سيڪشن؛ ڪهاڻيون

ڪتاب: ڪرشن چندر جون ڪهاڻيون

باب: --

صفحو :10

هر شيءِ روشن، واضح ۽ پنهنجي صحيح صورت ۾ ڏسجڻ لڳي. ٽپو ڏئي اٿي مان پنهنجي جڳهه تان اٿي کڙو ٿيس ۽ سئو جو نوٽ پنهنجي مٺ ۾ سوگهو جهلي سڌو ڪالبا ديوي جي ڪاٽن ايڪسچئنج طرف ڊوڙڻ لڳس.

ڪاٽن ايڪسچئنج جي اندر ڀڄ ڊڪ لڳي پئي هئي، هل هنگامون، وٺ وٺان، ماڻهو هڪ ٻئي کان هڪ فوٽ مفاصلي تي بيٺي به ائين دانهون ڪري رهيا هئا، ڄڻ انهن جا ٻڌندڙ کانئن هزار والن جي مفاصلي تي هجن. هو رڙيون ڪري چئي رهيا هئا: ”ڏنو- رتو-خريديو-پڙي-چڙهت-ست مٿي- اٺ هيٺ چاليهه هزار ڳٺڙيون-ست هزار ڳٺڙيون. ڏيڍ لک ڳٺڙيون....“

”به لک!“ مون غصي ۾ چيو،.

هڪ دلال منهنجي ڀرسان آيو. چيائين ”وڪڻين ٿو؟“

”ها وڪڻان ٿو.“ مون رڙ ڪئي ”۽ خريد به ڪيان ٿو!“

”ڪهڙي حساب سان؟، هن مون کي ڪلهي کان پڪڙيندي پڇيو ته جيئن مان ڀڄي ڪنهن ٻئي دلال ڏي نه هليو وڃان.

”ست مٿي، نو هيٺ!“ مون بلند آواز سان چيو.

”ست مٿي، نو هيٺ!؟“ هن خوشيءَ ۾ رڙ ڪئي، ڄڻ کيس منهنجي ڳالهه تي اعتبار نه پي آيو.

”ها ست مٿي، نو هيٺ“مون دهرايو.

دلال خوشيءَ ۾ رڙ ڪئي ”به لک ڳٺڙيون – ٻه لک ڳڍڙيون.“

وري هڪدم ترسي مون ڏانهن ڏسندي  پڇيائين ”ڇا جون؟“

”عقل جون،“

”عقل جون؟ ڪو نئون براند آهي ڇا ڪپهه جو؟“ هن مون ڏانهن شڪ جي نظرن سان ڏسندي پڇيو.

”اسپيشل ٽائيپ جو برانڊ آ.“ مون جواب ڏنو.

هن منهنجي اکين ۾ اکيون وجهندي چيو ”تون چرٽ رام اينڊ ڪمپنيءَ جو ماڻهو آهين نين؟“

”۽ ڪنهنجو ٿو ڏسڻ ۾ اچانءِ“ مون گجندي پڇيو. ”سڃاڻو به نه ٿا؟“

هن منهنجو ڪلهو ٺپيندي چيو، ”ائين ئي پڇي ورتم، صاحب! خاطري ڪرڻ سٺي ڳالهه آنين؟“

پوءِ هو مون کي ڇڏي هليو ويو ۽ پاڻ کان ٽي فوٽ مفاصلي تي بيٺل هڪ همراهه جي ڪن ۾ پنهنجي نڙي ڦاڙي چوڻ لڳو ”ٻه لک ڳڍڙيون چرٽ رام اينڊ ڪپمني – ٻه لک ڳڙيون ست مٿي نو هيٺ!“

”وچ ۾ ٻڙي!“ مون اضافو ڪيو.

”۽ وچ ۾ ٻڙي!“ هو چوندو ميڙ ۾ غائب ٿي ويو.

اٽڪل اڌ ڪلاڪ تائين ميڙ جي ٻاهران هل هنگاما ڏسندو رهيس ۽ جڏهن صفا مايوس ٿي ويس ته دلال هاڻي واپس نه ايندو ته مان ٻاهر نڪرڻ لاءِ مڙيس ته ايتري ۾ اهو دلال ميڙ چيريندي ڊوڙندو مون وٽ آيو ۽ اچي منهنجي هٿ ۾ ٻاهٺ هزار روپين جا نوٽ ڏيندي چيائين ”مون ان مان ڪميشن ڪونه ڪٽي آ.“

مون چيو ”ته ڪٽي وٺ نين؟“

”سيٺ کي ٻڌائڻ کان سواءِ؟“ هن ڪجهه حيرت مان پڇيو.

”مان سيٺ کي ٻڌائي ڇڏيندس، هو پونا ويل آهي.“

”هان ته پوءِ ٻه هزار ڏي ڀلا!“

ٻه هزار ڪٽائي سٺ هزار کڻي، مان ڪاٽن ايڪسچينج مان نڪتس، ۽ ايڪسچينج ٻاهران ٽئڪسيءَ ۾ ويهي ٽئڪسيءَ واري کي چيم ”هل بمبئيءَ کان ٻاهر، ڪاڏي به کڻي هل!“ ۽ دل  ۾ سوچيم ته هاڻي چرٽ رام اينڊڪ مپنيءَ ۽ منهنجي وچ ۾ جيترو به گهڻو مفاصلو هيءَ ٽئڪسي پيدا ڪري سٺو آ. باندري ويجهو پهچي مون کي ڏاڍو زور سان پيشان لڳو. ٽئڪسي جي فرش تي نگاهه ڌريم، پر ٽئڪسي واري کي چيم ته ”لنڪنگ روڊ ڏي جلدي پهچاءِ!“  ڇو جو مون کي ياد اچي رهيو هو ته لنڪنگ روڊ تي رستي جي ڀرسان ڪافي پلاٽ خالي آهن، اتي اڃا تائين بلڊنگون ڪونه جڙيون آهن ٽئڪسي واري  اسپيڊ وڌائي ٽئڪسي تيز ڊوڙائي. هڪ خالي پلاٽ ڀرسان پهچندي ئي مون چيو ”ٽئڪسي روڪ!“

ٽئڪسي رڪجندي ئي مان تير جيان ٽئڪسي مان ڪري ڊوڙندو خالي پلاٽ ڏي هليو ويس. اوڏانهن ويندي ئي هڪ ماڻهو  منهنجو رستو روڪي بيهي  رهيو، شڪل شبيهه ۾ هو سنڌي لڳي رهيو هو.

”ها!“ مون جلدي چيو ”پر اڳيان ته پري ٿي!“

”ڪيتري ۾ وٺندين؟“ هن وري منهنجو رستو روڪيندي پڇيو.

”جيتري ۾ ڏيندين! مون چيو“ پر مان کي تڪڙ آ، ان ڪري هن وقت آڏو ٿورو پري ٿيءُ مون کي فارغ ٿيڻ ڏي.

”وري- ايترو جلد فارغ ڪيئن ٿي ويندين سائين“

هن سنڌيءَ پنهنجون واڇون کوليندي چيو. ”هي پلاٽ سيٺ شر شروانيءَ جو آ. ڏيڍ لک ۾ ملندئي، پنجويه هزار اسان وٺنداسين ايڊوانس، اڄ ايڊوانس ڏئي سودو پڪو ڪري ڇڏ! وري باقي سڀاڻي ڏئي ڇڏجان! اسان جي سيٺ شرشرواني کي.....“

”اڙي وڌيڪ شر شرواني نه ڪر – مون کي چڙ ٿي اچي،.“ مون بيقرار ٿي رڙ ڪئي ۽ کيسي مان پنجويه هزار روپيا ڏئي، پلاٽ ۾ پيشاب ڪيو. ان پڄاڻان سيٺ شروانيءَ جو ايجنٽ مون کي پنهنجي آفيس، وٺي ويو ۽ پنجويهه هزار روپين جي رسيد ڏيندي چيائين“  هيءَ رسيد وٺ سڀاڻي ٽين وڳي باقي پئسا کڻي اچجان، اسان جو سيٺ شر شرواني هتي ايندو، پلاٽ جا ڪاگج تنهنجي حوالي ڪندو.“

مون نه چاهيندي به رسيد ورتي. هاڻي ڇا ٿو ٿي سگهي.

مون پنجويهه هزار روپين ۾ پيشاب ڪيو هو، دينا جو سڀ کان مهانگو پيشاب!! پلاٽ خريد ڪرڻ لاءِ ته مون وٽ ايترا پئسا ڪٿان هئا، ان ڪري مان رسيد کيسي ۾ وجهي ٻئي ڏينهن اچڻ جو هروڀرو واعدو ڪري وڃڻ وارو ئي هئس ته آفيس ٻاهران هڪ ڪار اچي بيٺي. هڪ ٿلهو متارو ڪڻڪ رنگو ماڻهو پيلي ٽريلين جي سوٽ ۾ ڊوڙندو ڊوڙندو اندر آيو ۽ سهڪندي سهڪندي چيائين ”او گلڊ واڻي! ڊي نمبر فائيور وارو پلاٽ وڪيئي ته ڪونه؟“

گلڊواڻي ننهن کان چوٽي تائين مسڪراهٽ بنجي ويو، پنجويهه هزار روپين جا نوٽ ان همراهه جي هٿ ۾ ڏيندي چيائين. ”سودو ٿي ويو، پنجويهه هزار ايڊوانس ۾ به ملي ويا اچي هي وٺو!“

”گهڻي وڪيئي؟ اي وري جيتري توهان چيو هو ٻيو؟ پوري ڏيڍ لک ۾! نه رتي گهٽ نه رتي وڌ!“

ان ماڻهوءَ منهن مٿو پٽيندي چيو، ”هو سيٺ فولچند آنين، ان کي هتي سئنيما جي پرمٽ ملي آ. اهو هتي سئنيما ٺهرائي ها، چئن لکن ۾ پلاٽ خريد ڪندو اسان جو....“

”اسان ته اهو ڏئي چڪا آهيون، سيٺ شر شرواني!“  گلڊواڻيءَ جي چهري جو بلب اجهامي ويو.

”۽ اها رسيد مون وٽ آ“ مون سيٺ شرشروانيءَ کي رسيد ڏيکاريندي چيو. ”اوه“ سيٺ جي وات مان بي اختيار مايوسيءَ واري لهجي ۾ هڪ گهري ”آهه“ نڪتي، پوءِ هن منهنجو هٿ پڪڙي مون کي ڪرسيءَ تي ويهاريو ۽ پاڻ ڪرسي سيري چوڻ لڳو.

