اهو قرض ڪيئن چڙهيو ان جو تفصيل ته هو ٻڌائي نٿو
سگهي. هن کي ڪا ٻي خراب عادت نه هئي. هو گڙنگ
شرابي به ڪونه هو بس ڪڏهن ڪڏهن چڪڙي چکي وٺندو هو.
هو جواري به ڪونه هو ائين ئي ڪڏهن ڪڏهن رميءَ ۾ هڪ
ٻه
پئسا داءُ تي هارائيندو هو- هن کي ريس جو چسڪو به
ڪونه هو. هو مارفيا جون سيون به ڪونه هڻائيندو هو.
ڪوٺيءَ تي وڃڻ جو هيرڪ به ڪونه هو. هو هڪ سنئون
سڌو آرام پسند ۽ سڪون طلب نوجوان هو. جنهن کي
پنهنجي زال سان محبت هئي. جنهن کي خوش پوشيءَ جو
شوق هو. هو هڪ سهڻي ۽ سينگاريل گهر ۾ رهڻ چاهيندو
هو. جنهن جي ڊرائنگ روم ۾ پردا جهولندا هجن، نازڪ
تصويردار گلدانن مان نرگسي گل جهاتيون پائيندي نظر
اچن ۽ سندس گهرواري سونهري چوڙين واري ويڻي وڌائي پنهجي نازڪ آڱرين سان ريڊيو گرام جو سچ کوليندي هجي.
هن جا ڪيڏا نه معصوم خواب هئا؟ ڪيترا اڌورا سپنا
ان ڪري پورا ٿي نه ٿي سگهيا ڇاڪاڻ ته سندس زال
پيڪي وڃي پنهنجي پيءُ کان پئسن وٺڻ کان انڪار ڪندي
هئي. آخر ان ۾ آهي ڇا؟ ڇا هن جو لکاپتي پيءُ ايتري
دولت مٿي تي کڻي مسڻ ويندو. هزار ٻه هزار روپيه ڇا
ٿيندا آهن؟ گهرڻ سان منٽن ۾ ڏئي ڇڏيندو.
مگر هيءَ بي وقوف ڇوڪري آهي جو مڃي ئي نٿي! ان ڪري
چماٽون، ٻه چار مڪون ۽ ٺونشا، هڪ دفعو وارن کان
وٺي گهلڻ هي سڀ تمام خراب ڳالهيون آهن. مگر ڪڏهن
ڪڏهن ضروري به ٿي وينديون آهن. ڇا مان پئسه ڪنهن
بري ڪم لاءِ گهري رهيو آهيان؟ شراب جي لاءِ ، جوا
جي لاءِ، سٽي جي لاءِ، ريس بازي يا رنڊي بازيءَ جي
لاءِ گهري رهيو آهيان؟ باقي هيءَ پيڪي وڃڻ کان ڇو
سختي سان انڪاري ڪري رهي آهي. يڪو روئي ٿي پئي.
ڪيڏي نه پياري پر ڪيڏي بيوقوف ڇوڪري آهي! مگر پيڪي
ته هن کي وڃڻو ئي پوندو. نه ته قرض ڪيئن لهندو؟ ۽
هي ضروري سامان ڪيئن ايندو؟
ڪجهه ڏينهن جي
تون
ڇا تون ڇا کانپوءِ ڦول وتي کي پيڪي وڃڻو ئي پيو.
هوءَ اتي ٻه مهينا رهي پئي،. سندس پيءُ کيس پنج
هزار روپيه ڏنا ۽ هنکي چيائين ته ”هي پئسا آخري
ڀيرو ڏيانءِ ٿو، مون کي لالچي ڄاٽو پسند نه آهي.
مون کي خبر نه هئي ته گرڌاري اهڙو هوندو. توهان کي
ٽن
سون روپين مان گذارو ڪرڻ گهرجي“.
ڦول وتي ٻن مهينن کانپوءِ جڏهن پنج هزار روپيه وٺي
واپس گهر آئي ته گرڌاري کيس ڳراٽڙي پائي سيني سان
لاتو. منافقيءَ سان نه، نه وري پئسن جي لالچ تي،
هو واقعي پنهنجي زال کان گهڻو عرصو پري رهڻ سبب
اداس هيو. هن کي زال سان بيحد محبت هئي، ڪڏهن ڪڏهن
هو به سوچيندو هو ته مان اجايو زال کي پيڪي
موڪليو. ڪجهه بچت ڪريون ها ۽ ڪجهه پنهنجو خرچ گهٽ
ڪريون ها، ته ممڪن هو قرض لهي وڃي ها. ڪيترائي
ڀيرا هن ائين به سوچيو ته هاڻي هوءَ پئسا وٺي اچي،
وري هو زال کي ڪڏهن به پريشان نه ڪندو. واقعي
ڪيترو نه خراب آهي ڪنهن کان پئسه وٺڻ، ڇو نه کڻي
اهو پنهنجو سهرو ئي هجي.
هن واقعي کانپوءِ ٻه سال مزي جا گزري ويا.
گرڌاريءَ پنهنجو قرض لاٿو، ۽ باقي پئسه وڏي سليقي
سان آهستي آهستي خرچ ڪيا ڇو ته هن کي ڪا خراب عادت
ته هئي ڪانه، پر خراب عادت هجڻ سان ڇا ٿيندو آهي؟
ڀلا پنج هزار روپيه ٿيندا ڇا آهن؟ ڪجهه غور ڪيو
پنجن اڳيان ٽي
ٻڙيون ۽ ٿوري وقت کانپوءِ ٻڙي ئي ٻڙي
. پئسو ته شعلو آهي. جيڪو جهٽ گهڙي ڀڙڪي سوجهرو
ڪندو آهي بعد ۾ خاڪ ٿي ويندو آهي.
جيڪڏهن روپين جو ڪو وڻ هجي ها جيڪو هر سال ميوي جي
بدران رپيا ڏي ها ته ڦول وتي جي گهر جو اڱڻ ڏاڍو
وڻندڙ
هجي ها. خبر نه آهي سائنسدانن کي الائي ڇا ٿيو
آهي؟ ڪلراٺي چنڊ تي وڃڻ لاءِ راڪيٽ ٺاهن ٿا پر
معمولي گهرن ۾ پئسن جا وڻ نٿا پوکن.
ڦول وتيءَ جي جهوليءَ ۾ هاڻي هڪ خوبصورت ٻار کيڏي
ٿو. گرڌاريءَ کي پنهنجي ٻار سان ڏاڍو پيار هو. هن
سندس پرورش لاءِ دائي رکي هئي. ٻئي زال مڙس پنهنجي
ٻار ۾ مگن هئا. ڦول وتي ڏاڍي سگهڙ زال هئي. هوءَ
پنهنجي ننڍڙي گهر کي صاف ۽ سٿرو رکندي هئي. پاڻ هر
وقت ٺهيل ٺڪيل رهندي هئي. هن جي ڊرائنگ روم جو
شيشو هر وقت چمڪندڙ نظر ايندو، سندس ساڙهي ڪڏهن به
ميري نه ٿيندي، ڪڏهن به وار وکريل نظرنه آيا،
گلدانن ۾ ڪڏهن به پاروٿا
گل نه هوندا هئا.
اهي ٽئين ڏينهن فلم ڏسندا هئا. ۽ هر هفتي ”مائي
لارڊ“ هوٽل ۾ کاڌو کائيندا هئا. هنن جي جڳهه مائي
لارڊ هوٽل
۾ مخصوص هوندي هئي. اولاهين
ڪنڊ ۾ نرم نرم گدن وارو بلو صوفا سيٽ، سهڻن گلن
سان سينگاريل گلدان ۽ احترام مان ٻيڻو ٿيل بيرو.
زندگي ڪيڏي ته خوبصورت ٿي ويندي آ؟ جڏهن ڪو به
انسان انسان اڳيان احترم کان جهڪندو
آهي،
ڇو نه اهو چند منٽن لاءِ ئي جهڪي يا ڪجهه پئسن
لاءِ جهڪي، مگر اهي ماڻهو
ائين جهڪن ڇو ٿا؟ شايد ڪنهن به ڪتاب ۾ هن سوال جو
جواب نهملي سگهي!
ٻن سالن کانپوءِ گهر ۾ ساڳيو ئي ڪٽيٽو شروع ٿي
ويو.
