موهنيءَ ڏاڍي ڏکيائيءَ سان پنهنجو هٿ ٽپائيءَ
ڏانهن وڌايو، جتي سندس پورس رکيو هو. پرس کولي هن
ان مان اسٽوني هارٽ جي شيشي ڪڍي. موهنيءَ ان کي
هنڌ تي ڇنڊڻ چاهيو ٿي، پر سندس هٿن ۾ ايتري طاقت
نه رهي هئي، جو هوءَ شيشي کولي سگهي. سندس اکيون
ٻوٽجي ويون، ۽ سندس هٿن مان شيشي ڇڏائجي فرش تي
وڃي ڪري ۽ ٽٽي پئي. آهستي آهستي عطر وهي اڏڻ
لڳو....
گاڏي وڃڻ ۾ اڃا اڌ ڪلاڪ کن هو. مس ڊي سوزا پنهنجا
لڙڪ اگهندي درشن کي چئي رهي هئي، ”بيوقوف تون ساڻس
پنهنجي محبت جو اظهار ته ڪرين ها....“
”انهيءَ جي ضرورت نه هئي.“ درشن اداسيءَ منجهان
چيو. ”هن سڀ ڪجهه ڄاڻندي مون کي ڌڪاري ڇڏيو.“۾
”تون اهو ڪيئن ٿو چئي سگهين؟“ مس ڊي سوزا ٿوري
ڪاوڙ مان چيو، ”ڇا تو هن کي شادي لاءِ چيو هو؟“
”نه- پر ڇا هوءَ ايترو به سمجهي نٿي سگهي!؟“ درشن
چڙي ويو.
”ڀوڪ!“ ڊي سوزا انتهائي ڪاوڙ منجهان چيو، “”تون
هن کان پڇين ته ها... سندس انڪار ته ٻڌين ها...
ماڻهو پنجن پنجن سالن تائين عورت جو انڪار ٻڌي به
اقرار ڪرائي وٺندا آهن - ۽ تون آهين جو موهنيءَ
سان محبت جو اظهار ڪرڻ بنا ئي ايڏو جلدي نراس ٿي
وئين!“
”ڪو فائدو نه ٿئي ها فلاري.“ درشن ڪنڌ لوڏي چيو،
”هوءَ امير هئي، مان غريب هوس- هوءَ وارڊن روڊ تي
رهندي هئي، پنهنجي گاڏيءَ ۾ چڙهي دڪان تي ايندي
هئي، هزارين روپين جو گون پهريندي هئي.“
”اڙي ڄٽ! ڄٽ!!“ ڊي سوزا رڙ ڪئي، ”تو ته سڀ ڪجههه
ناس ڪري وڌو، اڙي بيوقوف! هوءَ ته مون جيان غريب
ڇوڪري آهي، ميڊم جي گاڏيءَ ۾ ايندي آهي ۽ سندس ئي
گاڏيءَ ۾ ويندي آهي. گون هن جا پنهنجا ناهن، دڪان
جا اهن، هوءَ وارڊن روڊ تي ناگ پاڙي ۾ رهندي آهي،
هڪ معمولي کوليءَ ۾. سندس ايڊريس جي مون کي ڄاڻ
آهي.“
”توکي ڪهڙي خبر؟“
ڊي سوزا پنهنجا ڳوڙها اگهندي چيو، ”جنهن ڏهاڙي کان
تو مون کي سئنيما ڏيکارڻ بند ڪيو، مون ڏانهن پيار
منجهان نهارڻ ڇڏي ڏنو.. ڇا مون ايترو به معلوم نه
ڪيو ها؟ گڏهه! گڏهه!! هن پنهنجو پرس کوليو، ۽ ان
مان ڪاغذ جو هڪ ٽڪرو ڪڍي درشن کي ڏيندي ڏيو، ”هي
سندس پتو آهي، هڪدم وڃي ساڻس مل.“ ان کان پوءِ ڊي
سوزا روئندي اتان هلي وئي.
درشن ٿوريءَ دير تائين منجهيل منجهيل هن ڏانهن
ڏسندو رهيو، ۽ پوءِ اوچتو کيس ڪجهه ياد اچي ويو.
هن ڪاڳر جي ٽڪري کي ڌيان سان ڏٺو، پنهنجي بيگ کنئي
۽ اسٽيشن کان ٻاهر اچي ٽيڪسي ڳولڻ لڳو.
موهنيءَ جو در کڙڪيو.
”موهني! موهني!! پر دروازو نه کليو.
”موهني مان آهيان،د رشن! در کول... تو ۾ ضروري ڪم
اٿم....
درشن ٿورو زور ڏنو، در پنهنجو پاڻ کلي ويو. درشن
اندر ڌوڪي آيو، ۽ اندر ايندي پئي پنڊ پهڻ ٿي ويو.
سامهون هنڌ تي موهني وهاڻن جي وچ ۾ مئي پئي هئي،
ٽپائيءَ تي هڪ خط درشن جي نالي رکيو هو. هڪ سوکڙي
سندس ڪنوار لاءِ رکي هئي. عطرج ي هڪ شيشي فرش تي
ٽٽي پئي هئي، ۽ اداس اداس خوشبوءِ سڄي ڪمري ۾
ڦهليل هئي.
”موهني!“ درشن ڀريل دل سان ايترو ئي چئي سگهيو. ڪي
گهڙيون ته چپ هو موهنيءَ کي ائين ڏسندو رهيو، ۽
پوءِ ٿيڙ کائي موهنيءَ جي هنڌ تي ڪري پيو. هن
موهنيءَ جا ٻئي پير پنهنجي نرڙ تي کڻي رکيا، ۽
ٻارن جيان هڏڪيون ڏئي روئي پيو. اسٽوني هارٽ!
(سنڌيڪار: زيب سنڌي)
آخري بس
”آخري بس درسوا لاءِ تيار هئي. يارهن ٿيا هئا ان
کان پوءِ ٻي ڪا بس نه ويندي. يارهين وڳي کان پوءِ
جنهن کي به درسوا وڃڻو هجي، اهو پنڌ وڃي، ٻه روپيا
ڀري ٽانگي ۾ وڃي، يا ٽي روپيا خرچ ڪري ٽيڪسي ۾.
درسوا بس اسٽينڊ کان ٽي ميل پري آهي. رستو ويران ۽
سنسان هيٺاهين کان لنگهي ٿو. روڊ کان پريان ديا
ڪٽاڙي جا ڀوائتا ٻوڙا آهن، جيڪي چوري چڪاريءَ ۽
خون لاءِ سٺو ڪم ڏيندا آهن. تنهن ڪري ايڪڙ ٻيڪڙ
مسافر گهڻو ڪري ڦريا وڃن ٿا، ۽ آپگهات ۽ خون لاءِ
بمبئيءَ کان ماڻهو هتي ڪهي ايندا آهن، جن جو ذڪر
اڪثر اخبارن ۾ ايندو آهي. ان ڪري ئي بس اسٽينڊ تي
ٽِڪسي ڊرائيور يا ٽانگي وارا، جيڪي گهڻو تڻو سنڌ
جا مڪراني ۽ سرحد جا پٺاڻ آهن، پاڻ سان گڏ ڇرو
ضرور رکن. رات جو نشي ۾ الوٽ لڳا وتندا. ان لاءِ
اڪثر ماڻهو اڪيلا يا ٻيلهه سفر نه ڪن، بدمعاشن ۽
موالين تي ڪهڙو اعتبار! تنهن ڪري مان گاڏيءَ جي
اسٽيشن تي بيهڻ شرط ڊوڙندو اچي بس ۾ ويٺس.
