پٽورڌن ٽوڪي جي آخري وار سان ممتاز جو سور دڙ کان
جدا ڪري ڇڏيو، پهريائين ته هن ڳچيءَ کان هيٺيون
حصو مين هول ۾ اڇليو پوءِ هن مماتز جي وارن کان
جهلي ناريل وانگي هيڏانهن هوڏانهن ولوڏيو، پر جڏهن
رستي جي ٻنهي پاسن نظر جي حد تائين سندس فتح ڏسڻ
وارو ڪوبه نظر نه آيو تڏهن ممتاز جو سر به زور سان
مين هول ۾ اڇلي ڇڏيائين ۽ پوءِ هيڏانهن هوڏانهن
پکڙيل گوشت جي ٻين ٽڪرن کي به چونڊي مين هول ۾
وجهي ڇڏيائين. انهيءَ کان پوءِ هو مٿي اٿيو ۽
سامهون ميونسپالٽي جي نل ڏانهن وڌيو. نل کولي هٿ
منهن ڌوئي ڀنگين جي مندر ۾ سامهون نظر ايندڙ گنيش
مهاراج جي مورتيءَ کي ڏاڍي ادب سان پرنام ڪيائين.
هاڻي کيس ڏاڍي بک لڳي هئي ۽ هو ٽرام جي پٽي تان
هلندو هڪ ريسٽورانٽ تائين آيو جو نئون نئون کليو
هو. آرسيون، ڪرسيون، سنگ مرمر جون ميزون، دخل ۽
سارو فرنيچر نئون ٿي لڳو، پٽورڌن جهومندو جهومندو
ريسٽورانٽ اندر گهڙي ويو ۽ هڪ اڇي سنگ مرمر جي ميز
تي مُڪ هڻي چيائين، ”مون کي سخت بُک لڳي آهي،
کاڌي لاءِ ڪجهه جلدي کڻي اچ.“
ريسٽورانٽ جو مالڪ سنڌي ٿي لڳو. هن ڇوڪري
کي جلد سنڌيءَ ۾ ڪجهه چيو. ڇوڪرو ڀڄندو ڪچن ۾ گهڙي
ويو ۽ ٿوري دير ۾ پٽورڌن جي اڳيان گوشت جي هڪ پليٽ
۽ هڪ تنوري نان اچي رکيائين.
پٽورڏڌن غصي مان هڪدم اٿي بيٺو ۽ رڙ ڪري
چيائين ”توکي خبر ناهي ته مان برهمڻ آهيان، گوشت
نه کائيندو آهيان.“ ائين چئي گوشت جي پليٽ مالڪ جي
مُنهن ۾ هنيائين ۽ غصي ۾ وڦلندو ريسٽورانٽ مان
ٻاهر نڪري ويو.“
(سنڌيڪار: ولي رام ولڀ)
راڻي جي آمد
شيطان ٽائمز جي ايڊيٽر مون کي چيو، ”تون
سڌو هليو وڃ ۽ راڻيءَ جي آجيان ئي تيارين بابت
پوري رپورٽ مون کي آڻي ڏي.“
شيطان ٽائيمز جي دفتر ۾ منهنجي ملازمت جو
هيءُ پهريون ڏينهن هو. وڏيءَ چئوچواءُ کان پوءِ
مون کي رپورٽر رکيو ويو هو. اهو صحيح آهي ته مون
هن کان اڳ ڪنهن به اخبار ۾ ڪم نه ڪيو هو.
”پر ان ۾ ڇا آهي؟“ ڪاريءَ عينڪ واري گنجي
ايڊيٽر مون کي پاٻوهه مان سمجهائيندي چيو، ”اخبار
جو رپورٽر ته پيدائشي رپورٽر هوندو آهي. ان جو نڪ
ايڏو ته تيز هوندو آهي، جو هو جهنگ ۾ به خبر
سُنگهي سگهي ٿو.“
مون خبر سُنگهڻ لاءِ پنهنجون ناسون
ٽيڙيون.
”ٺُڙڪو سڙڪو رپورٽنگ ته هر رپورٽر ڪري
سگهندو آهي، پر جيڪڏهن ترقي ڪرڻ چاهين ٿو ته
زبردست رپورٽنگ ڪر، هڪدم سنسي خيز ۽ ڌاڙ مار
واري-“ ايڊيٽر پنهنجي مُڪ هوا ۾ اُلاري.
”شاباس! هاڻي تون وڃي سگهين ٿو.“ ايڊيٽر
هڪدم ڪرسيءَ تي ويهي رهيو، ڄڻ سندس سڄي طاقت ختم
ٿي وئي هئي، ”ويندي وقت ڪينٽن تان مون لاءِ چانهن
چيو وڃجانءِ!“
آءُ اڃا پالم ايئرپورٽ تي پهتو به نه هئس
ته مون هن کي پالم جي ويجهڙائيءَ وارن کيتن ۾ ڏسي
ورتو. هن هڪ شاهي نم جي هيٺان، کوهه جي ڀر ۾
پنهنجي ڏاندن کي پاڻي بيٺي پياريو. ڊگهو قد، ينگ
ڪڻڪائونڪ، وقار شاهاڻو.... آءٌ ته کيس ڏسي هڪو ٻڪو
ٿي ويس ۽ ٽڪ ٻڌي کيس ڏسڻ لڳس ته ڪجهه گهڙيون ته هن
مون کي پاڻ ڏسڻ ڏنو، پوءِ هن ڍڳن هڪلڻ واري تلهڙ
کنئي ۽ مُون هٻڪندي کانئس پڇيو، ”تنهنجو
نانءُ....“
هن چيو، ”منهنجو نالو راڻي آهي....!“
”راني....؟!“
”توکي گهڻا ٻار آهن؟“
”ٽي....!“
منهنجي دل ڌڙڪڻ لڳي. هيءَ اهائي اهي، بلڪل
اها ئي صورت ساڳي، وقار ساڳيو، ساڳيو رعب اهوئي
شاهاڻو اندر.....
