مون چيو، ”خير ٿيو، مون ڪڏهن ڪائي زال نه پالي آ،
ان ڪري مان ڪنهن جي نظرداريءَ کان نٿو ڊڄان. رهيو
غسلخاني جو پري هئڻ جو سوال، ته مون کي ڇا هي، مان
غلسخاني کي رڌڻو ۽ رڌني کي غسلخانو ڪري استعمال
ڪندس، مون کي ته ٻئي هڪ جهڙا ٿا ٺهيل نظر اچن.
دلال منهنجي عقل جو داد ڏيندي چيو، ”اهو تون ڄاڻ ۽
مالڪ، جيڪڏهن توکي هيءَ جڳهه پسند آهي ته ڪڍ سئو
روپيا!“
”سئو روپيا؟ مون رڙ ڪري چيو، ”ڇا جو سئو روپيا!!“
”سئو روپيا هن جي ماهوار مسواڙ ٿيندي.“
”منهجا ڀاءُ! مون هٿ ٻڌي دلال کي چيو، ”مون توکي
فقط پنجويهن روپين واري جڳهه ڏيکارڻ لاءِ چيو آ -
۽ تون آن جو سون جي ڳالهه ڪندي ٿڪجين ئي نٿو.“
دلال چيو، ”منهنجو ڪم ته توهان کي جڳهه ڏيکارڻ آ،
ڪهڙي خبر توکي ڪهڙي جڳهه پسند اچي وڃي. هتي مون
اڪثر ماڻهن کي ڏٺو آ، جيڪي پنجويهن رپين جي جاءِ
لاءِ ايندا آهن ۽ چئن سون واري وٺي ڇڏيندا آهن، ڪي
وري اهڙا ماڻهو به ڏٺا اٿم، جيڪي چئن سون واري
جڳهه لاءِ ايندا آهن ۽ پنجويهن روپين واريءَ ۾ بس
ڪري ويهي رهندا آهن، گراهڪن جي ڪا به خبر ئي نٿي
پوي!!“
هاڻي دلال جنهن بلڊنگ ۾ مون کي وٺي ويو، اها پنج
ماڙ ۽ جهاز جي شڪل جهڙي هئي - ۽ سنسد ڇت تي ڪنڪريٽ
جو جهاز ٺهيل هو، جنهن تي لکيل هو، ”ايس. ايس
ماتمارام ملتاني“ دلال چيو، ”هن بلڊنگ اندر گوشت
کائڻ جي منع آهي، بصر کائڻ منع آهي، شراب پيئڻ منع
آهي.“
”پوءِ ته هتي زال سان گڏ رهڻ به منع هوندو!“ مون
پڇيو.
دلال حيرت منجهان مون ڏانهن ڏسڻ لڳو.
مون وري چيو، ”پوءِ ته هتي سوچڻ به منع هوندو،
زور سان ٽهڪ ڏيڻ به منع هوندو، هنڌ تي ابتو ليٽي
سگريٽ پيئڻ به منع هوندو، ڪلهي تي ٽوال رکي ۽
دروازي تي بيهي ڏاڪڻ تان لهندڙ ڪنهن سهڻي عورت کي
ڏسڻ به منع هوندو!! مسٽر! مان جڳهه ڏسڻ آيو آهيان
ونوبا ٻائيءَ جي آشرم ۾ داخلا وٺڻ نه آيو آهيان!“
اهو چئي مان جڳهه منجهان ٻاهرنڪري ويس. دلال شرم
منجهان ڪنڌ جهڪائي منهنجي پويان هليو آيو.
هاڻي دلال مون کي جنهن جڳهه ۾ وٺي ويو، اها واقعي
پنجويهن روپين واري ٿي لڳي، نه لان، نه ڇٻر، نه
گل، چوٿين ماڙ تي ڪمرو هو، درين تي لوهه جون
ٿلهيون شيخن لڳل هوين، جيئن جڳهه جي مالڪ جي
تقاضائن کان پريشان ٿي مسواڙ.... کان ٽپو ڏئي نه
سگهي – ڀتين تي ٽيهه سال اڳ جو چونو لڳل هو، جيڪو
هاڻ ڪاراڻ ۾ بدلجي رهيو هو. ڇت جي ڪارن ڄارن جي وچ
۾ بجلي جو هڪ پراڻو پکو لڙڪي رهيو هو. مون به
پنهنجي تصور ۾ قبول ڪري ورتو ته ٺيڪ آ، لان نه
سهي، گل نه سهي، سهني ڇوڪري نه سهي، هن ڪمري ۾
پکي جو هُڪ ته آهي، جنهنس ان لڙڪي ڦاهو ته پائي
ٿو سگهجي!
”پر غسلخانو ڪٿي آ؟“
”هو لڳ آ،“ دلال هڪ ڪنڊ واري در ڏانهن اشارو ڪيو.
مان تڪڙ ۾ غسلخاني ۾ گهڙي ويس، غلخاني ۾ وڏين وڏين
اکين واري هڪ ٿلهي متاري عورت ذبح ٿيل ڪڪڙ جا پر
پٽي رهي هئي.، مون کي ڏسندي ئي هن واڇون ڦاڙي کلي
ڏنو -۽ جڏهن سندس ٿلهن چپن واريون ارڙهن انچ
ويڪريون واڇون پوريءَ طرح کليون ته مون کي ان ۾
پان جي پڪ ۾ رنڱيل ڏند ڏاڍا خطرناڪ لڳا. مان ڇرڪي
موٽڻ وارو ئي هوس، جو هن ڪافر ادا پنهنجي جبل
جيڏو پولهه لوڏيندي چيو، ”تون نئون مسواڙي ٿو
لڳين؟“
”لڳان ٿو يا نه، پر مان اهو معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ٿو
ڪيان ته هيءُ غسلخانو ڪنهن جو آ؟ منهنجو يا
تنهنجو؟“
”تنهنجو به ۽ منهنجو به،“ هن اهڙي ادا سان چيو، ڄڻ
منهنجي ۽ هن جي زندگيءَ ڀر لاءِ مائٽي پڪي ٿي وئي
هئي. مون ڊڄي هڪ وک پوئتي کنئي ته هوءَ هڪ وک اڳتي
وڌي آئي، ”تون هلي آ، فڪر نه ڪر، گڏجي سڏجي گذارو
ڪري وٺنداسين.“ اهو چڇئي هوءَمون ڏانهن ڏسي مرڪي
پئي. مان تڪڙ ۾ دروازي تائين پهچي ويس، هن ڪڪڙ جو
آخري کنڀ زور سان پٽي ورتو ۽ ان سان پنهنجا ڏند
صاف ڪندي چيائين، ”هاڻي پنجاهه روپين ۾ مالڪ ڌار
غسلخانو ته ڏئي نٿو سگهي!“
مون بلڊنگ کان ٻاهر اچي دلال کي چيو، ”جيڪڏهن تون
مون کي پنجويهن روپين واري جڳهه نٿو ڏيکاري سگهين
ته تڪڙ ۾ منهنجا ٽي روپيا واپس ڪڍ!“
دلال چيو، ”شريفن جي پاڙي ۾ ته پنجويهن روپين واري
جاءِ ملڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي – ها، جيڪڏهن
تون گندي وستيءَ ۾ رهڻ لاءِ تيار هجين ته مان توکي
پنجويهن روپين واري جڳهه ڏيکاري سگهان ٿو....“
”هل هل، جڳهه ڏيکار، ڳياڙي نه هڻ!“
هو مون کي گندي وستيءَ ۾ وٺي هليو – جيڪو شهر جو
سڀ کان گندو علائقو هو – جتي شهر جا نهايت غريب
ماڻهو رهندا هئا، جتي سوڙهيون گهٽيون هيون، غلاظت
جا ڍير هئا، کليل ڪسيون هيون....
