ڪيترا ڏينهن هو ايندڙ خوفناڪ زندگيءَ جي دهشت کان
ننڊ به نه ڪري سگهيو. ڊگهي بيماريءَ جا خرچ به
ڊگها ٿيندا آهن. گهر جون سڀئي قيمتي شيون هوريان
هوريان هليون ويون پر دلاريءَ همت نه هاري ان ساڍا
چار مهينا پنهنجي مڙس کي پرائيويٽ وارڊ ۾ رهايو ۽
سندس بهترين علاج ڪرايو. گهرجي هڪ هڪ شيءِ
وڪيائين، آخر ۾ نوڪري به ڪيائين. هوءَ هڪ فرم ۾
نوڪري ڪرڻ لڳي. هڪ ڏينهن پنهن جي فرم جي مالڪ کي
اسپتال به وٺي آئي هئي، هو هڪ سنهڙو سيپڪڙو،
بندري قد جو، ڪرڙ وڍ ۽ شرميلو ماڻهو ڏسڻ ۾ ٿي آيو.
گهٽ ڳالهائڻ ۽ مٺڙي مسڪراهٽ وارو، منهن مهانڊي مان
هو ڪنهن وڏي فرم جي مالڪ هئڻ جي بجاءِ ڪتابن جي
دوڪان جو مالڪ ٿي ڏسڻ ۾ آيو. دلاريءَ انهيءَ جي
فرم ۾ ٻه سؤ رپيا مهيني تي نوڪري ڪندي هئي، ڇاڪاڻ
ته هوءَ گهڻو پڙهيل لکيل ڪونه هئي انهيءَ ڪري سندس
ڪم لفافن تي ٽڪليون هڻڻ هو. ”هي ته تمام سولو ڪم
آهي“ دلاريءَ جي مڙس چيو.
فرم جي مالڪ ڳالهايو ڪم ته سولو آهي پر جڏهن ڏينهن
۾ پنجن ڇهن سون خطن تي ٽڪليون لڳائڻيون هجن ته
اهڙي طرح تمام سڻائو ڪم به اڻائو ٿي ويندو آهي.
دلاري مسڪرائي چيو ”برابر مان ڏاڍي
ٿڪجي
پوندي آهيان“ ۽ فرم جي مالڪ کيس چيو ”جڏهن ٺيڪ ٿي
وڃين ته پنهن جي زال جي بجاءِ تون ٽڪليون هڻجانءِ،
مان ساڳيو ڪم تنهنجي حوالي ڪندس“.
جڏهن فرم جو مالڪ وڃڻ لڳو تڏهن دلاري به ان سان گڏ
هلي وئي. هن محسوس ڪيو ته اڄ دلاريءَ جي پيرن جي
آواز ۾ هڪ عجيب قسم جي خود اعتمادي آهي. سندس بدن
ڪنهن گلن واري شاخ وانگر لچڪي رهيو هو، ڪمري کان
ٻاهر نڪرڻ وقت فرم جي مالڪ دلاري لاءِ هڪ هٿ سان
دروازو کوليو، ۽ پوءِ با ادب ٿي دلاريءَ کي دروازي
کان ٻاهر نڪرڻ جي دعوت ڏيندي ٿورو جهڪيو، ۽ گهڙي
کن لاءِ هن ٻيو هٿ دلاريءَ جي چيلهه تي رکيو ۽
دلاريءَ جي مڙس کي فرم جي مالڪ جي پهرين هٿ جي
چرپر ته وڻي پر ٻئي جي نه. پر هن پنهنجي دل کي
ائين چئي بهلائڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڪڏهن ڪڏهن هڪ هٿ
جيڪي ڪجهه ڪندو آهي انهيءَ جي خبر ٻئي هٿ کي به نه
پوندي آهي. ائين به ٿي سگهي ٿو ته هي سندس اکين جو
ڌوڪو هجي، يا ڪو وهم، انهيءَ ڪري هن اطمينان سان
پنهنجون اکيون بند ڪري ڇڏيون ۽ نرم
نرم
ويهاڻن تي ٽيڪ ڏئي گلوڪوس جي سئيءَ جو انتظار ڪرڻ
لڳو.
هن جو ٽيون آپريشن اسپتال جي جنرل وارڊ ۾ ٿيو هو،
ان وقت تائين دلاري فرم جي مالڪ سان گڏ دار جلنگ
وڃي چڪي هئي. آخر ڪير ڪيترو صبر ڪري، زندگي مختصر
آهي مگر زندگيءَ جو بهار ان کان به مختصر آهي.