آهستي
آهستي ڳالهين ۾ تلخي اچڻ لڳي، اهي پنج هزار ته
ڪڏوهڪو خرچ ٿي چڪا هئا، هاڻي قرض وڌڻ لڳو هو. ڦول
وتي هزار دفعا سگهڙائپ سان خرچ ڪندي رهي مگر قرض
وڌندو رهيو. گرڌاري هونءَ ته بيحد شريف بلڪ مثالي مڙس هو. پر زندگيءَ جون چند آسائشون اهڙيون ٿين ٿيون، جن
کانسواءِ ڪنهن به شريف جو گذارو مشڪل آهي ۽ ننڍڙي
جو خرچ، ننڍڙي جي دائيءَ جو خرچ هو ان کانسواءِ
گرڌاريءَ گهر جي لاءِ قسطن تي ريفريجريٽر
خريد ڪيو هو. ريفريجريٽر
ڪيڏي نه ڪم واري شيءِ آهي! گرمين ۾ برف لڳل بيئر
جي بوتل ڪيڏو نه
مزو ڏيندي آهي؟ تمام ٿڌو کير ڪيترو لطف ڏيندو آهي؟
ريفريجريٽر
۾ رکيل ڀاڄيون خراب ئي نه ٿين. جڏهن وڻي برف
کائجي، جڏهن دل چاهي آئس ڪريم ٺاهجي، شربت پيئجي،
برف جي ڳڙين جي مٿان وسڪي وجهي زندگيءَ جو لطف
ٻيڻو
ڪجي. گرڌاريءَ کي گهڻي وقت کان محسوس ٿي رهيو هو
ته سندس گهر فرج کانسواءِ ٻسو ٻسو آهي. تنهن ڪري
هو زال جي منع ڪرڻ تي به هڪ ڏينهن فرج قسطن تي
خريد ڪري آيو. ڦول وتيءَ کي فرج جي اچڻ سان گهڻو
سڪون مليو. گهر ۾ آسائش جي هڪ ڪنڊ جو واڌارو ٿيو ۽
گهر جي خوبصورتي ۾ هڪ رنگ جو وڌيڪ اضافو ٿيو. مگر
هڪ وڏي مصيبت ٿي ته پگهار مان هر مهيني قسط ڪٽجي
ويندي هئي. ان کانسواءِ
ننڍڙي ۽ دائي جو خرچ هو. گذارو تنگ ٿيڻ لڳو ۽ قرض
وڌڻ لڳو. هلندي هلندي وچ۾ گرڌاريءَ ريفريجٽر جون
چار قسطون ادا ڪري نه سگهيو. هوڏانهن ڪمپني وارن
جو نوٽيس آيو. انهن اڄ ڏينهن تائين گهڻي مهرباني
ڪئي هئي. هاڻي اهي وڌيڪ برداشت نه ٿي ڪري سگهيا.
جيڪڏهن گرڌاري هڪ مهيني جي اندر رهيل چار قسطيون
ادا نه ڪيون
ته ڪمپني ريفريجريٽر
واپس کڻي ويندي.
”کڻي وڃن“ ڦول وتيءَ ڪاوڙ مان چيو، ”اسان کي نه
گهرجي“.
”واهه“
گرڌاريءَ جلدي ڳالهايو،
”مان
جواٺ قسطيون ادا ڪري چڪو آهيان اهي اجايو ضايع ٿي
وينديون؟“
”اسان اٺ مهينا ان کي استعمال به ته ڪيو آهي؟“
”اسان هرٽيئن ڏينهن سينما تي ويندا آهيون، هاڻي
هفتي ۾ هڪ ڀيرو هلنداسين. اڳ۾ ٽيڪسي ۾ ويندا
هئاسين. هاڻي
بس ۾ وينداسين.“
”وڌ ۾ وڌ 15-20 روپيه بچندا، انهن مان ڇا ٿيندو؟“
”مون کي هر مهيني ۾ نئين ساڙهيءَ جي ڪهڙي ضرورت
آهي؟ مون وٽ اڳ ۾ ئي گهڻيون آهن“.
”تون نٿي سمجهين، هر مهيني فيشن مٽبو رهندو آهي.
ماڻهو ڇا چوندا گرڌاريءَ جي
زال....................“
”تو وٽ سوٽ ته گهڻا آهن جيڪڏهن تون نئون سوٽ خريد
نه ڪندين ته ڏيڍ سئو روپيه بچي پوندو“ ڦول وتي
گهٻرائيندي چيو.
”ڇا ننگو گهمان؟“ گرڌاري رڙ ڪري چيو، ”هڪ ننڍي
آسائش زندگيءَ ۾ ٿو گهران ڪو عيب ته ڪونهي ڪهڙي
برائي آ مون ۾ بس سهڻي نموني رهڻ گهران ٿو ان مان
به تون عيب ٿي ڪڍين؟“
”مان ڪاٿي ٿي عيب ڪڍان مان ته صرف ائين ٿي چوان ته
انسان کي پنهنجي چادر آهر پير ڊگهيرڻ گهرجن.“
”ٻه هزار سالن کان چادر آهر پير
بگهيرڻ
واري ڳالهه
ٻڌندو
اچان ٿو ڀڳوان ڪري ساري دنيا جون چادرون ڦاٽي پون
توهان عورتن وٽ ٻي ڳالهه چوڻ لاءِ ڪونهي؟ جڏهن به
ڳالهائينديون آهيو اها ساڳي چادر کڻي اينديون
آهيو؟ اها چادر ٿي يا انسان جي سمورين حسرتن ۽
اميدن جو ڪفن آهي.“
ڦل وتي چپ ٿي وئي ٿوري دير کان پوءِ ڪنڌ جهڪائي
چوڻ لڳي ”مان ايف اي پاس آهيان ڪنهن آفيس ۾ نوڪري
ڪرايو.“
”گهڻو ٿيو هر مهيني 75 روپيه کڻي ايندي“ ان مان ڇا
ٿيندو؟ پوءِ گهر کي ڪير سنڀاليندو؟ الائي ڇا ٿي
ڳالهائين؟“
ڦول وتي فيصلي واري انداز ۾ چيو، ته پوءِ هي طئه
آهي ”ته فرج واپس ڪئي وڃي، ۽ گهر جو خرچ گهٽ ڪيو
وڃي.“
گرڌاري چيو ته،
”ڪجهه
به گهٽ نه ٿيندو، فرج به واپس نه ٿيندي! توکي پيڪي
وڃڻو پوندو.“
”مان نه ويندس.“
”تنهنجو پيءُ ايترو غريب ته نه آهي جو ٽي هزار
روپيه ڏيئي نه سگهي هاڻي ته ٽن هزارن مان ڪم هلي
ويندو.“
”توهان کي خبر نه آهي
بابا کي ڌنڌي ۾ گذريل سال ڏهه
لک روپين
جو نقصان ٿيو آهي ان جي مالي حالت تمام ڪمزور آهي
هاڻي هو اسان جي ڪا مدد ڪري نه سگهندو.“
”هاٿي مئل به سوا لک لهندو آهي.
ٽن هزارن جي رقم ڪهڙي ميراث
آ؟“ ”نه مان پيڪي نه ويندس، مان مري ويندس مگر
پنهنجي پيءُ کان ڪجهه به نه گهرندس.“
هڪمد گرڌاريءَ کي ڪاوڙ اچي ويئي هو ڪرسي تان اٿي
بيٺو ۽
ڦول وتيءَ کي زوردار لت وهائي ڪڍي ۽
ڦول وتي ٿيڙ کائيندي وڃي ڪري.
مهيني کانپوءِ ڦوول وتي جڏهن پيڪن کان موٽي ته ٽي
هزار روپيه سندس پرس ۾ هئا مگر هن ڀيري اڳي وانگر
کلندي مسڪرائيندي گهر کان نه موٽي هئي هن ڀيري
سندس رنگ ڦٽل ۽ نگاهون جهڪيل هيون پڇڻ تي هن ٻڌايو
ته پيءُ سندس ڪافي بي عزتي ڪئي پئسه ته کيس مليا
پر گهڻي خوشامند کانپوءِ ۽ کيس چيو ويو ته جيڪڏهن
ٻيهر پئسن جو مطالبو
کڻي آئي ته کيس ڌڪا ڏيئي در کان ٻاهر ڪڍيو ويندو
ڦول وتي روئندي چيو، ”هاڻي منهنجو هو گهر ته نه
آهي، منهنجو گهر ته هي آهي. منهنجو ان گهر تي ڪو
به حق ڪونهي، تون منهنجو جيون ساٿي آهين ڀڳوان کي
مڃ مون کي پنهنجي نظرن مان نه ڪيراءِ“
گرڌاريءَ جي اکين ۾ پاڻي تري آيو. هن پنهنجي زال
کي سيني سان لاتو ”ڪيڏا نه ظالم آهن، اهي ماڻهو.،
انهن کي پنهنجي نياڻيءَ کان ناڻو پيارو آهي. ”مگر
مان ته هاڻي پرائي ٿي چڪي آهيان. منهنجو انهن تي
حق
به
ڪهڙو آهي؟“
”ها ها ٺيڪ ڇڏ انهن ڳالهين کي مان پاڻ توکي هاڻي
اوڏانهن ڪڏهن به نه موڪليندس.“
ڳالهه درگذر ٿي ويئي، قصو ختم ٿي ويو، ريفريجريٽر
هميشه لاءِ گهر ۾ اچي ويو. زال مڙس ۽ ننڍڙو، گهر ۾ کل خوشيءَ سان رهڻ لڳا.
تقريبا ڏيڍ سال وري به مزي سان گذريو زال مڙس
هر ٽين ڏينهن تي سينما ويندا هئا، هر هفتي مائي
لارڊ هوٽل ۾ کاڌو کائيندا هئا هر مهيني نئين ساڙهي
آئي ٿي ننڍڙي لاءِ سٺا سٺا ڪپڙا.
مگر ڦول وتي هاڻي هوشيار ٿي رهي.
گهر جو خرچ تمام احتياط سان ڪرڻ لڳي ڪڏهن ڪڏهن
سينما جي ٽڪيٽ
مان ڪتر ڪري وٺندي هئي.
ڪڏهن ٽيڪسيءَ بدران مڙس کي بس ۾ وٺي ايندي هئي. ڪنهن مهيني مڙس جو سوٽ ته ڪنهن مهيني پنهنجي ساڙهي
نه خريد ڪندي هئي.
گهر خير خوبيءَ سان هلي رهيو هو، مگر گرڌاري ڪجهه بيقرار هيو.
هونءَ ته سندس زندگيءَ ۾ سڀ ڪجهه موجود هو. خوبصورت، ۽ پيار ڪندڙ زال، پيارو ٻار، پيارو ننڍڙو گهر صاف
سٿرو سليقي سان سينگاريل،
ريڊيو گرام، ريفريجريٽر....