ڪنڊ تي دلال گندي وستيءَ جي دلال سان وڃي ڪجهه
ڳالهايو – پوءِ هو ٻئي مون وٽ آيا، ۽ مون واري
دلال مون کي چيو، ”هي چوي ٿو ته هن وستيءَ ۾
پنجويهن روپين واري جاءِ ڪانهي.“
”تڏهن گهڻي مسواڙ واري آ؟“
”سورهن روپين واري جڳهه آهي.“
”اها ئي ڏيکاريو.“
”سورهين واريون جايون به خالي ڪونهن – ها، باقي
هڪڙي آهي، پر اها تنهنجي لائق ڪانهي.“
”منهنجي لائق ڇو ناهي؟ مون گندي وستيءَ جي دلال
ڏانهن ڏسندي چيو.
گندي وستيءَ جي دلال کاڏي کنهندي چيو، ”صاحب!
انهيءَ ڪوٺڙيءَ جو مسواڙي ڪالهه مري ويو.“
”ڏاڍو سٺو، ڪوٺڙي ته خالي ٿي وئي.“
”ها، خالي ته ٿي وئي صاحب! هن پنهنجي ٺونٺ کي
کنهندي چيو، ”پر اهو مسواڙي اسان وانگي ئي گڀريب
(غريب) مزور هيو، ۽ چوڙين جي ڪارکاني (ڪارخاني) ۾
مزوري ڪندو هو!“
”مزور هو ته ڇا ٿيو! آخر هو چوڙيون
ٺاهيندو هو، چوريون ته نه ڪندو هو؟“
”نه صاحب! اها ڳالهه ناهي، ”هن پنهنجي
چيلهه کي کنهندي چيو، ”اهو چوڙيون ٺاهڻ وارو ڌنوڻ
ڌنوندي ڌنوندي ۽ گرم واري ڦڪيندي بيمار ٿي پيو
هو.“
”پوءِ ڇا ٿي پيو! هرڪو بيمار ٿيندو آ ۽ ڪنهن نه
ڪنهن سبب ڪري ضرور بيمار ٿيندو آ – ڀل واري ڦڪيندي
يا گهڻو کاڌو کائڻ ڪري.“
”تو سمجهو ڪونه صاحب!“ هن پنهنجي ڄنگهه کي کنهندي
چيو، ”اصل ڳالهه هيءَ آهي ته کيس بخار ٿي پيو هو –
جنهن کي توهان سلهه چوندا آهيو، ۽ هو انهيءَ
ڪوٺڙيءَ ۾ پنج سال بيمار رهيو، پر ڪم ڪندو رهيو ۽
زندگي لاءِ وڙهندو رهيو – ڇو ته کيس چار ٻار هئا ۽
زال هئس، جڏهن هو مري ويو ته سندس زال ۽ ٻار اها
ڪوٺڙي خالي ڪري ويا – ڇو ته هو سورنهن روپيا مسواڙ
ڏئي نٿي سگهيا، هو شهر ان ٻهر جهوپڙين ڏانهن هليا
ويا، جتي سرون ڍوئڻ وارا مزور رهندا آهن، ان ڪري
ٿو مان چوان ته اها ڪوٺڙي خالي ته آهي پر تنهنجي
لائق ناهي.“
ننڍڙي ڪوٺڙي هئي – اونداهيون ڀتيون، چيڪندڙ در،
زنگ لڳل ڪنڍو، زنگ لڳل درجون شيخون ۽ لوهي شيخن
واري در جي ٻاهران ڀڳل ٽٽل سرن واري ڪسي..... مون
ٻاهران نظرون هٽائي وري اندر ڏٺو ته هڪ ڪنڊ ۾
پاڻيءَ جو نلڪو نظر آيو، جنهن جي منهن ۾ ميريون
اڳڙيون پيل هوين ۽ انهن اڳڙين جي پڇاڙڪي سري کان
پاڻي ٽپ – ٽپ ڪري ساوڪ جهڙي فرش تي پئجي رهيو هو –
ائين، ڄڻ ڦٽ منجهان رت ٽمندو هجي.... ان کان
پوءِم ون کي هڪ ڪنڊ ۾ هڪ ٺڪر جي ڪونڊي نظر آئي،
جنهن ۾ گلاب جي شاخ تي فقط هڪڙو گل هو، تمام وڏو
ڳاڙهو گل....
”هي ڇا هي؟“
گندي وستيءَ جو دلال پنهنجا پيلا ڏند ڪڍي کليو ۽
چيائين، ”هي تنهن جي لاءِ آ صاحب!“
”منهنجي لاءِ!“ مون حيرت منجهان پڇيو.
”ها صاحب!“ دلال چيو، ”مرڻ گهڙيءَ ويل مرڻ واري
چيو هو،جيڪو به منهنجي جاءِ تي هن ڪوٺڙيءَ ۾ اچي،
ان کي هيءَ ڪونڊي ڏجو، ۽ چئجوس روز هن کي پاڻي ڏي،
جيئن گلاب جو هيءُ ٻوٽو سائو رهي، بس سائين، چرياڻ
هو.“
اوچتو منهنجي جسم مان سيسراٽ نڪري، مون کي ڏڪندو
ڇڏي ويو. مان هنن اونداهين ڀتين ۾ رکيل انهيءَ
گلاب جي گل ڏانهن ڏسندو رهيس. چئني پاسي گهٽ ۽
نااميدي، ۽ هيءُ اڪيلو گل – ڪوريئڙن جا لڙڪندڙ
ڄار، زنگ لڳل لوهي شيخن جي اندر هيءُ اڪيلو گل....
انسان جي دل ۾ اسرندڙ ۽ انسان جي حوصلي، بهادريءَ
۽ عظمت جيان منهن کڻي بيٺل- فطرت تي کلندڙ، ۽ موت
سان وڙهندڙ.... پر هيءُ گل سڙي ويندو، هڪ ڏينهن رک
ٿي ويندو. مون سوچيو، هن ڪوٺڙيءَ جي گهٽ سندس
سمورو رنگ ۽ روپ ڦري وٺندي، هن کي ڪوريئڙي جا ڄار
ورائي ويندا ۽ هيءُ گل ڪومائجي ويندو، جيئن هو
چوڙين وارو مزور ڪومائجي ويو! پر هيءُ گل زنده
رهندو! ۽ روز لکين ڪروڙين ماڻهن جي دلين ۾ اسرندو
– جيڪي چوڙيون ٺاهيندا آهن ۽ سر تي سر ائين رکندا
آهن، جيئن محبت ڪرڻ وارو انسان چميءَ مٿان چمي
رکندو آ- هي گل روزانو انهن انسانن جي دلين ۾
اسرندو، ۽ زندگي ۽ ان جي مسلسل جدوجهد جو اتساهه
جڳائيندو! هيءُ گل ڪڏهن به نه ڪومائبو!
مون اهائي ڪوڍڙي مسواڙ تي وڍي ڇڏي ۽ انهيءَ ڏينهن
کان اتي رهندو آهيان!!
ٽيڪسي ڊرائيور
عدالت نمبر چوٿينءَ جو ڪمرو جوابدارن، وڪيلن،
فريادين، شاهدن ۽ ٻڌندڙن سان ڀرجي ويو هو. ساڍا
يارهن ٿي ويا هئا، پر عدالت جي ڪرسي اڃا تائين
خالي هئي.
انهيءَ عدالت جي سامهون اڄ بڪرم ٽيڪسي ڊرائيورجي
ٻارهين حاضري هئي، گذريل چئن مهين ۾ هو يارنهن
دفعا انهي عدالت جي سامهون پيش ٿي چڪو هو ۽ هر
دفعي حاضري ايندڙ تاريخ تي ٽري ٿي وئي، سندس ڪيس
جو وارو ئي نٿي آيو! گذريل چئن مهينن ۾ هو يارهن
ڏينهن ٽيڪسي نه هلائي سگهيو هو ۽ جڏهن ٽيڪسي نه
هلندي آ ته گهر جو خرچ نه هلي سگهندو آ، ٻارن جو
اسڪول نه هلي سگهندو آ، واڻئي جو کاتو نه هلي
سگهندو آ، رڳو زال جي ڳياڙي هلندي آ.
