سيڪشن؛ ڪهاڻيون

ڪتاب: ڪرشن چندر جون ڪهاڻيون

باب: --

صفحو :28

ڪهڙو نه نرم ۽ ملائم لهجو هو؛ بلڪل پلاسٽڪ جو بنيل معلوم ٿي ٿيو! هيءَ ڪهڙي سريتا آهي؟ مان سوچڻ لڳس.

سريتا شرمائجي آهستگيءَ سان منهنجي ڪوٽ جي ڪالر کي هٿ لاتو، ۽ نرميءَ سان چيائين، ”هاڻي هلو نه! مون کي هنن مردن کان ڊپ ٿيندو آهي. ڏسو نه، ڪيئن چار ئي گاڏين وارا مون کي گهوري رهيا آهن. جلدي هلو. پران ناٿ!“

’پر ان ناٿ‘ تي مون کي کل اچي وئي.

”ڪمبخت، ڏاڍي سٺي ايڪٽنگ ٿي ڪرين!“ اسان ٻئي زور زور سان کلڻ لڳاسين. مون ڊرائيور کي هلڻ لاءِ چيو.

ڪار شهر کان ٻاهر روڊ تي هلي رهي هئي. جيتوڻيڪ سمنڊ جي ڪناري سان ٿي هلي، تاهم به آڪٽوبر جي ٻوسٽ کان جان جلي پئي. بمبئيءَ ۾ آڪٽوبر جي مهيني ۾ جيل جهڙي گرمي ٿيندي آهي.

”اسين ڪيڏانهن هلي رهيا آهيون؟“

سريتا بيپرواهيءَ سان، اهڙي  انداز سان پڇيو، ڄڻ چئي رهي هئي ته اسين کڻي جهنم ۾ به هليا وڃون ته کيس ڪوئي عذر يا انڪار نه آهي.

مون چيو، ”ڌار ڍنڍ تي هلندينءَ؟“

هن ڇرڪ ڀريو- ”ڌار ڍنڍ تي ڇا آهي؟“

”ڪنهن به هنڌ ڇا آهي.“ مون جواب ڏنو، ”۽ هر هنڌ سڀ ڪجهه آهي.“

”ڪنهن به هنڌ ڪجهه نه آهي.“ هن بيزاري سان چيو ۽ گاديلن کي ٽيڪ ڏيئي ويهي رهي.

مون چيو، ”اتي هڪ ڍنڍ آهي، ڍنڍ ۾ پاڻي آهي، پاڻي ۾ ٻيڙي آهي، ٻيڙي ۾ ٻه دليون آهن، ٻن دلين ۾ خاڪ آهي، خاڪ ۾ چڻنگ آهي-“

هن منهنجي ڳالهه کي مڪمل ڪندي چيو، ”چڻنگ ۾ باهه آهي ۽ باهه دل کي جلائيندي آهي!“

هن چيو، ”مان اڄ ڏينهن تائين ڪنهن به ڊاڪ بنگلي ۾ نه رهي آهيان. ڊاڪ بنگلو؟ ڊاڪ بنگلو! ڇي ڇي! ائين ٿو معلوم ٿئي ڄڻ پوسٽ آفيس جو ننڍو ڀاءُ آهي.“

”ڪهڙي ڳالهه آهي ان جي ڀرسان پهاڙ تي منهنجي هڪ دوست آنند جو بنگلو آهي.“

هوءَ ڄڻ گهٻرائجي وئي ڄڻ پنهنجي دل کان ٿي پڇيائين ’هاڻي ڪهڙو بهانو ڪجي؟‘ چيائين ”ڪهڙو آنند؟“

مون چيو ڌرم پال آنند. تون ان کي نٿي سڃاڻين. هن هڪ فلم ايڪٽرس سان شادي ڪئي آهي. جنهن وٽ بليڪ جا سٺ لک رپيا آهن ۽ عمر صرف 50 ورهيه اٿس. ليڪن ڌرم پال آنند پنهنجيءَ زال کي ڏاڍو پيار ڪندو آهي. تون کيس ڏسندين ته حيرت ۾ پئجي ويندين. بلڪل چينيءَ جو بنيل خوبصورت ڇوڪرو آهي. هن کي ڏسندي ئي انسان چوندو  ’ڇا ڪوئي مرد ايترو خوبصورت ٿي ٿو سگهي!‘

”واقعي؟“ هوءَ ڄڻ خوابن جي واديءَ ۾ گم ٿي وئي.

”ڇا ٿي سوچين؟ مون کيس گهڻيءَ دير تائين خاموش ڏسي پڇيو.

