هن جي خوشي
سلهه جي وارڊ ۾گهڙيال ٻارهن جا ٺڪاءَ
وڄايا. جگوءَ پنهنجي بستري تي آرس ڀڳو ۽ هوريان
چيائين: ”امجد سمهين پئين؟“
امجد جي هيڊي چهري تي ٻه وڏيون وڏيون
اکيون ٽمڪيون، هن جا سنها ۽ سڪل چپ ڏڪيا ۽ سندس
کاٻي ڳل جو وڏو کٻ، ڪاراڻ جو هڪ وڏو ٽڪو معلوم ٿيڻ
لڳو. هن هوريان هوريان جواب ڏنو، ”نه، ڪجهه سوچيان
پيو.“
”ڇا پيو سوچين امجد؟“
”اهوئي پنهنجي ختم ٿيندڙ زندگيءَ جي باري
۾“
”يعني – پنهنجي موت جي باري ۾؟
”نه، پنهنجيي ختم ٿيندڙ زندگيءَ بابت،
امجد ورجايو، ”موت ته حياتيءَ ۾ ايندو آهي، پر
جڏهن زندگي ئي ڀُري جهري ختم ٿي وڃي، ته پوءِ موت
وري ڇا جو؟“
”امجد! آئون چوڻ چاهيان ٿو ته آخر اسان
پيدا ڇا جي لاءِ ٿيدنا آهيون. منهنجو مطلب آهي ته
منهنجي زندگي ايڏي ته اجائي، بيڪار ۽ بي مقصد رهي
آهي، جو ڪڏهن ڪڏهن ته مون کي پنهنجي سرجڻهار تي
به کل اچي ويندي آهي..... ڇا توکي به ايندي آهي
امجد.... ڪڏهن..... ڪڏهن“
جگو هڪ ڊگهي عرصي تائين اوسيئڙو ڪندو
رهيو. اڄ کيس سخت بخار هو، هن جو مٿو سور کان ڦاٽو
پئي. کيس پنهنجن ڳلن جي ڪارن کُٻن ۾ ٽانڊا ڀريل
معلوم ٿيا ٿي. اوچتو هن کنگهڻ شروع ڪيو ۽ هڪ ٻه
منٽ لاڳيتو کنگهندو رهيو. هن کنگهه سندس ٻنهي ڦڦڙن
کي پرڻ بنائي ڇڏيو هو.
جڏهن کنگهي بس ڪيائين ته امجد سندس سوال
جو جواب ڏنو:
”نه، ڪڏهن به نه، مون کي تنهنجي سرجڻهار
تي اعتقاد ئي نه آهي ته پوءِکل ڪيئن اچي-“ ۽ خاموش
ٿي ويو.
هڪ ڊگهيءَ ساهيءَ کان پوءِ جگوءَ پڇيو،
”ڇا پيو سوچين، امجد؟“
امجد چيو، ”منهنجي زندگيءَ جا ڌاڳا، ڪيترو وقت ٿيو
ته ٽٽي چڪا آهن. پر اڄ ڪيتريون وسريل ڳالهيون ياد
اچي ستائي رهيون آهيون. اڄ نه ڄاڻ ڇو، انهن ٽٽل
ڌاڳن کي ٻيهر ڳنڍڻ جي ڪوشش پيو ڪريان- پر ڇا
حاصل؟“ هڪ ڊگهيءَ ساهي کان پوءِ امجد چيو، ”تون کي
اڄ جي تاريخ ته ياد هوندي.“
جگوءَ وراڻيو، ”ها-13 نومبر“
امجد ڀڻڪندي چيو، ”اڄوڪي ڏينهن تي منهنجي
شادي ٿي هئي – ان ڳالهه کي ڏهه سال گذري ويا
آهن.“
جگو ۽ امجد ڪافي وقت تائين ٻاهر پکڙيل
چانڊوڪيءَ کي ڏسندا رهيا. وارڊ کان ٻاهر سائي ڇٻر
۽ گلن جون ٻاريون هيون ۽ انهن کان پرڀرو اسپتال جي
وڏيءَ ڀت سان لڳو لڳ پپر جي هڪ لام تي چنڊ پنهنجي
کاڏي رکي، ڪجهه سوچي رهيو هو. جگوءَ جي اکين ۾
ڳوڙها تري آيا.
