سيڪشن؛ ڪهاڻيون

ڪتاب: ڪرشن چندر جون ڪهاڻيون

باب: --

صفحو :12

فرانسيسي عورت بهترين محبوبه آهي، پر جيڪڏهن هوءَ ماءُ ٿيڻ چاهي ته ان کان بهتر ماءُ جو به تصور ئي نه ٿو ڪري سگهجي. هن جي مٺي آواز موهنيءَ کي پنهنجائپ جو احساس ڏياريو روئيندي روئيندي هن پنهنجي زندگيءَ جو سڄو استان ٻڌائي ڇڏيو. داستان به هو ڇا! ڍند منٽن ۾ پورو ٿي ويو.

”چئن سون مان تنهنجو ڪم هلي ويندو؟“ سوسنا ڏاڍيءَ شفقت سان سندس مٿي تي هٿ گهمائيندي چيو.

”ميڊم!؟“ موهنيءَ کان حيرت منجهان رڙ نڪري وئي.

”سوسنا! بلونت راءِ به حيرت ۽ خوشيءَ منجهان رڙ ڪئي، پر سندس آواز ۾ خوشي بلڪل نه هئي.

”بس ڪري ويهه! ميڊم پنهنجي مڙس کي دڙڪو ڏنو، ”توکي خبر ناهي ته هتي اسان هندستاني مٺائي نه ٿا کپايون. چار سئو به هن ڇوڪري لاءِ تمام گهٽ آهن. تون سندس مسئلا ته ڏس!“

”او ڀين!“ بلونت راءِ ڪنهن زماني ۾ جالنڌر جو مشهور پهلوان هوندو هو. سندس مشهوريءَ جو راز اهو هو ته وڏن وڏن پهلوانن سان وڙهڻ لاءِ راضي ٿي ويندو هو، پر سدائين هارائي ويهندو هو - ۽  جڏهن هيٺ وڃي ڦهڪو ڪندو هو، تڏهن ڏاڍي مايوسيءَ منجهان رڙ ڪري پاڻ کي چوندو هو، ”او ڀين!“ هو پئرس ۾ پنهنجي پهلوانيءَ جا ڪرتب ڏيکارڻ ويو هو، پر سوسنا جي ور چڙهي وڃي ڦهڪو ڪيائين، تڏهن کان هن  پهلواني ڇڏي، هندستاني مٺاين جو ڌنڌو شروع ڪيو هو.

سوسنام وهنيءَ کان پڇيو، ”خوشبوئن بابت توکي ڪهڙي چاڻ آهي؟“

”مون اڄ تائين ڪابه خوشبوءِ ناهي واپرائي!“ موهنيءَ ڊڄندي ڊڄندي چيو.

سوسنا ڏاڍو خوش ٿيندي چيو، ”پوءِ ته ڏاڍو سٺو، جلدي سکي ويندينءَ. پڙهيل طوطي کي پڙهائڻ ڏاڍو اوکو هوندو آهي!“

”اوڀين!“ بلونت راءِ وري ڏاڍي مايوسيءَ منجهان چيو، کيس چٽو ڏسڻ ۾ اچي رهيو هو ته هن جو ڪجهه هن مهل تائين هندستاني مٺاين مان ڪمايو آهي، اهو سڀ فرانسيسي عطر سان گڏ اُڏي ويندو.

”شٽ اپ!“ سوسنا کيس ڌمڪائيندي چيو. بلونت راءِ هڪدم شٽ اپ ٿي ويو.

”مان ٻن مهينن تائين گهر ۾ توکي ٽريننگ ڏينديس،“ سوسنام وهنيءَ کي چيو، ”ٻن مهين کان پوءِ تون دڪان تي ڪم تي چڙهندينءَ، دڪان تي پهرڻ لاءِ ڪپڙا اسان ڏينداسين، لنچ جو خرچ اسان جو هوندو، دڪان بند ڪرڻ کان پوءِ شام جو تون انهن ئي ڪپڙن ۾ منهنجي گهر ايندينءَ، ۽ هتان پنهنجا ڪپڙا پهري گهر ويندينءَ – تنهنجو گهر ڪٿي آهي؟“

”کوکر بلڊنگ، اٺون نمبر کولي، نانگ پاڙو،“ موهنيءَ چيو. سوسنا سندس ائڊريس لکي ڇڏي.، نانگ پاڙي جو نالو ٻڌڻ شرط بلونت راءِ کي لڳو، ڄڻ تمام گهڻيون بدبوئون سندس نڪ ۾ گهڙي ويون هجن! پر هو چپ رهيو، ڇو ته زال کيس شٽ اپ ڪري ڇڏيو هو، ۽ هو هڪ وفادار مڙس هو.....

”سوسنا موهنيءَ کي پنهنجو ڪارڊ ڏيندي چيو، ”هيءَ اسان جي گهر جي ائڊريس آهي.“

موهنيءَ هڪ نظر ڪارڊ تي وڌي، ”يارهون نمبر وارڊن روڊ،“ ۽ پوءِ ڪارڊ پنهنجي انگيءَ ۾ وجهي هلي وئي.

ٻن مهينن کانپوءِ چرچ گيٽ جيڪنڊ تي روز اينڊ روز ڪمپني سان لڳو لڳ فرينچ پرفيومز لميٽيڊ دڪان کليو ته سڄي علائقي ۾ فرانسيسي خوشبوئن جي مهڪار ڦهلجي وئي- ڪولاباکان، مالابار هل کان، مرين ڊرائيور کان، ڪف پريڊ کان، وارڊن روڊ کان، ڪمبالا هل کان ماڻهو هڪٻئي پٺيان عطر وٺڻ لاءِ اچڻ لڳا. ڪي ڪي شوقين ته ڏينهن ۾ ٻه ٻه ڀيرا به اچڻ لڳا.

موهنيءَ کي هاڻي ڪوئي سڃاڻي به نٿي سگهيو، ته هيءَ اهائي ڪمرشل ڪاليج ۾ پڙهندڙ اداس اداس سنڌي ڇوڪري آهي، چال ۾ سنڌي عورت وارو وقار، آواز ۾ فرانسيسي عورتن وارو اعتماد – سندس فرينچ گائون، خوبصورت پرس، سندس چوڏسا ڦهليل عطرجي خوشبوءِ – ڪيتريون ئي فيشن ايبل عورتون کيس ڏسڻ اينديون هيون، ته اڄ هن ڪهڙو گائون پاتو آهي،  ڪهڙو پرس کنيو آهي، ڪهڙي خوشبوءِ استعمال ڪئي آهي، ميڪ اپ جو انداز ڇا اٿس؟ عورتون کيس ڏسي  چريون ٿيڻ لڳنديون هوين، مرد کيس چريا ٿي ڏسندا هئا، ۽ موهنيءَ جي زبان هاڻي ڇا هلندي هئي! اها گهٽ ڳالهائو سنڌي ڇوڪري هاڻ هڪ پل لاءِ به چپ نه رهندي هئي، ڇو ته ميڊم کيس سمجهائي ڇڏيو هوته خاموش رهئينءَ ته تنهنجي ڳالهين جي سڄي خوشبوءِ اڏري ويندي، عطر وڪرو ڪرڻو آهي ته گراهڪ کي هر وقت ڳالهين جي ڄار ۾ ڦاسائي رک. هڪ کان پوءِ ٻيو عطر سامهان رکندي وڃ، عورتون پنجاهه عطرن مان هڪ جي چونڊ ڪنديون آهن – مردن لاءِ سڄو زور فقط هڪڙو عطر وڪڻڻ تي ڏي.

