سيڪشن؛ ڪهاڻيون

ڪتاب: ڪرشن چندر جون ڪهاڻيون

باب: --

صفحو :30

پوءِ خداداد چيو، ”ڇو نه اسين هن کي (مون کي) ماري ڇڏيون.“ پر شمع نه مڃيو. هن چيو، ”جي هن کي ماريندا ته الهداد توهان کي ڇڏي ڏيندو؟ ڀلا خانه بدوش به ڪڏهن خون ڪندا آهن؟ چوريون ڪرڻ ۽ ڌاڙا هڻڻ ته کڻي ٻي ڳالهه آهي پر خون ته خانه بدوشن اڄ  ڏينهن تائين نه ڪيو آهي. ڇا پننجي خاندان تي داغ لڳائيندءُ؟  آخر راول ۽ خداداد کي شمع جي ڳالهه مڃڻي پئي. شمع مون کي بچائي ورتو خداداد ۽ شمع تنبوءَ ۾ گهڙي باهه وسائي اچي تڏي تي سمهي پيا. مرجانه گهريءَ ننڊ ۾ هئي. شمع سندس اڳيان اچي سمهي پيئي. خداداد به منهنجي اڳيان سمهي پيو. هينئر مان خداداد ۽ شمع جي وچ ۾ هوس. تنبوءَ جو دروازو ڪنهن به بند نه ڪيو هو. پردو هوا جي جهونڪن ۾ ڦرڦر ڪري اڏامي رهيو هو. چانڊوڪيءَ جا ڪرڻا تڏن تان ترڪندا تنبوءَ ۾ پکڙجي ويا. ”ظالم“  دروازي تي ڪتو بيٺو هو؛ ۽ ناسون مٿي ڪري دشمن جي ڳولها ڪري رهيو هو. ٿورو ئي کڙڪو ٻڌڻ تي ڀونڪڻ ٿي لڳو. مان اندر ۾ ساهه سانڍيندي جاڳي رهيو هوس. خداداد کي جلدي ننڊ اچي وئي ۽ کونگهرا پئي هنيائين. اهي نقلي کونگهرا نه هئا.

مون پاسو بدلائي، شمع ڏانهن نهاريو. چانڊوڪيءَ جي سفيدي هن جي ڳلن تي پکڙيل زلفن تي ميڙ ڪيو بيٺي هئي سندس نوڪدار کاڏي جي هيٺان هن جو ساڄو هٿ رکيل هو. هوءَ منهنجي ايترو ته ويجهو هئي جو مان هٿ وڌائي سندس کاڏي کي ڇهي ٿي سگهيس. منهنجي دل ۾ شمع جي کاڏي کي ڇهڻ لاءِ سندس ڳلن کي چمڻ ۽ سندس سڄي جسم کي پنهنجي آغوش ۾ ڀري ڇڏڻ جو طوفاني جذبو گونجڻ لڳو. ان وقت مون کي ذرو به آواز پسند نه هو، انهيءَ ڪري مون پنهنجي ڪنن ۾ آڱريون وجهي ڇڏيون، پر اها گونج ته دل جي تيز ڌڙڪن ۽ انگ انگ ۾ سمائجي ويئي هئي. جسم جي ذري ذري مان اهوئي آواز اچي رهيو هو. شمع کي ڪچلي ڇڏ، شمع کي ڪچلي ڇڏ.... مان ڌيري ڌيري شمع جي اڳيان رڙهي ويس ۽ پٺيان مڙي ڪري خداداد کي ڏٺم جو گهريءَ ننڊ ۾ غلطان هو.

مون ڌيري ڌيري.... پنهنجو هٿ شمع جي ساڄي هٿ تي رکيو. پر ڪجهه نه ٿيو، ڪائي ڪتڪتالي محسوس نه ڪيم، ڪائي لرزش اتپن نه ٿي، گهڻيءَ دير تائين منهنجو جذبات جي باهه ۾ جلندڙ هٿ سندس برفيلي آڱرين تي رکيو رهيو، پر ڪائي جنبش پيدا نه ٿي. پوءِ آهستي آهستي منهنجا هٿ سندس گلابي ڳلن ڏانهن به وڌيا.... انگ انگ ۾“ نس نس ۾ لکين شعلا ڀڙڪڻ لڳا.... سڄي بدن ۾ آگ لڳي ويئي.... لبن تي اهو ئي راڳ هو .... اهائي ساڳي گونج هئي .... شمع کي ڪچلي ڇڏ .... کيس پنهنجي آغوش ۾ ڀري زور سان ڀڪوڙي ڇڏ .... مون خداد ۽ مرجانه ٻنهي ڏانهن ڏٺو، ۽ پوءِ شمع ڏانهن وڌيڪ نزديڪ رڙهي ويس. تڏي منجهان هڪ هلڪي سرسراهٽ پيدا ٿي. اها سرسراهٽ هڪ راز وارو نغمو هئي، مستيءَ جي لهر هئي. مان ان وهڪري ۾ ترندو شمع جي بلڪل ويجهو پهچي ويس، ۽ پوءِ .... مون پنهنجو هٿ شمع جي هٿ تي رکيو ۽ ان کي زور سان دٻايو .... اُٿ .... اُٿ.... اي مڌر ميلاپ جي شمع....