جگوءَ ويچارو ٿي چيو، ”مون سان اڄ تائين
ڪنهن به عورت پيارنه ڪيو آهي.“
پيلي چانڊوڪي، پيلن ۽ اداس گلن تي وسندي
رهي ۽ گهڙيال جي ٽڪ ٽڪ رات جي سانت ۾ سوين
چڀائيندي رهي – ٽڪ ... ٽڪ... ٽڪ
اڄ جگوءَ کي سخت بخار هو. هن ٿورو بلند
آواز ۾ چيو، ”مون ته ڪجهه نه ڏٺو آهي. ميٽرڪ پاس
ڪرڻ کان پوءِ جڏهن آئون نوڪريءَ جي ڳولا ۾ جالنڌر
ويو هوس ته ان رات ماستر اڌم سنگهه جو ليڪچر هلي
رهيو هو. آئون سندس سموريءَ تقرير دوران روئيندو
ئي رهيس. هن هارين جي غريبي حال جو جيڪو نقشو چٽيو
پئي، اهو منهنجين حالتن سان بنه ٺهڪي پئي آيو - ۽
جنهن وقت هن هندوستان جي غلاميءَ جو ذڪر ڪيو ته
منهنجو رت ٽهڪڻ لڳو... ان وقت منهنجي عمر سورهن
سال هئي، ٻئي ڏينهن مون کي گرفتار ڪيو ويو، مون
”لوڻ جي قانون“ جي ڀڃڪڙي ڪئي هئي، جيل ۾ مون سان
عادي ڏوهارين وارو ورتاءَ ڪيو ويو. ٻه سال چڻن ۽
ٻاجهر جي ماني کائڻي پئي، جنهن ۾ ڇاڻ مليل هوندو
هو. پيئڻ لاءِ گندو پاڻي ملندو هو. آرهڙ ۾ اهڙي ته
ٻُٽ ٿيندي هئي، جو ساهه منجهڻ لڳندو هو، ۽ سياري ۾
اهڙي ته قهر جي ٿڌ پوندي هئي، جو جسم جو رت ئي ڄمي
ويندو هو.ا نهن ٻن سالن ۾ منهنجي مک تان کل ۽ مرڪ
اڏامي وئي هئي ۽ ان جي جاءِ کنگهه اچي ورتي، ۽ منڍ
۾ ته معمول کنگهه هئي.“
امجد چيو، ”منڍ ۾ هونئن ئي معمولي محسوس
ٿيندي هوندي.“
”پوءِ ڪڏهن ڪڏهن بخار...“
امجد چيو، ”۽ کنگهه سان گڏ رت به،“
جگوءَ چيو، ”مون ٻه ڀيرا بک هڙتال ڪئي هئي
۽ جيل وارن منهنجي ناسن وسيلي منهنجي جسم ۾ خوراڪ
داخل ڪئي، جنهن ڪري منهنجي نڪ ۾ ڦٽ ٿي پيا، ۽ ڦڦڙن
تي سوڄ چڙهي وئي.“
امجد اداس لهجي ۾ چيو، ”۽ انهن ڳالهين کي
ورجائڻ مان ڪهڙي هڙ حاصل؟ آئون ۽ تون پنهنجي وطن
جا معمولي سپاهي آهيون، جيڪي کاهين جي حفاظت ڪندي
ڪندي مري ويندا آهن، جن جون ڇاتيون دشمن جي گولين
سان ڇلجي، پرڻ ٿي پونديون آهن، ۽ جن جا آنڊا جنگ
جي محاذ تي لوهه جي تارن ۾ اٽڪي پوندا آهن. تون ۽
مان بي نام سپاهي آهيون.... ڪيئن ٺيڪ ٿو چوان،
نه!“
پر چنڊ ڪوبه جواب نه ڏنو. اهو هوريان
هوريان پپر جي گهاٽيءَ اوٽ ۾ لڪي ويو.
جگوءَ پڇيو، ”پر ائين ڇو ٿو ٿئي؟ هڪ ڀيري
جيل ۾ منهنجيءَ دل چاهيو ته ڪمند چوسجي - ۽ ائين
منهنجي اکين آڏو پنهنجن کيتن جي تصوير ڦري وئي.