ڪو وڏو ڪيس به نه هو سندس – بس، هن شهرجي سڀ کان
وڏي ماڻهوءَ جي ڪار کي تيز رفتاريءَ ۾ مات ڏني
هئي، ۽ هن جي بيهڻ کان پوءِ به هن وڏي ماڻهوءَ جي
ڪار کي پاڻ کان اڳتي وڌڻ نه ڏنو هو – جيتونيڪ وڏي
ماڻهوءَ جي ڪار سندس پيٽ جيان
د يار! ج مون واري
دلال مون کي چيو، ”هي وڏي هئي ۽ سندس حرص
جيان ڊگهي هئي، ۽ سندس رنگ ڪنهن ٽرڙي رن جي ميڪ اپ
جيان شوخ هو- تڏهن به بڪرم جي ٽيڪسيءَ آڏو مات ٿي
وئي، انهيءَ ۾ بڪرم جي ٽيڪسيءَ کان وڌيڪ بڪرم جي
چالاڪيءَ جو هٿ هو- ڇو ته مشين ته انسان جي هٿ سان
هلندي آ – انهيءَ تي شهر جو سڀ کان وڏو ماڻهو هڪ
معمولي ٽيڪسي ڊرائيور جي ايڏي جرئت ڪري ڪاوڙ جي
پيو ۽ اڳين چونڪ تي بيهي هن ٽريفڪ انسپيڪٽر سان
هڪ گهٽ حيثيت جي ٽيڪسي ڊرائيور جي خلاف شڪايت وڃي
ڪئي.
بڪرم کي هن عدالت ۾ وڌ ۾ وڌ ڏهن روپين جي ڏنڊ جي
سزا ملي ها، پر هو وڏو ماڻهو، ڏاڍو مصروف ماڻهو
هو، حاضري تي آيو ئي نٿي - ۽ بڪرم اڄ ٻارهون دفعو
عدالت ۾ آيو هو، هن پريشانيءَ منجهان پنهنجي وڪيل
کان پڇيو، ”جج صاحب اڄ نه ايندو ڇا؟“
”ڪهڙي خبر!“ سندس وڪيل ڏاڍي بيزاريءَ منجهان جواب
ڏنو، ڇو ته بڪرم پنهنجي وڪيل کي هر هڪ حاضري تي ٽي
روپيا ڏيڻ جو واعدو ڪيو هو. سندس خيال هو ته هڪ ٻن
حاضرين ۾ فيصلو ٿي ويندو، پر کيس ڪهڙي خبر ته
ڳالهه مان ڳالهوڙو ٿي ويندو، ۽ ٽن روپين بجاءِ
ٽيٽيهه روپيا خرچ ٿي ويندا ۽ وڪيل انڪري سختيءَ
سان جواب ڏئي رهيو هو ته آخر ٽن روپين واري اصيل
کي ٻيو ڪهڙي نموني جواب ڏجي! ها، جيڪڏهن ڳالهه
ويهن – پنجويهن جي هجي ها ته وڪيل به مرڪي جواب
ڏئي ها – بڪرم ڏاڍي بيزاريءَ مان سوچيو، هن مهل
تائين مان هن ظالم کي ٽيٽيه روپيا ڏئي چڪو آهيان،
پر هيءُ ڪڏهن مون سان منهن ڏئي ڳالهائي به نٿو، ڇو
ته مان ٽين روپين وارو شڪار آهيان، ڏنڊ ته مون تي
ڏهن روپين کان وڌيڪ نه پوندو، پر وڪيل کي ٽيٽيهه
روپيا ڏئي چڪو آهيان!!
سائين جانچ ته ڪيو، ته اڄ عدالت لڳندي يانه؟
منهنجي ٽيڪسيءَ جو نقصان پيو ٿي،“ هن ڏاڍي اداس
لهجي ۾ پنهنجي وڪيل کي چيو.
وڪيل واچ ۾ ڏسي چيو، ”اوهه، پوڻا ٻارهن ٿي ويا.
منهنجو هڪ ڪيس عدالت نمبر 2 ۾ آهي، مان اوڏانهن ٿو
وڃان، تون هتي ئي ڪورٽ ۾ ويهي رهه – پر هج هتي ئي-
جيڪڏهن توکي سڏ ٿئي ته مون کي نمبر 2 مان سڏي
وٺجانءِ“
وڪيل پنهنجي ڦاٽل ڪالر کي ٺاهيندو، پنهنجي ڳوڻ
جهڙي سوٽ کي لوڏيندو، ڪورٽ نمبر 2 ڏانهن هليو ويو.
ڪافي عرصو اڳ هن هڪ وڏي ايڊووڪيٽ جي ڌيءَ سان اهو
سوچي شادي ڪئي هئي ته سندس سهرو کيس وڏو ايڊووڪيٽ
ڪري ڇڏيندو، پر شاديءَ کان ڇهه مهينا پوءِ ئي
سندس سهرو مري ويو. ٽن روپين ۾ تون ڇا ٿو ڪري
سگهين؟ زندگيءَ ۾ جيڪڏهن تلخيون هجن ته پوءِ ميٺاج
ڪٿان ايندو؟ وڪيل ڪورٽ نمبر 2 ڏانهن ويندي سوچيو.
بڪرم پهرين ته ڪورٽ ريڊر کان جج جي باري ۾ پڇڻ جي
ڪوشش ڪئي، پر ريڊر جڏهن کيس ڇڙٻيو، تڏهن هو چپ ڪري
پاسي ٿي ويو، ۽ دير تائين پنهنجي ڇڊي پر خوبصورت ۽
نرم ڏاڙهيءَ تي هٿ گهمائيندو رهيو. سندس اکيون پڻ
ڏاڍيون خوبصورت ۽ وڏيون هيون، سندس خاندان ۾ وڏا
وڏا عالم فاضل ماڻهو ٿي گذريا هئا، پر زماني جي
گردش کيس ٽيڪسي هلائڻ تي مجبور ڪري وڌو هو.
هن چئني پاسي بي وسيءَ منجهان ڏٺو، اوچتو کيس ڪورٽ
روم جي ساڄي ڪنڊ ۾ هڪ دروازي جي ڀرسان جج صاحب جو
اردلي نظر آيو. جڏهن جج صاحب پنهنجي پرائيويٽ روم
منجهان نڪري عدالت جي ڪمري ۾ ويندو هو ته هيءُ
اردلي ٻه قدم اڳتي وڌي رڙ ڪندو هو، ۽ عدالت کي جج
صاحب جي اچڻ جي اطلاع ڪندو هو – پوءِ جج صاحب ڪاري
عينڪ، ڪارو گائون ۽ سفيد ڪالر پائي اندر ايندو
هو، ۽ سڄي عدالت سندس احترام ۾ اٿي بيهي رهندي
هئي، جيسين جج صاحب عدالت جي ڪرسيءَ تي ويهي نه
رهي. بڪرم خاموشيءَ سان اردليءَ ڏانهن وڌي ويو، ۽
ساڻس ڳالهائڻ لڳو ”جج صاحب جن ڪڏهن ايندا؟“
اردليءَ وراڻيو، هونءَ ته يارهين تائين اچي ويندا
آهن – اڄ خبر ڪانهي – شايد سندن طبيعت ٺيڪ نه
هجي.“
”طبيعت خراب هوندي ته عدالت نه هلندي؟“
”ها-“
”ٻيو ڪو جج نه ايندو؟“
”ڪڏهن ڪڏهن ايندو آ- جڏهن پهريون جج موڪل تي هوندو
آ-“ ”پر اڄ ڇا ٿيندو،“ نٿو چئي سگهجي – شايد ٿوري
دير ۾ جج صاحب جي فون اچي-“
اڃا اردلي جي واتان اها ڳالهه نڪتي به نه هئي ته
فون اچي وئي، ۽ اردلي فون ٻڌڻ لاءِ جج صاب جي
پرائيويٽ ڪمري ۾ هليو ويو. بڪرم به سندس پٺيان
اندر هليو ويو. اردلي فون ٻڌڻ لڳو، ۽ بڪرم ڪمري ۾
هيڏانهن هوڏانهن ڏسڻ لڳو، تمام اڇو اجرو ڪمرو هو –
هڪ پاسي ڊائيننگ ٽيبل هئي، ٻئي پاسي لوهه جو هڪ
وڏو ڪٻٽ ۽ ٽي ٽنگڻيون – هڪ ٽنگڻيءَ تي جج صاحب جو
گائون ٽنگيل هو – ڪاري عينڪ ۽ سفيد ڪالر هڪ
ٽپائيءَ تي رکيل هئا، هڪ پاسي جج صاب جي مدراسي
پڳڙي پيل هئي، جيڪا پائي هو عدالت ۾ ايندو هو.