بس ڏاڍي ڀريل هئي. هيءَ بس سواريءَ لاءِ نه، سامان
لاءِ هئي. ٻين بسن ۾ مسافر سامان کڻي نٿا وڃي
سگهن، پر سامان واري بس ۾ سامان رکڻ جي موڪل آهي.
ٻين بسن ۾ پنجٽيهه ماڻهو ويهارين، پر هن ۾ فقط
اٺاويهه، پر وري به هن ۾ اٺاويهن کان وڌيڪ ماڻهو
هوندا، مون دل ئي دل ۾ ماڻهو ڳڻڻ شروع ڪيا، ٻٽيهه
امڻهو هئا. ڇا ڪنڊيڪٽر ٻٽيهه ماڻهو کڻي هلندو؟
آخري بس آهي: اڪثر ڪنڊيدڪٽر رحمدل هوندا آهن. گهڻو
ڪري آخري بس تي پاڻ کي قانون جو ڄاڻو ظاهر نه ڪن
۽ چار پنج ماڻهو جي وڌي به وڃڻ ته انهن کي کنيو
وڃن. وري به متان جهيڙو ٿي پوي، تنهن ڪري چڱي
نموني ٺهي ٺڪي سيٽ تي ويهي رهيس، ۽ دريءَ کان ٻاهر
ڏسندي آرام سان سيٽي وڄائڻ لڳس، ڄڻ بس ۾ سڀ کان اڳ
مان سوار ٿيو هوس. ڪنڊيڪٽر اندر اچي مسافر ڳڻيا، ۽
چيائين ”چار ماڻهو وڌيڪ آهن، سي لهي وڃن.“
گهڻن ماڻهن هڪ ئي وقت ڳالهايو، ”ڇڏ يار! آخري بس
آهي، ڪيئن ويندا ويچارا!“
ڪنڊيڪٽر مرڪي گهنٽي وڄائي. ڊرائيور سيٽ تي ويهي،
اندريون بتيون، وسايون، ۽ پوءِ انجڻ اسٽارٽ ڪرڻ
لڳو. ٿوريءَ دير تائين انجڻ جي کنگهڻ جو آواز
ايندو رهيو، ۽ پوءِ انجڻ بند ٿي وئي. ڊرائيور بٽڻ
دٻائي وري اندريون بتيون ٻاريون، ۽ پنهنجي سيٽ تان
اٿي انجڻ ڏسڻ لڳو. مسافرن جي چهرن تي نااميديءَ جا
پاڇا ظاهر ٿيڻ لڳا، بس ڪنڊيڪٽر دلاسو ڏيندي چيو،
”رڳو پنجن منٽن ۾ سڀ ٺيڪ ٿي ويندو.“ ۽ هو به بس
مان لهي ڊرائيور ڏانهن هليو ويو.
مون هيڏي هوڏي ڏٺو. مون جيان ٻيا به گهڻا مسافر
آخري بس تي پهچندا آهن – تنهن ڪري گهڻا ڄاتل سڃاتل
چهرا نظر اچڻ لڳا، انهن ۾ ڊاڪٽر ڪامتا پرشاد جو
چهرو هو- گول مٽول چهري تي سوئچ وانگر لڙڪيل ڪمزور
کاڏي – سوچيم، ڇا سوئچ کي هيٺ مٿي ڪرڻ سان هن جي
چهري تي روشنيءَ جي لهر ڊوڙي نه ٿي سگهي. سوچيم ته
اهوئي، پر کيس چيم اهو ته، ”ڊاڪٽر صاحب گهڻي دير
ڪري ٿا اچو.“
ڪامتا پرشاد مون ڏي ڏسي مرڪيو، ”ڇا ڪيون! اڄڪلهه
ڪامپيٽيشن گهڻي آهي، ڌنڌو گهٽ آهي، دڪان تي دير
تائين ويهڻو ٿو پوي.“ ڪامتا پرشاد جو ڏندن ٺاهڻ جو
دڪان فرانس روڊ ۽ چيني گل جي ڪنڊ تي آهي. پوڙهو
چيني اتي ٽيهن سالن کان ويٺل آهي، سندس ٻه ڌيئر
فرانس روڊ تي جسم جو ڌنڌو ڪنديون آهن، ۽ پاڻ ڏندن
ٺاهڻ جو ڌنڌو ڪندو آهي – تنهن ڪري گهٽ پئسا وٺڻ جي
باوجود ڪامتا پرشاد سندس مقابلو نٿو ڪري سگهي.
”آءٌ پنهنجي ڌيءَ جي ڪمائي کائي نه سگهان!“ ڪامتا
پرشاد شڪايتن مون کي چيو، ان ڪري مون کي دير
تائين ويهڻو ٿو پوي – پر ان سلسلي ۾ وري به چائوين
جو مقبالو ڪري نٿو سگهان، هو ته سمهي به پنهنجي
دڪان ۾ ٿو، پر مان سڄي رات دڪان ڪيئن ٿو کولي
سگهان؟ يارهين وڳي ائين دڪان کليل رکڻ جي اجازت
آهي، تنهن کان پوءِ هن بس تي پهچڻو هوندو اٿم.“
مان چپ رهيس.
ڊاڪٽر چيو، ”هي دنيا کي ڇا ٿي رهيو آ!“
ڪامتا پرشاد جي کاڏيءَ جو سئچ وڌيڪ هيٺ لڙڪي پيو،
منهنجيءَ دل ڏاڍو گهريو ته سئچ کي هيٺ مٿي ڪري
ڏسان ته زندگيءَ جو ڪنيڪشن به ٿيندو آهي يا نه- پر
اهو سوچي ڇپ ٿي ويس ته آخري بس آهي، پرتي وڃڻو آهي
- ۽ مان وري ڪو اليڪٽرڪ ڪمپنيءَ جو ميڪنڪ ته
ناهيان، جو لڙڪيل سئچ کي ٺيڪ ڪندو وتان، جهنم ۾
پوي ڊاڪٽر.
ڊاڪٽر مون ڏي ڏسندي مايوس لهجي ۾ چيو، ”هاڻي ته
سڄو ڏينهن ويهڻ سان به گراهڪ نٿو اچي، ها جڏهن رات
جو فرانس روڊ جي گهٽين ۾ بحري ملاحن جا ٽولا اچن
ته ڊاڪٽر جهيڙو جهٽو ٿئي، ان ۾ ڪنهن جا ڏند به ڀڄي
پون، پوءِ عين موقعي تي ماڻهو ڏند ٺهرائڻ لاءِ
ايندا، دڪان بس فرسٽ ايڊ جو اڏو آهي. پر هاڻي مون
فرانس روڊ جي هڪ مواليءَ کي ڪميشن تي راضي ڪيو آهي
ته هو ڀڳل ڏندن جا سمورا ڪيس مون وٽ آڻي – پر ان
مان به گذارو نه ٿو ٿئي.“
ڪامتا پرشاد جي ڳالهه ٽن دڪاندارن به ٻڌي، جيڪي
سندس ڀرسان ويٺا هئا. انهن ۾ ٻه سنڌي ۽ هڪ پنجابي
هو. ڳالهائڻ ٻولهائڻ مان لڳي رهيو هو ته ٽنهي جا
دڪان ڀرسان هئا، ٽنهي کي اها ڳڻتي هئي ته ڌنڌي کي
ڇا ٿي ويو آهي، صبح کان ٻهڻي نه ٿي آهي. ٽيئي مگن
لال مٺائيءَ واري تي توائي هئا، ته گراهڪن کي
هيڏانهن اچڻ ئي نه ٿو ڏئي بدبخت! اتي مور تي ئي
کڻي ٿو سوگهو ڪرين. جڏهن هن جي سموري سٺي مٺائي
ختم ٿي ويندي، تڏهن، ڪو اسان ڏانهن لڙندو. دل
گهرندي آهي ته حراميءَ جي دڪان کي باهه ڏئي ڇڏجي.
