حالانڪه مان ان نفرت لائق ڪونه هئس. مونکي ان ڪم
ڪرڻ لاءِ مجبور ڪيو هو. مون ته هڪ آرٽسٽ بنجڻ ٿي
چاهيو. ننڍي هوندي کان ئي مونکي آرٽ سان ڏاڍي محبت
هئي. مان سڄو سڄو ڏينهن تصويرون چٽيندو رهندو هئس
۽ اسڪول جي ٻين ڪمن طرف گهٽ ڌيان ڏيندو هئس ۽ ان
جو نتيجو اهو نڪتو جو مان ڏهين ڪلاس ۾ ناپاس ٿي
پيس. منهنجي چاچي جيڪو منهنجي ماءُ پيءُ جي مرڻ
بعد مونکي پاليندو هو تنهن مونکي اڳتي پڙهائڻ کان
انڪار ڪيو ۽ ڪجهه ڏينهن بعد جڏهن هنجي آفيس ۾ ڏاٽو
هنيو ويو ۽ هنکي نوڪريءَ کان جواب ڏنو ويو تڏهن
به پنهنجي گهر ۾ ڏاٺو هڻي مونکي گهر مان ڪڍي ڇڏيو
هاڻ مونکي اتي سمهڻو پيو جتي ڪجهه ذليل انسان
کانسواءِ بمبئيءَ جا سڀ شريف انسان سمهندا آهن،
يعني فٽ پاٿ تي! فٽ پاٿ تي سمهندي سمهندي پهرين ته
مونکي ڏاڍا مجيب عجيب خواب ايندا رهيا مثلاََمون
ڏٺو ته مون وٽ هڪ پيڪارڊ سوٽر گاڏي آهي ۽ منهنجو
چاچو ان جو ڊرائيور آهي، مان يونيورسٽيءَ جو وائيس
چانسلر آهيان ۽ انهن شخصن کي ڇينڀي رهيو آهيان جن
مونکي ڏهين ڪلاس ۾ ناپاس ڪيو هو، مان پئرس ۾ آهيان
۽ مونکي دنيا جا وڏا وڏا آرٽسٽ پنهنجون تصويرون
ڏيکاري رهيا آهن ۽ مان انهن جون تصويرون ڏسي چوان
ٿو ڇي! ڇي!! ڪهڙو نه بيهودو آرٽ آهي توهانجو!!!
ليڪن ان کانپوءِ جڏهن مونکي ٻه ٽي ويلا بکون
ڪڍڻيون پيون ۽ رات جو خواب ۾ ٻه روٽيون نظر اچڻ
لڳيون تڏهن مون سوچيو ته ڪجهه ڪم ضرور ڪرڻ گهرجي.
مونکي ڪلارڪيءَ لاءِ ڪوشش ڪئي پر خبر پيم ته ڪلارڪ
بڻجڻ لاءِ گرئجوئيٽ هئڻ کانپوءِ ڪنهن وڏي ماڻهو جو
سالو بڻجڻ ضروري آهي. ان لاءِ مان هڪ حجم وٽ نوڪري
ڪرڻ لڳس. حجم وار ڪٽيندو هو ۽ مان مٿي تي برش
ڦيريندو هئس پر ٿورن ڏينهن ۾ حجم دڪان بند ڪري
ڇڏيو ڇو ته هن کي خبر پئجي وئي ته بمبئيءَ ۾ بک،
بيڪاري، وچان خودبخود ماڻهن جا وار اڏامي ٿا وڃن!
پهرين ماڻهو حجم کان وار ڪٽائڻ ايندا هئا هاڻ صرف
برش ڦيرائڻ لاءِ اچڻ لڳا هئا. پوءِ مل ۾ نوڪري ڪرڻ
لڳس پر اسٽرائيڪ ۾ بهرو وٺڻ سببان ٽن مهينن لاءِ
جيل موڪليو ويس ۽ جڏهن آزاد ٿيس تڏهن ڪم جي ڏاڍي
ڳولها ڪيم پر ڪم ڪٿي به نٿي مليو. آخر ڇٻو کنيم،
ان کانپوءِ هڪ ايراني هوٽل ۾ نوڪري ڪيم پر ڪٿي به
پير نٿي ٽڪيا ۽ آخر گهڻي مٿاڪٽيءَ بعد ڪاغذ جا گل
ٺاهي انهن کي ڪرافورڊ مارڪيٽ وٽ وڪڻڻ لڳس. ڪرافورڊ
مارڪيٽ وٽ گل ڪافي هلدنا آهن ان لاءِ اٿي منهنجي
لاءِ گل وڪڻڻ به ايترو ئي ضروري هو جيترو ٻڍي هانگ
۽ هنجي ڌيءَ ذي ئي جو مون طرف نفرت وچان ڏسڻ!
ٻڍي هانگ جي نفرت جي ته مونکي پرواهه ڪونه هئي پر
ذي ئي جهڙي جوان ۽ خوبصورت ڇوڪري مونکي نفرت جي
نگاهه سان ڏسي، اهو مان ڪيئن ٿي برداشت ڪري سگهيس.
ائين به ته ڪونه هو ته ڪو منهنجا گل هنجي گلن کان
خراب هئا.
گل ڪترڻ جو طريقو هاڻ مونکي اچي ويو هو جيتوڻيڪ
کيسو ڪترڻ جو طريقو اڃا تائين ڪونه آيو هو. منهنجا
گل ڦٽاڦٽ وڪامي رهيا هئا. ان وقت مان سوچڻ لڳس ته
هيءُ گل خريدڻ وارا به ڪهڙا نه احمق آهن. اهي
”نقلي عورتن سان نقلي محبت ڪن ٿا، نقلي گلن کي عظر
لڳائي پنهنجا ڊرائنگ روم سجائن ٿا ۽ نقلي اخلاق
مٿان عمل ڪندي نقلي سرڳ ڏانهن هليا ٿا وڃن. شام
تائين مون سڀ گل وڪڻي ڇڏيا هئا صرف گلاب جي هڪ
ڏانڊي مون وٽ رهجي وئي هئي. اها مون ذي ئي کي ڏئي
ان کي پنهنجن وارن ۾ هڻڻ لاءِ چيو پر غصي وچان ان
کي ڦڏو ٽڏو ڪري اڇلي ڇڏيو.