پر شمع نه جاڳي.... هن جون اکيون اڳي جيان بند هيون. منهنجي هٿ جي آڱرين اهڙو ته درد محسوس ڪيو جو مان مرد نه هجان ها ته رڙ ڪري اٿان ها. هوءَ آهستي آهستي منهنجون آڱريون موڙيندي پئي ويئي، خاموشيءَ سان.... بنا ڪنهن چرپر جي.... اکيون کولڻ کان سواءِ.... مون سان ڪجهه ڳالهائڻ کان سواءِ منهنجي آڱرين کي ڄڻ هڪ لوهي چنبي ۾ ڦاسائي، موڙي رهي هئي ۽ مان اندرئي اندر ۾ سور کان جلي رهيو هوس. خبر ناهي ڇوريءَ کي ايڏي طاقت ڪٿان اچي وئي هئي، گل جهڙي جسم ۾ رڪ جهڙي سختي ڪٿان آئي. مون سندس چنبي مان هٿ ڇڏائڻ جي گهڻي ڪوشش ڪئي پر سڀ اسڦل وئي. آخر جڏهن درد حد کان وڌي ويو ته مان پاسو ورائڻ تي مجبور ٿي ويس. منهنجي پٺي هن ڏانهن هئي ۽ منهنجون آڱريون سندس آڱرين ۾ جڪڙيل هيون.

شمع مڌر آواز ۾ چيو، ”چنبا ڇڏائيندين؟“

مون ڪاوڙجي چيو، تون استري نه، ڏائڻ آهين سوئر.“

هوءَ چوندي رهي، ”ڀلا راڳ ٻڌندين؟“

مون هٿ ڇڏائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندي چيو، ”هٿ ڇڏ.“

”مون کي ماهيا راڳ ڏاڍو وڻندو آهي. جڏه ماٿرين ۾ آواز گونجندو آهي.... ها، ها، ته ڪهڙو نه لطف....“

”پر ماتما جي واسطي چپ ڪر، ڪنهن ٻڌي ورتو ته....“

”مان ڪنهن کان به ڊڄندي ناهيان....“ ۽ هوءَ ڌيري ڌيري مٺي سر ۾ ماهيا ڳائڻ لڳي. سندس گلي ۾ غضب جو تاثير هو.

”حرامزادي، چپ ڪر،“ مون غصي ٿيندي چيو.

هوءَ منهنجي هٿ کي اڃان به وڌيڪ چيڀاٽي چوڻ لڳي.

”شمع خانه بدوشن جي ڌيءَ آهي. هوءَ ڪنهن مٽيءَ جي گهرن ۾ رهندڙ هارين جي ڌيءَ ناهي جو صوبيدار جي پٽ کي ڏسي مٿس دل هاري ڇڏيندي ۽ حياتيءَ جو سڄو جواني روپي خزانو چپ چاپ هن جي حوالي ڪري ڇڏيندي. توهان ڌرم جي پوڄارين کي جهنگلين جي اخلاقن جي ڪهڙي خبر---!“

ائين چئي هن اڃان به وڌيڪ زور ڏنو. اُف! قهر جو سور ٿي رهيو هو. ائين محسوس ٿي رهيو هو، گويا مان تنبوءَ ۾ نه پر جهنگل ۾ سمهيو پيو هوس ۽ ڪو جهنگلي جانور منهنجي ٻانهن پنهنجي چنبي ۾ جهلي بيٺو هو؛ ۽ جي مان پاڻ کي جلدي ان چنبي مان آزاد نه ڪيو ته ٿوري ئي دير ۾ هن جهنگل ۾ منهنجون هڏيون چمڪنديون نظر اينديون. درد اڃان به وڌي رهيو هو. آخر مون جهٽڪو ڏئي پنهنجا هٿ شمع جي چنبي مان آزاد ڪيا؛ پر ڇڏائڻ وقت منهنجو ڀرپور هٿ شمع جي ڳلن تي وڃي لڳو. سندس چپن مان هڪ دٻيل چيخ نڪتي ۽ ان کان پوءِ جلد هوءَ خاموش ٿي وئي. چيخ ٻڌي خداداد ٽپو ڏئي اٿي ويٺو. شمع به چالاڪي ڪري اٿڻ جو بهانو ڪيو.