اڄ صبح کان ڪل ٻارنهن آنا ڪمايا آهن، آخر گهر جو
خرچ ڪيئن هلندو؟
ان کان پوءِ هو ورهاڱي جون ڳالهيون ڪرڻ لڳا. اهو
گهر، جيڪو ڪراچيءَ ۾ ڇڏي آيا هئا، اهو گهر، جيڪو
لاهور ۾ هو. اسان جي حڪومت پناهگيرن لاءِ ڪجهه به
نه ٿي ڪري.
مون ٻئي پاسي ڏٺو. هڪ دريءَ سان بيڪل ايم – اي
ايڊيٽر ”فلم روز“ ويٺل هو، سندس سڪل چهرو ڀنگ جي
نشي ۾ سڀني کي گهوري رهيو هو. هن ”فلم روز“ جي
فائيل تي ڌڪ هڻندي چيو، ”روز دير ٿي ويندي آهي، اٺ
ڏهه ڪلاڪ ”فلم روز“ جي آفيس ۾ ڪم ڪيون، چيني صاحب
جون ڇڙٻيون ٻڌون، ۽ پوءِ وري ڏيڍ ڪلاڪ بوري بندر ۾
بس جو انتظار، وري هت پهچو ته بس خراب! هي ڪهڙو
انتظام آهي، بيسٽ ڪمپنيءَ کي تالو هڻي ڇڏڻ گهرجي.“
”ڇو تالو هڻون!“ ورڪر چيو، ”انڪري ته ڪڏهن ڪڏهن
انجڻ خراب ٿي پوي ٿي؟ انهيءَ ۾ ڪمپنيءَ جو ڪهڙو
ڏوهه آهي؟“
”ڪمپنيءَ جو قصور ناهي ته پوءِ توهان جو آهي. جڏهن
کان توهان ورڪر يونين ٺاهي آهي. توهان جو دماغ
خراب ٿي ويو آهي، مان سڀ سمجهان ٿو!“
”ڇا ٿو سمجهين؟ورڪر ڪاوڙ مان چيو.
”اوهان هڙتالون ٿا ڪريو، ٻيڻو ڀتو ٿا گهرو،
مهانگائي الائونس ٿا وٺو، اهو پئسو ڪٿان ٿو اچي؟
اسان جي کيسن مان ٿو اچي، غريب عوام جي کيسن مان
– توهان مزور مزي ۾ آهيو، مڊل ڪلاس بک ٿو مري.“
گهڻن سفيد پوشن ها ۾ ها ملائي. انهن مان گهڻن
چهرن کي مان سڃاڻان، سيٺ حاجي دائود ٺيڪيدار، جنهن
کي جوهو تي پندرهن ماڙ بلڊنگ ٺاهڻ جو ٺيڪو هو.
”نوڀارت“ جو اسسٽنٽ ايڊيٽر جي – جي شاهه، جيڪو
پنهنجيءَ زال سان فلم ڏسڻ کان پوءِ واپس اچي رهيو
هو. هڪ مليالي ڪرسچن نوجوان، جيڪو بي – اي پاس ڪرڻ
کان پوءِ بيڪار ويٺو هو، ۽ نوڪريءَ جي ڳولا ۾ ساڻو
ٿي پيو هو. سندس مڇن هيٺان ٻه اڇا ڏند هر وقت
چمڪندي نظر ايندا هئا، تنهن ڪري خبر نه پوندي آهي
ته هو ڪاوڙ ۾ آهي يا مرڪي پيو. ”ڏسو! بي-اي پاس
ڪرڻ کان پوءِ به نوڪري نٿي ملي، ٻه سال ٿي ويا آهن
- ۽ هي چار درجا پڙهي لهءِ ڪري ويا آهن،.“
بيسٽ ڪمپنيءَ جي ورڪر ٻانهون کنجي ڇڏيون. سندس
ڀرسان ريلوي ڪمپنيءَ جو هڪ مزور ويٺو هو. جنهن جي
نيري پر ميري ڊريس ڪوئلي جي ڪاراڻ ۾ لٽيل هئي،
سندس منهن تي به ڪوئلي جي ڪارنهن هئي، جنهن جي
اندران سندس گهرين اکين جي روشني خوفناڪ ڳاڙهاڻ
جيان چمڪي رهي هئي. ماڻهو سندس ڪارنهن سان ٿڦيل
ڪپڙن کي ڏسي، کائنس ٿورو پرڀرو ويهڻ جي ڪوشش ڪري
رهيا هئا. ريلوي ڪمپنيءَ جي مزور بس ڪمپنيءَ جي
مزور کي ٻانهن کان جهلي چيو ”ڇو ٿو اجايو وڙهين –
انهن ماڻهن کي ڪهڙي خبر اسان جي حالتن جي، ڇڏي
ڏينس، جهٽ کن ۾ بس هلندي ته انهن صاحبن جو دماغ
هوا لڳڻ سان پاڻيهي ٺيڪ ٿي ويندو.“
”تون ڇا ٿو سمجهين! ته منهنجو دماغ خراب آهي؟“
مليالي نوجوان ڪاوڙ ۾ چيو، هن جا ڏند چپن مان ٻاهر
نڪري آيا هئا، ائين لڳي رهيو هو، ڄڻ ٽهڪ ڏيئي کلڻ
وارو هجي. ريلوي مزور کي کل پئي آئي، تنهن ڪري هن
منهن کڻي ٻئي پاسي ڪيو.
جي- جي شاهه پنهنجي زال کان پڇيو، ”بيٽي ڊيوس جي
اداڪاري توکي پسند آئي؟“
زالهنس سندس اکين ۾ اکيون وجهي مرڪي ڏنو. ڄڻ بيٽي
ڊيوس جي اداڪاريءَ کي شراب جي ڍڪ جيان پي رهي هئي.
جي – جي شاهه پنهنجي زال کي ٻانهن ۾ چهنڊڙي هڻندي
گجراتيءَ ۾ چيو، ”تنهنجون اکيون به ته بيٽي ڊيوس
جهڙيون آهن“
زالهنس اکيون ڇنڀيندي گجراتيءَ ۾ چيو، ”ڇڏ چريا!“
ان کان پوءِ گهڻا مسافر هڪ ئي وقت ڪمپنيءَ جي
شڪايت ڪرڻ لڳا، ”هي ڪهڙو انصاف آهي جو اسان ٻارهين
وڳي وڃي گهر پهچون! ڪمپنيءَ کي ٻيِءَ بس جو انتظام
ڪرڻ گهرجي، پر هئڻ ته ائين گهرجي ته هڪ فالتو بس
هر وقت اڏي تي موجود هئڻ گهرجي.“
هڪ مارواڙي سوئزرلينڊ جي بسن کي ياد ڪرڻ لڳو،
”جڏهن مان سوئزرلينڊ ۾ هوس.....“ پر سندس آواز
ماڻهن جي گوڙ ۾ گم ٿي ويو. بس ڪنڊيڪٽر جڏهن گوڙ
ٻڌي اندر
يو ته سڀني آوازن بکايل ڪتن جيان مٿس حملو ڪيو.