جڏهن درشن کيس ڏٺو، تڏهن هوءَ ڪائونٽر تي بيٺي هاءِ سوسائٽيءَ جي مس خورشيد ابٽن والا جي سامهون عطرن جون مختلف شيشيون رکي ڳالهائي رهي هئي، ”خشبوءِ جو راز انهيءَ ڳالهه ۾ آهي ته مس ابٽن والا، صحيح خوشبوءِ خريد ڪئي وڃي، جنهن جي شخصيت خريد ڪرڻ واري جي شخصيت سان هڪجهڙائي رکندڙ هجي.“

”خوشبوءِ جي به شخصيت ٿيندي آ موهني!؟“ خورشيد ابٽن والا کلي چيو.

”ها مس ابٽن والا! هر شخصيت جي پنهنجي خوشبوءِ هوندي آهي، پنهنجي هڪ صورت هوندي آهي، ان جو رنگ هوندو آهي، مثال طور گلاب جو عطر آهي، هن گلاب جي خوشبوءِ جا چپ، ٿورو سنگهي ڏسو نه... هن گلاب جا چپ ڪهڙا نه ڳاڙها ۽ مٺاڻ سان ڀريل... بلڪل توهان جي چپن جهڙا آهن.... هر وقت ڪنهن اڄاتل جذبي سبب ڏڪندڙ....“

مس خورشيد ابٽن والا بي اختيار خوش ٿي کلي پئي.

”هيءَ چنبيليءَ جي خوشبوءِ  ڏسو، ڪهڙي نازڪ ۽ نرم چيلهه واري خوشبو آهي! پنهنجي خوبصورت چال سان دلين کي لوڏيندڙ.... ۽ هي ڏسو، پئرس جي رات  ڊگهي قد واري، ڪارا وار ڦهلائي پنهنجا نرم ڳل اوهان  جي ڳلن سان ائين لڳائيندي جو ڳلن ۽ وارن جي ڇهاءُ سان اوهان جي جسم ۾ وڻندڙ ڪتڪايون ٿيڻ لڳنديون... ۽ هي جوهي جي ڪنواري خوشبوءِ، پوتر پوتر، لڪندڙ لڪندڙ، چور نگاهن سان توهان جي  دل تي حملو ڪندڙ، ڪڏهن هڪ وک اڳتي وڌندڙ، ڪڏهن هڪ وک پوئتي هٽڙندڙ – هن جي مهڪ ڪنهن شرمائيندڙ ڪنواريءَ جيان حجاب ۾ ٻڏل لڳندي آهي..... ۽ هي سنگهراج جي خوشبوءِ، ڀوري ڀوري رنگ واري، کليل کليل ۽ روشن خوشبوءِ، بلڪل توهان جي چهري جهڙي مس ابٽن والا! وهنجي هن کي ٿورو جسم تي لڳايو، ائين ڄڻ پرڀات بادلن جي گجيءَ سان ڌوپي ٻاهر نڪتي هجي!... هيءَ، صرف هيءَ ئي خوشبوءِ جي شخصيت به هوندي آهي، پر سندس لباس به هوندو آهي، جيڪو احساس ۾ ڪڏهن ڦهلبو آهي، ان ڪري مئڊم! دنيا ۾ جيڪي به سليقي واريون عورتون آهن، ڪنهن نه ڪنهن سٺي خوشبوءِ جو سهارو وٺنديون آهن، ائين چوڻ گهرجي ته  لباس جي حسن جيان خوشبوءِ جو حسن به اڌارو وٺنديون آهن، چند منٽن لاءِ خوشبوءِ جو حسن عورت جي حسن مٿان  ڇانئجي ويندو آهي. ۽ مرد سمجهندو اهي ته عورت حسين آهي، جيتوڻيڪ حسين فقط خوشبوءِ ئي آهي!“

اها آخري چوٽ ميڊم سوسنا خاص طور تي موهنيءَ کي رٽائي ڇڏي هئي. عورتون ڏاڍيون ڪچڙيون آهن،  سندن حسن جي تعريف ڪيو، خوب ڪيو، پر ڪٿي هن ۾  هڪ لمحي لاءِ گهٽتائيءَ جو احساس به پيدا ڪيو، جنهن جي چوٽ کائي، هو توهان جي عطر کي پنهنجي حسن لاءِ ضروري سمجهن، نه ته هو تنهنجو عطر ڇو خريد ڪنديون؟ عورت ڏاڍي پريڪٽيڪل هوندي آهي موهني!

مس ابٽن والا ه خوشبوئون خريد ڪري هلي ويئي. روز،  جنهن جا چپ موهنيءَ جي خيال ۾ مس ابٽن والا جي چپن جهڙا هئا (جيتوڻيڪ نه هئا) ۽ سنگهراج... جنهن جو رنگ مس ابٽن والا جي رنگ جهڙو هو. هڪ سئو ستر روپين جو بل ٿيو. جيتوڻيڪ ڀينڊي بازار جا عطر وڪڻندڙ اهي ٻه خوشبوئون ڏهين پندرهين روپئين ۾ ڏيئي ڇڏيندا هئا. اهي به ڪمبخت ڇا عطر وڪڻندا هئا، لوهه جي هڪ سرائيءَ تي ڪپهه جو ٻڙو هڻي عطر وڪڻندا هئا، ڄڻ عطر نه وڪڻندا هجن،  ڪنن مان گند ڪڍندا هجن.

هتي موهنيءَ جون ڊگهيون ڊگهيون نازڪ نازڪ آڱريون عطر هڻنديون هيون. درشن کي ائين لڳو، ڄڻ ڪنهن سندس دل دنبوري جي سمورين تارن کي ڇهي ورتو هجي، هو موهنيءَ کي ڏسندو ئي رهجي ويو. جڏهن مس ابٽن والا جي وڃڻ کان پوءِ هن درشن کي چيو، ”حڪم ڪريو، اوهان کي ڪهڙو عطر گهرجي؟“ تڏهن هو ککو وکو ٿي ويو، هو ته فقط کيس ڏسڻ خاطر اندر هليو آيو هو،  موهنيءَ جو حسن کيس اندر ڇڪي آيو هو. هاڻي هيءَ ڇوڪري کانئس  ڇا پڇي رهي هئي.، هن ککو وکو ٿيندي چيو، ”جي!“ ڄڻ کيس ڪجهه به نه، موهني کي ئي ڪجهه خريد ڪرڻو هجي.