بس ڪمي هئي ته هڪ ڪار جي. گهڻي وقت کان هڪ ننڍي گاڏي نظر ۾ هيس سيڪند هينڊ،
تيز رفتار ڪاري پنج هزار روپين ۾. اهڙي گاڏي اڄڪلهه اٺن هزارن ۾ به نه ملي سگهندي پنهجي گاڏي هجي
ته خرچ ڪيترو نه بچي ٿو پوي؟ بس جو ڪرايو ٽيڪسي جو
خرچ گاڏين جي انتظار ۾ بيهي بيهي رت سڪي ويندو
آهي. انسان ڪيترين
مصيبتن کان بچي ٿو پوي،
هڪ گيلن تيل وجهي ۽ 30 ميل سفر ڪر، بس ۾ ڪپڙا
به جلدي ميرا ٿي وڃن گاڏي هوندي ته وڏن وڏن آفيسرن
کي گهر گهرائي سگهجي ٿو.
رات جي دعوت ڍنگ سان ڪري سگهبي،
وڏن ماڻهن سان ملڻ لاءِ مناسب طريقي سان وڃي سگهبو
گاڏي هوندي ته ترقي به جلدي ٿي ويندي انسان جي ترقي
لاءِ گاڏي بيحد ضروري آهي انسان محنتي هجي نه هجي
ديانتدار هجي نه هجي جيڪڏهن ان وٽ گاڏي آهي ته سڀ
ڪجهه آهي.
گرڌاري ڪيترن ڏينهن
کان ڦول وتي کي ليڪچر ڏيندو رهيو ڦول وتي ته سڀ
ڪجهه سمجهندي به خاموش رهي آخر هڪ ڏينهن جڏهن وري
گرڌاري کيس مارڻ لاءِ هٿ کنيو ته هن وڏي اطمينان
سا ڳالهايو،
آخر
تون اهوئي چاهين ٿو ته مان پيڪي وڃان ۽ تنهنجي
گاڏي لاءِ
پنهنجي پيءُ کان پنج هزار ريپه وٺي اچان؟“
”ها منهنجو مطلب اهوئي آهي،“ گرڌاري پشيمان
ٿيندي چيو،
”جيڪڏهن
هو پنج هزار روپيه قرض ڏين ته مان آهستي آهستي ڪري
انهن کي ادا ڪندو رهندس.
گاڏي خريد ڪرڻ کانپوءِ ڪونه ڪو گاڏي تي قرض ته
ڏيندو پر گاڏيءَ کي گروي ڇو رکيو وڃي؟ آخر مان
سندس ڄاٽو آهيان،
ڇا هو منهنجي لاءِ ايترو به.......؟“
ڦول وتيءَ ڳالهه
ڪٽيندي چيو، ”مون تنهنجو مطلب سمجهيو مارڻ ڪٽڻ جي
ضرورت ناهي. ماڻ پاڻ ئي پيڪي هلي ٿي وڃان ۽ بابا
کان پئسه وٺي ٿي اچان.“
گرڌاريءَ کي حيرت لڳي، ڪجهه صدمو به ٿيس، ۽ ڪجهه
خوشي به ٿيس، منتٽن
۾ مارڪٽ کانسواءِ ڪم ٺهي ويو. ڦول وتي واقعي ئي
سٺي ڇوڪري آهي اهڙي زال ڪٿان ٿي ملي؟ ست پيڙهيون
ڳولهڻ سان به اهڙو جيون ساٿي ڪو مشڪل ملي سگهندو.
ڦول وتيءَ کي وئي 15 ڏينهن ٿي ويا هئا گرڌاري ڏاڍو
اداس هو ان کي پنهنجي زال سان ڏاڍي محبت هئي
جيتوڻيڪ هوءَ سندس ئي ڪم سان پيڪي ويندي هئي مگر
جڏهن به ويندي هئي ته گرڌاري اداس ٿي ويندو هو اڄ
اتفاق سان موسم به پياري هئي آسمان تي ڀورا ڀورا
ڪڪر ڇانيل هئا موسم گلابي، فضا شرابي،
ويتر
آهستي آهستي موسم مزيدار ٿي وئي برسات وسندي جو
بيٺي هوا جا مزيدار جهوٽا گهلڻ لڳا ۽ گرڌاريءَ جي
دل ۾ بار بار ڦول
وتيءَ جي تصوير اڀرڻ لڳي هوءَ هن وقت جيڪڏهن موجود
هجي ها ته سمنڊ جي ڪناري تي گهمڻ وڃون ها،
ٻيو شو سينما جو ڏسو ها، اڌ رات جي وقت محبت ۾ مخمور ٽيڪسي ۾ ويهي گهر اچون
ها.
اڄ جيتوڻيڪ گهر ساڳيو آهي مگر ڪيتري
قدر ٻسو ٻسو آهي ساڳيوئي سهڻو ڊرائينگ روم آهي ساڳيا ريشمي پردا
آهن. ٽمڪندڙ فانوس ۾ ساڳيون هلڪيون هلڪيون روشنيون
آهن پر ڦول وتي ڪٿي آهي؟ گرڌاري جو ضمير جهٽ پلڪ
لاءِ تڙپڻ لڳو کيس ائين نه ڪرڻ گهرجي ۽ پنهنجو پاڻ
کي مٽائڻ گهرجي آخر، ڪار کانسواءِ به ته زندگي گذاري
سگهجي ٿي دنيا ۾ ڪروڙين ماڻهو اهڙا آهن. جيڪي ريفرجيٽر ۽ گاڏي کانسواءِ به بهترين زندگي گذارن ٿا.
پر ڦول
وتي ته ڏاڍي پياري ڇوڪري آهي ان سان گڏ ته
جهوپڙيءَ ۾ به زندگي گذاري سگهجي ٿي.
بيشڪ مان ظالم انسان آهيان مان هاڻي ڪڏهن به ڦول
وتيءَ کي پيڪي نه موڪليندس، گهٽ ۾ گهٽ
پئسن جي لاءِ ته نه موڪليندس. اڄ هن وقت هوءَ هجي
ها.
هو اهڙيءَ طرح وڦلندو رهيو ۽ پنهنجي گهري دوست
شيام سندر سان پنهنجي دل جو دک بيان ڪندو رهيو.
آهستي آهستي ٻيئي دوست وسڪي پيئندا رهيا ۽ اداس
ٿيندا ويا.
ڇاڪاڻ ته موسم به اهڙي هئي جنهن ۾ اداسي به ڏاڍي
سهاني ۽ روماني معلوم ٿيندي آهي.
”اچ دوست ڪيڏانهن ٻاهر هلون.“
”مان ڪيڏانهن ٻاهر نه هلندس، گرڌاريءَ اداس
ٿيندي چيو، مون کي هن وقت ڦول وتي جي ياد ستائي
رهي آهي.“
”مون سان گڏ هل“
شيام سندر اک ڀڃندي چيو.”مان
توکي اهڙي جڳهه تي وٺي
ٿو هلان، جتي تنهنجو سارو غم غلط ٿي ويندو.“
”ڪيڏانهن وٺي هلندين؟“
”اڙي يار مون سان هل ته سهي.“
”نه مان نه هلندس، توکي خبر آهي مان اڄ تائين ڪنهن
به اهڙي جڳهه تي نه ويو آهيان مون کي پنهنجي زال
سان محبت آهي هاءِ منهنجي ڦول وتي.“
شيام سندر کيس رازداري انداز ۾ چيو، ”هڪ ڇوڪريءَ
کي مان سڃاڻندو آهيان رڳو تون هڪ دفعو ڏس.“
مگر
گرڌاريءَ نه مڃيو، مجبورن شيام سندر اڪيلوئي هليو
ويو، ڇو ته موسم ڏاڍي پياري هئي. جڏهن شيام سندر هليو ويو ته گرڌاري ويتر اداس ٿي ويو هاڻي هن کي چوڌاري ڦول وتي نظر ٿي آئي
هر ساهه ۾ انجي سرهاڻ محسوس ٿي ڪيائين. جئين پوءِ
تيئن هر پل ساريندو اداس ٿيندو ويو ٿي. آخر هن کان رهيو نه ٿيو سندس اداسي گهري
ٿي وئي وسڪي ختم ٿي چڪي هئي هاڻي عورت جي آغوش
کانسواءِ غم غلط ڪرڻ جو ٻيو ڪو به چارو نه هيو ان ڪري گرڌاري پنهنجي
زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو اهڙي طريقي سان پنهنجي روح
جو بار هلڪو ڪرڻ لاءِ گهر کان نڪري پيو.
هو گهڻي دير تائين گهٽين ۾ بدنام چوڪن تي، ۽ بازار
۾ ڳوليندو رهيو. کيس هڪ اهڙي ڇوڪريءَ جي تلاش هئي جيڪا نئين هجي، هن لاءِ
اجنبي هجي، شرميلي هجي گاريل نه
هجي. سنجيده ۽ مهذب هجي، مطلب ته گهريلو عورت
به ۽ بازاري به
هجي. اهڙي موقعي تي عقل مند به ڪيترو نه بي
وقوف ٿي ويندو آهي.
هڪ دلال کيس هيڏي هوڏي گهمائيندو رهيو،
هن وقت تائين ٽيڪسي تي 12 روپيه خرچ ٿي چڪا هئا، جيڪڏهن اڄ کيس پنهنجي گاڏي هجي ها ته ايترو خرچ نه ٿي ها چڱو
ٿيو جو هن ڦول وتيءَ کي پيڪي موڪلي ڇڏيو گاڏي
زندگيءَ لاءِ بيحد ضروري آهي.
ٽيڪسي شهر جي سڙڪن کان گذرندي هڪ خوبصروت باغيچي
۾ اندر
ٻه
ماڙ جي سامهون اچي بيٺي.
