تون گلدستي کي ٽوڙي ٽڪر ٽڪر ڪري سگهين ٿو، ليڪن
فضا ۾ وري به گلن جي خوشبوءِ رهندي ئي ....“ يڪدم
ڪمٽي پنهنجو منهن پنهنجن ٻن هٿن ۾ لڪائي ڇڏيو ۽
پوءِ سسڪي سسڪي ٻارن جيان روئڻ لڳو. ڪيتري دير
تائين مان ان ڪاري ڪپڙي کي ڏسڻ لڳس، ڪيترائي يگ
هزارين سال ڄڻ چند گهڙين ۾ گذري ويا ۽ مان پٿر جو
بت بڻيو، ان ڪپڙي جي سامهون کڙو هئس. مون ۾ ڄڻ
ساهس ئي نه رهيو هو، جو مان ان ڪپڙي کي هٽائي ڪمٽي
جي زندگي جي ناڪام بيسود گهڙين جي اعليٰ بينظير
تصوير ڏسي سگهان، آخر ۾ همت ٻڌي، مون هڪ ئي جهٽڪي
سان سچتر مٿان ڪپڙو هٽائي چتر کي نگو ڪري ڇڏيو.
ٻئي گهڙيءَ ڇرڪي پٺيان هٽي ويس. ان چتر کي ڏسي مون
کي ائين محسوس ٿيو، ڄڻ مان وڪيل نه خود گنهگار
هئس، ڄڻ مان ڏوهارين جي بند پڃري ۾ کڙو هئس.
(سنڌيڪار: موهن ڪلپنا)
بيمار پيءُ
چندر ڪانت مهتا، اسان جو دوست، ڏٻرو سنهڙو
ڊگهي قد جو، وچولکي عمر جو هڪ دلال هو، جو جڳهين
جي دلالي ڪندو هو ۽ پالي پارڪ ۾ رهندو هو. پالي
پارڪ جي نون بنگلن ۾ جيڪي به مسواڙي ايندا هئا، سي
هن جي معرفت ئي ايندا هئا. ان جي اسان کي خبر هئي،
ڇو جو مهتا سيٺ خوبچند کي خوب ڄاڻندو هو ۽ سيٺ
خوبچند انهن تمام بنگلن جو مالڪ هو، جنهن کي مهتا
پنهنجي لڳاتار مسڪا پالش سان پنهنجي مٺ ۾ بند ڪري
ڇڏيو هو. زندگيءَ جي تلخين، مهتا کي مسڪا پالش فن
جو ماهر بڻائي ڇڏيو هو، ليڪن اڄ زندگيءَ ۾ صرف
مسڪا پالش ئي ڪافي ناهي، نوان مڪان ٺهڻ به ضروري
آهن، جيڪڏهن نوان مڪان نه هوندا ته مسواڙي ڪٿان
ايندا؟ هڪ دفعو مڪان وٺي، ان کي ڇڏڻ جو نالو ئي نه
ٿو وٺي.
ٻڌبو آهي ته اڳئين زماني ۾ مسواڙي اهڙا
اشراف هوندا هئا، جو مڪان مالڪ جي پهرئين نوٽيس
سان ئي پنهنجو بسترو گول ڪري نه معلوم ڪيڏانهن رفو
چڪر ٿي ويندا هئا، پر هن زماني ۾ اُهي ڏهه دفعا
مقدمو لڙڻ کان پوءِ به مڙڻ لاءِ تيار نٿا رهن. ڀلا
هيءَ ڇا انسانيت آهي؟ آخر به چندر ڪانت مهتا
ڪيڏانهن وڃي؟ کيس هر مهيني، گهرجي خرچ لاءِ هڪ
هزار روپيا کپن. هو دلالي ۽ ٻين ننڍن وڏن ڪمن مان
صرف چار پنج سؤ ئي ڪمائي ٿو، باقي پئسا هو آڻي
ڪٿان؟ ۽ سو به هر مهيني.........