هر ڪو چهرو وحشي نظر اچي رهيو هو. هر ڪو پنهنجي
ناڪامين جي بخار ۾ ٻريو ويٺو هو، پنهنجي ڪاوڙ بس
ڪنڊيڪٽر جي مٿان لاهي رهيو هو. ڪنڊيڪٽر به پنهنجي
اٺن ڪلاڪن جي ڊيوٽي ڏيڻ کان پوءِ تنگ ٿي پيو هو.
ڪاوڙ مان چيائين، ”مون ڄاڻي واڻس بس روڪي آهي- ڇا؟
مون کي ٻار ٻچا ناهن ڇا؟ مون کي بک نه لڳي آهي ڇا؟
توهان سڀ پنهنجي گهر پهچي ويندوءُ، مون کي ته
درسوا کان واپس ڪولابا وڃڻو آهي، جيڪو هتان کان
ويهه ميل پري آهي! اهو به توهان سوچيو ٿا، رڳو
”پنهنجي لايو ويٺا آهيو.“
جي- جي شاهه کي ٽڪي جي بس ڪنڊيڪٽر تي ڪاوڙ اچي
وئي. هو بس ۾ بيهي چوڻ لڳو، ”پنهنجي لايون ويٺا
آهيون! پنهنجا لفظ واپس وٺ، نه ته اخبار ۾ ٿو
لکانءِ، مون کي نه ٿو سڃاڻين ته مان ڪير آهيان،
مان جي – جي شاهه ”نوڀارت اخبار“ جو ايڊيٽر، پبلڪ
جو نمائندو آهيان. تو اسان جي بي عزتي ڪئي آهي. تو
اسان کي گڏهه سمجهيو آهي ڇا چٻرا!؟“
”شٽ اپ!“ ڪنڊيڪٽر اڳتي وڌيو.
”يو شٽ اپ!“ جي – جي شاه ڪاوڙ ۾ ڏڪندي چيو.
ريلوي مزور ٻنهي جي وچ ۾ اچي ويو. ايتري ۾ يارهن
ڏهن واري گاڏي اچي وئي - ۽ جڏهن ماڻهن ڏٺو ته آخري
بس اڃا به اڏي تي بيٺي آهي ته سڀ ماڻهو بس ڏانهن
ڊوڙيا.
”اچو اچو.“ جنارڪي انبن واري پنهنجو ٽوڪرو سيٽ
هيٺا ڪندي چيو.
بس ڪنڊيڪٽر ماڻهن کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ماڻهو
اندر ڌوڪي آيا، جيئن ته ماڻهو ڪنڊيڪٽر سان ڪاوڙيل
هئا، تنههن ڪري سوڙها بيهندا ويا ۽ ٻين کي جڳهه
ڏيڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳا. ٿوري دير اڳ جتي ٻٽيهه ماڻهو
ويٺل هئا. هاڻي اتي ٻائيتاليهه ماڻهو ويٺا هئا.
ڪنڊيڪٽر گاڏيءَ مان هيٺ لهي چيو ”اٺاويهن کان هڪ
ماڻهو به مٿي نه کڻندس.“
”توکي سڀ ماڻهو کڻڻا پوندا.“ شاهه رڙ ڪري چيو.
”ٺيڪ آ ٺيڪ آ“ جنارڪي انبن واري ۽ بيڪل ايم – اي
ها ۾ ها ملائي. ريلوي مزور جنارڪي کي چيو،
”اٺاويهن جي جاءِ تي ٻائيتاليهه ماڻهو ٿا کڻڻ
چاهيو، ۽ اڃا ٻين ماڻهن کي اندر اچڻ لاءِ ٿا چئو!
بس ايترو وزن ڪيئن کڻي سگهندي. ڪجهه عقل کان ڪم
وٺو.“
”عقل ته تو وٽ اچي دنگ ڪيو آهي!“ جنارڪي انبن
واري، نفرت سان مزور جي ميرن ڪپڙن کي ڏسندي چيو -
۽ پوءِ گاڏيءَ کان ٻاهر بيٺل ڀوري رنگ جي سنڌي
عورت کي چوڻ لڳو، ”امان اندر اچ، هلي آ، هيءَ بس
سڀني کي کڻي هلندي.“
سڀ ماڻهو کلڻ لڳا. ڪنڊيڪٽر ڏند ڪرٽيندي چيو، ”مان
هاڻي ٿو پوليس کي سڏيان –“ ۽ هو ڀرسان واري ايراني
هوٽل ۾ پوليس کي فون ڪرڻ هليو ويو.
”وٺي آوٺي آ پوليس کي.“ درٻار سنگهه فلوٽيا چيو،
جيڪو شراب جي نشي ۾ ٻڏو ويٺو هو، ”اسان سڀني کان
ڊڄون ٿا؟ بس وارن کان به ڊڄون ٿا؟ پڇي ڏسو سڀني
کان درٻار سنگهه ڪنهن کان نه ڊڄندو آ- هوليءَ واري
ڏينهن مون هڪ مدراسيءَ جي منهن ۾ رنگ هنيو، هو چوڻ
لڳو مان توکي ماريندس. مان لٺ هڻي سندس مٿو ڦاڙي
وڌو، پر حرامي ڀڄي ويو. مان درٻار سنگهه آهيان!“
درٻار سنگهه جي پڳڙي لٿل هئي، سندس منهن ڳاڙهو
ٿي ويو هو، ۽ گوڏن تي فلوٽ هڪ پيتيءَ ۾ بند ٿيو
پيو هوس. هن رڙ ڪري ڪاوڙ مان چيو، ”هي حرامي بس ڇو
نه ٿا هلائين؟“
هڪ ماڻهوءَ کيس ٻڌايو،“ ڪنڊيڪٽر پوليس کي وٺڻ ويو
آهي.
”وٺي اچي پنهنجي پيءُ کي، درٻار سنگهه سڀني جو مٿو
ڦاڙي وجهندو.“
گهڻا ماڻهو درٻار سنگهه جي تعريف ڪرڻ لڳا؛ ”ڏاڍو
دلير آهي، بي ڊپو. اڪيلي سر ڏهن ماڻهن سان منهن
ڏيڻ وارو!“
درٻار سنگهه خوش ٿيندي چيو، ”منهنجو نالو درٻار
سنگهه فلوٽيا آهي، سڄي بمبئي مون کان ڊڄندي آهي.“
ٿوريءَ دير ۾ بس جا سڀ ماڻهو هڪ وقت ڳالهائڻ لڳا،
هر ڪو پنهنجي بهادريءَ جون هٿرادو ڳالهيون ڪرڻ
لڳو. فقط ريلوي وارو مزور چپ هو، ماڻهن هن ڏانهن
ڪو ڌيان نه ڏنو. مون به ڏانهنس ڪو ڌيان نه ڏنو.