جڏهن جذبا پڪارڻ لڳن، اکين ۾ چنڊ
لهي اچن، آڱرين ۾ شعلن جهڙو ڇهاءُ محسوس ٿئي ۽
سيني ۾ مٺو مٺو درد اڀرڻ لڳي، جڏهن
چميون
چپڙن جي پکڙين تي ڀؤنر وانگر ڪرڻ لڳن، ۽ ڳچيءَ جي
صراحي دار خم ڪنهن جي گرم گرم ساهن جي هلڪي هلڪي
تپش لاءِ
ترسي انهي وقت ڪير ڪيستائين. فنائيل ۽ پيشاب جي ڌپ سنگهي. ٿڪ پڪ
۽ رت پونءِ جو رنگ ڏسي، ۽ موت جي دروازي تي ايندڙ
۽ ويندڙ سڏڪا ٻڌي،
آخر برداشت ڪرڻ جي قوت جي به ڪا حد ٿيندي آهي. ۽
ويهن سالن جي ڇوڪريءَ جي قوت برداشت به ڪهڙي هوندي
جنهنجي شاديءَ کي اڃا ٻه سال به مس گذريا هئا. اها
جيڪڏهن پنهنجي سپنن جي ڏوريءَ ۾ ٻڌجي وڃي دار جلنگ
نڪري ته ان ۾ ڪنهن جو ڪهڙو قصور.
۽ هو هاڻي اها منزل پار ڪري چڪو هو جو ڪنهن کي قصور وار ٺهرائي.
هن کي هڪ ٻئي پٺيان ايتريون ته چوٽون لڳيون جو هو
گهٻرائجي ويو بالڪل سڪتي ۾ اچي ويو. هو بالڪل دم
بخود ٿي چڪو هو، ڪوبه جذبو يا لڙڪ وٽس ڪجهه به نه
هو. بار بار هٿوڙي جا ڌڪ کائي کائي سندس دل ڌاتوءَ
جي سنڌاڻ بڻجي چڪي هئي ان ڪري اڄ جڏهن کيس اسپتال
مان ڪڍيو ويو ته هن ڊاڪٽر سان ڪنهن به ذهني تڪليف
جي شڪايت ڪانه ڪئي. هن ائين به چيو ته هو اسپتال
مان نڪري ڪاڏي وڃي؟ هاڻي سندس ڪوبه گهر ڪونهي،
ڪائي زال ڪونهي، ڪوئي ٻار ڪونهي، ڪابه نوڪري
ڪونهي، سندس دل خالي خالي هئي، سندس کيسا خالي
هئا، ۽ سندس سامهون خالي ۽ بي مقصد مستقل هو. مگر
هن ڪجهه به نه چيو هو، هن بس ايترو ڪڇيو ”ڊاڪٽر
صاحب مون کان گهمڻ نٿو پڄي“.
بس اهوئي هڪڙو سچ هيو جيڪو کيس ان وقت ياد آيو.
باقي هر ڳالهه وساري چڪو هو. ان وقت هلندي هلندي
هو ائين محسوس ڪري رهيو هو ڄڻ سندس جسم آلي ڪپهه
جو ٺهيل هجي. سندس ڪرنگهي مان ڄڻ ته پراڻي ۽ ڇڳل
کٽ وانگر چيڪاٽ ٿي نڪتا. اس ڏاڍي تيز هئي، روشني
نشتر وانگر چڇي ٿي. آسمان تي ميري ۽ پيلي رنگ جو
ڄڻ وارنس لڳل هجي.
ماڻهن جون نظرون ڄڻ ته سندس جسم تي گنديءَ رت ۽ پڪ
وانگر چهٽي ٿي ويون. کيس ڀڄي وڃڻ گهرجي، انهن ڊگهن
بجليءَ جي تارن وارن کنڀن ۽ ان جي وچ۾ کڙ ٻڙ رستن
کان پري ڀڄي وڃڻ گهرجي. کيس پنهن جي ماءُ ياد پئي
جيڪا فوت ٿي چڪي هئي، وري پنهنجو پيءُ ياد آيس
جيڪو پڻ گذاري ويو هيو. کيس پنهن جو ڀاءُ ياد آيو
جيڪو آفريڪه ۾ هو. سون،........ سون...... سون هڪ
ٽرام سندس ويجهو اچي گذري، ٽرام جي برقي لٺ،
بجليءَ جي تار سان گسندي ڄڻ ته، سندس جسم ۾ داخل
ٿي رهي هئي، هو ساري ٽرام پنهنجي جسم ۾ هلندي
محسوس ڪري رهيو هيو، هن ائين محسوس ڪيو ڄڻ ته هو
انسان نه پر هڪ گٺل ۽ ڏريل پراڻو رستو هجي.