ان ڪري هو هميشه ڍڪرن ۾ رهندو آهي ۽ جيئن
ته هن کي هڪ خوبصورت گڏيءَ جهڙي زال آهي ۽ خوبصورت
ننڍي ڪار آهي، ان ڪري هو جڏهن لاڏ وچان ”پياري“
چوهندو آهي، تڏهن اها سڌ نه پوندي آهي هت هو
پنهنجي زال کي ٿو پڪاري يا ڪار کي.... جڏهن هڪ ئي
گهر ۾ ٻه پياريون چيزون گڏ رهنديون آهن، تڏهن گهر
۾ غلط فهمي پنهنجا پير گهمائڻ شروع ڪندي آهي. خاص
ڪري جڏهن مالڪ کي ٻنهي کي ساڳئي نالي سان پڪارڻ
جي عادت هوندي آهي. تڏهن اسين ماڻهو، جي هن جا
دوست هئڻ جي دعويٰ ڪندا آهيون، صرف هن جي ڳالهائڻ
ٻولهائڻ مان اندازو لڳائيندا آهيون ته هن جو اشارو
ڪيڏانهن آهي.
”اڄ مون پياريءَ لاءِ هڪ ساڙهي خريد ڪئي
آهي.“
ظاهر آهي، هن جو اشارو هن جي پياري زال
ڏانهن آهي، ڀلا ڪار کي به ڪو ساڙهي پائيندو آهي؟
ساڙهيءَ کي ته ڪار ۾ هر ڪو چاڙهيندو آهي مگر ڪار
کي ساڙهي ۾.......
يا جڏهن اسان کي اهو چيو ويندو آهي ته
”ڪلهه مان پياريءَ کي سنان ڪرائي رهيو هوس، جو
ايتري ۾......“ اسين سمجهي ويندا آهيون ته هن جو
اشارو هن جي پياري ڪار ڏانهن آهي، مگر ڪڏهن غلط
فهمي پيدا ٿي ويندي آهي.
”منهنجي پياريءَ کي اڄ چوٽ لڳي ويئي.“ هاڻ
سمجهه ۾ نه ايندو ته شريمتي مهتا جو پير مڙي ويو
آهي يا ڪار سان ڪو حادثو ٿيو اهي.
”اڄ رستي ۾ پياريءَ ڏاڍو پريشان ڪيو!“
هاڻ رستي تي زال پريشان ڪري سگهندي آَهي
ته ڪار به ۽ اسين سوچيندا رهجي ويندا آهيون ته
شريمتيءَ جو پارو تيز هو يا ڪار جي بئٽري ڊائون
هئي! اهڙن موقعن تي تحمل سان ڪنڌ ڌوڻي ”هون هون“
ڪرڻ ئي بهتر لڳندو آهي.
زال ۽ ڪار کان سواءِ چندر ڪانت جي پياري
چيز هن جي پيءُ جي بيماري به آهي. هن جو پيءُ چمن
مهتا، اڌ صدي عمر جو آهي، ۽ جو پنهنجي پٽ وانگر
ڏٻرو پتلو يا اڃا به هن کان وڌيڪ سڪل آهي. قد ۾ پٽ
وانگر ڊگهو ته آهي مگر لنبي بيماريءَ جي باوجود
به هن جو آواز تيز ۽ چيريندڙ آهي. پٽ جو آواز مٺو
۽ لچڪيدار آهي. هنجو آواز ٻڌي مڃبو آهي ته هن کي
يا دلال ٿيڻ کپي يا ماکيءَ جون مکيون پاليندڙ ڪو
واپاري. پيءُر جو آواز، هن جي دولتمند هئڻ سان گڏ
هن جي ڪنجوس هئڻ جو پڻ ساکي آهي. پٽ ۽ ننهن، ٻئي
اٺ ئي پهر هن جي شيوا ۾ لڳا رهندا آهن. ٻڍي جو بدن
سڪي ويو آهي، پير سڄي پيا آهن ۽ اکين جي جوت گهٽجي
ويئي آهي، مگر سلهه اڃا به اٿس. سڪي وڃڻ سبب، هن
جي نس نس مان ساهه جي آمدرفت ظاهر ٿيو پوي. ٻڍو
پوءِ به زنده آهي ۽ زندگيءَ لاءِ جدوجهد ڪندو ٿو
رهي. کيس ٻه پٽ ٻيا به آهن. مگر هو پيءُ جي شيوا
نه ڪندا آهن، ڇو جو پيءُ ڏهن سالن کان بيمار آهي ۽
پٽ به پهرين چئن سالن جي شيوا بعد ٿڪجي پيا آهن.
