هاڻ سروجني ان شخص جي ڊرائنگ روم ۾ ويٺي سڏڪي رهي
هئي، ۽ اهو شخص ان جي سامهون چپ چاپ ويٺو گريٽ کي
سوٽا هڻي رهيو هو. ايتري ۾ خطري ٽري وڃڻ جو سائرن
وڄڻ لڳو، پر سروجني جا سڏڪا گهٽ ٿيڻ جو نالو ئي نه
وٺي رهيا هئا. چند منٽ خاموشيءَ سان اهو شخص سگريٽ
پيئندو رهيو ۽ پوءِ هن پنهنجي ويجهو بلب جو بٽڻ
دٻايو، جنهن سان زيرو جو بلب ڪمري ۾ هلڪي روشني
ڪرڻ لڳو.
۽ ان هلڪي روشنيءَ ۾ انهن ٻنهي هڪٻئي کي سڃاڻي
ورتو، اهو شخص هن جو سيٺ هو. ان دوڪان جو ملاڪ جتي
سروجني سيلز گرل جو ڪم ڪندي هئي.
”او تون؟ سروجني!“ ۽ هن جو وات ڦاٽي ويو ۽ پوءِ
خوف کان يڪدم سروجنيءَ جي پيرن تي ڪري پيو.
”ڪنهن کي به نه ٻڌائجان، نه ڄاڻ مون کي ڇا ٿي ويو
هو، مون اوندهه ۾ توکي سڃاتو ڪونه اگر سڃاڻي وٺان
ها ته... خدا جي واسطي مون کي معاف ڪري ڇڏ. مان
تنهنجي پگهار ٽي سو...چار سو... ڪري ڇڏيندس، توکي
زيور به وٺي ڏيندس، توکي جيڪو ڪجهه گهرجي وٺي
ڏيندس... ٻڌاءِ ٻيو به توکي ڪجهه گهر.....؟“
سروجني صوفي تان اٿي ۽ ٿاٻڙجندي در ڏانهن وڃڻ لڳي،
۽ در تي بيهي سڏڪندي چوڻ لڳي:
”مون کي روشني گهرجي..... مون کي روشني
گهرجي.....؟
مُرڪڻ واريون
ڏس، ڏس، هوءَ مُرڪي پئي!
اسان ڪافيءَ جي اسٽال تي ويٺا هئاسين. ٽاور جي
سامهون سڙڪ جي هن ڀر – ڪافيءَ جو اهو اسٽال انهن
ڏينهن ۾ تمام گهڻو هلندو هو. ميزن جي آسي پاسي
ماڻهو کچا کچ ڀريل هئا. شاگرد – ملاح، اديب،
ڪاروباري ماڻهو، واندا، ٽائيپسٽ ڇوڪريون گلدار
سڪرٽ ۽ بي داغ بلائوزن پاتل، پنهنجي پوني ٽيل کي
هڪ ادا سان جهومائيندڙ ٿوري ٿوري دير کانپوءِ لپ
سٽڪ ”سرخي“ ٺيڪ ڪري رهيون هيون. ڇو ته چانهه جو هڪ
ڍڪ مرد جي چُمي جيان آهي سرخي کي ڦهلائي ٿو ڇڏي..!
اسان جي سامهون واري ڇوڪري مرُڪي هئي، هن جي ڪاري
بلائوز تي سفيد ڇلڪندڙ موتي ٽانڪيل هئا ۽ ويجهو
پيل روشندان جي روشنيءَ ۾ چمڪي رهيا هئا. جهڙوڪر
هن ڇوڪري هڪ بلائوز نه پر تارن ڀري رات جو ٽڪرو
پهري رکيو هو، ۽ سرخي ڪنهن خطرناڪ حد تائين گهري
نظر اچي رهي هئي.
”ڏس، ڏس، هوءَ مُرڪي پئي.“ مون گلشن کي چيو. گلشن
چور اکين سان ان طرف ڏٺو ۽ پوءِ ڪرسي کسڪائي ان
طرف پٺيءَ ڏئي ويهي رهيو ۽ چوڻ لڳو ”ڇڏ – ڇڏ ان
ڏانهن نه ڏس.“
”پر هي اها آهي مُرڪڻ واري!“ مون احتجاجن گلشن کي
چيو. گلشن نيوي ۾ ليفٽيننٽ هو. هن دنيا ڏٺي هئي.