مون سامهون اڻکٽ کيتن ڏانهن اشارو ڪندي
پڇيو، ”ڇا، اهي سڀ سکيت تنهنجا آهن؟“
”ها، اهي سامهون جيڪي کپت ڏسين ٿو، سي
اسان جا آهن.“ هن شاهاڻي رعب سان وراڻيو.
”اهائي آهي، بلڪل اها“ منهنجي دل شاهدي
ڏني ۽ آئون هٽ پٽ هڪ وک اڳتي وڌي، سندس آڏو جهڪي
ويس ۽ ڪنڌ جهڪائي، ادب سان عرض ڪيم، ”راڻي هو
تنهنجو اوسيئڙو ڪري رهيا آهن؟“
”ڪير؟“
”دهليءَ جا شهري.... دهليءَ جا شهري اڄ
تنهنجو انتظار پيا ڪن.“
”پر آءُ ته اڄ تائين ڪڏهن به دهليءَ نه
وئي آهيان، اتي ته ڪوبه سڃاپو ڪونه اٿم.“
”دهليءَ ڪڏهن به نه آئي آهي.... ته.... ته
هيءَ بلڪل اُهائي آهي.... صفا ساڳي آهي.“ منهنجي
دل ذري گهٽ رڙ ڪندي چيو.
”پر منهنجي کيتن جو اَن اتي ويندو آهي ۽
منهنجي ٻنين جي سائي ڀاڄي به!“ هن پاڻ کي ڳالهايو.
”دهليءَ جا شهري وڏا نمڪ حلال آهن، راڻي!
انهن ورهين جا ورهيه تنهنجو نمڪ کاڌو آهي. تنهنجو
اَن کاڌو آهي،ته تنهنجون ڀاڄيون ڪم آنديون آهن ۽
اڄ سڀ ماڻهو تنهنجو استقبال ڪرڻ لاءِ آتا بيٺا
آهن.“ وزيرن کان وٺي ايڪسٽرا ڪمشنر تائين ماڻهو
توهان کي هڪ گهڙيءَ لاءِ ڏسڻ واسطي ماندا ٿي رهيا
آهن.“
”مون کي....!“ هن کليو، ۽ پنهنجي سنهڙي
تلهڙ، پنهنجي موتگين جهڙن اَڇن ڏندن ۾ ڀيڙي
جهليائين ۽ چيائين، ”مون کي ڀلا اهي ڇو ڏسڻ گهرن
ٿا؟“
”ڇو ته تون راڻي آهين!“ مون پنهنجون ٻئي
ٻانهون ڦهلائي، پنهنجي پوري دلي قوت سان رڙ ڪندي
چيو، ”۽ دهلي، توهان جي شاهي استقبال لاءِ ڪنوار
جيان سينگاري وئي آهي.“
هن کي منهنجي ڳالهين تي ويساهه اچي ويو.
ڏاند نم سان ٻڌي، ڇيائين، ”ٻارن کي به وٺي هلان؟“
”ها... ها! ان ۾ ڇا آهي؟“ مون چيو، ”ٽنهي
شهزادن کي ساڻ وٺي هل! دهليءَ وارن جي دل ۾ راڻيءَ
جي شهزادن لاءِ ڏاڍي عزت آهي.“
جڏهن اسين پالم کان پنڌ ئي پنڌ سٽيندا،
دهلي گيٽ وٽ اچي پهتاسون ته ٽيئي شهزادا صفا ٿڪجي
پيا. هڪڙي ته ذري گهٽ منڊڪايو پئي، ٻئي کي راڻيءَ
کنيو ۽ ٽين کي مون پنهنجي ڪلهن تي کڻي چاڙهيو.
ڀاڳن سان دهلي گيٽ وٽ مون کي هڪ سڃاپو
رڪشا وارو ملي ويدو. هو اسان کي صفا سستي ڀاڙي تي
ڪناٽ پيلس کڻي ويو. واٽ تي اردن اسپتال ويجهو، وڻ
تي رنگ رنگ جا مرچي بلب ڏسي، شهزادا ڏاڍا خوش ٿيا،
ٻنهي هٿن سان تاڙيون وڄائي چوڻ لڳا، ”اڙي واه واه!
اسان ته چمڪندڙ ميوا کائينداسون.“
مون چيو، ”معصوم شهزادئو! هي ميوا نه آهن، هي
بجليءَ جا ڏيئڙا آهن، جيڪي اوهان جي آمد جي خوشيءَ
۾ هنيا ويا آهن.“
”۽ هي رنگ برنگي جهنڊيون؟“ راڻيءَ خوش ٿي
پڇيو.
”سڀ اوهان لاءِ!“ مون عرض ڪيو.