منهنجون نظرون ڀوري رنگ واريءَ پوڙهيءَ عورت ۾ کتل
هيون، جيڪا ڪنهن وقت واقعي ڏاڍي سهڻي هوندي. سندس
ڀرسان هڪ نئون پرڻيل جوڙو ويٺو هو. اهو جوڙو ٻي
گاڏيءَ مان آيو هو، ۽ هاڻ جڳ جهان کان بي خبر
هڪٻئي کي ڏسڻ ۾ مصروف هو. مان جلد ئي بس وساري
ويٺس، ڪنوار ڏاڍي سهڻي هئي. ڏهن سالن کان پوءِ
بمبئيءَ ۾ ڪا اهڙي خوبصورت شيءِ ڏسڻ ۾ آئي هئي.
کيس ڏسي مان ڏاڍوڳ پري هليو ويس.....
منهنجي ذهن ۾ گلاب کڙڻ لڳا. گلاب جيڪي تنهنجا چپ
هئا. اهي رس ڀريل مکڙيون،جيڪي تنهنجون ڳالهيون
هيون. اهي مٺيون، جيڪي ڪڏهن منهنجون هيون. ڇا اڃا
تائين تنهنجيءَ دل ۾ منهنجي پيار جا گل مهڪن ٿا؟
ڇا تنهنجي اکين جي نيري آسمان تي اڃا به منهنجيءَ
دل جو حيران حيران ستارو ٽمڪي پيو؟ ڪٿي آهين تون؟
او منهنجي پيار جي پنجويهه سال پراڻي ياد! تو ڇو
رات جي وقت پرتي ويندڙ گاڏيءَ جيان مون کي ڇرڪائڻ
آئي آهين! هاڻي پنهنجي ياد واپس وٺي وڃ، ڇو ته هاڻ
مون لاءِ ڪجهه به نه آهي. مان آهيان، زندگيءَ جو
بس اسٽينڊ آهي، ۽ آخري بس جو انتظار آهي.
مون ڇوڪري ڇوڪريءَ کي جهڪي هڪٻئي سان ڪن ۾ ڳالهيون
ڪندي ڏٺو، نه نه... هي اهي نه آهن.... مون هڪدم
کڻي نظرون دريءَ کان ٻاهر ڪيون، ڪنڊيڪٽر هڪ پوليس
انسپيڪٽر ۽ ٽن سپاهين کي وٺي اچي رهيو هو. هڪدم
گوڙ ختم ٿي ويو، ۽ چهرا خوف ۾ ويڙهجي ويا.
درٻار سنگه سڀ کان گهڻو ٿي ڳالهايو، پر هاڻ هو
بلڪل چپ ٿي ويو هو. جي – جي شاه هر هر نرڙ تان
پگهر اگهڻ لڳو. سندس زال کيس گجراتيءَ ۾ آٿت پئي
ڏني. پوليس انسپيڪٽر اندر اچي ڏاڍيان چوڻ لڳو،
”ڪير ڪير دير سان آيو آهي؟“ پر سڀ ماڻهو خاموش
رهيا.
انسپيڪٽر بس ڪنڊيڪٽر کي چيو ”تون ٻڌاءِ؟“
ڪنڊيڪٽر جي- جي شاهه ڏانهن اشارو ڪندي چيو، ”هي
ماڻهود ير سان آيو هو.“
جي – جي شاهه ڪاوڙ مان رڙڪ ندي چيو، ”ڪوڙ ٿو
ڳالهائي، انسپيڪٽر صاحب! منهنجي زال کان پڇي ڏسو.“
هن پنهنجي زال ڏانهن اشارو ڪيو.
انسپيڪٽر مرڪي چيو، ”تون هيٺ لهه.“
”پر....“
”پر پر ڪجهه به نه.“
”پر مون سان منهنجي زال آهي.“
زالهنس چيو، ”مان بس ۾ گهر پهچي وينديس، تون
هروڀرو جهيڙو نه ڪر.“
جي – جي شاهه پنهنجي زال کي گهوري ڏٺو، ۽ پوءِ
چيو، ”مان.... مان ”نوڀارت“ اخبارجو ايڊيٽر آهيان،
پبلڪ جو نمائندو، مان ڏسي رهندس.“
پوليس انسپيڪٽر ماڻهن کي چيو، ”مان ڏاڍو ٿڪل
آهيان، مان هاڻ ڊيوٽي تان لهڻ وارو هوس جو هي آيو.
جلدي جلدي ٻڌايو ڪير دير سان آيو هو.“
بس ڪنڊيڪٽر جنارڪي انبن واري ڏانهن ڏسي چيدو، ”هي
به دير سان آيو هو.“
”نڪر ٻاهر.“ انسپيڪٽر چيو.
”هي درٻار سنگهه“ ڪنڊيڪٽر کي درٻار سنگهه جو نالو
ايندو هو. درٻار سنگهه خاموشيءَ سان پڳڙي ۽ فلوٽ
سنڀاليو ۽ هيٺ لهي ويو. ڪنڊيڪٽر مون ڏانهن گهوري
ڏٺو، منهنجي منهن جو پنو لهي ويو، پر مان ڪنهن نه
ڪنهن نموني مرڪندو رهيس، ڪنڊيڪٽر اڳتي وڌي پسٽن
ڀاڄيءَ واري کي لاهي ڇڏيو.
جڏهن هو ڪتي لال ڌوٻيءَ کي لاهڻ لڳو ته هن کي ڏاڍي
ڪاوڙ آئي. ڪتي لال کيس ڇڙٻيندي آهستي چيو،
”اچجانءِ، ڪڏهن ست بنگلي ڏانهن، توکي چڱي طرح
ٺاهيندس.“
ڪنڊيڪٽر گهٻرائي پوليس انسپيڪٽر سان شڪايت ڪئي،
”ٻڌي ڇڏيو سائين! هاڻي ئي ڌمڪيون ٿو ڏئي!“
”ڇا چيائين؟“ پوليس انسپيڪٽر ڏاڍيان چيو. هن ڪتي
لال کي ڳچي کان جهلي پوءِ هڪ سپاهيءَ کي ڇوي، ”هن
کي ٿاڻي تي وٺي وڃ، ۽ ڊبل چارج هڻينس.“
”نه سائين نه! مان توهان جو غلام آهيان،“ هن
ليلائيندي چيو.
ڪنڊيڪٽر مون ڏانهن ڏٺو، ته مون مرڪي کيس پاڻ ڏانهن
سڏيو، جڏهن هو مون ڏانهن جهڪيو، ته مون به جهڪي
ڏاڍي رازداريءَ سان چيو، ”هو جيڪو ڪامتا پرشاد
دريِءَي کان ٻاهر ٿو ڏسي نه، اهو ٻي گاڏيءَ مان
آيو ٿئي.“
ڪنڊيڪٽر وڃي ڪامتا پرشاد جي ڪلهي تي ڌڪ هنيو، ”نڪر
ٻاهر.“
”پر مان.... مان سچ ٿو چوان ته مان سڀ کان
پهرين.... پڇي ڏسو هن کان....“ ڪامتا پرشاد مون
ڏانهن اشارو ڪيو، پر مان دريءَ کان ٻاهر ڏسي رهيو
هوس.
انهيءَ ڇوڪري ۽ ڇوڪريءَ جي ڪڍڻ جي همت ته ڪنڊيڪٽر
۾ به نه هئي. هو ڪيترا ڀيرا سندن ڀرسان وڃي موٽيو.
