئي سمجهه.“ مون
جواب ڏنو.
”هڪ قسم جو ڪيئن؟“ ڪلديپ ڪور اٿي ويهي رهيو.
هن مون طرف گهوري چيو، ”حرامزادا! سڌي طرح ڳالهه
ڪر نه؟ ٻڌاءِ تون ڇا ڪندو آهين؟“
هن مون کي حرامزادو ڪوٺيو، اهو ٻڌي مان ڏاڍو خوش
ٿيس، ڪوئي ٻيو مون کي حرامزادو چوي ها ته خبر
وٺانس ها. پر جڏهن هن ڇوڪري مون کي حرامزادو گار
جو لفظ ڪونه هو، پر برادريءَ جو لفظ هو، هن مون کي
پنهنجي برادريءَ ۾ شامل ڪيو هو. ان لاءِ مون چيو،
”ڀائي مان به هڪ قسم جي پالش ڪندو آهيان ۽ ڪڏهن
ڪڏهن انساني چهرا ڏسندو آهيان ۽ انهن جي اندر ڇا
آهي؟“
نرگس ۽ نمي يڪدم چئي اٿيا، ”حرامزادا! وري پرولين
۾ ٿو ڳالهائين؟ صاف صاف ڇو ڪونه ٻڌائين؟
مون چيو، ”منهنجو نالو وشن آهي ۽ مان ڪهاڻيون
لکندو آهيان ۽ ڪهاڻيون اخباروارن کي وڪڻندو
آهيان، اهڙي ريت سمجهو ته مان به وڪامندو آهيان.“
”اوهه! ته تون بابو آهين!!“ نميءَ چيو. نمي هڪ
ننڍڙو ڇوڪرو هو، ان گول ۾ جيڪي به ڇوڪرا ويٺا هئا،
انهن سڀني کان هو ننڍڙو هو، ننڍڙو پر هن جي اکين ۾
چالاڪيءَ جي چمڪ هئي، جيئن ته هو اخبارون به
وڪڻندو هو، ان ڪري هن جي مون ۾ اڃا به دلچسپي وڌي
وئي. هن ويجهو اچي مون کي چيو، ”ڪهڙي اخبار ۾
لکندو آهين؟ فري پريس، ٽائمس؛ بمبئي ڪرانيڪل مان
انهن سڀني اخباروارن کي سڃاڻندو آهيان.“
”شاهراهه“ ڪهڙو نيوز پيپر آهي؟“
”دهليءَ مان نڪرندو آهي.“
”دهليءَ جي ڇاپخاني مان؟“ هو حيرت وچان مون طرف
ڏسڻ لڳو.
”ها ۽ ادب لطيف ۾ به لکندو آهيان.“ مون رعب ڄمائڻ
لاءِ چيو.
ڪلديپ ڪور کلندي چيو، ”بدب خليف ۾ لکندو آهين
حرامزادا! اهو ته ڪنهن انگريزي فلم ائڪٽريس جو
نالو به ٿي سگهي ٿو. ”بدب خليف!“ ها... ها...!!
