چندروءَ غير موجودگيءَ ۾ مڌو هڪ چڱو ڪم ڪيو هو هن
چندوءَ جي ريڙهي کي نئون رنگ چمچا به نوان وٺي
ڇڏيا هئا. چندرو ڇهن مهينن کان پوءِ ٻيهر ريڙهي
ڪاهي روانو ٿيو، اٺين ڏهين ۽ يارنهين سڙڪ جتي هن
جي ريڙهي پهريائين بيهندي هئي اتي هاڻ ان نئين
ريڙهي واري قبضو ڄمائي ڇڏيو آهي. اهو ڇوڪرو. اهوئي
ساڳيو ريڙهي وارو. ريڙهي واري چندروءَ کي گهوري
ڏٺو، چندروءَ پنهنجون نگاهون ڦيرائي ڇڏيون، هن
نئين ريڙهي واري کان ٿورڙو پرڀرو ايڪسچينج جي پاسي
اچي ريڙهي آڻي بيهاري ۽گراهڪن جو انتظار ڪرڻ لڳو
شام جا چار تا پنج ٿي ويا پر ڪوبه گراهڪ هن ڏي
ڪونه آيو هڪ گراهڪ آيو به ته اهي نوان هئا ۽
چندروکي سڃاڻيندا ئي نه هئا اهي به چئن، اٺن آنن
جي چاٽ کائي رهندا رهيا، اداس دل چندرو ڪنڌ جهڪايو
پنهنجو پاڻ کي مصروف رکڻ جي ڪوشش ڪندي رهيو ڪڏهن
ٽوال کڻي شيشا چمڪائڻ ٿي لڳو ته ڪڏهن ڏوئي وجهي
پاري ۾ مسالي واري پاڻي کي گڏائڻ ٿي لڳو ته ڪڏهن
چلهي جي باهه ٺيڪ ڪرڻ ٿي لڳو، آخر هو آهستي آهستي
ٻٽالن جي ڪاتر، بيسڻ ۽ مصالحي ۾ وجهي ٽڪيون ترڻ
لڳو ..
اوچتو هن جي ڪنن ڇير جي ڇمڪار ٻڌي ۽ دل زور، زور
سان ڌڙڪڻ لڳس، رت جو دورو تيز ٿي ويس، هن پنهنجو
جهڪيل ڪنڌ مٿي کڻڻ چاهيو مگر کڻي نه سگهيو
......... ڇير جي ڇمڪار هينئر سڙڪ تائين پهچي چڪي
هئي.نيٺ هن پنهنجي جسم جو سمورو زور لڳائي جهڪيل
ڪنڌ مٿي کنيو ته هن جون نگاهون پارو تي وڃي پيون ۽
ڏوئي هن جي هٿ مان ڪري پئي سندس ٽوال به ڪلهي تان
ڪري بالٽي ۾ ڀڄي پيو، ان مهل هڪ گراهڪ ڀر ۾ اچي
چيس ته” مونکي ٻه سموسا ڏي“ مگر هن ڪجهه به ڪين
ٻڌو، هن جي بدن ۾ جيترا به حواس هئا، جيترا به
احساس هئا، جذبات هئا سڀ ڇڪجي هن جي اکين ۾ سمائجي
ويا هئا، ان وقت هن جو جسم نه پر صرف اکيون ئي
اکيون هيون، هيءَ هن جي ريڙهي هئي نه سندس ڀرسان
چند وکن تي ٻي ريڙهي به بيٺل هئي، هو صرف اهو سوچي
رهيو هو ته پارو ڪاڏي ٿي وڃي؟ڇوڪريون هوريان
هوريان سُسُ، پُسُ ڪنديون هنن ٻنهي کي ڏسنديون
نزديڪ اچي رهيون هيون سندن وچ ۾ تمام آهستي آهستي
بحث به هلي رهيو هو ، اوچتو ڄڻ ته اهو بحث ختم ٿي
ويو ڇوڪرين سڙڪ پارڪري نئين ريڙهي کي واري کي
گهيري ورتو مگر چندروءَ جون نگاهون نئين ريڙهي
واري ڏانهن ڪو نه هيون هو ان مهل خلا ۾گهوري رهيو
هو، گهٽي ۽ سڙڪ جي ملاپ تي جتي اڄ ڇهن مهينن کان
پوءِ پارو کي ڏٺو، هو ڪنڌ مٿي ڪيو؛ دنيا جهان کان
بيخبر اوڏانهن ئي ڏسندو رهيو هو بت بنيو صرف خلا ۾
گهوري رهيو ته اوچتو وڏي تيزيءَ سان پارو پنهنجي
سهيلين کان ڀڄي هن جي اڳيان هڪ ڏوهاري جيان چپ چاپ
اچي بيهي رهي،انهيءَ وقت گونگو چندرو اوڇنگارون
ڏيئي روئي پيو. اهي ڳوڙها ڪين هئا بلڪ الفاظ هئا،
شڪراني جا، دفترهئا شڪايتن جا، اٻرندڙ ڳوڙها فصيح
۽ بليغ جملن جيان هن جي ڳلن تان وهي رهيا هئا،
پارو ڪنڌ جهڪائي اهو سڀ ڪجهه ٻڌي رهي هئي،
اڄ پارو گونگي هئي ۽ چندرو ڳالهائي رهيو هي، اڄ
ڀلا هو کيس ڪيئن چوي ته ”اڙي چريان مون به ته پورا
ڇهه مهينا انهن ئي ڳوڙهن جو انتظار ڪيو هو !!!
مان باغي آهيان
پن ڇڻ جا پهريان ڏينهن هئا.
صبح جو ڌنڌ قيدين جي بيرڪن مٿان ڇانيل هو. ٿڌي هوا
۾ ڪنهن ڪچي گار جهڙي تيزي تکاڻ هئي. وڻن جا پن
ڪنڌ جهڪايو ڪنهن جي پڇاڙڪن پلن جي انتظار ۾ هئا ۽
انساني لاشن کي ساڙڻ واريون بٺيون هوريان هوريان
دونهون ڪڍي رهيون هيون.