اسان ٻنهي جي پهرين ملاقات لنڊن ۾ ٿي هئي سوهو جي
مشڪوڪ گهٽين ۾ گهمندي ڦرندي، ڇوڪرين کي ڏسندي اسان
هڪ ٻئي جا دوست ٿي ويا هياسين ۽ جڏهن اسان هڪٻئي
جا دوست هئاسين ته سوهو جي گهٽين ۾ اسان کي تمام
پياريون ڇوڪريون مليون. مگر سڀني کان پياريون ته
اهي هيون جن کي لنڊن وارا
Smilies
چون ٿا. مُرڪڻ واريون – ٻه ٻه ڇوڪريون گڏ ٿي ٻاهر
نڪرنديون هيون. ٺهي ٺهي هار سينگار ڪري – جي ڏس
کڻي ته جواب ۾ مُرڪ ڏيندڙ هلڪي شرير مُرڪ – ڳالهه
به ٺهي وڃي ۽ عزت به رهجي وڃي، اگر ڳالهه ٺهي وڃي
ته هٿ ۾ هٿ ڏئي گڏ گڏ هلڻ لڳن جي نه ته ائين پاڻ
۾ ڳالهيون ڪنديون هليون وڃن، ڄڻ هوءَ گهٽين ۾
شڪار ڪندڙ عورتن مان نه هجن بلڪه پارڪ لين جي
مٿانهين فليٽن ۾ رهندڙ شريف زاديون هجن.
هي لطف ڏيندڙ ۽ پيشه ورانه مُرڪ ڪيڏي نه دلچسپ
هوندي آهي! ڇوڪري مرڪي – ٿي ڄڻ چپن سان اک هڻي ٿي!
اسان کي لنڊن جون
Smilies
تمام گهڻيون پسند آيون پر لنڊن ڇا – لنڊن ۾، پيرس
۾، بمبئي ۾، دهليءَ ۾ جتي حوس سر کڻي ٿي، پنهنجي
مدمقابل تبسم موجود هجي ٿو ۽ انهي تبسم ۾ رنگ،
نسل، قوم ۽ ملڪ جو ڪو فرق ڪونهي. انهي ڪري ته مون
کي ڪافي اسٽال واري مُرڪڻ واري ڇوڪري ايتري قدر
پسند آئي هئي. انهي ڪري ئي ته مون گلشن کي چيو هو:
”اڙي اها ئي اٿئي گلشن اها ئي.“
۽ گلشن اڃان به ڪرسي سرڪائي اسان ٻنهي جي وچ ۾ ڪري
ڇڏي، جيئن مان به ان کي نه ڏسي سگهان – مون
ناراضگي ظاهر ڪندي چيو:
”هي ڪهڙي حرڪت آهي؟ تون ڪڏهن کان صوفي ٿيو آهين.؟“
هي گلشن سان منهنجي ملاقات چند مهينا بعد ٿي هئي
ڇو ته مان ٻاهر ويل هئس. ان ڪري ان تبديليءَ تي
حيرت ٿي رهي هئي.گلشن چانهه جو ڪوپ پنهنجي ٻنهي
هٿن ۾ جهليندي هن ڏانهن غور سان ڏسندي مون کي چوڻ
لڳو: ”هڪ ڪهاڻي ٻڌندين؟.“
”ڪهاڻي؟“ مون حيرت مان چيو.
هن منهنجي راءِ کي نظرانداز ڪندي چيو، ”هڪ ڏينهن
مان ڪيفي لبرٽي ۾ ويٺو هوس....
۽ ها-! مان ته توکان اهو پڇڻ ئي وساري ويٺس تون ته
اڪثر ڪيفي لبرٽي ۾ ملي ويندو هئين. اڄ توکي هتي
ڏسي رهيو آهيان؟“
ڪيفي لبرٽي گلشن جو خاص اڏو هو. سمنڊ جي ڪناري تي
ڪيفي جي ڇتيل ورانڊي ۾ ويهي رهندا هئاسين. اڪثر ۽
اتان ئي ميرين ڊرائيور تي چهل قدمي ڪندڙ خوش باش
جوڙن کي ڏسندا رهندا هياسين.