”سيٺ اسان  جو نقصان نه ڪر! اهو سودو ڪاٽي ڇڏ!“

”ڇو ڪاٽيان؟“ مون سختيءَ ساڻ انڪار ڪندي چيو.

”اسان توکي ان کان هڪ هزار فوٽن جو وڏو ۽ ڀلو زمين جو پلاٽ هتي ئي ڀرسان ٿا ڏيون!!“

”نه مون کي اهائي زمين گهرجي؟“ منهجي لهجي ۾ به چهبڪ جهڙي تيزي هئي، سيٺ شر شرواني، بي وسيءَ مان مون ڏانهن نهارڻ لڳو.

”مان توکي پنجويهه هزار سان پنجاهه هزار پنهنجي طرفان به ڏيان ٿو پورا پنجاهه هزار!“

”مون کي پنجاهه هزار نه کپن. اها ئي زمين گهرجي!! ”چڱو سٺ هزار وٺ!!“

”نه“

”ڀلا گهڻا وٺندين؟“ شرواني پنهنجي نرڙ تان پگهر اگهڻ لڳو. سندس چهري مان هڪ عجيب قسم جي بوءِ اچي رهي هئي، جيڪا انهن پئسن مان ايندي آهي، جيڪي ڪافي دير تائين ڪنهن جي مٺ ۾ مٺيا پيا هجن.

”ففٽي، ففٽي“ مون چيو.

”ففٽي – ففٽي ڇا؟“ هن اڻڄاڻ ٿي پڇيو.

”مان ٿو چوان ته هيءَ زمين ڏيڍ لک ۾ تون وڪڻين پيو، پر هاڻي توکي ان جا  چار لک روپيا ٿا ملن، ان ڪري ڏيڍ لک کان مٿي جيڪو توکي منافعو ٿو ملي، اهو اڌ تون کڻ،  اڌ مون کي ڏي.“

سيٺ شرشرواني چند لمحن تائين نگاهن سان مون ڏانهن ڏسندو رهيو.

پوءِ منهنجي پنجويهه هزار روپين جا نوٽ پنهنجي کيسي ۾ وجهي ڇڏيائين. وري اندران کيسو کولي ان مان هڪ ٻٽون ڪڍي هڪ لک جا نوٽ ڪڍي سوا لک روپيا منهنجي هٿ ۾ ڏيندي چيائين. ”سيٺ تنهنجي قسمت سٺي هئي کڻي وڃ ڦوڪٽ ۾!! ۽ منهنجي زمين  ڇڏي ڏي!!“

مان سوا لک روپيا کڻي کيسي ۾  وجهي اتان هليو آيس.

ٻالڪپڻي ۾ مون کي پنهنجي ڳوٺ ۾ برف جا گولڙا بنائڻ جو ڏاڍو شوق هوندو هو. جڏهن برف پئجي بس ٿي ڄمي ويندي هئي، تڏهن مان گهران ٻاهر نڪري برف جا گولڙا ٺاهي لاهيءَ تان ليٽائي ڇڏيندو هئس. برف جو گولڙو ڏاڍي تيزي سان ليٿڙجندو ويندو هو ۽ اوسي پاسي جي برف به پاڻيءَ ۾ سمائيندو ويندو هو، وڏو ٿيندو. اهو ئي حال روپين جو به آ هڪ لک سٺ هزار روپين جو گولو بنائي، مون جي بمبئيءَ جي لاهيءَ تان ليٽائڻ شروع ڪيو ته روپئي سان روپيو ملندو رهيو ۽ هاڻي تمام سنڀالجڻ جي ڪوشش ڪندي به سنڀالجي نه ٿو سگهجي، اڄڪلهه منهنجو شمار بمبئيءَ جي وڏن وڏن لک پتين ۾ ٿيندو آ.

ڪجهه ڏينهن ٿيندا مون کي ڀاگرا يونيورسٽيءَ ڊاڪٽر آف فلاسافيءَ جي اعزازي ڊگري عطا ڪئي. ڊگريءَ ڏيندي وائيس چانسلر مون کي گذارش ڪئي ته مان ڇوڪرن کي پنهنجي ڪاميابيءَ جو راز ٻڌايان. تقرير ڪندي مون شاگردن کي چيو ”لک پتي بنجڻ جو هڪ ئي نسخو آ ”محنت ڪيو – محنت ڪيو، محنت ڪيو ۽ ايمانداريءَ سان جيئو!!؟

مون کي اميد آ ته يونيورسٽيءَ جا شاگرد ۽ هي قصو پڙهندڙ ضرور منهنجي نصيحت  تي عمل ڪندا ۽ ڏاڍا سٺا ڪلارڪ ثابت ٿيندا.

(سنڌيڪار: ظفر عباسي)

گيت ۽ آئون

        مون لفافو ڦاڙي خط ڇا ڪڍيو، ڄڻ مياڻ مان تلوار نڪري آئي. صاف انڪار ...... بلڪل صاف انڪار...... ڪٿي به شڪ شبهي جي ڪا گنجائش ئي نه هئي. اڄڪلهه جون ڇوڪريون بلڪل اهڙيءَ طرح انڪار ڪن ٿيون، جهڙيءَ طرح اڄ کان ٻه هزار سال اڳ جون ڇوڪريون انڪار ڪنديون هيون. ڀلا غريبي ۽ محبت اڳ ڪڏهن گڏ هليون آهن، جو اڄ هلن ها؟ مون خط کي هر هر پڙهيو، ۽ جڏهن پڙهڻ سان تسلي نه ٿي، تڏهن خط کي سونگهيم اڄ ته ظالم خط ۾ خوشبوءِ  به نه هنئي هئي. هن کان اڳ جو هر خط عطر ۽ عنبير ۾ ٻڏل هوندو هو. اڄ ته ٽپالي به خط جي حالت ڏسي، حيران هو، شايد  انهيءَ ڪري هو خط ڏئي جلدي ڀڄي ويو. ممڪن آهي هن کي به ڪجهه شڪ هجي.

دراصل غلطي منهنجي هئي. مون کي ٻڌائڻ ئي نه گهربو هو ته آئون ايتري قدر غريب آهيان. آئون هن جي مٺڙين مٺڙين ڳالهين کان دوکو کائي ويس ته عورت سڀ ڪجهه برداشت ڪري سگهي ٿي. مرد جي بدصورتي، ان جي بدتميزي ۽ جهالت تائين هن کي گوارا آهي، پر ان جي غريبي برداشت نٿي ڪري سگهي. شاديءَ کان پهرين ته ڪنهن به حالت ۾ برداشت نٿي ڪري سگهي.

هاڻ آئون هن خط کي ڇا ڪريان؟ هي ميز ايتري قدر گندي ڇو آهي؟ هي گلاس اڃا تائين اتي ڇو پيو آهي؟ ڪلينڊر جو پنو ڪنهن اٿلايو آهي؟ مس چٽي تي هي ڪارا داغ ڇا جا آهن؟ آسمان ميرو ڇو آهي؟ فضا ۾ گهٽ ۽ ٻُوسٽ ڇو آهي؟ مون خط کي مُٺ ۾ مهٽي رديءَ جي ٽوڪريءَ ۾ اڇلائي ڇڏيو. ڪلينڊر کي ابتو ڪري زمين تي اڇلايم. گلاس کي دريءَ مان ٻاهر اڇلايم. مس چٽي کي ڦاڙي ڇڏيم ۽ ڪتابن کي ٻنهي هٿن سان کڻي فرش تي اڇلائي ۽ پاڻ دريءَ وٽ بيهي خودڪشيءَ جي طريقن تي غور ڪرڻ لڳس. سامهون ڪناري بنا سمنڊ پکڙيل هو. اوچتو مون سوچيو، وڏي خطرناڪ ڳالهه آهي، مون کي پنهنجي ذهن جي پٽڙيءَ کي  بدلائڻ گهرجي. منهنجي مرڻ سان ته هوءَ ماڳهين وڌيڪ خوش ٿيندي. پاڻ جيڏين ۾ ويهي منهنجو خوشيءَ منجهان ذڪر ڪندي ۽ پنهنجي غريب، مجبور ۽ لاچار مڙس تي رعب ڄمائيندي.

نه آئون کيس ان جو موقعو نه ڏيندس، هرگز نه ڏيندس. آئون دريءَ مان موٽي انهيءَ ڪُنڊ ۾ آيس، جتي گرامو فون پيو هو. تڪڙ ۾ جيڪو به رڪارڊ سڀ کان پهرين منهنجي هٿ ۾ آيو، مون ان کي گرامون فون تي چاڙهي ڇڏيو. رڪارڊ تي سُئي رکي واپس دريءَ وٽ اچي سمنڊ ڏانهن ڏسڻ لڳس. آهستي آهستي رڪارڊ وڄڻ لڳو.

آهستي آهستي گيت مون وٽ آيو:

”هيلو؟“ گيت خاص ادا سان مون کي مخطاب ڪيو.

”تون ڪير آهين؟“ گيت پڇيو.

”آئون غريب اديب آهيان“. مون جواب ڏنو ۽ کانئس پڇيم ”تون ڪير آهين؟“

”تون مون کي نٿو سڃاڻين ڇا؟“ گيت وڏيءَ حيرت مان مون کي چيو، ”آئون لتا منگيشڪرجو مشهور گيت آهيان.“

”آجا ري بلموا“ اهو چوندي گيت جي لئي ۾ غرور اچي ويو.

”آهين ته پوءِ ڇا ٿي پيو؟“ مون هن جي غرور سان ڪاوڙجي چيو.

گيت فخر مان چيو ”توکي خبر ناهي؟ آئون دنيا جو سڀ کان وڏو گيت آهيان، منهنجا ڏهه لک رڪارڊ وڪامجي چڪا آهن. گذريل ڇهن مهينن ۾ تنهنجا ڪيترا ڪتاب وڪاميا آهن. گذريل ڇهن مهينن ۾.....!“

”فقط‏....... ٽي“.

گيت حقارت مان کِليو ۽ هن جا سُر بُلند ٿيندا ويا، ڄڻ اهي آاسمان کي ڇهي رهيا هجن ۽ سمنڊ وانگر پکڙجي رهيا هئا ۽ هن خاص ادا سان فخر مان چيو:

”مون کان وڌيڪ خوبصورت گيت هن دنيا ۾ ڪٿي به نه هوندو. منهنجي سونهن جو مقابلو ڪير به نٿو ڪري سگهي. آئون ايترو وڪرو ٿيو آهيان، ايترو وڪيو ٿيو آهيان، جو منهنجي رائيلٽيءَ مان گيت ڳائڻ واريءَ هڪ بنگلو ورتو آهي. گيت لکڻ واري هڪ گاڏي خريد ڪئي آهي ۽ موسيقار پنهنجي ٽين زال کي به طلاق ڏئي ڇڏي آهي.....!“

مون رڪارڊ تان سئي هٽائي ڇڏي. ڪمري ۾ ماٺار ڇائنجي ويئي. هاڻ ته  اتي ڪوبه نه هو. ڪو آواز نه هو. ڪو گيت نه هو، ڪو نغمو نه هو.