هر ڪنهن جذبي جي هڪ حد ٿيندي آهي، هڪ عمر ٿيندي
آهي ۽ ٻنهي کان ٻاهر نڪرڻ بعد اهو جذبو دم ٽوڙي
ڇڏيندو آهي. ٻنهي پٽن سان ائين ئي ٿيو. نتيجو اهو
نڪتو جو پيءُ چندر ڪانت جي شيوا ڏسي ٻنهي پٽن کي
جائداد کان وانجهي ڇڏيو، ٻنهي پٽن کي ان جو بيحد
ڏک هو. ٻئي پنهنجي ڀاءُ کي ڏوهي ٺهرائيندي اڪثر
چوندا هئا ته چندر ڪانت لالچ وس ٿي اسان جو گلو ئي
ڪٽي ڇڏيو. چندر ڪانت صبر سان هنن جون ڳالهيون
ٻڌندو، ٽوڪون سهندو، پيءُ جي خدمت ۾ رنڀيو رهندو
هو ۽ فخر سان دوستن جي اڳيان پنهنجي شيوا جا گيت
ڳائيندو رهندو هو. هو مذهبي ويچارن جو به هو،
تقرير ڪرڻ ۽ ٻڌڻ جو حوصلو ۽ شوق به رکندو هو.
اڪثر مذهبي موقعن تي هو رامائڻ مان وڏن جي شيوا جا
حوالا ڏيندو هو ۽ ان سلسلي ۾ پنهنجي شيوا جو ذڪر
به ضرور ڪندو هو. ماڻهن کي ان تي ڪوبه اعتراض نه
هو. سالن جي لڳاتار شيوا ۾ جيڪڏهن ڪو انعام جي
تمنا رکي، ته ڪنهن کي ارهو ڇو ٿيڻ گهرجي؟
چندر ڪانت مهتا ۽ هن جي شريمتي، پيءُجي
بنگلي ۾ رهندا هئا. ڪنهنه وقت ٻڍي کي پراڻي قسم جو
فرنيچر بيحد پسند پوندو هو ۽ هن جو بنگلو اڪثر
اهڙي فرنيچر سان سٿاسٿ ڀريو پيو هوندو هو. پٽ ۽
ننهن کي ٻه ڪمرا ڏنل هئس، جن ۾ اُهو فرنيچر نه هو.
پيءُجو فرمان هو ته هن جي اجازت بنا بنگلي جي ڪنهن
به چيز کي ڇهيو به نه وڃي. شريمتي مهتا، ان تي
ڪاوڙجندي هئي ۽ ساهيڙين کي دعويٰ سان چوندي هئي ته
هڪ ڏينهن ڏسجو، بنگلي کي ڪيئن نه ٿي سجائي ڇڏيان.
ان سجاوت جي پٺيان، شريمتي مهتا جي لڪل
خواهش ظاهر ٿي پوندي هئي. ليڪن صابر هئڻ سبب هوءَ
ان تي نه خاص زور ڏيندي هئي ۽ نه بار بار
دهرائيندي هئي. چمن مهتا کي خبر هئي ته هن جا پٽ
۽ ننهن رواجي پٽن ۽ ننهن جهڙا نه آهن. جيتوڻيڪ هن
پنهنجن ٻن پٽن کي بي دخل ڪري ڇڏيو، مگر پوءِ به
گهر تي هن جو ئي قبضو هو. سڀ خط پٽ، هنڊيون،ز يور،
نقد روپيا وغيره هن جي ڪمري ۾ رکيل ٽجوڙيءَ ۾ پيا
هوندا هئا، جنهن جي چاٻي هو هميشه وهاڻي هيٺان ئي
رکندو هو. ٻڍو ايترو ته شڪي هو، جو جيڪڏهن ٽجوڙيءَ
ڏانهن هن جو پٽ به نهاريندو هو ته رڳون سيٽجي
وينديون هئس، اکين ۾ گمان جو طوفان ڀڙڪي اٿندو
هوس، جو ٽجوڙيءَ کي پنهنجي گهيري هيٺ آڻي ڇڏيندو
هو.
هو پنهنجي بيماريءَ ۾ ڪمزور ٿيندو رهيو.
اڳ ۾ هو اٿي سگهندو هو، پٽ ۽ ننهن کي ڪمري مان ڪڍي
دروازو پائي سگهندو هو ۽ ٽجوڙي کولي، ٽڪٽڪي لڳائي
پئسن کي ڏسي سگهندو هو، مگر هاڻ اهو ڏينهن به آيو،
جو هو بستري تان اٿي به نه ٿي سگهيو.
ان ڏينهن کانپوءِ ٽجوڙي کلي نه سگهي. البت
ٻڍي اکين ۾ اهو زهر ڀري ڇڏيو، جو ان کي ڏسي
ٽجوڙيءَ ڏانهن ڪو وڌي به نٿي سگهيو. ننهن اها
ڳالهه تاڻي، مڙس سميت اوڏانهن نهارڻ به ڇڏي ڏنو.