”ڪجهه نه.“ هوءَ پنهنجن خيالن کان سجاڳ ٿي، ۽ يڪايڪ هن جو چهرو بشاشت سان چمڪڻ لڳو. هوءَ مون کي تکين ۽ شرير نظرن سان ڏسي چوڻ لڳي، چڱو، ٻڌاءِ تنهنجو نالو ڇا آهي- ڪهڙو ڪم ڪندو آهين؟“

”منهنجو نالو جيون آهي. مان پهريائين هڪ اخبار ۾ رپورٽر هوس، ۽ بک مرندو هوس.... هاڻي مون وٽ هڪ ڪار آهي، ۽ مان سون جي سمگلنگ ڪندو آهيان.“

سريتا چيو، ”ائين چئه ته هاڻي مان سون جي سمگلنگ ڪندو آهيان ۽ مون وٽ هڪ گاڏي آهي“

مون ڪاوڙ مان چيو، ”مگر منهنجو ڌنڌو بلڪل صاف آهي ۽ ايمانداريءَ جو ڌنڌو آهي. مان ٻاهر جو سون آڻيندو آهيان، اهو مون کي هت سٺ رپئين تولو پوندو آهي ۽ نوي رپئين مان اهو وڪڻندو آهيان. سڌو ۽ صاف ڌنڌو آهي، نه ڪاکٽ پٽ نه پرمٽ، ۽ نه ڪنهن کي رشوت ئي ڏيان. پنهنجو ڪم خود ڪندو آهيان. جڏهن جيل ويندو آهيان، خود ويندو آهيان، ڪنهن ٻئي کي جيل نه اماڻيندو آهيان.“

ڪيترا دفعا جيل وڃي چڪو آهين؟“

”ويري گڊ! ڏاڍو دلچسپ ماڻهو ٿو ڏسجين.“

مون پڇيو، ”هو چار گاڏين وارا ڪير هئا؟“

سريتا چيو، ”نه پڇ، زندگي ڏاڍي پيچيده آهي.“

مان چپ رهيس. منهنجي پڇڻ جي ضرورت به ڪهڙي هئي. مون چئني کي شهه ڏني هئي. سريتا منهنجي ڪار ۾ هئي. مون کي ڪنهن جي ڪهڙي پرواهه؟ ڪمبخت ڪهڙي نه سولائيءَ سان منهنجيءَ گاڏيءَ ۾ هلي آئي. ايتري آسان فتح مون کي سٺي نٿي لڳي. ٻه چار ڏينهن مون کي ساڙي ها چڪر ڏياري ها، هزار ٻه هزار خرچ ڪرائي ها، ته مزو به اچي ها. ڪيتري نه احمق ڇوڪري هئي، ٻيءَ ئي ملاقات ۾ گاڏي ۾ ويهي گڏ هلي آئي! هيءَ ويچاري به آخر عورت نڪتي. مون کي سريتا تي رحم اچڻ لڳو. مون پنهنجو بازو سندس پٺيءَ طرف ورايو. سريتا هڪدم تڙپي ٿورو اڳتي ٿي ويٺي. پوءِ هن پنهنجي بيگ کولي. ان مان هڪ هٿ جو پکو نڪتو. هوءَ ان کي کولي هڻڻ لڳي.

”افوه، ڪيتري نه گرمي آهي!“

اهو هڪ نفيس، خوشنما؛ هٿ جو چيني پکو هو؛ صندل جي ڪاٺيءَ جو بنيل. سوڙهو ٿي ٻن اڱرين ۾ اچي ٿي ويو ۽ ويڪرو ٿي سارو چهرو ڍڪي ٿي سگهيو. يڪدم سريتا هڪ ادا سان پنهنجو منهن چيني پکي جي اوٽ ۾ لڪائي ڇڏيو. هن جي شرير نگاهن منهنجي دل ۽ جگر ۾ عجيب قسم جي هلچل مچائي ڇڏي. مون پنهنجو هٿ وڌايو. سريتا فورن اهو پکو کولي منهنجي سامهون ڪيو، چيائين.

”ڏس، هن تي ڇا لکيل آهي؟“

مون چيني پکو پنهنجي هٿن ۾ ڪيو. ان کي سنگهيو. صندل جي هلڪي هلڪي خوشبوءِ ان جي ذري ذري مان اچي رهي هئي. آخري ٻن پتن تي ٻه تصويرون اڪريل هيون. هڪ طرف هڪ پهاڙ جي هيٺان هڪ چيني مرد بيٺو هو، ۽ ٻئي طرف هڪ عورت ’تنگ‘ جي وڻ هيٺان بيٺي هئي؛ وچ وارن نازڪ ۽ نفيس پتن تي چيني زبان ۾ هڪ عبارت اُڪريل هئي.