اڙي نمي اڄ کان وٺي تون پنهنجو نالو بدلائي ”بدف
خليف“ رک، ڏاڍو مزيدار نالو آهي. ها...ها...ها.“
جڏهن سڀ ڇوڪرا کلي ٿڪا تڏهن مون سنجيدگيءَ
سان چيو، ”بدب خليف“ نه ادب لطيف لاهور مان
نڪرندو آهي، ڏاڍو سٺو پيپر آهي.“
نرگس ڪنڌ لوڏيندي چيو، ”هائو هوندو ادب
لطيدف ئي هوندو، اسان جو ان ۾ ڇا؟ اسان ان کي وڪڻي
پئسا ٿوروئي ڪمائيندا آهيون؟“
ڪلديپ ڪور مون طرف ڏسي وري کلڻ لڳو. مان به هنن
سان کلڻ لڳس، کلڻ کان سواءِ ٻيو ڪوئي چاڙهو به ته
ڪونه هو. ڪلديپ ڪور کلندي کلندي اچانڪ سنجيده ٿي
ويو، مون طرف ڏسي هن چيو، ”۽ هڪ ڪهاڻيءَ عيوض توکي
ڇا ملندو آهي؟“
”ايترو ئي جيترو توهان کي ملندو آهي، اڪثر ڪجهه به
نه ملندو آهي، جڏهن لفظن مٿان پالش ڪري پورو ڪندو
آهيان، تڏهن اخبار وارا شڪريه چئي ڪهاڻي مفت کڻي
ويندا آهن ۽ وڃي پنهنجي اخبار يا رسالي ۾ ڇپائيندا
آهن.“
”ته پوءِ اهڙي مغز ماري ڪرين ڇو ٿو؟اسان وانگر
پالش ڇو ڪونه ٿو ڪرين. سچ ٿو چوانءِ تون به هليو
آءٌ اسان جي برادريءَ ۾! بس تنهنجي ئي باقي ڪثر
آهي ۽ تنهنجو نالو به ”بدب خليف“ ئي رکنداسين.
”ملاءِ هٿ!“ ڪلديپ ڪور چيو، ”پر چار آنا روز پوليس
کي ڏيڻا پوندءِ.“
”۽ اگر ڪنهن ڏينهن چار آنا به نه ٿيا ته؟“
”اهو مان نٿو ڄاڻان، ڪنهن کان گهري، چوري ڪري،
ڊاڪو هڻي، ڪيئن به چار آنا ڏيڻا پوندءِ ۽ مهيني ۾
ٻه ڏينهن حوالات ۾ به رهڻو پوندءِ.“
”اڙي واهه، ٻه ڏينهن حوالات ۾ ڇو؟“
”اهو مان نٿو ڄاڻان آ پوليس واري کي روز چار آنا
ڏيندا آهيون، هرڪو پالش وارو ڏيندو آهي، پوءِ به
هو اسان کي مهيني ۾ ٻه دفعا پڪڙي وٺي ويندو
آهي، هو چوندو آهي اهڙو قائدو آهي، پوءِ اسان ڇا
ڪريون؟“
”چڱو ٻه ڏينهن حُالات ۾ به رهندس.“ مون چيو.
”توکي هڪ دفعو ڪورٽ ۾ به وڃڻو پوندو، تنهنجو چالان
ٿيندو ۽ توتي ٻه ٽي روپيا ڏنڊ به پوندو، اهي به
توکي ڏيڻا پوندا.“
”ائين وري پو؟“
”اي يار پوليس واري کي به ته ڪار گذاري ڏيکارڻي
پوندي آهي ڪيئن نه؟ تون سمجهين ڇو نٿو حرامزادا
بدب خليف!“
مون اک ڀڃي ڪلديپ ڪور کي چڇيو، ”حرامزادا مان سڀ
ڪجهه سمجهي ويس.“
اسان ٻئي کلڻ لڳاسين. ايتري ۾ مڌوبالا ۽ ڪڪو ٻئي
ميدان ۾ ٽئي چار چڪر هڻي، پسيني ۾ تر ٿي واپس اچي
ويا مون مڌوبالا کان پڇيو، ”ڪيئن تنهنجي پيٽ جو
سور ويندو رهيو؟“
”سور ته ويندو رهيو پر بک غضب جي لڳي آهي!“ مڌو
بالا چيو.
”بک ته مون کي به لڳي آهي“ ڪلديپ ڪور چيو.
نرگس چيو، ”مون کي به.“
”نه پوءِ وري ايراني پلاءُ کائيندا؟ ٻيو وري پيٽ ۾
سور پوندو ۽ وري ميدان جا چڪر! نميءَ چيو.
”۽ پوءِ وري بک!“ ڪلديپ ڪور تلخيءَ وچان چيو.
نمي چيو، ”مان ٻه پئسا ڏئي سگهان ٿو.“
”هڪ آنو منهنجي طرفان.“ مون چيو.