گلشن منهنجي سوال کي به نظرانداز ڪري ڇڏيو. چانهه
جي پيالي تي نظرون کُپائيندي چوڻ لڳو، ”اها مُون
سُُن جي هڪ رنگين شام هئي.بادل وسڪاري کانپوءِ
وکري ويا هئا ۽ روشني انهن کي ڇُهي سنهري ۽ نارنگي
ڪري ڇڏيو هو ۽ سمنڊ پوري اوج تي هو ۽ ڪناري تي
هلندڙ ڇوڪريون، سمنڊ جي ڇولين کان بچڻ لاءِ سڙڪ جي
فٽ پاٿ تي اچي ٿي ويون ۽ گهٻرايل بدن هونءَ به
توکي خبر آهي ڪيڏا نه دلڪش ٿي ويندا آهن.“
”جي نه، مون کي ڪابه خبر ناهي مان ته شريف نوجوان
آهيان.“
گلشن مرڪيو ۽ چوڻ لڳو ”خير! اها اهڙي ئي حسين شام
هئي. جيڪا هر شريف زادي کي ڪنهن شريف زاديءَ لاءِ
بيقرار ڪندي آهي. ان ڏينهن مان اڪيلو هوس ۽ مايوس
مايوس خاموشيءَ سان چانهه پي رهيو هوس. منهنجي
سامهون ڪرسيءَ تي هڪ سانوري رنگ جو معمر شخص اچي
ويٺو. ان جو مٿو وچ کان گنجو هو ۽ هن جي ننڍين
ننڍين اکين ۾ عجيب جهڙي گهٻراهٽ هئي ۽ هو بار بار
هيڏانهن هوڏانهن واجهائي رهيو هو، ڄڻ ڪنهن گراهڪ
کي ڳولي رهيو هو.
”گراهڪ کي؟“ مون کي سمجهه ۾ نه آيو ان ڪري مون پڇي
ورتو. ”ها! گلشن چيو، ”هن سان گڏ هڪ ڇوڪري به هئي
سترهن ارڙهن سال هن جي عمر هوندي، هن گجراتي ساڙهي
پهري رکي هئي ۽ هن جو ڪڻڪائون رنگ نکري پيو هو.
چمڪيلي اکين سان هيڏانهن هوڏانهن ڏسي ٿي ورتائين.
ڪيڏي ڪيڏي مهل نگاهه اهڙي طرح سڌي ٿي ويس ڄڻ انهي
نظر جو ڪنهن سان واسطو ئي ناهي پيو ۽ ڪيڏي ڪيڏي
مهل اها نظر ڪنهن نه ڪنهن چهري تي ٽڪي پئي وئي ۽
هوءَ مرڪڻ پي لڳي بلڪل اهائي مُرڪ!ٰ
پوءِ هوءَ مون ڏانهن ڏسي مُرڪڻ لڳي- ڄڻ سڃاڻڻ جي
ڪوشش ڪندي هجي.
هيلو! توهان ڪير آهيو ۽ ڇا مطلب آ توهان جو؟
جڏهن هن مون ڏانهن مرڪي نهاريو ته مان ان جي ادا
مان ئي سمجهي ويندس ته هوءَ ڪير آهي؟ پراڻو تجربو
منهنجي ڪم اچي ويو ۽ مون موٽ به مُرڪ سان ڏني. مان
ته اهوئي آهيان جنهن کي تون ڳولين ٿي. ڪنوارو ۽
لوفر به. حيرت آهي اها نگاهه به ڪيئن ايترو ڪجهه
چئي ٿي ڇڏي، جيڪو ڪجهه هڪ پورو ڪتاب به چئي نٿو
سگهي.
ٿوري ئي دير ۾ هن منهن ڦيري ڇڏيو. هاڻ هن جي نظرن
۾ مون لاءِ ڪابه دلچسپي نه هئي. مون کي هڪ ڌڪ جهڙو
لڳو. آخر مان ايترو بُرو به نه هوس، ڇوڪرين جي
راءِ منهنجي باري ۾ هميشه سٺي هئي.