”ڇا، تون هن کي پڙهي سگهين ٿو؟“ سريتا مون کان پڇيو. ”هن پکي تي ڪهڙي عبارت لکيل آهي؟“

مون چيو، ”جان من! مان هن کي پڙهي ته نٿو سگهان البت سنگهي سگهان ٿو.“ مون چيني پکي کي زور زور سان سنگهيو – ”هاءِ، مون کي ته هيءَ محبت جي ڪهاڻي ٿي معلوم ٿئي!“

سريتا چيو، ”جيستائين ڌار ڍنڍ تي تنهنجي ڌرم پال آنند جي گهر تائين پهچون، تيسين اچ ته هن محبت جي ڪهاڻي کي پڙهون.... مان عورت ٿي بنجان، تون مرد بنج.“

”بنجڻ جو مطلب؟ مان ته مرد آهيان، جيئن تون عورت!“

”هيءَ عبارت کاٻي کان ساڄي پڙهبي يا سڄي کان کاٻي؟“

”مٿان کان هيٺ.“ مون نرميءَ سان چيو. ”هيءَ محبت جي ڪهاڻي آهي نه!“

سريتا کلي، کلندي،  هن پنهنجي سنهڙي آڱر عورت جي تصوير هيٺان لکيل عبارت تي رکي، ۽ چيائين:

”مان، .... مي ماوُ

فاؤچانگ علائقي جي عورت

تنگ جي وڻ جي هيٺان

ڍنڍ جي ڪناري، تنهنجو انتظار ٿي ڪريان.“

مون مرد جي تصوير جي هيٺان آڱر گهمائيندي چيو:

”مان، ڪواتنگ پهاڙن جو مرد،

برفاني چوٽين تان لهي،

جبل جي جهنگلن کان گذرندو،

روان دوان ندين سان کيڏندو

ڍنڍ جي ان ڪناري تي پهچان ٿو،

جتي تون بيٺي آهين.“

”تون هتي ڇو آيو آهين، مرد؟“

”تون هتي ڇو بيٺي آهين، عورت؟“

”مان ڍنڍ ۾ پنهنجي لرزندڙ جسم جو عڪس ٿي ڏسان.“

”۽ مان پاڻيءَ ۾ ترندڙ تنهنجي خوبصورت چهري جو عڪس ٿو ڏسان.“

سريتا چيو، ”فاؤ چانگ ۾ اکروٽ  ماکي جهڙا مٺا ٿيندا آهن.“

”۽ چانورن جا داڻا عورت جي سنهڙين آڱرين جي پورن جهڙا نازڪ ۽ حسين ٿيندا آهن.“

”فاؤچانگ جي ڍنڍ جا جيترا نغما آهن،

اُهي بهار جي موسم ۾ ’تنگ‘ جي درختن تي سرخ گل بنجي کڙندا آهن.“

”فاؤچانگ جي علائقي جي عورت پنهنجي گهر ۾ مطمئن هوندي آهي.“

”اجنبي، هن ڍنڍ ۾ ترندڙ عڪس ته ڏس!“

مون چيو، ”منهنجي ڪواتنگ جي پهاڙن تي هميشه برف هوندي آهي،

طوفان جا خوفناڪ آواز پيا ٻڌڻ ۾ ايندا آهن.

اتي سرد پهاڙ آهن، ۽ اگهاڙا نوڪدار پٿر:

مون وٽ ڪجهه به نه آهي-

نا کروٽ، نه چانور، نه ڍنڍ، نه نغما –

پوءِ به مي م اؤ ۾ تنهنجو عڪس ڏسان ٿو،

ڇو ته مون کي تو سان محبت آهي.“

سريتا چيو،

”اي اجنبي!

مان تنهنجي لاءِ ڪواتنگ جي پهاڙن تي وينديس

نوڪدار ۽ برف سان ڍڪيل اگهاڙن پهاڙن تي ننگن پيرن سان گهمنديس،

طوفاني زوردار هوائن سان مقابلو ڪنديس،

سرد پهاڙن تي رهنديس،

۽ ’تنگ‘ جي سرخ گلن جهڙا خوبصورت ٻار پنهنجيءَ ڪک مان پيدا ڪنديس، ڇو ته مان عورت آهيان.“

اوچتو سريتا دستي پکو بند ڪري پنهنجيءَ هنج ۾ رکيو، ۽ ٻنهي هٿن ۾ پنهنجو منهن ڇپائي روئڻ لڳي.