ڪل چار آنا ٿي ويا ۽ نميءُ کي پلاءُ آڻڻ
لاءِ چيو ويو، ڇو جو هو سڀني کان ننڍو هو ۽ وري
ايراني ريسٽارنٽ جو رسيو هن کي پسند ڪندو هو، ان
ڪري سوچيوسين ممڪن آهي نميءَ کي ٻن پليٽن بدران
چئن پليٽن يا گهٽ ۾ گهٽ ٽن پليٽن جيترو مال ملي
وڃي. نميءَ جي وڃڻ بعد مون چيو، ”ڇا توهان روز هتي
ئي سمهندا آهيو؟“
”مڌو بالا کانسواءِ سڀ ئي هت سمهندا آهيون.“
ڪڪوءَ ڇيو، ”مڌو بالا هونئن پنهنجي گهر ويندو آهي،
پر اڄ ڪونه ويو آهي.“
”تنهنجو گهر ڪاٿي آهي؟ مون مڌو بالا کان پڇيو.
”سيان ۾ هڪ جهوپڙيءَ ۾ مان ۽ منهنجي ماءُ رهندا
آهيون.“
”۽ پيءُ؟“
مڌو بالا چيو، ”پيءُ جي خبر ڪونه آهي، هوندو
حرامزادو سامهون وارين جڳهين جو ڪوئي سيٺ!“
يڪايڪ هو سڀ چپ ٿي ويا، ڄڻ ڪنهن هنن جي
چهري تي چماٽ وهائي ڪڍي هجي. ڇوڪرا جي بي آسري
هئا، بي گهر هئا، بنا نالي هئا، جن پنهنجي زندگيءَ
جي دکن کي فلم ائڪٽريسن جي خوبصورت نالن ۾ ڇپائڻ
جي ناڪام ڪوشش ڪئي هئي. ”تيرا ميرا پيار هوگيا.“
ڪٿي آهي تنهنجو پيار؟ اي منهنجا ڀاءُ، اي منهنجي
ماءُ، اي منهنجا پيءُ، تون ڪير آهين؟ ڇاجي لاءِ
تو مون کي هن دنيا ۾ آندو ۽ هنن سخت بي رحم ٽئڪس
زده فٽ پاٿن تي ڌڪا کائڻ لاءِ ڇڏي ڏنو؟ هڪ پل
لاءِ هنن سڀني جا چهرا ڪنهن نامعلوم خوف وچان
مرجهائي ويا، يڪايڪ هو هڪ ٻئي جي ويجهو اچي ويا ۽
ڏاڍي زور سان هنن هڪ ٻئي جي هٿن کي پڪڙيو، ڄڻ ٻئي
ڪنهن به هنڌان هنن کي آسرو ڪونه مليو، ڄڻ هن شهر
جي هر ڪنهن وڏي عمارت، هر ڪنهن فٽ پاٿ ۽ هر ڪنهن
هلڻ واري قدم هنن کي ٺڪرائي ڇڏيو هو ۽ هنن کي
مجبور ڪيو هو ته رات جياهيءَ ۾ هو هڪ ٻئي جا هٿ
پڪڙين. مون کي هو ان وقت اهڙائي خوفزده ۽ معصوم
لڳي رهيا هئا، جهڙا ٻالا ڀولا ٻار، جيڪي نامعلوم ۽
اٿاهه جهنگل ۾ گم ٿي وڃن. ان لاءِ مون کي بمبئي
ڪڏهن ڪڏهن شهر ته لڳندو آهي پر هڪ جهنگل لڳندو
آهي.