ڪيترا ڀيرا سندن ڀرسان وڃي بيٺو ۽ پوءِ اڳتي وڌي
ويو. سندس محبت ايتري شديد هئي جو دروازا بند ڪري
بي سڌ ٿيل ۽ ڪنڊيڪٽر کي دروازو کڙڪائڻ جي همت ئي
نه ٿي، هو چپ چاپ اڳتي وڌي ويو، ۽ ٻن ٻين ماڻهن کي
هيٺ لاهڻ لڳو. اهي ماڻهو الله ۽ ڀڳوان جا قسم کڻڻ
لڳا، پر ڪنڊيڪٽر جا ڪن ٻوڙا ٿي چڪا هئا، ان وقت هو
فقط سمنڊ جو نغمو ٻڌي پئي سگهيو.
”هاڻي ڳڻ!“ انسپيڪٽر ڪنڊيڪٽر کي چيو.
ڪنڊيڪٽر ماڻهو ڳڻيا، اڻٽيه هئا، مون کي ته هاڻ
ڪنهن به حالت ۾ ڪڍي نه ٿو سگهي. منهنجي ۽ هن جي
وچ ۾ مير جعفر وارو رشتو قائم ٿي ويو هو. بس ۾
هاڻي اها ڀوري پوڙهي سنڌي عورت رهجي وئي هئي، جيڪا
واقعي دير سان آئي هئي. اها پوڙهي هڪ نائيٽ اسڪول
۾ ماسترياڻي هئي. کيس اڏي تي سڀ ماڻهو سڃاڻين، کيس
هڪ ٿيلهو هوندو هو، جنهن ۾ پٽاٽا، ٽماٽا ۽ ٻيون
ڀاڄيون هونديون هيون. هوءَ رن زال هئي، ۽ سدائين
سفيد ڪپڙا پائيندي هئي، جن کي اڪثر چتيون لڳل
هونديون هيون. ڪنڊيڪٽر کيس چيو، ”تون به لهي وڃ.“
”پر هن مهل مان ڪاڏي وينديس؟ گهر ڪيئن پهچندس!“
پوليس انسپيڪٽر چيو، ”مان ڇا ٿو ڪري سگهان؟
ميونسپالٽيءَ جو حڪم آهي.“
”پر پٽ! مون وٽ ٽيڪسيءَ لاءِ ڏوڪڙ ڪونهن، ۽ مان ٽي
ميل پنڌ ڪيئن ڪري سگهدنيس!!“ هوءَ پوليس انسپيڪت
رکي پيرين پوڻ لڳي.
پوليس انسپيڪٽر کيس پري ڪندي چيو، ”مان مجبور
آهيان، ڪجهه نٿو ڪري سگهان.“
”ڀڳوان جي واسطي مون کي وڃڻ ڏي.“ پوڙهي ليلائڻ
لڳي، ”مان ڏهين وڳي نائيٽ اسڪول مان واندي ٿيندي
آهيان، ۽ يارهين وڳي هتي پهچندي آهيان. هاڻي گهر
وڃي پنهنجي ماني پچائينديس. مون رن زال تي رحم
ڪيو.“ هوءَ روئڻ لڳي.
پوليس انسپيڪٽر بس ۾ ويٺل ماڻهن کي ڏسندي چيو،
”جيڪڏهن توهان مان ڪو ماڻهو بس مان لهي وڃي ۽ هن
کي پنهنجي جڳهه ڏي ته مون کي ڪوبه اعتراض ناهي.“
ڪوبه پنهنجي سيٽ تان نه ٿيو. نه حاجي دائود، نه
مان، نه بيل ايم- اي، نه مارواڙي جيڪو سوئزرلينڊ
مان ٿي آيو هو، ۽ نه ئي سنڌي دڪادنار، سڀ مانهو
اطمينان سان ويٺا رهيا، ڄڻ پوليس انسپيڪٽر ساڻن
نه، پر خلا ۾ ڪنهن سان ڳالهايو هجي. انسپيڪٽر
پوڙهيءَ کي چيو. ”ڪوئي نه ٿو اٿي، توکي لهڻو
پوندو.“
پوڙهيءَ روئندي ٿيلهو سنڀاليو، ۽ چئني پاسي بي رحم
مسافرن ڏانهن ڏسي، آهستي آهستي بس کان ٻاهر وڃڻ
لڳي، يڪدم ميرا ڪپڙا پهريل، تيل جا داغ لڳل، انجڻ
۾ ڪوئلا وجهڻ وارو مزور اٿي بيٺو. هن آهستي
پوڙهيءَ کي روڪيندي چيو، ”تون هن سيٽ تي ويهه امڙ،
مان لهي ٿو وڃان.“ ايترو چئي هن هڪ قهري نظر سان
بس ۾ ويٺل خوش پوش مانهن ڏانهن ڏٺو. سندس چهري تي
اکيون ٻن ڳاڙهين بتين جيان چمڪي رهيون هيون. هن
ڪجهه چوڻ چاهيو ٿي، پر پاڻ روڪي، منڊڪائيندو، لٺ
جي سهاري هيٺ لهي ويو. شايد هو هيٺ نه لٿو هو، پر
هن گهڻن ماڻهن کي پنهنجي ضمير جي ڏاڪڻ تان هيٺ
لاهي ڇڏيو هو، ڇو ته بس هلڻ سان هر ڪو خاموش ويٺو
هو.
چيچڪ روگجن، جيڪو بمبئي ٽاڪيز ۾ ڪنم ڪندو هو، تنهن
کي خاموشي ڀانءِ نه پئي. هن مون ڏانهن جهڪي
رازداريءَ سان چيو، ”سائين! توهان به ته دير سان
آيا هيا.“
مان ڏاڍيان چيو، ”مان ڪٿي دير سان آيو هوس!“ روگجن
منهنجي تيز ڳالهائڻ تي حيران ٿي ويو، ۽ پاڻ سنڀالي
چيائين، ”ها ڀاءُ! توهان پهرين آيا هئا، مون کان
غلطي ٿي ويئي!“
”تون سدائين غلطي ڪندو آهين!“ مون تيز ٿيندي چيو.
روگجن چپ ٿي ويو گاڏيءَ ۾ ڪنهن به نه ڳالهايو. بس
لاڙي کان گذري، منڊي مزور کي پٺتي ڇڏي وئي،
ڳڙکيءَ کان ويٺل ماڻهن يڪدم پنهنجو منهنه اندر
ڪري ڇڏيو. لٺ جي ٺڪ ٺڪ سندن دلين جي سخت فرش تي
هٿوڙا هڻڻ لڳي، هر ڪو پنهنجي جاءِ تي چپ چاپ ۽
خارش لڳل ڪتي جيان، پڇ دٻايو ويٺو هو. اوتچو مون
کي لڳو، ڄڻ هيءَ بس اڳتي نه، پر پٺتي وڃي رهي هجي
۽ اهو مزور اڳتي، اسان کان گهڻو دور وڃي رهيو هجي.
(سنڌيڪار: اخلاق انصاري)
نئون ڪشمير
جڳموهن پنجويهن سالن کان پوءِ واپس پهلگام آيو هو.