هانگ غصي وچان مون طرف نهاريندي چيو، ”اڄ ته مون
توکي معاف ڪيو ليڪن سڀاڻي جي وري تون هت گل وڪڻڻ
آئين ته غنڊن کان مارائيندو مانءِ يا پوليس واري
کي چئي گرفتار ڪرائيندومانءِ.“
”پوليس ته سڀني جي آهي. پوليس وارو تنهنجو چاچو
ٿورو ئي آهي؟“ مون چيو.
”هت صرف بيهڻ لاءِ پوليس واري کي اٺ آنا ڏيندو
آهيان. تو سمجهين ڇا ٿو؟“ هن چيو.
”تون آنا ڏيندو آهين ته مان ٻارهن آنا ڏيندومانس.“
مون هانگ کي چيو ۽ ٻئي ڏينهن هنکي ائين ڪري
ڏيکاريم. مجبور ٿي هانگ کي مون سان ٺاهه ڪرڻو ئي
پيو. ٺاهه جو پهريون شرط اهو هو ته مان هنجي ڌيءَ
کي ڀڄائي ڪونه ويندس، ٻيو جنهن قسم جو گل هو وڪڻن
ٿا ان قسم جا گل مان نه ٺاهيندس ۽ ٽيون ته پنن جا
جهالردار وڃڻا نه ٺاهيندس پوين ٻن شرطن تي ته مان
هاڻي به قائم آهيان پر جيئن جيئن ڏينهن گذرندا ويا
تيئن تيئن منهنجي دل ۾ ٽيون شرط کٽڪڻ لڳو ڇاڪاڻ جو
ذي ئي مونکي ڏاڍي سٺي ٿي لڳي. پر هنجي مونڏانهن
اڃان ساڳي روش هئي. مون پنهنجي ننڍڙي زندگيءَ جي
تجربي مان اهو محسوس ڪيو هو ته جيڪي ڇوڪريون
پهرئين ملاقات ۾ ئي ڳالهيون ڪنديون آهن اهي تمام
خطرناڪ ٿينديون آهن ۽ غلطي کان اگر توهانجو هٿ، جي
سندس ڪلهي تي لڳي ويون ته ان معاملي کي پوليس
تائين پهچڻ ۾ دير ڪونه هئي.... هوءَ مونسان تمام
ئي ٿورو ڳالهائيندي هئي. اڪثر ڪري ترڇي نگاهن سان
مون طرف ڏسندي هئي ۽ مان هنجي ننڍين اکين کي ڏسڻ
سان ائين سمجهندو هئس ته انهن جي اندر ٻيون به ڪي
اکيون آهن جي مونکي چڱيءَ طرح ڏسي ٿيون سگهن ۽
منهنجي دل هنجي نگاهن کان ائين ڏڪندي هئي جيئن ڪو
شاگرد هيڊ ماستر کان ڊڄندو آهي. ٻڍي هانگ منهنجي
دل جي حالت پرکي، هڪ ڏينهن جڏهن هو اڪيلو هو.
مونکي چيو، ”تون ذي ئي سان شادي ڪندين؟“
ڪجهه گهٻراهٽ ۽ ڪجهه عجب وچان مون چيو، ”شادي؟“
”ها! ها!!“ ٻڍي هانگ ڏاڍي چالاڪيءَ سان پنهنجي ڀڳل
ڏندن واري وات کي کوليندي چيو. ”هاڻ تون ذي ئي سان
شادي ڪري سگهين ٿو.... تنهنجي ڪمائي چڱي آهي،
تنهنجي صورت به خراب ڪونهي، لکڻ پڙهڻ به ڄاڻين ٿو
۽ منهنجي ذي ئي به ڪا گهٽ ڪونه آهي. چيني ۽
انگريزي لکي پڙهي سگهي ٿي ۽ هن جهڙيون ٽوپيون،
وڃڻا ۽ گل ته ڪير مشڪل سان ٺاهي سگهندو.“
”چڱو مان ذي ئي سان شادي ئي ڪندس ورنه منهنجو
خيال ته هنکي ڀڄائي وڃڻ تي هو.“ مون چيو.
”ان جي مونکي خبر آهي مان اهڙو ٻڌو آهيان. ليڪن
تون ان ڪم ۾ ڪڏهن به ڪامياب ٿي نٿو سگهين.“ هن
چيو.
”ڪامياب ٿيان يا نه ڪوشش ته ڪري سگهانٿو. پر هاڻ
مان هن کي ڪونه ڀڄائيندس. ٻڌاءِ ڪيترا رپيا
وٺندين؟“ مون چيو.
هانگ چوطرف ڏسي چيو، ”هڪ ٻڍو مالدار چيني جنهن کي
فورٽ ۾ ريسٽارنٽ به آهي. ذي ئي لاءِ هزار رپيا
ڏيڻ لاءِ تيار هو پر عمر وڏي هئڻ ڪري مون کيس
ناڪار ڪئي پر توکان ڇهه سؤ وٺندس.“
”ڇهه سؤ-! ڇهه سؤ مان ڪٿان آڻيندس؟“ مون چيو.
”قسطن ۾ ڏجانءِ. اڄ ڪلهه جيڪا به توکي شيءِ کپي
قسطمن ۾ ملي سگهي ٿي. پنجاهه روپيا به مهني ۾ ڏئين
ته سال ۾ ڇهه سو ٿي ويندا ۽ ٻئي سال ذي ئي سان
شادي ڪجانءِ.“ هانگ چيو.
”چڱو منظور آ- ملاءِ هٿ!“ مون چيو. ٻڍي هانگ هٿ
ملائيندي چيو، ”اڄ کان تو منهنجو پٽ آهين ان لاءِ
مان توکي هڪ عقل واري صلاح ٿو ڏيان. روز سوا رپيو
مونکي ڏيندو ڪر ورنه يڪا پيسا ڏيڻ مشڪل ٿي
پونديءِ، پر ذي ئي کي ان ڳالهه جي خبر نه پوڻ
گهرجي. شاديءَ کان اڳ هنکي توسان گهڻي ڳالهه ٻولهه
ڪرڻ جو موقعو به ڪونه ڏيندس. اسانجي اها ئي ريت
آهي.“ هن چيو.
”اسانجي به اهائي ريت آهي.“ مون چيو.