اردلي فون ٻڌڻ کان پوءِ بڪرم ڏانهن ڏسندي چيو، ”جج
صاحب نه ايندو – کين زڪام ٿي پيو آ“، ۽ پوءِ هڪدم
نرڙ ۾ گهنج وجهي چيائين، ”پر تون اندر ڇو گهڙي آيو
آن؟ توکي خبر ڪانهي ته هن ڪمري ۾ اچڻ جي منع آهي –
نڪر ٻاهر-“ اردلي ڪاوڙمان بڪرم ڏانهن وڌيو- بڪرم
پنهنجو مضبوط هٿ سندس وات تي کڻي ڏنو.
عدالت نمبر 4 جو ڪمرو وڪيلن ۽ ٻين ماڻهن سان ڀربو
ٿي ويو، ڇو ته اڄ جج جي ڪرسيءَ تي هڪ نئون جج ويٺو
هو، جنهن کي اڄ کان اڳ ڪنهن به نه ڏٺو هو - ۽
ٻڌندڙن کان وڌيڪ وڪيل اهو ڏسڻ لاءِ بيچين ها ته
نئون جج فيصلا ڪهڙي نموني ٿو ڪري.
انهيءَ ڪيس جو فريادي بالا چند هيو. بالا چند
پنهنجي گهر جو هڪ ڪمرو هڪ پوڙهي عورت ۽ سندس پٽ کي
مسواڙ تي ڏنو هو. ڪراڙي ۽ سندس پٽ ڏهن سالن کان
انهيءَ ڪمري ۾ رهي رهيا هئا، ۽ باقائدگيءَ سان
مسواڙ ڏيندا هئا- پوءِ ڪراڙيءَ جو جوان پٽ مل ۾ هڪ
حادثي ۾ موت جو بک ٿي ويو، ۽ ڪراڙي ڇهن مهينن کان
مسواڙ ڏئي نه سگهي هئي - ۽ بالا چند کي ڪراڙيءَ کي
گهر مان ڪڍڻ لاءِ عدالت جي حڪم نامي جي ضرورت آهي.
جج بالا چند کان پڇيو، ”تنهنجي گهر ۾ گهڻا ڪمرا
آهن؟“
”ڏهه سائين –“ بالا چند جواب ڏنو.
”۽ تنهنجي خاندان ۾ ماڻهو گهڻا آهن؟“
”مان اڪيلو آهيان.“
”۽ تنهنجي عمر گهڻي آ؟“
”ستر سال سائين“
”ته ستر سالن جي پوڙهي کي ڏهن ڪمرن جي ڪهڙي ضرورت
آ؟ جج پڇيو، ”ڇا تون انهن ڏهن ڪمرن منجهان هڪ
انهيءَ پوڙهيءَ کي نٿو ڏئي سگهين، جنهن جو جوان پٽ
ڇهه مهينا اڳ ڪارخاني ۾ مري ويو آ!“
بالا چند جي وڪيل چيو، ”سيڪشن فلاڻي جي آرٽيڪل
فلاڻي جي قلم فلاڻي جي مطابق قانون چوي ٿو ته....
”... ۽ انصاف ڇا ٿو چوي؟“ نئين جج ڪاوڙ مان چيو.
۽ بالا چند جو وڪيل بيٺي بيٺي خاموش ٿي ويو - ۽
پوءِ نئين جج مرڪي بالا چند ڏانهن ڏٺو، جيڪو ستر
ورهين جو سنهڙو سيپڪڙو ماڻهو هو، ۽ جنهن جي چهري
تي ستر ورهين جي ڪنجوسيءَ کان پيدا ٿيندڙ داغ هئا.
هو پنهنجي چپ کي سوڙهو ڪري، نرڙ تي هزارين گهنج
وجهيو چپ چاپ سڀني جي سامهون بيٺو هو. نئين جج
مرڪي بالا چند ڏانهن ڏسندي پڇيو، تنهنجي گهر ۾
نوڪر گهڻاس آهن؟“
”هڪ به نه-“ بالا چند جواب ڏنو.
”پوءِ تون اڪيلائي محسوس نه ڪندو آن؟“
وڪيل کي ڏاڍي حيرت لڳي – هن جج کان پڇڻ ٿي گهريو
ته هو ڪهڙي قسم جا سوال ڪري رهيو آهي ۽ انهن سوالن
جو ڪيس سان ڪهڙو تعلق آهي؟ پر هو پاڻ ۾ اهڙي همت
ساري نه سگهيو.
”ڪڏهن ڪڏهن اڪيلائي محسوس ٿيندي آ-“ بالا چند چيو.
”ڇا تون اهو محسوس نه ڪندو آن ته ڪوئي تنهنجو ڪمرو
صاف ڪري، تنهنجي وهنجڻ لاءِ پاڻي رکي، تنهنجي لاءِ
نيرن تيار ڪري، ۽ جڏهن توکي ننڊ اچي وڃي ته ڪوئي
آهستگي سان تنهنجي پيرن کي زور ڏئي-“
”ها سائين، محسوس ٿيندو آ“
”۽ جيڪڏهن انهن سمورين خدمتن جي بدلي پوڙهي توکان
تنهنجي ڏهن ڪمرن جي گهر ۾ فقط هڪ ڪمرو پنهنجي رهڻ
لاءِ گهري، ۽ ٻي ڪابه شيءِ توکان نه گهري فقط هڪ
ڪمري ۽ ٻن ويلن جي مانيءَ کان سواءِ ته ڇا توکي
اعتراض ٿيندو؟“
بالا چند تعجب منجهان چيو، ”سائين، اهڙو ماڻهو
دنيا ۾ ڪٿي هوندو؟ ان ڪري ته مان نوڪر نٿو رکان“
پوڙهي عورت جو چهرو ٽڙي پيو، ٻئي هٿ کڻي جج کي
دعائون ڪرڻ لڳي، ۽ پوءِ بالا چند کي دڙڪو ڏيندي
چيائين، ”گهر هل، تنهنجي مانيءَ جي مهل ٿي وئي آ“
پوڙهيءَ، پوڙهي جو هٿ پڪڙي ورتو – سڄي عدالت ٽهڪ
ڏئي کيري ٿي – بالا چند جي وڪيل کيس سمجهائيندي
چيو، ”بالا چند، تون گهٻراءِ نه – مان انهيءَ
فيصلي جي خلاف اپيل ڪندس.“
بالا چند چيو، ”نه- تون ائين نه ڪندين – مون کي
اهو فيصلو منظور آ-“ ۽ پوءِ هو پوڙهيءَ ڏانهن ڏسي
مرڪيو، ڄڻ ٺوٺ ڌرتيءَ تي نرمل جل جي ڌارا ڦٽي نڪتي
هئي.
عدالت جي ڪٽهڙي ۾ هڪ اينگلو انڊين خوبصورت ڇوڪري
بيٺي هئي – هوءَ ائين بيٺي هئي، ڄڻ ڪنهن ڪٽهڙي ۾
گلن سان ڀريل گلدستو رکي ڇڏيو هجي. جج کائنس پڇيو،
”ته تون پنهنجي مڙس کان طلاق وٺڻ ٿي چاهين؟“
”ها-“
”ڇا تنهنجو مڙس بي روزگار آ-؟“
”نه – هو ريلوي ۾ ڊرائيور آ“
اينگلو انڊين ڊرائيور به ڀرسان ئي بيٺو هو، ۽ ور
ور رومال سان پنهنجو چهرو ٿي اگهيائين“ اڄ هن جي
ڀرپور بي عزتيءَ جو ڏينهن هو، اڄ جيڪڏهن عدالت جو
ڪمرو ڪنهن ريل گاڏيءَ جو دٻو هجي ها ته هو پوري
گاڏي ڪنهن کڏ ۾ ڪيرائي ڇڏي ها.