چند گهڙين جي خاموشي کان پوءِ ٻيهر رڪارڊ تي سئي رکي ڇڏيم، آهستي آهستي رڪارڊ وڄڻ لڳو. آهستي آهستي گيت مون وٽ آيو. مون کي محسوس ٿيو، ڄڻ هو منڊڪائي هلي رهيو آهي.

”هيلو؟“ هن ٿڌن سرن ۾ چيو.

”هيلو؟“ آئون جواب ڏيئي دريءَ ڏانهن منهن ڪري سمنڊ کي ڏسڻ لڳس.

”تو مون کي ڇو بند ڪري ڇڏيو هو.“ هن فخر مان چيو.

مون چيو ”هي سمنڊ جو گيت تون ٻڌوندو آهين؟ ڇا تون انهي وانگر لازوال آهين؟“

”نه آئون ته فقط ٽن منٽن تائين وڄي سگهان ٿو.“ گيت افسوس مان وراڻيو. مون گيت کي چيو ”جيڪڏهن پهرين ڏينهن ڪائنات  اک کولي، تڏهن به اهو گيت هتي موجود هو، باهه ۾، پاڻيءَ ۾ ۽ گردش ۾. ٽن منٽن کان پوءِ جڏهن تون اکيون بند ڪندين، تڏهنبه اهو گيت ٻيهر اهڙيءَ ريت موجود هوندو.... پر تون هوندين ۽ ڪجهه سالن ۾ اهو بنگلو به نه هوندو، اها ڪار به نه هوندي. فقط محبت جون آهون باقي رهدنيون.... ٿورو سوچ ته سهي ڪنهن ڳالهه تي ايڏو فخر ڪرين ٿو.“

”ته ڇاسمنڊ جي عظيم هستيءَ جي سامهون هڪ ذري کي چمڪڻ جو ڪوبه حق ناهي.“ گيت دلبرداشته ٿي پڇيو ۽ اوچتو ئي اوچتو هن جي آواز ۾ ڪڪرن جي گجگوڙ ۽ کنوڻ جي چمڪ شامل ٿي وئي.

”ڇو ڪونهي! منهنجا دوست! پر ايتري قدر پاڻ پڏائڻ مان ڪهڙو فائدو. تون ڏهه  لک  دفعا وڪرو ٿيو آهين، پر ڪڏهن ڪڏهن هڪ گيت اهڙو به ايندو آهي، جيڪو هڪ دفعو به نٿو وڪامجي، پر تو کان گهڻو خوبصورت هوندو آهي.“

”اهو ڪوڙ آهي، ڇا تو اهو گيت ڏٺو يا ٻڌو آهي؟“

”ها مون هڪ دفعي هڪ عورت جي چپن تي اهو گيت ٻڌو هو. هوءَ هڪ ماءُ هئي، هڪ فقيرياڻي هئي، هوءَ  رستي جي ڀر ۾ ويٺي هئي، هن جو ٻار بُکايل هو، ۽ رات گهري ٿي چڪي هئي، ۽ مانيءَ جو هڪ ٽڪر به هن کي نه ملي سگهيو هو. هوءَ پنهنجي ٻار کي لوليءَ سان سمهارڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي. ان لوليءَ ۾ ڇا نه هو، ڪائنات جو سڄو درد، ماءُ جي ممتا ۽ انساني زندگيءَ جي چاهت، انهي آواز ۾ تبديل ٿي رهي هئي. ڇا تو ڪڏهن ڪنهن گيت کي ڪنهن ٻار لاءِ کير ۾ تبديل ٿيندي ڏٺو آهي؟“

”نه.....!“

”مون ان رات ڏٺو هو ۽ سمنڊ جي ڪناري ڏٺو هو..... ۽ اوچتو ئياوچتو هوا جو طوفان رڪجي ويو هو ۽ سمنڊ شرم وچان خاموش ٿي ويو هو ۽ ناريل جا ڦڙها گوڙ ڪندڙ مور جي کنڀن جهڙا ڪنڌ جهڪائي، ان بيوس ۽ بيڪس ماءُ جي قدمن هيٺا هئا، جنهن پنهنجي ٻار کي کير جي هڪ بوند پيارڻ کان سواءِ هڪ لولي ٻڌائي سمهاري ڇڏيو. مون اهو معجزو پنهنجي اکين سان ڏٺو آهي، ان لوليءَ جا ڏکايل سُر اڃا تائين منهنجن ڪنن ۾ گونجي رهيا آهن ۽ تون مون سان ڪار جي، بنگلي جي ۽ ٽين زال جي طلاق جي ڳالهه ٿو ڪرين“.

دريءَ مان پوئتي مڙيس ته گيت خاموش ٿي چڪو هو. ٽي منٽ گذري چڪا هئا. مون ٻيهر رڪارڊ تي سئي رکي ڇڏي. آهستي آهستي رڪارڊ وڄڻ لڳو. اهو ئي گيت مون وٽ آيو. پر ان ۾ غرور ۽  فخر نالي ڪاڻ به نه هو. هاڻ اهو هڪ ننڍڙو مٺڙو گيت هو. دل جو هڪ درد کڻي، رومان جي هلڪي چڻنگ کڻي، محبت جي روشني کڻي، آهستي آهستي منهنجي دل ۾ لهڻ لڳو. جيئن زلف ڳل تي لهندا آهن، جيئن چانڊوڪي ساحل تي لهندي آهي، جيئن سپي سمنڊ جي تهه ۾ لهي ويندي آهي ۽ وات کولي محبت جي پهرين موتيءَ  جو انتظار ڪندي آهي. آئون ڪنڌ جهڪائي ميز وٽ ويس. هٿ وڌائي رديءَ جي ٽوڪريءَ مان ان خط کي ڪچڍي، ان کي صافڪ ري، پنهنجيءَ دل سان لڳائي ڇڏيم.

(سنڌيڪار: جمن گاڏهي)

 

ڪارو سج

ميدانن کان اڳتي، ڳچ پنڌ پري، چوڌاري اُچن جبلن سان گهيريل هڪ ماٿري هئي، انهيءَ ماٿريءَ ۾ هڪڙي ننڍڙي ۽ وڻندڙ ڍنڍ هئي. هڪڙي سنهري ۽ ماٺي ندي، اُڀرندي پاسي وارن جبلن مان نڪري، اچي ٿي ان ڍنڍ ۾ پئي ۽ وري ان جي ٻئي ڪناري کان ڦٽي، جبلن جي الهنديءَ قطار ڏانهن هلي وئي.

ٻاهر کان انهيءَ ماٿر تائين پهچڻ جو رستو ڏاڍو ڏکيو هو.  چئني طرفن کان شاهي جبلن جون قطارون هئس، جن جون چوٽيون گرميءَ جي مند ۾ به  برف سان پوشيل رهنديون هيون. اتر، اوڀر ۽ ڏکڻ وارن ٽنهي پاسن کان ماٿريءَ ۾ داخل ٿيڻ جو ڪو گس ئي ڪونه هو، رڳو اولهه طرف وارن جبلن جي قطار ۾، جتان نديءَ جو لنگهه هو، هڪڙو سوڙهو لڪ هو، اهو به سال جي اٺن مهينن تائين بنديل رهندو هو، ڇو ته اهو سمورو وقت اتي تمام گهڻي برف پيئي ڪرندي هئي، باقي چئن مهينن ۾ به ايتريون ته کڏون ۽ کاهيون انهيءَ لَڪ ۾ هيون، جو ڪو شيردل مسافر ....... انهيءَ ماٿريءَ ۾ اچڻ يا ٻاهر وڃڻ جو مشڪل سان ست ساري سگهندو هو. ڪڏهن ڪڏهن پري کان، خچرن ۽ گهوڙن تي سامان لڏي، ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ قافلو ايندو هو ۽ تمام تڪليفن سان ماٿريءَ ۾ اهو سامان پهچائي، وري اتي جون پيدا ٿيندڙ  شيون پاڻ سان کڻي ويندو هو، ايترو واپار به گرميءَ وارن ٻن ٽن مهينن اندر سو ممڪن هو، جڏهن لَڪ جي برف ڳري ويندي هئي ۽ موتمار برفيليون هوائون ڪي قدر ماٺيون ٿينديون هيون، نه ته سال جا اٺ، نو مهينا ته هن ماٿر جا ماڻهو ٻاهرينءَ دنيا کان اصل الڳ پيا پنهنجو وقت گذاريندا هئا.

هن مٿاريءَ جي ماڻهن جيئن ته ٻاهرين دنيا تمام گهٽ ڏٺي هئي، تنهن ڪري هو پنهنجي انهيءَ ماٿري کي ئي دنيا جي سڀ کان سهڻي  بستي ڪري ڀائيندا هئا ۽ ان  ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته سندن اها بستي هئي ڏاڍي سهڻي. برف سان پوشيل چوٽين کان هيٺڀرو، جبلن جي لاهن تي، چيل ۽ ديال جي وڻن جا ٻيلا هئا، وڻن تي جهنگلي انگورن جون وليون ڳاهٽ پئي ٿيون، اگر جي سڳنڌ ڀريل جهڳٽن سان سارو جهنگ واسيل هو. صاف سائي رنگ وارا طوطا، موج مزي ۾ چهڪندا، هڪڙيءَ لام کان ٻي لام تي ڦرندا وتندا هئا، خوبصورت بلبلون ‎ ۽ ٻيا ڀانت ڀانت جا پکيئڙا،، مٺڙيون لاتيون لوندا، بنفشي جي گلن تي ٻلهار پيا ٿيندا هئا. چمڪندڙ اکين وارا هرڻ، ..... پشم وارا رڇ ۽ شهزادين جهڙيءَ لوڏ سان هلندڙ لومڙيون انهن ٻيلن جي زينت هيا. ٻيلن کان هيٺ وري چوڌاري ڊگهي ۽ گهاٽي گاهه جون ڄڻ چادرون وڇايل هيون. جيڪي اونهاري ۾ اهڙو سونهري رنگ وڍي بيهنديون هيون، جو ائين پيو ڀائنبو هو، ڄڻ زمين مان سج جا ڪرڻا ڦٽي نڪتا آهن،  انهيءَ ڳاهه تي اهي رڍون ۽ ٻڪريون پلبيون هيون، جن جي گهاٽي ۽ ملائم ان  انگورا جي ان کي به جيڪر شهه ڏئي ڇڏي، ماٿريءَ جي هارين، ٽڪر ڪاٽي، صدين جي محنت سان، اناج اُپائڻ لاءِ ٻنيون تيار ڪيون هيون، جن ۾  مڪائيءَ جي پوک ٿيندي هئي، پنن مٿان سورج مکيءَ جا گل جهولندا ڏسبا هئا يا ته وري وڏن وڏن پنن واريون، غذا جي قيمتي خزانن سان ڀريل وليون هر هنڌ پکڙيل هيون.