”ڪوئي عطر ڏيکاريان يا يوڊي ڪولون؟ اسان پئرس کان نوان يوڊي ڪولون گهرايا آهن... هي اسپين جي وادين جي گلن جا اصلي يوڊي ڪولون آهن، هي صبح جي پهر وهنجي سهنجي اسعتمال ڪرڻ وارو يوڊي ڪولون... هي منجهند جي گرمي دور ڪرڻ وارو يوڊي ڪولون... هي ڪم ڪار کان  واندو ٿي، واڪ ڪرڻ وارو  يوڊي ڪولون.... هي رات جي ڊانس ۾  چانهن کان اڳ هڻڻ وارو يوڊي ڪولون.... مڪمل سيٽ هڪ سئو يارهين روپئين جو آهي. اسپين جي وادين ۾ کڙندڙ اصلي گلن جو يو ڊي ڪولون...“

”جي...ها.... مون کي ڪجهه نه گهرجي.“ درشن شرمائيندي چيو، ۽ سندس منهن ڪنن تائين ڳاڙهو ٿي ويو، ”مان ته.... مان فقط توهان کي ڏسڻ آيو هوس..... آفيس ۾ گهڻن ماڻهن.....“

موهنيءَ حياءَ اکيون اکيون هيٺ ڪري ڇڏيون، بلڪل انهيءَ نموني، جنهن نموني اهڙن موقعن لاءِم يڊم ٻڌايو هو، وري جڏهن هن اکيون مٿي کنيون، تڏهن درشن وڃي چڪو هو. موهنيءَ جي دل کي هڪ جهوٻو اچي ويو.

مرد ته گهڻا ايندا هئا، دڪان تي، پر انهن مان اڪثر بي ايمان هوندا هئا، جيڪي کيس ڏسڻ لاءِ ايندا هئا، پر عطر وٺي ويندا هئا، پر هيءُ ڪهڙو ڇوڪرو هو! شرمائي به ويو، ۽ بنا هٻڪ جي سڀ ڪجهه چئي به  ويو، ۽ ڪجهه خريد به نه ڪيائين!! شايد هو ڪجهه خريد ڪرڻ نه، ڪجهه ڏيڻ آيو هو.  شام تائين موهنيءَ کي پنهنجي دل خالي خالي محسوس ٿيڻ لڳي. ڄڻ سندس سمورو دڪان ڦرجي ويو هجي.... ڪنهن سندس من جي ڳڙکيءَ ۾ جهاتي پائي، سندس سمورا عطر چورائي ورتا هجن. ”هون!“ موهنيءَ پنهنجي وارن کي لوڏو ڏنو- کيس ان قسم جون ڳالهيون نه سوچڻ گهرجن، ميڊم کيس خبردار ڪري ڇڏيو هو... سڀ ڪجهه ٿي وڃي، پر عشق نه ٿيڻ گهرجي. ماڻهو توکي گهمڻ لاءِ چوندا، پر تون ڪاڏي نه ويندينءَ. ماڻهو توکي پارٽين جي دعوت ڏيندا، چانهه جي دعوت ڏيندا، چند منٽن جي اڪيلائي چاهيندا، پر توکي سدائين انڪار ڪرڻو پوندو. ڇو ته تون عطر وڪڻڻ واري آهين، عطر ۽ محبت ۾ به فرق آهي. عطر ٿورڙي دير لاءِ ساٿ ڏيندو آهي، پوءِ  اڏري ويندو آهي – محبت جيڪڏهن چنبڙي پوي ته زندگيءَ ڀر ساٿ نه ڇڏيندي آهي –جيڪڏهن عطر وڪڻڻ چاهين ٿي ته محبت ٻحبت ۾ پلئه نه اڙائجانءِ....

شام جو ميڊم سوسنا جي گاڏي کيس کڻڻ لاءِد ڪان جي ٻاهران اچي بيٺي،ان وقت ڇهه وڄي رهيا هئا، پهرين ته موهنيءَ اندر باٿ روم ۾ وڃي پنهنجو ميڪ اپ  ٺيڪ ڪيو، وار سنواريا، شام وارو خوبصورت لباس پهريوم، ڇو ته کيس ڄاڻ هئي ته ٻاهر شوقين مزاج نوجوانن ۽ وڏن وڏن رئيس زادن جون ڊگهيون ڊگهيون گاڏيون بيٺيون هونديون سڀ کيس ڏسڻ ڪارڻ بيٺا هوندا آهن. انهيءَ مهل کيس دڪان منجهان ڪنهن پراسرار شهزاديءَ جيان نڪرڻو پوندو هو، هوءَ ڏاڍي وقار سان باٿ روم مان ٻاهر نڪتي، بلونت راءِ کي هن مٿي جي لوڏ سان سلام ڪيو، ۽ پوءِ پرس لوڏيندي  ٻاهر نڪري آئي. ڊرائيور سليوٽ ڪري هن لاءِ ڪار جو دروازو کوليو، ڏسندڙن جون نظرون مٿس کپي ويون. ڪجهه سيٽيون وڳيون، ڪجهه هاءِ هاءِ ٿي. ڪجهه چڻنگون نڪتيون، ڪجه آهيون.... ۽ پوءِ گاڏي وارڊن روڊ ڏانهن هلي ويئي.

ميڙ ۾ درشن به ڪٿي بيٺو هو. موهنيءَ کي ڀڙڪندڙ لباس ۾ ڏسي سندس منهن ۾ پنو لهي ويو. ڪهڙي نه ڀل ..... هئي هن، جو هن سيلز گرل مٿان موهت ٿي پيو هو!ل هي ته نه ڄاڻ مالا بارهل يا وارڊن روڊ جي ڪائي اپسرا آهي، جيڪا ڪار ۾ ايندي آهي ۽ ڪار ۾ ويندي آهي، جنهن جا گائون پئرس منجهان سبجي ايندا آهن، وار تاج ۾ سيٽ ٿيندا آهن، ۽ جنهن جو  ميڪ اپ نيويارڪ جي ميڪ اپ کان سواءِ اڻ پورو هوندو آهي. هن ته شايد وندر طور عطر وڪڻڻ جو ڪم شروع ڪيو آهي... کيس وساري  ڇڏ واڱڻ! ۽ آرام سان اڍائي سون جي نوڪري ڪندو رهه - ۽ جيڪڏهن عشق ڪرڻ جو ايڏو ئي خفت اٿئي ته ڇا تنهنجي آفيس ۾ هوءَ مس ڊيسوزا خراب آهي؟ ڏيڍ سئو روپيا  پگهار اٿس. ور ورتنهنجي ميز تي اچي جهڪندي آهي، ۽ پنهنجون اڌ اگهاِڙيون ڇاتيون ڏيکاري هلي ويندي آهي. شيفون جا خيال لاهي ڇڏ، ۽ پنهنجي سوٽي مال ۾ مست لڳو رهه!

پر درشن جي دل هٿن مان نڪري ويئي، ٻئي ڏينهن وري هو فرينچ پرفيومز جي دڪان تي ويو. ٽين ڏينهن به ويو هو. چوٿين ڏينهن به ويو. پنجين ڏينهن به ويو. روزانو هو آفٽر شيو بوڊي ڪلون وٺڻ لڳو، جنهن جي قيمت ڏهه روپيا  هئي. هو ٻيو ڪجهه به نه چوندو هو. بس، يوڊي ڪولون وٺندو هو، ۽  چپ چاپ بنا ڪجهه چوڻ – ٻڌڻ جي دڪان کان ٻاهر نڪري ويندو هو،.