ڪڏهن چار اکيون کڻي هو چور نظرن سان اوڏانهن
نهاريندا به هئا، جتي هنن جو مستقبل بند هو، مگر
کليءَ طرح ڏسڻ جو ساهس هو ڪري نه سگهيا. پٽ ڪمري ۾
گهڙندو ئي اکيون هيٺ ڪري هو ۽ پيءُ جي پيرانديءَ
کان ويهي، زور ڏيڻ شروع ڪندو هو. ٻڍو کنگهندو، نظر
ٽجوڙيءَ ڏانهن ڪري، ڪلاڪن جا ڪلاڪ اوڏانهن
نهاريندو رهندو هو، جتي هن جي ماضي بند هئي.
ڏينهون ڏينهن ٻڍو وڌيڪ ڪمزور ٿيندو رهيو. وقت
گذرندو رهيو ٽجوڙيءَ تي ڪٽ چڙهندي رهي، نيٺ
رنگين خوبصورت ٽجوڙي، روپ وڃائي قبر جهڙي ٿي ويئي،
جنهن مٿان هڪ ڪوريئڙي پنهنجو ڄار وڇائڻ شروع
ڪيو هو. پٽ پيءُ کان ڪڏهن به پئسا نه گهريا، هو
محنت ڪندو، هيڏانهن هوڏانهن هٿ ٽنگي قرض وٺي ڪاٽڻ
لڳو، پر ٽجوڙيءَ ڏانهن ڏسڻ جي جرئت نه ڪيائين –
ڇو ته کيس ان جرئت جي نتيجي جي به خبر هئي، جيڪو
سندس ڀائر ڀوڳي رهيا هئا. چندر ڪانت کي يقين هو ته
ٽجوڙيءَ جي دولت هن کي ئي ملندي، ان ڪري اُٻهرائي
ڪري هو پنهنجي آئندي جي حسين خواب کي مٽيءَ ۾
ملائڻ لاءِ تيار نه هو. هن پيءُ کي اهو ڪڏهن به نه
ٻڌايو ته هو ڪيتير نه سچائي ۽ بيقراري سان هن جي
موت جو انتظار ڪري رهيو هو. هو سدائين پيءُ جي
سامهون رهندو هو ۽ دوستن جي سامهون پيءُ جي صحت
لاءِ دعا پنندو هو.
پيءُ
جو موت جي دٻيل خواهش ڪڏهن ايڏو ته ڀڙڪي اٿندي هئس
جو هن جا هٿ پير ڏڪڻ لڳندا هئا. هو ڊپ کان
ڪنڌ هيٺ ڪري ڇڏيندو هو ته ڪٿي اها خواهش اکين مان
رستو نه پار ڪري وڃي. ڪڏهن اوچتو دل جي ڌڙڪڻ بيحد
تيز ٿي ويندي هئس. هو سوچيندو هو، هڪ ڄار بستري تي
وڇايل آهي ۽ هڪ ڄار ٽجوڙيءَ تي، ڇو نه ٻنهي کي
ٽوڙي، مان پنهنجي مستقبل تي حق ڄمايان؟
ليڪن
نه! ترس، او بيتاب دل، ترس! جيڪڏهن ڦل خود ئي
ٽاريءَ مان ڪري هن جي جهوليءَ ۾ پوڻ ٿو چاهي ته هو
خود ڇو ٽارين سان الجهڻ جي اجائي ڪوشش ڪري؟ ڪهڙا
نه حسين هن جا خواب هئا! هو دلاليءَ مان بيزار ٿي
پيو هو. هن سٽي جي بازار ۾، هڪ ئي داءَ ۾ ويهه
هزار لڳائي، لکاپتي ٿي وڃڻ ٿي چاهيو، ليڪن هن جو
منحوس پيءُ مري به نٿي مئو. هڪ ئي ساهه هئس، جو
گلي ۾ اٽڪي پيو هئس، پر جنهن ٻاهر نڪرڻ جي ٻاڦ به
نه ئي ڪڍي. ڪڏهن اهو ساهه ڄڻ چندر ڪانت جي
گلي ۾ ڦاسيءَ جي رسيءَ وانگر اٽڪي ٿي پيو. پنجاهه
ورهين جي پيءُ جي شيوا ۾ ڪجهه ڪجهه بغاوت جي
دونهين به دکي پئي.... منهنجا پيءُ، ڇو نٿو مري
وڃين تون!؟ ڇو نٿو هن جسم جو مڪان خالي
ڪرين؟ مسواڙي ويندا آهن،تون ڇو نٿو پنهنجو فلئٽ
خالي ڪرين؟ ان فلئلٽ ۾ رهندي توکي پوري اڌ صدي
گذري ويئي آهي، وڃ بابا! هليو وڃ، جيئن مان نئين
سر بزنيس ڪري سگهان.