ليون پنهنجي قبر کوٽيندي ڪنڌ کڻي پوپلر جي ڊگهن
وڻن جي قطار کي ڏٺو، جن سان يهودي قيدين کي ٻڌي،
کين گوليون هنيون وينديون آهن. هڪ پل لاءِ هن جو
ساهه بند پکيءَ وانگرهن جي سيني جي پڃري ۾ اٽڪيو ۽
گهٽبو آه بڻجي ٻاهر نڪتو، هن جي ڇاتي لڏي وئي پر
گشت ڪندڙ نازي سپاهين جي پيرن کي ٿاٻو نه آيو. هو
پابندي ۽ مضبوطيءَ سان يهودي قيدين جي چوڌاري گشت
ڪندا رهيا، جن کي اڄ گوليون لڳڻيون هيون ۽ جيڪي هن
وقت نازي سپاهين جي نگرانيءَ ۾ پنهنجون پنهنجون
قبرون کوٽي رهيا هئا.
ليون جي نظر پوپلر جي وڻن کان به مٿي ڇانيل ڌنڌ کي
چيريندي، دونهين جي ان لڪير کي ڏسڻ لڳي جا ڪلهه
تائين ڪنهن محبوبه جي مهڪندڙ خوشبوءِ هئي. ڪنهن
معصوم ٻار جي مرڪ هئي، ڪنهن محبت ڪندڙ سائنسدان،
فلسفي ۽ اديب جو دماغ هئي، اڄ انهن سڀني جي جاءِ
تي دونهين جي هڪ لڪير هئي. جا ٻرندڙ بٺيءَ جي چمني
مان نڪري هوا ۾ شامل ٿي هئي.
جڏهن قبرون چڱيون ٿي ويون ته نازي سارجنٽ زور سان
رڙ ڪئي.
”ڪم بند ڪيو“
سڀني قيدين پنهنجي قبرن سامهون ڪوڏر ۽ بيلچا رکي
ڇڏيا.
”فارورڊ مارچ!“ نازي سارجنٽ وري رڙ ڪئي.
ليون جا قدم مشين وانگر پوپلر جي وڻن ڏانهن وڌڻ
لڳا جتي ڪجهه ئي لمحن کان پوءِ کيس گولي هڻي ماريو
ويندو. هو هوريان هوريان پنهنجي موت ڏانهن وڌڻ
لڳو. هن جي پويان ٻيا يهودي قيدي هلي رهيا هئا.
جيڪي مختلف جاين تان آڻي لودر جي نازي جيل ۾ بند
ڪيا ويا هئا. انهن ۾ هن جو دوست ۽ ساٿي ابراهيم به
هو. هو سائنسدان هو ۽ سرطان جي مرض تي تحقيق ڪري
رهيو هو. سفيد ڏاڙهيءَ وارو پوڙهو ابراهيم اهو
سمجهي نه سگهيو هو ته کيس ڪهڙي ڏوه ۾ گولي هنئي
پئي وڃي. هن جي پويان هن جون ٻه جوان جماڻ ڌيئون
ارڙهن ساله اينٿل ۽ سورهن ساله روزا ڪنڌ مٿي ڪيو
بنا ڊپ جي هلي رهيون هيون. انهن جي پويان ٻيا به
يهودي هئا جن کي ليون ڪونه ٿي سڃاتو. سڀ کان آخر ۾
هن جي محبوبه جين هئي. ڪاش هي نازي سپاهي ايتري
مهرباني ڪن ها جو هن جي محبوبه کي هن سان گڏ گڏ
زندگي جي آخري لمحن ۾ موت ڏانهن وڃڻ ڏين ها، پر
نازي سپاهين هن جي اها خواهش به پوري نه ڪئي هئي.
جين سان گڏ ٽن سالن جو معصوم ٻار هلي رهيو هو،
جنهن جي يهودي ماءُ پيءُ کي ٻه ڏينهن اڳ گوليون
هڻي ماريو ويو هو. ٻار جو هڪ هٿ جين جي هٿ ۾ هو، ۽
ٻي هٿ جو آڱوٺو وات ۾ چوسيندو هلي رهيو هو، پنهنجي
زندگيءَ جي آخري لمحن کان بي خبر.
اوچتو هڪ وڻ جي هيٺان لنگهندي، پري مٿي ڪنهن شاخ ۾
هڪ پن کڙڪيو ۽ تيز هوا جي جهوٽي سان ٽٽي اچي پٽ تي
پيو. ننڍڙي ٻار پنهنجو هٿ ڇڏايو ۽ زمين تي رڙهندڙ
پن جي پويان ڊوڙڻ لڳو. جين هن کي روڪڻ چاهيو، ٻين
قيدين به کيس سڏ ڪيا پر معصوم ٻار قطار ڀڃي سائي
پن جي پويان ڊوڙندو ويو. پن اڳيان اڳيان رڙهندو پي
ويو ۽ ٻار ان جي پويان پويان........ نيٺ خوشيءَ
مان رڙ ڪندي، ٻار ان پن کي هٿ ۾ کڻي ورتو،
ٺيڪ ان وقت هن جي پٺيءَ ۾ گولي لڳي ۽ هو اتي ئي
ڪري پيو. هن جي هٿ ۾ اهوئي سائو پن هو ۽ اهوئي
آخري پن هو جيڪو ٽن سالن جي ٻار پنهنجي اکين سان
ڏٺو.
يهودي قيدين جي قطار ۾ هر چهرو ڏک ۽ ڪاوڙ کان تپي
ويو پر نازي سپاهي رائيفلون کڻي هنن جي ويجهو اچي
ويا ۽ بيوس قيدي وري پوپلر جي وڻن ڏانهن وڌڻ لڳا.