پوءِ مان سوچيان ٿو ته ائين نه، بمبئي هڪ
جهنگل ڪونه آهي، بمبئي ته هڪ شهر آهي. ماڻهو چون
ٿا جي هڪ ميونسپل ڪارپوريشن آهي، ان جي هڪ سرڪار
آهي، هڪ نظام آهي، ان جون گهٽيون آهن، راهون آهن،
بازار آهن، دڪان آهن، روڊ آهن، گهر آهن ۽ اهي سڀ
هڪ ٻئي سان اهڙيءَ طرح ته جڙيل آهن، جيئن هڪ ڌرم ۽
تهذيب، شهر ۾ شيون هڪٻئي سان ڳنڍيل لڳنديون آهن،
اهو مان سمجهان ٿو، مان به ان جي گهٽين ۽ بازارين
کي ڏسندو آهيان. ان جي رستن ۽ گهرن کي سڃاڻندو
آهيان. ليڪن ان عزت ۽ محبت جي باوجود مان اهو ڇو
ٿو ڏسان ته ان عظيم شهر ۾ ڪيتريون گهٽيون اهڙيون
آهن، جن مان ٻاهر نڪرڻ جا رستا اهڙا آهن جي ڪنهن
به منزل طرف ڪونه ٿا وڃن، ڪيترائي ٻار اهڙا آهن،
جن لاءِ ڪوئي گهر ڪونهي. يڪايڪ ان خاموشيءَ کي
نميءَ ٽوڙي ڇڏيو. هو ڀڄندو اسان جي سامهون اچي
ويو. هن جي هٿ ۾ ايراني پلاءُ جون ٽي پليٽون هيون،
انهن مان خوشبوءِ نڪري رهي هئي. جڏهن هن پليٽون
آڻي اڳيان ٿي رکيون، تڏهن اسان ڏٺوسين تنجي اکين
۾ آنسو تري رهيا هئا، ”ڇا ٿيو؟“ ڪلديپ ڪور پڇيو.
انهيءَ غضبناڪ لهجي ۾ چيو، ”رسئوي هت زور سان چڪ
پاتو.“ نميءَ پنهنجو کاٻو ڳل اسان طرف ڪندي چيو.
اسان ڏٺوسين، هن جي کاٻي ڳل تي چڪ جو وڏو نشان هو.
ڪلديپ ڪور رسوئي کي گار ڏيندي چيو،
”حرامزادو.“ پر ان بعد هو سڀ ايراني پلاءُ مٿان
ٽٽي پيا.
(سنڌيڪار: جيوت چاولا)
عقل جون ڳٺڙيون
جڏهن مان اٺين ۾ چوٿون گهمرو فيل ٿيس ته گهران هڪ
هزار روپيا ۽ ڪجهه زيور چورائي، بمبئيءَ ڀڄي آيس.
هتي ٽن مهينن ۾ ٽائيپنگ جو ڪم سکي، مون هڪ آفس ۾
درخواست پيش ڪئي. ڪمپنيءَ جي مالڪ مون ڏانهن ڏسي
مرڪندي چيو.
”پر اسان کي ته هڪ ڇوڪري گهرجي!
”اڄ ڪلهه ڇوڪري ۽ ڇوڪريءَ ۾ ڪو فرق ته ڪونه رهيو
آهي. ڇوڪريون پينٽ ٿيون پهرين، مان به پائيندو
آهيان. ڇوڪريون بشرٽ نما بنلائوزر پائينديون آهن،
مان بلائوزر نما بشرٽ پائيندو آهيان. ڇوڪرين جا
وار ڪٽيل هوندا آهن ”سي ته منهنجا به ڪٽيل آهن.
پوءِ مان ڪيئن هڪ ڇوڪريءَ کان گهٽ آهيان.“ مون چيو
ڪمپنيءَ جي مالڪ، منهنجي سامهون منهنجي درخواست
جا چار ٽڪرا ڪري چيو، ”وڏو ڪو احمق آهين! هليووڃ!“
مان هليو آيس ۽ اچي ٽن مهينن ۾، بجليءَ جي پکن جي
مرمت جو ڪم سکيس ۽ هڪ سک جي ڪمپنيءَ ۾ درخوست ڏنم،
جيڪا اهو ئي ڪم ڪندي هئي.
”ڇا تون بجليءَ جي پکن جا پرزا ٽوڙي سگهندو آهين؟
ڪمپنيءَ جي مالڪ چيو.
”جي نه، جوڙي سگهندو آهيان.“
”ڀلا تون بجليءَ جا پکا اهڙيءَ ريت جوڙي سگهندو
آهين، جو هر ٽئين مهيني وري کين مرمت جي ضرورت
پوي.“ مالڪ وري پڇيو.