ان واقعي کي ڇهه مهينا ٿي ويا. مان اڃا تائين
هانگ کي صرف ڏيڍ سؤ رپيا ئي ڏئي سگهيو هئس ڇو جو
ڌنڌو ڪيترائي دفعا مندو به ٿي ويندو آهي. پر
ويچارو هانگ مونکي ڪجهه به ڪونه چوندو هئو. هن
منهنجي مجبوريءَ کي بخوبي سمجهيو ٿي ان لاءِ جيڪو
به ڏيندو هئومانس اهو چپ چاپ وڄندو هو. مان ذي ئي
سان ڳالهائڻ چاهيندو هئس پر ٻڍي هانگ جي موجودگي ۾
ائين ڪري نٿي سگهيس ۽ ڪنهن موقعي جي انتظار ۾ هئس.
آخر هڪ ڏينهن مونکي اهڙو موقعو ملي ويو. چوماسي جا
ڏينهن هئا. سخت برسات وسي رهي هئي. مان پنهنجن گلن
کي کنيو ٽرام اسٽئنڊ جي ڇاپري ۾ وڃي بيٺو هئس.
منهنجي ويجهو هڪ ٻڍو مڱه ڦرين مٿان ڪوئلن جي ننڍڙي
هنڊي رکيو ويٺو هو. هڪ بکاري ڇوڪرو، ٿڌ ۾ ڏڪندي
ڏندن کي وڄائي رهيو هئو. چوطرف زور سان مينهن وسي
رهيو هو. سڙڪن تي ڪٿي ڪٿي بندو وڪٽوريا گاڏيون يا
وري بند موٽرون جن جي درين مٿان شيشا چڙهيل هئا
نظر اچي رهيون هيون – بيٺي بيٺي شام ٿي وئي، بتيون
ٻري ويون، ليڪن برسات بند ڪونه ٿي. ٽرامن ۽ بسين
جو هلڻ به بند ٿي ويو هو – اڄ سڄو ڏينهن ذي ئي
ڪونه ڏٺو هئم، هنکي روز ڏسندو هئس ان لاءِ چاهه
کان ناواقف هئس. اڄ خبر پيم ته جنهن کي روز روز
دل جان سان ڏسجي ٿو ان کي هڪ ڏينهن نه ڏسڻ سان دل
مٿان ڇا ٿو وهي واپري يڪا يڪ ڪنهن منهنجي ويجهو
اچي مون کان پڇيو، ”اڄ ڪيترا گل وڪيئه؟“ پڇندڙ
سوال ايترو ته ويجهو اچي ڪيو هو جو هنجي ساهه جي
هوا منهنجي ڳلن کي ڇهڻ لڳي هئي ۽ جڏهن مون ڪنڌ مٿي
کڻي سوال ڪندڙ کي ڏسڻ چاهيو تڏهن هن تيزيءَ سان
پنهنجي چهري کي پري ڪري ڇڏيو – هوءَ ذي ئي هئي.
هنجا ڪپڙا مينهن ۾ آلا ٿي ويا هئا. مون ڏٺو هن جي
چپن تي عجيب چمڪ هئي....! مسڪراهٽ هئي!!
”مينهن ۾ اڪيلي ڪٿان آئي آهين؟“ مون هن
کان پڇيو.
”بابا ٺيڪ ڪونهي، ڊاڪٽر کان دوا آڻڻي آهي ۽ ان
لاءِ توهان کان سوا رپيو وٺڻ لاءِ آئي آهيان.“
مون چپ چاپ هن کي سوا رپيو ڪڍي ڏنو.
”سوا رپيو ڪٿان آندءِ؟ اڄ گل ته ڪونه وڪيا
هوندءِ؟“
”نه ڪلهه جا پيسا پيا آهن“
”ڪلهه به ته سوا رپيو ڏنو هيئه؟“
”توکي ڪيئن خبر پئي؟“
”مونکي سڀ خبر آهي“
مان چپ رهيس.
”ڪيستائين سوا رپيو ڏيندا رهندا توهان؟ هن چيو،
”جيستائين ڇهه سو روپيا پورا ٿين“ مون چيو.
ذي ئي آهه ڀريندي چيو، ”توهان کان ڇهه سو وٺي رهيو
آهي – هڪ ٻئي سان اٺن سون ۾ سودو ڪيو اٿائين ۽
ٽئين سان ٻارهن سون ۾ - ذي ئي ته هڪ آهي پوءِ شادي
ٽن هنڌ ڪيئن ٿيندي؟“
مان هڪو ٻڪو ٿي هن طرف ڏسڻ لڳس ۽ پوءِ غصي
وچان چيم، ”اها ته ڏاڍي خراب ڳالهه آهي“
هن وري آهه ڀريندي چيو، ”ان کان به خراب ڳالهيون
اسان ڏٺيون آهن.“
”ليڪن مون ته توسان ڪڏهن به خراب سلوڪ ڪونه ڪيو
آهي؟ مون چيو.
ذي ئيءَ اداس ۽ ڦڪي لهجي ۾ چيو، ”ڇا اهو سودو ڪرڻ
کان اڳ توهان مونکان پڇيو هئو؟ ڇا توهان کي اها
خبر ڪونه هئي ته چيني عورت جا پير هاڻ ٻڌل ڪونه
آهن ۽ هاڻ هوءَ پنهنجن پيرن سان جيڏانهن چاهي وڃي
ٿي سگهي؟“ ڪجهه دير ترسي هوءَ وري چوڻ لڳي، ”اڄ
مونکي پنهنجو ديش ياد اچي رهيو آهي. جتي ماڻهو
نئين زندگيءَ لاءِ وڙهي رهيا آهن. جتي مون جهڙيون
هزارين ڇوڪريون مردن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي وڙهي
رهيون آهن، هڪ مان ئي هتي سڙي رهي آهيان. ڪاش
مونکي ڪٿان پر ملي وڃن ته جيڪر مان اڄ ئي، هن وقت
ئي اڏامي اتي پهچي وڃان جتي اها لڙائي لڙي پئي
وڃي.“
”اها ڪهڙي لڙائي آهي؟“ مون حيرت وچان هن طرف ڏسندي
چيو.
ذي ئي اڄ ڳالهائي رهيه ئي....