ليون جي ويجهو هن جي دوست ابراهيم کي ٻڌو ويو، سڀ
کان آخر ۾ جين کي ٻڌو ويو. ڀوري اکين واري بهادر
جين، جنهن جي چپن تي ڳاڙهي لپسٽڪ چمڪي پي. اهو
ڪنهن نخريلي عورت جو انداز نه هو. اهو موت جي خلاف
هڪ معصوم ۽ بهادر ڇوڪري جي بغاوت جو اعلان هو.
جڏهن سڀ يهودي وڻن سان ٻڌا ويا ته نازي سپاهي
پنهنجي پنهنجي جاءِ تي رائفلون سڌيون ڪري بيٺا.
ٺيڪ ان وقت هڪ سپاهي ڊوڙندو آيو ۽ سارجنٽ کي
چيائين:
”لاش ساڙڻ وارين بٺين تي هڪ ماڻهو کٽي پيو آهي ۽
نوان قيدي ته سڀاڻي ايندا.“
سارجنٽ هٿ جي اشاري سان سپاهين کي فير ڪرڻ کان
جهليو ۽ پاڻ وڻن سان ٻڌل هڪ هڪ قيدي کي ڏسڻ لڳو.
هر قيدي هن جي نظر پوڻ تي ڏڪڻ لڳو. هي سارجنٽ ڪنهن
هڪ کي هڪ ڏينهن جي زندگي ڏئي سگهي ٿو.
سارجنٽ جي بي رحم نظر سڀني قيدين تان کسڪندي ليون
تي اچي بيٺي.
ليون رڙ ڪندي چيو: ”نه سارجنٽ نه مون کي نه اهو
ڏينهن تون جين کي ڏي، ابراهيم کي ڏي.“
”هڪ ئي ته ڏينهن آهي.“ نازي سارجنٽ نفرت مان چيو.
”هڪ ئي ڏينهن!“ ليون سوچيو. ”پر هڪ ڏينهن ۾ ڪيترا
ساه کڻي سگهجن ٿا. هڪ ڏينهن ۾ ڪيترا منٽ، ڪيترا
سيڪنڊ، ڪيترا خيال، ڪيترا تصور! هڪ ڏينهن ۾
ڪيتريون خواهشون، ڪيترا گل ۽ ڪليون ٽڙن ٿيون. هڪ
ڏينهن هڪ زندگي، هڪ صدي، هڪ تاريخ ٺهي سگهي ٿي، پر
انڌي شعور جي پٿريلي ميدان ۾ گشت ڪندڙ سپاهي ڇا
ڄاڻي ته هڪ ڏينهن ۾ ڇا ٿيندو آهي.“
پر نازي سارجنٽ هن جي اها خواهش به پوري نه ڪئي.
”جين هڪ ڇوڪري آهي.“ هن چيو: ”۽ ابراهيم
پوڙهو...... لاش ساڙڻ واري بٺي تي مضبوط ماڻهو جي
ضرورت آهي.“
نازي سارجنٽ رڙ ڪندي هڪ سپاهي کي چيو: ”ليون جون
رسيون کولي ڇڏ.“
ڪجهه منٽن کان پوءِ ليون بٺي نمبر ٻه تي ڪم ڪرڻ
لڳو.
لاش ساڙڻ واريون بٺيون ڪنسنٽيريشن ڪيمپ جي مٿين
ڪنڊ تي هيون ۽ اتان پنجاه وال جي فاصلي تي جيل جي
لوهي جنگلي واري ڄاري هئي. ان ڄاري کان ٻاهر به
چوڌاري نازي سپاهي گشت ڪندا ۽ پهرو ڏيندا هئا. پر
اڄ ڌنڌ ايترو ته گهرو هو جو لوهي ڄاري اڌ کان وڌيڪ
ڌنڌ ۾ ٻڏل ٿي نظر آئي ۽ نازي سپاين جا چهرا ڪن
لمحن لاءِ ڌنڌ مان اڀريا ٿي ۽ وري ڌنڌ ۾ گم ٿي پي
ويا.
”پنجاه والن جي فاصلي تي آزادي آهي.“ ليون بٺيءَ ۾
لاش وجهندي سوچڻ لڳو. ”صرف پنجاه وال جي پنڌ تي!“
ليون سان گڏ ٻه نازي سپاهي ڪم ڪري رهيا هئا ۽ ٽي
يهودي قيدي، سائو پن ليون جي اکين اڳيان نچڻ لڳو.
ڄڻ اهو هن کي زندگيءَ جو پيغام ڏئي رهيو هجي.
”پر اهو ڪيئن ممڪن آهي؟“ ليون ڪم ڪندي ڪندي
سوچيندو به رهيو. پوءِ اوچتو بٺي نمبر 2 ۾ ڪا
خرابي ٿي پئي ۽ هڪ نازي سپاهي مدد جي لاءِ اوڏانهن
هليو ويو. هاڻي صرف هڪ نازي سپاهي هو ۽ چار يهودي
قيدي. سڀني قيدين هڪ ٻئي ڏانهن ڏٺو، ڄڻ هڪ ئي خيال
هڪ وقت تي چئني جي ذهن ۾ آيو هجي. اکين ئي اکين ۾
اشارا ٿيا ۽ هو پهرين کان به وڌيڪ محنت سان ڪم ڪرڻ
لڳا ۽ ڪم ڪندي ڪندي نازي سپاهي جي ويجهو ايندا
ويا. نازي سپاهيءَ هڪ لمحي لاءِ بٺي جي اندر ليئو
پاتو ۽ چيو: ”بس ڪيو، بس ڪيو. هاڻي اندر جڳهه
ڪانهي.“
ٺيڪ ان وقت لوهي چنبي وانگر هڪ مضبوط هٿ هن جي
منهن کي بند ڪري ڇڏيو. نازي سپاهي رڙ به ڪري نه
سگهيو. قيدين هن کي کڻي بٺي ۾ اڇلايو ۽ دروازو بند
ڪري چڏيو.