ڇهين ڏينهن موهنيءَ کيس چيو، ”يوڊي ڪلون جون گهڻيون شيشيون خريد ڪندين؟“

”پنجويهه!“

”پنجويهه؟“

”ڳالهه هيئن آهي ته...“د رشن  هن کي سادگيءَ سان سمجهائيندي چيو، ”منهنجي پگهار  اڍائي سئو روپيا آهي، مان انهيءَ پگهار مان فقط پنجويهه شيشون خريد ڪري سگهان ٿو. ان ڪري روزانو هڪ شيشي وٺي ويندو آهيان. پنجويهن ڏينهن تائين ايندو رهندس. پوءِ پنج ڏينهن نه ايندس – وري ايندڙ پهرينءَ تي ايندس، پهرينءَ کان پنجويهين تاريخ تائين ايندو  رهندس.... ۽ انهيءَ نموني....“

”گهڻن سالن جو پلان آهي؟“ موهنيءَ شوخيءَ منجهان پڇيو.

”چئي نه ٿو سگهان... جيسين کيسي ساٿ ڏنو، يا قرض ملندو رهيو، يا پارٽ ٽائيم جاب ملندو رهيو.....“

جڏهن ٽي مهينا ائين ئي گذريا ويا، تڏهن موهنيءَ کي ڪاوڙ اچڻ لڳي، ”پر هي ته انتهائي غلط آهي مسٽر!“

”منهنجو نالو درشن آهي.“ درشن چيو، ”ڄاڻان ٿو ته اها غلطي آهي- ڪٿي تون وارڊن روڊ تي رهڻ واري شهزادي، ڪٿي مان هڪ معمولي اداري ۾ ڪم ڪرڻ وارو ڪلارڪ! تون ڇا ٿي سمجهين، ته ڇا مان نٿو ڄاڻان ته مان ڇا ڪري  رهيو آهيان! مون کي وڏي مصيبت ٿي برداشت ڪرڻي پوي، رات جو چار چار ڪلاڪ وڌيڪ تائيپ سان مٿي ماري ڪرڻي ٿي پوي..... آڱريون وٺجي وينديون آهن...... پر....“ اوچتو هو چپ ٿي ويو.

موهنيءَ جي دل جو دهڪو وڌي ويو. آهستي پڇيائين، ”پر ڇا؟“

”نه- ڪجهه به نه، منهنجو يو ڊي ڪولون ڏي.“

موهني يو ڊي ڪولون کڻڻ لاءِ منهن ئي نه ورايو ته ايتري ۾ هڪ گهوڙي منهن انگريز عورت ڏاڍي پريشانيءَ منجهان اندر داخل ٿي، کيس ڪارو ماتمي وڳو پهريل هو. موهنيءَ جو ڌيان هڪدم ڏانهنس ڇڪجي ويو.

”مون کي خوشبوءِ گهرجي“

”ڪهڙي ميڊم؟“

”ڪائي به ڏي، سٺي هجي مون ٻڌو آهي ته بمبئي ۾ تنهنجي دڪان کان وڌيڪ سٺي خوشبوءِ ڪٿي به ناهي ملندي. ان ڪري سوچيم هن مصيبت ۾ ٻيو ڪاڏي وڃان...“

”ٿينڪ يو ميڊم.. ٿينڪ ٿو... مون کي مصيبت وارين گهڙين ۾ اوهان سان همدردي آهي.... ۽ توهان جو ڪارو وڳو ڏسي مان سوچ ۾ پئجي وئي آهيان ته اوهان کي ڪهڙي خوشبوءِ ڏيان... شايد اوهان جو ڪوئي مٽ مائٽ.....

”نه پياري! گهوڙي ڇاپ انگريز عورت فيصلي واير انداز سان چيو، ”منهنجي زندگيءَ جو سڀ کان پيارو مون کي وڇوڙو ڏئي هليو ويو... منهنجو ٽوني!“

”ٽوني؟ توهان جو مڙس؟“

”گڊ هيونس – نو! ٽوني، منهنجو ڪتو!“

”اوهه! معافڪ جو ميڊم... مون کان ڀل ٿي وئي، اصل ۾ ايترا سوال ڪرڻ جي ضرورت ان ڪري پئي ته ماتمي خوشبوئون به گهڻن قسمن جون هونديون آهن، محبوب جي مرڻ تي ٻي، مڙس جي مرڻ  تي ٽين، ٻار جي مرڻ تي چوٿين اوهين هيءَ خوشبوءِ کڻي وڃو، اسٽوني هارٽ!“

”اسٽوني هارٽ“

”ييس ميڊم! ڏسو هن جو نالو به اوهان جي ڪتي سان ڪيڏو ملندڙ آهي. ٽوني هارٺ ۽ اسٽونر هارٽ ۾ ڪيڏو گهٽ فرق آهي! ڄڻ هيءَ خوشبوءِ فقط اوهان  جي ڪتي جي ماتم لاءِ ٺاهي وئي هجي.“

”اسٽوني هارٽ! واقعي...“ انگريز عورت پرس کوليندي چيو، ”واقعي هو پٿر دل ڪتو هو، مون کي اڪيلو ڇڏي هليو ويو!“ انگريز عورت جي لهجي ۾ ڳوڙهڻ جو هلڪو اشارو هو. پرس کولي هن چيو،

”گهڻا پئسا ٿيندا؟“

”فقط سٺ روپيا!“ موهنيءَ نمرتا سان چيو.

گهوڙي مارڪه انگريزي عورت چيو، ”تون سچ ٿي چوين – هيءَ خوشبوءِ ڏاڍي سٺي آهي. ڳري ڳري... اداس اداس ۽ ڪجهه کهري خوشبوءِ.... بلڪل منهنجي ٽونيءَ جي خشڪ وارن جيان..... مان اهائي ٿي کڻان – انهيءَ سان مون کي پنهنجو ٽوني ياد ايندو. ٿينڪ يو ويري مچ!“

سٺ روپيا ڏيئي، جڏهن انگريز عورت هلي وئي، تڏهن موهنيءَ درشن کان معافي گهرندي کيس يوڊي ڪولون جي شيشي ڪڍي ڏني. ”ساري! توهان کي انتظار ڪرڻو پيو.“

”نه- مون کي ته ويتر وڌيڪ وقت ملي ويو.“

موهني خاموش بيٺي رهي، ويندي ويندي درشن چيو، ”گڊ باءِ، اسٽوني هارٽ!“ درشن جي اکين ۾ لڙڪ هئا.