هيٺ، ماٿريءَ ۾، نديءَ جي ڪنارن تي ميويدار وڻن جا جهڳٽا هئا ۽ بيد جي وڻن جون گهاٽيون قطارون هيون، جن جون ڊگهيون ۽ مخروطي ٽاريون ڳچ تائين پاڻيءَ اندر جهڪيل هيون، پري کان ڏسڻ سان ائين ڀانيو هو،  ڄڻ  نديءَ جي ڪناري تي ڪئين ڳوٺاڻيون ڪنواريون نينگريون، مٿا نوائي، وار کولي، پنهنجين مينديءَ رتين آڱرين سان پاڻي سان راند رهي رهيون آهن.

ڍنڍ جي چئني  پاسن رنگارنگي گلن جون جهالرون هيون ۽ انهن جي وچان وري ٿڌي مٺي پاڻيءَ جون لارون پئي  وهيون، پاڻيءَ جون اهي لارون، گلن ڦلن جي جهالرن وچا وهنديون، وڃي ٿي ٻنين ۾ پيون. جڏهن چانڊوڪي چمڪندي هئي، جڏهن ڌنار بنسريون وڄائيندا هئا ۽ جڏهن ٻنين مان پوک جي سرسراهٽ جا سُريلا ڀڻڪا  پيا ٻڌبا هئا، تڏهن ائين لڳندو هو، ڄڻ ڌرتيءَ جي رونءَ، رونءَ ۾ محبت جي ڪا اڻڄاتي سُرهاڻ رچي وئي آهي، ڌرتي ڪر موڙي جاڳي رهي آهي ۽ پنهنجا اڌ، ٻوٽيل نيڻ کولي، هوريان هوريان، سڪ ۽ پيار جا مڍا مٺا، ٿڌا ٿڌا ساهه کڻي رهي آهي.

ڍنڍ جي وچ ۾ هڪڙي ننڍڙي، خوبصورت ‎ٻيٽاري هئي، جنهن تي ڳوٺ جي سردار جي ٻماڙ جاءِ اڏيل هئي، ٻيٽاريءَ جي چوطرف ننڍيون ننڍيون ٻيڙيون بيٺل رهنديون هيون. انهن ٻيڙين تي چڙهي، ڳوٺ جا مهاڻا مڇون ماريندا هئا،  ياقوتي اکين واريون مڇيون، رنگارنگي پُڇن واريون مڇيون، اهڙيون مڇيون، جن ۾ رڳو هڪڙو ڪنڊو هوندو هو، اهڙيون مڇيون، جن جا سونهري  ڇلر کڙندڙ تاري جيان تجلا پيدا ڪندا هئا.

انهيءَ ماٿريءَ جا ماڻهو مڪائي ۽ چانورن جي پوک ڪندا هئا. ٻيلن مان ماکي، بنفشو ۽ کٿوري گڏ ڪندا هئا، رڍن جي اُن ۽ لومڙين جون کلون وڪڻندا هئا، ڳائيندا هئا، نچند اهئا، شاديون مُراديون ڪندا هئا، ٻارن سان دل وندرائيندا هئا، سياري ۾ چيل جي ڪاٺين مان باهه ٻاري ۽ اونهاري جي وڻن جي ٿڌڪار هيٺ ويهي ڪچهريون ڪندا هئا ۽ ڏاڍا خوش گذاريند اهئا. ماٿريءَ جا سمورا ماڻهو ڪم ڪندا هئا ۽ تمام خوش هئا، ڳوٺ جي سردار وٽ سڀ ڪجهه هو، پر هو خوش ڪونه هو. هن وٽ سڀني کان گهڻي زمين هئي، سندس جاءِ سڀني کان مٿانهين هئي، سندس زال سڀني کان سهڻي هئي، سندس ٻارن وٽ بهترين ٽول هئا، وٽس سڀني کان گهڻي مايا هئي، پر پوءِ به هو خوش نه هو، هن ڪڏهن به ڪو پورهيو ڪونه ڪيو هو، سندس پيءُ به ڪڏهن پورهيو ڪونه ڪيو هو، پوءِ به هو خوش ڪونه هو، سڀ ڪجهه هوندي به، کيس معلوم نه هو ته پاڻ ڇو خوش نه هو.

سردار کي پنهنجي ماٿريءَ سان ڏاڍي محبت هئي، هو انهيءَ ماٿريءَ کي اڃا وڌيڪ خوبصورت بنائڻ لاءِ نوان نوان طريقا پيو  سوچيندو هو، هڪڙي ڏينهن هن سوچيو ته هيءَ ماٿري ڏينهن جو  ته ڏاڍي خوبصورت ٿي ڏسجي، پر رات جو جڏهن اوندهه ٿيو وڃي، تڏهن هي ٻنيون، هي باغيچا، هي سمورو چهچٽو ائين گم ٿيو وڇي، ڄڻ ته هتي اوندهه بنا ڪجهه هوئي ڪونه! رات جو هيءَ ماٿري ڪيڏي نه ڀوائتي ٿيو پوي! ٻيلن منجهان وحشي جانورن جا آواز ڊيڄاريو ڇڏين ۽ تيز برفيليون هوائون، راڪاسن جيان خوفناڪ رڙاٽ ڪنديون، ماٿريءَ جي هڪڙي سري کان ٻئي سري تائين ائين ڌوڪينديون وينديون آهن، ڄڻ ته هتي راڄ ئي سندس آهي، سردار جو راڄ آهي ئي ڪونه!

سردار پڙهيل، لکيل ۽ عقلمند به هو ۽ ماٿريءَ ۾ سڀني کان وڌيڪ امير به هو. سو، گهڻي سوچ  ويچار ڪرڻ کان پوءِ، ماٿريءَ کان ٻاهر هڪڙي بجلي پيدا ڪرڻ جي  مشين گهرايائين ۽گهڻي تڪليف سان اها پنهنجي ٻيٽاريءَ جي هڪڙي پاسي آڻي هڻايائين. ٿورن ئي ڏينهن اندر ماٿريءَ جي گهر گهر ۾ بجليءَ جي روشني پهچي  وئي. ننڍن ننڍن پيچرن تي به بجلي جا بلب لڳي ويا. نديءَ جي ڪناري سان لڳو لڳ هڪڙي عمدي سڙڪ ٺاهي وئي ۽ ان کي به بجليءَ سان سينگاريو ويو. سردار جو پنهنجو گهر ته بجليءَ جي روشنيءَ سان بنهه چنڊ جيان چمڪڻ لڳو. گهر جي ٻاهران لڳل رنگا رنگي بلب، پري کان گلن جي ٽارين جيان چمڪندا ٿي ڏٺا ۽ ماٿريءَ جا ماڻهو خوشيءَ وچان هڪ ٻئي کي اوڏانهن اشارا ڪري چوڻ لڳا، ”هو ڏسو، هن ٻيٽ تي اسان جو سردار جو گهر آهي!“

ماٿريءَ جا ماڻهو سردار جي عقلمنديءَ تي ڏاڍا خوش ٿيا. جڏهن سردار اها رٿا ڪئي ته هر ڪو شخص پنهنجي گهر ۾ بجلي هڻائڻ ۽ رستن ۽ گهٽين تي روشني ڪرائڻ لاءِ ٽئڪس ادا ڪري ته هر ڪنهن اها ڳالهه  خوشيءَ سان قبول ڪئي،. انهيءَ ٽئڪس مان سردار کي ايتري اُپت ٿيڻ لڳي جو ڳوٺ وارن تي ٿيندڙ بجليءَ جو خرچ ڪڍي ۽ سندس ٻيٽ تي ٿيندڙ روشنائيءَ جو سمورو خرچ ڪاٽي، پوءِ به هر مهيني کيس چڱي خاصي رقم بچندي هئي، ايتري اُپت کيس گذريل ڏهن سالن ۾ به ڪانه ٿي هئي، جيترفي هاڻي رڳو هڪڙيم هيني ۾ ٿيڻ لڳس هئس. ٽئڪس هن البته وڌيڪ لڳايو هو، پرماٿريءَ جي ماڻهن ان جي پرواهه ڪانه ڪئي. سندن گهرن ۾ بجلي آئي هئي ۽ ان جي روشني ڪاٺين جي باهه کان ۽ تيل جي ڏيئن ۽ بتين کان هزار درجا بهتر هئي، سو هنن وڌيڪ ٽئڪس ڀريندي به ان کي بُرو نه سمجهيو.

ان کان پوءِ سردار جي ذهن ۾ هڪڙي ترڪيب سُجهي آئي. هن سوچيو ته ماٿريءَ جا سادا سودا هاري، ڳوٺاڻا ۽ ڳنوار،  ڏاڍن ڏاکڙن سان الهندي لَڪ کي پارڪ ري سگهن  ٿا. ڪڏهن ڌُنڌ آهي ته ڪڏهن تِرڪڻ، ڪڏهن هو ويچارا اونهين کاهين ۾ ڪريو مريو وڃن ته ڪڏهن نديءَ جي چاڙهه اندر لڙهيو وڃن، ڇو  نه اتي هڪڙي پُل ٻڌائي ڇڏجي؟ هڪڙي مضبوط پڪي پل هوندي ته ٻارهن ئي مهينا آمدرفت ڪري سگهبي ۽ وري ماٿريءَ کان ٻاهر وارن سان سڄوئي سال ميل جول قائم رکي سگهبو.