پوءِ هو پنجاه وال جي فاصلي تي لوهي ڄاري ڏانهن
ڀڳا. ڌنڌ گهاٽو ۽گهرو هو. لوهي تارن جي ڄار مان
قيدي مڇين وانگر ٻاهر نڪرڻ لڳا. هڪ گشت ڪندڙ سپاهي
هنن کي ڏسي ورتو. خطري جي سيٽي زور زور سان وڄڻ
لڳي. رائفلون سڌيون ڪري سپاهي ڊوڙڻ لڳا.
ليون گهاٽي ڌنڌ ۾ ڊوڙندو ويو. گوليون هن جي ساڄي
کاٻي کان سون سون سون ڪنديون نڪري ويون. هو هڪ ئي
طرف ڊوڙندو ويو. اولهندي پاسي وڻن جو هڪ گهاٽو
جهنگ هو. هو جهنگ ۾ اندر پري تائين ڊوڙندو ويو ۽
سهڪي سهڪي گاه تي ڪري پيو. پوءِ هن کي هوش نه رهيو
ته هو ڪٿي آهي؟ هاڻي هن کي صرف ايترو ياد آهي ته
بيهوش ٿيڻ کان اڳ هن جي نرڙ تي هڪ سائو پن چمڪيو
هو.
هو ڪيترائي مهينا هڪ روسي هاريءَ جي گهر ۾ لڪل
رهيو. انهن ڏينهن ۾ نازين جي قبضي هيٺ آيل علاقي ۾
ڪنهن يهوديءَ وڏي دليري سان ان خطري کي منهن ڏنو ۽
ليون کي پنهنجي گهر ۾ پناه ڏني. پوءِ جڏهن لڳاتار
روسي حملن سان نازي فوجون يو ڪرين کان ڀڄڻ تي
مجبور ٿيون ته واپس ويندي باقي بچيل ڳوٺن ۽انهن جي
گهرن کي ساڙيندا، ڦريندا ۽ تباه ڪندا پوئتي هٽڻ
لڳا. نازي فوجن جي ڀڄڻ وقت ليون بدقسمتيءَ سان وري
پڪڙجي پيو. نازين هن کي پناه ڏيڻ واري هاريءَ کي
ٿڏي تي گوليءَ سان اڏائي ڇڏيو ۽ ليون کي وري لودر
جي نازي جيل ۾ موڪليو ويو.
پر جيل ۾ ڪنهن به ليون کي نه سڃاتو. هڪ ته هن جي
چهري تي ڪيترن مهينن جي ڏاڙهي هئي. ٻي ته ڪيترين
مصيبتن ۽ بکن ڪٽڻ ڪري هن جي صحت ڪري پئي هئي. جيل
جو ڍنگ به هاڻي بدلجي چڪو هو. يوڪرين کان پوئتي
هٽڻ وقت هٽلر حڪم ڏنو هو ته ڪنسٽريشن ڪيمپن جا
نشان به مٽايا وڃن، جيئن دنيا کي هٽلر. جي جبر ۽
ظلم جو ثبوت نه ملي سگهي.
سارجنٽ هڪ فهرست کڻي ليون وٽ آيو ۽ چيو: ”جوزف
(ليون پنهنجو نالو مٽائي ڇڏيو هو.)
تنهنجي گروپ ۾ ڏهه قيدي آهن ۽ هن فهرست ۾ 182
يهودي قيدين جا نالا آهن، جن کي سلسليوار 182 قبرن
۾ وڌو ويو آهي. توهان کي هرقبر کوٽڻي آهي ۽ سڃاڻپ
لاءِ هر لاش سان گڏ قبر ۾ جيڪو ڪارڊ دفن آهي، ان
کي ڪڍي فهرست سان ملائي چيڪ ڪرڻو آهي ۽ لاشن کي
ٻاهر ڪڍي بٺي ۾ اڇلائڻو آهي ۽ قبرن کي ائين مٽائڻو
آهي جو انهن جو نشان به ڪنهن کي نه ملي ۽ اهو ڪم
چئن ڏينهن ۾ مڪمل ڪرڻو آهي.“
”چار ڏينهن ته گهٽ آهن سائين.“ ليون ادب سان چيو.
”هڪ ڏينهن وڌيڪ کڻو.“ سارجنٽ لاپرواهي سان چيو.
”هڪ ڏينهن وڌيڪ!“ ليون سوچيو، پر هو جلدئي قبرن
کوٽڻ، لاش ڪڍڻ ۽ انهن کي بٺي ۾ وجهڻ کي لڳي ويا.
پهريون ڏينهن ان ڪم ۾گذري ويو، پوءِ ٻيو ڏينهن به
گذري ويو ۽ پوءِ ان رات الائجي ڇا ٿيو جو نازي
سارجنٽ ليون جي گروپ جي سڀني قيدين کي جاڳائي
زمين. ڀرڻ جي ڪم تي لڳائي ڇڏيو. جيتوڻيڪ هو سڄو
ڏينهن ڪم ڪري چڪا هئا ۽ رات جو ڪم ڪرڻو نه هوندو
هو پر نازي سارجنٽ ڏاڍو گهٻرايل ۽ ڊنل هو، شايد
مورچن کان ڪا وڏي خبر آئي هئي.
هو سڄي رات قبرن تي ڪم ڪندا رهيا. جيڪو قيدي ٿڪيو
ٿي ان کي نازي سپاهي ماري ماري وري ڪم ڪرائيندا
هئا. ڪم ڪرائيندي ڪرائيندي نازي سپاهي ڊنل اکين
سان پوئتي به نهاريندا رهيا. آهستي آهستي سڀ قبرون
سڌيون ٿي ويون، هاڻي صرف چار قبرون باقي رهيون.