مون هن جي پيءَ ڏانهن ڏٺو جيڪر گهٻرايل به هو ۽
ڪجهه ناتجربيڪار به- شايد هن مهذب ڪيفي ۾ پهريون
ڀيرو آيو هو، جنهن کي سودي ڪرڻ جو ڍنگ به نه ٿي
آيو. هن جون نظرون ٻڌائي رهيون هيون. تون ان جو
خيال نه ڪريان ..... هن جون نظرون ٻڌائي رهيون
هيون. تون ان جو خيال نه ڪر، يا ٻڌائي رهيون.....
هيون مجبوري آهي، نه ته مان شريف ماڻهو آهيان. هن
ڌنڌي لاءِ پهريون ڀيرو نڪتو آهيان، تو مون کي
سڃاڻي ورتو! سٺو نه ڪيئي.
ڪجهه به هو، هو منهنجي انداز مان گهٻرايل هئا. هنن
جلدي جلدي چانهه ختم ڪئي ۽ بل ڏئي ڪري ڪيفي مان
نڪري ويا. مون ڇوڪريءَ ڏانهن ڏٺو جنهن تي ڀرپور
جواني لٿي هئي.
”بيوقوف“ مون کان بي اختيار نڪري ويو.
”تون ٻڌ ته“ گلشن سختي ڪندي چيو: ”ڪجهه ڏينهن
کانپوءِ منهنجي انهن ساڳئي ڪيفي ۾ ملاقات ٿي وئي
.هو مون کان پهرين ئي هڪ ميز تي ويٺا هئا .ساڳيو
پوڙهو ۽ ساڳي حسينه مان انهن جي ڀر واري ميز تي
اچي ويهي رهيس. ڇوڪري مون ڏانهن ڏسي مرڪي ڏنو،ڄڻ
سالن کان سڃاڻيندي هجي مون به مرڪي ڏنو. هوءَ بدن
لڪائي ڪرسيءَ تي الڳ ٿي ويهي رهي،ٻئي ڀيري جڏهن هن
ڏٺو ته اهڙي نظر سان ڄڻ ته سڄاڻيندي ئي نه هئي.
”چري ڪنهن جاءِ جي“دل ۾ سوچيو”پنهنجي پاڻ کي
مهانگو ثابت ڪرڻ ٿي چاهي. مان به ڪچين گورين سان
نه کيڏيو آهيان.”
مون به هن کان نظرون هٽائي ڇڏيون ۽ اطمينان سان
سينڊوچ کائڻ ۾ مصروف ٿي ويس.ٿوري دير کانپوءِ مون
کي تمام طويل عرصو معلوم ٿيڻ لڳو ۽ جڏهن مون هن
طرف ڏٺو ته منهنجي نظرن جو جائزو وٺي رهي هئي. هاڻ
مون چور جهلي ورتو هو. هن وري به مسڪرائي ڏنو ۽
مان به پنهنجي ميز ڇڏي انهن جي ميز تي هليو ويس ۽
ڪرسي سرڪائي اطمينان سان هن سان گڏ ويهي
رهيس.ڇوڪري لاڳيتو مون ڏانهن ڏسي مرڪي رهي هئي هن
جي نظرن ۾ ڪوبه خوف يا ڊپ نه هو، پر ان پوڙهي جي
منهن تي عجيب گهٻرائٽ ڇانيل هئي. مون هن جي
گهٻرائٽ کي هٽائڻ لاءِ چيو” گهٻرايو نه مان هڪ
شريف ماڻهو آهيان. توهان جو راز هميشه منهنجي سيني
۾ محفوظ رهندو.“
پوءِ مون ڇوڪريءَ سان مخاطب ٿيندي پڇيو،”توهان جو
نالو ڇا آهي ؟“
”ڪملا“ هن بي دڙڪ چيو مان ڪملا جو هٿ پنهنجي هٿ
وٺڻ واروئي هوس ته پوڙهي گهٻرايل لهجي ۾ چيو
”اوهان سمجهيو ڪونه“
”مان سڀ سمجهان ٿو “ مون هن کي اک هڻندي چيو.