مگر
ٻڍي کي خبر هئي ته سرير جو فلئٽ هڪ دفپ وخاليڪ ري
وري ڀري سگهڻ جهڙو نه آهي. ان ڪري هو گذرندڙ وقت
اڳيان مجبور هوندي به هڪ هڪ پل لاءِ لڙي رهيو هو.
هن جي ڌنڌلي نظر مان جيئڻ جي زوردار تمنا ظاهر
هئي، جنهن سبب موت هن وٽ اچڻ کان ڪيٻائي رهيو هو.
مگر هڪ ڏينهن اهو به آيو، جڏهن هن جا ڪن ٻوڙا ٿي
ويا، هٿ پير ٿڌا ٿي ويا، زبان بند ٿي ويئي ۽ نبض
جواب ڏيئي ويئي، ڊاڪٽرن اعلان ڪيو ته ٻڍو هاڻ
ٿورين گهڙين جو مهمان آهي.
آگيا
ڪاري پٽ اکين ۾ گنگا جمنا جو سنگم ڀري، پهريون
ڀيرو، جرئت سان ٽجوڙيءَ طرف نهاريو، ٺيڪ اوڏيءَ
مهل پيءُ پٽ ڏانهن نهاريو. پٽ جي اها کلي نظر تير
جيان پيءُ جي سيني ۾ چڀي ويئي. ٻيءَ گهڙيءَ پٽ جي
شيوا جو مقصد هن جي اڳيان ننگي روپ ۾ کڙو ٿي بيٺو.
ٻڍي جي بدن ۾ هلڪي جنبش آئي ۽ هن جون اکيون دک ۾
پيڙا وچان جلڻ لڳيون، بدن جي گهڻن حصن مان ساهه
نڪري چڪو هئس، صرف مٿو گرم هئس. اکين جي چمڪ
وڌندي ٿي ويس، ڄڻ اجهامڻ کان اڳ ۾ اها زبردست ڄڀي
ڪڍندي!
پٽ
پيءُ جي نظر نه ڏٺي، نه ته گهٻرائجي وڃي ها.
ان وقت هو دوستن جي وچ ۾ بيٺو هو ۽ ڪنهن کي چندن
آڻڻ لاءِ چئي رهيو هو ته ڪنهن کي پنڊت لاءِ، ڪنهن
کي ڪفن لاءِ ته ڪنهن کي ڪاٺين لاءِ.....
اکين
مان آنسو وهائيندي، هو ڪجهه اهڙي راز ڀري لهجي ۾
ڳالهائي رهيو هو، ڄڻ هن جو پيءُ مري چڪو هو
۽ پاڻ گهر جو مالڪ ٻڻجي چڪو هو، آواز مان، چال
مان، بنا ڪنهن اُدم سان حاصل ڪيل حق جي جهلڪ ظاهر
ٿي پيئي هئي.
دوست
اچي وڃي رهيا هئا، زالون روئڻ جون تياريون ڪري
رهيون هيون ۽ ننهن کي ڏڍ ڏيئي رهيون هيون.
بنگلي جي اندر توڙي باهر ڪافي ماڻهو ڪٺا ٿي ويا
هئا. جي جدا جدا ٽولين ۾ ورهائجي، جدا جدا موضوعن
تي ڳالهائي رهيا هئا ۽ ساڳئي وقت چمن مهتا جي موت
جو انتظار به ڪري رهيا هئا. جنهن لاءِ ڊاڪٽرن جي
راءِ موجب بس ڪن گهڙين جي ئي دير هئي.
اهي ڪجهه گهڙيون گذري ويون. ڪجهه منٽ به گذري ويا.
گذرندي ڪجهه ڪلاڪ به گذري ويا. ٻڍو ساڳيءَ ريت
بستري تي پيو هو. ساڳيءَ طرح ساهه کڻي رهيو هو.
نڪرندڙ ساه واپس ته نٿي موٽيو، مگر اکين جي چمڪ
وڌندي ٿي ويئي.
|