سارجنٽ فهرست ڏسي پڇيو: ”ابراهيم ايرين برگ؟“
”لاش موجود آهي.“ هڪ قيدي کليل قبر ڏسي چيو.
”اينٿل ايرين برگ؟“ ”لاش موجود آهي.“
”ليون ويلز؟“ سارجنٽ فهرست جو آخري نالو پڙهندي
پڇيو.
”قبر خالي آهي“ ليون قبر ڏسي جواب ڏنو.
”قبر خالي آهي؟ ڪيئن خالي آهي“ سارجنٽ حيرت مان
پڇيو. نازي سارجنٽ قبر جي چوڌاري ڦريو ۽ مايوسيءَ
مان چيائين: ”اهو ڪيئن ممڪن آهي؟ نازي فهرست ۾
غلطي ٿي نٿي سگهي. سڀني کي اسان ماريو، سڀني کي
اسان پوريو لاش هتي هئڻ گهرجي.“
”پر لاش هتي موجود ڪونهي.“ ليون جي آواز ۾ طنز
هئي.
”ته پوءِ لاش ڪيڏانهن ويو؟ سارجنٽ سوچڻ لڳو.
”لاش پاڻ هلي نٿو سگهي. لاش ڀڄي نٿو سگهي پوءِ لاش
ويو ڪيڏانهن!؟“چيائين. ”جلدي ٻڌايو. نه ته توهان
سڀني کي گولين سان اڏائي ڇڏيندس.“
سارجنٽ ڪاوڙ مان رائفل سڌي ڪئي سڀني قيدين جا چهرا
هراسجي ويا. سواءِ ليون جي.
ليون هڪ طرف ڏٺو جتان روشني پي نروار ٿي. پر اها
صبح جي روشني نه هئي. وڌندڙ روسي فوجين جي روشني
جو لائو هو.
”جلدي ٻڌايو. مون کي بيوقوف نه بڻايو.“ نازي
سارجنٽ جي آواز مان خوف ظاهر هو. ”ڀلا لاش پنهنجو
پاڻ ڪيئن ٿو غائب ٿي سگهي؟“
ليون هڪ لمحي لاءِ خاموش ٿي ويو. ٻئي لمحي سموري
فضا باهه ۽ بارود جي ڌماڪن ۾ ويڙهجي وئي. لودر
ڪيمپ جي چئني پاسن کان روسي فوجن جو حملو ٿي ويو.
نازي سپاهي خوف ۽ هراس کان هيڏانهن هوڏانهن ڀڄڻ جي
ڪوشش ڪرڻ لڳا. سارجنٽ به هڪ پاسي ڀڄڻ لڳو پر ليون
هن کي ڪنڌ کان جهلي ورتو هن جي رائيفل کسي ورتي ۽
هن کي گهلي پنهنجي قبر وٽ آڻي چيو: ”سارجنٽ نازي
جي فهرست ۾ هڪ غلطي باقي رهجي وئي. هنن انسان جي
آزادي واري جذبي کي وساري ڇڏيو. هنن وساري ڇڏيو ته
لاش به هلي واپس اچي سگهن ٿا ۽ هڪ ڏينهن ۾ تاريخ
به بدلجي سگهي ٿي. سارجنٽ مان جوزف ناهيان. مان
ليون ويلز آهيان. هن خالي قبر کي غور سان ڏس جيڪا
منهنجي لاءِ کوٽي وئي هئي. ڄاڻين ٿو سارجنٽ هي قبر
خالي ڇو آهي؟“
”نه“ سارجنٽ چيو.
”هاڻي هن خالي قبر ۾ نازي دفن ڪيو ويندو.“
ڏهين جو نوٽ
مان 8- نومبر 1946ع ۾ ناسڪ شهر ۾ پيدا ٿيس، ليڪن
مون کي اتي رهڻ جو موقعو تمام گهٽ مليو. مان هڪ
آواره سيلاني آهيان، ڳوٺ ۽ شهر شهر ۾ گهمندو رهيو
آهيان. ۽ سدائين چڪر ۾ آهيان. جتي وڃان ٿو ماڻهو
مون کي هٿون هٿ کڻي ٿا وٺن، ۽ مرڪندڙ چهري سان
منهنجو استقبال ڪندا آهن. هن دنيا ۾ منهنجو ڪوبه
دشمن نه آهي، سڀ دوست آهن. سڀئي مون کي چاهين ٿا.
مون پنهنجي ننڍي ڄمار ۾ گهڻو ڪجهه ڏٺو، سکيو ۽
وڃايو. ليڪن پنهنجي زندگيءَ جي بيشمار تجربن جي
باوجود هڪ ڳالهه بنا کٽڪي جي چئي سگهان ٿو ته
پنهنجي ننڍي ڄمار ۾ مون جيڪا شهرت ۽ مقبوليت حاصل
ڪئي، سا تمام ٿورن کي نصيب ٿي. اڄ تائين ڪنهن وڏي
سياسي ليڊر يا فلم اسٽار کي به ايتري مقبوليت نه
ملي، جا مون کي ملي آهي. ٻچو ٻچو مون کي سڃاڻي ٿو
۽ مون سان محبت ڪري ٿو:
”مان ڏهين جو نوٽ آهيان.“
ڪيترن مهينن تائين مان مشهورفلم اسٽار شهزاديءَ جي
ڊرائنگ روم ۾ فقيربابا جي فريم ۾ رکيل تصوير مٿان
پيل هار ۾ ٽنگيل هوس. شهزادي، فقير بابا کي تمام
گهڻو مڃيندي هئي. هن ڏهين، ڏهين رپين جي نوٽن سان
پنجن سون رپين جو هار فقيربابا جي فريم ٿيل تصوير
تي وڌو. شهزاديءَ جو سڀني کان ننڍو ڀاءُ (جو دراصل
هن جو ڀاءُ نه پر پٽ هو.) گهر جو لاڏلو هو، گهر جا
ڀاتي هن کي پيار مان منو چوندا هئا.