هن کي دلال چيو ”بس صاحب! دنيا ۾ هن کان وڌيڪ مال
ڪٿي به نه آهي.
مان توهان کي جنت جي حد ۾ وٺي آيو آهيان. توهان
سڌا اندر هليا
وڃو.
ڏاڪڻ تان چڙهي گهر جي ٻي منزل تي هليا وڃو دروازي
وٽ گهنٽي لڳل آهي بٽڻ
دٻائي انتظار ڪريو هوءَ توهان جي لاءِ منتظرآهي
مون سڀ بندوبست ڪري ڇڏيو آهي صاحب سلام!“
گرڌاري گاڏيءَ کي واپس ڪيو هن انتظام ڪندڙ کي پنج
روپيا بخشش
ڏني.
ان کانپوءِ هو پر اميد ۽ خوش خوش پراڻي ٽائيپ
بنگلي جي باغيچي ۾ داخل ٿيو.
باغيچي ۾ موتئي ۽ رات جي راڻيءَ جي گلن جي خوشبوءِ
هن جي ناسن ۾ داخل ٿيڻ لڳي ۽ هو جوان رات جي هن
پهرين پراسرار سفر جي لاءِ تازو توانو ٿي ويو.
ڏاڪڻ تان چڙهندي هن پتل جو پراڻو فانوس ڏٺو.
ڏاڪڻ جي پاسن سان هڪ هنڌ بيٺل ۽ شاداب گلڙن کي مسڪرائيندي ڏٺو واقعي هي ماڻهو بهترين ذوق رکندڙ آهن
هن پنهنجي دل ۾ سوچيو.
هن ڏاڪڻ تان چڙهي جڏهن چورس تختيءَ جي حد ۾ پير رکيو ته هن جي دل
مان ڦول وتي جو هر خيال لهي ويو.
هو هاڻي هر رات جي اڻڄاتل سفر لاءِ تيار ٿي چڪو هو. هن خوشيءَ سان سينڍ وڄائي نون ارمانن کي دعوت ڏني ۽جلدي ۾
دروازي تي بجليءَ جو بٽڻ دٻايو ٿوريءَ دير ۾
دروازو کليو ۽ هڪ خوبصورت ڇوڪري مسڪرائيندي هن جي
استقبال ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌي.
هو اڳتي وڌندي وڌندي ٽڪ ٻڌي ڏسي لرزي ويو دروازي
تي ”ڦول وتي“ بيٺي هئي.
کنگهه
هونئن ته طبي علم موجب کنگهه جا هزارين قسم بيان
ڪيا
ويا
آهن.
پر هن زماني ۾ کنگهه جا ٻه قسم تمام مشهور آهن. هڪ
آٽوميٽڪ ٻيو ڊپلوميٽڪ.
آٽوميٽڪ کنگهه پنهنجو پاڻ ايندي آهي ۽ ايندي ئي
هلي ويندي آ-
هن
کنگهه جو واسطو ڪنهن بيماريءَ سان يا سماجي ضرورت
سان نه ٿيندو آهي هي نڙي جي هڪ اهڙي فطري ۽
لاشعوري چرپر هوندي آهي جو کنگهه واري جي ڳلي مان
خود بخود ادا ٿيندي آهي مثال طور:- اسان جي مارڪيٽ
۾ هڪ سبزي وڪڻندڙ آهي هو سبزي وڪڻڻ سان گڏوگڏ
مسلسل کنگهندو به رهندو
آهي.
اهو سمجهه ۾ نه ايندو آ ته سبزي گهڻي ٿو وڪڻي يا کنگهه؟ مگر سندس سبزي ايتري سائي سڄر ۽ تازي هوندي آ جو شڪ
ٿيندو آ ته کنگهه ڀاڻ طور ته استعمال نٿو ڪري؟
نتيجي ۾ سندس سبزي سڀني کان پهريائين وڪامي ويندي
آهي آخر ۾ باقي کنگهه وڃي بچندي اٿس جنهن کي شايد
هو ڏينهن
ٻن
جي لاءِ رکي ڇڏيندو آهي.
ساڳي ماريڪٽ ۾ هڪ مڇيءَ وارو به آهي هي به آٽوميٽڪ
کنگهه جو شوقين آهي پر اهريءَ طرح آهستي آهستي
کنگهندو آهي ۽ چپن ۾ ڀڻڪندو آهي جو ان جي زبان مان
مڇيءَ جو قسم، بها ۽ تازگي جو پتوئي نه پوندو آهي گراهڪ اندازي مان سمجهي
ويندا آهن. اٽڪل تي بها طئي ڪري توڪل ڪري مڇي وٺي ويندا آهن.
مڇيءَ وارو به نه ضد ڪندو آهي نه انڪار ڪندو آهي. جيڪي گراهڪ ڏيئي ويندس اهوئي وٺي کڻي رکندو نتيجي ۾ سندس ساري
مڇي ڳريل سڙيل ۽ بدبوءِ واري جهڙي تهڙي سڀ وڪرو ٿي
ويندي آهي، گهڻن ماڻهن
جو رايو
آهي
ته هي حضرت پاڻ نه کنگهندو آهي پر سندس مڇيون
کگهنديون آهن ممڪن آهي ماڻهو
ان کي عجيب شيءِ سمجهي خريد ڪندا هجن بهرحال سندس
دڪان سٺو هلندو آهي.
انهن
ٻنهي
همراهن کي ڏسي ٻين دڪاندارن به مارڪيٽ ۾ کنگهڻ جي
ڪوشش شروع ڪئي مگر ڪامياب نه ٿي سگهيا.
ڀلا جا ڳالهه فطري شيءِ ٿيندي آهي سان هٿرادو ۾
ڪٿي.
هڪ همراهه کي ته نقلي کنگهه کنگهندي کنگهندي نڙيءَ
جو ڪينسر ٿي پيو.
جيڪي ٻيا سبزي وڪڻندڙ هئا، انهن کنگهي کنگهي گراهڪ
جي خريد ڪيل ڪريلن تي کانگهارا اڇلايا هئا پاڻ ئي
سوچيو،
هڪ ڪوڙا
ڪريلا ٻيو بلغم ۾ ٿڦيل
ٻن
مهينن ۾ ڏيوالو نڪري پين، هاڻي گهر ۾ سمهي، حقو
ڇڪيندا، ۽ کنگهندا آهن.
اسڪرو وائلڊ واقعي ئي سچ چيو آهي ته زندگيءَ جي هر
شعبي ۾ بي ايماني هلي
سگهي ٿي جيڪڏهن نه ٿي هلي ته کنگهه ۾ (شايد
کنگهندي چيو اٿس.)
کنگهه برائي کنگهه جو قائل منهنجو دوست لڌارام به
آهي، جنهن جون اکيون اداس، چهرو ڊگهڙو، لهجو مرثيه
پڙهندڙن جهڙو، سندس کنگهڻ ٻڪريءَ جي ٻيڪاٽن
جهڙو اٿس.
انهيءَ کي ڏسي جلد ئي ڪنهن خطرناڪ مرض يا موت جو
خيال ايندو آهي.
گهڻو ڪري انهيءَ ڪري هي انشورنس ايجنٽ ٿيو آهي. ۽ پنهنجي فن ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي
لڌارام گفتگو دوران
مسلسل کنگهندو رهندو آهي، کنگهه ۽ گفتگو ملائي هڪ
اهڙو مڪسچر تيار ڪندو آهي.
جنهن جي ڪيفيت ڪجهه هن قسم جي هوندي آهي.
”جناب پاڻ کئون کئون.........................هڪ
نئين پاليسي وٺو...... ڊي سيريل ايف کئون
کئون.............. نئين پاليسي آئي آهي ان جا
فائدا کئون کئون .................. بيمشار کئون
کئون............. آهن هڪ ته پريميم کئون
کئون...............تمام گهٽ ٻيو ٻارن جي کئون
کئون...............مفت يعني تعليم بلڪل مفت وري
گهر واريءَ جي طويل کئون
کئون.................يعني بيماريءَ جو علاج
............مفت وري خدا نه ڪري توهان مري وڃو هي
هي ................کئون کئون...................
ته ڪفن دفن جو اتنظام مفت ۽ زال جي ٻي شاديءَ
تائين کئون کئون...............................
ٻارن ٻچن جو خرچ مفت بس هاڻي جلدي طئي ڪريو ۽
کئون........ کئون........ کئون.
اهڙي انشورنس ايجنٽ کان ڪير ٿو ڪنڌ ڪڍرائي سگهي؟ جلديءَ ۾ پاليسي جو
فارم پر ڪرڻو پوندو آهي. ٻي صروت ۾ ان جي کئون کئون کان ساري محلي ۾ هيضه ٿيڻ
جو انديشو ٿي سگهي ٿو.
آٽوميٽڪ کنگهه جي ابتڙ ڊپلو ميٽڪ
کنگهه آهي.
هي تمام سڌريل ۽ تربيت يافته کنگهه هوندي آهي هي.
اوچي خاندان جي هوندي آهي تنهن ڪري عام طور تي هن
کي غير ملڪي سفير استعمال ڪندا آهن ۽ تمام اهم
موقعن تي استعمال ڪندا آهن.
ٻڌو آهي ته هڪ دفعي چيمبرلين کان هٽلر پڇيو، ڪئين
جناب! جيڪڏهن مان چيڪو سلواڪيا تي حملو ڪيان ته
تون ڇا ڪندين؟“
جواب ۾ چيمبرلين کنگهيو حالانڪ چٽي کولي
سگهيو
پئي.