”تون هن کان طلاق ڇو ٿي چاهين-“
”منهنجي مڙس جي وات مان ڌپ ايندي آ-“
”ڇو ايندي آ؟“
”هن کي روز رات جو مانيءَ سان گڏ ڀُڳل ٿوم کائڻ جي
عادت آ-“
”پوءِ تون کيس رات جو برش هڻڻ لاءِ زور ڇو نه
ڀريندي آن؟“
”مان ته کيس چوندي آهيان، پر هو مڃيندو ئي ناهي!“
”جيڪڏهن تون سمهڻ مهل برش تي پيسٽ هڻي سندس وات ۾
وجهي ڇڏين ته ڇا هو ڏند صاف ڪرڻ لاءِ مجبور نه ٿي
پوندو-؟“
ڇوڪري چپ ٿي وئي، پوءِ چيائين، ”۽ سائين، هي شخص
روز رات جو بوٽ سوڌو منهنجي هنڌ ۾ گهڙي ايندو آ-“
”ته تون به بوٽ پائي سمهندي ڪر-“ جج چيو، ”ڏاڍي
سولي ترڪيب آ، ٻن ڏينهن ۾ هن جون عادتون ٺيڪ ٿي
وينديون-“
”پر....“ اينگلو انڊين ڇوڪريءَ جي وڪيل چيو،
”تعزيرات هند جي آرٽيڪل فلاڻي فلاڻي جي قلم فلاڻي
فلاڻي مطابق جيڪڏهن مڙس زال....“
”تون بس ڪر-“ جج وڪيل کي دڙڪو ڏيندي چيو، ”زال مڙس
جي وچ ۾ تون ٽنبجڻ وارو ڪير آن؟“
پوءِ جج ٽائيپسٽ کي فيصلو لکرائيندي چيدو، ”لک!
جيڪڏهن مڙس بوٽ سوڌو هنڌ ۾ گهڙڻ جي ڪوشش ڪري ته
زال کي چمپل پائي سمهڻ جو پورو پورو حق آهي، ڪيس
ڊسمس-“
هاڻي ڪٽهڙي ۾ چارلي ٽيڪسٽائيل مل جو مالڪ ڪرشنما
چاري بيٺو هو. هو بيحد ڊگهو ۽ سنهڙو شخص هو، سندس
ڪن ۾ سفيد هيرا چمڪي رهيا هئا، ۽ هو پنهنجي سفيد
ريشمي ڌوتيءَ ۾ بلڪل ديوتا لڳي رهيو هو. هڪ اهڙو
ديوتا، جيڪو هاڻي هاڻي مندر مان عدالت ۾ هليو آيو
هو. سندس هٿن جون آڱريون، جيڪي ڪٽهڙي تي رکيل
هيون، تمام ڊگهيون، نازڪ ۽ نرم لڳي رهيون هيون –
جن کان سڄي عمر نوٽ ڳڻڻ کان سواءِ ڪوبه ڪم نه ورتو
ويو هو، هو عدالت جي ڪٽهڙي ۾ بلڪل آرام ۽ سڪون سان
بيٺو هو.
جج چيو، ”تون اقرار ٿو ڪرين ته تنهنجي مل ۾ ڪم
ڪندڙ مزور ريڊيءَ جو هٿ مل جي هڪ مشين سان ڪپجي
پيو؟“
”ها-“
”۽ انهي اقرار کان پوءِ تون ريڊيءَ کي معاوضو ڏيڻ
لاءِ تيار ناهين؟“
”جي-“
”ڇو؟“
”ڇو ته ريڊيءَ جو هٿ سندس غفلت سب ڪپيو آ، سندس
پنهنجي غفلت سبب- منهنجي مل جي مشين خراب ناهي-“
”منهنجي مل؟... اها تنهنجي مل ڪيئن ٿي-“
”سائين مان انهيءَ مل جو مالڪ آهيان.“
”تون انهيءَ مل جو مالڪ ڪيئن آن؟“
”سائين مان انهيءَ ۾ سيڙپ ڪئي آ- هن مهل تائين ستر
لک سيڙائي چڪو آهيان-“
”۽ ڪمايو گهڻو اٿئي-؟“
”ٽي ڪروڙ چوئيتاليهه لک-“
”جيڪڏهن مل ۾ هڪ به مزور ڪم نه ڪري ها ته تنهنجو
نفعو گهڻو ٿي ها-؟
اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي سائين! جيڪڏهن مل ۾ هڪ به
مزور ڪم نه ڪري ته نفعو وري ڪٿان ايندو!؟“
”ته تون مڃين ٿو ته تنهنجا ستر لک پنهنجي جاءِ تي
ڪجهه به ناهن، جيسين انسان جا هٿ انهن کي نه
هلائين؟“
ڪرشنما چاريءَ هٻڪندي چيو، ”اهو ته درست آ سائين!“
“پوءِجيڪي هٿ نفعو ڏين ٿا، انهن کي نفعي جو حقدار
ڇو نه سمجهيو وڃي؟ جيڪڏهن مزور جو هٿ ڪهڙيءَ به
غفلت سبب ڪپجي وڃي ته انهيءَ هٿ جي مالڪ کي تاحيات
پينشن ڇو نه ڏني وڃي؟
”پر اها ته مل مالڪ جي حقن سان هٿ چراند ٿيندي.“
ڪرشنما چاريءَ جي وڪيل رڙ ڪئي، ”آرٽيڪل فلاڻي جي
قلم فلاڻي مطابق مل مالڪ جي صحيح تعريف....“
”ڪنهن شريف ماڻهوءَ جي تعريف ڪر وڪيل صاحب! جج
ڪاوڙ مان ڪرشنما چاريءَ جي وڪيل کي چيو، پوءِ وري
ٽائيپسٽ ڏانهن منهن ڪري چيائين، ”فيصلو لک! ڪرشنما
چاريءَ مل ۾ ستر لکن جي سيڙپ ڪئي ۽ ٽي ڪروڙ
چوئيتاليه لک ڪمايا – جيئن ته هو پنهنجي موڙي وياج
سميت وصول ڪري چڪو آ، ان ڪري اڄ کان مل سندس ملڪيت
ناهي، پر مل انهن جي آ، جن اڄ تائين پنهنجي هٿن جي
دولت انهيءَ مل ۾ لڳائي آ ان کانسواءِ جيئن ته
ڪرشنما چاري پنهنجي هٿن جي دولت انهيءَ مل ۾ نه
لڳائي آ،- ان ڪري هيءَ عدالت فيصلو ٿي ڪري ته نفعي
نجهان ريڊيءَ لاءِ تاحيات پينشن جاري ڪئي وڃي ۽
ڪرشنما چاريءَ جا ٻئي هٿ وڍيا وڃن، ڇو ته اهي هٿ
ڪوبه ڪم نٿا ڪن ۽ اسان جي ملڪ کي ڪم ڪندڙ هٿن جي
ضرورت آهي.“
”ڪهڙي بڪواس آ!“ ڪرشنما چاريءَ زور سان رڙ
ڪئي.
”هي جج آ يا ڪوئي چريو ماڻهو آ!“ ڪيترن وڪيلن
ڪاوڙ منجهان رڙ ڪئي.