ٿعورو اڳتي هلياسون ته ڪناٽ پيلس اچي
ويو، ڪناٽ پيلس جي سجاوٽ ۽ سينگار ڏسي، راڻي
ڏاڍي خوش ٿي. يونائٽيڊ ڪافي هائوس جي ويجهو پهچي
فرمائڻ لڳي: ”مون کي ڪل ئي ڪانه هئي ته دهليءَ
وارا دل جا ايترا ڀلا ماڻهو آهن، نه ته آءُ جيڪر
گهڻو اڳ هتي اچان ها، ڪيترا ڀيرا منهنجي ڪانڌ مون
کي چيو ته دهليءَ هل، پر مون سدائين ٽاري پئي
ڇڏيو!“
”ڇو؟“
”ٻنيءَ جو ڪم گهڻو هو.“ راڻيءَ ڏاڍي
سادگيءَ مان وراڻيو.
”۽ هاڻي ڪٿي آهي اوهان جو اهو خاوند؟“
”آزاديءَ وارن جهڳڙن ۾ مارجي ويو، انهن
ڏينهن اسان جي ڳوٺ جا کوڙ سارا مسلمان مارجي ويا،
ڇو ته ڳوٺ جي چوڌاريءَ اسان جي زمينن تي قبضو ڪرڻ
ٿي گهريو. منهنجي ور وفات کان پوءِ جڏهن چوڌري
اسان جي ٻنين تي قبضو ڪرڻ آيو ته آءٌ پنهنجي ڪانڌ
جي ڪهاڙي کڻي اُڀي ٿي ويس ۽ چيم، ”خبردار جيڪو به
اڳتي وڌندو، ان جي سِري لُڻي ڇڏيندس.“
”پوءِ ڇا؟“ راڻي اهي ڏينهن ساري، مٿي کان
پيرن تائين ڪاوڙجي باهه ۾ ٻرڻ لڳي.
آءٌ سندس شاهاڻو جلال ڏسي ڏڪي ويس. پنجن
فوٽن ڏهن انچن جي سگهاري ۽ تندرست زائفان مون
ڏانهن ائين ڏسي رهي هئي، ڄڻ اجهو ٿي ڪچو کائيم.
ڀاڳ ڀلا هئم، جو مون کي گهٻرايل ڏسي، هن
پنهنجو ڏانءُ بدلايو ۽ آهستگيءَ سان چوڻ لڳي“
”منهنجي ڪاوڙ ڏسي، چوڌريءَ جا تڪ لڳي ويا ۽ هو ڪنڌ
جهڪائي منهنجي ٻنيءَ مان ٻاهر نڪري ويو ۽ اهو
سراسر سچ هو. ان گهڙيءَ جيڪڏهن ه قدم اڳتي وڌي ها،
مٿو ڪچو ڪري رکانس ها.“
”پوءِ؟“ مون ڪنبندي چيو.
”پوءِ ڪجهه نه ٿيو.“ راڻيءَ فيصلو ڪن
انداز ۾ چيو، ”اهو ڏنيهن، هيءُ ڏينهن ڪنهن به مون
کي ڪجهه نه چيو. آءٌ اڪيلي مسلمان زائفان هن ڳوٺ ۾
رهان ٿي. پنهنجي ٻني کيڙيان، ٻج پٽيان ٿي، لابارو
ڪريان ٿي، پنهنجا ٻچا پاليان ٿي. ڪنهن چوڌريءَ جي
مجال آهي، جو مون ڏانهن يا منهنجي جگر جي ٽڪرن
ڏانهن اک کڻي ڏسي، رت نه پي ڇڏيانس!“
جنپٿ ويجهو پهچي؛ شهزادن کيٽو ڪرڻ شروع
ڪيو ”اون... هون... اسان کي بک لڳي آهي، اسان
ريوڙيون کائينداسون، اسان بيهي منـڱ کائينداسون.“
مون چيو، ”سٺا شهزادا نه بيهي مڱ کائيندا
آهن، نه ريوڙيون ۽ وري هيءَ ته نئين دهلي آهي. هتي
جيڪڏهن اوهان کي ان قسم جو ڪن ڪچرو کائيندي ڏٺو
ويو ته توهان جي عزت گهٽجي ويندي.“
”ڀلا ڀاءُ اسين ڇا کائون؟“ راڻيءَڪجهه
بيزار ٿيندي چيو، ”پالم کان پنڌ هليا آهيون، بک به
لڳي آهي!“
مون ٻانهون ٻڌي چيو، ”وزير اعظم جي ڳوٺ
(راشٽرڀتي ڀون) هلو، اتي ته اوهان جي مان ۾ هڪ
تمام وڏي دعوت رچائي وئي آهيئ.“
پر اسان کي راشٽرپٽي ڀون کان ٻاهران ئي
روڪيو ويو.
”توهان جو دعوتنامو؟“ دروازي تي بيٺل هڪ
آفيسر مون کان پڇيو.
مون کيسي مان دعوتنامو ڪڍي ڏيکاريو.
آفيسر ڪارڊ پڙهيو. مون کي مٿي کان پيرن
تائين ڏسي چيائين ته، ”ڇا شيطان ٽائيمز جا رپوٽر
اوهان ئي اهيو؟“
”جي ها....!“
اُن آفيسر ٻيهر مون کي غور سان ڏٺو، ڇو ته
آءٌ مٿي کان پيرن تائين ڌڌڙ ۾ اڇو لڳو پيو هئس ۽
ذري گهٽ اهڙي ئي حالت راڻيءَ ۽ ان جي ٻارن جي پڻ
هئي.