هو اڃا به وڌيڪ گهٻرائجي ويو ”اوهان بلڪل ڪونه
سمجهيو،هي منهنجي ڌي آهي.“
“مان اڃان به نه سمجهيس _ مون چيو هر خوبصورت ڪنهن
نه ڪنهن جي ڌيءَ هوندي آهي.“ ۽ پوءِ مون هن کي
قابل اعتبار نه سمجهي ڪملا کي چيو” ڊانس ڪري سگهين
ٿي ؟“
”ها “
پوڙهو تمام گهڻو گهٻرائجي ويو ۽ چوڻ لڳو ”تون نه
ٿو ڄاڻين ته مان ڪير آهيان؟“
هو ميز تي جهڪي ويو، هن جون اکيون آليون هيون. هن
ڏک واري لهجي ۾ چيو ” مان هڪ معزز شهري آهيان. هي
منهنجي ڌي آهي ڪملا مون کي معاف ڪريو. هن جي مرڪ
جو ڪوبه مطلب ڪونه هو. هي ته ......... هي ته
.......هن رڪجي رڪجي چيو ....... هي ته چري ٿي وئي
آهي.“
پوڙهي جو چهرو ميز تي جهڪي ويو ۽ اکين ۾ لڙڪ هيا،
چوڻ لڳو” مان هن کي هتي ان ڪري وٺي آيو آهيان جو
ڊاڪٽرن چيو آهي ته هن کي گهر ۾ اڪيلو نه رهڻ ڏي.هن
کي ماڻهن جي هجومن ۾ وٺي وڃ، پر رونق جاين تي رٺي
وڃ ۽ رش سان دل وندرائينس.“
مون پوڙهي ڏانهن ڏٺو پوءَ ڇرڪي ڪملا
ڏانهن ڏٺو. هاڻ هن جون نظرون ڪيفي ۾ ويٺل ماڻهن جي
سرن مٿان الئي ڪيڏانهن وڃي رهيون هيون.اهي نظرون
ڄڻ چئي رهيون هجن. مان ڪنهن جي به ناهيان ۽ منهنجو
ڪوبه ناهي. جتي مان آهيان اتي ڪوبه نٿو اچي سگهي.
منهنجو روح ڪنهن سان محبت نه ڪري سگهندو ۽ مان
ڪنهن جو به هٿ هٿ ۾ ڏئي سمنڊ ڪناري نه هلي سگهنديس
۽ منهنجي جوانيءَ جا گل ائين ئي ڪري مرجهائجي
ويندا. مان ڪنهن تي به پنهنجو حق نه ڄاڻائي
سگهنديس نه ڪنهن جي ياد ۾ روئي سگهنديس ۽ نه ڪو
ٻار منهنجي ڪک مان جنم وٺي سگهندو ۽ نه ڪنهن معصوم
چپن لاءِ منهنجي ڇاتين مان کير بيقرار ڦٽي نڪرندو.
سڏڪا لڙڪ، چمبيون،انهن سڀني کان محروم مان ائين ئي
مري وينديس.
يڪدم مون ڪملا ڏانهن ڏسي مٿو جهڪائي ڇڏيو. خبر
ناهي ڪيتري دير مان مٿو جهڪايو انهن جي ٽيبل تي
ويٺو رهيس. مون ڏٺو ته ڪو نه پر مون محسوس ڪيو ته
پوڙهو اٿيو ۽ هن سان گڏ اها ڇوڪري به اٿي ۽ هو ٻئي
اٿي آهستي آهستي اتان هليا ويا. پوءِ به مون انهن
ڏانهن ڪنڌ ورائي ڪونه ڏٺو. شام گهري ٿي چڪي هئي ۽
بادل گهاٽا ٿي چڪا هئا. بارش وسندي ان ۾ تيزي اچي
چڪي هئي. مان ٽيبل تان اٿيس ۽ ميرين ڊرائيو ڏانهن
هليو ويس ۽ مون ٽيڪسي واري کي چيو ته هو ٽيڪسي
آهستي هلائي. مون اڄ پنهنجي ڪوارٽر تي جلدي وڃڻ
نٿي چاهيو ڇو ته مون کي شديد صدمو رسيو هو.