مون ڏٺو ته ڪمند جو فصل تيار آهي، جنهن کي وڍي
گڏا ٻڌا پيا وڃن. منهنجو پيءُ ڍڳي گاڏيءَ ۾ ڏاند
جوٽي رهيو آهي، ۽ منهنجي ماءُ ڪنجهندي، ڪمند جا
گڏا کڻي، ڍڳي گاڏيءَ ۾ سٿي رهي آهي... پوءِ مون
ڏٺوته چيچڙي ۾ ڪمند پيڙي ان جو رس ڪڍيو پيو وڇي ۽
ٻئي طرف ٻرندڙ چريءَ تي رکيل تئيءَ ۾ تازو، نئون
۽ سون جهڙو پيلو ڳڙ تيار ڪيو پيو وڃي. منهنجو من
بيقرار ٿي ويو ۽ مون وارڊر کي هٿ ٻڌي عرض ڪيو ته
مون کي ڪٿان ڳڙ جي ڳوڙهي آڻي ڏي - ۽ هن مون کي پٺن
واري لت وهائي ڪڍي. شايد ان ڪري جو آئون غريب هوس.
هن ئي جيل ۾ اسان جا ڪيترا ساٿي ۽ اڳواڻ به هئا –
وارڊر کانئن پئسا وٺندو هو ۽ کين سامان گهرائي
ڏيندو هو، ڊاڪٽر به ساڻن مرڪي پيش ايندو هو - ۽
اهي ٽي ٽي مهينا اسپتال ۾ کير پي مواڙ ٿي پوندا
هئا. ان کان سواءِ ڪتاب ۽ اخبارون، وهنجڻ لاءِ
ولائتي ٽب ۽ اسفنج به گهرائيندا هئا. ماسٽر اڌم
سنگهه کي مون ڏٺو ته هر روز صندل جي صابڻ سان
وهنجندو هو ۽ مون سان ٻه اکر به ڳالهائڻ پسند نه
ڪندو هو. ٻڌو اٿم ته هو هڪ ٻن بئنڪن جو به مالڪ
آهي.“
امجد چيو، ”اصل ۾ اسان جي رهنمائي ته اهي
ئي بئنڪون ڪن ٿيون، هي اڳواڻ ته رڳو رڙيون ڪري
ڄاڻن – جيئن هن وقت تون رڙيون پيو ڪرين، جيڪڏهن هن
وقت نرس اچي وئي ته ڇا چوندي؟“
جگوءَ چيو ”ڇا وري ڇا چوندي؟ هاڻ آئون
ڪنهن کان ڊڄان ٿورئي ٿو. اڳ جڏهن ته آئون جيئرو
رهڻ گهرندو هوس ته ڊاڪٽرن ۽ نرسن آڏو ليلهڙاٽ
ڪندو هوس ته ايشور جي نالي مون کي سٺي دوا ڏيو،
مون کي ڪنهن سينيٽوريم ۾ موڪليو. ڪرنل ارداڪار مون
کي ڇهن مهينن تائين ڏٽا ۽ دلاسا ڏيندو رهيو ته
جڏهن به ڪنهن سينيٽوريم ۾ بسترو خالي ٿيو ته سڀ
کان اڳ مون کي ئي ڏياري موڪليندو...... ڇا هنن ڇهن
مهينن ۾ ڪنهن سينيٽوريم جو ڪوبه بيڊ خالي نه ٿيو
هوندو، ۽ ڪوبه خوش قسمت نه مئو هوندو.... اهو آئون
ڪيئن ٿو مڃي سگهان! انهن ڇهن مهينن گذرڻ بعد مون
ڪرنل کي چيو، آئون هاڻي سينيٽوريم ۾ وڃڻ نه ٿو
چاهيان، مون لاءِ ته هيءُ ئي بسترو ڪافي آهي.
انهيءَ عرصي دوران مون کي تمام گهڻو بخار رهندو
هو، کنگهه وڌي وئي ۽ ٻنهي ڦڦڙن کي سلهه جي جيوڙن
پرڻ بنائي ڇڏيو هو... ۽ پوءِ تون به اچي وئين.....