ائين ته منو کي سندس ماءُ ۽ شهزادي کيسي جي خرچي
ڏينديون هيون؛ ليڪن منو دادلن ٻارن جيان تمام گهڻو
خرچائو هو. هن پنهنجي ماءُ ۽ ڀيڻ کان سواءِ، فقير
بابا کان به پئسن وٺڻ جو طريقو ايجاد ڪري ورتو، هو
بلڪل ذهين ڇوڪر هو. جڏهن ماڻس ۽ ڀيڻس کيس کيسي جي
خرچي نه ڏينديون هيون، يا سندس خرچي ختم ٿي ويندي
هئي، تڏهن هو سڀني کان لڪي هڪ ڪرسيءَ تي اسٽول رکي
فقير بابا جي تصوير تائين پهچي ويندو هو. ۽ هٿ جوڙ
ڪري چوندو هو: فقير بابا! اڄ پوري کائڻ تي دل ٿي
آهي. جيڪڏهن ناراض نه ٿين ته تنهنجي هار مان هڪ
رپيو کڻان.“
”کڻان نه؟“
”بس، هڪ رپيو کڻندس صرف هڪ رپيو، وري ڪڏهن به ڪونه
کڻندس.“ ان کان پوءِ منو کي ائين محسوس ٿيندو هو،
ته فقير بابا تصوير مان گهوري کيس نهاري رهيو آهي
۽ کيس رپيي ڪڍڻ جي اجازت ڏيئي رهيو آهي. ان کان
پوءِ هو تصوير کي چمي ڏيئي هار مان نوٽ ڪڍي هليو
ويندو هو.
ڪافي عرصي تائين ائين ٿيندو رهيو. ڪڏهن پوري لاءِ،
ڪڏهن آئسڪريم لاءِ، ڪڏهن ڦوڪڻن لاءِ، ڪڏهن دوستن
کي قرض ڏيڻ لاءِ هار مان نوٽ نڪرندا رهيا. شروع
شروع ۾ ته خبر ڪانه ٿي پيئي، آهستي آهستي هار خالي
ٿيندو رهيو، وچ وچ مان گنجو ٿيڻ لڳو. هڪ ڏينهن عين
انهيءَ وقت هو پڪڙيو ويو، جنهن وقت ڪرسيءَ تي
اسٽول رکي هو مون کي هار مان ڪڍي رهيو هو.
شهزاديءَ کي ان کان اڳ نوڪرن تي شڪ هو. جڏهن هڪڙو
نوڪر شهزاديءَ کي سڏي آيو. تڏهن شهزادي نوٽ هٿن
مان ڦري پنهنجي پرس ۾ وڌو، پر سڄو هار لاهي هن پرس
۾ رکيو، ۽ منو کي ٻه ٽي چماٽون هڻي ڪڍيائين. منو
شهزاديءَ جي گود ۾ ڦٿڪڻ لڳو ۽ زور زور سان رڙيون
ڪرڻ لڳو، ته شهزادي هن کي وري مارڻ لڳي، تنهن تي
ماڻس ڊوڙندي ڊرائنگ روم ۾ لنگهي آئي، منوءَ کي
کڻندي غضبناڪ آواز ۾ چيو:
”اي، هي ڇا ٿي ڪرين. پنهنجي جگر جي ٽڪر تي ايترو
ظلم ٿي ڪرين: صرف ڏهن رپين جي ڪري پنهنجي پٽ تي
ائين هٿ لائيندي توکي شرم نٿو اچي!“
چوڻ لاءِ ته ماڻس غصي ۾ چئي ويئي. مگر ڳالهائيندي
ڳالهائيندي هن پنهنجي غلطي محسوس ڪئي. ماڻس ڏندين
آڱريون ڏيئي ۽ شهزادي وات تي هٿ ڏيئي هيڏانهن
هوڏانهن ڏسڻ لڳيون. اتفاق سان ان وقت ڊرائنگ روم ۾
ماءُ، ڌيءَ ۽ پٽ کان سواءِ ٻيو ڪوبه موجود ڪونه
هو. شهزاديءَ جي بدن ۾ ساهه پيو، ماڻس شرمندي ٿي.
منو هن جي ڇاتيءَ ۾ منهن هنيو پيو هو، ڪمري ۾
خاموشي ڇانيل هئي. اوچتو منو مٿو مٿي کڻي شهزاديءَ
طرف ڏٺو ۽ سڏڪا ڀريندي چيو:
”مون کي ڏهه رپيا ڏي، نه ته مان سڀني کي ٻڌائيندس
ته آءٌ امان جو پٽ نه آهيان، بلڪ شهزاديءَ جو پٽ
آهيان.“
پنهنجي ماءُ کان ڏهه رپيا وٺڻ کان پوءِ هن ۾ نئين
تازگي اچي ويئي.هو پنهنجي ناني جي گود مان اُٿيو ۽
ٻاهر آئسڪريم کائڻ لاءِ روانو ٿي ويو. مان هن جي
زندگيءَ ۾ پهريون بليڪ ميل ٿيو هوس ته ڇا ٿيو، اڃا
ته هن جي عمر ست سال آهي.
آئسڪريم ۽ ملڪ بار جي ڪائونٽر کان پوءِ مان فيروز
۽ خانم وٽ پهتس، جيڪي ملڪ بار مان آئسڪريم کائي
نڪتا هئا، دڪان کان نڪرڻ شرط خانم کي يادگيري آئي
ته هنن جي ڳوٺ ۾ گيهه به بليڪ ۾ هلي رهيو آهي.