”ڇاهي راهي؟“ شمع ائين پڇيو گويا هوءَ بلڪل بيخبر هئي.

”ڪجهه ناهي“ مون کيس جواب ڏنو.

وچ ۾ خداداد به چئي ڏنو، ”ها مون به هڪ رڙ ٻڌي.“

”ويچارو ڊڄي ويو هوندو، ڪو خراب سپنو ڏٺئه ڇا،؟ شمع ٻيو سوال ڪيو.

منهنجو رت ٽهڪي رهيو هو، پر چپ رهڻو پيو.

”ڇا هو؟ اوچتو مرجانه به اٿي کڙي ٿي“.

”ڪجهه ناهي، ويچاري ڀيانڪ خواب ڏٺو آهي،“ شمع ٽوڪ جي نموني ۾ چيو.

”چڱو چڱو، هاڻي سمهي پئو“ خداداد پاسو بدليندي چيو. ڪيترو وقت شانت هئي. پوءِ شمع آهستي پنهنجي جڳهه تان اٿي تنبوءَ جو پردو مٿي ڪري ٻاهر هلي ويئي. مان به پنهنجي بندوق کنئي ۽ ٻاهر هليو ويس. چنڊ ماٿريءَ جي وچ ۾ مشڪي رهيو هو، گويا اسان ٻنهي تي مشڪي رهيو هجي. شمع نديءَ جي ڪناري تي ويٺي منهن ڌوتو. مان سندس اڳيان وڌي ويس ۽ کانئس پڇيم، ”اڌ رات جو منهن ڌوئڻ مان فائدو؟“ شمع پاسو ورائي مون ڏانهن نهاريو. سندس چپ زخميل هئا، ۽ انهن مان رت وهي رهيو هو. شايد سندس چنبي مان هٿ ڇڏائڻ مهل منهنجو هٿ هن جي چپن تي وڃي لڳو هو. مان شمع جي اڳيان ڌرتيءَ تي ويهي رهيس ۽ ٻڪ ۾ پاڻي ڀري سندس چپن جي ويجهو آڻڻ لڳس. ٿوري وقت ۾ رت بند ٿي ويو ۽ زخمي چپن تي ٻه سنها ليڪا رهجي ويا. بلوري شفاف چپ، جن کي چمڻ لاءِ آيو هوس.... منهنجا چپ ڌڏڻ لڳا، پر مون کين ڏندن هيٺان دٻائي ڇڏيو ۽ حيران ٿي ان ٻوٽي ڏانهن ڏسڻ لڳس جو هينئر اتي ڪين هو، جو شمع جي گوليءَ جو نشانو ٿي چڪو هو. هينئر اهي بندوق جا ٺڪاءُ ڪين هئا، اهو گوڙ شور ڪين هو، اهو آواز ڪين هو، کنجريءَ تي راڳ ڪين هو، شمع جو رقص ڪين هو. شمع منهجي اڳيان بلڪل خاموش ويٺي هئي. سندس اکين جي اسرار ڀريل گهراين ۾ چنڊ چمڪي رهيو هو. هينئر ماٿريءَ ۾ سنگيت جو آلاپ ختم ٿي چڪو هو ۽ نئين سر شانت فضا موٽي آئي هئي. اسين ٻئي ان شانت فضا جي وچ ۾ بيهي هڪ ٻئي ڏانهن پريم جي نظرن سان نهاري رهيا هئاسين. ٻه پيالا ڇلڪي رهيا هئا. ٻن نيڻن ۾ شراب ڀرجي آيو هو ۽ مان اکين سان ان شراب کي پيئندو پئي ويس. مون کي ائين محسوس ٿي رهيو هو، گويا ٻه روح اڳيان وڌي رهيا هجن ۽ انهن اکين انهن پلڪن، انهن ڳلن ۽ ان کاڏيءَ کي سڃاڻي رهيا هجن گويا شمع چئي رهي هجي، ’مان توکي سڃاڻان ٿي، ها مان توکي سڃاڻان ٿي، اسين ٻئي هڪ آهيون؛ هڪ تال آهيون، هڪ ئي لئه جي گونج آهيون؛ لکين ورهين  کان پوءِ اسين هڪ ٻئي سان مليا آهيون. ٻه شڪتيون، ٻه روح، ٻه آتمائون، ٻه جسم، ٻه سرير، ٻه دليون، هن ننڍيءَ دنيا مان ڀڄي نڪتا آهن ۽ هڪ وڏيءَ تمام وڏي ۽ خيالي دنيا ۾ وڃي پهتا آهن. گهڻي وقت کان اسين هڪ ٻئي کان پاسو ڪري رهيا هئاسين ۽ هينئر اوچتو ان نموني هلندي هلندي گهمندي گهمندي، هڪ ٻئي سان ٽڪريا آهيون، ۽...... ٻه آواره  تارا هڪ پل لاءِ، هڪ کن لاءِ، هڪ ٻئي سان...... جو ڪجهه مون ۾ آهي...... جو ڪجهه هن ۾ آهي...... صرف هڪ پل لاءِ...... جيڪي ڪجهه مون ۾ هو...... هن ۾ هو...... سڀ ڪجهه خلاص ٿي چڪو...... شراب جا پيالا ختم ٿي ويا...... لبن مان امرت رس خلاص ٿي ويو...... ٻه سرير هڪ ٿي ويا...... شمع منهنجي آغوش ۾ هئي...... صرف هڪ پل لاءِ...... منهنجو جسم...... شمع جو جسم ...... صرف هڪ گهڙيءَ لاءِ ۽......۽ ٻيءَ گهڙيءَ ۾ هوءَ مون لاءِ ڌاري هئي...... هوءَ مون لاءِ ڪجهه به نه هئي.