منهنجو ته هن جڳ ۾ ڪير به ڪونه هو. جڏهن پهرئين
ڀيري آئون ٻن سالن لاءِ قيد ٿيو هوس ته آزاد ٿيڻ
کان ٿورائي مهينا اڳ ابو ۽ امڙ پليگ ۾ مري چڪا
هئا. هنن زمين گروي رکي مون کي به ميٽرڪ تائين
پڙهايو..... ۽ سندن اڪيلي سڪيلڌي پٽ کين ڪيڏي نه
سٺي موٽ ڏني هئي!“
جگو سڏڪا ڀرڻ لڳو. امجد پنهنجون وڏيون
وڏيون اکيون ٻوٽي ڇڏيون. هڪ ڊگهي وقفي کانپوءِ
امجد چيو، ”تون هاريءَ جو پٽ آهي، تو پنهنجي وطن
لاءِ قرباني ڏني آهي، ان ۾ روئن جي ڪهڙي ڳالهه
آهي. اڄ تنهنجي ءَ قرباني جي ڪري ئي پنهنجا ڀائر
ملڪ ۾ حڪومت ڪن پيا، توکي ته ان تي فخر هئڻ
گهرجي.“
جگو ڪافي دير تائين کنگهندو رهيو، آهستي
آهستي ڄڻ سندس ساهه پئي نڪتو. پوءِ امجد به کنگهڻ
لڳو، پر هن جي ڦڦڙن ۾ اڃا سگهه هئي، ان ڪري هن ترت
ئي پنهنجي کنگهه روڪي ورتي
امجد چيو، ”ڊاڪٽر ارداڪار مون کي چيو آهي
ته منهنجو ٻيو ڦڦڙ اڃا سلهه جي جيوڙن وڪوڙيو نه
آهي ۽ جلد ئي هو مون کي ڪنهن سينيٽوريم ۾ موڪلي
ڏيندو.“
جگوءَ ڪاوڙ واري انداز ۾ چيو. هن زندگيءَ
۾ ته اها ڳالهه اڻ ٿيڻي پئي ڏسجي.
امجد ڏکارو ٿيندي چيو. “اڻ ٿيڻي ئي سهي،
آئون پڻ هاڻي هن جيون جو خاتمو چاهيان ٿو.“
جگوءَ وراڻيو، امجد مون کي چيڙاءِ نه-
آئون هڪ هاريءَ جو پٽ آهيان، آئون تو وانگر شاعر
نه ئي سهي، پر آخرڪار مون به ڳوٺ جي مٽي ڇاڻي آهي،
تڙ تڙ جو پاڻي پيتو آهي. صوبائي اڳواڻن کان وٺي
وڏن وڏن هندوستاني ليڊرن جون تقريرون ٻڌيون اٿم.
ٽي ڀيرا جيل ويو آهيان، آئون ڪو ٻار ته نه آهيان.
مون اڄ تائين ڪوبه اهڙو ماڻهو نه ڏٺو آهي، جنهن کي
پنهنجي جيون سان پيار نه هجي، جنهن کي هن دنيا جي
نيري آڪاس، ڌرتيءَ جي ڀيني ڀيني سڳنڌ ۽ عورت جي
پور وهيءَ سان محبت نه هجي... ڪوبه هن زندگيءَ جو
خاتمو نه چاهيندو، آئون پاڻ به، جيڪو هڏڙين مٺ
بنجي ويو آهيان، هڪ ڄئور جيان زندگيءَ کي چنبڙيو
پيو آهيان ۽ تون آهين جو مرڻ جو پيو سوچين....“
اوچتو هيءُ خاموش ٿي ويو. هلڪا هلڪا پير
کڻندي نرس ليوسي هن ڏانهن اچي رهي هئي، جوان ۽
خوبصورت ليوسي- هيءُ سندس ڳاڙهن چپن کي ڏسي چريو
ٿي پوندو هو. هن جي ساري حياتي جيلن جون چڪيون
پيهندي، ۽ جيلن کان ٻاهر جيلن کان به بدتر قسم جي
واهڻن ۾ ڳوٺاڻن کي ليڪچر ڏيندي، جلسن ۾ رضاڪار طور
ڪم ڪندي ۽ قوم جي نالي پنندي گذري هئي.
هن چانڊوڪيءَ رات ۾ نرس اڳ کان به وڌيڪ
حسين نظر پئي آهي، هن کي جيل ۾ پوڻ ۽ پنهنجي ملڪ
لاءِ بکن ڪاٽڻ تي ڪوبه ڏک ڪونه هو، پر ڪاش! هو چڱو
ڀلو هجي ها ۽ حسين ليوسيءَ جا چَپَ چمي سگهي ها-
هو مٿي کان پيرن تائين ڏڪڻ لڳو. هن جي بيمار رت ۾
هڪ وحشي راڳ ڇوليون هڻڻ لڳو. هن جي ڪنن ۾ وڄ جا
چمڪا ٿيڻ لڳا، صرف هڪ رات لاءِ ئي سچي صحت ۽ پاڪ ۽
پوتر جوڀن جي گرمي عطا ڪري ها- فقط هڪ رات لاءِ!