ماٿريءَ جي ماڻهن کي سردار جي اها رٿ به پسند آئي. سڀني انهيءَ جهاد ۾  جوش خروش سان حصو ورتو ۽ سڀني جي انهيءَ پُل تي چوڪيدار بيهاريا، جيڪي رات، ڏينهن ان جي حفاظت ڪندا هئا،  پوءِ سردار پُل تي ٿيل خرچ ڪڍڻ لاءِ پُل جي حفاظت وغيره لاءِ هڪڙو ٽئڪس لڳايو، جيڪو هر ڪنهن پُل تان لنگهندڙ ۽ ماٿريءَ جي اندر ۽ ان کان ٻاهر ويندڙ  هر هڪ ماڻهوءَ کي ڀرڻو پوندو هو.ٽئڪس البته زياده هو، پر ڪنهن به ان کي بُرو نه سمجهيو، ڇوته پُل ماٿريءَ جي رهاڪن جي هڪڙي وڏي ضرورت جي پورائي ڪري رهي هئي. هاڻي ٻارهوئي ٻاهرينءَ دنيا سان لاڳاپو رکي سگهيا ٿي ۽ پنهنجي ماٿريءَ ۾ پيدا ٿيندڙ اُن، کلون، پشم، ماکي، کٿوري ۽ ٻيون ڪيتريون ئي قيمتي چيزون ماٿريءَ کان ٻاهر هنڌن تي وڃي وڪڻي سگهيا ٿي. مهانگيون يا سستيون، پر اهي جنسيون وڪجي ضرور سگهيون ٿي. انهيءَ ڪري ڪنهن به چون چرا ڪانه ڪئي ۽ بجليءَ جي ٽئڪس سان گڏ پُل جو ٽئڪس به ڏيڻ لڳا.

هاڻي سردار کي بجليءَ جي ٽئڪس سان گڏ وري پُل جي ٽئڪس مان به آمدني ٿيڻ لڳي. هن پنهنجي ٻماڙ جاءِ مٿان هڪڙي ٽي به ماڙ اڏائي ۽ پنهنجي تهخاني ۾ سونن سڪن جا انبار گڏ ڪرڻ شروع ڪيائين. اڳي هن وٽ ڪوبه ڪم ڪار ڪونه هوندو هو، پر هاڻي ڪيترو ئي ڪم نڪري پيو. هو ڏينهن جو ڳچ وقت  پنهنجي تهخاني ۾ گذاريندو هو، ويٺو سونن سڪن کي ڳڻيندو هو ۽ انهن جا دل کي فرحت ڏيندڙ ڇڻڪاٽ ٻڌي پيوخوش ٿيندو هو.

پوءِ عقلمند سردار وري هڪڙي ٻي ترڪيب سوچي، هن خيال ڪيو ته هي ويچارا جاهل ماڻهو هن ماٿريءَ اندر پيدا ٿيندڙ قيمتي جنسن کي جدا جدا کڻي ٿا وڃي وڪڻن، تنهن مان گهڻو ڪري ساڻن ٺڳي ٿئي ٿي، ڪڏهن لومڙيءَ جي هڪڙي کَل ويهين روپين وڪجي ٿي ته ڪڏهن اهائي کل ڏهين ۾ به ڏيو اچن. ان طرح، ماٿريءَ جي دولت تمام سستن اگهن ۾ لٽجيو وڃي. سردار سوچيو ته ڇو نه انهيءَ ڪم کي هڪڙي مرڪز تان هلائجي، ڌڻين کي مقرر ڪيل رقم به هر سال ملي ويندي ۽ هو قيمتن جي گهاٽا وااڌيءَ کان به ڇُٽي پوندا، خود کيس به انهيءَ  ڪم عيوض مڙئي ڪجهه منافعو رهندو، بس ٿورڙو، معمولي منافعو.

پر جڏهن پنهنجي اها تجويز ماٿريءَ جي ماڻهن اڳيان رکي ته گهڻن ئي ماڻهن اها نه مڃي، ڇو ته سردار  هر هڪ شئي تي جيڪي اگهه ٻڌي رهيو هو، سي هڪجهڙا هئا، پر گهڻن کي ٻاهر وڃي ان کان وڌيڪ قيمتون ملي وينديولن هيون. ائين برابر هو ته ڪن ماڻهن کي گهٽ قيمت به ملندي هئي، پر هو  پنهنجون شيون انهيءَ اميد تي ڏيئي ايندا هئا ته آئندي سال شايد وڌيڪ اگهه ملندا. اهي ڳالهيون ڳڻي، ماڻهن سردار جي نئين تجويز جي مخالفت ڪئي. ڪن ماڻهن هائوڪار ڪئي، پر گهڻا ماڻهو سردار جي سمجهائڻ کان پوءِ به مخالف رهيا. لاچار، سردار وٽ ان کان سواءِ بيو ڪو چارو ڪونه  رهيو ته هو الهندي لَڪ واريءَ پُل تي توبون رکرائي. ماٿريءَ جي ماڻهن جو ٻاهر اچڻ وڃڻ صفا بند ڪري ڇڏي. ماڻهن انهيءَ تجويز کي آخر تائين نه مڃيو، ڇو ته ان جي ڪري سڄيءَ ماٿريءَ جو واپار هڪڙي ئي مانهوءَ جي هٿ ۾ اچي ٿي ويو، پر جڏهن پُل تي توبون چڙهي ويون. وڌيڪ  چوڪيدار مقرر ٿي ويا ۽ پهرو تمام سخت ٿي ويو ۽ ماڻهن ڏٺو ته هاڻي هو ڪنهن به طرح ٻاهرينءَ دنيا سان پنهنجي  تجارت قائم رکي نه سگهندا، تڏهن سڀئي سردار وٽ مجبور ٿي آيا، کين سردار جي مقرر ڪيل قيمتن کي منظور ڪرڻو پيو ۽ هو پنهنجون سموريون جنسون، اَنُ، کَلون، ماکي، ميوا، اناج، کٿوري وٽس وڪڻي ويا.

هاڻي جو سردارماٿريءَجي سموري گڏ ڪيل پيداوار ٿورڙو اگهه وڌائي ٻاهر نيڪال  ڪئي، ته ان مان کيس ايتري ته زور آمدني ٿي جو هاڻي سندس تهخاني ۾ سونين اشرفين رکڻ جي ڪا جاءِ ڪانه رهي. هن هڪدم ٻيو تهخانو ٺهرايو ۽ حفاظت لاءِ پنهنجي ٻيٽاريءَ جي چوگرد فوج جو  پهرو لڳائي ڇڏيائين، هاڻي هو ماڻهن سان تمام گهٽ ملندو هو. ٽئڪسن جي وصوليءَ جو ڪم سندس ڪارندا ڪندا هئا ۽ پاڻ گهڻو سارو وقت پنهنجن تهخانن ۾ سون جي اشرفين سان کيڏڻ ۾ گذاريندو هو.

جيئن جيئن تهخانن ۾ سون جا انبار وڌندا ويا، تيئن تيئن سردار جي لالچ به ويئي، وڌندي، هاڻي هن چاهيو ٿي ته هو رڳو هن ماٿريءَ جو نه، بلڪه سڄي دنيا جو پهريون نمبر شاهوڪار ماڻهو ڪوٺجي. کيس ڏينهن رات اها ڳڻتي  رهندي هئي ته ڪا اهڙي ترڪيب ڪڍجي، جنهن سان هاڻوڪي آمدني ٻيڻي ٿي پوي، هن حساب ڪري ڏٺو هو ته  جيڪڏهن سندس آمدني هينئر کان ٻيڻي ٿي ويندي ته هو دنيا جو سڀ کان امير ماڻهو بنجي ويندو.

پر اهڙي ترڪيب ڀلا ڪهڙي ٿي سگهي ٿي؟ ماٿريءَ جي سموري دولت وٽس هئي، ماٿريءَجي سموري تجارت وٽس هئي، ماٿريءَ جي سموري زمين وٽس گروي ٿيل هئي، ٽئڪس وڌائي ۽ هڪ کان پوءِ ٻيو ٽئڪس لڳائي، هن ماٿريءَ جي ماڻهن ۾ ايتري سگهه ڪانه ڇڏي هئي جو هينئر هو سولائيءَ سان ڪنهن نئين محصول ڏيڻ لاءِ تيار ٿي وڃن، ”ته پوءِ ڇا ڪجي؟“ هو ڏينهن رات سوچيندو رهيو.

ست ڏينهن ۽  ست راتيون هو پنهنجي تهخاني اندر سونين اشرفين جا آواز ٻڌندو رهيو ۽ پنهنجي هاڻوڪي آمدنيءَ کي ٻيڻي بنائڻ لاءِ پُور پچائيندو رهيو. جڏهن ستين رات ختم ٿي ۽ اٺين ڏينهن جي سج ڪَني ڪڍي  ته هو تهخاني کان ٻاهر نڪتو. اوچتو ئي، سج جي روشنيءَ سندس اکين کي تِرورائي ڇڏيو ۽ اهي خودبخود  بند ٿي ويون، عين ان وقت، کيس خيال آيو ته جيڪڏهن ڪنهن طرح ڏينهن جو به رات جهڙي اوندهه ٿي وڃي ته پوءِ.... هو ماٿريءَ جي ماڻهن کي ڏينهن جو به بجلي وٺڻ تي مجبور ڪري سگهجي ٿو! اها ترڪيب خيال ۾ ايندي  ئي،  هن زور سان پنهنجي ران تي هٿ هڻي چيو، ”واهه واهه!“ ۽ انهيءَ جو انهيءَ مهل پنهنجن اعتماد جوڳن سپاهين کي پاڻ وٽ سڏائي، کين پنهنجي نئين ترڪيب کان واقف ڪيائين.

اعتماد جوڳن سپاهين به جڏهن اها ترڪيب ٻڌي ته ڪنن تي کڻي هٿ رکيائون ۽ ”توبهه! توبهه!“ ڪندي، ان تي عمل ڪرڻ کان نابري واريائون، پر سردار جو پنهنجيءَ دل ۾ اڳي ئي پنهنجي دولت کي ٻيڻي ڪرڻ جو فيصلو ڪري چڪو هو، تنهن ڪنهن جي به ڳالهه نه ٻڌي ۽ جڏهن ڏٺائين ته سپاهي اصل پڙ ڪڍي بيٺا آهن،  تڏهن سڀني انڪار ڪرڻ وارن سپاهين کي انهيءَ ۾ دم گولي سان اڏائي ڇڏيائين. آخر ۾ هڪڙو سپاهي، جنهن جو نالو ”هيرو“ هو، تمام مشڪل سان سردارجي ترڪيب تي عمل ڪرڻ تي راضي ٿيو. سردار ان کي تمام گهڻيون اشرفيون انعام ڏنيون، سندس اڳيون قرض معاف ڪري ڇڏيائين، سندس گروي ٿيل زمين به موتائي ڏنائين ۽ کانئس وعدو ورتائين ته هو سردار جي ڏسيل ترڪيب تي ضرور عمل ڪندو ۽ سڀاڻي صبح جو ئي ان جي پورائي ڪندو.