موهنيءَ جي دل ڏڪڻ لڳي... نه نه! مان عشق ته ڪري ئي نه ٿي سگهان. ڪٿي ملندي اهڙي چئن سون واري نوڪري، انهن چئن سون مان امڙ جو علاج ٿي  رهيو آهي، پنهنجي انڌي ماسيءَ کي ڏوڪڙ  موڪلي رهي آهيان،  منهنبجا ڀائر انگريزي اسڪول ۾ پڙهي رهيا آهن.... مون کي ائين ئي هئڻ گهرجي... ڪيڏو نه چڱو ٿئي ها، جيڪڏهن درشن به ٻين نوجوانن جيان هجي ها، جيڪي کيس ڏسڻ لاءِ دڪان تي ايندا هئا، ۽ ڀوڳ چرچا ڪندا هئا... وڻندڙ چرچا... بخمل ۾ ويڙهيل چرچا،  جن ۾ برين خواهشن جو ڇرو لڪل هوندو آهي، جيڪو ڳالهين ڳالهين ۾ پڌرو به ٿي پوندو آهي... امير گهراڻن جا شهزادا، ملين جا ٿيڻ وارا مالڪ، ٺيڪيدارن جا سپوت، رشوت خور آفيسرن جا صاحبزادا.... گليمر جي ڄار ۾ ويڙهيل، چنڊ جهڙا خوبصورت فلمي هيرا، جيڪي هڪ رات ۾ ويهه هزار به اڏائي سگهيا ٿي... اهي سڀئي سندس هڪڙي نظر لاءِ تڙپيا ٿي... پر فقط هڪڙي نظر لاءِ، هو ڪو عمر ڀر جي ٻنڌڻ لاءِ نه ايندا هئا. هو فقط هڪ نظر خريد ڪرڻ لاءِ ايندا هئا.  جيئن ڪائي عطر جي شيشي خريد ڪرڻ ايندا هئا، ۽ عورت جو پاڻي به ان وقت تائين آهي، جيسين پنهنجي عزت جي شيِشيءَ ۾ محفوظ آهي، عطر جي شيشي کلي ۽ پاڻي غائب. هيءَ مردن جي دنيا آهي، هتي عطر ۽ عورت سدائين بدلايا ويندا آهن. ميڊم انهيءَ نموني ئي کيس سمجهايو هو.

پر پوءِ به کيس درشن اهڙو نه لڳندو هو. ڪوئي سندس من مان چوندو هو: هيءُ ته اهڙو ناهي، هو ته ڪجهه به نه چوندو آهي... بخمل ۾ ويڙهيل ڪو ڪريل چرچو به ناهي ڪندو. سندس اکين ۾ ڪهڙي نه شرافت آهي، ڪيڏو نه پاڻ ارپڻ جو جذبو آهي... من سان چاهڻ جي ڪيڏي نه تمنا آهي منجهس... سندس وکريل وارن جي چڳ کيس ايڏي وڻي ڇوٿي....  ڇو سندس دل چاهي ٿي ته هوءَ کيس سيني سان کڻي لائي... ٻنهي هٿن ۾ سندس منهن وٺي، اکيون پوري کڻي ڇاتيءَ لائي... اوهه! ڪهڙي خواهش آهي هيءَ! جيڪا اندر ٿي کائي.... پر نه... نه... مون کي اهو ڪجهه سوچڻ جو ڪوبه حق ناهي – هو ته مون کي  آسمان تي اڏرڻ واري پري ٿو سمجهي، مان سندس سندر سپنو  ڇو برباد ڪيان.... هن مون کي سدائين فرانسيسي گائون ۾ ڏٺو آهي، خوشبوئن ۾ واسيل، پرس لوڏڌيندي، ميڊم جي گاڏيءَ ۾ ويندي... کيس ڪهڙي ڄاڻ ته مان هڪ هينڊ لوم جي ساڙهي اوڍيندڙ ڇوڪري آهيان، ناگ پاڙي جي هڪ ڪني گهٽيءَ ۾، بدبودار کوليءَ ۾ ٻن ڀائرن ۽ سنڌن جي سور جي سٽيل ماءُ سان گڏ رهندڙ، جنهن کي مهيني ۾ سئو روپيا پنهنجي انڌي ماسيءَ کي موڪلڻا پوندا آهن... جيڪڏهن کيس ساڀيان پلئه پئجي وڃي ته ڇا هو مون سان پريم ڪري سگهندو؟ قطعي نه- بلڪل نه- چڱو آ اهو دوو ائين ئي رهي... پر ان نموني اچي هن جو پاڻ ڦرائڻ به ته مون کي سٺو نه ٿو لڳي، بلڪل غلط آهي. جيڪڏهن مان ساڻس محبت نه ٿي ڪري سگهان ته مون کي کيس برباد  به نه ڪرڻ گهرجي. مون کي ساڻس رکائيءَ وارو سلوڪ ڪرڻ گهرجي، اهڙو، جيئن سندس من ۾ مون لاءِ نفرت جي باهه ڀڙڪي پوي، هو مون سان شديد نفرت ڪرڻ لڳي، مون کي سدائين لاءِ وساري ڇڏي. ياد ڪري ته هڪ خراب، بدمعاش ۽ آواره ڇوڪريءَ جيان ياد ڪري... نه ته هو هن دڪان تي اچي اچي تباهه ٿي ويندو. هي دڪان آهي، محبت جو مئخانو ناهي!

جنهن ڏينهن موهنيءَ اهو ارادو ڪيو، ان ڏينهن هوءَ بيحد ٿڪل ٿڪل ۽ اداس ٿي ڏسڻ ۾ آئي - ۽ ميڊم سندس منهن جو پنو لٿل ڏسي اشارو به ڪيو، پر موهني اهو چئي لنوائي ڇڏيو ته اڄ کيس گهڻو ڪم ڪرڻو پيو آهي، گراهڪي تمام گهڻي هئي ۽ هوءَ بيحد ٿڪل آهي. گائون لاهي، هن پنهنجي ساڙهي لاهي هيڊ لوم جي ساڙهي پاتي، ۽ پراڻا سينڊل کڙڪائيندي موهني وارڊن روڊ  جي شانائتي فليٽ مان لهي، ۽ بس ۾ سوار ٿي ناگ پاڙي هلي وئي.

موهنيءَ جي رٿا جو شروع ۾ ته ڪو چڱو اثر نه نڪتو، درشن به نڪ جو ڏاڍو ڇڪو هو، پر موهنيءَ به سوچي ڇڏيو هو ته پڪائيءَ سان منهن ڏبو، ڇو ته اهو ڏچو سندس همت اڳيان ديوار بڻجڻ لڳو هو، سندس راتين جون ننڊ آرام حرام ڪري رهيو هو. هاڻي اها مصيبت ختم ٿيڻ گهرجي، جنهن ڳالهه منجهان ڪنهن سٺي نتيجي جو آسرو نه هجي، تنهن کي ڍر ڏيڻ مان ڪهڙو فائدو!

هاڻِ درشن کي ڏسي هوءَ منهن ۾ گهنڊ کڻي وجهندي هئي، ۽ هن لاءِ يوڊي ڪولون جي شيشي بل ٺاهي، اڳواٽ ڪڍي رکندي هئي. درشن ايندو هو ته هوءَ بل ۽ شيشي سندس هٿ تي رکي، ”ٿينڪ يو“ چئي، ٻئي گراهڪ ڏانهن مرڪي نهاريندي هئي. تڏهن به درشن باقائدگيءَ سان ايندو رهيو. هو ڪجهه نراس ٿي ويو هو، موهنيءَ جي بي رخيءَ سبب سندس من کي چوٽ پهتي هئي، پر هو پوءِ به ايندو رهيو.