نئون جج ڪجهه چوڻ وارو ئي هو ته هڪ ڦاٽل ڪالر وارو
وڪيل ڊوڙندو ڪورٽ روم ۾ داخل ٿيو ۽ چوڻ لڳو،
”پڪڙيو هن کي... پڪڙيو... هي جج ناهي.... هي ته
منهنجو اصيل بڪرم ٽيڪسيءَ وارو آ!“
ڪورٽ نمبر هڪ ۾ جڏهن بڪرم ٽيڪسيءَ واري کي پيش ڪيو
ويو ته کائنس پڇيو ويو: ”تنهنجو نالو؟“
”وڪرما ديتا،“
”عمر؟“
”ٻه هزار سال،“
”ڪهڙو ڌنڌو ڪندو آن؟“
”ٽيڪسي هلائيندو آهيان.“
”تو عزت مابن عدالت جي غير حاضريءَ ۾ عدالت جي
ڪرسيءَ تي ويهي عدالت جي توهين ڇو ڪئي؟“
سڀ ماڻهو حيرلت منجهجان بڪرم ٽيڪسيءَ واري ڏانهن
ڏسڻ لڳا دير تائين بڪرم جو ڪنڌ جهڪيل رهيو – پوءِ
هن آهستي ڪنڌ مٿي کنيو ۽ چيو، ”سائين، زندگي
ٽيڪسيءَ جي رفتار سان ڊوڙندي رهي آ، ۽ قانون اڃا
ڇڪڙي جي رفتار سان هلي رهيو آ- مان بي ڏوهي آهيان،
سائين! مان عدالت جي ڪرسيءَ تي نه ويٺو هوس، مون
ته فقط سندس ايڪسيليٽر تي پير رکيو هو-“
”ڇهه مهينا سخت پورهيءِ سان قيد- عدالت پنهنجو
فيصلو ٻڌايو، ۽ پوليس جا ماڻهو وڪرما ديتا کي پڪڙي
عدالت مان ٻاهر ڪڍي ويا.
موهن جي دڙي جو خزانو
موهن جي دڙي جا سمورا ننڍا وڏا دڙا کوٽجي چڪا هئا،
سواءِ هڪ جي. موهن جي دڙي جي ڇاتي ڦاڙي، انساني
هٿن پنج هزار سال پراڻي تهذيب جا سمورا عنصر ميڙي
ورتا هئا – کوٽڻ وارن سڀ ڪجهه ڪڍي ورتو هو، پر
جيڪي ڪجه هنن چاهيو ٿي، سو کين نه مليو هو.
انجنيئرن ۽ قديم آثارن واري کاي جي ماهرن جي
ڪانفرنس هلي رهي هئي. انهن ۾ هڪ گنجي ٽڪڻ وارو
يورپين يهودي فلاسافر هو ڊيوڊ، ٻيو سانوري رنگ جو
سنهڙو سيپڪڙو مسلمان هو اطهر، ٽيون هڪ معجمعدار
بنگالي هندو هو ۽ چوٿون مان هوس – مان جيڪو ماضيءَ
جو پڇتاءُ ۽ مستقبل جو پڙاڏو آهيان، پر هو مون کي
فقط ٻڌي سگهيا ٿي، ڏسي نه.
مجمعدار چيو، ”هاڻ صرف هڪ دڙو رهيل آ کوٽڻ لاءِ،
پر سمجهه ۾ نٿو اڍي ته هيڏي ساري شهر جو خزانو
ڪاڏي ويو! عورتن جا سونا زيور ته ڪٿان نه ڪٿان لڌا
آهن، پر معمولي قسم جا، ۽ انهن منجهان ڪن ۾ هيرا
به لڳل آهن، پر اهي به جهڙا تهڙا- انهيءَ منجهان
اهو ته ثابت ٿئي ٿو ته انهيءَ زماني ۾ سون ۽ هيرا
لڀي چڪا هئا – پوءِ شهر جو خزانو ڪاڏي ويو!؟“
مون چيو، ”ٿي سگهي ٿو انهيءَ زماني ۾ به ڪو
نادرشاهه پيدا ٿيو هجي، ۽ سڄي شهر جي ڦر ڪري هليو
ويو هجي!“ پر هنن منهنجي ڳالهه تي ڌيان نه ڏنو.
اطهر چيو، ”لاتعداد ڪتبا لڌا آهن، پر ڪنهن به دڙي
منجهان اها قبرنه لڌي آ، جيڪا موهن جي دڙي جي زبان
جي سڃاڻپ ثابت ٿئي ها – انهيءَ سڃاڻپ جي نه لڀڻ
ڪري اسان جي زبان دنيا جي سڀ کان پراڻي زبان جي
قيمتي ورثي کان محروم ٿي ويندي!“
مون چيو، ”مئل زبانن کي ڳولڻ وارا، اڄ جو تنهنجو
سامهون زنده زبانن کي وڍيو ٿو وڃي، ان جي باري ۾
تنهنجي ڪهڙي راءِ آ!؟“ پر اطهر اهڙي نموني ڪنڌ
لوڏيو، ڄڻ هن منهجي ڳالهه ٻڌي ئي نه هئي.
ڊيوڊ ڳالهايو، ”خزانو لڀي نه لڀي – مون کي
انهيءَجي پرواهه ڪانهي، ڪهڙو اسان پنهنجي گهر
کڻي وينداسين زبان جي سڃاڻپ به لڀي نه لڀي، آخر
اها زبان اڄڪلهه جي زماني ۾ ڪهڙي ڪم اچي ها؟
” پر مون کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته موهن جي دڙي کي
پاڙئون پٽڻ کان پوءِ به اسان مٽيءَ جو اهو خزانو
نه لڌو آ، جنهن کي هو پوڄيندا هئا. هر هڪ تهذيب
لاءِ خدا جو تصور ضروري آ، پر هيتري کوٽائي ڪرڻ
کان پوءِ به اسان کي خبر نه پئي آ ته انهيءَ زماني
جا ماڻهو ڇاجي پوچا ڪندا هئا!“
مون چيو، ”اهو راز سکڻ لاءِ شايد توکي ڪنهن دڙي
کوٽڻ جي ضرورت نه هئي – ٿورو پنهنجي دل کي کوٽي
ڏسين ها!“
ڊيوڊ ڪاوڙ منجهان سامهون واريءَ ڀت ڏانهن ڏٺو، جتي
سندس خيال ۾ مان ڪوريئڙي جي ڄار ۾ لڙڪيل هوس! پوءِ
هن دريءَ منجهان ٻاهر ڏٺو- ٻاهر ميدان ۾ هڪ پوڙهو
ڌنار رڍون چاري رهيو هو.
ڊيوڊ چيو، ”هڪ ڏينهن هن پوڙهي ڌنار مون کي ٻڌايو
هو ته موهن جي دڙي جو سڀ کان وڏو راز انهيءَ وڏي
دڙي ۾ پوريل آ.“
مون چيو، ”انهيءَ وڏي دڙي ۾، جيڪو اڃا کوٽيو نه
ويو آ؟“ پر ڪنهن به مون کي جواب نه ڏنو، سڀ پنهنجن
پنهنجن خيالن ۾ گم هئا.
ڊيوڊ چيو، ”رات اسان ٽئي گڏجي آخري دڙي کي
کوٽينداسين، انهيءَ منجهان....“
اطهر تڪڙ ۾ چيو، شايد موهن جي دڙي جي زبان جي
سڃاڻپ جهڙي ڪا شيءِ لڀي پوي-“
مجمعدار چيو، ”شايد موهن جي دڙي جو خزانو لڀي
پوي!“
”ڊيوڊ چيو، ”شايد موهن جي دڙي جو ديوتا لڀي پوي!“
رات جي ٽئين پهر تائين هو ٽئي کوٽائي ڪندا رهيا،
پر ڪم جي ڪابه شيءِ نه نڪتي – پٿر جو ڪوئي ڪتبو،
ٻارن جو رانديڪو، عورتن جو زيور، مڙديجو تابوت يا
ڪجهه ٻيو، ڪجهه به نه نڪتو هو – بس رڳو واري ئي
واري هئي.
”چئبو ته ڌنار رڳو وات پئي هنيو!“ ڊيوڊ ڪاوڙ
منجهان چيو.
مجمعدار چيو، ”قيمتي شيءِ سڀ کان پڇاڙيءَ ۾ نڪرندي
آ، ڇوته اها انسان جي فطرت آ ته سڀ کان قيمتي شيءِ
هو سڀ کان محفوظ جڳهه تي رکندو آ.“
”هاڻي اسان دڙي جي پڇاڙيءَ تائين اچي پهتا آهيون،“
اطهر پنهنجي نرڙ تان پگهر اگهندي، چيلهه سڌي ڪندي
چيو، ”پر اڃا تائين مٽيءَ ۾ هٿوراڙيون هڻي رهيا
آهيون!“ سندس لهجي ۾ مايوسي هئي،.