شمع تنبوءَ ۾ هلي ويئي ۽ اها گهڙي، اها مڌر کن...... ختم ٿي چڪي. جوانيءَ جو شباب، مست نيڻن جو شراب گلابي ڳلن جي لالائي، سڀ هڪ پل ۾ ختم ٿي ويا...... جذبات ختم ٿي ويئي...... باهه وسامي ويئي...... خاموشي ڀڄي ويئي ۽ گوڙ موٽي آيو. هوا سرڙاٽ ڪري رهي هئي جهنگلي جانور چيخي رهيا هئا. ندي به زور سان وهي رهي هئي. ائين محسوس ٿي رهيو هو، گويا چنڊ ٺٺولي ڪري رهيو هجي. مون تي...... شمع تي...... پر به ڇو؟

فضا ۾ اشانتي ڦهلجي ويئي هئي. شمع جي پيرن جي آهٽ، خانه بدوشن جي ساهه کڄڻ جو آواز ۽ تنبوءَ جي پردن جي سر سراهٽ به ٻڌڻ پئي آئي. ان کان اڳ هر ڪا شيءِ شانت هئي ۽ هينئر ٻيءَ کن ۾ هر ڪا شيءِ رڙي رهي هئي، ڪيڪي رهي هئي.

ائين ئي ته ٿيندو آهي. ڪڏهن به هڪ گهڙي ٻيءَ گهڙيءَ جهڙي نه ٿيندي آهي، ڪڏهن به نه. هينئر ائين ڇو آهي؟ پهرين ائين ڇو نه هو؟ ڇو؟

شمع تنبوءَ جو پردو هٽائي اندر هلي ويئي. منهنجا قدم تنبوءَ جي ٻاهران رڪجي ويا ۽ مان اتيئي ظالم جي اڳيان ويهي رهيس، تنبوءَ جي ٻاهران...... هڪ پٿر تي...... ظالم پنهنجيءَ گرم گرم ڄڀ سان منهنجي هٿ جي تري چٽڻ لڳو ۽ مان سندس ڊگهن وارن ۾ آڱريون وجهي، هن جي بدن تي پيار ڀريا هٿ ڦيرڻ لڳس. شايد مان کيس نه، پر پاڻ کي پيار ڪري رهيو هوس، پاڻ کي آٿت ڏيئي رهيو هوس ۽ اتيئي تارن جي ٿڌيءَ ڇانو ۾ سمهي پيس. جڏهن جاڳيس ته تارا گم ٿي چڪا هئا ۽ اڇو صبح نڪري چڪو هو. سامهون شمع منهنجي خچر تي ڪاٺين جي ڀري ڍوئي، خچر کي هڪليندي پئي آئي. منهنجي ڀرسان اچي بيهي رهي ۽ ڪاٺين جي ڀري خچر تان لاهي تنبو جي ڀرسان رکي ڇڏيائين. اندر وڃي رهي هئي، جو مون کيس چيو، ”مون کي پنهنجو ٻٽون ڏي. مان وڃان ٿو“ ائين چئي مون خچر جون واڳون پنهنجي هٿ ۾ جهليون.

”ڪهڙو ٻٽون؟“ شمع سوال اهڙي نموني ڪيو، گويا هوءَ ٻٽون جي نالي کان ئي اڻ واقف هئي.

”جيڪو مون رات جو توکي ڏنو هو.“

”رات جو ڏنو هئه؟......مون کي؟...... ڳالهيون ڪهڙيون پيو ڪرين؟“

”هي مذاق ڪرڻ جو وقت ناهي“ مون غصي ٿيندي چيو، ”ڪڍ ٻٽون، مون کي جلدي وڃڻو آهي.“

سامهون خداداد ۽ راول پئي آيا.

خداداد چيو، ”ڪهڙي ٻٽونءَ جي پيا ڳالهه ڪريو.“

مون رڙ ڪري چيو، ”رات جو مرجانه جي منهن تي شمع کي ڏنو هوم، ڪٿي آهي مرجانه......“

شمع گنڀير نوع ۾ چيو، ”مرجانه هتي ڪونهي، جهنگل ڏانهن ڪاٺيون ڪرڻ ويئي آهي.“

”تو هن کي ٻٽون ڇو ڏنو هو؟“ راول مشڪي پڇيو.

”مون سوچيو ته شمع وٽ محفوظ رهندو.“

”تنهن جي معنيٰ تون اسان کي چور ٿو سمجهين.“

راول غصي ۾ ڀرجي ويو. ”سڄي رات اسان توکي اجهو ڏنو، توکي ڊاڪن جي بستيءَ ۾ ڦرجڻ کان بچايو ۽ هينئر تون اسان کي چور ٿو چوين.“

شمع يڪدم راول کان بندوق کسي چوڻ لڳي، ”هليو وڃ هتان؛ هينئر ئي...... هن گهڙيءَ......نه ته......“

مان شمع، راول ۽ خداداد، ٽنهي ڏانهن نفرت ڀريل نظرن سان نهاري، خچر تي چڙهي پنهنجي ڳوٺ ڏانهن روانو ٿيس.

اڄ رستو اڪيلو هو، مان اڪيلو هوس، منهنجي چوگرد هر ڪا شيءِ اڪيلي هئي. مون کي ٻٽونءَ جي گم ٿيڻ جو غم نه هو. ته پوءِ ڇا جو غم هو؟ دل غمگين هئي، بدن ڀاري بڻجي چڪو هو. دماغ کي هڪ الجهن گهيرو ڪري ويٺي هئي. مون کي شمع تي، خانه بدوشن تي، پنهنجو پاڻ تي ڪنهن تي به غصو نه هو چئني طرفن کان اداسي ڇانيل هئي ۽...... خچر آهستي آهستي وڌي رهيو هو. مان شڪار ڪرڻ لاءِ تيار نه هوس. اڄ مان پنهنجن خيالن ۾ هوس. هڪ سڪل وڻ وٽان پيچرو پنهنجو رخ بدلي رهيو هو، پر اڄ مون کي اها به خبر نه پئي ته پيچري پنهنجو رخ ڦيرائي ڇيو هو. ائين محسوس ٿي رهيو هو، گويا اهو رستو سڌو ئي سڌو هڪ طرف وڃي رهيو هجي. هي رستو تمام وڏو آهي. هي سفر بي منزل آهي. خچر جي پٺيءَ تي ويٺي ويٺي جهوٽو اچي ويو. اوچتو ڇرڪ ڀري جاڳي پيس. ڪنهن سڏ ڪري جاڳايو هو. ”راهي“

”لهه“ شمع خچر جي پٺيءَ تي هٿ رکندي چيو.

مان خچر تان لهي پيس ۽ ٻئي گڏ هلڻ لڳاسين. مون کائنس ائين به نه پڇيو ته هوءَ ڇو آئي هئي ۽ ڪيڏانهن وڃي رهي هئي. بس صرف ٻئي گڏوگڏ هلندا رهياسين. هڪ کيت جو لوڙهو سامهون اچي ويو ۽ اسين ٻئي بيهي رهياسين. ان لوڙهي تي جهنگلي انگور جون وليون ويڙهيل هيون ۽ ڀرسان ڌرتيءَ تي بنفشوءَ جا گل پکڙيا پيا هئا. هتان ٻنهي ماٿرين جو دلفريب نظارو نظر اچي رهيو هو. هڪ پاسي کان رنگپورج ي بستي هئي ۽ ٻئي پاسي کان چمن ڪوٽ جي. وچ تي ٻئي ماٿريون هڪٻئي سان گڏجي رهيون هيون.

شمع پنهنجيءَ قميس جي کيسي ۾ هٿ وڌو ۽ ٻٽون ڪڍي مون کي ڏنائين. مان حيرت وچان کيس تڪيندو رهجي ويس.  سندس زخمي چپن تي ٻه سنهيون ۽ ڳاڙهيون ڏارون پئجي ويون هيون، گويا گلاب جي پنکڙين ۾ چير ٿيل هجن...... مان ازخود شمع جي چهري ڏانهن جهڪي ويس.

هوءَ منهن ٻئي پاسي ڪري چوڻ لڳي، ”مون سان شادي ڪندين؟“

”شادي؟“ مون سندس لفظ دهرايو ۽ هوءَ شانت منهن سان مون ڏانهن نهارڻ لڳي.

”شادي؟“ مون آهستي آواز ۾ هڪ دفعو ٻيهر پڇيو.

”تون...... تون منهنجي ڳوٺ هل...... اتي هلي...... مان توسان شادي ڪندس.“

”تنهنجي ڳوٺ؟“

”ها، اجهو سامهون رنگپور جو ڳوٺ ناهي......؟“

”پر مان تنهنجي ڳوٺ هلي ڇا ڪنديس؟“ شمع پڇيو.

”مان صوبيدار جو پٽ آهيان، اتي مون کي جڳهه آهي، ٻني ٻارو آهي، نوڪر چاڪر، ڌن دولت، عزت، شهرت ۽ “ مان هٻڪي بيهي رهيس.

شمع چوڻ لڳي، ”منهنجي ڳوٺ ڇو نه ٿو هلين؟“

”توسان، ڪيڏانهن؟“

”ڌرن ڪوٽ، اتي منهنجا مائٽ رهندا آهن. منهنجي ماءُ کي منهنجو پيءُ ڇڏي ويو هو، جنهن ڪري هوءَ به پنهنجي پيڪن سان ڌرن ڪوٽ ۾ رهندي آهي. ڌرن ڪوٽ ۾ هينئر به برف وسندي هوندي، سڀني پاسن کان اڇي اڇي برف---“

شمع جون غضبناڪ اکيون چمڪڻ لڳيون. زور سان منهنجو هٿ پڪڙي چوڻ لڳي، ”اسين ٻئي هڪ ئي تنبوءَ ۾ رهنداسين تنهنجي بندوق سان ڏاڍو سٺو شڪار ٿيندو--- تون اسان جي ڪٽنب جو سردار ٿيندين--- مان رات جو کنجريءَ تي ڳائينديس ۽ ناچ ڪنديس—تو منهنجو ناچ ڏٺو آهي نه---؟“ ائين چئي پنهنجيءَ ٻانهن کي هڪ جهٽڪو ڏنائين.

مون چئني طرفن کان وسندڙ برف کي ڏٺو—ميري تنبو کي ڏٺو--- ان تڏي کي ڏٺو جنهن تي مان سمهيو پيو هوس ۽ شمع سمهي پيئي هئي، ۽ جنهن مان خراب بانس اچي رهي هئي. منهنجي واتان نڪري ويو--- ”پر شمع منهنجو کيت جڳهه، ملڪيت، بگيون، برادري – انهن کانسواءِ مان ڪئين رهي سگهندس؟“

شمع نهايت سادگيءَ سان چيو، ”ڇا جيئڻ لاءِ هيءَ کليل زمين ۽ کليل آڪاش ڪافي نه آهي؟ تنبو هجي، بندوق هجي ۽ ڪنهن جو آغوش هجي---ڇا اهو سڀ ڪافي نه آهي؟“

”تون سمجهين نه ٿي--- تون --- مان توکي ڪيئن سمجهايان --- تون خانه بدوش آهين نه----“

اوچتو شمع جي اکين جي چمڪ غائب ٿي ويئي. اهو نشو، اها مستي، اها ادا ويندي رهي. منهنجو هٿ ڇڏي ڏنائين ۽ چوڻ لڳي، ”مون توکي غلط سمجهيو هو؛ تون اهو ناهين جو......“

”ڪهڙو؟“

”خير، ڇڏانهن ڳالهين کي، تون نه سمجهي سگهندين.“

”شمع مون کي ڏاڍو ڏک آهي جو......“

هن منهنجي جملي کي اڌ ۾ ڪپيندي چيو، ”هينئر مان ڌرن ڪوٽ نه وينديس...... پنهنجي ڀاءُ سان نه رهنديس. هاڻي راول مون کي نه ڏسي سگهندو، اڄ کان وٺي مرجانه منهنجي لاءِ مري وئي...... پر مون کي لنبو سفر طئي ڪرڻو آهي، تون هي خچر مون کي ڏيندين؟“

”رستو تمام وڏو آهي ۽ سفر بي منزل آهي“ مان سوچڻ لڳس، ’لکين سالن کان پوءِ ٻه ڪنارا هڪ کن لاءِ هڪ ٻئي جي ڀرسان اچن ٿا ۽ ٻيءَ کن ۾ الڳ ٿي وڃن ٿا......‘

”شمع“ مون آهستي چيو، ”ڪڏهن به هڪ پل ٻئي پل جيان نٿو ٿئي.“

شمع پڇيو، ”ڇا؟“ ۽ سندس اکين ۾ آنسو تري آيا.