هن منهنجي سوال جو جواب ڪونه ڏنو، ڪجهه دير بعد
چوڻ لڳي، ”توکي خبر آهي ته منهنجو اصلي نالو ذي ئي
ڪونه آهي؟“
”نه!“
”منهنجو اصلي نالو ڪجهه ٻيو ئي هو، اهو نالو مون
پنهنجي پسنديءَ سان رکيو آهي. ذي ئي هڪ بهادر چيني
ڇوڪري هئي جا چيانگ ڪائي شيڪ جي ظلم خلاف بهادريءَ
سان وڙهندي شهيد ٿي وئي. مان به ذي ئي وانگر وڙهڻ
چاهيان ٿي.“
”ڇا لاءِ؟“
”هاڻ توکي ڪيئن سمجهايان...! چڱو ڪوشش ڪريان ٿي
.... ٻڌ .... اسانجو ڳوٺ ڪؤنگه شا، هان نديءَ جي
ڪناري تي آهي، اتي جي زميندار سردار ’ذو‘ منهنجي
پيءُ کان زمين کسي اسان کي ڳوٺ مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو
هئو. ان وقت مان چئن سالن جي هئس.....“
”توهان کي ڳوٺ مان ڇو ڪڍيائين؟“ مون هن کي اڌ ۾
ڪٽيندي چيو.
”انڪري جو اهو قرض ادا نه ڪري سگهيا هئاسين جيڪو
سردار ’ذو‘ منهنجي ڄم جي وقت منهنجي پيءُ کي ڏنو
هئو.“
يڪايڪ مونکي پنهنجي گهر مان نڪرڻ ياد اچي ويو. ”بس
مان سمجهي ويس.“ مون هنکي چيو.
”ڪيئن؟“ هن پڇيو.
”پنهنجي تجربي مان!“ مون چيو.
”پنهنجو تجربو تمام ضروري آهي.“ هن چيو.
”چڱو اڳتي ٻڌاءِ.“ مون چيو.
هوءَ چوڻ لڳي، ”پوءِ اسان ٻئي ڳوٺ ۾ اچي رهڻ
لڳاسين. اتي اسان ٻين جي کيتن ۾ مزوري ڪندا
هئاسين! منهنجي ماءُ ڏاڍي خوبصورت هئي.“
”اهو مان به سمجهي ٿو سگهان!“ مون چيو.
هوءَ شرمائجي وئي ۽ وري ڪجهه وقت ترسي چوڻ لڳي،
”ڇاڪاڻ ته منهنجي ماءُ ڏاڍي خوبصورت هئي ۽ اسان
ڏاڍا غريب هئاسين ان لاءِ انهن ماڻهن جن جي کيتن ۾
اسان ڪم ڪندا هئاسين، اسان کان ڪم ڪرائڻ کانسواءِ
عيش به ٿي چاهيو. ان ڪري اسان ان ڳوٺ مان روا
ٿياسين.“
”پوءِ؟“
”پوءِ چين ۾ سخت ڏڪار پيو، ماڻهو بکه وچان مرڻ
لڳا. منهنجي پيءُ تنگ ٿي منهنجي ماءُ کي هڪ امير
ٻڍي وٽ ٻن هزار ڊالرن ۾ وڪڻي ڇڏيو ۽ انهن ٻن هزار
ڊالرن مان اسان هانگ ڪانگ وياسين.ا تي منهنجي پيءُ
هڪ رڪشا خريد ڪئي ۽ انکي هلائڻ لڳو. هڪ ڏينهن
منهنجي پيءُ کي هڪ گوري ايترا ته چهبڪ هنيا جو هو
بيهوش ٿي ويو پوءِ گوري هنجي رڪشا کي باهه ڏئي ڇڏي
۽ ائين ٻه هزار ڊالر سڙي ويا.“
”پوءِ؟“
”پوءِ منهنجي پيءُ مونکي وڪڻڻ چاهيو ليڪن مان
ننڍڙي ۽ ڪمزور هئس انڪري ڪوئي به مونکي خريدڻ لاءِ
تيار ڪونه ٿيو. آخر هڪ پادري مونکي پنهنجي گهر ۾
نوڪرياڻي ڪري رکيو. پادري جي ڌيءَ انگريزي پڙهائڻ
لڳي. اهي ڏاڍا سٺا ڏينهن هئا. سٺي کاڌي ملڻ ڪري
مان تندرست ٿي ويس پر منهنجي پيءُ کي ڪابه نوڪري
ڪونه ملي انڪري هن هڪ انگريز ڪمپنيءَ جي گدام مان
چوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر پڪڙيو ويو ۽ هنکي ٻه سال
جيل جي سزا ملي “
مان چپ چاپ ٻڌي رهيو هئس .
هو چوڻ لڳي ”هن چانور چورائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي ڇا
ڪاڻ ته هو بکيو هو ۽ بکيو ان لاءِ هو ڇاڪاڻ جو
هنجا چانور هنجي کيت مان چورائي چيانگ ڪائي شيڪ جي
سرڪار انگريزن جي گدامن ۾ ڀريا هئا.“ ائين چئي
هوءَ خاموش ٿي وئي.
”پوءِ؟“ مون پڇيو.
هن ڏاڍي بيدليءَ سان چيو، ”پوءِ اسان سينگاپور
وياسين، سينگاپور مان وري ملايا وياسين ۽ اتي رٻڙ
جي کيتن ۾ ڪم ڪرڻ لڳاسين. ڪجهه عرصي بعد اتان برما
آياسين ۽ برما مان بمبئي ۽ ان کان پوءِ جي ته توکي
خبر آهي ئي.“
”۽ هاڻ؟“ مون پڇيو.
”۽ هاڻ مان توکي چوان ٿي ته منهنجي پيءُ کي سوا
رپيو ڏيڻ بند ڪيو – مان توسان ڇا، ڪنهن سان به
شادي ڪونه ڪنديس!“
”ڇو؟“
”جنهن ڏينهن به مون وٽ پئسا ڪٺا ٿيندا ان ڏينهن ئي
مان چين واپس هلي وينديس.“
”پوءِ ته مونکي روز ڏيڍ رپيو ڏيڻ گهرجي.“ مون چيو.
هوءَ حيرت وچان مون طرف ڏسڻ لڳي ۽ پوءِ چيائين،
”مان تنهنجا پئسا کڻي چين هلي وينديس ان مان توکي
ڇا ملندو؟“
”مان تنهنجو انتظار ڪندس!“
هن مون طرف ڏسي مسڪرايو ۽ چيائين، ”مان ايتري ته
سٺي ڪونه آهيان، هندستان ۾ مونکان به سٺيون
ڇوڪريون آهن ان لاءِ منهنجو خيال دل مان ڪڍي ڇڏ.“
مون چيو، ”تون ڀل وڃ مان تنهجو انتظار ڪندس.!“
هن منهنجي ويجهو اچي چيو، ”مونکي بک لڳي آهي.“
مون مڱه ڦرين واري کان ٻن آنن جون مڱه ڦريون
ورتيون ۽ کائڻ لڳاسين ۽ ڪجهه دير بعد هوءَ هلي
ويئي.