انهيءَ ڪري هن ڀرواري واڻيي جي دڪان تان گيهه جو
هڪڙو دٻو خريد ڪيو هو. مون کي مسز ايڊال جي حوالي
ڪيو ويو. مسز ايڊال مون کي هڪڙي دڪاندار جي حوالي
ڪيو، جنهن کان هن پنهنجي نئين ڊرائنگ روم لاءِ
پردن جو ڪپڙو خريد ڪيو هو. انهيءَ دڪان تي منظور
ڪلارڪ پنهنجي زال بتول سان بيٺو، گهر ۾ ننڍڙي ٻار
جي پيدا ٿيڻ جي سلسلي ۾ ڪجهه ضروري ڪپڙو خريد ڪري
رهيو هو. هن ٻار جي پوتڙن، فراڪن، چڍين ۽ ننڍين
ننڍين رنگدار ٽوپين لاءِ ڪپڙو خريد ڪيو. انهن سان،
مان شربت واري جي دڪان تي آيس، ڇاڪاڻ ته بتول کي
اُڃ لڳي هئي. پوءِ شربت واري مون کي هڪڙي اڌڙوٽ
عمر واري جي حوالي ڪيو، جنهن هڪ ٻئي جي پٺيان شربت
جا چار گلاس پيتا هئا. انهيءَ اڌڙوٽ عمر وارري
ٻاهر اچي هڪڙي اسٽور واري کان مٿي جي سور جي گورين
جو يڪو دٻو خريد ڪيو. انهيءَ کي ڏسڻ سان ائين پئي
محسوس ٿيو، ته هن کي سدائين مٿي جو سور رهندو آهي.
پر هو خود به دنيا لاءِ مٿي جو سور هو. گورين خريد
ڪرڻ کان پوءِ، هو هڪ ٽئڪسيءَ ۾ سوار ٿيو، پنهنجي
گهر پهچي هن مون کي ٽئڪسيءَ واري جي حوالي ڪيو.
جنهن وري پيٽرول پمپ واري کي ڏنو، پيٽرول پمپ واري
وري هڪ اهڙي جوڙي کي ڏنو، جن تازو موٽر خريد ڪئي
هئي ۽ ان ۾ چڙهي فلم ڏسڻ پئي ويا، فلم ڏسي مان هنن
سان موٽي رهيو هوس ته وري هڪ ٻئي پيٽرول پمپ تي
پهچي ويس. جتان مان غلام علي موٽر مڪينڪ جي کيسي ۾
پهتس. غلام علي مون کي کڻي حمام واري جي حوالي
ڪيو، حمام واري حجام جي حوالي ڪيو، جنهن وري ڪباب
واري جي حوالي ڪيو. ڪباب واري مون کي مسواڙ ۾ ڪيفي
دلپسند جي مالڪ جي حوالي ڪيو، جنهن جي هوٽل جي
ٻاهران هو ڪباب وڪڻندو هو. ڪيفي دلپسند وٽان وري
هڪ درزيءَ جي حوالي ڪيو ويس. جنهن ٻئي ڏينهن مون
کي سيٺ منگها رام جي حوالي ڪيو. جنهن درزيءَ کان
هڪ سوٽ سبرايو هو. منگهارام جي ڪلب ۾هڪ دڪان هو،
جتان امير ماڻهو ۽ غير ملڪي سياح اچي عمديون ۽
ناياب شيون خريد ڪندا هئا. هانگ ڪانگ کان وٺي
نيويارڪ تائين هن جي مال جي گهرج هئي. شهر کان
ٻاهر ڪيترين ئي جاين تي هن ننڍيون ننڍيون فئڪٽريون
قائم ڪيون هيون. جتي تمام رازداريءَ سان پراڻي طرز
جو مال تيار ٿيندو هو. هڪڙي فئڪٽري ۾ ستين صدي
عيسوي جي ”ٻڌ“ جا بت تيار ٿيندا هئا. هڪڙي فئڪٽري
۾ ٻه صديون قبل مسيح، جي ”شيو مهاراج“ جا بت ٺاهيا
ويندا هئا. هڪڙي فئڪٽريءَ ۾ صرف اهو مال تيار
ٿيندو هو، جيڪو ”موهن جي دڙي“ ۽ ”هڙاپا“ جي
کوٽائيءَ مان نڪتو هو. هڪڙي فئڪٽريءَ ۾ ”مغل“ جي
زماني جون شيون تيار ٿينديون هيون. مثلاً نور جهان
جو عطر، بابر جي تلوار، جهانگير جو خنجر،
جوڌاٻائيءَ جي پوڄا واري ٿالهي، اڪبر جي منڊي،
اورنگزيب جو ٿڪدان ۽ ممتاز محل جو پاندان سڀئي
شيون سيٺ منگهارام وٽان ملنديون هيون.
هڪڙي فئڪٽري وري پراڻي ڪاٺ جو تاريخي سامان تيار
ڪندي هئي. اشوڪ جي خوابگاه جو دروازو، چندر گپت جي
پلنگ جا پاوا، مهاراڻي پدمڻيءَ جي آرسيءَ جو فريم
وغيره.
هڪ دفعي سيٺ منگهارام جو هڪ سيلز مين، هڪ يورپي
سياح کي ”چانڪيا رشيءَ“ جي عينڪ ٻارهن سو رپين ۾
وڪڻڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، سيٺ منگهارام پنهنجي ملازم
جي ڪارڪردگيءَ تي خوش ٿي کيس هڪ سئو رپيا انعام
ڏنو.