مون آفيسر جو شڪ دور ڪرڻ لاءِ چيو ”آءٌ
هنن کي پالم تائين وٺڻ ويو هئس.“
آفيسر چيو، ”پر اوهان جو دعوتنامو ته رڳو
هڪ ماڻهوءَ لاءِ ... توهان سان ته...!“
”جناب عالي!“ مون وڏي فخر سان چيو، ”ڪمال
آهي، توهان هنن ماڻهن کي جيڪي مون سان گڏ آهن،
نٿا سڃاڻو... اڄ جي دعوت هنن ئي جي ته مان به ڪئي
پئي وڃي!“
”هي ڪير ماڻهو آهن؟“ آفيسر پڇيو.
”هيءَ راڻي آهي... هي ان جا ٽيئي شهزادا
آهن.“ مون سينو تاڻي چيو. ”جهڪي وڃو مسٽر!“
آفيسر ٻيهر مون کي مٿان کان هيٺ تائين
چتائي ڏٺو، پوءِهن مڙي پنهنجي ساٿيءَ کي مخاطب
ٿيندي چيو، ”آءٌ هتي ماڻهن کي ڀوڳ تماشو ڏيکارڻ
نٿو گهران. سٺو ائين ٿيندو ته هن چرئي کي هتان ڪڍي
ڇڏيو.“
(2)
”هن توکي چريو ڇو چيو:“ راڻيءَ بعد ۾ مون
کان پڇيو.
اسان راشٽرپتي ڀون مان ڌڪيا وياسون ۽ هاڻي
پٺ واري باغ کان داخل ٿي، ان خاص جڳهه ڏانهن وڃڻ
لڳاسون، جتي راڻي ۽ ان جي ساٿين جي ٽڪائڻ جو
بندوبست ڪيو ويو هو.
”هو پاڻ چريو هو.“ مون راڻيءَ کي تسلي
ڏيندي چيو، ”هن توهان کي ڪونه سڃاتو، جيڪڏهن سڃاڻي
وٺي ها ته ضرور ادب مان جهڪي بيهي رهي ها! ڇوته
اسان ماڻهون توهان جي ٻنين جو اَن کاڌو آهي.
وزيرن کان ويندي دڪاندارن تائين اسان سڀ ماڻهو
اوهان جي محنت سان ئي جيئرا آهيون. اسان وڏا نيمڪ
حلال ماڻهو آهيون راڻي! پر مون کي ڏاڍو ڏک آهي،
جو هن آفيسر اوهان کي نه سڃاتو.“
”هڪ شهزادي چيو، مون کي ننڊ ٿي اچي.“
راڻي چيو، ”هاڻي ته آءٌ به چور ٿي پئي
آهيان.“
مون چيو ”راڻي، جتي هينئر اوهان کي وٺيو
پيو وڃان،ا تي ڪابه غلطي نه ٿيندي، اتي سڀ ماڻهو
توهان کي سڃاڻن ٿا. اتي توهان کي کاڌي لاءِ ڀانت
ڀانت جا طعام ملندا. بادشاهي بسترا، درجن نوڪر
چاڪريءَ لاءِ! راشٽر پتي ڀون جو اهو ڀاڱو، رڳو
اوهان لاءِ روزو ڪيو ويو آهي.“
راڻي اهو ٻڌي مرڪيو ۽ پوءِ راڻي ۽ شهزادن
جون وکون تيز ٿي ويون. ٿنڀن جي آڏو وٺندا، ملازمن
جي ڪمرن کان لڪندا ڇپندا، اسان ڪنهن نه ڪنهن طرح
ان عاليشان عمارت ۾ پهچي وياسون، جيڪو راڻيءَ لاءِ
وقف هو. ڪيڏيون ته خوبصورت ڀتيون هيون، ڪهڙيون نه
چٽساليءَ تي ڇتيون هيون، ڪيڏا حسين فانوس هئا،
ڪيڏا وڏا اسپرنگ دار پلنگ هئا، شهزادا ته پلنگن
تي ٽپڻ ڪڏڻ لڳا ۽ غاليچن تي ڊوڙڻ ۽ ليٿڙيون ڪرڻ
لڳا.
راڻي به پنهنجي اُجري هنڌ تي آهلي پئي. هن
هڪ وڻندڙ ادا سان ڪر موڙيو، پوءِ پنهنجو هٿ وڌائي،
ٽپائيءَ تي رکيل چانديءَ جي هڪ فروٽ بائول (ميوي
جي پيالي) ۾ هٿ وڌائين.
ان فروٽ پائول ۾ چمن جا انگور هئا، ڪابل
جا سردا هئا، بمبئي جا ڪيلا، ڪشمير جا صوف، ڪلي
جون ناسپاتيون، پشاور جا مالٽا، قنڌار جا ڏاڙهون،
ناگپور جا سنگتڙا، انگلينڊ جا آڙو، ويلز جا اکروٽ
۽ ٻيا ميوا هئا، مطلب ته موسم آهر هر ملڪ جو ميوو
حاضر هو.
راڻيءَ انگور جو هڪ داڻو وات ۾ وجهي چيو،
”دهليءَ جا شهري ڪيڏا نه ڀلا آهن.“ اوچتو ئي
سامهون وارو پردو لڏيو ۽ هڪ پُڙهو بٽلر ظاهر ٿيو ۽
”يوئر مئجسٽي“ چئي جهڪيو، پر پوءِ جو هن راڻيءَ ۽
ان جي ٻارن کي ڏٺو ته ککو وکو ٿي ويو، هن جو وات
گودو ٿي ويو ۽ اکيون ڦاٽي ويون.
پوءِ ساندس پٺيان ٻه يورپين ٻانهيون ظاهر
ٿيون ۽ هنن کي ڏسي زوردار رڙ ڪري، بيهوش ٿي ويون.