۽ وقت گذرندو ويو. وقت گذرڻ جي خبر شام جي اخبار
مان پوندي هئي. اخبار مان خبر پوندي هئي ته پيڪنگ
ختم ٿي ويو، پيڪنگ ختم ٿير ويو، شهانگاڻي ختم ٿي
وئي. مائو جون فوجون چين جي هڪ سري کان ٻئيس ري
تائين پهچي ويون ۽ جنهن ڏينهن چين جون فوجون هانگ
ڪانگ جي سرحد تائين پهچي ويون ان ڏينهن اسانجي
محبت جي سرحد به اچي پهتي.
هن چيو، ”بس هاڻ ڀاڙي جيترا پيسا ٿي ويا.“
”لڙائي ته هتان به لڙي سگهجي ٿي.“ مون چيو.
هن چيو، ”اهو تنهنجو ڪم آهي. مان چين ويندس.“
مون هنجو هٿ پڪڙي چيو، ”ذي ئي! دنيا ته ڪيترن
هنڌان ڀڳي پئي آهي انکي ٺاهڻ ته هتان به شروع ڪري
سگهجي ٿو. اچ هٿ ملاءِ.“
هوءَ ڪجهه سوچڻ لڳي. ٿوريءَ دير تائين هنجو هٿ
منهنجي هٿ ۾ رهيو پوءِ تمام نرميءَ سان هن پنهنجو
هٿ منهنجي هٿ مان آزاد ڪرائي ڇڏيو ۽ منهنجو هٿ
اڪيلو رهجي ويو.
هن چيو، ”مونکي وڃڻ ڏي.... مونکي پنهنجي وطن ڏانهن
وڃڻ ڏي. مان هت رهيس ته ڪڏهن به خوش ڪونه رهنديس.
ها اتي وڃي ضرور سوچيندس.“
”چڱو مان انتظارڪ ندس.“ مون چيو.
وڃڻ کان اڳ ٻڍي هانگ ۽ ذي ئي وچ ۾ ڏاڍو جهڳڙو ٿيو.
ٻڍي هانگ واپس وڃڻ نٿي چاهيو ۽ اهو به نٿي
چاهيائين ته هنجي ڌيءَ چين وڃي، هن ذي ئي کي
ماريو، ڌمڪايو ۽ آخر معاملو پوليس تائين وڃي پهتو،
ڀر ذي ئي بالغ هئي ۽ هاڻ هوءَ پنهنجي وطن واپس وڃي
ٿي سگهي ۽ دنيا جيڪا ئي طاقت هن کي روڪي نٿي سگهي.
محبت جا مضبوط هٿ به هن کي روڪي ڪونه سگهيا ۽ هوءَ
بمبئيءَ مان ڪلڪتي ۽ ڪلڪتي مان هانگ ڪانگ هلي وئي.
وڃڻ کان اڳ منهنجي ۽ هنجي وچ ۾ ڪا خاص ڳالهه ٻولهه
ڪونه ٿي. رواني ٿيڻ وقت هنجي اکين م آنسو ڪونه هئا
پر خوشيءَ جي چمڪ هئي. وڃڻ وقت هن زور سان منهنجي
هٿ کي پڪڙيو ۽ منهنجي ڪن ۾ چيائين، ”مان ضرور
ايندس. منهنجو انتظار ڪج“ هوءَ هلي وئي.
هن جي وڃڻ بعد مون کي ائين لڳو ڄڻ سڄي جهان جي
خوشبوءِ پر لڳائي هن سان گڏ اڏامي وئي هئي ۽
منهنجي هٿن ۾ صرف ڪاغذ جا گل رهجي ويا هئا.
ٻڍو هانگ هن کي رخصت ڪرڻ لاءِ به ڪونه آيو ۽ نه ئي
ان کانپوءِمون سان گڏيو آهي.
ڪافي عرصي بعد مون کي ذي ئي جو خط مليو. لکيل هو:
پيارا!
هيءُ خط توکي پنهنجي ڳوٺ مان لکي رهي آهيان، جيڪو
هانگ نديءَ جي ڪناري تي آهي جتي ناسپاتين جي وڻن
جا جهنڊ آهن. اڳ جتي سردار ’ذو‘ جو گهر هئو اتي
هاڻي اسان جي ڳوٺ جو اسڪول آهي. زمين اسان سڀني
ڪسانن کي واپس ملي وئي آهي. پنهنجي ماءُ کي مون
ڳولي ورتو آهي ۽ ان کي پاڻ سان وٺي آئي آهيان،
جنهن زميندار هن کي ڏڪار جي وقت ۾ منهنجي پيءُ
کان خريد ڪيو هو، اهو اڄڪلهه وطن سان غداري ڪرڻ ۽
بلئڪ مارڪيٽ ڪرڻ جي ڏوهه هيٺ جيل ۾ آهي. هتي مون
کي اسڪول ۾ ماسترياڻيءَ جو ڪم سونپيو ويو آهي. ڇا
ٿو سمجهين! مان هاڻي ٻارن کي انگريزي پڙهائيندي
آهيان. ڇا تون ڪڏهن سوچي سگهين ٿو ته تنهنجي ذي ئي
اسڪول ۾ انگريزي پڙهائيندي هوندي. ڪڏهن ڪڏهن مان
به ائين سوچيندي آهيان، ته خوشيءَ وچان ٽپا ڏيڻ
لڳندي آهيان. اهڙي خوشي ڇا ڪڏهن ممڪن به هئي؟
ڪهڙين مصيبتن سان اسان پنهجي آزادي حاصل ڪئي آهي.
سوچيان ٿي ته خيال ٿو اچي ته مون ته ان آزاديءَ
لاءِ ڪجهه به ڪونه ڪيو آهي ۽ اگر هاڻ جي سڄي زندگي
به ان ڪم ۾ لڳيا ته به ٿوري آهي. تون هت ايندين ته
حيران ٿي ويندين اهو ڏسي ته ڇا هي اهي ئي چيني
آهن؟ اهي ئي ڳوٺ آهن؟ سڄي ڌرتي بدلجي وئي آهي.
هتان جي جهرڪين کي به احساس آهي ته اسان آزاد ٿي
چڪا آهيون. پنهنجي ضمير جا خود مالڪ آهيون. تنهنجي
ڏاڍي ياد ستائي ٿي.