نرس پنهنجو هٿ هن جي ٻڙڪندڙ مٿي تي رکيو ۽
ننڊ اکڙي آواز ۾ چيو، ”جگو، توکي ننڊ نه ٿي اچي
ڇا؟ سمهي پئهُ ڳالهيون نه ڪر، سمهي پئه، مٺڙا
جگو!“ جگوءَ پنهنجو ڏڪندڙ هٿ نرس جي ڪارائيءَ ۾
وڌو ۽ ڪي گهڙيون سندس سنهڙو ۽ سڪل هٿ نرس جي
ڪارائيءَ ۾ ئي رهيو ۽ پوءِ آهستي آهستي وهاڻي تي
ڪري پيو.
هن نرس کان پڇيو، ”ڇا، مون کي اڄ سخت بخار
آهي“
نرس ٿرماميٽر ذريعي سندس گرمي پد معلوم
ڪيو. بخار واقعي تيز هو، نرس کيس ننڊ ڏياريندڙ دوا
پياري کيس سمهي پوڻ لاءِ چيو ۽ هوءَ آهستي آهستي
وکڙون کڻندي، ننڊ جي خمار ۾ جهومندي هلي وئي. جگو
۽ امجد کيس ان وقت تائين ڏسندا رهيا، جيسين تائين
هوءَ اکين کان اوجهل نه ٿي وي.
ٻه مريض وارڊ جي الهندي حصي ۾ کنگهڻ لڳا،
۽ امجد ۽جگوءَ جون ڇاتيون پڻ ڏڪڻ لڳيون. جلد ئي هي
به کنگهڻ لڳا. ٽي چار ٻيا ستل مريض به جاڳي کنگهڻ
۾ شروع ٿي ويا ۽ ڪجهه گهڙين تائين وارڊ جي
چوديواري، بيمارن جي کنگهه جي صدا سان گونجندي
رهي. پوءِ ڪجهه گهڙين بعد ماحول ۾ ماٺار ڇانئجي
وئي. امجد پڇيو، ”جگو، ننڊ اچئي پئي؟“ جگوءَ
وراڻيو، ”نه، آئون سوچيان پيو، منهنجي هڪ خواهش ئي
پوري. ٿي وڃي ها يعني پنهنجي ملڪ کي آزاد ڏسان ها
ته سک سان مران ها- پر هاڻي سوچيان ٿو ته ڪاش!
آئون هڪ ڀيرو ڪنهن سان محبت ڪريان ها ۽ پنهنجيءَ
محبوبه کي ٻانهن ۾ ڀڪوڙي وٺان ها- تون ته شاعر
آهين، ان باري ۾ ڇا ٿو چوين؟“
امجد آهستي چيو، ”سچ آهي، جڏهن انسان جون
وڏيون تمنائون پوريون نه ٿينديون آهن،ته هو انهن
جو رد عمل اهڙيءَ طرح ڳوليندو آهي. مون اڪثر ڏٺو
آهي ته جڏهن ملڪ ۾ آزادي جي جنگ تيز هوندي آهي، ته
فرقيوار جهڳڙا دٻجي ويندا آهن، ۽ جڏهن اها لڙائي
ٿڌي ٿي ويندي آهي، ته فساد زور وٺي ويندا آهن...
جيل ۾ به مون ڪيترا ڀيرا انهن وڏن وڏن ليڊرن کي،
جن هر قسم جا عيش ۽ آرام ترڪ ڪري هن خدمت جي راهه
تي هلڻ شروع ڪيو هو، کنڊ جي هڪ چپٽيءَ تان وڙهندي
ڏٺو آهي. هڪ ڀيري ڇا ٿيو، جو جڏهن آئون گجرات جيل
۾ هوس، هڪ تمام وڏي ليڊر ٻاهران سانڌاڻو (آچار)
گهرايو، ۽ وارڊر اهو سانڌاڻو ڪاغذ ۾ ويڙهي، ڪاڪوس
جي موريءَ رستي اسان جي ڪمري ۾ پهچايو. پر آئون ڇا
ٻڌايان، ته ان سانڌاڻي تي به ڏاڍا جهيڙا ٿيا - ۽
هندن، مسلمانن، سکن، هر مذهب جي ليڊرن، سانڌاڻي
کي وڏي چاهه سان کاڌو... ۽ اڄ تون به، جيڪو وطن جي
راهه ۾ حقيقي رت وهائي چڪو آهين، هڪ عورت جي چپن
جو پياسي ٿو نظر اچين.... ڪٿي ٿي آزادي ۽ ڪٿي ٿيا
عورت جا چپ؟.... مون کي عورت جي چپن جي مزي جي
پوري ڄاڻ آهي.“
”ڇا ٿيو هو توکي؟“ جگوءَ مرڪڻ جي ڪوشش
ڪندي، هلڪي آواز ۾ چيو، ”ڇا توکي عورت جا چپ پسند
نه آيا... ڪهڙو نه عجيب ماڻهو آهين تون، توکي
ڪهڙي بيوقوف شاعر بنايو!...“
امجد ٽوڪ طور چيو، ”تنهنجي سرجڻهار!“
جگوءَ ڳهريل آواز ۾ چيو، ”اڳهرو مون نرس جي
ڪارائيءَ کي هٿ سان ڇهيو هو، ڀڳوان جو سُنهن! اڃا
تائين آئون ان جي ٿڌاڻ، لسائي ۽ ريشمي ڪونئرائپ کي
وساري نه سگهيو آهيان.“
امجد تکو ٿيندي چيو، ”مون کي انهن جذبن جو
قدر آهي، انهن جذبن ئي ته مون کي شاعر بنايو آهي.