روئندي روئندي سريتا زياده دلڪش نظر اچڻ لڳي. هن جا رخسار جذباتي هيجان سبب سرخ ٿي ويا. وڏين وڏين ڪارين اکين ۾ شفق جي لالائي ڇانئجي وئي، ۽ ڀنل ڇپرن تي ڳوڙهن جا شفاف شبنم جهڙا موتي جهلمل ڪرڻ لڳا. مون کيس سهارو ڏئي پنهنجي ڪنڌ تي ليٽايو ۽ هن جو چهرو پنهنجن هٿن  ۾ جهلي سندس اکڙين ۾ گهوريم. ڳوڙهڻ ڳاڙڻ بعد عورت ڪيتري نه ملائم ۽ نرم ٿي پوندي آهي- جيئن بارش کان پوءِ ڌرتي آلي ۽ نرم ٿي پوندي آهي. ان وقت عورت جي ڪمزوريءَ جي هڪ عجيب ۽ خطرناڪ ڪيفيت ٿي پوندي آهي، جنهن کان بچاءُ مشڪل ٿي پوندو آهي. مان ته عورت کي روئڻ وقت ۽ ٻار کي کلڻ وقت پيار ڪرڻ لاءِ مجبور ٿي پوندو آهيان. اهڙو احمق آهيان!

مون سريتا کان پڇيو، ”ڇا ياد آيئه؟“

”راهگذر ياد آئي!“ هن ڪنڌ هيٺ نمائي وراڻيو.

”اوهان عورتن ۾ بس اهائي خامي آهي.“ مون ٿورو ڪاوڙ منجهان چيو، ”اهڙي موقعي تي روئي ڏينديون آهيو جو ماڻهو بيوس ٿي پوي. مون کي ڏس، چڱو ڀلو پنهنجيءَ جاءِ تي ويٺو آهيان، ڪنهن به طرح توکي پريشان نٿي ڪيم، ليڪن تو پنهنجيءَ ان حرڪت جي ڪري منهنجي موڊ آف ڪري ڇڏي. بس انهيءَ ڪري ته مون کي اوهان عورتن کان  نفرت هوندي آهي!“

مان هن کان جدا ٿي ويٺس، سچ پچ ته مون کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي.

سريتا مشڪي پنهنجا ڳوڙها اگهيا.

مون پڇيو مانس، ”تو بي. اي. ڪئي آهي؟“

هن وراڻيو، ”بي.،اي. به ڪئي اٿم ۽ ان کان پوءِ ’لا‘ به.“

”لا ڪيو اٿئي ته پوءِ وڪيل ڇو نه بڻينءَ؟“

”هن دنيا ۾ انصاف ڪٿي آهي!“ جواب ۾ سريتا چيو.

”انصاف نه سهي، وڪالت ۾ توکي عزت ته ملي ها نه.“

”هن دنيا ۾ اها عورت وڏي خوش قسمت آهي،جهن کي عزت ٿي ملي.“

”چڱو، ڇڏ عزت کي، دولت ته ملئي ها، هن بيري گيريءَ کان ته زياده ملئي ها.“

”ڪهڙي ڳالهه ٿو ڪرين! توکي خبر آهي،“ سريتا غصي ۾ چيو، ”هن بيري گيريءَ ۾ هڪ معمولي طالب علم به ڪافي پيئڻ ايندو آهي. مون کي هڪ رپئي کان گهٽ ٽپ نه ڏيندو آهي. هڪڙو شخص آهي جو پنج رپيا ٽپ ۾ ڏيندو آهي، پوءِ ڇو نه اٺين آنين جو بل هجيس. هڪ واپاري آهي، اهو گذريل پندرهن ڏينهن کان رات جو ڊنر کائڻ ايندو آهي، ۽ سو روپين جو نوٽ منهنجي هٿ تي رکندو آهي. هر روز شام جو ان جي گاڏي منهنجو انتظار جدا ڪندي آهي. اڄ ان کي پندرهن ڏينهن ائين ڪندي ٿيا آهن.“

”پوءِ؟“ مون پڇيو.

”اڃا ٻه- چار مهينا وڌيڪ انتظار ڪندو.“ سريتا انداز سان چيو. “مان انهن مردن کان هڪ هڪ ڪري انتقام وٺنديس!“

”هن وقت تائين گهڻا انتقام ڳڻي چڪي آهين؟“ مون کانئس پڇيو. جملو سخت تيز هو، ان ڪري زوم مان هڪ مڪ وهائي ڪڍيائين .... وري هڪ ٻي .... وري هڪ ٻي .... ۽ مون پنهنجي بچاءَ ۾ سندس ٻئي هٿ پڪڙيا، تڏهن وڃي بس ڪيائين. ان وقت وچ ۾ هن مون کي بي ضرور گاريون پئي ڏنيون، جي مان ٻڌندو رهيس ۽ کلندو رهيس.