(3)
اسان کي اتان به ڪڍيو ويو، پر گرفتار نه
ڪيو ويو. ڪارڻ ظاهر هو، هن ڪنهن قسم جو ممڻ مچائڻ
نٿي گهريو. پر آءٌ هاڻي ڏاڍو ڪاوڙيل هئس، آخر
هيِءَ ڪهڙي قسم جي سازش هئي، آخر هي سڀ ماڻهو
راڻيءَ کي سڃاڻڻ کان نابري ڇو واري بيٺا هئا.
آءٌ شيطان تائميز جو رپورٽر هئس، اهو درست
آهي ته مون کي اڄ ئي نوڪري ۾ رکيو ويو آهي. پر هڪ
جرنلسٽ نيٺ جرنلسٽ آهي، پوءِ کڻي ان جي سروس هڪ
ڏينهن جي هجي يا ڏهن ورهين جي! ۽ هڪ جرنلسٽ جي
عزت، ان ڳالهه جي گهرجائو آهي ته آءٌ راڻيءَ خلاف
ان سازش کي، پنهنجي اخبار ۾ اگهاڙو ڪريان. جيڪڏهن
هڪ ڀيرو راڻي پريس ۾ متعارف ٿي ويندي، ته پوءِ کيس
سڃاڻڻ ۾ دنيا کي ڪابه تڪليف نه ٿيندي، پريس جي
طاقت تمام وڏي طاقت آهي.
اهو سوچي آءٌ راڻي ۽ ان جي ٽنهي شهزادن
کي وٺي،. هڪ رڪشا ۾ ويهي، شيطان تائيمز جي دفتر
ڏانهن روانو ٿي ويس.
شيطان تائيمز جي ايڊيٽر مون کان پڇيو
”پالم ويو هئين؟“
”جي ها!“ مون ڪامل اعتماد سان وراڻيو
”پوءِ؟ راڻي کي ڏٺئي!“
”ڏٺم ڇا؟ ان کي پاڻ سان گڏ آندو اٿم!“
”پاڻس ان گڏ؟ هتي؟“ شيطان ٽائيمز جي
ايڊيٽر ذري گهٽ رڙندي چيو.
”جي ها!“ مون فخر مان ڇاتي ٺوڪي چيو.
”هتي اسان جي دفتر ۾؟ ”ناممڪن!“ چيف
ايڊيٽر ڪرسيءَ تان ڪرندي چيو.
”يقين نه اچيو ته ٻاهر... لاج ۾ وڃي ڏسو!“
”او ماءِ گاڊ!“ شيطان اخبار جي ايڊيٽر گلو
ڦاڙي چيو، ”هيءَ دنيا جي سڀ کان وڏي سڀ کان اهم
خبر آهي.“ اڄ کان توکي پنج سئو روپين جي ترقي ٿو
ڏيان. توکي پنهنجو اسسٽنٽ ايڊيٽر يا نيوز ايڊيٽر
نه، جائنٽ چيف ايڊيٽر ٿو مقرر ڪريان، منهنجي غير
حاضريءَ ۾ تون منهنجي ڪرسيءَ تي به ويهي سگهين ٿو!
ايڊيٽوريل به لکي سگهين ٿو!“
شيطان تائيمز جي ايڊيٽر بنهه خوشيءَ مان
مون کي ڀاڪر پاتو ۽ مون کي منهن تي چميون ڏيندي
چيائين، ”هل، هل! مون کي راڻي ڏيکار!“
ائين چئي هو مون لاءِ ترصسڻ بغير ٻاهر
رسيپشن روم ڏانهن ڊوڙندو هليو ويو. آءٌ به سندس ڪڍ
ڀڳو آيس.... روم اندر وڃي هو حيرت جو بُت بڻجي
بيٺو. چئني پاسي غرو سان ڏسڻ لڳو، پر کيس ڪٿي به
راڻي نظر نه آئي. هن کي هڪ هارياڻي نظر آئي، جا
پنهنجي ڦاٽل پڙي مان جوئون چونڊي رهي هئي، جنهن جي
ڀر ۾ ان جائي ٽي ٻارڙا ننگ ڌڙنگ بيٺا هئا.
”ڪٿي آ راڻي؟“ هن رڙ ڪندي مون کان پڇيو.
”مون اشارو ڪندي چيو، ”اها باقي ڪير آهي!“
”اها راڻي آهي؟“ هن ڪاوڙ مان رنڀندي چيو.