ڪافي دير تائين هو هلندو رهيو، سهڪندو رهيو ۽
هلندو رهيو، هو اٽڪل ۽ اندازي تي هڪ طرف هلندو
رهيو جنهن پاسي ڪنهن وقت سندس گهر هو، جيتوڻيڪ کيس
خبر هئي ته هاڻي سندس ڪو به گهر ڪونهي. ته به هو
انهيءَ طرف هلندو رهيو گهر وڃڻ جي ڪشش کيس مجبور
ڪري رهي هئي اس تمام تيز هئي ۽ هن پنهن جي جسم تي
ڪوليون گهمندي محسوس ڪيون. هو رستو ڀلجي پيو. سندس
جسم ۾ ايترو به ست ڪو نه هو جو هو ڪنهن دڳ وارن
کان ئي کڻي رستو پڇي، ۽ معلوم ڪري ته هي شهر جو
ڪهڙو حصو آهي. هوريان هوريان سندس ڪنن ۾ ٽرامن ۽
بسن جو شور وڌڻ لڳو، سندس نگاهن ۾ ڀتيون ۽ عمارتون
لڏندي ۽ ڪرندي محسوس ٿيون. بجلي جا کنڀا ٽيڙا نظر
اچڻ لڳا، سندس اکين اڳيان اونده ڇانئجي ويئي ۽
زمين پيرن هيٺان نڪري ويس هو بي هوش ٿي ڪري پيو.
جڏهن هوش ۾ آيو تڏهن رات ٿي چڪي هئي، چوڌاري منهن
انڌارو ڇانئجي چڪو هو. هن اکيون کولي ڏٺو هو جتي
ڪريو هو اتي ئي پيو هو. اتي فوٽ پاٿ جو اهڙو موڙ
هو جنهن جي پڇاڙيءَ ۾ ٻن طرفن کان ڀتيون ڇڪيل
هيون، هڪ ڀت فٽ پاٿ سان لڳو لڳ سڌي اتر کان ڏکڻ
طرف ٿي ويئي ۽ ٻي اتر کان اولهه طرف، هو ٻنهي ڀتين
جي ميلاپ واري جڳهه تي ليٽيل هيو. ٻنهي ڀتين جي
اوچائي چار فوٽ کن هئي. اتي زيتون ۽ ڄمونءَ جا وڻ
هئا، ۽ وڻن جي پٺيان ڇا هو.
هي ان وقت نه ٿي ڏسي سگهيو. ٻئي پاسي اولاهين ڀت
جي سامهون پنجويهن ٽيهن فوٽن جي مفاصلي تي هڪ
پراڻي جڳهه جي پٺي هئي، اها جاءِ
ٽه ماڙ هئي ۽ هر ماڙ کي پٺيان صرف هڪ دري ۽
ڇهه وڏا پائيپ لڳل هئا. پائيپن ۽ اولاهين
ڀت جي وچ ۾ پنجويهه ٽيهه فوٽ ويڪري هڪ اونداهي
گهٽي هئي جنهن جي ٽن طرفن کان ڀت ۽ چوٿين پاسي سڙڪ
هئي.
پري ڪنهن گرجا گهر جي گهنڊ رات جا ٽي وڄايا، ۽ هو
فوٽ پاٿ تي ستل پنهنجي ٺونٺين تي زور ڏئي ٿورو مٿي
ٿيو ۽ هيڏي هوڏي ڏسڻ لڳو. سڙڪ خالي هئي، سامهون
وارا دوڪان بند هئا ۽ فوٽ پاٿ جي ڌنڌيل پاڇن ۾ ڪٿي
ڪٿي بجليءَ جا ڪمزور بلب ٽمڪي رهيا هئا. ٿوري دير
لاءِ هن کي ٿڌي اونداهي ڏاڍي وڻي، ٿوري دير لاءِ
هن پنهنجون اکيون بند ڪري سوچيو، شايد هو ڪنهن
مهربان سمنڊ جي پاڻيءَ ۾ ٻڏي رهيو هو.
پر انهيءَ احساس سان هو پنهنجو پاڻ کي صرف چند
گهڙيون ڌوڪي ۾ رکي سگهيو. ڇاڪاڻ ته هاڻي سخت بک
مٿس طاري ٿي چڪي هئي. چند گهڙين جي خوشگوار احساس
کان پوءِ هن محسوس ڪيو ته هو سخت بکارو آهي. جڏهن
کان سندس آنڊن جو آپريشن ٿيو هو تڏهن کان کيس ڏاڍي
بک لڳندي هئي. هن سوچو ته ڊاڪٽرن سندس آنڊن جي ڪم
ڪرڻ واري قوت کي سجاڳ ڪري هن سان چڱائي نه ڪئي
آهي. سندس معدي ۾ آنڊا گڙڪي رهيا هئا ڄڻ
ته
اندر ئي آنڊا تڙپي تڙپي هڪ ماني گهري رهيا هئا. ۽
انهيءَ مهل سندس ناسون
ڪنهن شهري انسان جي ناسن وانگر نه پر جهنگلي جانور
جي ناسن وانگر ڪم ڪري رهيون هيون. عجيب عجيب قسم
جي بوءِ سندس نڪ ۾ اچي رهي هئي. بوءِ جو مخصوص اثر
سندس احساسن تي ڦهليل هيو ۽ انهيءَ اثر جي ڪري هو
جدا جدا بوءِ سڃاڻي ٿي سگهيو. هي ڄمونءَ جي
خوشبوءِ آهي، هي زيتون جي خوشبوءِ آهي، هي رات جي
راڻيءَ جي گلن جي،
هي تيل ۾ تريل پورين جي، هي بصرن ۽ ٿوم ