سيڪشن؛ ڪهاڻيون

ڪتاب: ڪرشن چندر جون ڪهاڻيون

باب: --

صفحو :11

بهرحال اسان کي اها ته خبر ڪانهي ته اسسٽنٽ سيڪريٽريءَ جي گهر  ڇا ٿيندو هو، پر هوريان هوريان سندس گهر ٻه ماڙ ٿي ويو ۽ اندران سامان سڙو به بدلجي ويو ۽ وسنڌرا جي پيڪن جي گهر به  ٻه ماڙ  تي ٽين جي ڇت پئجي وئي، جيڪا اسان جي شهر ۾ سکر ماڻهن جي نشاني هوندي هئي.

وسنڌرا جي چال ۽ هڪ وقار ۽ گهرائي پڻ اوچي وئي. وسنڌرا هڪ معمولي سوناري  جي زال هئي، پر چوندا آهن ته هوءَ پرين جي راڻي لڳندي هئي. اسان ڇپوڪرن کيس هڪ دفعي پهاڙين واري ٻيلي کان موٽندي ڏٺو هو جتي هوءَ ڪنور سان گڏ شڪا/ر تي وئي هئي. سندس سونهري وار هوا ۾ ائين پئي  لڳا، ڄڻ ڪي گلاب جا گل جهومندا هجن، شام جي لالاڻ ۾ سندس چهرو  چمڪي رهيو هو.

هوءَ ولي عهد ڪنور راجڪمار سان گڏ ڪاري رنگ جي بليئر گهوڙي تي چڙهيل هئي. ڪاٽرا بخمل جي برجس ۽ کليل ڪالرن واري بلائوزر ۾ هوءَ پرستان جي شهزادي ٿي لڳي. هيءَ اها وسنڌرا ته نه هئي، جنهن سان گڏ ننڍي هوندي مان کيڏندو هوس. سندس نگاهون آسمان ۾ کتل هيون ۽ ائين پئي لڳو ڄڻ سندس گهوڙو به زمين کان مٿانهون پئي هليو.

عجيب حسن ۽ عشق جا ڏينهن هئا، سڄو شهر ڄڻ ان داستان عشق ۾ گم هو،  ڏينهن ناول جي دلچسپو ۽ رومانوي صفحن وانگر پئي گذريا، بس ٻي ڪا ڳالهه ته ڪنهن جي زبان تي ئي ڪانه هئي.

پوءِ ٻڌڻ ۾ آيو ته راجڪمار کي وڌيڪ پڙهڻ لاءِ انگلينڊ موڪليو ويو. هر ڪنهن جي دل کي  ڏاڍو ڌڪ رسيو. ڪو وسنڌرا جي ڏک ۽ بيوسيءَ کي پيو محسوس ڪري، عشق جي ڏک ۽ دردمنديءَ ۾ هر ڪنهن جي دل چور چور هئي. هر ڪنهن وسنڌرا جي اکين ۾ نيرپئي ڏٺا. ممڪن آ، هن جي اکين ۾ ڪا آلاڻ  به نه هجي، پر اسان سڀني کيس نير وهائيندي ڏٺو ۽  هڪ حسين عورت جي دلي صدمي جي تپش کي محسوس ڪيو.

ڪجهه مهينا مس گذريا ته ٻڌڻ ۾ آيو ته وسنڌرا  نئين وزير صاحب جي باغ ۾ چهل قدمي ڪندي پئي وتي. وزير ماڻڪ هڪ خوبصورت راجپوت ۽ شاهي گهراڻي جو ٻار هو. سندس تعلق حاڪمن جي نسل سان هو ۽ وري وزير هجڻ جي حيثيت ۾ وٽس وڏي طاقته ئي، اها ان ڪري جو راجا صاحب بيمار هو، ولي عهد راجڪمار پڙهڻ سانگي انگلينڊ ويل هو. ان ڪري پوري رياستي طاقت ڇڪجي اچي سندس قدمن ۾ پئي هئي.

چانڊوڪي راتين ۾ ماڻهن وسنڌرا ۽ وزير صاٻ کي وزير صاحب جي بنگلي جي باغ ۾ رستن ۽ گلن جي قطارن وچان لنگهندي ۽ ٽهلندي لڪي لڪي ڏٺو هو ۽ پوءِ هڪ دفعو وري وسڌارا ۽ وزير ماڻڪ چند جي محبت جا داستان ڳائجڻ شروع ٿيا، ڪجهه ان انداز ۾ ڄن وسنڌرا بيوفائي ته ڪانه ڪئي هئي، پر ڪو نئون علائقو فتح ڪيو هئائين ۽ هر شخص ان خوشيءَ ۾ شريڪ هو. سڄي شهر خوشيون  پئي ملهايون. هاڻ درٻار وسنڌرا جي پيڪن ۾ لڳندي هئي. رياست جا اهم معاملا وزير صاحٻ بدران وسنڌرا سنڀاليندي هئي، ايستائين جو حاڪمن جون بدليون ۽ مقرريون به وسنڌرا ڪندي هئي بس سڄي شهر ۾ وسنڌرا جي هاڪ هئي. انهن ڏينهن ۾  مان ميٽرڪ پاس ڪري لاهور پڙهڻ ويو هوس، فارمين ڪرسچن ڪاليج لاهور ۾ ٻن سالن کان پوءِ جڏهن واپس آيم ته وزيرم اڻڪ چند جي جاءِ نائب ريزيڊنٽ بهادر ورتي هئي. شهر ۾ ريزيڊنسيءَ جي هڪ شاخ قائم ڪئي وئي هئي، جتي نائب ريزيڊنٽ بهادر رهندو هو، تمام اهم معاملن ۾ هو راجا صاحب  کي مشورا ڏيندو هو ۽ هو به سندس ڳالهين تي اڪثر عمل ڪندو هو.

پوءِ جڏهن ريزيڊنٽ بهادر صاحب جو گهوڙو هڪ ڏينهن وسنڌرا جي پيڪائين گهر (جيڪو هاڻ ٽه ماڙ ٿي ويو هو) جي ٻاهران بيٺل نظر آيو ته حيرت ۽ عجب جي لهر سڄي شهر مٿان ڇائنجي وئي. ائين لڳو ڄڻ سڄي برطانوي سلطنت هڪ هدنستاني ڇوڪريءَ جي پيرن ۾ اچي  پئي آهي. ان کان اڳ ڪنهن کي ياد ڪونه هو ته ڪو ريزيڊنٽ صاحب پاڻ ڪنهن شهريءَ جي گهر لهي آيو  هجي. هوءَ ته راجا صاحب ضروري مشورا وٺڻ سندس گهر ويندو هو.

ٻن سالن کان پوءِ جڏهن  آئون ڳوٺ واپس آيس ته وسنڌرا جي حسن ۽جمال جي شهرت ستين آسمان تائين پهچي چڪي هئي. انگريز ريزيڊنٽ سان عشق ڪري هن ڄڻ ته بين الاقوامي شهرت حاصل ڪري ورتي هئي. آئون کيس ڏسڻ لاءِ آتو هوس، انهن ڏينهن ۾ مون مادام بواري ۽ ٻيا ڪيترائي فرانسيسي ناول پڙهيا هئا ۽ آئون انهن فرانسيسي حسينائن جي نالن کان واقف هوس، جن جي درن تي فرانسيسي ڪابينا جا وڏا وڏا وزير مٿو ٽيڪيندا هئا. اسان جي شهر ۾ هڪ اهڙي عورت موجود هئي، کيس ڏسڻ جو شُق ٿي پيو ۽ چوڻ لڳم ته کيس ڏسڻ گهرجي ۽ ويجهو کان ڏسڻ گهرجي. سو مون ان ڳالهه جو ذڪر پنهنجي دوست بربخش سنگهه سان ڪيو هو شهر جي ٻاهرين پاسي رهندو ۽ سندس گهر جي چوڌاري وڏن وڏن وڻن وارو باغ هو ۽ سندس گهر جي پويان هڪ پهاڙي ندي گوڙ ڪندي پئي وهندي هئي. وسنڌرا هن جي پري جي مائٽياڻي ئي. گربخش سنگهه پهريان ته گهڻو ئيل نوايو، پر نيٺ منهنجي ڳالهه مڃيائين ۽ پوءِ هڪ ڏينهن هڪ ننڍڙي محفل ۾ هن وسنڌرا جي ماءُ پيءُ کي به گهرايو ۽ مون کي پڻ دعوت ڏنائين. مون کي ياد ڪونهي ته ان دعوت ۾ مون وسنڌرا سان ڪجهه ڳالهايو هجي، هڪ ته مان عمر ۾ کانئس ٻه ٽي سال ننڍو هوس،  مٿان ڪچو ۽ شرميلو، ٽيون ته حسن جي رعب ڪري آئون ساڻس ڳالهائي ڪونه سگهيس، شايد ٽيون سبب سڀني کان وڌيڪ اثر انداز ٿيو هو.

مانيِءَ کان پوءِ اسان گربخش سنگهه جي باغ ۾ چهل قدمي لاءِ  نڪتاسين. باغ ۾ اڇا ۽ پيلا چنبيليءَ جا گل هئا، وڻن تي زردالو پڪل هئا ۽ ڏاڙهونءَ جي گلن، باغ جو رنگ ئي ياقوتي ڪري ڇڌيو هو. گهمندي گهمندي وسنڌرا هڪ زردالن جي وڻ هيٺان بيٺي ۽ پڇيائين ”هن وڻ جا زردالومٺا هوندا؟“

اک ڇنڀ ۾ گربخش هڪ تي ۽ مان ٻئي وڻ تي چڙهي وياسين ۽ جهٽ ۾ سندس اڳيان زردالن جو ڍير ڪري ڇڏيوسين.

ٿوري دير گذري گربخش جو چاچو جيڪو سندس گهر۾ رهندو هو، هڪ وڻ تان لٿو ۽ زردالن جو ڍير آڻي وسنڌرا آڏو رکيائين ۽ اکيون ڇنڀيندو هليو ويو، هن جي عمر  لڳ ڀڳ سٺ ورهيه ٿيندي.

پوءِ هڪدم هن پنهنجي آڱر منهنجي ڳل تي رکي ۽ چيائين ”اڙي ڪشن؟ ننڍي هوندي تنهنجي ڳل ۾ چگه پوندو هو ڪاڏي ويو؟“

مون کي ايترو ته شرم محسوس ٿيو، جو آئون اتان تڪڙو تڪڙو هليو ويس، هڪ لفظ به کيس ڪونه چئي سگهيو هوس، ڇپري تائين هن جي ٽهڪن جي چنبيلي جا گل پنهنجي ڪنن  مٿان ڪرندا رهيا.

ان کان پوءِ مون وسنڌرا سان ملڻ جي ڪڏهن ڪوشش ئي ڪانه  ڪئي. ها سندس آڱر جي ڇهاءُ اڃا تائين سنڀاليو  اچان، دل جي ڪنهن جڳهه ۾ ڇو ته منهنجي ڳل تي هاڻ ڪوبه چگهه ڪونه پوندو آهي، جيڪو ننڍپڻ ۾ ڪڏهن پوندو هو ۽ اها آڱر ماکيءَ جي ڪنهن لار جيان اڄ به منهنجي ڳل کي راتين جو ڇهندي آهي ۽ شرير لهجي ۾ مون کان سوال ڪندي آهي، ”ڪشن تنهنجو اهو چگهه ڪاڏي ويو؟“

وسنڌرا لاءِ ڪنهن وٽ به شڪايت ڪانه هوندي هئي ته هوءَ ڪا بيوفا آهي ۽ نه ئي اها ته هن ڪئي محبتون ڪيون آهن، نه اها ته هن گهڻن جو پيار ٺڪرايو آهي ۽ نه ئي اها ته هن رڳو وڏن ماڻهن سان عشق ڪيو آهي. ڪنهن کي به ساڻس ڪا شڪايت ڪانه هئي. اسان ته سندس شڪرگذار هياسين، جو هوءَ اسان منجهان پيدا ٿي هئي. ائين ڀاسندو هو ڄڻ اسان  مان هر هڪ جو ساڻس جدا جدا عشق هجي. هن جي عشق جا ڪجهه داستان ته سچا هوندا هئا ۽ ڪن ۾ وري وڌاءُ به هوندو هو. هلندي هلندي وسنڌرا اسان جي شهر جي هڪ رومانوي دستان بڻجي وئي.، انهن ماڻهن ۾ هڪ ماڻهو اهڙو به هو، جنهن کي وسنڌرا کان شڪايت هئي اهو هو سندس مڙس گوپال جيڪو پاڻ هڪ خوبصورت ڳڀرو نوجوان هو،ا ن ڪري سندس شڪايت جائز به هئي ته صرف ساڻس عشق ڇو نه. جڏهن ته هي ڪو غريب ماڻهو به ڪونه هو، هو سوچيندو هو وسنڌرا بيوفا ڇو آهي، ماڻهو ڇو سندس سونهن جا قصيدا ٿا ڳائن، ان جي جدائيءَ ۾ آهون ڇو ٿا ڀرين؟ هن کي ڏسي ڇو ماڻهن جا ميڙا مچيو وڃن؟

آهستي آهستي هن جي ڪابه شخصيت ڪانه رهي، بس هو صرف وسنڌرا جو مڙس هجڻ جي ناتي سڃاتو ويندو هو. هو وسنڌرا سان محتب ڪندو هو، پر سندس اندر ۾ آنڌ مانڌ هوندي هئي، ڪڏهن ڪڏهن ته ڪاوڙ منجهان وسنڌرا کي مارڻ تي دل  چوندي هيس، پر وسنڌرا کي ڏسندي ئي سندس ڪاوڙ پيار ۾ بدلجي پوندو هو، پر وسنڌرا جي قدمن ۾ پوندي ئي هن جي ڪاوڙ دنيا وارن تي پوندي هئي. هو ٻاهرين دنيا کان نفرت ڪرڻ لڳو هو جنهن وسنڌرا جي حسن کي عجيب و غريب روپ ڏئي هن شادي شده جوڙي جي ازدواجي زندگي ڄڻ  ته تباهه ڪئي هئي ۽ هنن کي پيار، رفاقت ۽ پاڪيزدگيءَ سان رهڻ جو موقعو ئي نه ڏنو.

ائين جڏهن وسنڌرا جا ٽي چار قصا عام ٿيا ۽ ريزيڊنٽ بهادر وارو  عشق زور وٺي ويو ته گوپال شهر ڇڏي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو. هن پاڻ سان واعدو ڪيو ته مان پنهنجي حسين زال کي وٺي اوڏانهن ويندس، جتي سندس حسن جو چرچو سندس پيڇو ڪري نه سگهي. پهريان وسنڌرا شهر ڇڏڻ لاءِ تيار ڪونه پئي ٿي، پر پوءِ جڏهن گوپال کيس طلاق جي ڌمڪي ڏني ته هوءَ راضي ٿي وئي. گوپال لڪ ڇپ ۾ تياريون شروع ڪيون ۽ وسنڌرا کي به منع ڪيائين ته اها خبر ڪنهن کي به نه پوي  ۽ نه وري هوءَ ڪنهن سان اها ڳالهه ڪڍي.

مڄاڻ الائجي ڪيئن اها خبر سڄي شهر ۾ ڦهلجي وئي، جتي ڪٿي ناڪن تي، چونڪن تي، هوٽلن ۾ گهرن، آفيسن ۾، اهو ذڪر ٿيڻ لڳو ته گوپال وسنڌرا کي وٺي شهر کان لڏيو ٿو وڃي، هميشه لاءِ، پر ڪير گوپال کي جهلي، هو وسنڌرا جو مڙس ۽  (هن جي مرضي هئي  هو پنهنجي زال کي ڪاڏي به وٺي وڇي) وسنڌرا  پنهنجي مڙس سان نٿي وئي، سڀئي ماڻهو پريشان هئا پر ڪنهن به پنهنجيءَ پريشانيءَ جوا ظهار ڪونه ٿي ڪيو. بس هڪ ٻئي سان سس پس پئي ڪيائون، سڀني جا منهن لٿل هئا. ڄڻ شهر تي ڪا وڏي آفت اچڻ واري هجي.

آخر وڃڻ جو ڏينهن اچي ويو، گوپال صبح ساجهر سڄو سامان خچرن تي ٻڌرائي، انهن کي انگالي صاحب جي گودواري ڏانهن پهريان ئي موڪلي ڇڏيو ۽ اهو به طئي ٿيل هو ته وڃڻ کان اڳ هو ٻئي گوپال ۽  وسنڌرا انگالي صاحب  جي گورد واري ۾ حاضري ڀريندا، توبهه تائب ٿيندا ۽ پنهنجي گناهن جي معافي گهرندا. پوءِ هڪ نئين زندگيءَ جو آغاز ڪرڻ لاءِ رجوري ڏانهن ويندا.

انگالي صاحب جو گورد وارو شهر کان چار پنج ميل پري هڪ دلڪش ٽڪريءَ تي هو، رستو ڏاڍو  ڏکيو هو،ا ن رستي ۾ هڪ خطرناڪ پهاڙي ندي پڻ هوندي هئي، جنهن تي هڪ ڪاٺ جي پل ٺهيل هئي، ان کانپوءِ هڪ خطرناڪ  لاهي ٿيڻ لهي شهر جي ٻاهران درياهه مان گذرڻو پوندو هو، جنهن جو پيٽ تمام ويڪرو هوندو هو ۽ ڪا پل وعيره نه هئي. ان ڪري گوپال خچرن وارن کي صبح ساجهر چوائي موڪلي ڇڏيو هو ۽ کين چيو هئائين ته شهر کان ٻه ميل ٻاهر ڪوٺاني واري ڪاٺ جي پل وٽ سندس انتظار ڪن. ٻه گهوڙا هن پنهنجي ۽ وسنڌرا جي لاءِ روڪيا هئا، پوءِ هن کي وڍي سندس پيڪين گهر  موڪلائڻ ويو ۽ انهن کان موڪلائي هو شهر کان ٻاهر نڪري روانا ٿيا.

وسنڌرا ۽ گوپال پنهنجي پنهنجي گهوڙي تي خيالن جي دنيا ۾ گم شهر جي حدن کان ٻاهر نڪري ۽ ڍونگس جي چشمي کان اڳتي وڃڻ واري رستي تي پهچي ويا هاڻ ته شهر جون عمارتون ختم ٿي ويون هيون، سارين ۽ مڪائيءَ جا فصل شروع ٿي ويا هئا. ڪٿي ڪٿي رستي ۾ ڪو هڪ اڌ ڪچو گهر، ڪو ننڍڙو هوٽل نظر پئي آيو، نه ته هي طرف خاموشي هئي. وسنڌرا ڪنڌ هيٺ ڪيو، گهوڙي جي واڳ کي ڍرو ڇڏيو، ڪجهه سوچيندي پئي وئي. کيس اڄ پنهنجو شهر ڇڏيندي ڪيڏو نه عجيب ٿي لڳو، پر هوءَ ڪري به  ڇا ٿي سگهي، وڃڻو ته هيس  ئي.

شهر کانئن گهڻو پوئتي رهجي ويو هو، گهر، ٻنيون ۽ مڪئي جي پوک، دڪان، ڪچا گهر به پوئتي رهجي ويا هئا. هاڻ جابلو رستو هو، هڪڙو ڪچو پيچرو جبل جي سيني تي  رڙهندو مٿي ٿي ويو. انهيءَ جبل جي ٻي پاسي ڪوٺاني جي خطرناڪ ندي هئي، جنهن مان لنگهي کين انگالي صاحب جي گورد واري ۾ وڃڻو هو  ۽ انگالي صاحب جي قدمن ۾ سيس نوائي، هونئين زندگيءَ ڏانهن وڌڻا هئا.

هاڻ پري پري تائين ڪا وسندي ڪانه هئي، ڀڙڀانگ رستا ويران جهنگل، ڪٿي ڪٿي ڪي ڌنار خاموشيءَ سان هيٺاهين مٿاهينءَ تي گهمندي نظر پئي آيا، وسنڌرا  وڏو ٿهڌو ساهه کنيو ۽ ٻئي پهاڙي جي چوٽي ٽپي  ٻئي طرف هليا، جتي ڪوٺاڻي ندي تي ڪاٺ جي پل هئي. ٽڪريءَ جي ٻئي طرف مڙندي هڪدم سندن نظر ماڻهن جي انبوهه تي پئي، تمام گهڻا  ماڻهو هئا، پنج سئو هوندا. نه، نه، هزار کن، ٻه هزار کن هوندا، نه، نه...... ٽن هزارن کان به مٿي هوندا، اهي سندن پنهنجي شهر جا ماڻهو هئا ۽ ايترا گهڻا گڏ ٿيا هئا، جو سندن پٺيان ڪاٺ جي پل نظر ڪانه ٿي آئي.

ٻئي جڏهن ماڻهن جي ويجهو پهتا ته ماڻهن هٽي کين جاءِ ڏني. ڪنهن وڌي وسنڌرا جي گهوڙي جي واڳ جهلي ته ٻئي وري گوپال جي گهوڙي جي واڳ ورتي ۽ خاموشيءَ سان ساڻن گڏ هلڻ لڳا، گوپال حيرانيءَ وچان کانئن پڇيو ”توهان ڪاڏي ٿا وڃو؟

”انگالي صاحب،“ هڪ شهري جواب ڏنو ۽ گوپال جي گهوڙي سان گڏ هلڻ لڳو. گوپال حيران هو ته آخر ڳالهه ڇاهي، پر ڪو به ساڻس ڳالهائڻ لاءِ تيار نه هو. سڀئي ماڻهو هڪ جلوس جي شڪل ۾ چپ چاپ ساڻن گڏ هلي رهيا هئا.  ٿوريءَ دير ۾ هو ڪو........ ڪاٺ واري  پل وٽ پهچي ويا، جيڪا هڪ گهري پهاڙي ندي تي ٺهلي هئي،. گوپال کان دانهن ڪري وئي جڏهن هن ڏٺو ته پل ته کاهي ۾ اندر ڪري پئي آهي ۽ پاڻي سندس  مٿان وهي پيو.

”پل ڀڄي پئي“ ڪنهن صاحب نهايت سنجيدگيءَ سان چيو. ٻئي وري گوپال کي ٻڌايو، ”ڏسو پل ڀڄي پئي آهي“ پوءِ ٽئين جنهن جي هٿ ۾ وسنڌرا جي گهوڙي جي واڳ هئي، نتهن ڪنڌ ڌوڻيندي چيو، هاڻ اسان انگالي صاحب ڪيئن وينداسين. گوپال دل ۾ ڪاوڙ وچان پڄري رهيو هو،. هنن حرامزادن پاڻ ئي ته پل ڀڳي آهي ۽ مون کي ڪيئن ٿا ٻڌائين. ڄڻ هنن کي اڳ ۾ اها خبر ئي ڪانه هئي. هي اسان کي روڪڻ ٿا چاهن ۽ منهنجي سامهون ائين ٿا ظاهرڪن ڄڻ  هنن جي اسان جي وڃڻ  نه وڃڻ ۾ ڪا دلچسپي ڪانهي. پر هي سڀ هتي آيا ڪيئن، گوپال حيران هو، ماڻهن ۾ رڳو نوجوان به نه هئا، ڪروڙڍ، ڪراڙا، مسلمان، سک، هندو، انهن ۾ راجپوت به هئا ته پنڊت به، کلمک ماڻهو به هئا ته خشڪ مزاج به،.... انهن ۾ ته اهڙا ماڻهو  به هئا، جن شايد ئي ڪو عيب هٿان وڃايو هجي، انن ۾ دڪاندار به هئا ته ننڍا وڏا حاڪم به، مالهي  به هئا ۽ ڌنار به، اهڙا ماڻهو به هئا، جن کي گوپال ڪڏهن ڏٺو به ڪونه هو هي سڀئي ماڻهو کين روڪڻ آيا هئا، سندس دل اڻ تڻ ۾ مبتلا هئي، هيترن ماڻهن جي اچڻ تي خوش به هو ۽ ڪاوڙ به هيس. ٻئي جذبا، ٻئي احساس هڪٻئي سان هئا.

”آئون ويندس.“ هن ڏند ڪرٽيندي چيو. ”پر ڪيئن ويندين؟پل ته ڪانهي ۽ کاهي به گهري آ. پل ٺاهڻ لاءِ به گهٽ ۾ گهٽ ٻه مهينا لڳندا.“

ها! ٺيڪ ٻن مهينن کان پوءِ هليو وڃجان! هڪ ماڻهوءَ چيو.

”اڙي فوجي!“ قاسم چيو، ”منهنجي ڌيءَ جو وهانءُ ايندڙ مهيني آهي. ان لاءِڳهه ڳٽا ڪير ٺاهيندو.“

هن جي ڀيڻ پئي چوي ته مان گوپال جي ٺهيل دهري پائيندس. پنهنجي پرڻي تي ۽ تون وڃين ٿو.

هي سورنهن تولا سون وٺ! منهنجي زال لاءِ گهنگهرو ٺاهي ڏي، جهڙا تو ٺاڪر ديال سنگهه جي چاچي لاءِ ٺاهيا هئا. بلڪل اها ڊيزائين.

گوپال! تون اسان جي شهر جو سڀني کان سٺو سونارو آهين، هيءُ ڪم توکي پنهنجي ڀاڄائيءَ لاءِ ڪرڻو پوندو ٺاڪر جگجيت سنگهه ڪپڙي جي هڪ ڳنڍ ۾ ٻڌل سون سندس هٿن ۾ ڏيڻ لڳو. هڪدم ماڻهن کيس گهيري ورتو، ڪنهن سون آندو هو ته ڪنهن چاندي. امير ۽ غريب ملي هن تي ڪم جي ڀرمار ڪري رهيا هئا. هو کيس وڄڻ کان ڪونه پيا جهلين، پر کيس ايترو ته ڪم پيا  ڏين، جو ٻه  مهينا ڇا ٻن سالن ۾ به کانئس پورو ڪونه ٿئي.

جيڪو ڪجهه  هنن کيس چيو هو، ان کان ضرروي ڪو هو جو هنن کيس ڪونه چيو ۽  جيڪو ڪجهه ڪونه چيو، ان هن جي دل وٺي ورتي هئي، هن کي ساهه گهٽبو محسوس ٿيو، سندس اکين ۾ ڳوڙها اچڻ لڳا. هو سون ۽ چاندي جي نه پيار جي رشوت ڏئي رهيا هئا ۽ خاموش زبان سان چئي رهيا هئا، اسان توکي هتان وڃڻ ڪونه ڏينداسين. وسنڌرا جون حسين اکيون ڀرجي آيون ۽ هن پنهنجو چنڊ جهڙو چهرو رئي جي پلاند ۾ لڪائي ڇڏيو.