هڪ دفعي نادر شاهه محمد شاهه رنگيلي کان پڇيو
”جيڪڏهن مان دهليءَ جي سر سر اکيڙي ڇڏيان ته، تون
ڇا ڪندين؟“ جواب ۾ محمد شاهه رنگيلي کنگهيو نه ته
هو روئي به سگهيو ٿي.
هڪ دفعي جارج واشنگٽن کان پڇيو ويو، ”جيڪڏهن
امريڪا جي اصلي رهاڪو اڇي
چمڙيءَ
وارن حملي ڪندڙن
جي هٿان تلوار هيٺان نه اچن ها ته اڄ امريڪا جو
صدر ڪير هجي ها؟“ جواب ۾ واشنگٽن صرف کنگهي ڇڏيو.
سندس زندگيءَ ۾ هي پهريون ئي موقعو هو جو هڪ سچ
ڳالهائي نٿي سگهيو ۽ صرف کنگهڻ تي مجبور هو.
اڄ
به وڏا وڏا چوٽي جا سياستدان تاريخي مسئلن جو حل
ساڳي طرح کنگهي پيش ڪندا آهن.
ايٽمي جنگ بند ڪرڻ جو طريقو ڇا آهي؟
کنگهه.......ڪشمير جي مسئلي جو حل ڇا آهي؟ کنگهه
........ قومي ٻڌي جو حل ڇا آهي؟ کنگهه.....عوام
جي غربت جو علاج ڇا آهي؟ کنگهه...... ۽ ان کنگهه
جو علاج ڇا آهي؟ اهو جيڪڏهن ڪنهن ڊپلوميٽ کان پڇيو
وڃي ته ڪياڙي کنهڻ شروع ڪندو ڇو ته ڊپلوميسي جو
واحد مقصد ڳالهه ٽارڻ هوندو آهي ۽ نه ڪنهن مسئلي
جو حل پيش ڪرڻ.
مگر عام ماڻهن جي لاءِ کنگهه سياسي علامت طور استعمال نه ٿيندي آهي،
پر عام طور سان اها ڪنهن جسماني تڪليف جي طور تي
ڄاتي سڃاتي ويندي آهي. جيڪڏهن اوهان ڪنهن بلڊنگ ۾
رهندا هجو، جنهن ۾ پنجاهه فليٽون هجن ۽ ڀتيون ڏيڍ
سريون هجن ته توهان کي منهنجو مطلب سولائي سان
سمجهه ۾ اچي ويندو مان بدقسمتي سان
هڪ اهڙي بلڊنگ ۾ رهندو
آهيان
جنهن ۾ صبح جو سوير ڪنهن ڪڪڙ جي ٻانگ يا ڪنهن ٻار
جي روئڻ جي آواز کان اڳ ۾ بلڊنگ جي مختلف حصن مان
کنگهڻ جا مختلف آواز ٻڌڻ ۾ ايندا آهن.
هڪ ماڻهو آ جيڪو اهڙيءَ طرح کنگهندو آهي ڄڻ ته يڪا
هڪ ڊزن ڏيڏر ڳهي ويو آهي....... ٻيو ماڻهو آ جنهن
ڄڻ ته پنهنجي نڙيءَ ۾ اٽي پيهڻ جي چڪي لڳرائي
آهي.......... هڪ همراهه ته شايد پنهنجي ڳلي ۾ موٽر
ڪار جو هارن فٽ ڪرايو آهي..... اهڙو وڏي وڏي آواز
سان کنگهندو آهي.
هڪ همراهه وري اهڙو آهي جڏهن کلندو آ ته ائين
محسوس ٿيندو آ ڄڻ کنگهي ٿو، ۽ کنگهندو آ ته محسوس
ٿيندو آهي ته کلي ٿو،
اڄ تائين اها خبر نه پئجي سگهي آهي
ته ڪڏهن کنگهندو آهي ۽ ڪڏهن کلندو آهي؟ هڪ همراهه آهي جنهن مڇيءَ
جو شڪار ڪڏهن نه ڪيو آهي
مگر جڏهن کنگهندو آهي ائين محسوس ٿيندو آهي ته
نڙيءَ ۾ مڇي ڦاٿل اٿس هڪ همراهه هر روز کنگهندي
بلڊنگ کان چهل قدمي ڪرڻ لاءِ ائين نڪرندو آهي ڄڻ ريل پليٽ فارم کان ڇٽي رهي آهي....... هڪ
عورت
آهي
جيڪا اهڙيءَ طرح شرمائي ۽ لڄي ٿي کنگهندي آهي ڄڻ
ڪنهن ٻار کي کير پياريندي هجي ............ ڪريما
جي ڪراڙي سس ائين کنگهندي آهي ڄڻ پنهنجي ننهن جو
گلو گهٽي رهي هجي.... رام ڀروسو هميشه پڪي راڳ جي انداز ۾ کنگهندو آهي مجال آهي جو هڪ سر به هيڏي
هوڏي ٿئي. ساڳيو سر،
ساڳي تان،
ساڳيو مقال،
ان جي برعڪس فليٽ نمبر 6 وارو شخص جڏهن کنگهندو
آهي ته ان جي نڙيءَ مان هڪ وقت ڇهه ست سر نڪرندا
آهن ڄڻ سفنيءَ جو شوقين معلوم ٿيندو آهي.
مطلب ته ان بلڊنگ ۾ جيترا ماڻهو آهن
ايترا
ئي قسم کنگهه جا آهن.
ڪڏهن ڪڏهن اهو به سچ معلوم ٿيندو آهي ته جيترويون
بيماريون
آهن،
اوترائي کنگهه جا قسم هوندا آهن. مان ته هاڻي ڪنهن جي کنگهڻ مان ئي معلوم ڪري سگهندو آهيان ته
هن شخص کي نزلو آهي، نڙيءَ ۾ سوڄ اٿس، کيس ڦڦڙن ۾
ڪا تڪليف آهي.
يا نڪ جي هڏي وڌي ويئي اٿس،
هن کي فلو آهي يا نمونيا، مدي جو بخار آهي
يا خسرو.
هي دق تپ جي کنگهه آهي يار رڳو دق ڪرڻ جي؟ هي حقي
ڇڪڻ واري جي کنگهه
آهي يا
سگريٽ ڇڪڻ وارن
جي کنگهه
. حقي ڇڪڻ واري جي کنگهه، سگريٽ ڇڪڻ واري جي کنگهه
کان بلڪل مختلف هنودي آهي ۽ شرافت آهي.
ان ڪري حقي ڇڪڻ وارا پنهنجي کنگهه ۾ هميشه موضوع جي اهميت تي زور ڏيندا آهن.
جيڪا گهڻو
ڪري بلغم جي صورت ۾ ظاهر ٿيندي آهي ۽ سگريٽ ڇڪڻ
وارو هيئت يعني آزاد شاعريءَ جا
شوقين
نظر ايندا آهن، ڀل پورو نظم پڙهجي وڃي مگر نتيجو ٻڙي
نڪرندو! نڙيءَ مان نڪري ئي نٿو گهڻو
ڪري سگريٽ پيئڻ وارن جي کنگهه آهي......... هي پنج
سئو پنجونجاهه، ته هي چار سو ويهه،........
جهڙيءَ طرح کنگهه جو به ڪو نمونو ۽ اسٽائيل هوندو
آهي اهڙيءَ طرح کنگهه جو ڪو نه ڪو رنگ ڀي هوندو
آهي.
اوهان ڪاري کنگهه جو نالو ٻڌو هوندو.
ظاهر آهي ته جيڪڏهن ڪاري کنگهه آهي ته ڪٿي نه ڪٿي
ڀوري کنگهه
به ٿيندي هوندي.
ڪاري کنگهه تمام خطرناڪ مرض آهي ۽ جڏهن کان آفريڪا
آزاد ٿي رهيو آهي ته ڪاري کنگهه ڪيترن ئي گورن
قومن کي ٿي رهي آهي. جن کي آفريڪا جي آزادي پسند نٿي اچي.
ان لاءِ هيڏانهن گهانا آزاد ٿيو، ته انهيءَ کي ڪاري کنگهه ٿي پيئي،
مصر آزاد ٿيو ته ڪاري کنگهه ٿي پيس. گڏوگڏ سوئيز به آزاد ٿيو،
ڪانگو آزاد ٿيڻ لڳو ته گورن کي ڪاري کگنهه ٿي هئي.
۽ ڪارن کي ڦاسي آئي (ياد ڪرلومبيا!) الجيريا،
يوگنڊا، ڪينيا هڪ هڪ ٿي
آفريڪا
جا ملڪ هٿن مان نڪرندا وڃن
ٿا.
۽ اوڀر جي گورين قومن کي ڪاري کنگهه شروع ٿيندي
وڃي ٿي.
ڊاڪٽرن
جو چوڻ آهي ته ڪاري کنگهه صرف ٻارن کي ٿيندي آهي.
ان لحاظ کان هي گوريون قومون سياسي ۽ تاريخي بصيرت
جي اعتبار کان ننڍپڻ مان گذري رهيون آهن؟ بحرحال
تاريخ
جو لکيو ته ضرور پورو ٿيندو.
چاهي اوهان کي ڪاري کنگهه ٿي، يا ڀوري کنگهه.
انساني ترقيءَ جي لاءِ اهڙي قسمن جي کنگهه نقصان
واري هوندي آهي.
ڪاري کنگهه هڪ بيماري آهي.
هڪ عادت آهي هڪ دوا به آهي.
محبت ۽ ڪاري کنگهه جو روز ازل کان پختو ناتو آهي چون ٿا ته بهشت ۾ حضرت آدم اڳ۾ کنگهي بي بي حوا جو پنهنجي
طرف ڌيان ڇڪرايو هو.