مون چيو، ”پر انهيءَ پنج هزار ساله پراڻي مٽيءَ
کي ته ڏسو، انهيءَ جي ذري ذري ۾ پراڻين ڪهاڻين جي
سڳنڌ آ... انهيءَ مٽيءَ منجهان چوڙيون ٺهيون هيون،
جن کي موهن جي دڙي جي عورت پنهنجي نازڪ ڪرائيءَ ۾
پاتو هو. انهيءَ مٽيءَ منجهان موهن جي دڙي جي ٻارن
ننڍڙا گهرڙا ٺاهيا هئا. انهيءَ مٽيءَ ۾ اڄ کان پنج
هزار سال اڳ جي عاشقن کي پوريو ويو هو.... ٿورو
سنگهي ته ڏسو انهيءَ شيءِ کي – ٻڌو! هيءَ پنج هزار
سال پراڻي مٽي ڇا ٿي چوي، ڇا ٿي ٻڌائي، ڪهڙو فرياد
ٿي ڪري؟“
انهي مهل ئي اوچتو مجمعدار جو بيلچو ڪنهن ٽامي
جهڙي ٿانوَ سان وڃي لڳو، ۽ هو بيلچو رکي اتي ئي
ويهي رهيو، سندس دل زور زور سان ڌڙڪڻ لڳي.
”خيال سان... سنڀالي...“ ڊيوڊ سمجهائڻ واري انداز
۾ چئي، پاڻ به مجمعدار جي ڀرسان ويهي رهيو، اطهر
به سندن ڀرسان اچي ويهي رهيو.
گيس ليمپ جي روشنيءَ ۾ هنن هٿن سان، بلڪه ننهن
سان مٽي کوٽي انهيءَ ٿانو کي ٻاهر ڪڍيو ۽ ڇنڊي
ڦوڪي ٿانو کي گيس ليمپ جي روشني ۾ ڏٺو.
مجمعدار خوشيءَ منجهان رڙ ڪندي چيو، ”هي
ته سون جي پيتي آ!“
واقعي اها سون جي سهڻي پيتي هئي، جنهن تي
وڻندڙ چٽسالي ٿيل هئي، ۽ موهن جي دڙي جي پراڻي
ٻوليءَ جي اکر اڪريل هئا، ۽ عجيب غريب قسم جي
ديوين ۽ ديوتائن جون تصويرون اڪريل هيون.
مجمعدار رڙ ڪندي چيو، ”“اهوئي آ موهن جي دڙي جو
خزانو – هيرا.. لعل“
اطهر چيو، ”نه – هن منجهان موهن جي دڙي جي ٻوليءَ
جي سڃاڻپ ٿيندي! هي ٻاهران اڪريل اکر ته ڏسو.“
ڊيوڊ چيو، ”نه – هن ۾ موهن جو دڙي جا ديوتا آ....“
”جلدي ڪيو، کوليو!“ مجمعدار تڪڙ ۾ چيو، ”جلدي
ڪيو....“
پيتيءَ کي سون جو تالو لڳل هو، پر ڊيوڊ کي تالو
کولڻ ۾ دير ئي نه لڳي – ڇو ته قديم آثارن واري
کاتي جي ماهرن جا هٿ تالا کولڻ ۾ به ماهر هوندا
آهن.... تالو ته جلدي کلي ويو، پر ڊيوڊ ڍڪ مٿي ڪرڻ
۾ ڪيٻايو ٿي.
مجمعدار چيو، ڍڪ مٿي ڪر ڊيوڊ، جلدي ڪر!“ ڊيوڊ وري
ڪيٻائڻ لڳو.
اطهر اڳتي وڌي ڍڪ مٿي کنيو، اندر ڪائي ڪار سري گول
شيءِ پئيه ئي، ڊيوڊ انهيءَ کي ڏاڍي خيال سان کنيو،
ڏٺائين ۽ پوءِ مايوسيءَ چيائين، هيءَ ته هڪ ماني
آ!“
”ماني!!“ مجمعدار مايوسيءَ منجهان رڙڪ ئي.
مون چيو، ”ها، ماني – دنيا جو سڀ کان قيمتي
خزانو!!“
اطهرروئڻهارڪي لهجي ۾ چيو، ”ماني!“
مون چيو ”ماني! جيڪا هر زبان جي سڃاڻپ آ-“
ڊيوڊ جو ڪنڌ پنهنجي سيني مٿان جهڪي ويو، ”فقط هڪ
ماني!“
مون چيو ”ماني- جيڪا سمورين تهذيب جي ضرورت آ،“
ڊيوڊ انهيءَ مانيءَ کي هٿ ۾ کڻي ڪاوڙ منجهان چيو،
”ڪيڏانهن ويو اهو ڌنار، جنهن چيو هو ته هتان جو سڀ
کان قيمتي خزانو انهيءَ دڙي ۾ پوريل آ!“
هنن ٽنهي گڏجي انهيءَ پاسي ڏٺو، جيڏانهن ڌنار
رڍون چاري رهيو هو... ڌنار ته نه هو، پر مون کي
لڳو ته ڌنار روئي رهيو هو، انهيءَ مانيءَ لاءِ،
جيڪا انسان جي پهرين خوشي ۽ آخري دک آ- پوءِ مون
کي ايئن لڳو، ڄڻ پهرين جتي ڌنار هو، اتي هاڻ هڪ
صليب آ- پوءِي اوچتو صليب جي پٺيان سج اڀرڻ لڳو ۽
پوءِ اوچتو اها ماني سج جي سونهري ڪرڻن ۾ سون جي
ٿالهه جيان چمڪڻ لڳي – اوچتو هنن ٽنهي کي ڪائي
ڳالهه سمجهه ۾ اچي وئي ۽ مجمعدار ڊيوڊ ڏانهن اشارو
ڪري چيو، ”لڪائي ڇڏ، اها ماني لڪائي ڇڏ... مزور ڪم
تي اچي رهيا آهن!“
ڊيوڊ تڪڙ ۾ ماني لڪائي ڇڏي، ۽ آسمان ڏانهن ڏٺائين،
صبح ٿي رهيو هو، ۽ مزور بيلچا کنيو ڪم تي اچي رهيا
هئا.
جتي هوا نه هئي
اسان هڪ دڙي تي ويهي، سج جي روشنيءَ ۾ چمڪندڙ
واديءَ کي ڏسي رهيا هئاسين. منهنجو هٿ هن جي هٿ ۾
هو ۽ هن جو مٿو منهنجي ڪلهي تي – منهنجي دل ۾ هڪ
بلبل هئي، ۽ هن جي اکين منجهه هڪ گيت.
مون هن کان پڇيو، ”اسان جو ٻچڙو ڪٿي آ؟“
”ننڊ پيو آ!“
”ڪٿي؟“
”منهنجي سپنن جي هنج ۾!“
”کيس هنج مان ٻاهر ڪڍ، کيس راند ڪرڻ ڏي. ڏس! هتي
ڪيڏي ساوڪ آ، ڪيڏا سهڻا گل ۽ ميوا آهن!“
”ها، هي هنڌ بيحد خوبصورت آ،“ منهنجيءَ محبوبا
چئني پاسي ڏسندي چيو، ”ساوڪ آ، سهڻا گل ۽ ميوا به
آهن، پر هوا ڪانهي!“
”ها-“ مون اداسيءَ منجهان چيو، ”هتي هوا ڪانهي...“
”۽ ٻار هوا کان سواءِ جيئرو رهي نه سگهندو.“ هن
چيو.
”ها – تون صحيح ٿي چوين!“ مون هائوڪار ۾ ڪنڌ
لوڏيو.