چڱو هاڻ آئون ڪڏهن به شهر ڇڏي ڪونه ويندس. گوپال ڳوڙها اگهندي چيو.

هڪدم نوجوان ڪڏڻ لڳا ۽ دهل وڄڻ لڳو ۽ سڀئي ماڻهو گڏجي پهاڙي گيت ڳائڻ لڳا، گهوڙن جون واڳون واپس ورايون ويون.

هونءَ ته مون پنهنجي زندگي ۾ وڏا وڏا جلوس ۽ جشن ڏٺا آهن، پر ان چمڪندڙ ڏينهن واري هن پهاڙي قافلي کي آئون زندگي ڀرنه وساري سگهندس جڏهن هڪ ننڍڙي شهر جا رهواسي پنهنجي شهر جي خوبصورتيءَ کي واپس ورائي آيا هئا. شايد هميشه هميشه لاءِ.

(سنڌيڪار: عبدالرحمٰن پيرزادو)

 

پٿر دل

جڏهن کان فرينچ پرفيومز لميٽيڊ چرچ گيٽ ۾ فرانسيسي عطرن جو دڪان کوليو هو، بمبئيءَ جي فروٽ واري علائقي ۾ ان جي سيلز گرل جو ڏاڍو نانءُ ٿي ويو هو. فرينچ پرفيومز جو م لاڪ بلونت راءِ هندستاني هو، جنهن هڪ ڊگهي عرصي تائين پيرس ۾ هندستاني مٺايون وڪرو ڪيون  هيون.  اتي ئي هن هڪ فرانسيسي ڇوڪريءَ سان شادي ڪئي هئي ۽ اتي ئي سندس پنج پٽ ڄاوا هئا. پنجويهن سالن کان پوءِ جڏهن هو زال ۽ ٻارن سوڌو وطن وريو هو، تڏهن به سندس ارادو  پنهنجي پراڻي ڌنڌي کي جاري رکڻ جو هو – پر سندس زال ميڊم سوسنا کيس صلاح ڏني ته هندستان ۾ رهي، هندستاني مٺائي وڪرو ڪرڻ جو ڪم غلط آهي. جيڪڏهن هو پيرس ۾ هندستاني مٺائي وڪڻندو هو ته،  ساڳئي قاعدي سان کيس هندستان ۾ فرانسيسي عطر وڪرو ڪرڻ کپي.