انهن جذبن ئي مون کي رضيه سان شادي ڪرڻ تي مجبور
ڪيو هو. اڄوڪي ساڳئي ڏينهن تي ئي منهنجي شادي ٿي
هئي. 13 نومبر 13 تاريخ ٻڌي اٿئي؟ شايد ڏاڍي نڀاڳي
ٿيندي آهي. پر ان ڏينهن مون کان وڌيڪ ڀاڳوان
(سڀاڳو)شخص ٻيو ڪوبه ڪونه هو. اُن ڏينهن به اڄ
جيان چانڊوڪي هئي، جهنگ جي هوا، چيل وڻ جي پنن ڇڳن
سان لڳي، مٺا ۽ سريلا گيت پئي ڳاتا، ۽ ان پورن
ماسيءَ رات ۾ رضيه ۽ مون هڪٻئي جي ٻانهن ۾ ٻانهون
وجهي ۽ اهي مٺا ۽ رسيلا گيت ٻڌا هئا...“
جگوءَ جي ساهه جو سهڪو وڌي ويو، هن پڇيو،
”پوءِ ڇا ٿيو؟“
امجد چيو، ”رضيه کي مون وڏي جاکوڙ کان
پوءِ حاصل ڪيو هو، هوءَ مريءَ جي هڪ سردار جي ڌيءَ
هئي ۽ آئون هڪ انگريز جي بيري جو پٽ هوس... ڪميڻو
۽ نيچ ... پر منهنجي پيءُمون کي ٻارهين جماعت
تائين تعليم ڏياري هئي ۽ اسان جي خاندان ۾ مون کان
وڌيڪ پڙهيل ڳڙهيل ٻيو ڪوبه ماڻهو نه هو... رضيه کي
مون وڏيءَ محنت کان پوءِ حاصل ڪيو هو ۽ اڄوڪي
ڏينهن، منهنجي ۽ هن جي گڏيل خوشين جو ميلاپ ٿيو
هو.“
امجد ڪيتريءَ دير تائين چپ رهيو ۽ جگوءَ
جي دل زور زور سان ڌڙڪڻ لڳي. آخر امجد چيو، ”پر
عورت جا چپ مون کي آزاديءَ جي تحريڪ کان روڪي نه
سگهيا. انگريز جي بيري جي پٽ بغاوت جو جهنڊو بلند
ڪيو ۽ کيس پنج ڇهه سال قيد جي سزا ملي، رضيه جي
پيءُ، جو مريءَ جو هڪ وڏو سردار هو، پنهنجيءَ
ڌيءَ کي هميشه لاءِ دل تان وساري ڇڏيو هو – ڇو ته
سندس سرداري ۽ جاگير سرڪار مائي باپ سان
وفاداريءَ جو ثمر هئي. منهنجو پيءُ مون سان جيل ۾
هڪ ڀيرو به ملڻ نه آيو، ڇو ته هو انگريز جو بيرو
هو، پر رضيه ٽن سالن تائين جيل جي دروازي تي ايندي
رهي ۽ سندس رسيلا چپ سڪندا ويا. سونهن مانيءَ سان
پيدا ٿيندي آهي، ۽ جڏهن ماني ئي نه ملي ته سونهن
پاروٿي ٿي ويندي آهي.
ڍَوَ بنا ڍوليا، ڪانهي ساڃهه سونهن جي!“
”امجد ... ”امجد...؟“ جگوءَ ڀوائتي لهجي ۾
چيو.