”ڇڏ ان ڳالهه کي تون نه سمجهي سگهنديئن......“

مون خچر جون واڳون شمع کي ڏيئي ڇڏيون. هن پنهنجي زخميل چپن تي، سنهڙي ۽ ڳاڙهي ڄڀ ڦيري هڪ پل لاءِ مون ڏانهن نهاريو ۽ ٽپو ڏيئي خچر تي سوار ٿي وئي. پوءِ آنسن سان تر اکين سان مون ڏانهن نهاري چوڻ لڳي، ”چڱو، خدا حافظ.“ ۽ منهنجي جواب جو انتظار ڪرڻ کان سواءِ خچر کي اڙي هڻندي، ڌرن ڪوٽ جي رستي تان ڊوڙندي ويئي.

مان گهڻيءَ دير تائين ان ٻه واٽي تي بيٺو رهيس. اهو ٻه واٽو جو ڌرن ڪوٽ ڏانهن پئي ويو. اهو ٻه واٽو جو منهنجي ڳوٺ ڏانهن به وڃي رهيو هو. منهنجا قدم ازخود ڌرن ڪوٽ جي رستي ڏانهن وڌي ويا، پر پوءِ پاڻ کي سنڀالي، واپس وري آهستي آهستي پنهنجي ڳوٺ وڌڻ لڳس.

”زندگي ڏي موٽ“

هو جڏهن اسپتال کان ٻاهر نڪتو ته هن جون ٽنگون ٿڙڪي رهيون هيون، ۽ هن پنهنجو سارو جسم آليءَ ڪپهه جو ٺهيل پئي محسوس ڪيو. سندس دل گهمڻ نه پئي چاهي، هن چاهيو پئي ته فٽ پاٿ تي ويهي رهي، قانون موجب اڃا هڪ مهينو کن کيس اسپتال ۾ رهڻ گهربو هيو. پر اسپتال وارن کيس وڌيڪ رهڻ نه ڏنو. هو ساڍا چار مهينا اسپتال جي پرائيويٽ وارڊ ۾ رهيو هو ۽ ڏيڍ مهينو جنرل وارڊ ۾ انهيءَ وچ ۾ سندس آپريشن ڪري هڪ بڪي ڪڍي وئي ۽ آنڊي جو ڪجهه حصو ڪڍي آنڊي جي ڪم کي درست ڪيو ويو. سندس جيري به صحيح ڪم نه ٿي ڪيو مگر کيس اپستال مان نڪرڻو پيو. ڇاڪاڻ ته ٻيا مريض انتظار ۾ هئا ۽ انهن جي حالت هن کان وڌيڪ خراب هئي، ڊاڪٽر هن کي هڪ ڊگهو چٽو هٿ ۾ ڏنو ۽ چيو ”هي طاقت جون دوائون پيءُ ۽ پنهنجي خوراڪ ڪر سگهو ٺيڪ ٿي ويندين، هاڻي اسپتال ۾ رهڻ جي ڪابه ضرورت ڪانهي“.

”پر مان ته گهمي به نٿو سگهان ڊاڪٽر صاحب.“ هن ڪمزوو آواز ۾ احتجاج ڪيو. گهر وڃ ٻه ٽي ڏينهن زال خدمت ڪندءِ ته صفا ٺيڪ ٿي ويندين“.

تمام هوريان هوريان ۽ ٿڙندڙ قدمن سان فٽ پاٿ تي هلندي هن سوچيو گهر!؟ ”پر مون کي گهر آهي ڪٿي؟ ها چند مهينا اڳ برابر هڪ گهر هو، هڪ زال هئي، هڪ ٻار ڄمڻ وارو هو، هو ٻئي اچڻ واري ٻار جي تصور ۾ ڪيترو نه خوش ٿيندا هئا. ڀلي دنيا ۾ گهڻي آدمشماري هجي، مگر هو ته هنن ٻنهي جو پهريون ٻار هو. سندن حسرت ۽ خوشيءَ مان ائين معلوم ٿيندو هو ڄڻ ته سندن اهو ٻار ساري دنيا جو پهريون ئي ٻار هجي.