نيٺ هڪ ڏينهن موهنيءَ کي آخري حملي ڪرڻ جو موقعو ملي ويو، ۽ هوءَ ڪنهن اهڙي ئي موقعي  جي تاڙي ۾ هئي. ان ڏينهن گروپ ڪيپٽن لال ڪاڪا سندس ڀرسان بيٺو ساڻس عطرن جي فن تي بحث ڪري رهيو هو. گروپ ڪيپٽن لال ڪاڪا ٻي مهاڀاري لڙائيءَ جو ناميارو جهاز اڏائيندڙ هو. هو آرميءَ منجهان رٽائر ڪري چڪو هو، ٿورو منڊڪائي گهمندو هو. چاليهن سالن جي ڄمار ۾ به هو وڌ ۾ وڌ ٽيهارڪو ورهين جو لڳندو هو. سندس ڀورو رنگ، گهنڊڙيدار ۽ ننڍڙيون ننڍڙيون پروقار مڇون سندس چهري تي ڏاڍيون ٺهنديون هيون. هو ڏاڍي موهيندڙ شخصيت جو مالڪ هو، ۽ مٿئين طبقي جي خوبصورت ڇوڪرين ۾ قاتل جي نالي سان مشهور هو – ڇوڪريون ته سندس ٿوري منڊڪائڻ تي به ساهه ڏينديون هيون. ڳالهائيندي ڳالهائيندي ڪنهن پل جيڪا سندس زبان اٽڪندي هئي، ڇوڪريون انهيءَ کي به پسند ڪنديون هيون. ڪيپٽن لال ڪاڪا چار سال پئرس ۾ به رهي چڪو هو، ان ڪري کيس فرانسيسي عطرن سان به لڳاءُ هو، ڇو ته فرانسيسي ڇوڪرين جي نفسيات ۾ عطر جو  ڏاڍو دخل هوندو آهي. تنهن ڪري هر سمجهه ڀرئي نوجوان لاءِ جيڪو عورتن ۾ مقبول ٿيڻ چاهي، عطرن جي باري ۾ ٿوري گهڻي ڄاڻ جو هئڻ ضروري آهي.

گروپ ڪيپٽن لال ڪاڪا اڪثر فرينچ پرفيومز تان عطر وٺڻ ايندو هو، ۽ موهنيءَ سان ڳالهائڻ ۾ کيس ڏاڍو مزو ايندو هو. جڏهن درشن دڪان اندر گهڙيو، موهنيءَ درشن ڏانهن ڪوبه ڌيان نه ڏنو، لال ڪاڪا سان ڳالهائيندي رهي.

موهنيءَ کلي چيو، ”لال ڪاڪا، عطر جو به هڪ وقت هوندو آهي، هڪ ماحول هوندو آهي – پر ڪي ماڻهو اهڙا هوندا آهن، نه وقت جو خيال ڪندا آهن، ۽ نه ماحول جو.“

درشن جي منهن جو  پنو لهي ويو.

گروپ ڪيپٽن لال ڪاڪا پنهنجي سيني ڏانهن اشارو ڪندي چيو، ”مثال طور مون کي هن مهل جيڪا خوشبوءِ لڳل آهي، ان لاءِ تون ڇا چوندينءَ؟“

موهني گروپ ڪيپٽن جي سيني ڏانهن نمي، ۽ سندس وار گروپ ڪيپٽن جي کاڏيءَ سان لڳي ويا. درشن کي ائين لڳو، ڄڻ ڪنهن سندس من ۾ ڇرو هڻي ڪڍيو هجي ۽ هن پنهنجي چپ ۾ کڻي چڪ وڌو.

”مان توکي انهيءَ عطر جو نالو ٻڌائي سگهان ٿي - ۽ اهو به سگهان ٿي ته اهو تو ڪيتري دير اڳ هنيو هو.“

”ٻڌاءِ، ڪڏهن هنيو هوم.“

”اٽڪل ٻه ڪلاڪ ٿيا آهن.“

”بلڪل درست!“

”ان عطر جو نالو آخري چمي آهي!“

گروپ ڪيپٽن کليو، ”بلڪل ٺيڪ ٿي چوين – پر...“ هن بدليل لهجي ۾ چيو، ”اڃا ته مان پهرين چميءَ جي اوسيئڙي ۾ آهيان.“

”لالي!“ موهنيءَ ڏاڍي پيار، ۽ هٿرو ڪاوڙ سان لال ڪاڪا کي ڇڙٻيو.

پر دريشن کي انهيءَ ادا ۾ نه ڪا هٿراڌو ڳالهه لڳي، ۽ نه ڪاوڙ – هن کي ته فقط پيار ئي پيار نظر آيو – ڪيڏي ٻهڪندڙ مرڪ هئي، موهنيءَ جي! ڪيڏي پيار سان هوءَ گروپ ڪيپٽن لال ڪاڪا ڏانهن نهاري رهي هئي - ۽  کيس پيار منجهان ”لالي“ چيو هئائين!

”موهنيءَ چيو، ”هي بيڊ روم جو عطر آهي، اهو هڻي ٻاهر ناهي گهمبو...“

”ڇو نه ٿو گهمي سگهجي؟“ گروپ ڪيپٽن پڇيو.

”جيڪڏهن تون بيڊ وارو پائجامو پائي ٻاهر گهمي سگهين ٿوته پوءِ هي عطر هڻي به ٻاهر گهمين سگهين ٿو. جيڪڏهن تون پئرس ۾ هجين ها ته ماڻهو ضرور توکي چيڙائن ها....“

”ته پوءِ مون کي  هن مهل ڪهڙو عطر هڻڻ کپي“

”مس!“ درشن اتالائيءَ سان چيو.

”پليز!“ موهنيءَ هٿ جي اشاري سان کيس انتظار ڪرڻ لاءِ چيو ۽ مرڪي وري لالي سان ڳالهائڻ لڳي.

ٻڌاءِ نه موهني...“ لال ڪاڪا چيو، ”مان هن مهل ڊرائننگ روم ٿو وڃان – ٿي سگهي ٿو ته بيڊ روم ۾ به وڃڻو پوي....“

”ڏاڍو شرير آهين؟ موهنيءَ وري هٿرادو ڪاوڙ سان چيو، ”مان توکي هڪ اهڙو عطر ٿي ڏيان، جيڪو ڊرائينگ روم ۽ بيڊ روم، ٻنهي هنڌن تي  استعمال ڪري سگهجي ٿو.“

موهني عطر ڳولڻ لڳي، گروپ ڪيپٽن  وڏي آواز سان چيو، ”تو سدائين انڪار ڪيو آهي، پر هاڻي مان انڪار جو هڪ لفظ به نه ٻڌندس، سڀاڻي منهنجو جنم – ڏينهن آهي، توکي منهنجي پارٽيءَ ۾ اچڻو پوندو.“

”جيڪڏهن تون مون کي وٺڻ ايندين ته توسان گڏ ضرور هلنديس.“

گروپ ڪيپٽن لال ڪاڪا خوشيءَ منجهان زور سان سيٽي وڄائي.