اڄڪلهه ماڻهو
خوبصورت محبوب کي ڏسي چپٽي وڄائيندا آهن، ميشون
ڏيندا آهن، سينڍ وڄائيندا
آهن.
فلمي گيت ڳائيندا آهن يا ويجهو اچي زور سان ٽهڪ
ڏيندا آهن، اهي سڀ خراب حرڪتون آهن ۽ اهي حرڪتون
آوارو ئي اختيار ڪري سگهي ٿو. اڄڪلهه محبوب کي پنهنجي طرف ڌيان ڇڪائڻ لاءِ سهڻو
۽ سڌريل طريقو کنگهه آهي.
هڪ هلڪي لچڪندڙ سهڻي ۽ سڌريل کنگهه. اها کنگهه نه پر محبوب جي دروازي تي کڙ ڪندڙ ڪڙو محسوس ٿيندي
آهي.
جا چوندي هجي ڇا مونکي اجازت آهي؟ مان توسان ڪجهه
ڳالهائي سگهان ٿي،
هان توکي سمنڊ جي ڪناري جو سير ڪرڻ جي دعوت ڏئي
سگهان ٿي؟ سينما ۾ تمام سٺي فلم لڳي آهي
جيڪڏهن محبوب سمجهدار هوندو ته ان کنگهه تي ضرور
ڪنڌ ورائي ڏسندو ان کان اڳتي جيڪو به ٿيندو اهو
وقت حالتن،
جڳهه ۽ موقعي، توهان جي کيسي ۽ محبوب جي مزاج مطابق ٿيندو.
کنگهه ته هڪ شريفاڻو تعارف آهي. اڄڪلهه هي شريفاڻو تعارف به ڪنهن ڪنهن کي ملندو آهي؟
هڪ دفعي سقراط کان افلاطون
پڇيو.
زندگيءَ ۾ ڪهڙي شيءِ کان پاڻ بچائڻ اوکو آهي عشق؟
مايوسي؟ خوشامند؟
سقراط سوچي چيو، ”کنگهه“.
واقعي ٿورو سوچيو ته ڪامل استاد جي هن سادي جواب ۾
زندگي جي ڪيتري
وڏي حقيقت لڪيل آهي.
اهو ممڪن ٿي سگهي ٿو.
توهان حياتيءَ ۾ ڪڏهن به ڪنهن سان عشق نه
ڪيو هجي،
ڪڏهن ڪنهن کان مايوس نه ٿيا هجو،
ڪڏهن به ڪنهن جي خوشامد
نه
ڪئي هجي.
مگر اهو ناممڪن آهي ته توهان کي ڪڏهن به کنگهه نه
ٿي هجي! هن سخت دور ۾ زندگي ۽ کنگهه اهڙي طرح لازم
وملزم آهن جهڙي طرح گلن سان گڏ ڪنڊا عورت سان گڏ
چڙ ۽ حاڪم سان گڏ رشوت
جو تصور مگر هي کنگهه ٿيندي ڇو آهي؟ گل پنهنجي
بچاءَ لاءِ ڪنڊا
رکندا آهن.
عورت حسن جي غرور کان مجبور ٿي چيڙاڪ ٿي پوندي آهي.
حاڪم پنهنجي پيٽ گذر لاءِ رشوت وٺندو آهي.
مگر زندگي کنگهندي ڇو آهي؟ هي کنگهه ٿيندي ڇو آهي؟
افلاطون جي سيني ۾ جڏهن هي ٻيو سوال چڪر ڪاٽڻ
لڳو ته هن پريشان ٿي پنهنجون نظرون کڻي پنهنجي چوگرد ڏسي پوءِ
چيو، ”مگر، هي کنگهه ٿيندي ڇو آهي“.
پر سقراط ڏاڍو سياڻو هو، ان کي خبر هئي ته هو
افلاطون جي ٻي سوال جو جواب نه ڏيئي سگهندو ان ڪري
هن اهو سوال ڪرڻ کان اڳ ۾ زهر جو پيالو پي ڇڏيو
هو، سقراط افلاطون جو جواب ڏيڻ کان سواءِ ئي سڪرات
جي حوالي ٿي ويو.
تاريخدان سقراط جي موت ۾ ڪيئي روايتون بيان ڪندا
آهن، مگر اهي سڀ غلط آهن، اصل حقيقت جيڪا مان
توهان کي ٻڌائي آهي سا سچي آهي، ڇاڪاڻ ته مون کان
وڌيڪ زندگيءَ ۾ ڪير به نه کنگهيو هوندو، مون کان
وڌيڪ اڄ تائين ڪنهن جو به کنگهه سان ايترو گهرو
واسطو نه پيو ۽ نه وري ڪنهن کنگهه
کي سمجهيو هوندو. جنهن عمر ۾ ٻار پنهنجي ماءُ جي
سيني سان
چهٽي کير پيئندا آهن، مان صرف کنگهندو هيس، ۽
ايتري آواز سان کنگهندو هيس جو منهنجي کنگهه کان
تنگ ٿي منهنجي ماءُ روئڻ هارڪي ٿي ويندي هئي، جنهن
عمر ۾ ٻار اسڪول ويندا آهن، ان عمر ۾ مان پنهنجي
بئنچ تي بيهي ايترو زور سان کنگهندو هيس جو استاد
ڪلاس ڇڏي ڀڄي ويندا هئا ۽ ڇوڪرا شاباس چئي مون کي
پنهنجي ڊڊيءَ تي ويهاريندا هئا، جنهن عمر ۾ نوجوان
محبت جون مٺڙيون مٺڙيون ڳالهيون ڪندا آهن ۽ هڪ ٻئي
سان اک اک ۾ ملائيندا آهن ۽ مان رڳو انهن جي چيلهه
۾ هٿ وجهي کنگهندو هيس، محبوب جيڪڏهن خوش ادا
هوندو ته دل جي آرزو زبان تي آڻبي. جيڪڏهن هو ڪاوڙ
۾ ڳاڙهو ٿي ويو ته عرض ڪبو ته خاڪسار کنگهه کان
عاجز ٿي اوهان جي چيلهه جو سهارو ورتو آهي، ڪنهن
کي ڪهڙي خبر ته منهنجي کنگهه جي صدا ڪهڙا گل هاري
ويئي، دشمن ۽ ڳالهين ۾ گلن جي اها خوشبوءِ نه هئي
جيڪا اسان جي کنگهه ۾ هئي، مطلب ته منهنجي زندگي
لڳاتار رومال رهي آهي، جنهن ۾ زندگي جي هر موڙ تي
مسلسل کنگهندو اچان ٿو، ڪيترا ڀيرا منهنجي کنگهه
کان مجبور ٿي اقتدار جي مالڪن مون کي زهر جو پيالو
پيش ڪيو آهي، پر مان ڪو سقراط آهيان جو ان کي
خاموشي پي وڃان، مان جيستائين زندهه رهندس، ساڳي
طرح کنگهندو رهندس ۽ ڇرڪائيندو رهندس ۽ جڏهن مان
مري ويندس ته ماڻهو مون کي نه پر منهنجي کنگهه کي
ياد ڪندا،
اهڙي طرح ڳولهيندا جهڙي طرح ڪنهن گم ٿيل ٻار کي يا
وسريل شعر کي.........
بيوقوف
شريف پنهنجي محبوبه نازليءَ سان ساڌو واسواڻي پارڪ
۾ ويٺو هو- هي پارڪ بندره بس اسٽينڊ جي بلڪل ويجهو
۽ ايسو پيٽرول پمپ جي سامهون
آهي- ڪا خاص لڪ واري جاءِ نه آهي- مگر شام جو وقت
هو، ۽ اتي نم جا ٻه گهاٽا وڻ آهن- ۽ الهر جي وڻن
جي هڪ ڊگهي قطار آهي جيڪا اڄ کان ڏهه سال پوءِ
محبت جي ستايلن لاءِ لڪ واري جڳهه ثابت ٿيندي-
جيستائين اهو وقت اچي تيستائين هتي هٿ ۾ هٿ ڏيئي
ويهي ته سگهجي ٿو، ٻيو نه ته اکين جي اشارن سان
ڪيئي ڳالهيون چئي ۽ ٻڌي سگهبيون آهن.
پر شريف ۽ نازليءَ جي هتي ويهڻ جو سبب اڃا ٻيو هو،
نازليءَ جو گهر ان پارڪ جي بلڪل سامهون هيو- هتان کان سامهون واري بالڪني چٽي نظر ايندي هئي- جتي بيهي
نازليءَ جي ڀيڻ آسيه نازليءَ
کي
هر خطري کان آگاهه ڪري سگهندي هئي- نازليءَ جي
ماءُ بندره لوڪل ٽرين اسٽيشن جي ڀرسان واري گهٽيءَ
۾ فرش تي ويهي سائي ڀاڄي وڪڻندڙ عورت کان ڀاڄي
خريد ڪرڻ ويئي هئي- شام جي وقت سائي ڀاڄي سستي
ملندي آهي- ڀاڄيءَ واريون ان وقت هر حال ۾ ٽوڪرو
خالي ڪري گهر وڃڻ لاءِ بيتاب هونديون آهن- ڪجهه
قيمت ڳالهائڻ ۾ ڪجهه پنهنجي ڏک سک جون ڳالهيون به
ٿي وينديون آهن- خريد ڪندڙ عورتن ۽ وڪرو ڪندڙ
عورتن جي وچ ۾ وقتي طور تي صلاح مشوري ۽ محبت جو
سلسلو قائم ٿي ويندو آهي. ڪجهه گهر جون ڳالهيون،
ڪجهه ٻارن ٻچن جون، ڪدو، واڱڻ، ڀينڊين سان گڏ مڙس
کي به تارازيءَ ۾ توريو ويندو آهي، پر اهو هميشه
هلڪو ثابت ٿيندو آهي- مردن جي خريداري به ڪا
خريداري آهي؟ ٿيلهو کولڻ، ڀاڄي ان ۾ وجهڻ، پئسه
اڇلڻ ۽ ڀڄڻ- ڀاڄيءَ جي بازار ته هڪ سوشل ڪلب آهي،
۽ نازليءَ جي ماءُ ڀاڄي خريد ڪرڻ ويئي آهي- ۽ ڪلاڪ
کان اڳ واپس نه ٿي اچي سگهي- تڏهن به سندس رستي ۾
نازليءَ ۽ شريف جون اکيون آهن- هوءَ کٻي پاسي کان
ترپتي لين جي موڙ کان ظاهر ٿيندي ته صاف نظر اچي
ويندي.