دلاريءَ پنهنجي ٻار لاءِ تمام سهڻا ڪپڙا سبيا هئا ۽ اهي کڻي اچي اسپتال ۾ کيس ڏيکاريا هئائين ۽ هن انهن ڪپڙن جي نرم سطع کي ڇهندي ائين محسوس ڪيو هو ڄڻ هن پنهنجي ننڍڙي ٻار کي ٻانهن ۾ کڻي پيار ٿي ڪيو. پر پوءِ گذريل ٻن ٽن مهينن ۾ سندس سڀ ڪجهه لٽجي برباد ٿي ويو. جڏهن سندس بڪيءَ جو پهريون آپريشن ٿيو تڏهن دلاريءَ پنهنجا زيور وڪيا، زيور هوندائي اهڙن موقعن جي لاءِ آهن. ماڻهن جو خيال آهي ته زيور عورت جي حسن وڌائڻ لاءِ هوندا آهن. پر اهي ته ڪنهن جي درد جو درمان هوندا آهن، مڙس جي آپريشن، ٻارن جي تعليم، نياڻيءَ جي شادي. هيءَ بئنڪ اهڙن موقعن تي کلندي آهي. ۽ خالي ڪئي ويندي آهي. عورت صرف انهن زيورن جي نگهباني ڪندي آهي. سموري زندگيءَ ۾ عورت ويچاريءَ کي صرف ٻه چار ڀيرا اهي زيور پائڻ نصيب ٿيندا آهن.

بڪيءَ جي ٻي آپريشن کان اڳ ۾ دلاريءَ جو ٻار ڪري پيو. ائين ٿيڻو ئي هيو. ڇاڪاڻ ته دلاريءَ کي ڏينهن رات سخت محنت جو ڪرڻي ٿي پئي ۽ انهيءَ تڪليف سبب ساڳي خطري جو امڪان هو. دلاريءَ کي ڏسي ائين محسوس ٿيندو هو ته سندس پٽ جهڙو نرم ۽ سونهري جسم اهڙي سخت محنت ۽ تڪليف لاءِ جوڙيل ئي ناهي. انهيءَ ڪري هو سياڻو ٻار وچ ۾ ئي ڪاڏي سرڪي گم ٿي ويو. ناسازگار ماحول ۽ پيءُ ماءُ جي مجبور حالت ڏسي هو سمجهي ويو ۽ پاڻ ئي پيدا ٿيڻ مناسب نه سمجهيائين. ڪجهه ٻار واقعي اهڙائي عقلمند ٿيندا آهن. دلاري تڪليف سبب ڪيترا ڏينهن اسپتال ۾ نه اچي سگهي. جڏهن ان اچي ٻار جي ڪرڻ جي خبر ٻڌايس تڏهن هو ڏاڍو رنو هو. پر جيڪڏهن کيس اها خبر هجي ها ته اڳتي هلي هو اڃا وڌيڪ روئندو ته جيڪر هو ان حادثي تي روئڻ بجاءِ خوشي ڪري ها.

بڪيءَ جي ٻي آپريشن کان پوءِ سندس نوڪري ختم ٿي وئي، ڊگهي بيماريءَ ۾ ائين ئي ٿيندو آهي. ڪير ڪنهن جو ڪيترو انتظار ڪندو؟ بيماري ماڻهوءَ جو ذاتي معاملو آهي. جيڪڏهن ڪوئي ائين چاهي ٿو ته سندس نوڪري برقرار هجي ته ان کي گهڻي وقت لاءِ بيمار نه ٿيڻ گهرجي انسان به مشين وانگر آهي جيڪڏهن ڪا مشين گهڻو وقت خراب رهندي ته ان کي کڻي هڪ پاسي ڪنڊ ۾ رکي ڇڏبو آهي ۽ ان جي جڳهه تي نئين مشين اچي ويندي آهي. ڇاڪاڻ ته ڪم رڪجي نٿو سگهي، بزنيس بند نٿو ٿي سگهي ۽ وقت جي گاڏي رڪجي نٿي سگهي انهيءَ ڪري جڏهن کيس خبر پئي ته سندس نوڪري ختم ٿي وئي، تڏهن کيس سخت جهٽڪو محسوس ٿيو. ڄڻ ته سندس ٻي بڪي به ڇڄي پئي هجي انهيءَ صدمي جي ڪري سندس ڳوڙها به سڪي ويا. دلي صدمي ۽ وڏي مصيبت ۾ لڙڪ به ڳڙي نه سگهندا آهن. هن محسوس ڪيو ته سندس دل ۾ وڏو خال ٿي پيو آهي. سندس پيرن هيٺان زمين کسڪندي محسوس ٿي ۽ سندس رڳن ۾ رت جي جاءِ تي خوف ۽ حراس دورو ڪندي محسوس ٿيڻ لڳو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com