پر ٻئي ڏينهن ”صبح“ ٿيو ئي ڪونه! ٻئي ڏينهن ماڻهو گهڻيءَ دير تائين سُتا رهيا، پر صبح ڪونه ٿيو، پوءِ.... هو جاڳي،  اکيون ملي، ”صبح“ جو  ويهي انتظار ڪرڻ لڳا، پر ائين پئي معلوم ٿيو ته اها رات هاڻي سدائين رهندي، صبح ٿيندو ئي ڪونه. پوءِ ماڻهن پنهنجن بند گهرن جا در ۽ دريون کولي ڇڏيا ۽  يڪٽڪ آسمان ۾ اکيون وجهي ويهي رهيا. اوڀر طرف وارن جبلن جي چوٽين ڏانهن نهاري سندن اکيون ٿڪي پيون، جن جي پٺيان اڳي سج نڪرندو هو ۽ صبح ٿيندو هو، پر اڄ نڪو سج نڪتو، نڪو صبح ئي ٿيو. آسمان ۽ زمين تي رڳو ٻاٽ اونداهي ڇانيل هئي. ماڻهو تمام گهڻيءَ دير تائين صاحب  جو انتظار ڪندا رهيا. ڪنهن مهل، ماٿريءَ جي ماڻهن اوڀر طرف وارن جبلن جي پويان هڪڙي ميرانجهڙي  ۽ تمام جهڪي روشنيءَ جي لاٽ ڏٺي،   ايتري جهڪي، جيئن اوندهه ۾ کڙکٻيتي جو چمڪو. ان کان پوءِ جيڪو نظارو ماڻهن ڏٺو، تنهن سان ڪيترا ته غش ٿي ڪري پيا. ٻارڙا پنهنجين مائرن جي هنجن ۾ لڪي ويا. عورتون دانهون ڪري روئڻ لڳيون. ماٿريءَ جي ماڻهن  ڏٺو ته اوڀر وارن جبلن وٽان جيڪو سج اڄ نڪتو آهي، تنهن جو منهن ڪارو آهي!  ڄڻ ته ڪنهن ان جي منهن تي ڪاراٺ  ملي ڇڏي هئي، اڄ سج مان روشني نٿي آئي. روشني نٿي آئي ته گرمي به نٿي آئي. هڪڙي ميرانجهڙي روشني سج مان چوڌاري گهيري جي نموني نڪري رهي هئي، جنهن سان ماٿريءَ جي هر شئي هلڪي ڌنڌ ۾ لپٽيل هئي ۽ ماڻهو ڏينهن جي وقت ۾ به ائين محسوس ڪرڻ لڳا، ڄڻ رات اڃا هلي پئي ۽ صبح ڪڏهن به ڪونه ٿيندو، گهڻا ماڻهو  ته  چريا ٿي ماٿريءَ ۾ ڊوڙڻ لڳا.... قيامت اچي وئي! ڀڄو، ڀڄو،  قيامت اچي وئي! گناهه بخشايو، قيامت اچي.“

انهيءَ شورغل ۽ دانهن ڪُڪ ۾ ٻه ڏينهن گذري ويا. ٻه راتيون گذري ويون، ٻئي ڏينهن وري سج نڪتو، پر ڪارو، ٻئي ڏينهن ماڻهن صبح جو انتظار ڪيو، پر صبح ڪونه آيو. ٽين ڏينهن انتظار ڪيائون، چوٿين ڏينهن سڀ ماڻهو سردار وٽ ويا ۽  کيس مدد لاءِ التجا ڪيائون. سردار چيو، ”هيءُ خدائي قهر آهي! اوهان ڪئين ڀيرا منهنجي حڪم مڃڻ کان انڪار ڪيو آهي، هيءُ ان جو نتيجو آهي. هاڻي ڀل ته اهو لوڙهيو!“ ماڻهو ٻاڏائڻ لڳا، ”سردار، اسان تي قياس ڪر! اسين غريب، تنهنجا غلام آهيون، تو ڪانه ڪا صورت ضرور ڪڍ.“

سردار مرڪي چيو، ”فقط هڪڙي صورت آهي، اڳي رڳو رات جو بجلي خرچ ٿيندي هئي، هاڻي واهان کي ڏينهن جوبه بجلي استعمال ڪرڻي پوندي،  نه صرف گهرن ۾، پر ٻينن ۾ به،  چراهگاهن ۽ ٻيلن ۾ به، جتي اوهين مال چاريو ٿا، ڪاٺيون ڪريو ٿا، ماکيءَ ۽ کٿوري گڏ ڪريو ٿا،  هاڻي اوهان کي ڏينهن رات بجلي واپرائڻي پوندي. ان لاءِ مون کي ٻي مشين به لڳائڻي پوندي ۽ منهنجو خرچ چئوڻو ٿي ويندو، تنهن ڪري اوهان کي پوءِ ٽئڪس به  چئوڻو ڏيڻو پوندو!“ ماڻهو ويچارا  ڇا ڪن؟ مرندي جهُرندي، چئوڻو  ٽئڪس قبول ڪيائون، انهيءَ اميد تي ته ممڪن آهي ته ڪڏهن نه ڪڏهن هن ڪاري سج بدران اهوئي پراڻو، چمڪندڙ سج نڪري اچي، ته پوءِ هو ٽئڪس ڏيڻ بند ڪري ڇڏيندا.

ماڻهو هر روز صبح جو اٿي انهيءَ سهڻي سج لاءِ آسمان ڏانهن واجهائيندا هئا، پر هر روز کين مايوسي ٿيندي هئي، هر روز ساڳيو ئي ڪارو سج اُڀرندو هو. اڀرندي طرف وارن جبلن کان نڪري، الهندي طرف وارن جبلن ۾ وڃي گم ٿيندو هو. جهڙو ڏينهن، تهڙي رات، اهائي ماڻهن جي هاڻي زندگي هئي،  هڪڙي مسلسل ڪاري رات،  روشني ڇا ٿيندي آهي، ڏينهن ڇا کي چئبو آهي، نديءَ جون لهرون ڪيئن روشنيءَ ۽ پاڇولن جي راند رهنديون آهن. اکين مان محبت ڪيئن جهاتيون پائيندي آهي، ڍنڍ ۾ سونن ڇلرن واريون مڇيون ڪيئن ڇلڪنديون ترنديون وينديون آهن..... اهي سڀ ڳالهيون ماٿريءَ جا ماڻهو ڀلجي ويا.

اهڙيءَ  ريت ڳچ ڏينهن گذري ويا، مهينا گذري ويا. سال گذري ويا، ماٿريءَ تي هڪ خوفناڪ اُداسي ڇانئجي وئي. هاڻي ڪوبه شخص کلندو ڪونه هو. زالون گيت ڪونه ڳائينديون هيون، ٻارڙا رانديون ڪونه رهندا هئا. مرد پوکن ۾ رڌا ئي رندا هئا، پر پيداوار ڏينهون ڏينهن گهٽبي وئي، پوءِ گلن رنگ ڇڏي ڏنو، پوءِ ميون ۾ ميٺاج نه رهيو، پوءِ گاهه جو رنگ ڪارو ٿي ويو. چانورن جو مزو مٽيءَ ۾ ملي ويو، پوءِ  ٻار انڌا پيدا ٿيڻ لڳا، ڇو ته جڏهن اکين کي روشني نه ملي ته اکين جي تارن جي ڪهڙي ضرورت، جڏهن اکين جا تارا ڏسي نه سگهن ته محبت ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت .... ۽ جڏهن ماڻهو ڪنهن جو هٿ جهلي مرڪي نه سگهي ته انسان چوائڻ جي ڪهڙي ضرورت! ٿورن  ئي ڏينهن اندر ماٿريءَ جا ماڻهو، انسان مان وحشي بنجي پيا. چورين، ڦرن، ڌاڙن، خونن ۽ اغوا جي ڏوهن ۾ اضافو ٿيندو ويو.

هيڏانهن ڏوهن ۾ اضافو ٿي رهيو هو ۽ هوڏانهن تهخاني جي سونن انبارن ۾ اضافو ٿي رهيو هو. دولت، چئني طرفن کان ميڙجي سهيڙجي، اچي تهخانن ۾ گڏ ٿي رهي هئي. لالچ ۽ حرص سان انڌو سردار، اشرفين جون مُٺيون ڀري، نچائي ٽپائي، انهن کي ڪڻڪ جي ڍوڳين جيان تهخاني ۾ سٿيندو رهندو هو ۽ انهن جو ڇڻڪاٽ ٻڌي پيو ٽڙندو ۽ ٽپا ڏيندو هو، بلڪه خوشيءَ  وچان  پاڳل بنجي، وحشين جهڙا ٽهڪ پيو ڏيندو هو. ان طرح ڏينهن پٺيان  ڏينهن گذرندا ويا، مهينن پٺيان مهينا گذرندا ويا، سالن پٺيان سال گذرندا ويا.

ٻڍڙو ”هيرو“ پنهنجي گهر ۾ پوين پساهن ۾ هو. هو ڪوڙهه جي مرض ۾ مري رهيو هو. مرڻينگ حالت ۾، هن پنهنجي ستن سالن جي پٽ کي سڏي چيو، ”هيڏانهن هوڏانهن ڏسي ٻڌاءِ، پنهنجي گهر جي آسپاس ڪو ماڻهو ته ڪونه  لڪو بيٺو آهي؟“

ستن سالن جي نينگر، گهر جي چئني پاسن جو چڪر هڻي، موٽي اچي چيو، ”نه، ڪوبه ماڻهو ڇيڻو ڪونه آهي.“

ٻڍي هيري چيو، ”آءٌ مري رهيو آهيان، مون هڪڙو وڏو گناهه ڪيو آهي.“

پٽس چپ چاپ ٻڌي رهيو هو.

”هن ماٿريءَ  تي جيڪا مصيبت آئي آهي، سا منهنجي آندل آهي.... انهيءَ جو ڪارڻ آءٌ آهيان، آءٌ مري رهيو آهيان، پر انهيءَ مصيبت کي هاڻي تون ئي دور ڪري سگهين ٿو.“

پٽس چپ چاپ ٻڌي رهيو هو.

ٻڍي هيري کنگهي چيو، ”ٻڌ.... ڪن لائي ٻڌ. هن ماٿريءَ ۾ جيڪو ڪارو سج نڪرندو آهي،تنهن جو رنگ اڳي ڪارو ڪونه هو!“

ڇوڪر چيو، ”مون ته سدائين ڪارو ڏٺو آهي، ڇا، سج ڪنهن ٻئي رنگ جو به ٿيندو آهي؟“

ٻڍي چيو، ”اڳي ان جو رنگ ڪارو ڪونه هو، مون هڪڙي ڏينهن صبح جو.....“

”صبح ڇاکي چئبو آهي؟“ ننڍڙي نينگر پڇيو.