ٿوريءَ دير کان پوءِ چيائين، ”ڇا، سون کان سواءِ عورتون به سمگل ڪندو آهين؟“

مون چيو، ”هر قيمتي شيءِ سمگل ٿيندي آهي. چئين ته مان توکي به هن ڪار مان غائب  ڪري ڇڏيان، جيئن جادوءَ جي زور سان تاس جو پتو؛ ۽ جڏهن صبح جو تنهنجي اک کلي ته تون پاڻ کي بغداد جي ڪنهن ڪنڊ ۾ يا روم جي ڪنهن بازار ۾ ڏسين!“

”هيئن!“ مون چپٽي وڄائي.

”نه بابا!“ سريتا جي جسم ۾ ڊپ جي لهر ڊوڙي وئي.

”مان اِتي ئي ٺيڪ آهيان.“

گاڏي هاڻي پهاڙ جي چاڙهيءَ تي چڙهندي اوڏانهن وڃي رهي هئي، جتي منهنجي دوست آنند جو گهر هو. مون سئچ دٻائي ڪار جي اندر روشنائي ڪئي ۽ سريتا کي چيو، ”پف پائوڊر جي الم غلم سان پنهنجي چهري جي مرمت ڪر، آنند جو گهر ويجهو آهي.“۾

سريتا ڪمپئڪٽ کوليو.

....      ....     ....     ....

بنگلي ۾ اسان کي آنند جو بيرو مليو، جنهن کان پڇڻ تي معلوم ٿيو ته آنند جي زال گهر ۾ موجود نه آهي؛ اها لکپتڻ فلم ايڪٽريس، تاج هوٽل ۾ ڪنهن پارٽيءَ ۾ شرڪت ڪرڻ وئي آهي، ۽ شام کان غائب آهي.

”۽هو نکٽو ڪٿي آهي!“ مون بيري کان پڇيو.

”ڪوبه نکٽو صاحب هيڏي ڪونه آيو آهي.“ بيري حيران ٿي چيو.

”اڙي، هن ڳاڙهي جهنڊيءَ، آنند لاءِ ٿو پڇان.“

”آنند صاحب ته پنهنجي بيڊروم ۾ آهي.“

”ڇا ٿو ڪري؟“

”وسڪي ٿو پيئي.“ بيري وراڻيو.

مون سريتا کي ٻانهن کان پڪڙي گهليندي چيو، ”جلدي هل، سريتا، ورنه هو ڪمبخت ساري بوتل ختم ڪري ڇڏيندو!“

خوش رو، خوش اخلاق، خوش نصيب آنند، پنهنجي ڪمري ۾ اڪيلو وسڪي پي رهيو هو. جڏهن اسين اطلاع ڏيڻ بنا سندس ڪمري ۾ پهتاسين ته هو پئگ بنائي ان کي چپن تائين آڻڻ وارو هو. اسان کي ڏسي هراسجي ويو. پاڻ سنڀاليائين، ليڪن يڪايڪش سندس هٿن مان گلاس ڇڏائجي ويو ۽ فرش تي ڪري چڪنا چور ٿي ويو.

”اهڙين ڦوٽاريل اکين سان ڇو ٿو ڏسين، مان تنهنجو دوست آهيان – جيون! ڪو ڀوت جن نه آهيان.“ مون کلي چيو.

هن آهستگيءَ سان چيو، ”هڪ منٽ لاءِ ته مون به ائين سمجهيو ته ڪنهن ڀوت يا جن کي ڏسي رهيو آهيان.“

مون تعارف ڪرايو، ”هيءَ سريتا آهي --- هي آنند آهي.“

آنند هٻڪ سان رڪي رڪي پڇيو، ”هيءَ – هيءَ--- تنهنجي زال آهي؟“

سريتا تيزيءَ سان چيو، ”نه سائين، مان هن جي محبوبه آهيان – هڪ رات جي محبوبه!“

ان کان پوءِ هوءَ اطمينان سان ڪرسيءَ تي ٿي ويٺي ۽ چيائين، ”هڪ پئگ بنايو.“

رات، لطيف ۽ ملائم، ائين هوريان هوريان گذري رهي هئي، جيئن وسڪي نڙيءَ کان لنگهندي آهي. ان رات ۾ پراڻن گلن جي خوشبو هئي، ۽ هڪ افسرده نشو هو. اسين ٽيئي خاموش هئاسين- پنهنجن پنهنجن خيالن ۾ گم- پنهنجن پنهنجن پيالن ۾ وڃايل- پنهنجن پنهنجن سپنن ۾ ستل.