”تنهنجي ذي ئي“
مون ذي ئي کي هن جي خط جو ڪوبه جواب ڪونه ڏنو.
ڪيترائي دفعا خط لکي ڦاڙي ڇڏيو. ڪجهه پريشانيون به
وڌي ويون هيون. گلن ۾ ڪم ايندڙ تارن جا اگهه وڌي
ويا مهانگائيءَ ڪري ماڻهو گل گهٽ وٺڻ لڳا. ماڻهن
وٽ ڪپڙا وٺڻ لاءِ به پيسا نه رهيا ته گل ڪٿان
وٺن؟ مان اڪثر بکيو ۽ بيڪار رهڻ لڳس. پوليس وارن
سان جهڳڙو ٿي پيو. مونکي آمدنيءَ جي صورت نظر نٿي
آئي ته ڀلا پوليس واري کي ٻارهن آنا ڪٿان ڏيان؟؟
هن ٻه ٽي ڏينهن مونکي پيار ۽ محبت سان سمجهايو. هن
مونکي ٻڌايو ته هو رشوت خور ڪونه آهي. رشوت کان هن
کي سخت نفرت آهي پر هنجي زال بيمار آهي ۽ دوا لاءِ
پگهار مان پيسا نٿا بچن، مهانگائي ايتري قدرته وڌي
وئي آهي جو ايمانداريءَ سان هلڻ سان پيٽ نٿو
ڀرجي. پر مان هن کي پسا ڪٿان ڏيان؟ لاچار غصي وچان
هن مونکي لاڪپ ۾ بند ڪيو۽ بدمعاشي ڪرڻ جي ڏوهه هيٺ
مونکي پندرهن ڏينهن جيل جي سزا ملي.
جيل مان واپس موٽيس ته ذي ئي جو ٻيو خط مليو.
تنهنجي پهرئين خط جو ڪوبه جواب ڪونه مليو ڪهڙي
ڳالهه آهي؟ ڪالهه اسان جو قومي ڏڻ هو. سڄي ڳوٺ کي
بتين سان سينگاريو ويو هو. چوطرف ناچن ۽ گانن جي
ڌم لڳي پئي هئي.، اسڪول جي ٻاهران ڳوٺ جي ماڻهن
گڏجي هڪ تمام وڏو جلسو ڪيو. ان موقعي تي مون به هڪ
فانوس ٺاهيو. ڳوٺ وارا منهنجي ڪاريگري ڏسي ڏاڍا
خوش ٿيا ۽ مونکي چانديءَ جو ٻلو انعام ڏنائون.
اسڪول ۾ به منهنجي ڪم کي ڏاڍو پسند ڪيو پيو وڃي.
”تنهنجي ذي ئي“ ان خط جو مون هيءُ جواب ڏنو.
پياري ذي ئي،
خوش هجين، مان تازو پندرهن ڏينهن جيل ڪاٽي آيو
آهيان ۽ توکي خط لکي رهيو آهيان. منهنجو گناهه
اهو هو جو مان بيڪار هئس مون کي منهنجي بيڪاري جي
سزا ملي. حالانڪه سزا ان وزير کي ملڻ گهربي هئي
جنهن جي راڄ ۾ مان بيروزگار آهيان. هتي ڌنڌو ڏاڍو
ماٺو آهي. اڄڪلهه گل نٿا وڪامن. اناج مهانگو ٿي
ويو آهي. ڪپڙو به مهانگو ٿي ويو آهي. هر شيءِ جو
اگهه وڌندو پيو وڃي. سوچيان ٿو ته هتي ائين ڇو ٿي
رهيو آهي. هت اگهه وڌي رهيا آهن ۽ توهان وٽ چين ۾
گهٽجي رهيا آهن. ائين مان تنهنجي محبت وچان نٿو
سوچيان پر آسپاس جي حالتن ڪري ٿو سوچيان ۽ نه به
سوچيان ته ڇا ڪريان؟ اهو پڙهي ڏاڍي خوشي ٿي ته تون
خوش آهين. منهنجي خوشيءَ جي ته ڪابه صورت نظر نٿي
اچي.
”تنهنجو ....“
ان بعد جڏهن ڪوريا جي جنگ شروع ٿي تڏهن هن جو خط
آيو، جنهن ۾ هن لکيو هو: ”هن جنگ منهنجي زندگيءَ
جا سڀ ارادا بدلي ڇڏيا آهن. مان هاڻ اها ڪڏهن به
بڻجي نٿي سگهان جنهن لاءِ سوچيندي هيس. هاڻي مان
ڪوريا جي جنگ ۾ چيني والنٽيئر بڻجي وڃي رهي آهيان.
اتي نرس جو ڪم ڪنديس ۽ اگر زندهه رهيس ته شايد
توسان ملڻ جي ڪا صورت نڪري اچي باقي نه ته
الوداع.“ آخري فقرو هو، ”ٺيڪ ته ائين آهي ته مونکي
ڀلائي ڇڏ، اسان اتي ملياسين جتي حالتون هڪ ٻئي
سان ٽڪر هڻي رهيون هيون. هڪ وهڪ وٽ ڪونه ملياسين
پر مختلف وهڪ ملياسين انڪري هڪ لحظي لاءِ رڪ جي
الڳ ٿي وياسين. هاڻ ته مان گولين، مشين گنن ۽
بارود جي رستي تي وڃي رهي آهيان، پنهنجي راهه تان
هٽائي ڇڏ پيارا- منهنجي وطن جي زندگي، ڪوريا جي
زندگي، سڄي ايشيا جي زندگي خطري ۾ آهي.“
ان بعد هن جو ڪوبه خط ڪونه آيو. ڪوريا جي جنگ
ڪيترائي رخ بدليا پر ذي ئي جي ڪابه خبر ڪونه آئي.
آزاد چين جي پهرين سالگره آئي ۽ هلي وئي. مون هن
جي ڳوٺ جي اسڪول ۾ ڪيترائي خط لکيا پر ڪابه خبر
ڪونه پئي، روز اخبار پڙهڻ لڳس ڇو جو ڪوريا جي جنگ
هاڻ ذي ئي جي ئي جنگ ڪونه هئس اها هاڻ منهنجي به
جنگ هئي.