ٻڍو کنگهندي  کنگهندي رڪجي ويو، سندس اکين ۾ ڳوڙها تري آيا. هن سوچيو، ”آءٌ ڪيڏو نه ظالم آهيان! منهنجي ٻچي صبح نه ڏٺو آهي! هن رنگ برنگي پرن وارا پوپٽ  نه ڏٺا آهن، سورج مکيءَ جو گل نه ڏٺو آهي! آءٌ ڪيڏو نه ظالم آهيان!“

”هيءُ جو ڪارو سج تون روز ڏسين ٿو، تنهن جي چهري تي مون هڪڙي ڏينهن ڪاراٺ هڻي ڇڏي هئي. مون، سردار جي چوڻ ۾ اچي، هڪڙي صبح جو، الهندن جبلن جي  چوٽين پٺيان، انهيءَ سج کي ٻنهي هٿن سان پڪڙي ورتو.... ۽ ان جي منهن تي ڪاراٺ هڻي ڇڏيم.  منهنجن هٿن تي هيءُ جو ڪوڙهه ٿو ڏسين، سو انهيءَ غلطيءَ جو نتيجو آهي، مون چند سونين اشرفين خاطر سڄي ماٿريءَ جي امن امان، خوشيءَ ۽ آسودگيءَ کي تباهه ڪري ڇڏيو. سج جي منهن کي ڪاراٺ مليندي مليندي، منهنجا ٻئي هٿ سڙي ويا ۽ منهنجون ٻئي اکيون به انڌيون ٿي ويون. ماٿريءَ ۾ جيڪا تباهي آئي آهي، تنهن کي ڏسي مون ڪئين ڀيرا خيال ڪيو آهي ته  وري به وڃي سج کي صاف ڪري اچان ۽ ان جي منهن تان ڪاراٺ لاهي، ان کي وري اڳي جهڙو روشن ۽  چمڪندڙ بنايان، پر آءٌ انڌو آهيان! هاڻي اهو ڪم  توکي ئي ڪرڻو پوندو.“

”مون اڪيلي کي؟“ نينگر پڇيو.

”ها، تو اڪيلي کي ڏس.... منهنجي هنڌ هيٺان تارپين جي تيل جو دٻو پيو اهي، اهو مون  سنڀالي رکي ڇڏيو آهي. سج جي چهري تي جيڪا ڪاراٺ مليل آهي،  سا هن ئي تيل سان لهندي تون سڀاڻي صبح جو ئي اڀرندن جبلن جي چوٽيءَ: تي هليو وڃج....“

”صبح ڪهڙي وقت ٿيندو آهي؟“ نينگرپڇيو.

”هاڻي ته مون کي به معلوم ناهي! هيري اداسائيءَ سان چيو، ”بهتر ته ائين آهي هت هينئر ئي هيءُ تيل جو دٻو کڻي نڪري پئو، رات سڄي هلندو رهج، پوءِ جڏهن تون اُڀرندن جبلن  جي چوٽيءَ تي پهچي وڃين،تڏهن ان جي پويان وڃي، سڀ کان مٿانهين هنڌ تي  بيهي سج جو انتظار ڪج ۽ جيئن ئي سج نڪري، ان کي ٻنهي هٿن سان پڪڙي، تارپين جي تيل سان وهنجاري ڇڏجانءِ، پوءِ ان جو چهرو صاف ٿي ويندو، پوءِ سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿي ودنو، اچي، هيءُ ٽوال به پاڻ وٽ رک..... انهيءَ سان سج جي منهن کي چڱيءَ طرح اگهي صاف ڪجانءِ.... متان ڪٿي ڪو داغ نه رهجي وڃي! سمجهيئه؟“

”جي ها.... آءٌ ائين ئي ڪندس.“

ستن سالن جو ٻالڪ پنهنجي مرڻينگ پيءُ کان موڪلائي نڪتو، تارپين جي تيل جو دٻو سندس هٿ ۾ هو، جهنگ ۾ رڇ کانئس پڇيو، ”تون ڪيڏانهن پيو وڃين؟“ ٻالڪ جواب ڏنو، ”آءٌ سج کي وهنجارڻ پيو وڃان!“ اهو ٻڌي، رڇ به ساڻس گڏجي هليو. اڳتي ويا ته هڪڙو هرڻ ملين، ان ٻالڪ کان پڇيوپ ته ”تون ڪيڏانهن پيو وڃين؟“ ٻالڪ رواڻيو ته، ”وڃان ٿو سج کي وهنجارڻ!“  تڏهن هرڻ به اسان سان گڏجي هليو. اڳيان هڪڙو طوطو گڏين، هو ٻالڪ جي ڪلهي تي ويهي، ”ٽيون ٽيون“ ڪري پڇڻ لڳو ته، ”ادا، هن دٻي ۾ ڪهڙي مٺائي کنئي اٿئي؟ ٻالڪ چيو، ”ميان، هيءَ مٺائي نه آهي، تارپين جو تيل آهي، آءٌ انهيءَ سان سج کي وهنجاريندس!“ اهو ٻڌي طوطو به ساڻس گڏجي هليو. ايتري ۾ باندر اچي نڪتو ۽ پڇڻ لڳو ته، ”اڙي ڇوڪر، هي ڪلهي تي ڪپڙو ڇا لاءِ کنيو اٿئي؟ مون کي نه جيڪر ڏين!“ ٻالڪ وراڻيو ته، ”توکي ڪيئن ڏيندس، انهيءَ سان ته آءٌ سج  جو منهن اگهندس... ان جي چهري جي ڪاراٺ اگهندس.“ پوءِ باندر به ساڻس گڏجي هلڻ لڳو. باندر ٽوال پنهنجي هٿ ۾ کنيو. طوطي پنهنجي چهنب ۾ تارپين جو دٻو جهليو، رڇ ٻالڪ کي پنهنجي پٺيءَ تي سوار ڪيو، رڇ ڏاڍو تکو هو. باندر ۽ هرڻ به وڏا وڏا ڇال هڻندا هليا، طوطو وري  هوا ۾ تڪڙو اڏامندو هليو. انهيءَ ڪري هي چارئي دوست جلد ئي اڀرندي وارن جبلن جي چوٽيءَ تي پهچي ويا.

ٻالڪ، پنهنجي پيءُ جي چوڻ مطابق، اڀرندن جبلن جي پويان، سڀ کان مٿانهينءَ ٽڪريءَ تي بيهي سج جو انتظارڪرڻ لڳو، سندس پاسن کان هرڻ، رڇ، طوطو ۽ باندر چپ چاپ بيٺا هئا.

ٻالڪ طوطي کي چيو ته، ”تون ٿورو اڳڀرو اڏامي وڇي ڏسي اچ ته سج اچي پيو يا نه.“

طوطو اڏامي ويو ۽ ٿوريءَ دير ۾ مٽي اچي چيائين، ”هوشيار! اچي پيو ڪارو سج!“

جيئن ئي سج پهاڙ پٺيان ڪَني ڪڍي،  ٻالڪ ان کي ٻنهي هٿن سان پڪڙڻ چاهيو، پر سج سندس هٿن منجهان ٿيڙ کائي، مٿي چڙهي ويو. ٻالڪ جا هٿ ان تائين پهچي نه سگهيا، پر سندس ننهن جا رهندڙا سج جي ڪاري چهري تي لڳي ويا هئا ۽ جتي جتي رهنڊڙا لڳا هئا، اتان اتان ڪاراٺ رهڙجي وئي هئي ۽ نور جون ڌارائون امالڪ زمين ڏانهن وهڻ لڳيون.

”سج اندران ڪارو نه آهي!“ ٻالڪ خوشيءَ وچان رڙ ڪئي، هن پنهنجون ٻئي ٻانهون سج ڏانهن وڌايون، پر سج سندس هٿن جي پهچ کان ٻاهرهو ۽ اڃا به  مٿي ٿي رهيو هو.

ليڪن ٻالڪ جي دوستن ڏاڍيءَ سياڻپ کان ڪم ورتو. ٽڪريءَ تي پهرين رڇ بيٺو، رڇ جي مٿان هرڻ، هرڻ جي مٿان باندر ۽ باندر جي مٿان ٻالڪ. باندر سج جي گهير کي پنهنجي پڇ سان وٽ ڏيئي قابو ڪيو، پوءِ طوطي پنهنجي چهب سان تارپين جو دٻو کوليو ۽ ٻالڪ ٽوال کڻي، تارپين جي تيل سان سج جي چهري کي اگهڻ شروع ڪيو. جيئن جيئن هو سج جي چهري کي اگهندو ويو، تيئن تيئن ان تان ڪاراٺ لهندي وئي ۽ سج جي چهري تي مرڪ ڦهلجي وئي.

پر اها ڪن ورهين جي پراڻي ڪاراٺ هئي، سا تمام مشڪل سان ٿي لٿي، ٻالڪ جا هٿ هئا تمام ننڍڙا ۽ وري سج کي هو گهڻي وقت تائين روڪي به نٿي سگهيا، سو ٻالڪطوطي کي چيو ته هو ماٿريءَ ۾ وڇي سندس ساٿين کي خبر ڏئي ته هو سندس مدد لاءِ هڪدم هليا اچن. ”فوراََ، هن ڪم ۾ دير اصل نه ٿيڻ کپي!“

طوطو هوا سان ڳالهيون ڪندو، اڏامند، هيٺ ماٿريءَ ۾ آيو ۽ وڏي سڏ رڙيون ڪري چوڻ لڳو، ”ٻڌو، ٻڌو! مٿي اُڀرندن جبلن جي چوٽيءَ تي هڪڙو ٻالڪ سج کي وهنجاري رهيو آهي، جنهن کي اچڻو هجي، هڪدم مدد لاءِ اچي! جنهن کي روشني کپي، سو هڪدم مدد لاءِ نڪري اچي!“

”ڊم! ڊم! ڊم!“ طوطي هڪڙو دهل کڻي ڳچيءَ ۾ لڙڪايو ۽ اهو زور زور سان وڄائيندو خوشيءَ منجهان رڙيون ڪندو، سڀني طرفن اُڏامندو رهيو،.  واقعي، ماڻهن ڏٺوس ته اڀرندن جبلن وٽان روشني ڦٽي نڪري آهي! سج اڃا ڪونه نڪتو هو، پر صبح ٿيو هو.