اچانڪ سريتا ڄڻ جاڳي چيو، ”وسڪي ختم ٿي وئي!“ آنند اٿي ٻي بوتل ڪڍي.

سريتا چيو، ”هن بيڊ- روم ۾ ڏاڍي ٻوسٽ آهي، ٻاهر ڇو نه هلون؟“

اسين سڀ وسڪي کڻي ٻاهر آياسين، ۽ بنگلي جي مغربي ڏاڪڻ تي ويهي رهياسين. مان ۽ سريتا گڏ ويٺا هئاسين. آنند پٿر جي هڪ ڏاڪي تي ائين ويٺو هو، جتان اسان کي ڏسي ٿي سگهيو. سامهون سبز نوڪدار بانس جو جهنڊ هو، جو چيني پکي جيان ٽڙيو بيٺو هو. بانس جي جهنڊ جي پريان باغ هو، جنهن جي نظر نه ايندڙ گلن جي مهڪ ۽ خوشبو اسان جي ساهه ۾ سمائجي رهي هئي.

”هاڻي ٿوريءَ دير کان پوءِ چنڊ اڀرندو!“ آنند آهستي چيو ۽ چپ ٿي ويو. کيس ڪنهن به جواب نه ڏنو.

گهڻي وقفي بعد سريتا پڇيو، ”توهان جي اهليه محترمه اڃا نه آئي آهي؟“

”اها دير سان ايندي آهي.“

”۽ ڪڏهن ڪڏهن نه به ايندي آهي؟“ سريتا پڇيو.

آنند اقرار ۾ ڪنڌ ڌوڻيو، ”ها، ڪڏهن نه به ايندي آهي.“

”ڇو نه ايندي آهي؟“ سريتا وري پڇيو. ”فلمي لائين کان ته عرصي کان ڪناره ڪش ٿي چڪي آهي. هاڻي ڪاڏي ويندي آهي؟“

”خبر نه آهي ڪيڏانهن ويندي آهي. ليڪن مون کي هيءَ وسڪي، بنگلو، ڪار- سڀ ڪجهه ڏئي ويندي آهي.“

”تون پنهنجي زندگيءَ مان خوش آهين؟“

آنند وسڪيءَ جو وڏو ڍڪ ڀري چيو، ”ڪافي وقت ٿيو ان ڳالهه کي جو هڪ سوال منهنجي آڏو آيو: خوشي يا دولت؟ مون دولت کي چونڊيو. مون کي شڪايت ڪرڻ جو حق ئي ڪونه آهي.“

”تون انسان آهين يا سوئر؟“ هڪدم سريتا رڙ ڪري چيو.

آنند وسڪيءَ سان ڀريل گلاس هن جي منهن تي هڻڻ وارو هو ته مون سندس هٿ پڪڙيو. اڌ کان وڌيڪ وسڪي منهنجي هٿن تي هارجي پئي. آنند پٺتي هٽي ويو ۽ اسان کي پٺي ڏئي ويٺو.

مون سريتا کي چيو، ”هيءَ تنهنجي انتهائي بدتميزي آهي. شراب جي نشي ۾ تون پنهنجو پاڻ وساريندي ٿي وڃين!“

”وسارڻ چاهيان ٿي؛ مگر وساري نٿي سگهان.“

”آنند کان معافي وٺ!“

هڪدم آنند اٿي کڙو ٿيو ۽ سختيءَ سان چيائين، ”نه نه معافيءَ وٺڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي، مان وڃان ٿو. اڄ رات هي گهر توهان جي حوالي آهي!“

هن گلاس ختم ڪري گلاس کي بانس جي جهنڊ ۾ اڇلايو، ۽ جلدي اتان هليو ويو. مون کيس روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ليڪن هو نه رڪيو. ٿوري دير کان پوءِ سندس ڪارا سٽارٽ ٿيڻ جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو.

سريتا آهستي آهستي کلڻ لڳي. مون سندس هٿن مان گلاس کسڻ جي ڪوشش ڪندي چيو، ”وڌيڪ نه پيءُ، تون هوش ۾ نه آهين.“

آنند جي ڪار لاهي لهي هيٺ رستو اختيار ڪيو. ڪار جي پٺيان ڳاڙهيون بتيون ڪڏهن وڻن ۾ غائب ٿي ٿي ويون ته ڪڏهن دور سڙڪ تي ٽم- ٽم پئي ڪيائون. آهستي آهستي اهي به گم ٿي ويون.

سريتا گوڏن ۾ منهن لڪائي دٻيل سڏڪا ڀرڻ لڳي.