ميڊم سوسنا واپار جا اصول ڄاڻندي هئي، کيس ارمان هو ته اهوئي، ته سندس اولاد ۾ ڪائي ڇوڪري نه هئي، جنهن کي هوءَ عطر جي دڪان تي سيلز گرل جي ڪم تي لڳائي ها. باقي ڇوڪرن لاءِ ته عطر وڪڻڻ ائين آهي، جيئن رڍن اڳيان رباب وڄائڻ.... هوءَ پاڻ پنهنجي جوانيءَ جو سرمايو ته پنهنجي مڙس ۽ ٻارن مٿان لڳائي چڪي  هئي، جيڪو واپس ته ورندو ئي ناهي – نه ته ٻيو هر قسم جو سرمايو، سرمائيدار کي وياج سوڌو واپس ورندو آهي. خير، ميڊم سوسنا ۽ بلونت راءِ مجبوريءَ تحت اخبار ۾ سيلز گرل لاءِ اشتهار ڏنو. خوشقسمتيءَ سان کين جلد ئي هڪ ڏاڍي سٺي ڇوڪري ملي وئي. موهني ڪراچيءَ جي پيداوار هئي، سڌي سادي معصوم، نه ناز، نه ڪوئي نخرو، سڌيون سنيون ٻه چوٽيون، سليٽي رنگ جي ساڙهيءَ ۾ ويڙهيل، هوءَ ڪاليج کان انٽرويو لاءِ هلي آئي هئي.  موهنيءَ جو پيءُ مري چڪو هو، ۽ سنڌن جي سور سبب، ماءُ نيم معذور ٿي چڪي هئس. سندس ٻه ننڍڙا ڀائر هئا، جيڪي پنجين ۽ ستين ۾ پڙهندا هئا، هڪ انڌي ماسي هئس. هن مهل گهرجي وڏي موهني هئي،ان ڪري پيءُ وارا بار سندس مٿان اچي ڪڙڪيا هئا - ۽ هوءَ جيئن تيئن ڪري مڙئي نڀائي رهي هئي.صبح سان هوءَ ڪاليج ويندي هئي، جيڪو ستين کان ساڍي ستين تائين هلندو هو. اهو ڪاليج هارن بي روڊ تي هو، ۽ آفيسن ۾ ڪم ڪرڻ وارن جي سهوليت خاطر کوليو ويو هو. ڏينهن ۾ هوءَ ٻن هنڌن تي پارٽ ٽائيم ٽائپسٽ جو ڪم ڪندي هئي، ساٿ نه ڏيندڙ حالتون، مجبور خواهشون، اجهاڻل دل – اهڙو ته ڪو به نه هوندو، جنهن پنهنجي ويران هستيءَ ۾ ٻه چار نخلستان نه سينگاريا هجن..... پرموهني پنهنجي زندگيءَ ۾ جنهن پاسي به نهاريندي هئي، کيس ڪوهن تائين واري ئي واري نظر ايندي هئي -  ڪٿي ڪوئي گل ته ڇا، گاهه جو پن به نظر نه ايندو هو.... بس، سندس وڏين وڏين ڀورين اکڙين ۾ ڪڏهن ڪڏهن اهڙا شفاف پاڇا ڏڪڻ لڳندا هئا، جڻ گهڻو ڏور ڪٿي سپنا روئي رهيا هجن، فقط چند لمحن ۾ سندس شخصيت بيحد وڻندڙ ٿي پوندي هئي – ان وقت کيس ڪوئي ڏسي  ته پٿر دل به پاڻي ٿي پوي، پر  بمبئي ۾ نه پٿر دل هوندو آهي، نه نرم دل. بمبئي ۾ دل جي جاءِ تي هڪ گهڙيال لڳل هوندو آهي، جيڪو هر پل ٽڪ ٽڪ ڪندو رهندو آهي. گهڙيال ڏاڍي سٺي شيءِ آهي، پر گهڙيال سان توهين محبت ته نٿا ڪري سگهو.

بلونت راءِ موهنيءَ جو منهن ڏسي کيس موٽائڻ وارو هو، پر نه ڄاڻ ڪيئن ميڊم سوسنا موهنيءَ جي وڏين وڏين اکڙين ۾ اهي شفاف پاڇا ترندي ڏسي ورتا. هن هٿ جي اشاري سان ويندڙ موهنيءَ کي روڪي ورتو، ۽ پاڻ ڏانهن سڏيائين. سوسنا حسن جو شديد احساس رکندي هئي، هن موهنيءَ کي هڪ نهار ۾ ئي پسند ڪري ورتو هو.

هي ڊگهيون ڊگهيون سونهري رسن جيان ويڙهيل چوٽيون جيڪڏهن ڪٽجي وڃن، ۽ وار ڪلهن تي ڦهلجي وڃن ته... هي سڌا ڇپر جيڪڏهن روج لڳل ڳلن تي حجاب واري ادا سان وکري وڃن ته.... هي سهڻا چپ جيڪڏهن شافري جي لپ اسٽڪ سان سينگارجي وڃن..... اها سرخي جڏهن چپن تي گسندي آهي ته ائين لڳندو آ، ڄڻ چپ باهه جا ٺهيل هجن... اها لپ اسٽڪ جيڪڏهن انهن چپن کي ڇهي وڃي ته ..... چيلهه  ڇڪي اندران ٻڌل.... جيتوڻيڪ ان جي ضرورت نه پوندي – هن جي خوبصورت  بدن جي چيلهه پڪ فرانسيسي عطر جيان نازڪ هوندي... کيس ساڙهي نه، پر فراسيسي گون پهرايو ويندو. گون، سليڪس ۽ جينز- هن سيلز گرل جا قسمين قسمين لباس هوندا. هوءَ کيس فراسيسي عروتن جا بهترين لباس ڏيندي. عطر جيان عورتن جو لباس به بدلجڻ گهرجي، صبح جو هڪڙو، منجهند جو ٻيو ته رات جو ٽيون، هن لاءِ گهٽ  ۾ گهٽ پنجويهه لباس ٺهرائبا.

ميڊم سوسنا چند لمحن ۾ ئي سڀ ڪجهه سوچي ورتو. هن ڏاڍي پيار سان موهنيءَ کي پاڻ ڏانهن سڏيو،  ۽ چيائين ”تنهنجو پرابلم ڇاهي؟ تون اداس ڇو آهين؟“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com