انهن پنجويهه سالن ۾ سڀڪجهه دبلجي ويو هو، دنيا
بدلجي وئي هئي، هو پاڻ بدليو هو. پهرين هو ڏينهن ۾
رڳو هڪ دفعو شيو ڪندو هو، هاڻي ان کي ٻيهر شيو ڪرڻ
جي ضرورت محسوس ٿيندي هئي، پنهنجن ڪپڙن لاءِ اول
ڏاڍو بيپرواهه هو، ان کي اڃا ياد آهي ته: پهرين
جڏهن هو پهلگام آيو هو ته: جيئن پنجويهه سالن کان
اڳ ۾ هو پتلون ۽ قميص ۾ گهمندو هو، کليل پيشاني ۽
ويڪري سيني کي ڏسي، عورتون شرم کان ڪنڌ جهڪائي
ڇڏيونديون هيون، هاڻي اهو سينو اندر ٿي ويو هو ۽
ڳل سسي ويا هيس – پيشانيءَ تي ڪيتريون ئي ريکائون
ظاهر ٿي پيون هيس. پنهنجن چيڙ هالن وارن ۾ اڇن کي
لڪائڻ لاءِ خضاب هنيو هئائين. هاڻي هو رڳو پتلون ۽
قميص ۾ نه ٿو گهمي سگهي! هاڻي هو ڪوٽ، سوٽ، واسڪوٽ
۽ ٽائي سان گهمندو هو، جيئن ڪو ان جي موذي مرض جو
شڪار ٿيل جسم نه ڏسي. پنجويهه سال اڳ هن جي بدن
مان جيڪا خوشبوءِ ايندي هئي، اڄ اتي هن عطر جو
سهارو ورتو هو. هو پاڻ ڪيڏو ته پوڙهو ٿي ويو هو،
پر پهلگام ڪيڏو نه جوان ٿي ويو هو. ايڏوئي سهڻو ۽
خوبصورت، جيڏو اڄ کان پنجويهه سال اڳ، کيس ڏٺو هو.
انهي پهلگام جي سهڻيءَ واديءَ ۾، اهوئي خوبصورت
لدر درياءُ، ان جو چمڪندڙ شفاف پاڻي، هنڌان هنڌان
ائين نيرو هو، ڄڻ ان ۾ ڪنهن آسمان کي ملايو هجي.
ڪڏهن ائين ڳاڙهو ٿي ويندو هو، ڄڻ ڪنهن ٻٻر جو سڄو
رس ان ۾ اوتيو هجي. ڀانت ڀانت جون لهرون، ننڍڙيون،
چلوليون ۽ وڻندڙ ساون پٿرن جي اوسي پاسي کان
گهمندڙ لهرون – جيئن داسيون ڪٿڪ ناچ وقت ڪرشن جي
اردگرد ناچ ڪنديون آهن. اوڀر جي پهاڙن تي وڻن جون
قطارون صدين کان اوچا ڳاٽ ڪيو، سج ڏانهن شان سان
ڏسن ٿيون، انهن جي پکڙيل ٻانهن مان ڇڙندڙ روشني
چئني طرفان کان اچي هڪ ٿي هنج ۾ آئي هئي، ڄڻ
روشنيءَ جي انهن گهرن ۾ عورتن جيان ڪم ڪري رهيون
هيون. هر پن تي ڪرڻو هو. روشنيءَ جو راڄ هو ۽ سڄي
جهنگ ۾ ماٺ هئي. ڪٿان جهنگ مان آسمان نظر ٿي آيو
ته، اتان سج جي روشني لکين ڪرڻن جي صورت ۾ وڻن جي
وٿين مان ڀڄندي زمين ڏانهن اچي رهي هئي ڄڻ روشنين
جو آبشار هجي. پهلگام ڪيڏو نه خوبصورت آهي.
ننڊاکڙي ۾ ڄڻ خواب، هر ساعت سرهن گلن وانگر
ٻهڪندڙ، هر ساهه محبوب جي اکڙندڙ ساهه جي رفتار
جيان. هي ته منهنجي گذريل پراڻن سالن وارو نئون
پهلگام آهي. انهن پنجويهن سالن ۾ دنيا ڪيترو نه
بدلجي وئي آهي ۽ هو پاڻ ڪيڏو نه بدليو آهي، پر هي
پهلگام هرگز ڪونه بدليو آهي – ساڳيو سندس حسن
آهي، ساڳيو سندس انداز، ساڳيوئي سندس اوج، اهائي
دلڪشي ۽ اهوئي سندس ڪنوارپڻو. جڳموهن سوچيو، ”اهو
ڪيڏو نه سٺو آهي، جو انسان ته بدليو وڃي، پر هي
پهلگام بدلجي ئي ڪونه ٿو!ٰ هي ته پنهنجي
خوبصورتيءَ سان قائم دائم آهي.“
جڳموهن پنهنجي ذهن جي ڪنواس تي گذريل پنجويهه سالن
جون يادون گڏ ڪيون. کيس نظر آيون: ٻي مهاڀاري
لڙائي – ٻي مهاڀاري لڙائيءَ جون قبرون، صليبون،
قبرون ۽ صليبون اڀرنديون نظر آيون، انهن قبرن جي
پٺيان ڪارخانن جي چمنين مان دونهو نڪري رهيو هو.
اڳ ڪپڙي جي هڪ مل هئي، پهرين مهاڀاري لڙائيءَ ۾ ٻه
ٿيون ۽ ٻي مهاڀاري لڙائيءَ ۾ چار ٿيون. ڪيترن لکن
قبرن ٺهڻ کانپوءِ رڳو هڪ چمني ٻري ٿي. کيس پنهنجو
روپ جو سفر ياد آيو. پئرس جا شرابخانا، روم جي
گهٽين ۾ ڦرندڙ لاطيني ڇوڪريون، برلن جي اها
ريسٽورنٽ، جنهن جي هر ميز تي هڪ ٽيليفون، هر
ٽيليفون جو ڪنيڪشن هڪ رنڊيءَ سان، ٽيليفون ڪري،
رنڊيءَ کي گهرائي وٺو.
جڳموهن سڄي دنيا ڏٺي هئي، شنگهائيءَ جا ڪيبري،
رايوڊي جينرد ۽ بونس ايرز جي بندرن ماڻهن جي وادين
۾ ناريل جهڙين ڊگهيون ۽ ڳر جهڙيون، اسپيني گيتن
جيان مست ڪندڙ عورتون، سٺو شراب، خوبصورت ناچ ۽
ناريل جي وڻن مٿان اٽڪيل چنڊ، ڄڻ موري جي حسين
ڇوڪريءَ جي وارن ۾ نٽيلا! هي دنيا ڪيڏي نه حسين
هئي. ان ۾ جڳموهن دل لاهي عيش ڪيا – پنجويهن سالن
۾ هو پنهنجي جسم ۽ روپين کي خرچ ڪندو ويو هو، پر
ان ۾ سندس جسم گسي ويو هو. ان وڌندڙ مزوريءَ ۽
وڌندڙ انڪم ٽئڪس هوندي به هن هزارين بي ايمانيون
ڪيون ۽ بئنڪ بيلنس کي برقرار رکيو – ڪڏهن ضرب ونڊ
سان ۽ ڪڏهن وري جوڙ ڪٽ سان، پنهنجي روپين کي گسڻ
نه ڏنو، پر هينئر سندس جسم گسي ويو هو! ان کي به
هو انجيڪشن ۽ ٽانڪ جي گورين ۽ هزارين حيلن وسيلن
جي مصنوعي ڪوششن سان برقرار رکندو آيو هو، اهي
ڪوششون به هن جي جسم جيان بي ايمانيءَ کان گهٽ نه
هيون، ان جو هن کي اهڙو احساس هو، جيئن هن مزورن
سان بي ايماني ڪندي پنهنجي قوت ختم ڪري ڇڏي هئي،
جيسين هو جيئرو آهي ته پوءِ ڇو نه پنهنجي رپئي مان
۽ هن جسم مان دل کولي لذت وٺي. مرڻ کان پوءِ بهشت
هونءَ به غريبن کي ملندو.