اچانڪ چنڊ بانس جي جهنڊ مان اڀريو، ۽ بانس جي هڪ شاخ جو سهارو وٺي حيران ۽ پريشان سريتا کي گهورڻ لڳو.

سريتا منهن مٿي ڪيو ۽ چنڊ کي تيز نظرن سان گهوريندي چيائين، ”منهنجي طرف ڇا ٿو ڏسين؟ مون تي کلين ٿو! ڌوڪيباز، ڪوڙا، فريبي چنڊ!“

سريتا گلاس ڇڪي چنڊ جي چهري تي اڇلايو. گلاس بانس جي جهنڊ ۾ وڃي ڪريو، ۽ ان جي ٽٽڻ جو آواز آيو. شاخون پنهنجي جڳهه تي ڌڏيون ۽ وري ساڪت ٿي ويون.

سريتا سڏڪا ڀريندي چيو، ”ڪٿي ڪجهه ڀڄي ٿو، پوءِ به ڪجهه نٿو ٿئي. ٽاريون لڏن ٿيون، وري هڪ هنڌ بيهي ٿيون رهن.“ هوءَ زور زور سان روئڻ لڳي.

مون هن کي پنهنجين ٻانهن تي کنيو. نشي ۾ سندس منهن ڳاڙهو ٿي ويو هو، ۽ سندس جسم بانس جي ٽاريءَ وانگر پئي ڏڪيو. بيڊ- روم جي ڀرسان پهتاسين ته هوءَ پاڻ ڇڏائي اٿي بيٺي، ۽ منهنجي طرف آڱر جو اشارو ڪري چيائين. ”مان هن بيڊ- روم ۾ سمهنديس، تون هن بيڊ- روم ۾ وڃي سمهه!“

”ڇو؟“

”مان اڄ رات غم سان گڏ گذارڻ ٿي چاهيان.“

”تنهنجو ڪهڙو غم آهي؟“

”توکي ڇو ٻڌايان، تون منهنجو ڪير آهين.“

سريتا ڪرڙين نگاهن سان گهوريندي چيو، ”جيڪڏهن تون انسان آهين ته هن بيڊ- روم ۾ وڃي سمهه، ۽ جيڪڏهن سوئر آهين ته منهنجي ڪمري ۾ ايندين!“ ايترو چئي سريتا جلدي دروازو اندران بند ڪري ڇڏيو، ۽ مان آهستي آهستي ٻئي بيڊ- روم ۾ وڃڻ لڳس.

صبح ٿيو ته سريتا وڃي چڪي هئي. ٽيبل تي هڪ خط پيو هو. خط تي چيني پکو پيو هو. مون خط کنيو. لکيل هو:

”مون سمجهيو هو ته آءٌ سڀ ڪجهه وساري چڪي آهيان، ليڪن عورت وسارڻ چاهيندي به نٿي وساري سگهي. هر زخم هن جي روح ۾ هميشه تازو ٿو رهي؛ ڪڏهن نٿو ڀرجي، سدائين سڙندو ٿو رهي. آنند منهنجو مڙس آهي! هن محبت کي ٺڪرايو، ۽ دولت سان شادي ڪيائين. اڄ مان کانئس انتقام وٺڻ آئي هيس، پر عين وقت تي منهنجي اندر واريءَ عورت منهنجو ساٿ نه ڏنو. منهنجا خريدار، مان توکان معافي ٿي گهران. مان بمبئيءَ کان گهڻو پري ٿي وڃان هڪ ننڍڙي دور افتاده شهر ۾ منهنجو هڪ ننڍڙو ٻار پلجي رهيو آهي _ منهنجو ۽ آنند جو ٻار __ مان ان وٽ ٿي وڃان.“

ڪيترائي سال گذري ويا. اهو چيني پکو اڄ به مون وٽ موجود آهي. ان کي کوليان ٿو ته ان مان هڪ اهڙي خوشبو ايندي آهي. جا تيز ٿي وري سرد ٿي ويندي آهي: وري طوفان جهڙيون هوائون شروع ٿينديون آهن، ۽ ڪوئي ڏاڍي ڏکويل ۽ دلدوز سنجيده آواز ۾ چوندو اٿم:

اي اجنبي!

مان تنهنجي خاطر برفيلن پهاڙن تي وينديس.

طوفاني جهڙپن سان مقابلو ڪنديس.

سرد پهاڙن تي رهنديس.

نوڪدار پٿرن تي اگهاڙن پيرن سان گهمنديس.