”جي نه!“ مون فخريه لهجي ۾ چيو ”مان ته بجليءَ جي
پکن جي اهڙي عمدي مرمت ڪري ڏيندس جو هڪ سال تائين
ته ان جو هڪ به پرزو خراب نه ٿيندو.“
”ته پوءِ تون اسان جي ڪم جو ماڻهو ناهين!“ صاحب
جواب ڏنو ۽ منهنجي درخواست کي منهنجي سامهون اٺ
ٽڪرا ڪري ڇڏيائين.
ان پڄاڻان اسٽرڪچل اسٽيل مل جي آفيس ۾ اچي وڏي
صاحب کي چيم ”مون کي ڪم گهرجي!“
”ڪهڙو ڪم؟“ هن پڇيو.
”ڪهڙو به ڪم هجي، مان ڪندس!“ مون جواب ڏنو.
هن پڇيو ”تون ڪهڙو ڪم ڪري سگهين ٿو؟“
مون چيو ”مان فرش کي ٻهارو ڏيڻ کان ويندي، اوهان
جي دماغ کي ٻهارو ڏيڻ تائين، هر ڪم ڪري سگهان ٿو!“
منهنجو جواب ٻڌي هن مرڪندي چيو، ”تنهنجي جواب مان
لڳي ٿو ته تون سيٺ ڪستوري چند جو نياڻو آهين،“
مون چيو ”جي نه؟!“
هن چيو ”ته پوءِ تون ضرور سيٺ ڌنوري چند“ جي ماروٽ
جي ماسات جي ...... هو چوندو رهيو، مان وچ ۾ چيو،
”جي مان اهو به ڪونهيان؟“
”ته پوءِ تون هتي ڇا ڪرڻ آيو آهين؟ گيٽ آئوٽ!“ هن
ڪڙڪ لهجي ۾ چيو.
گيٽ آئوٽ ٿي هلڻ لڳس، هلندو رهيس ۽ سوچيندو رهيس
ته هاڻي ڇا ڪيان، امان جا زيور به ختم ٿي چڪا هئا.
هڪ هزار مان صرف هڪ سئو ٻارنهن روپيا بچيا هئا.
هلندي هلندي ٽپهريءَ ويل مون کي اچي بک نستو ڪيو.
مان هڪ اسپورٽس جي دڪان ۾ گهڙي ويس. دڪان ۾ ڪرڪيٽ،
هاڪي، فوٽ بال ۽ ٽينس جي سامان سان گڏ شيشي جي هڪ
ٿانو ۾ گول گول رس گلا پيا هئا. مون انههن ڏانهن
اشارو ڪندي دڪاندار کي چيو ”وڏو احمق آهين،
اسپورٽس جي دڪان ۾ رس گلا ٿو رکين!“
هن چيو ”هي بمبئي آ هتي سڀ هلندو آ“
مون چيو ”مون کي ٻين رپئي جا رس گلا ڏي.“ هن ٻه
روپيا وٺي شيشي جي خوبصورت ٿانو مان ٻه رس گلا
ڪڍيا! مون چيو ”بازار ۾ ته ٻين آني رس گلو ٿو
ملي.“
هن چيو ”هي اسپيشل ٽائيپ جا رس گلا آهن.“
”ته پوءِ چار ڏي“ هن مون کي هڪ لفافي ۾ چار رس
گلا، چئين روپين جا ڏنا، لفافو وٺي مان ٻاهر هليو
آيس، اڳتي آيس ته هڪ سوناري جي دڪان تي ڏاڍا عمدا،
ساوا ساوا خوبصورت ٿلها متارا ڪيلا چمڪندي نظر
آيا. مون چيو ”عجيب ماڻهو آهين سونارڪي دڪان تي
ڪيلا ٿو وڪڻين؟“
هن چيو ”سون وڪڻڻ منع آهي، ان ڪري ئي ڪيلا رکيا
اٿم.“
”ڪهڙو اگهه ڏيندين؟“ مون پڇيو.