ماٿريءَ جا ماڻهو خوشيءَ وچان رڙيون ڪرڻ لڳا. ننڍڙا ننڍڙا ٻارڙا سڀني کان اڳيان،ا ُڀرندن جبلن ڏانهن ڊوڙڻ لڳا. انهن  جي پويان جوان هئا، جوانن جي پويان وڏڙا ۽ انهن جي پويان  عورتون، سڀئي ماڻهو بالٽيون، ٽوال ۽ صابڻ هٿن ۾ کڻي نڪري پيا. سڀني جي پٺ ۾ هو  سردار، جيڪو بيوس ٿي دانهون ڪري رهيو هو، ”نه وڃو! آءٌ چوان ٿو، ايڏانهن نه وڃو!“

پر هو بلڪل بيوس هو، اڄ ڪنهن به سندس ڳالهه کي نٿي ٻڌو، ڪنهن به سندس حڪم جو خيال نٿي ڪيو، ڪنهن کي به سندس ڌمڪين جي پرواهه ڪانه هئي.

ماڻهو ائين ته تيز ۽ تڪڙا پئي ويا، ڄڻ کين پرين وارا پر لڳي ويا هئا. هو انهيءَ گهڙي جهنگ لتاڙي، اڀرندن جبلن جي چوٽيءَ تي اچي سهڙيا. هڪدم سڀني گڏجي سج کي وهنجاريو، ان جي بت کي چڱيءَ طرح مهٽي صاف ڪيو. ان جي مهن تي پائوڊر هنيو، ٻارڙا خوشيءَ منجهان تاڙيون وڄائي نچڻ ۽ ٽپا ڏيڻ لڳا. عورتون جهومر هڻي، گيت ڳائڻ لڳيون.

جڏهن سج جو چهرو آرسيءَ جيان چمڪڻ لڳو، تڏهن باندر پنهنجي پُڇ جو وٽ کوليو ۽ ٻالڪ سج کي مٿي هوا ۾ ائين اڇل ڏني، جيئن ڦوڪڻي کي اُڏائبو آهي.

هاڻي جيڪو سج اڀرندن جبلن کان نڪتو، سو ڪارو نه هو، بلڪه اڳئين کان به خوبصورت ۽ چمڪندڙ ٿي پيو هو.

هيٺ، ماٿريءَ ۾ نُور ڦهلجي ويو هو.

(سنڌيڪار: اقبال احمد آگرو)

 

منهنجي شهر جي قلوپطرا

جيئن ڪنهن ننڍڙي ڪمري ۾ ڪو هيرو رکيل هوندو آهي ته اهو ڪمرو پيو ٻهڪندو آهي، ائين ئي جيڪڏهن ڪنهن ننڍڙي شهر ۾ ڪا حسين عورت پيدا ٿيندي آهي ته اهو به پيو ٻهڪندو آهي، جيڪڏهن پاڙي مان اها، ڪنهن ٻئي پاڙي ويندي اهي ته اها خبر باهه وانگر سڄي شهر ۾  پکڙجي ويندي آهي. جي وري کڻي ڪنهن بازار مان لنگهندي ته ڪلاڪن جا ڪلاڪ انهيءَ ننڍڙي شهر جي بازار ۾ ڪم بند ٿي ويندو آهي. ڪپڙا ڪهڙا پاتل هيس، ڪنهن سان گڏ پئي وئي، ڪيڏانهن ٿي ڏٺائين؟  مطلب ته هن  جي هر ادا ۽ هر قدم جو ذڪر پيو  هلندو آهي. پر اهي سڀئي ڳالهيون ڪنهن غلط مقصد لاءِ ڪونه ڪيون وينديون آهن ۽ نه وري انهن ۾ ڪنهن قسم جي بدنيتي يا ڪاوڙ هوندي آهي، پر ننڍڙي شهر جي ماڻهن وٽ ان عورت لاءِ عجيب قسم جو غرور هوندو آهي ته اسان جي ننڍڙي شهر ان حسين عورت کي جنم ڏنو ۽ اها عورت پنهنجي شهر جو هڪ قومي زيور بنجي ويندي آهي. ٿوري گهڻي ڳالهه تي باهه ٿي وڃڻ وارا  بزرگ ۽ ڪٽر قسم جا اخلاقي ماڻهو پڻ وڏي مان ۽  فخر سان ان عورت جي بيوفائين ۽ محبتن جون ڳالهيون ويٺا ڳائيندا آهن. ڄڻ اهي ڪي تاريخي ڪارناما هجن.

خبر ناهي ائين ڇو ٿيندو آهي، پر اها عورت اخلاق جي رائج قديرن کان بالاتر سمجهي ويندي آهي. مڄاڻ اها خود هڪ ضابطو بڻجي پوندي آهي، جنهن جا اصول عام اخلاقي اصولن کان مڙئي هٽيل هوندا آهن. شايد اهڙي عورت پنهنجو پاڻ تائين مڪمل ۽ خودمختيار هوندي آهي. اهڙي عورت کي هر قسم جي رعايت ڏني ويندي آهي. باقي ٻي ڪا عورت جا ڪا ننڍڙي غلطي به ڪري ته کيس معاف ڪرڻ جو سوال ئي پيدا ڪونه ٿو ٿئي. ڪجهه عجيب ڳالهه ٿي لڳي ته اهڙي عروت کي هي مردن جو سماج ۽ تاريخ سڀئي معافي ڏيو ڇڏين. ياد ڪريو هيلن، قلوپطره ۽ وسنڌرا. باقي وسنڌرا جو نالو اوهان ڪونه ٻڌو هوندو.

وسنڌرا منهنجي شهر جي رهواسڻ هئي. ٿي سگهي ٿو ننڍي هوندي هوءَ مون سان گڏ کيڏي هجي، مون کي ياد ڪونهي. هن جو گهر جنهن بازار جي پويان هو، اتي هڪ شيوالو به هو. ان جي آڏو  ميدان هو ۽ پوءِ اسان جي هڪ پري جي مائٽ جو گهر، آئون ڪڏهن ڪڏهن انهن جي گهر ويندو هوس ۽ وسنڌرا به اسان جي گهر کيڏڻ ايندي هئي. سندس ننڍپڻ جي شڪل مون کي چڱيءَ طرح ياد ڪانهي، ڇو ته ننڍي هوندي هوءَ هڪ معمولي شڪل صورت جي ڇوڪري هئي، جيئن ٻيون عام ڇوڪريون هونديون آهن. انهن چهرن کي ڪير ياد ڪندو آهي؟ ۽ اڪثر اهو پڻ ڏٺو ويو آهي ته جيڪي ڇوڪرين ننڍي هوندي سهڻيون لڳنديون آهن، جوانيءَ ۾ انهن جا وصف ڪجهه عجيب ٿي ويندا آهن ۽ اهي پهريان وانگر سهڻيون ڪونه لڳنديون آهن ۽ وري ننڍپڻ ۾ جن جي شڪل صورت معمولي هوندي آهي، اهي وڏيون ٿي به معمولي شڪل صورت جون ٿينديون آهن. ڪڏهن ڪڏهن انهن منجهان هڪ اڌ ڪا اهڙي ڇوڪري نڪري ايندي آهي، جنهن جو حسن چوڏهينءَ جي چنڊ سمان پنهنجو نور هر طرف ڦهلائڻ لڳندو آهي.

وسنڌرا انهن مان هڪ هئي، ننڍپڻ ۾ الائي ڪيترا ڀيرا ساڻس گڏ کيڏيو هوس، الائي ته ڪيترا دفعا ڏٺو هومانس، پر ڪڏهن اهو شڪ به ڪو نه پيو هو ته هيءَ ڇوڪري جوانيءَ ۾  قيامت جي علامت بڻجي ويندي. ڪيترا سال گذري ويا. هاڻ هوءَ چوڏهن ورهين  جي ٿي هئي، ٻڌڻ ۾ آيو ته وسنڌرا ڏاڍي سهڻي ٿي پئي آهي، پر ڪنهن ڪن ئي ڪونه هنيو. خوبصورت ڇوڪرين جي شهر ۾ هڪ وڌيڪ خوبصورت ڇوڪريءَ جو پيدا ٿيڻ ڪا وڏي ڳالهه ڪانه هئي.  پوءِ جڏهن حسن جي هاڪ وڌڻ لڳي ته هن جي  پيءُ مدن سنگهه، جيڪو سونارو هو تنهن هن جي شادي برادريءَ جي هڪ نوجوان گوپال سنگهه سان ڪرائي ڇڏي..... گوپال سنگهه به سونارڪو ڪم ڪندو هو ۽ شهر جي بازار ۾ سندس دڪان هو، هو پاڻ به شڪل صورت جو سٺو هو ۽ خوش گهراڻي جو نوجوان هو. اها شادي به ڪا خاص شادي ڪانه هئي، ڪٿي ڪا هلچل ڪانه مچي،  بس ماڻهن شاديءَ کي ٻن ٽن ڏينهن کان پوءِ وساري ڇڏيو.

شادي کان پوءِ وسنڌرا جي حسن ۾ ايترو ته نکار آيو، جو سندس حسن جي هاڪ پري تائين ڦهلجي وئي، سندس سون جهڙا وار، وڏيون وڏيون مست اکيون ۽ ڪڻڪائون رنگ هر ڪنهن جي زبان تي هوندو هو.سندس قد جي تعريف ٿيڻ لڳي، سندس چال چلت ۽ لٽن ڪپڙن مطلب ته هر شئي جنهن سان هن جو واسطو پوندو هو،  ماڻهن جو ڌيان ان ڏانهن ڇڪجڻ لڳو. هن جي پاڙي  جا سئو سئو چڪر ڪٽجڻ لڳا. بس ماڻهو سندس هڪ جهلڪ ڏسڻ لاءِ آتا هوندا هئا. جتان لنگندي هئي ته ميڙا مچي ويندا هئا. ڪاڏي ويندي هئي ته بس رستن تي پيهه پئجي ويندي هئي. شاديءَ کان ڪجهه مهينا پوءِ سندس حسن جو ڪلمو هر ٻار توڙي ٻڍڙي جي  زبان تي هوندو هو. هلندي هلندي سندس حسن جي هاڪ عوام مان نڪري درٻار تائين پهتي. هو اتفاق سان هڪ اسسٽنٽ سيڪريٽريءَ جو گهر وسنڌرا جي گهر جي سامهون هو ۽ وسنڌرا جي ماءُ پيءُ جو گهر هڪ ماڙ هو، ڇو جو سندس پيڪا ۽ سهارا ٻئي هڪ ئي شهر ۾ هئا، ان ڪري ڏينهن ۾ هڪ اڌ چڪر هوءَ پيڪين ويندي هئي. بس هن جي پيڪين پهچڻ جي دير هوندي هئي، هن جي ولي عهد گهوڙو ڊوڙائيندو، شاهي پهريدارن سميت اسسٽنٽ سيڪريٽريءَ وٽ پهچي ويندو هو، پوءِ رڳو ملاقات هجي يا رياستي مشورا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com