نازليءَ جو پيءُ هن وقت مولوي خيرالدين وٽ حقو ڇڪڻ
ويو آهي- ان کانپوءِ يوپي ريسٽورنٽ جي ڪباب ڪارنر
۾ ويهي ٻيئي دوست ڪجهه کائيندا ۽ اهي ڏينهن ياد
ڪندا جڏهن عورتون پردو ڪنديون هيون، ڇوڪرا وڏن جي
آڏو سگريٽ نه ڇڪيندا هئا ۽ ڳڙ روپيه ۾ 5 سير ملندو
هيو، بابا جي اچڻ جو رستو به مقرر ٿيل آهي- هو کٻي
طرف کان تغلق روڊ سان ايندو- هن وقت ساڄي، کاٻي ۽
سامهه ٽيئي طرف نازليءَ جو گهر هنن ٻنهي محبت جي
مارين جي نظرن آڏو آهي- ڪوبه خوف خطرو ڪونهي- آسيه
بالڪني ۾ ظاهري ڀرت ڀرڻ ۾ مصروف آهي مگر ان جون
نظرون هر گهڙي اڳتي، پوئتي کٻي سڄي، ۽ سامهون
ڦرڻيءَ وانگر ڦرنديون رهنديون آهن- آسيه يارهن
سالن جي آهي- ڪڏهن ته هوءَ به پنڌرهن سالن جي
ٿيندي، ڪڏهن ته هن جو وقت به ايندو پوءِ ستن سالن
جي فوزيه هن جي لاءِ پهرو ڏيندي.
نازلي مايوس ٿيندي چيو، ”اسان اهڙيءَ طرح ڪيستائين
ملندا رهنداسين؟“
شريف ڳالهايو، ”چئه ته تنهنجي گهر پيغام موڪلايان؟“
”ڇا چوندين؟ پر نه ڇا چورائيندين؟“
”هي چيو ويندو ته ڇوڪرو فلمي اداري ۾ هدايتڪاريءَ
جو ڪورس ڪري رهيو آهي ۽ ڊپلوما ڪري ڊئريڪٽر
ٿيندو.“
”بابا ته فلم جو نالو ٻڌندي ئي ڪنن تي هٿ رکي توبه توبه ڪندو“.
”ها پر فلم ته هو به ڏسندو آهي- هو مولوي خيرالدين
۽ يوپي ريسٽورنٽ جو مالڪ معراج ميان لڪي فلم ڏسڻ
ويندا آهن- تو ئي ته مون کي ٻڌايو هو.“
”اهو برابر آهي“ نازليءَ چيو،
”پر
اڃان تون ڪمائين ڪجهه نٿو هو ڪيئن رشتو قبول
ڪندا.“
”انهيءَ ڪري ته چوندو آهيان ته باقي هڪ سال جي ته
ڳالهه آهي- هڪ سال اڃا ترس- هڪ سال کانپوءِ
هدايتڪاري ڪورس پورو ڪرڻ سان ئي 25000 هزارن جو
ڊئريڪٽر ٿي ويندس.“
”سچ؟“ نازليءَ جون اکيون خوشيءَ مان روشن ٿي ويون-
ڄڻ ته هوءَ وڏن وڏن پوسٽرن تي هدايتڪار محمد شريف
جو نالو ڏسندي هجي.
اوچتو آسيه سامهون واري بالڪني مان اٿي ڳاڙهو
رومال هوا ۾ لوڏيو.
نازلي ڇرڪ ڀري اٿي بيٺي ۽ چيائين ”مان وڃان ٿي،
بابا اچي ويو.“
آسيه پري کان پيءُ کي ڏٺو هو، ڳاڙهو رمال پيءُ جي
اچڻ تي کلندو هو ۽ نيرو رومال ماءُ جي اچڻ تي-
نازليءَ ڊڪ ڀري ۽ اولهه واري گيٽ کان نڪري پنهنجي
گهر جي طرف ڊوڙندي هلي ويئي- شريف تڪڙ ۾ کائنس
ايترو به نه پڇي سگهيو ته ٻيهر ملڻ ڪڏهن ٿيندو-
خير بعد ۾ ڪانه ڪا ترڪيب ڳولهي ڪڍبي- هاڻي اهو
سوچي نم جي وڻ هيٺان پيل بينچ تان اٿڻ جي تياري
ڪري رهيو هو، ته هن ڏٺو هڪ سنهڙو سڪڙو هيڊي منهن
وارو نوجوان ڊوڙندو ٿاٻڙندو پارڪ ۾ داخل ٿيو، ۽
ڊڪندي ڊڪندي شريف کان چند قدمن جي مفاصلي تي اوچتو
چڪرائجي ڪري پيو- هن جو مٿو رائل پام جي پٿرائين
ڪونڊيءَ سان زور سان وڃي لڳو.
ڪجهه وقت ته شريف وائڙو ٿي ويو، پوءِ اڳتي وڌي
نوڙي انهيءَ نوجوان کي ڏٺو- سندس اکيون بند هيون،
ڳل هيڊا ۽ چپ نيرا ٿيندا ٿي ويا- هن جا هٿ پير سڌا
ڪندي شريف غور سان ان بي هوش نوجوان جي مٿي کي
جاچي ڏٺو.
برابر سندس مٿو پٿر جي ڪونڊيءَ سان لڳو هو. مگر
مٿي مان رت ڪونه ٿي وهيس، ۽ نه وري ڪو مٿي تي ڌڪ
جو ظاهري نشان ئي هوس- تنهن هوندي به ممڪن آ ته
نوجوان کي مٿي ۾ ڳجهو ڌڪ لڳڻ ڪري بي هوش ٿيو.
شريف هيڏي هوڏي نهاريو- اتفاقاً
ان وقت پارڪ ۾ ٻيو ڪوبه ماڻهو نه هو- پارڪ جي
پويان سڄي کٻي ٻئي رستا وهي رهيا هئا- سامهون واري
پڪي سڙڪ مان چار رستا نڪرن ٿا- هڪ رستو بندره
اسٽيشن ڏي وڃي ٿو، ٻيو ڪارنر روڊ جي پاسي، ٽيون
بندره مسجد ڏي، ۽ چوٿون لڪنگ روڊ ڏي ۽ ها هڪ پنجون
رستو به آهي! گهوڙا بندر ڏي ويندڙ رستو- آٽوميٽڪ
روشنين وارن ٽريفڪ سنگل جي انتظام کان علاوه هتي
ٻه ٽريفڪ جا سپاهي هر وقت هوشيار بيٺا رهندا آهن.
شريف هڪ سپاهي کي وڃي چيو، ”ته هڪ ماڻهو پارڪ ۾ بي
هوش ٿي ويو آهي!“ ”پوءِ مان ڇا ڪريان؟“ سپاهيءَ ان
کي جواب ڏنو- ”شام جو وقت آهي ٽريفڪ ڏسين ٿو ڪيڏي
آهي، هن وقت مان ڊيوٽي ڇڏي ڪاڏي به وڃي نٿو
سگهان.“
”پر مان ڇا ڪريان“ شريف مجبور ٿي سپاهيءَ سان
مشورو ڪيو. سپاهي کي شريف جي چهري تي عجيب قسم جي
معصوميت ۽ همدردي جي ريکا نظر آئي هن همدرديءَ سان
چيو ”ان کي ٽيڪسيءَ ۾ ويهاري اسپتال وٺي وڃ.“
شريف هيڏي هوڏي نهاريو، پاڻيءَ جو نل ويجهو ڪٿي به
ڪونه هو نه ته بي هوش نوجوان جي منهن تي ٻه چار
ڇنڊا هڻي ان کي هوش ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪري ها.
سامهون دائود ڀائي فرنيچر واري جي ڀرسان فاروق
ميان ميوي واري جو دوڪان هيو- فاروق ۽ شريف ڪنهن
وقت اسڪول ۾ گڏ پڙهيا هئا. پر پوءِ شريف ڪاليج ۾
پڙهڻ ويو ۽ فاروق ميوي جو دوڪان کوليو. اڄ ڪلهه
فاروق گهٽ ۾ گهٽ پندرهن سؤ رپيا مهيني ۾ ڪمائيندو
آهي. شريف فاروق جي دوڪان تان سنگتڙن ۽ موسمين جي
گڏيل رس جو گلاس ڀري کڻي آيو ۽ واپس ساڌو واسواڻي
پارڪ ۾ هليو ويو.