”بلڪل اها ئي آهي، سندس نالو راڻي آهي ۽
پالم جي رهاڪو آهي، اتي ئي ته تو مون کي راڻيءَ
سان ملڻ لاءِ موڪليو هو؟“
”اڙي ڄٽ؟“ ايڊيٽر پنهنجو مٿو ڪٽيندي چيو،
”مون توکي هن جوئون چونڊيندڙ راڻيءَ سان نه، ان
ٻاهران ايندڙ راڻي جي استقبال لاءِ موڪليو هو، جا
انگلينڊ مان اچي رهي آهي....!“
”ته تون مون کي اڳ ۾ ئي ٻڌائي ڇڏين ها.“
مون ڏکي ٿيندي چيو، ”مون کي ڪهڙي خبر؟“
”اڙي گڏهه!“ ايڊيٽر مون کي ذري گهٽ گهوگهو
ڏيندي چيو، ”ڇا توکي ايتري به تميز نه هئي ته
دهليءَ وارا ان ڳوٺاڻي راڻيءَ جو استقبال ڪندا،
جنهن جا لڳڙ ليڙون آهن، جنهن جي ٻارن جي تن تي هڪ
گوڏ آهي ۽ پير اگهاڙا ۽ ڦٽيل آهن، مٿو اگهاڙو آهي؟
ڇا هن ڳنوار ۽ ڄٽ هارياڻيءَ جي آجيان لاءِ عوام جا
ٻه ڪروڙ روپيا برباد ڪيا پيا وڃن؟“
”هيءَ ڳنوار ۽ ڄٽ ناهي!“ مون شيطان تائيمز
جي ايڊيٽ رکي پرٿي ٿيلهو ڏيندي چيو، ڇو ته مون کي
به هاڻ ڪاوڙ چڙهي وئي هئي، ”هيءَ وڏي دلير، سورمي
۽ شينهڻ آهي. هن هيکليءَ زائفان دشمن خلاف وڙهي،
پنهنجي ٻچن ۽ ڪانڌ جي کيتن کي بچايو آهي.... هن جي
شڪل شبيهه کي ڏس....! هي ڪنهن به ريت تنهنجي
راڻيءَ کان گهٽ نه آهي... تنهنجي راڻي جيڪڏهن
ڏينهن ۾ اٺ ڪلاڪ ڪم ڪندي هوندي، ته هيءَ ڏينهن ۾
ٻارهن ڪلاڪ ڪم ڪندي آهي. تنهنجي راڻي جيڪڏهن سلطنت
سنڀالي ٿي، ته هيءَ به پنهنجون ٻنيون، پنهنجا کيت
سنڀالي ٿي ۽ ڪنهن به وزير جي مدد کان سواءِ
سنڀالي ٿي، جيڪڏهن تنهنجي راڻي پنهنجي ٻارن سان
محبت ڪري ٿي، ته هيءَ ته پنهنجن ٻچن تي ساهه
ڇڏيندي آهي، پوءِ هن جا ڪپڙا ڇيهارڙون ڇو آهن؟ هن
جا ٻار بکيا ڇو آهن؟ ۽ توهان ماڻهو، هن جي ٻنين جو
اَن کائي، ان جي نيمڪ حرامي ڇو ٿا ڪريو؟ جهڪي وڃ
مسٽر پنهنجي راڻيءَ کي سلام ڪر!“
چيف ايڊيٽر ڏند پيهڻ لڳو، سندس واڇن مان
گڦ ڳڙڻ لڳي ۽ رڙ ڪدني چيائين، ”گيٽ آئوٽ!“
(5)
راڻي، ان ئي رات، پنهنجي ٽنهي ٻارن کي وٺي
پالم واپس موٽي وئي، ڪڏهن ڪڏهن آءٌ سندس ٻنيءَ تي
ويندو آهيان ۽ کانئس پڇندو آهيان، ”راڻي اسان جي
شهر ڪڏهن ايندينءَ؟“
هوءَ منهنجو سوال ٻڌي مشڪندي آهي، سندس
نيڻ ڌرتيءَ تان کڄي،ا ُڀ ڏانهن ٿي ويندا آهن ۽
هوءَ نيم خوابي نيڻن سان ڏور اُفق پار ڏسندي چوندي
آهي، ”آءٌ ايندس جڏهن تنهنجي شهروارا مون کي سڃاڻي
وٺندا.“
(سنڌيڪار: تاج جويو)
گونگا ديوتا
هيءُ ان سمي جي ڳالهه آهي، جڏهن ديوتا
اسان ماڻهن ۾ ئي رهندا هئا، ڳالهائيندا ٻولهائيندا
هئا، کائيندا، پيئندا هئا ۽ مشڪلات وقت ماڻهن کي
صحيح مشورا ۽ چڱيون صلاحون ڏيندا هئا. ماڻهن وٽ
سندن لاءِ وڏي عزت هئي ۽ اهي پنهنجي عمل ۾ ذهانت
جي ڪري پوڄيا ويندا هئا. ماڻهو پنهنجو هر ڏک ۽
تڪليف ساڻن اوريندا هئا، ڇو ته ان سمي، انسانن ۽
ديوتائن جي وچ ۾ سنئون سڌو رابطو هو.
ان سمي، ”چڪ ڍوداڪلان نمبر 218“، ضلعي
هوشيارپور ۾، هڪ پپر جي وڻ جي هيٺان هڪ ديوتا
رهندو هو. ان جو نالو ”گج گج“ هو ۽ هو پنهنجي جسم
کي ڦلهيار جي بدران سينڌور جي مٽي مکي ڀڀوت
بنائيندو هو ۽ پپر جي وڻ جي هيٺان ويٺي، سندس جسم
جو رنگ پري پري تائين ماڻهن کي ڏسڻ ۾ ايندو هو.
ماڻهو سخت مشڪلات وقت هن وٽ ڀڄي ويندا هئا
۽ سندس اچي سيس نمائندا هئا. گل ۽ پتاشا ڀيٽ
ڏيئي، ديوتا کان فيض حاصل ڪندا هئا. تر ۾ ٻيا به
ڪيترا ديوتا رهندا هئا، پر انهن سڀني ۾ ”گج گج“
ديوتا مشهرو هو ۽ سڀ کان وڌيڪ ماڻهو وٽس ئي ايندا
هئا.