جڳموهن اٿي کڙو ٿيو، هو چيل جي ڏار کي ٽيڪ ڏئي
ويٺو ۽ ان جي سهاري اٿي بيٺو، ڇو ته پٿريلي ٽڪر
کان هيٺ ويندڙ پيچري تان ميون جو ٽوڪرو کنيو هڪ
ڪشميري ڇوڪري اچي رهي هئي. هن دنيا ۾ هر طرح جون
عورتون ڏٺيون هيون، هر طرح جون، لاطيني ڪوارٽرز ۾
برف جهڙا تراشيل جسم، استنبول جي قهوي خانن ۾ ناچ
ڪندڙ ترڪي حورون، شمپيئن کي ڇلڪائيندڙ ۽ صندل جي
گلن ۾ پوش ٿيل اڌ اگهاڙيون، ڇوڪريون پنهنجي رنگ ۽
رت ۾ ٻن وڏن رڻ پٽن جي سونهن سموئي. سپ مان ڄڻ
موتيءَ جهڙو مول... هن هر طرح جي خوبصورتي ڏاڍي
هئي، پر هن ڪشمير جي حسن جو ڪو ثاني نه هو. اهڙو
حسن جيڪو ڪنول جيان کڙندڙ، گلاب جو کل، چانڊوڪيءَ
جهڙو گل ۽ سج جي ڪرڻن جيان کلندڙ! ڪشميرڻ جون
اکيون ڍنڍ جيان ڪڏهن چپ چاپ، پرسڪون ۽ پراسرار ۽
ڪڏهن وري تلا:ءَ جي چلولي، دل جو سڄو راز کولي
ڇڏي. ڪشميرڻ جو سينو ڪڏهن ته برف جيان سرد ۽ خاموش
جيئن اڃا ابهم هجي ۽ ڪڏهن ائين دکندڙ جيئن جهنگ کي
باهه لڳي. اهڙي سونهن ۽ سوڀيا وارو ڪشميري حسن ٻي
هنڌ اڻ لڀ آهي، ان ڪري کي پهلگام جي ڪشش کيس ٻيهر
سالن کان پوءِ هتي آندو هو. ميوي جو ٽوڪرو کنيو،
چاڙهيءَ کان هيٺ سڙڪ تي ويندڙ ڪشميري ڇوڪريءَ کي
ڏسي کيس اڄ کان پنجويهه سال اڳ وارو واقعو ياد
آيو:
هڪ ڏينهن هو چندن واڙي سڙڪ تي پسار ڪري رهيو، ائين
هو پري نڪري آيو. ٻنپهرن جي اس وڻندڙ هئي، پر اس
جي تک کان سندس ڳل سڙڻ لڳا ٿي ته ڪٿان ايندڙ سرد
هوا جو جهوٽو، گرميءَ کي سندس ڳل تان ائين کڻي
ويندو هو. جيئن چترڪار جو برش وڌيڪ پکڙين رنگ کي –
هو هوريان هوريان جهونگاريندو ٿي ويو، اوچتو هن کي
هڪ ڇوڪري نظر آئي، جيڪا ميوي جو ٽوڪرو مٿي تي
کنيو پهلگام ڏانهن اچي رهي هئي. ڇوڪري هن جي
ويجهو اچي کلي پئي ۽ هو به جواب ۾ کلي پيو.
ڇوڪريءَ ميوي جي ٽوڪريءَ کي جهڪايو ۽ هو به جهڪي
پيو.
”آلو بخارا مٺا آهن، نه؟“ هن پڇيس.
”ها- ڏس!“
- هو ان ڇوڪري جي ويڪرين اکين ۾ لهي ويو. ڇوڪريءَ
هڪ آلو بخارو ٽوڪري مان کڻي کيس ڏيکاريندي چيو.
”پڪل ۽ صفا تيار، سندن رنگت ڳاڙهي ۽ روپي جهڙي
آهي، بي داغ!“
- هي ڇوڪريءَ جي گلابي هٿ جي رنگت واري نرميءَ تي
غور ڪرڻ لڳو.
”ڏاڍا سٺا اٿئي، ٻن روپين ۾ ٽوڪري، ٽوڪري وٺ!“
هن کيسي مان ريشمي رومال ڪڍيو، ان کي زمين تي
وڇائي، ٽوڪري مان ٻه ڊزن کن آلوبخارا چونڊي رکيا
۽ ڇوڪريءَ کي اٺ آنا ڏنا. ڇوڪريءَ حيرت ۽ خوشيءَ
مان هن ڏانهن ڏسندي چيو،
”هي اٺ آنا ته گهڻا آهن -۽ ٻيا به کڻي وٺ-“ هن
ٽوڪريءَ ڏانهن اشارو ڪندي چيس –
”ٻيهر وٺندس... تون ڪٿي رهندي آهين؟“
ڇوڪريءَ پٺ ڏانهن اشارو ڪندي چيو: ”سڙڪ جي هن موڙ
کان اڳتي اسان جو گهر آهي. هي آلو بخارا به اسان
جي گهر جا آهن. اسان جي گهر ۾ انهن جا چار وڻ آهن،
ڪڏهن تون منهنجي گهر اچجانءِ ته آلو بخارا پٽي،
توکي هٿ سان کارائيندس.“
- هو چپ رهيو.
”ايندين – نه!“ ڇوڪريءَ ڪنواري مرڪ مرڪي پڇيس.
ڇوڪري ٽوڪري کڻڻ لاءِ جهڪي ئي مس ته جڳموهن هٿ
وڌائي، ٽوڪري کڻي سندس مٿي تي رکي. ٻنهي جا هٿ
هڪٻئي سان ٽڪريا. ان هڪ ساعت ۾ صدين جي جواني ڪر
کڻي اٿي، جڏهن دنيا ٺهي، جڏهن باهه ڀڙڪي، جڏهن دل
ڌڙڪي، جڏهن اک ڦڙڪي ۽ جڏهن کان ڳوڙها وهيا لکن
ڪروڙن سالن جي تخليق صرف هڪ ساعت ۾ تڙپي پئي هئي.
جڳ موهن جي ساهه جي رفتار وڌي ويئي، هو سڀ ڪجهه
برداشت ڪري ويو. مڙي پيو ۽ اڳتي هلڻ لڳو، چندن
واڙي ڏانهن، پهلگام. اڳئين موڙ تي پهچي هن ان
ڇوڪريءَ جو چئن وڻن وارو گهر ڏٺو. گهر جي هڪ طرف
نرگس جي گلن جا انبار هئا، هو اهو گهر ڪيئن ٿي
وساري سگهيو، ان کان پوءِ هو اڪثر ڇوڪريءَ سان
ملندو رهيو. کانس آلو بخارا خريد ڪندو رهيو، هر
دفعي کانئس گهٽ آلو بخارا وٺي، گهڻا پئسا ڏيندو
هو. |