”پر رضيه پنهنجيءَ سونهن کي ڪومائجڻ نه
ڏنو،“ امجد بدستور ساڳئي نرم لهجي ۾ چيو، ”خواجا
ڪريم الدين کي تون سڃاڻندو هوندين؟“
جگوءَ وراڻيو، ”ڪير؟ خواجه ڪريم الدين...
اهو گڙنگ زميندار آهي ۽ 35ع کان پوءِ قومي تحريڪن
۾ حصو وٺڻ لڳو آهي،“
”ها... ها... اهوئي، اهو اسان سان گڏ جيل
۾ هو – ٽي سال اسان گڏ رهياسون، ڇو ته کيس ٽي سال
سزا لڳي هئي ۽ جڏهن هو آزلاد ٿيو ته مون ڀنل نيڻن
سان کيس رضيه جي مدد ڪرڻ لاءِ چيو هو ... هن رضيه
جي تمام گهڻي مدد ڪئي ... رضيه اڃا تائين خوبصورت
آهي!
جگوءَ امجد طرف ڏٺو، پر امجد اکيون ٻوٽي
ڇڏيون ۽ ڪجهه به ڏسي نه سگهيو، نيٺ جگوءَ هڪ ڊگهي
وقفي کان پوءِ چيو، ”امجد ڀاءُ اسان جي قوم ۾ وڏا
وڏا اڳواڻ موجود آهن ۽ وطن جي نانءُ تي سر
گهوريندڙ حريت پسند پڻ. پر پوءِ به آزادي ويجهو ڇو
نه ٿي اچي؟ ڇا ان لاءِ ته سچائيءَ جو هوڪو ڏيندي
به اسان جي دلين ۾ سچائي موجود نه آهي؟ نگاهن ۾
پاڪيزگي نه آهي، ساٿين لاءِ ساٿ جو جذبو نه آهي!“
امجد چيو، ”پر هاڻي ته مون کي ڪنهن سان
وير نه آهي، ڪنهن سان به گلا ناهي، هرگز نه آهي.
نه تنهنجي سرجڻهار سان، نه خواجه ڪريم الدين
سان... رضيه سان به نه ... چڱو آهي، جو هينئر
ڪنهنجيءَ دل ۾ اسان جي ياد نه آهي، چاهه نه آهي،
عزت نه آهي.“
پر ٿوريءَ دير کانپوءِ، سندس صبر جا بند
ٽُٽي پيا، ۽ هو سڏڪن گاڏڙ آواز ۾ چوڻ لڳو، ”پر
منهنجا .... آئون اڄوڪي رات وساري نه ٿو سگهان
.... اڄ جي رات ئي ته منهنجي ارمانن جي دنيا آباد
ٿي هئي ... اها ئي سانت ... چيل جو وڻ ... پوءِ
رات جي سانت وڌندي وئي. چانڊوڪي پکڙندي وئي ... ان
ٻڌل راڳ جون خوشيون خوابن جي اونهاين ۾ ٻڏنديون
ويون ... وقت جو شور ماٺو ٿي ويو ... ۽ زندگيءَ جي
هر ڌڙڪن سونهن جي نوراني ساگر ۾ پنهنجو پاڻ
لڙهندي ڪنهن طرف هلي وئي ... خدا ڄاڻي ڪيڏانهن
.... ڪٿي؟
(سنڌيڪار: تاج جويو)
خالي قبر
سرءُ جا پهريان ڏهاڙا هئا
صبح جو گهاٽو ڪوهيرو ۽ ڌنڌ، قيدين جي
بيرڪن تي ڇانيل هو. ٿهڌي هوا ۾ ڪنهن ڪني گار جهڙي
تلخي ۽ ڪوڙاڻ سمايل هئي. لنڊين جي وڻن جا رهيل پن،
ڏوڙا ٿيو، پنهنجي پوين گهڙين جي اوسيئڙي ۾ هئا.
انساني لاشن کي ساڙڻ وارين کورين مان آهستي آهستي
دونهون نڪري رهيو هو.