ان ئي سمي، چڪ ڍوڍا ڪلان نمبر 218، ضلع
هوشيارپور ۾ هڪ غريب هاري به رهندو هو. اهو نه
رڳو ڌن دولت جي لحاظ کان غريب هو، پر سڀاءَ جو به
بنهه ماٺيڻو ۽ غريب هو ۽ سدائين نهٺائي ۽ نوڙت مان
هلندو هو. نرم ڳالهائيندو هو ۽ پنهنجن وڏن جو ادب
ڪندو هو، ڪنهن به، ڪڏهن به هن جي واتان گارنه ٻڌي
هئي ۽ هن جي گهر جو ڇپر پڻ ٻين سڀني کان ننڍو هو،
تڏهن به، ڪنهن به هن جي واتان شڪر جي ڪلمي کان
سواءِ ٻيو ڪوبه لفظ نه ٻڌو هو. هو وڏو محنتي ۽ نيڪ
دل هاري هو ۽ پنهنجي ٻنيءَ ٽڪر، ننڍڙي گهر، پنهنجي
پياري زال ۽ ٻارن ۾ ئي مست رهندو هو. گج گج
ديوتا هن مان ڏاڍو خوش هو ۽ ماڻهن کي هميشه هدايت
ڪرڻ وقت هن هاريءَ جي مثال ڏيندو هو.
اوچتو هڪ ڏينهن ڇا ٿيو، جو اهو غريب هاري،
اُن منجهند جو پريشان ۽ گهٻرايل ديوتا جي خدمت ۾
اچي پيش پيو ۽ ٻئي هٿ ٻڌي چوڻ لڳو، ”مهاراج! مون
سان ڪهرام ٿي ويو، اتر طرف کان مڪڙن جو هڪ ڪٽڪ آيو
۽ منهنجيءَ ٻني ۾ وڇائجي ويو. مڪڙن جو اهو ڪٽڪ ٻئي
ڪنهن جي به ٻنيءَ ۾ ڪونه ويو، پر رڳو منهنجي ٻنيءَ
۾ ئي اچي ويٺو ۽ سمورو فصل کائي چٽ ڪري، اڏامي
هليو ويو. مهارج! آءٌ ڦرجي ويس، تباهه ٿي ويس،
برباد ٿي ويس، هاءِ آءٌ، منهنجي زال ۽ منهنجا ٻچا
ايندڙ ڇهماهيءَ ۾ ڇا کائينداسون.“
گج گج ديوتا هاريءَ جو فرياد ٻڌي، وڏيءَ
دير کان پوءِ اکيون کوليون ۽ ننڊ مان سجاڳ ٿي چيو،
”جنهن وقت مڪڙ جو ڪٽڪ فصل کائي اڏامي پئي ويو ته
توکي ان وقت آسمان ۾ ڪڪر ڏسڻ ۾ آيا هئا، جيڪي
پنهنجيءَ ڇاتيءَ ۾ نئين فصل جو نياپو کڻي آيا
هئا؟!“
هاري لاجواب ٿي ويو ۽ ديوتا جا پير ڇهي
هليو ويو.
هڪ سال کانپوءِ هو ٻيهرمنهن مٿو پٽيندو،
ديوتا جي آڏو هٿ ٻڌي اچي بيٺو ۽ دل دهول لهجي ۾
چيائين، ”گج گج ديوتا! درياهه ۾ سيلاب آيو، ڪنهن
جو ڇپر، ڪنهن جو گهر، ڪنهن جو ڍڳو لوڙهجي ويو، پر
درياهه منهنجي فصل جا ٽئي نمبر لوڙهي ويو. مون وٽ
سارين جا اهي ٽيئي نمبر هئا، جيڪي ٻوڏ جي نذر ٿي
ويا، هاڻي منهنجا ٻار چانورن جي داڻي داڻي لاءِ
سڪندا.“
ديوتا چيو، ”جيڪي چانور پوکي نه سگهندا
آهن، اهي مڪئي، جوئر ۽ ڪڻڪ پوکيندا آهن ۽ ان مان
ئي ٻارن جو پيٽ ڀري شڪر ڪندا آهن.“
ديوتا جي ڳالهه ٻڌي، هاري خاموش ٿي ويو ۽
ڪنڌ جهڪائي واپس هليو ويو...
ٻن سالن کان پوءِ هاريءَ جا ٻه ٻار دستن
وگهي مري ويا، هڪ ڇوڪر هو ۽ هڪ ڇوڪري. هاري ٻنهي
جا لاش سيني سان لائي اڇنگارون ڏيندو، ديوتا جي
خدمت ۾ آيو ۽ رڙيون ڪندي چوڻ لڳو.
”منهنجا ٻه ئي ٻار مري ويا، منهنجا ٻه
ئي ٻار مري ويا، ڀڳوان جي واسطي ٻنهي کي جئرو
ڪريو!“
گج گج ديوتا چيو، ”جيڪي مري ويندا آهن، سي
ڪڏهن به جيئرا نه ٿيندا آهن... موت اڻ ٽر آهي،
سڀني تي اچڻو آهي، اهوئي سبب آهي جو اڳتي هلي هرڪو
موت جي حملي کي وساري ڇڏيندو آهي.“
”هاءِ، آئون لاوارث ٿي ويس، گج گج ديوتا!“
هاريءَ روئندي چيو، ”منهنجا ٻئي ٻاري مري ويا.“
گج گج ديوتا ڪرڙين اکين سان هاريءَ ڏانهن
ڏٺو ۽ چيو، ”مينهن وسڻ کان پوءِ ته سڪل ٺوٺ زمين ۾
به گل ڦٽي پوندا آهن... ۽ تنهنجي زال ته اڃا جوان
آهي ۽ خوبصورت آهي ۽ سائي ڪُک واري آهي.“
دويتا جي جواب هاريءَ کي چپ ڪرائي ڇڏي،
جيتوڻيڪ هن جي دل کي ڏڍ نه مليو، پوءِ به پنهنجن
ٻچن جا لاش سيني سان لائي هليو ويو.