درشن تڪڙيون وکون کڻندو هڪدم دڪان کان ٻاهر هليو ويو، موهنيءَ ٽيڏي اک سان کيس ويندي ڏٺو، جڏهن هوءَ عطر کڻي واپس آئي ته گروپ ڪيپٽن رڙ ڪري چيو، ”تنهنجو منهن ڇو لهي ويو آ! ايڏو پيلو پيلو....“

موهنيءَ پنهنجي نرڙ تي هٿ رکندي چيو، ”منهنجو مٿو ٿو ڦري!“

ان کان پوءِ ٻن مهين تائين کيس درشن جي شڪل ڏسڻ نه آئي،نه هو دڪان تي آيو ۽ نه ٻاهر ڪٿي نظر آيو، جتان موهنيءَ جي من مان هڪ ڦوهارو نڪتو هو،ا تي هن هڪ پٿر جي سر رکي ڇڏي. ڀل اندر ئي اندر ڦٽ وڌندو رهي، پر ٻاهر ٻڙڪ نه نڪري، جيتوڻيڪ راتين جو کيس ننڊ نه ايندي هئي، ۽ کيس ننڊ جي گورين جي عادت پئجي وئي هئي. محبوب کي واپس ورائڻ جي دوا ته ڪنهن ڊاڪٽر ايجاد ناهي ڪئي- پر ننڊ کي ته دوا جي زور تي موٽائي سگهجي ٿو، اهائي غنيمت آهي!

وري هڪ ڏينهن هو آيو، هاڻي هو ڏاڍو سنهڙو ٿي ويو هو، اڳ ڪڏهن به موهنيءَ کيس اهڙي حال ۾ نه ڏٺو هو. ڪپڙا به سٺا نه هئا. پينٽ ۾ ڪريز نه هئي، بٽڻ غائب هئس. اکيون اهڙيون، جهڙو ڪيترين راتين کان ستو ئي نه هجي،  ڏاڙهي وڌيل... نه ڄاڻ ڇو درشن کي ڏسڻ سان موهنيءَ جو من رجڻ لڳو. کيس هن  جو  وڌيل ڏاڙهي وارو چهرو کيس ڏاڍو من موهيندڙ لڳو، پر هوءَ حيرانيءَ منجهان چپ چاپ کيس ڏسندي رهي.

درشن چيو، ”مون کي اسٽوني هاٽ جي شيشي گهرجي.“

موهنيءَ چيو، ”توهان وٽ ڪنهن جو مرتيو ٿيو آهي ڇا؟“

”نه، منهنجي شادي ٿيڻ واري آهي.“

موهنيءَ جي دل هڪ پل لاءِ بيهجي وئي،  ۽ پوءِ زور زور سان ڌڙڪڻ لڳي، سندس سڄو بدن ڏڪڻ لڳو،  هٿ پير سندس وس ۾ نه رهيا. سندس سمجهه ۾ نه ٿي آيو ته هوءَ ڇا چوي، ڪنهن کي چوي ۽ ڇو چوي. مشڪل سان هن پاڻ جهليو، ۽ هٿراڌو مرڪ منهن تي آڻي چيائين، ”اسٽوني هارٽ ته ماتمي خوشبوءِ آهي، شاديءَ لاءِ مناسب نه ٿيندي.“

”هن شاديءَ لاءِ اهائي مناسب آهي!“ درشن آهستي چيو، ”منهنجي گهر،  منهنجي ڳوٺ ماءُپيءُ منهنجو انتظار ڪري رهيا آهن، مون ها چئي ڇڏيو آهي، اڄ رات وڃان ٿو.“ هن آهستي آهستي چيو. سندس چپ ڀيڪوڙيل هئا.

موهنيءَ چيو، ”مان توکي هڪ بهترين خوشبوءِ ڏينديس، تنهنجيءَ ڪنوار لاءِ، جوائي.... خوشين سان ڀرپور... پنهنجي پاران سوکڙيءَ طور...“

درشن ڪوبه جواب ڏيڻ بنا اسٽوني هارٽج ا پئسا ڪڍي ڪائونٽر تي رکيا. هاڻ موهنيءَ لاءِ ٻي ڪا واهه نه  رهي، هن اسٽوني هارٽ جي شيشي کڻي درشن کي ڏني، درشن کانئس شيشي اهڙِ نموني ورتي، ڄڻ موهنيءَ کان پنهنجي آخري ڏوهه جي سزا وٺي رهيو هجي. شيشي وٺي هو منهن هيٺ ڪري ٻاهر وڃڻ لڳو.

(نه وڃ درشن!) موهنيءَ دل ئي دل ۾“ چيو، چريا، بيوقوف، انڌا ڇا تون نه ٿو ڄاڻين ته مان تو سان محبت ٿي ڪيان! ڇا تون فقط  منهنجو فرينچ گائون ڏسندو آن... اهو گائون ته ڏس، جيڪو منهنجي من ۾ پڄري کامي رهيو  آهي. منهنجون حالتون ته ڏس منهنجون مجبوريون ته ڏس... نه وڃ درشن! مان ڪائي امير شهزادي  ناهيان، تو جيان غريب آهيان، جنهن کي  هڪ پوڙهي ماءُ آهي، انڌي ماسي آهي، ٻه ننڍا ڀائر آهن، جيڪا ناگ پاڙي جي هڪ ڪني گهٽيءَ ۾ رهندي آهي. درشن! ڇا تون ٽن سون ۾ اسان سڀني کي پالي نه ٿو سگهين؟ اڙي، مان سڀ ڪپڙا ڌوئينديس، پاڻ استري ڪنديس، تنهنجي لاءِ ماني پچائيندس – توکي پنهنجن هٿن سان کارائينديس، جڏهن تو کي ننڊ وٺي ويندي تڏهن تنهنجي پيرن کي زور ڏينديس. مون کي پنهنجي قدمن ۾ ويهار درشن!منهنجا ڪپڙا فرانس  جا آهن، پر دل سنڌي عورت جي آهي، ظالم نه وڃ! مون کان ڪجهه نه چوراءِ... رات ڏينهن فائل پڙهڻ وارا درشن! منهنجو منهن ڏس ڇا تون هڪ غريب ڇوڪريءَ جي ننڍڙي ڍهري کي پڙهي نه ٿو سگهين، پر موهني ڪجهه به نه چئي سگهي. درشن آهستي آهستي دڪان منجهان ٻاهرنڪري ويو.

درشن جي وڃڻ کان هڪدم پوءِ هوءَ بيهوش ٿي فرش تي ڪري پئي.