ٿورو اڳتي وڃي مون ان پوڙهي ۽ ڇوڪريءَ کي ميرين
ڊرائيو تي بارش ۾ ڀڄندي ڏٺو. ڇوڪري اگهاڙن پيرن
سان هلي رهي هئي ۽ پوڙهو مينهن ۾ ڀڄي چڪو هو. مون
ٽيڪسي روڪي ۽ چيو”مون کي معاف ڪجو مون کان غلطي ٿي
وئي. شايد اوهان کي ڪيڏانهن وڃڻو آهي. مان اوهان
کي پهچائي ڇڏيان“
پوڙهي ” چيو ڪيڏانهن به ناهي وڃڻو. ڊاڪٽرن چيو
آهي ته مون سون جي بارشن ۾ هن کي سير ڪرايان. انهي
سان دماغ کي ٿڌڪار پهچي ٿي ان لاءِ ......
هو ماٺ ٿي ويو. هڪدم ڇوڪري مون ڏانهن ڏسي مرڪڻ لڳي
۽ هن کي مرڪندو ڏسي مان به مرڪي پيس جي ائين نه
ڪيان ها ته يقيناََ روئي پوان ها پوءِ مون جلدي
ٽيڪسي واري کي هلڻ لاءِ چيو ۽ پوءِ پوڙهو ۽ ڇوڪري
پوئتي رهجي ويا. هن وسندڙ آسمان هيٺ ٻه اداس وڃايل
پيڪر هن گونگي گنهگار عقل واري جي دنيا ۾ آهستي سر
جهڪائي هلي رهيا هئا.“
گلشن ڪافيءَ جي ڪوپ کان هٿ الڳ ڪيا. چانهه ٿڌي ٿي
چڪي هئي.
هن اداس لهجي ۾ پڇيو هلون؟ پوءِ اسان ٻئي ٽيبل تان
اٿياسين ۽ مرڪڻ واري ڇوڪريءَ ڏانهن ڏسڻ بغير ٻاهر
نڪري وياسين.
اجنبي اکيون
هن جي چهري تي، هن جون اکيون ڏاڍيون عجيب پئي
لڳيون ڄڻ ته سڄو چهرو هن جون پنهنجو هجي پر اکيون
ڌاريون جيڪي هن جي چهري تي هٿرادو آڻي لڳايون ويون
هجن. سندس ننڍڙي نوڪدار کاڏي ٿلها چپ ۽ وڏن وڏن
ڳٽن مٿان ٻه وڏيون وڏيون ڪاريون گهريون اکيون
چالاڪ، مڪار، خود غرض ۽ ڪميني ماڻهو جهڙو اهڙو سخت
چهرو گهڻو ڪري پنجٽيهن سالن کان وڌيڪ عمر جي ماڻهن
جو ٿيندو آهي، جن کي اهڙين حالتن مان گذرڻ جو
موقعو ملندو آهي، جن مان اڄ ڪلهه گهڻا ماڻهو گذرن
پيا. مون کي هن جي اکين ۾ ڏاڍي دلچسپي پيدا ٿي
پئي، خبر ناهي ته ڪٿان چورايون هيون هن اهي ظالم
اکيون!
مان هن جي دڪان تي هڪ بشرٽ سبرائڻ لاءِ ويو
هوس،“ڪولون “ ۾ هن جي ڪپڙي جو تمام وڏو دڪان هو.
ٻاهر بورڊ لڳل هو، جنهن تي لکيل هو ”هتي ڪپڙن جو
جوڙو چوويهن ڪلاڪن ۾ تيار ڪيو وڃي ٿو “ ۽ ان بورڊ
ئي مون کي دڪان اندو وڃڻ تي مائل ڪيو، هڪ ته اهو
سبب هو ۽ ٻيو سبب ان جو نالو هو جيڪو دڪان جي
ٻاهران لڳل بورڊ تي وڏن، وڏ، اکرن ۾ لکيل هو ”
پروپرائيٽر، بي ڊي اسراڻي،” هو بي ڊي اسراڻي هو ۽
مان ڊي اسراڻي، نالن جي هڪ جهڙائي به مون کي ان
دڪان ۾ وڃڻ تي مجبور ڪيو. هو ٿيري لين جو اوچو وڳو
اوڍيو، وات ۾ سگار، هٿن ۾ هيرن جون منڊيون، سگار
مان وڏا وڏا سوٽا هڻندو پنهنجي شاهي دڪان ۾
هيڏانهن کان هوڏانهن گهمي رهيو هو. پهريان ته هن