”۽ هتي ٻيو ڪو ٻار به ڪونهي، جنهن سان هو کيڏي
سگهي.“
”ها-“ مون خوبصورت پرسنسان واديءَ ڏانهن ڏسندي
چيو، ”واقعي، هتي ته ڪوئي ٻار ڪونهي.... اسان جو
ٻار ڪنهن سان راند ڪندو!!...“
ڪي پل سانت رهي – سنسان واديءَ ۾ ڄڻ اس جون لهرون
اٿلي رهوين هيون، ۽ ساوڪ ڄڻ ننڊ پئجي وئي هئي –
وڻن جا پن به ڄڻ هڪ ٻئي جي ٻانهن تي مٿو رکي ستا
پيا هئا. اُس، آرام، ننڊاکڙي ڪيفيت، مون آهستگيءَ
سان پنهنجي محبوبا کي پاڻ ڏانهن ڇڪي ورتو ۽ سندس
مٿان جهڪي، اکيون پوري ڇڏيم. وقت ۽ زندگيءَ جا
سمورا فاصلا ختم ٿي ويا. چوڏس سانت هئي، دل جي
ڌڙڪڻ جو آواز به ٻڌڻ ۾ نٿي آيو. بس، ڪڏهن ڪڏهن
منهنجون پنبڻيون هن جي ڊگهين پنبڻين ۾ وچڙي ڏڪڻ ٿي
لڳيون.
صدين کان پوءِ اسين جاڳياسين. مون پريشانيءَ
منجهان هن کان پڇيو، ”اسان جو ٻار ڪٿي آ!؟“
”ميلي تي ويو آ!“
”ڪاڏي؟“
هن پهاڙن جي سڀ کان مٿاهين چوٽيءَ ڏانهن اشارو
ڪندي چيو، ”هوڏانهن! سڀ کان مٿاهين چوٽي تي، جتي
برف آ ۽ ٻارن جو ميلو آ!“
”ها-“
”اتي ڇا پيا ڪن؟“
”اهي هوا کي وٺڻ ويا آهن!“
”ڏاڍو سٺو- هتي سڀ ڪجهه آهي، پر هوا ڪانهي!“ مون
ادائيءَمنجهان ڪنڌ لوڏيندي چيو - ۽ هن جو هٿ زور
سان مهٽيندي پڇيم، ”ڇا، ڪڏهن هوا ايندي هتي؟“
”چئي نٿي سگهان!“ منهنجي محبوبا سنجيدگيءَ سان
چيو، ۽ پنهنجي وارن جي هڪ آواره چڳ ۾ هٿ وجهندي
چيائين، ”ڪڏهن ڪڏهن هن واديءَ ۾ هوا ايندي آ، ۽
سڄي وادي برف سان ڍڪجي ويندي آ- وڻن جا پن ڇڻي
پوندا آهن، ٻارڙن جا اگهاڙا پير ڦاٽي پوندا آهن ۽
اهي ڪنهن اونداهي کوهه ۾ لڪي برف جي بي رحم طوفان
جي گجگوڙ ٻڌي ڏڪندا آهن...
”- مان انهيءَ هوا جي ڳالهه نٿو ڪيان-“ مون چيو.
”تون جنهن هوا لاءِ چئين ٿو-“ منهنجي محبوبا مون
کان پنهنجو هٿ ڇڏائيندي چيو، ”اهابه ڪڏهن ڪڏهن هتي
ايندي آ، ۽ اسان جي وادي گرم واريءَ سان لٽجي
ويندي آ. ساوڪ پاڙئون سڙي ويندي آ، پاڻي ٽهڪڻ
لڳندو آ، ۽ ٻارن جون ڄڀون وات کان ٻاهر لڙڪڻ
لڳنديون آهن ۽ هو ٿڌي پاڻيءَ جي هڪڙي ڦڙي لاءِ
پنهنجن ننڍڙن هٿڙن سان ڌرتيءَ جي ڇاتي کوٽڻ جي
ڪوشش ڪندا آهن!“
”نه – مان انهيءَ هوا لاءِ به نٿو چوان!“
”پوءِ تون جنهن هوا لاءِ چوين ٿو، انهيءَ کي وٺڻ
ئي ته ٻار مٿي ويا آهن.“
”ته ڇا هوا ايندي؟“ مون محبوبا کان پڇيو، سندس چپن
کان پڇيو، سندس وارن کان پڇيو، سندس ڌڙڪندڙ دل
کان پڇيو، پر جواب ٻڌي مان ڪنبي ويس،.
”تون به ڊڄي وئين!“ هن منهنجو هٿ جهليندي چيو.
”ها-“
”هن واديءَ ۾ هر شخص ڊيڄڙي ۾ ورتل آ ته اها هوا
ايندي يا ڪائي ٻي!“
”ٻي ڪائي هوا!؟“
”ها- منهنجي محبوبا چيو، ”ڪي ماڻهو چون ٿا، هاڻي
جيڪا هوا ايندي، اها ڏاڍي سخت، وحشي ۽ ظالم هوندي،
۽ اها هوا نه هوندي، جنهن کي ٻار وٺڻ ويا آهن –
اها هوا واديءَ جي ڇاتي ڦاڙي وجهندي، سندس پهاڙن
کي سرمون ڪري ڇڏيندي. جتي وڻ آهن، اتي ٻرندڙ پٿر
هوندا، جتي انسان آهن اتي ٽڙڪندڙ هڏا هوندا-!!“
”۽ مان توکي چمي نه سگندس، تنهنجي وارن سان راند
ڪري نه سگهندس، ۽ تنهنجي اکڙين ۾ پنهنجا سپنا ڏسي
نه سگهندس!؟“
”منهنجو ساهه ٿو ٻوساٽجي!“مون تڪليف منجهان چيو،
گهڻي دير تائين اسين خاموش رهياسين – دير تائين
اسين هڪ بي نانءِ پڙاڏو ٻڌندا رهياسين - ۽ پوءِ هن
اوچتو پريشانيءَ منجهان چيو، ”منهنجو ٻچڙو! منهنجو
ٻچڙو!“
”اچي ويو ڇا؟“
”نه – هو مون کي ڏسڻ ۾ نٿو اچي.“
”اڳ ڏسڻ ۾ آيو ٿي ڇا؟“
”ها- پر هاڻي ڏسڻ ۾ نٿو اچي – هاڻي ته مون کي چوٽي
به نظر نٿي اچي!“ هن جي اکڙين ۾ لڙڪي ڀرجي آيا.
مون سندس هٿ پنهنجي هٿ ۾ وٺندي چيو، ”هي دڙو بنهه
ننڍڙو آ، هتان ڪجهه ڏسڻ ۾ نٿو اچي، اچ، هن وڏي دڙي
تي هلون، شايد اتان توکي ٻار نظر اچي وڃي!“
اهو دڙو ڏاڍو مٿاهون هو، ۽ رستو به ڏاڍو ڏکيو هو –
تڏهن به اسين هڪ ٻئي کي سهارو ڏيندا مٿي پهچي
وياسين، ساڻا ٿي ويهي رهياسين. اسان کي مايوسي
وڪوڙي وئي، ڇو ته هتان به اها چوٽي نظر نٿي آئي،
جتي ٻارن جو ميلو هو – هتان سچي وادي ڏسڻ ۾ اچي
رهي هئي.... هيٺ ور وڪڙ ڏيندڙ ندي، ڪلهن تي فصل جو
بار کڻي سهڻين ڇوڪرين جيان مرڪندڙ ٻنيون، بڙ جا
وڏا وڻ ۽ انهن جي مٿان وڏي چوٽي- پر چوٽيءَ تي ڪڪر
وري آيا هئا، ۽ اها ڪڪرن سان ڍڪجي وئي هئي.
”منهنجو ٻچڙو!“ هوءَ روئڻهارڪي ٿي پنهنجا خالي هٿ
مهٽڻ لڳي. ”مون کيس اجايو اوڏانهن موڪليو!!“
”ڳڻتي نه ڪر، اسان جو ٻار اتي اڪيلو ناهي. انهي
ميلي ۾ ٻيابه گهڻا ٻار هوندا، اسان جي سپنن جا ٻار
ڏاڍا بهادر آهن!“ |