جڏهن هوءَ سامت ۾ آئي،ت ڏهن پاڻ کي وارڊن روڊ جي فليٽ ۾ ڏٺائين، ميڊم سوسنا سندس مٿن کان بيٺي هئي، سوسنا ڏاڍي گهاگهه عورت هئي، هن موهنيءَ کان ڪجهه پڇڻ جي ضرورت محسوس نه ڪئي. بلونت راءِ جيتوڻيڪ خاموشيءَ سان دڪان تي ويٺو هوندو هو، پر سڀ ڪجهه ڏسندو و ائسندو هو. هن ميڊم کي درشن بابت سڀ ڪجهه ٻڌائي ڇڏيو هو، ۽ ميڊم هن مهل موهنيءَ مٿان گهور پئي وئي.
        ”ڪجهه چوڻ جي ضرورت ناهي موهني! مان سڀ ڪجهه سمجهان ٿي – پر ٻچڙي! هيءَ تنهنجيءَ زندگيءَ جو پهريون دک آهي، اهو ته توکي ڪنهن به نموني برداشت ڪرڻ گهرجي. انهيءَ دک جي بيناد تي تون زندگيِءَ  جا سک تعمير ڪري سگهندينءَ. توکي منهنجي ڳالهه ٻڌي حيرت ٿيندي، پر سچ ٿي چوانءِ، دل کي ڌڪ کائڻ ڏي.  تنهجا مسئلا ڏاڍا منجهيل ۽ گهڻا آهن، تنهنجا ڀائر! تنهنجي ماءُ !! شادي ته آخرهر عورت کي ڪرڻي آهي، پر سوچي سمجهي، دل هٿان لٽجي نه، پنج- ڇهه سال هتي ڪم ڪندينءَ ته ڪجهه پئسا به گڏ ڪري وٺندينءَ، ۽ آهستي آهستي تنهنجي وڌندڙ شهرت مستقل خوشبوءِ جيان مٿين سوسائٽيءَ ۾ ڦهلجي ويندي، ۽ هڪ ڏينهن توکي اهڙو مڙس ملي ويندو، جيڪو مالدار به هوندو ۽ تنهنجي پسند جو به - ۽ اهي ٻئي شيون زندگي لاءِ انتهائي ضروري آهن ڊارلنگ! تنهن ڪري اهو دک جهاڳي وڃ. هن دنيا ۾ سچي خوشيءَ جي پيڙهه دک تي بيٺل اٿئي. جيئن هر سٺي خوشبوءِ لاءِ ضروري آهي ته ان ۾ بدبوءِ جا ڪجهه جزا شامل هجن – شايد توکي ڄاڻ ڪانهي منهنجي ٻچڙي، ته اسان جا فرانسيسي عطر ٺاهڻ وارا سوين قسمن جون خوشبوئون ملائي، هڪڙي خوشبوءِ تيار ڪندا آهن، پر هر خوشبوءِ جي بنياد ۾ ڪجهه نه ڪجهه بدبوءِ جا جزا به شامل هوندا آهن. انهيءَ جي بنياد تي خوشبوءِ مهڪندي آهي... اهو زندگيءَ جو اصول آهي.“

موهني آرام ڪرسيءَ تي پاسو ورائيندي سوچيو، هيءُ ڪهڙو زندگيءَ جو اصول آهي! محبت جا دک جهاڳيو ۽ دولت جو انتظار ڪيو – ڀائرن کي پاليو، ۽ جوانيءَ تان هٿ کڻو – قسمين قسمين خوشبوئون حسن جي ادائن ۾ ويڙهي ماڻهن کي پيش ڪيو، پر جيڪڏهن ڪٿان محبت جي خوشبوءِ جو هڳاءُ توهان تائين پهچي ته منهن کڻي ٻئي پاسي ڪيو، ڇو ته انهيءَ سان ڪنهن جي ٽجوڙيءَ ۾ ڏار ٿا پون.... ۽  اوچتو موهني سمجهي وئي ته فورٽ جي علائقي ۾ جيتريون به خوشبوئون آهن، انهن سڀني جو بنياد ناگ پاڙي جي بدبوءِ تي آهي!

پر جڏهن اها ڳالهه سندس سمجهه ۾ آئي،  تڏهن هوءَ ڌڪ کائي چڪي هئي، درشن وڃي چڪو هو!

ميڊم کيس ڇاتيءَ سان لائيندي چيو، ”ايندڙ مهيني کان مان تنهنجي پگهار ۾ پنجاهه روپين جو واڌارو ڪري رهي آهيان.“

شام جو موهني گهر  پهچي وئي، سندس ماءُ ڪيترن کان کيس فلم ”رام راڄ“ ڏياکرڻ لاءِ چئي رهي هئي، موهنيءَ پنهنجن ڀائرن سان گڏ ماءُ کي فلم ڏسڻ لاءِ موڪلي ڇڏيو – اڄ جي شام هن اڪيلائيءَ ۾ گهارڻ ٿي چاهي.

جڏهن سندس ماءُ ۽ ڀائر هليا ويا، تڏهن هن پنهنجي بستري جي ڀرسان واري ڳڙکي کولي ڇڏي. پرس کولي ان مان جوئي جي عطر جي شيشي ڪڍيائين، جيڪا هن درشن جي ڪنوار کي سوکڙيءَ طور ڏيڻ ٿي گهري. پوءِ هن هڪ خط ماءُ نالي لکيو. هڪ خط درشن کي سندس آفيس جي ايڊريس تي –  ۽ پوءِ هن  ننڊ وارين گورين جي سڄي شيشي تريءَ تي لاهي کڻي وات ۾ وڌي ۽ ڊگهي ٿي بستري تي سمهي پئي.

ڳڙکيءَ کان ٻاهر آسمان ڪاراٽجي  رهيو هو. ماحول ۾ چوڏس چمنين جو دونهون ۽ دز ڦهليل هئي.

پردن کي لوڏيندڙ هوا ۾ بدبوءِ جو واسو هو. گهرن  ۽ گهٽين جو وڌندڙ گوڙ ڳڙکيءَ کان اندر اچي رهيو هو. ڪٿي ٻار بک کان رڙيون ڪري رهيا هئا، ۽ مائرون کين ماري رهيون هيون – مڙس گاريون ڏئي رهيا هئا – ڪٿي هڪ پوڙهي لڳاتار کنگهي رهي هئي. سندس بلغم بدصورت ۽ نٺر زندگيءَ جيان سندس نڙيءَ ۾ ڦاسي پيو هو، ۽ نڪرڻ جو نالو ئي نٿي ورتائين.

موهنيءَ جون اکيون ننڊ کان ڳريون ٿيڻ  لڳيون. گهٽين جو هل هنگامو گهڻو پري ٿيندو ويو.سندس ماءُ، ڀائرن ۽ ماسيءَ جا مهانڊا گڏجندا ۽ دور ٿيندا ويا، ۽ انهن جي مٿان درشن جو مهانڊو گهڻو پري کان ويجهو ٿيندو ويو. هاڻ اهو چهرو هن جي  بلڪل مٿن کان اچي  پهتو، ۽ سندس سمورن احساسن مٿان ڇانئي ويو.  موهنيءَ اطمينان جو هڪ ڊگهو ساهه ڀريو، هاڻي هن درشن جي چپن کي پنهنجي پنبڻين مٿان پئي محسوس ڪيو. تون اچي وئين درشن! هاڻي مرڻ ڪيڏو نه سٺو ٿو لڳي. مان ته تو سان محبت ڪندي رهي آهيان، پر ڪڏهن توکي ڪجه چئي به  نه سگهيس. منهنجي زبان ئي نه کلي سگهي، ڇو ته جڏهن تون آئين، مان عطر جي شهزادي هئس. تنهنجي ۽ منهنجي وچ ۾ عطر وڪڻڻ  وارو ڪائونٽر هو، ۽ مان توکي ڪجهه به چئي نه سگهيس.... تو سدائين مون کي غلط سمجهيو ۽ مان توکي صحيح سمجهي نه سگهيس. مون کي پنهنجي ڀاڪر ۾ ڀر درشن! مون ويران گهڙين ۾، سنسان مانجهاند ۾ ۽ اڪيلين راتين ۾ سدائين تنهنجي ٻانهن جو سهارو ڳوليو آهي... منهنجي اوسي پاسي هي خوشبوءِ، هن ظالم اسٽوني هارٽ جي خوشبوءِ ڦهلائي ڇڏ – جتي مان وڃي رهي آهيان، اتي تون نه وڃي سگهندين، پر  تنهنجي ياد هڪ عطر بڻجي مون سان گڏ هلي ويندي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com