بي هوش نوجوان جي جسم ۾ ٿوري چرپر ٿيڻ شروع ٿي وئي
هئي- شريف کيس گهلي نم جي ڇانو ۾ آندو ۽ نوجوان جو
مٿو پنهنجي جهوليءَ ۾ رکي سندس چپن ۾ ميوي جي رس
ڦڙو ڦڙو ڪري وجهڻ لڳو- نوجوان آهستي آهستي
پهريائين ڏکيائي سان ۽ پوءِ آسانيءَ سان رس پيئندو
ويو. جڏهن گلاس ختم ٿي ويو ته هن اکيون کوليون،
عجيب گهريون ٻڏل ۽ وحشتناڪ
اکيون- پوري چهري تي ڄڻ گهنج هئس. ائين ٿي لڳو ڄڻ
هن ڪيترن ئي ڏينهن کان کاڌو ناهي کاڌو.
”هاڻي طبيعت ڪيئن ٿو محسوس ڪرين“ شريف دلي همدردي
مان پڇيو.
”هون“ نوجوان جو آواز آيو.
”تنهنجو نالو ڇا آهي؟“
”هان.“
”ڪاٿئون ٿو اچين“
”غان.“
شريف کي پڪ ٿي وئي ته پٿر جي ڪونڊيءَ سان ٽڪرجڻ جي
ڪري ڪو ڳجهو ڌڪ لڳو اٿس ۽ ويچارو دماغي توازن
وڃائي ويٺو آهي.
”ڪيڏانهن ويندين؟“ شريف تمام نرميءَ سان پڇيو.
”فرنٽ“ نوجوان جي زبان مان نڪتو.
شايد ويچارو چريو ٿي پيو آهي- شريف سوچيو جيڪڏهن
هن کي ڪجهه وقت آرام ۽ دماغي سڪون ملندو ته سندس
عقل سالم ٿي ويندو- ائين ممڪن آهي، ڇاڪاڻ ته هن
ڪيترن ئي ڪتابن ۾ ائين پڙهيو هيو.
اهو سوچي شريف ٽيڪسيءَ تي نوجوان کي بندره کان
ڪائونٽ ايوي نيو سانتا ڪرزواخ پنهنجي گهر وٺي آيو،
شريف پنهنجي ماءُ جو اڪيلو پٽ هو، سندس ماءُ ڪنهن
ڪاليج ۾ پرنسپال هئي، ۽ شريف جي ٻين سان همدرديءَ
سبب مٿس ناراض رهندي هئي. هن کي ڏسندي ماڻس
ڳالهايو ”وري ڪنهن کي وٺي آيو آهين؟“ شريف هڪدم
ڪاوڙ مان ڳالهايو، ”هن جي حالت نٿي ڏسين، امان
ويچارو پٿر جي ڪونڊيءَ سان ٽڪرجڻ سبب پنهنجو عقل ۽
شعور وڃائي چڪو آهي، جلد ڪر هن لاءِ پلنگ تي بسترو
وڇاءِ، ٻه ٽي ڪلاڪ آرام ڪندو ته ضرور هوش ۾ اچي
ويندو.“
ماڻس ڪڪ ٿيندي ڪاوڙ مان ڪيترا ڀيرا خاموش ٿي
مٿو ڌوڻيو پر هوءَ پنهنجي پٽ جي طبيعت کان واقف هئي، هن هڪ پلنگ تي بسترو وڇايو، نوڪر قاسم، ماڻس ۽ شريف ٽنهي
گڏجي هن کي کڻي بستري تي سمهاريو. مگر بستري تي
سمهڻ کانپوءِ اهو نوجوان اکيون ڦاڙي هيڏي هوڏي
نهاريندو رهيو- پوءِ وات مان بلڪل هوريان سرٻاٽ
ڪرڻ لڳو. ”انگ......انگ.......انگ....“
”انگ ڇاهي؟“ شريف ان جي مٿي تي هٿ رکي محبت مان
پڇيو.
”انگ انگ“ هن نوجوان وڏي مشڪل سان چيو.
”اڱر“ شريف پڇيو.
شريف جي ماءُ ڪاوڙ مان چيو.
”ها ها هن جي مٿي تي اڱر رک ته هو پنهنجو پاڻ هوش
۾ اچي ويندو.“
”امان امان! مذاق ڇوٿي ڪرين؟ انسانيت به ڪاشيءِ ٿيندي آهي؟ آهي
يا نه“.
شريف ڪاوڙ مان ڳالهايو.
”انگ“
نوجوان وري ڀڻڪڻ لڳو.
”شريف ڳالهايو، هن کي ڪجهه ياد اچي رهيو آهي سندس شعور واپس ٿي
رهيو آهي“. وري هن نوجوان ڏي جهڪي چيو.
”انگورڇو؟“
نوجوان انڪار ۾ مٿو ڌوڻيو.
”انگرڪو؟“
نوجوان وري انڪار ۾ مٿو ڌوڻيو.
”شايد انگولا جي فرنت وڃڻ چاهيندو هوندو هن کي اوڏانهن موڪل“.
شريف جي ماءُ طنزيه انداز ۾ چيو هوءَ اڃا ڪجهه چوڻ
واري هئي مگر پٽ جون ڳاڙهيون اکيون ڏسي چپ ٿي
ويئي.
”انگور کائيندين“ هڪدم شريف پڇيو.
نوجوان جي چهري تي مسڪراهٽ آئي هن آهستي مٿو
لوڏيو.
”انگور ؟“ شريف تمام نرميءَ سان پڇيو.
نوجوان وري ها ۾ مٿو لوڏيو.
شريف جي ماءُ ڪاوڙ ۾ مان منهن ڦيري ڇڏيو، مگر شريف
ڪنهن جي ٻڌڻ وارو نه هو هن فرج کولي انگورن جا ٻه
ڇڳا ڪڍي پليٽ ۾ رکي ان نوجوان جي وات ۾ هڪ هڪ داڻو
ڪري وجهڻ لڳو.
سيرکن انگورن جو کائي نوجوان پاڻ اٿيو ۽ تعجب مان
هيڏي هوڏي نهاري چوڻ لڳو، ”هتي مون کي ڪير وٺي
آيو؟“
شريف اهو ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو، ته هن چرئي جو عقل
موٽي آيو آهي، شريف ان نوجوان کي ساري حقيقت
ٻڌائي.
نوجوان ٻئي هٿ مٿي ۾ وجهي چيو، ”ان ڪري اڃا تائين
منهنجو مٿو ٿو ڦري هاڻي مون کي گهر وڃڻ گهرجي.“
”تنهنجو گهر ڪٿي آهي؟“
”ڪلياڻ ۾.“
”بمبئي کان ڪلياڻ لوڪل ٽرين ويندي آهي مان توکي
ڇڏي اچان ٿو.“
”نه نه مان پاڻهي هليو ويندس.“انهيءَ نوجوان پلنگ
تان اٿندي چيو، پوءِ هن پنهنجي چولي جي کيسي ۾ هٿ
وجهي چيو، مگر منهنجو ٻٽو ڪٿي آهي؟“
”تنهنجو ٻٽو؟“ شريف پڇيو، ”ڇا تنهنجي کيسي ۾
ڪونهي؟“
نوجوان پنهجي سوٽ جا ٻئي کيسا ڳوليا ۽ شڪي نظرن
سان شريف ڏي ڏسڻ لڳو.
”تنهنجي ٻٽوءَ ۾ ڪيترا پئسه هئا؟“ شريف ڪجهه وقت
ترسي پڇيو، ”ويهه روپيه“نوجوان چڙ مان جواب ڏنو.
شريف ان نوجوان کي کارا اسٽيشن تائين ڇڏي آيو. هي
ڏاڍو خوش هو ڇو ته نوجوان جو بگڙيل دماغ ٺيڪ ٿي ويو هو.
هاڻي هو عام انسانن جيان صحيح نموني ۾ ڳالهيون ڪري
رهيو آهي، تڏهن به هن احتياط حميد کي (هي انجو
نالو هو) تفصيل سان هدايتون ڏنيون. کاراکان بي بي سي آءِ لوڪل ٽرين
تي دادر وڃجانءِ. دادر کان جي آءِ بي لوڪل ٽرين پڪڙي سڌو ڪلياڻ هليو وڃجاءِ. ۽ اهڙي گاڏي تي وڃجاءِ
جيڪا سڌي ڪلياڻ ويندي هجي، ۽ ٿاڻي اسٽيشن تي نه
بيهي رهي؟“
”مون کي سڀ خبر آهي.“ ان نوجوان مٿو لوڏي چيو،
”هاڻي مون کي سڀ ڪجهه ياد اچي رهيو آهي.“
اهو نوجوان شريف کان موڪلائي دادر وڃڻ جي بجاءِ
رستي ۾ ماهم تي لهي ويو ۽ اسٽيشن کان ٻاهر نڪري
مختلف بلڊنگين ۽ رستن مان گذرندو، هو پنهنجي
کوليءَ ۾ پهتو جتي سندس ماءُ پريشاني ۾ هن لاءِ
انتظار ڪري رهي هئي؟
هن کي ڏسندي ئي ماءُ ڪاوڙ مان چيو، ”اڙي حميد تون
هن وقت تائين ڪٿي هئين؟ ڏس ته ڪيڏي رات گذري چڪي
آهي!“
حميد چيو امڙ مان ڇاڪيان مون کي هڪ ماڻهوءَ قيد
ڪيو هو ۽ جيڪو ڪنهن به طرح ڇڏي ئي نه پيو ڪڏهن رس
پئي پياريائين، ڪڏهن انگور ٿي کارايائين، ڪڏهن
پنهجي بستر تي سمهڻ لاءِ ٿي چيائين ويندي ويندي
مون کي ويهه روپيه به ڏيئي ويو عجيب قسم جو بيوقوف
ماڻهو ٿي معلوم ٿيو.“
ايترو چئي حميد ويهه روپيه کيسي مان ڪڍي پنهنجي
ماءُ کي ڏنا ۽ وڏا وڏا ٽهڪ ڏيڻ لڳو. |