ڪلهه بلز (blitz)
اخبار ڏسڻ سان ذي ئي جي خبر پئجي وئي. ڪوريا جي
لڙائي متعقل ان ۾ هڪ تصوير ڇپي هئي جنجهن ۾ چند
آمريڪي بهادر سپاهي بيٺا هئا ۽ پنهنجي سامهون هنن
ڪوريائي ۽ چين سپاهين جا ٻارهن سر ڪٽي سرن تي رکيا
هئا. انهن ٻارهن سرن ۾ هڪ سر ذي ئي جو هو. ٻارهن
ڇا اگر هڪ لک سر هجن ها ته به مان پنهنجي ذي ئي
جو سر سڃاڻي وٺان ها. هن جا چپ ڀيڪوڙيل هئا، هن
جون اکيون کليل هيون، هن جا وار ڇڙوڇڙ هئا، ذي ئي
جا ذي ئي وانگر پنهنجي وطن لاءِ شايد ڪيترن وطنن
لاءِ جن سان هن جو دور جو به واسطو ڪونه هو، شهيد
ٿي وئي.
۽ منهنجي سيني ۾ اهائي شام اڀري آئي، جڏهن چئني
طرف برسات وسي رهي هئي ۽ اسان ٻئي هڪٻئي جي ويجهو
بيٺا هئاسين. ذي ئي جا هڪ دائم محبت جي دائم
جوانيءَ لاءِ مري مٽي. اڄ منهنجي هٿ ۾ هن جو ڪٽيل
سر هو. زندگيءَ جي بند ڪليءَ وانگر جنهن ۾ چوطرف
خوشبوءِ ئي خوشبوءِ هئي. مان توکي ڇا چوان؟ منهنجي
محبت جي آخري شام– ڪهڙيءَ ريت تنهنجي وارن کي چمي
چوان – وٺ منهنجي پيار جو آخري سلام ۽ سمهي رهه!
پنهنجون اونهيون نگاهون منهنجي ملڪ جي ڇوڪرن ۽
ڇوڪرين کي بخشي ڇڏ ۽ پوءِ پنهنجون اکيون بند ڪري
سمهي رهه!! سمهي رهه چين ديس جي محبوبا – منهنجا
گلاب، منهنجي ياسمين – منهنجي موتيا جي گلن جي
راڻي – اڄ رات اسان سڀني مٿان ڀاري آهي. اسان لاءِ
انڪري جو اسان توکي موت کان بچائي ڪونه سگهياسين.
هن مٿان ان لاءِ جو هو تنهنجو سر ڪٽي سگهيا پر
تنهنجي دل،تنهنجو عقل، تنهنجو احساس نه ڪٽي سگهيا.
اهڙي ڪاٽ ڪنهن به تلوار ۾ ڪونه آهي جا ايشيا جي
محبت کي ڪاٽي سگهي آمريڪي آدمخور ۽ انهن جا انگريز
، فرانيسي ۽ ترڪي غلام گڏجي نه ايشيا جي محبت کي
ختم نٿا ڪري سگهن .
اڄ مان ان ڳالهه کي سمجهي ويو آهيان ته تون مون وٽ
ايندينءَ جهڙيءَ ريت ٻه هزار سال اڳ مان تو وٽ آيو
هئس بلڪل ئي ساڳي رات اڄ ٻه هزار سال بعد تون مون
وٽ ايندينءَ ۽ پوءِ توکي ۽ مون کي ۽ دنيا جي عوام
کي اسان کان ڪوئي به جدا ڪري ڪونه سگهندو.
ان ڳالهه کي اڄ مان سمجهي ويو آهيان ان لاءِ ذي ئي
اڄ مان تنهنجو انتظار ڪري رهيون آهيان ڇو جو مان
ذي ئي جو انتظار ٿو ڪريان ته مان روشنيءَ جي
فانوسي جو انتظار ٿو ڪريان ته مان بهار جا انتظار
ٿو ڪريان .....!
مون کي روشني گهرجي
چارئي پاسا اوندهه هئي. بندر روڊ کان پري عمارتن ۾
به مڪمل بليڪ آئوٽ هو. ٻه ڏينهن پهريان بليڪ آئوٽ
ايترو سخت نه هو. مگر پوليس سختي ڪري عمل ڪرايو
هو. روڊ، رستا، گهٽيون، شهر ايتري قدر جو رستو به
صاف ڏسڻ ۾ نه پي آيو. سروجني بس ۾ خوف کان پنهنجي
سيٽ تي سوڙهي ٿي ويٺي هئي. هن کي لوڪل گاڏيءَ ۾
جڳهه نه ملي سگهي هئي. ايڏي رش هئي جو ماڻهو
پنهنجي گهرن ڏانهن وڃڻ لالءِ بيتاب هئا. رش ڏسي
سروجني لوڪل گاڏي ڇڏي بس ۾ چڙهڻ ۾ بهتري سمجهي
ٿي. هن گهڙي ڏي ڏٺو ست ٿي چڪا هئا. گهر پهچندي
پهچندي نو ٿي ويندا ۽ هن جا ٻئي ٻار بک تي ويٺا
هوندا. ۽ هن جو مڙس به بستري تي ليٽيو خوفزده نظرن
سان دروازي ڏانهن ڏسي رهيو هوندو، ٻن سالن کان هن
جو مڙس اڌ رنگ جي مرض ۾ مبتلا هو ۽ کٽ تي پيو هو.
هن جي جسم جو ساڄو پاسو مفلوج ٿي چڪو هو، ۽ هاڻ هو
ڪنهن ڪم جي قابل نه رهيو هو. ٻه سال پهريان هن جو
مڙس ٽيڪسي ڊرائيور هو، ۽ هر مهيني چار پنج سو
ڪمائي ايندو هو. انهيءَ ايريا ۾ ان وقت ايترا پئسا
ڪمائڻ واري کي امير گهراڻو تصور ڪيو ويندو هو. پر
هن جي بيماريءَ هن کي ڪٿي جو نه ڇڏيو. ٻه مهينا
ٽيڪسيءَ جي مالڪ هن کي علاج لاءِ پئسا ڏنا، اهو
شريف ماڻهو هو. پر هن دنيا ۾ هر انسان وٽ هر جذبي
جو هڪ خاص ماپ تور ٿيل مقدار هوندو آهي.
يعني ايتري محبت، ايتري نفرت، ايترو حسد، ايترو
ساڙ، ايتري شرافت ۽ جڏهن شرافت ۽ جيٽڪر ۾ اچي وڃن
ته هميشه فتح کيسي جي ٿيندي آهي. ٻه ٽي مهينا
ٽيڪسي مالڪ سروجنيءَ جي مڙس جي مدد ڪئي، آخر هن به
هٿ ڪڍي ورتو. هن جي شرافت جي ڪوٽا به ختم ٿي چڪي
هئي.