ڪالهه رات سيٺ دڪان مان ڪجهه رقم کنئي، حساب پوري
ڪرڻ لاءِ هن پنهنجو ٻٽون کوليو، رقم برابر ڪري هن
مون کي به نوٽن سان ملائي سموري رقم هڪڙي ملازم کي
ڏني ته بئنڪ ۾ جمع ڪرائي اچي. سيٺ جي نوڪر رقم کڻي
احتياط سان ڳڻڻ شروع ڪيو ۽ مون کي ڏسي وائڙو ٿي
ويو، ڇاڪاڻ ته مان هڪڙن وٽان ٻين وٽ، ٻين کان ٽين
وٽ، ايترو ته ميرو، لڳڙو ۽ ڦاٽل ٿيو هوس،جو سڀني
جي نگاهن ۾ چڀڻ لڳو هوس. ملازم مون کي غور سان ڏسڻ
لڳو. هي اهوئي ملازم هو جيڪو گروچانڪيا جو چشمو
وڪڻي چڪو هو. ڏسڻ ۾ آءٌ ايترو ته پراڻو ٿي ويو
هوس، جو جيڪڏهن مون تي لکيل انگريزيءَ وارا لفظ نه
هجن ها ته اهو ملازم مون کي ”محمدتغلق“ جي زماني
جو نوٽ سمجهي وڪڻڻ لاءِ تيار ٿي وڃي ها. پوءِ به
هو مون کي اٿلائي پٿلائي ڏسندو رهيو. مان سمجهي نه
سگهيس ته آخر مون ۾ ڪهڙي خاص ڳالهه آهي، جو مون کي
ايترو گهوري گهوري ڏسي رهيو آهي. فقط ڏهين جو نوٽ
آهيان، نيٺ اهو ملازم مون کي کڻي سيٺ وٽ پهتو. مون
کي سيٺ جي اڳيان رکي هن چيو:
”سيٺ صاحب! ٿورو غور سان ڏسو.“
سيٺ مون تي سرسري نظر وجهي چيو:
”ڇا ڏسان، ڏهين جو نوٽ آهي. ڇا توکي سئو جو نوٽ
لڳي رهيو آهي؟“
سيٺ ملازم ڏانهن ٽوڪ واري انداز سان نهاريندي چيو.
”ڪجهه غور سان ڏسو، انڊيا جي ڊي ابتي ڇپجي ويئي
آهي.“
سيٺ ڇرڪ ڀري ڏٺو: واقعي منهنجي مٿي تي جتي:
Reserve Bank of India
لکيل هو اتي انڊيا جو لفظ هيئن ڇپيل هو
INDIA
واقعي
D
جي جاءِ تي
D
يعني ابتي ڊي هئي. پوءِ ملازم مون کي سيٺ جي اڳيان
سرڪائيندي چيو: ”ڏسو جتي
to pay bearer on demand I Promis
اتي
Promise
جي اي (E)
غائب آهي“.
”واقعي“ سيٺ مون کي غور سان ڏسندي چيو: ”هي ته....
هي ته، هڪ ناياب نوٽ آهي.“ منگهارام جي دل خوشيءَ
مان ڌڙڪڻ لڳي.
”هن جي ”ڊي“ ابتي آهي. ۽ ”اِي“ بلڪل غائب آهي.“
اوچتو سيٺ جي دل ۾ هڪ خيال آيو، هن ملازم جي طرف
نهاريندي چيو:
”جعلي ته نه آهي.“
ملازم خاموش رهيو، سيٺ سوچ بعد چيو:
”تون هي نوٽ هتي ڇڏي وڃ، مان سڀ ڪجهه معلوم ڪرڻ
چاهيان ٿو.“
منهنجي جاءِ تي هن ملازم کي ڏهين جو ٻيو نوٽ ڏيئي
بئنڪ روانو ڪيو، ۽ پاڻ ڪرنسي آفيس ۾ فون ڪري. مون
کي پنهنجي کيسي ۾ رکي هليو ويو. آءٌ پنج، ڇهه
ڏينهن سيٺ مينگهارام وٽ رهيس. هو مون کي بلڪل
حفاظت سان ٽجوڙيءَ ۾ بند ڪري رکندو هو. پڇاڳاڇا
ڪرڻ بعد جڏهن سيٺ کي اطمينان ٿيو، تڏهن هن منهنجي
لاءِ چانديءَ جو هڪ فريم ٺهرايو، مون کي ان ۾ رکي
ملازم کي چيو.
”مون سڀ ڪجهه معلوم ڪيو آهي، هي نوٽ بلڪل اصلي
آهي. ناسڪ مان جاري ٿيو آهي. مگر اکر غلطيءَ کان
ڇپجي ويا آهن. سيريل نمبر جا سڀ نوٽ غلط ڇپجڻ ڪري
ناس ڪيا ويا هئا. مگر ڪنهن ڪارڪن جي غلطيءَ کان هي
نوٽ ڪرنسيءَ ۾ اچي ويو. هي پنهنجي طرز جو واحد نوٽ
آهي. هي سڄي هندستان ۾ بلڪل ناياب نوٽ آهي. مان
اخبارن ۾ هن جو اشتهار ڏيان ٿو ۽ ايندڙ مهيني جي
نيلام ۾ هن جي قيمت مقرر ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس. هن جي
جيڪا قيمت وصول ٿي، ان جو پنج سيڪڙو توکي ڏيندس،
ڇاڪاڻ ته سڀ کان پهرين هن نوٽ کي تو سڃاتو آهي.
ملازم هٻڪندي شڪريو ادا ڪيو. ايتري ۾ سيٺ جي نئين
اسٽينو چند ڪاغذ ٽائپ ڪري حاضر ٿي. سيٺ منگهارام
پهريون خط پڙهندي ئي غصي ۾ لال ٿي ويو. ٽائيپ جون
ايتريون غلطيون!
هن طرح لکيو ويندو آهي؟
Promise
جي اِي غائب آهي. ۽ ڊالر جي اي ڪيڏانهن ويئي.
گهران ناشتو ڪري نه ايندي آهين ڇا؟ جو هتي اکر
کائڻ لڳي آهين. اسان جي فرم نيويارڪ تائين بزنس
ڪري ٿي، اهڙيون هجي جون غلطيون هتي هلي نه
سگهنديون، اڪائوٽنٽ کان پنهنجو حساب چڪتو ڪري وڃ.
سيٺ نئين اسٽينو جي ڏڪندڙ هٿن ۾ ٽائيپ ٿيل ليٽر
بنا صحيح جي ڏيندي چيو. |