ليون پنهنجي قبر کوٽيندي کوٽيندي، ڪنڌ مٿي
کڻي، پوپلر جي ڊگهن وڻن جي قطارن ڏانهن ڏٺو، جن جي
اڇن ٿِڙن سان يهودي قيدين کي ٻڌي، گوليون هنيون
وينديون هيون. کن پل لاءِ هن جو ساهه، بند پکيءَ
جيان، سندس سيني جي پڃري ۾ گهٽبو، پوءِ گهٽجي آهه
جي صورت ۾ ٻاهر نڪتو. ان گرم آهه سندس هيانءُ
ڏڪائي وڌو، پر گشت ڪندڙ نازي سپاهين جي ٽور ۾
ڪنهن به قسم جي تبديلي پيدا ڪانه ٿي. اهي ساڳيءَ
پابندي ۽ مضبوطيءَ سان انهن يهودي قيدين جي چوڌاري
پهرو ڏئي رهيا هئا، جن کي اڄ گوليون لڳڻيون هيون،
۽ جيڪي هن وقت نازي سپاهين جي نظرداريءَ هيٺ
ڪوڏرون ۽ بيلچا کڻي، پنهنجي پنهنجي قبر کوٽي رهيا
هئا.
ليون جي نظر پوپلرن جي وڻن کان به مٿي،
ميرانجهڙي ڪوهيڙي ۾ ملي ويندڙ دونهين جي ان ليڪ کي
ڏسڻ لڳي، جا ڪلهه تائين ڪنهن محبوبڙيءَ جو مهڪندڙ
ساهه هو، ڪنهن معصوم ٻار جي مشڪ هئي، ڪنهن محبت
ڪندڙ سائنسدان، فلاسفر ۽ اديب جو دماغ هئي، ۽ اڄ
ان سڀ جي جاءِ تي دونهين جي هڪ ليڪ هئي. جيڪا
ٻرندڙ کورين جي چمنين مان نڪري ”هوائي گولي ۾“
پکڙجي ويئي هئي.
جڏهن قبرون ڳپل اونهيون کوٽجي ويون ته
نازي سارجنٽ ڏاڍيان رڙ ڪئي، ”ڪم بند ڪريو!“ سڀني
قيدين پنهنجي قبرن آڏوڪوڏرون ۽ بيلچا رکي ڇڏيا ۽
اٽينشن ٿي بيهي رهيا.
”فار ورڊ مارچ!“ نازي سارجنٽ زوردار رنڀ
ڪئي.
ليون جون وکون، مشين جيان پوپلر جي وڻن
ڏانهن وڌڻ لڳيون، جتي ڪجهه گهڙين کان پوءِ کيس
گولي هنئي ويندي. هو هوريان هوريان پنهنجي موت
ڏانهن وڌڻ لڳو. سندس پوئتان ٻيا به يهودي قيدي
هئا، جيڪي جدا جدا هنڌن تان آڻي، لودو جي نازي جيل
۾ بند ڪياويا هئا. انهن ۾ هن جو دوست ۽ ساٿي
ابراهيم به هو، جيڪو هن جيان ئي سائنسدان ۽ پولينڊ
مان آندو ويو هو. اڇي ڏاڙهيءَ وارو ابراهيم، اڄ
تائين اهو سوچي نه سگهيو هو ته کيس ڪهڙي ڏوهه هيٺ
گولي هنئي پئي ويئي. هو جهلي جهلي معصوم ٻارن جيان
روئندو اڳتي وڌي رهيو هو، هن جي پٺيان سندس ه جواڻ
جماڻ ڌيئرون، ايٿلي ۽ روزا سورهن ۽ ارڙهن ورهين
جون وينگسون ڳاٽ اوچو ڪيو- بيخوفيءَ سان هلي رهيون
هيون. انهن جي پويان ٻيا به يهودي هئا، جيڪي ٻين
بيرڪن مان آندا ويا هئا، ۽ جن کي ليون سڃاڻندو نه
هو. پڇاڙيءَ ۾ هن جي محبوبه ”جين“ هئي. ڪاش، نازي
سپاهي ايترو ڏت ڪن ها، جو هن سان گڏ سندس محبوبه
کي موت ڏانهن آخرين گهڙين ۾ هلڻ ڏين ها. پر نازين
هن جي اها معمولي درخواست به ٿڏي ڇڏي. سڀني جي
پويان ٽن ورهين جو هڪ ٻار هلي رهيو هو، جنهن جي
يهودي ماءُ ۽ پيءُ کي ٻه ڏينهن ٿيندا ته گوليءَ جو
بک بنايو ويو هو. اهو ٻار هڪڙو هٿ ”جين“ جي هٿ ۾
ڏيو، ۽ ٻئي هٿ جو آنڱوٺو وات ۾ وجهي چوسيندو هلي
رهيو هو، پنهنجي زندگيءَ جي پڇاڙ ڪين گهڙين کان بي
خبر! |