منهنجو ڪو به خيال ڪونه ڪيو پر آرڊر وٺڻ وقت جڏهن
هن منهنجو نالو پڇيو ته هڪدم حيران ٿي ويو،ڇو ته
اسان ٻئي سنڌي هئاسين سو به هڪ ذات وارا ۽ هي هانگ
ڪانگ هو يعني وطن کان ايڏو ڏور. چند منٽن ۾ ئي
اسان ٻئي هڪ ٻئي سان ايترو ته گهراٿي ويا سين جو
ڄڻ ته سالن کان هڪ ٻئي جا واقف هجون. هن مون کي
پنهنجي گهر رات جي ماني جو دعوت ڏني جامون خوشيءَ
سان قبول ڪئي پوءِ مون کيس پنهنجي هڪ تڪليف به
ٻڌائي ته ”مان ڪينٿ هوٽل ۾ ترسسيل آهيان.هيءُ هڪ
سستي قسم جو هوٽل هو مگر ايترو سستو به نه جو
ڇوڪرين مهيا ڪرڻ جو ڌنڌو ٿيندو هجي. هڪ ڀيري جيئن
ئي مان رات جو ٻي بجي ڌاران نائٽ ڪلب جو ڪيبرو ڏسي
موٽيس ته خبر پئي ته ڪينٿ هوٽل جي اٺن ڏهن ڪمرن ۾
هڪ ئي وقت چوري ٿي وئي آهي ۽ بدنصيبي سان منهنجو
ڪمرو به انهن ۾ شامل هو. منهنجا ٻئي سوٽ ڪيس چوري
ٿي چڪا هئا ۽ هڪ ٽائيپ ڪرڻ جي مشين به پوليس جاچ
ڪري رهي هئي ۽ ڪندي رهندي مگر مون کي ٻن ڏينهن بعد
بمبئي واپس موٽڻو هو ڇو ته آبزرور جي ايڊيٽر ڪئبل
ذريعي اهڙو پيغام مون ڏي موڪليو هو، جيئن ته هانگ
ڪانگ ۾ منهنجو ڪم ختم ٿي چڪو هو تنهنڪري مون کي
بمبئي واپس پهچي اتان وري هڪدم نيروبي وڃڻو هو.
”مون کي ڪجهه پئسا گهرجن“ مون بي ڊي اسراڻيءَ کي
چيو مگر هاڻ ان جي عيوض مان صرف پنهنجو چيڪ ئي پيش
ڪري سگهان ٿو، سو به هندستان جي بينڪ جو !
”گهڻا پئسا گهرجن“ هن مون کان پڇيو” پنج سو روپيا
“ بس ! ها. بي ڊي اسراڻيءَ سڪون جو ساهه کنيو مون
سان گڏجي هلو، مان هينئر ئي بينڪ مان پنهنجي ضمانت
تي توهان کي چيڪ ڪئش ڪرائي ٿو ڏيان. هت اسان سنڌين
جي هڪ بينڪ آهي” سي سنڌي مرڪنٽائيل“ جيڪا هڪ پنج
ماڙ عمارت ۾ قائم آهي. بينڪ جي جڳهه به منهنجي آهي
جنهن جي مون کي يارنهن هزار رپيا ماهوار مسواڙ به
ملي ٿي ان کان علاوه آءُان بينڪ جو ڊائيڪٽر پڻ
آهيان. پنج سو روپيا مون کي ڏياري هن چيو ته”
توهان شام جو ڇهين وڳي ڌاران منهنجي دڪان تي
اچجو،گهر هلڻ کان اڳ ٿو روگهمي ڦري وٺنداسين.”مان
شام جو ٺيڪ ڇهين وڳي هن جي دڪان تي پهتم، هو به
منهنجي ئي انتظار ۾ هو. دڪان تي نوڪرن کي ضروري
هدايتون ڌيئي هو مون سان گڏ ٻاهر نڪتو، دڪان جي
درتي بادامي رنگ جي هڪ مرسڊيز ڪار جون بريڪون تمام
سٺيون هيون. جيئن ته هن جو منهن ننڍڙو هو مگر جسم
ڏاڍو ڀريل ۽ مضبوط هيس خاص طور تي هن جا هٿ ڏاڍا
مضبوط ۽ وارن سان ڀريل هئا انهيءَ خوبصورت وڳي ۾
هن جو جسم ڪنهن ڀولڙي جيان پئي لڳو. |