پر ڇهه مهينا به نه گذريا ته هاري وري
موٽي آيو ۽ ايندي ئي ديوتا جي پيرن ۾ وڇائجي ويو ۽
زارو قطار روئڻ لڳو:
”ڇا ماجرا آهي؟“ ديوتا کانئس پڇيو.
”منهنجي زال“ هاريءَ ڳوڙهن سان آلا پنهنجا
ڳل ديوتا جي پيرن سان مليندي چيو، ”مهنجي زال به
مري وئي، پهرين منهنجو فصل تباهه ٿيو، پوءِ منهنجي
پني درياهه پائي ويو، ان کان پوءِ منهنجا ٻچا مري
ويا ۽ اڄ منهنجي زال به مري وئي، منهنجي حياتيءَ
جو آخري سهارو.... هاءِ ديوتا! هاڻي آئون ڇا
ڪريان؟“
ديوتا ڪافي دير چپ رهيو، سندس خاموش ۽
پوڙهي چهري تي غور ۽ فڪر جون لڪيرون اُڀري آيون ۽
پوءِ آهستگي آهستي سندس منهن تي مرڪ ظاهر ٿي ۽
بنهه نرم، سنجيدي ۽ هڏ ڏوکائپ واري لهجي ۾ چوڻ
لڳو، ”جڏهن تون پنهنجي زال جي چتا ساڙي واپس پئي
آئين ته ڇا توکي گهاٽ جي ڪناري تي ”جوهي جا گل“
ڏسڻ ۾ آيا هئا؟“
”ها، ڏٺا هئم“ هاريءَ جواب ڏنو، ”پر جوهيءَ جي گلن
جو منهنجيءَ زال سان ڪهڙو واسطو....؟“
ديوتا کيس سمجهايو، ”جتي چتا ٻرندي آهي،
اتي ”جوهي جا گل“ به ٿيندا آهن“ پر هاريءَ جي
سمجهه ۾ ڪا ڳاله ڪانه آئي، هن کي پنهنجي زال جي
موت حالن مان ڪڍي ڇڏيو هو.
هن ديوتا جي پيرن کي مضبوط جهلي، ڏک ۽
ڪاوڙ کان بيتاب ٿيندي، وحشتناڪ آواز ۾ چيو، ”پر
مهاراج! هوءَ منهنجي، هوءَ منهنجي زال هئي، منهنجي
دل جو آخري سهارو، اڄ اهو آخري سهارو به ختم ٿي
ويو، ديوتا!“
ديوتا جواب ۾ ٻيهر چيو، ”۽ جڏهن تون چتا
ٻاري گهر پئي موٽئين ته ڇا تو واٽ تي ڳوٺ جي کوهه
تي ڪنوارين ڇوڪرين کي پاڻي ڀريندي نه ڏٺو هو. انهن
جي اکين جو نرم لهجو، سندس مٺڙين ڳالهين جي
خوشبوءِ، سندن سونهن جا جهلڪا ڇا توکي ياد ناهن؟“
ديوتا چپ ٿي ويو،. هاريءَ ڪجه گهڙيون
ديوتا جي منهن ڏانهن ڏٺو، پر جڏهن ديوتا واتان
ڪجهه به نه ڪچيو ته هيءُ چرين وانگر ديوتا جي پيرن
مان اُٿيو ۽ جهٽ ڏئي ديوتا کي ڳچيءَ کان کڻي
ورتائين ۽ سندس مٿو پپر جي جي وڻ سان ٽڪرايائين.
ديوتا جي مٿي مان رت ٺينڊيون ڪري وهڻ لڳو ۽ ڊپ مان
رڙيون ڪرڻ لڳو، ”گهوڙاڙي! منهنجو مٿو ڦاٽي پيو.“
هاريءَ چيو، ”مٿو ڦاٽو ته ڇا ٿيو؟ هو ڏس
آسمان ۾ ابابيل پيا اُڏامن....“ ۽ ائين چئي هاريءَ
گج گج ديوتا جي ڄاڙي ۾ ٻه چار ٺونشا وهائي ڪڍيا.
”اڙي! منهنجا ڏند ڀڄي پيا، گج گج ديوتا
سور کان تڙپندي چيو.
”ڏند ڀڄي پيا ته ڇا ٿيو؟“ هاريءَ ڏند
ڪرٽيندي چيو، ”هو ڏس! پپر کان پرڀرو تلاءُ جي
ڪناري ڪهڙا نه سهڻا گل ٽڙيا بيٺا آهن.....“ ۽ اهو
چئي هاريءَ ديوتا جي ٻانهن مروٽي، ان کي ڪنهن وڻ
جي ٽاريءَ جيان ڀڃي وڌو.
ديوتا رڙيون ڪري چيو، ”الاڙي! منهنجي
ٻانهن ڀڄي پئي.“
”ٻانهن ٽٽي پئي ته ڇا ٿيو....؟ هاريءَ
ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿيندي چيو، ”شڪر ڪر جو تون انڌو نه
آهين!“
ان ڏينهن کان وٺي ڀڳوان اهو فيصلو ڪري
ڇڏيو آهي ته اڳتي سڀئي ديوتا پٿر جا هوندا ۽ اهي
واتان ڀڙڪ به نه ٻوليندا.
(سنڌيڪار: تاج جويو) |