”ڇهه روپيا درجن!“
”ڇهه روپيا درجن!؟“ مون حيرت منجهان ڇرڪ ڀريندي
چيو، ”ٻارهين آني جي اگهه سان بازار مان جيترا
ڪيلا چئين وٺي ڏيانءِ!“
”پر هي خاص قسم جا ڪيلا آهن.“
”هان ته هڪ درجن ڏي ڀلا!“
هن هڪ درجن ڪيلا هڪ وڏي لفافي ۾ وجهي، منهنجي
حوالي ڪيا. مان دڪان کان ٻاهر نڪري آيس ۽ ميٽرو
سئنيما، جي سامهين ميدان ۾ هليو آيس ته جيئن اس ۾
ڇٻر تي ويهي پنهنجو کاڌو کانوان ڇٻر تي هڪ ڪنڊ ۾
ٻين ماڻهن کان الڳ ٿلڳ هڪ جڳهه ڳولي مان اتي ويهي
رهيس پهريائين مون رس گلن وارو لفافو کوليو ۽ هڪ
رس گلو ڪڍي وات ۾ وڌم، ڪرچڪ ڪرچڪ جو آواز پيدا ٿيو
۽ مون محسوس ڪيو ته جنهن کي مون رس گلو سمجهيو هو،
اهو دراصل ”پنگ پانگ“ جو هڪ بال هو ”ريان“ جو
ٺهيل. مون مايوس ٿي جلد ئي ٻيو لفافو کوليو، خبر
پئي ته ان لفافي ۾ جيترا به ڪيلا هئا، سي سمورا
پلاسٽڪ جا هئا. هاڻي ڇا ڪجي؟ هاڻي ڇا ٿو ٿي سگهي
”مون سوچيو. پئسا ته مون خرچ ڪري ڇڏيا، هاڻي جيڪو
ڪجهه مليو، خدا جو شڪر ڪندي مون کي کائڻ گهرجي!! ۽
مٿان پاڻي پي ڇڏڻ گهرجي! ۽ ائين مون ريان جا رس
گلا ۽ پلاسٽڪ جا ڪيلا چٻاڙي کائي ڇڏيا. ڇو جو رزق
جي بيعزتي نه ٿي ٿي سگهي ۽ ان لاءِ ئي ته مان به
بمبئيءَ آيو هئس. کائڻ سان ئي مون کي ڏاڍي اساٽ
لڳي، پيٽ ۾ عجيب قسم جو مانڌاڻ مچي ويو هو. ايتري
۾ ويجهو ئي هڪ ڇوڪرو لنگهيو، ان جي هٿ ۾ هڪ ميرو
ٿيلهو هو ان ويجهو اچي آهستگي سان چيو، ”پاڻي
پيئو ٻين رپئي باٽلي آ.“
مون کيس ڀرسان سڏي پڇيو ”ڪهڙي ڪربلا متي آ“ پاڻيءَ
جي باٽلي ٻين رپئي ٿو وڪڻين.
هن چيو ”هي جوزف جو پاڻي آهي.“
جوزف ڪير آهي؟“ مون کانئس پڇيو.
”اسان جو مالڪ آ!“ هن چيو.
”ته ٻين رپئي، پاڻي جي هڪ باٽلي ڇو ٿو وڪڻين، جڏهن
ته نارنگيءَ جو رس به ڇهين آني ۾ ٿو ملي.“
”پر هيءُ خاص قسم جو پاڻي آهي، فسٽ ڪلاس! پهرين
ڌار جو!“ مون پهرين ڌار جو پاڻي اڄ تائين ڪونه
چکيو هو. هلو اڄ اهو به ٿي وڃي، کيسي ۾ سئو جي نوٽ
کان سواءِ ٻيا به ٻه رپيا هئا. ان هڪ هڪ باٽلي
خريد ڪري نڙيءَ ۾ اوتي ڇڏيم، نڙيءَ ۾ لهندي ئي
ائين لڳو، ڄڻ چوڏنهن ئي طبق روشن ٿي ويا. دماغ ۾
جيترا به خلل هئا سڀ دور ٿي ويا. |