۽ ’تنگ‘ جي سرخ گلن جهڙا ٻار پنهنجيءَ ڪک مان پيدا ڪنديس،

ڇو ته مان عورت آهيان!“

شمع

منهنجو ڳوٺ اڃان ڏهه ڪوهه پري هو. خچر جون ٽنگون ڪمزور ٿي چڪيون هيون. سڪل گاهه جي نامعلوم پيچري تان هلڻ ڪري گاهه مان کڙ کڙ جو آواز نڪري رهيو هو. جهرڪيون پڻ گاهه ۾ لڪي گوڙ وڌائڻ  ۾ ساٿ ڏيئي رهيون هيون. ڪٿي ڪو جهنگلي جانور خوشيءَ ۾ اچي چيخ ڦاڙي يڪدم چپ پئي ٿي ويو. شايد ٽئين پهر جي گهٽجندڙ اُس ۽ گرميءَ جي خوشيءَ ۾ شام ٿيڻ جا حسين ۽ دل کي راحت بخشيندڙ سپنا لهي رهيو هو. وري چيخ ڪري، وري چپ پئي ٿي ويو. گويا هن جي دل ۾ ڪو شڪ پيدا ٿيو هجي ته هينئر شام نه ٿيندي، اصل نه ٿيندي. وري هوا جو ڪو دلفريب جهونڪو سندس اڳيان لنگهڻ تي، هن جي دل ۾ پنهنجي پريتم سان ملڻ جي چاهنا پيدا ڪري رهيو هو؛ ۽ کيس پڪ ٿي ته شام ٿيندي، ضرور ٿيندي. منهنجي دل شاهدي ڏني ته ڳوٺ مڙيوئي نزديڪ آهي، پر منهنجو ڳوٺ ته اڃان ڏهه ڪوهه پري هو، يعني ويهه ميل، خچر ٿڪجي پيو هو ۽ بک ۾ بانولو ٿي رهيو هو. هر هر بيهجي ٿي ويو، ناسون ٿي هنيائين ۽ ڪنڌ ڦيري هيڏي هوڏي نهارڻ پئي لڳو. شايد ڪٿي منزل هڻڻ جو هنڌ ملي وڃي. ان خيال کان مان کيس ٿوريءَ ٿوريءَ دير کان پوءِ اڙي هڻندو، ٻچڪاريندو، هلڪيون هلڪيون مڪون هڻندو اڳتي وڌندو پئي ويس؛ ۽ آخر.......منزل به اچي ويئي. هتي سڌو ۽ لسو پيچرو ختم پئي ٿيو ۽ اتان ٻيو پيچرو ٽڪريءَ جي هيٺ تي ٿي ويو. اهو پيچرو ذرا اڻانگو ۽ پٿرائون هو. هتي خچر به جواب ڏيئي بيهي رهيو. گهڻو مارڻ تي به، هڪ وک به اڳتي نه وڌيو. لاچار مان سندس پٺيءَ تان لٿس ۽ لغام هٿ ۾ جهلي کيس چشمي ڏانهن گهلي ويس. چشمو پهاڙ جي بلڪل چوٽيءَ تي ٺهيل هو. ڀرسان ٻه ٽي چيل جا ڊگها وڻ هئا ۽ هڪ ننڍو وڻ پڻ هو. خچر کي ان ننڍي وڻ جي ٿڙ سان ٻڌي هن جي اڳيان داڻو ۽ گاهه رکيم ۽ هڙ مان مڪائيءَ جو ڍو ڍو ۽ ساڳ ڪڍي کائڻ ويٺس. ڪاش! ان وقت ڪٿان ٿوري چٽڻي ۽ سائو مرچ........

پنهنجي پيءُ جي ڪاروبار جي سلسلي ۾ هڪ ٻه دفعو اول به اتان لنگهيو هوس. چشمي کان ٿورا قدم پري ڌاڻن جا کيت هئا. جتي اهي کيت ختم ٿي ٿيا اتان چمن ڪوٽ جي بستي پئي شروع ٿي. چمن ڪوٽ جي ڳوٺ ۾ منهنجو مامو الهداد خان رهندو هو. هو سڄي علائقي ۾ ڌاڙن هڻڻ ۾ ڏاڍو مشهور هو. منهنجو پيءُ هڪ سرڪاري ملازم هو ۽ جيئن ته منهنجو مامو ڊاڪو هو، ان ڪري مان ڪڏهن به چمن ڪوٽ ۾ پنهنجي مامي وٽ رهڻ ٺيڪ نه سمجهندو هوس. جيتوڻيڪ ڏينهن جلد ختم ٿي رهيو هو، تنهن هوندي به مون بهتر ائين سمجهيو ته ڪهڙي به نموني هي سفر طئي ڪري رنگپور پهچي وڃان.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com