اها ته هن گهر جي خوش قسمتي هئي جو سروجنيءَ کي هڪ
سيٺ جي دوڪان تي سيلز گرل جي نوڪري ملي وئي.
سروجني مڊل پاس هئي ۽ ٻه ٻار ٿي وڃڻ جي باوجود
نهايت خوبصورت هئي. سيٺ هڪ نظر ڏسندي ئي هن کي
وڪري تي رکي ڇڏيو هو. پر پگهار صرف اڍائي سو مقرر
ڪيائين. ڪٿي پنج سو ڪٿي اڍائي سو پر پوءِ به هن
خرچ اڌ ڪري ڇڏيو هو، ۽ ڪرائي جي هڪ تنگ جاءِ ۾
زندگي گذاري رهي هئي. دونهون ڪري مڇر ڊوڙايا ويندا
هئا. پر بليڪ آئوٽ جي تاريخ ۾ اهو به مشڪل هو.
باهه ٻارڻ سان روشني ديوارن کان ٻاهر ٿي ويئي.
هوءَ بليڪ آئوٽ ۾ ڪيئن ماني پچائيندي؟ هوءَ ڪنڌ
جهڪائي سوچيندي رهي.
رستي ۾ ماڻهو لهندا ويا. آخر هڪ هوءَ ۽ ٽي مرد وڃي
بچيا هئا. پنهنجي پنهنجي سوچن ۾ گم اڳئين اسٽاپ تي
اهي به لهي ويا، هاڻ هوءَ اڪيلي خوفزده ڊنل ڊنل
ويٺي هئي. چارئي پاسا خاموشي هئي. هن کي ايئن
محسوس ٿيو ڄڻ هوءَ اڪيلي ڪنهن ٻي منزل ڏانهن سفر
ڪري رهي آهي.
هڪ جهٽڪي سان بس بيهي رهي. سانتا ڪروز جو اسٽاپ
اچي ويو هو. هوءَ لهي پئي، اهو سوچيندي تيز تيز
وکون کڻڻ لڳي ته ڪنهن طرح هوءَ سب وي تائين پهچي
وڃي پوءِ ته هوءَ آسانيءَ سان گهر پهچي ويندي ۽ سک
جو ساهه کڻي سگهي ٿي. پر اهو اڃا گهڻو پري هو - ۽
اوچتو خطري جو سائرن وڄڻ لڳو.
هوءَ گنجان علائقي ۾ اڃا اڌ رستي ۾ ئي هئي ته توپن
جي ڇٽڻ ۽ جيٽ جهازن جو آواز اچڻ لڳو. ڇا جهاز شهر
تائين پهچي ويا؟ ضرور ڪو خطرو آهي هاڻي هوءَ ايترو
ته ڄاڻي چڪي هئي ته جنهن مهل به خطرو هوندو آهي
ريڊيو يڪدم بند ٿي ويندو آهي، ۽ ان وقت آس پاس مان
ايندڙ ريڊيو جو آواز بند ٿي چڪو هو. هن اخبار ۾ به
پڙهيو هو ۽ تصوير ڇپيل به ڏٺي هئي ته خطري جي وقت
ڪنهن خندق ۾ پناهه وٺڻ گهرجي يا ڪنهن ڪمري ۾ ڪيئن
ليٽڻ گهرجي. پر ان وقت نه ڪا خندق موجود هئي، ۽ نه
وري پنهنجو گهر – اهو به اڃا تمام پري هو. ها گهڻو
پري....
سائرن جو آواز وڌندو ٿي ويو. گڏوگڏاينٽي ايئر
ڪرافٽ توپن جو آواز به ٻڌندو پي ويو. هن جي دل تيز
ڌڙڪڻ لڳي، ۽ ڄنگهون ڪنبڻ لڳس. هن کي لڳو ڄٺڻ هوءَ
اتي ڪٿي ڪري پوندي. اوچتو هن پنهنجي ويجهو هڪ
بنگلي جو گيٽ ٿورو کليل ڏٺو. غير شعوري طور بغير
سوچي سمجهي هوءَ گيٽ اندر هلي وئي. چند ڏاڪڻيون
چڙهڻ کان پوءِ هوءَ اڌ کليل دروازي تي پهچي وئي
دروازي کان اندر بلڪل اوندهه هئي.
چند منٽ هوءَ چپ چاپ سهڪندي رهي. جڏهن هن جون
اکيون اوندهه ۾ ڪجهه ڏسڻ لڳيون. تڏهن هن ڏٺو ته اڌ
کليل دريءَ وٽ ڪو شخص ٻاهر ڏسي رهيو هو. هن جي دل
۾ آيو ته فورن ڀڄي وڃي پر هاڻ هن جي ٽنگن ۾ ست نه
هو، هوءَ جتي بيٺي هئي اتي بيٺي رهي. اهو ماڻهو
دريءَ کان هڪ پاسي هٽي ڪري سگريٽ کي سوٽو هڻي، وري
دريءَ تي اچي ٿي بيٺو.
اوندهه هئڻ ڪري هوءَ هن کي چڱي طرح ڏسي نه پي
سگهي. پوءِ هو بيٺي بيٺي دروازي ڏانهن وڌڻ لڳو، ۽
سروجني جي وار وار مان خطري جون گهنٽيون وڄڻ
لڳيون. هن ڪيڏي نه غلطي ڪئي، هن واپس ورڻ پي چاهيو
پر هن شخص جون ٻانهون هن جي چيلهه کي وڪوڙي چڪيون
هيون. سروجني ڇڏائڻ چاهيو ۽ رڙيون ڪرڻ چاهيون پر
بليڪ آئوٽ ۾ ڪير هو هن جي مدد ڪرڻ وارو! ان شخص
سروجني جي وات تي هٿ ڏنو ۽ اندر کڻي وي. اندر ٻئي
ڪمري ۾ بلڪل اوندهه هئي ۽ اها اوندهه زور زور سان
ساهه کڻي رهي هئي، ۽ هوءَ انهي وحشيءَ کان ڇڏائي
ڀڄڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي. پر هن جي ڪوشش بيڪار
هئي، آهستي آهستي هن جي قوت ختم ٿيندي وئي، ۽
اوندهه هڪ خطرناڪ جانور جيان کيس چئني پاسن کان
گهيري چڪي هئي. |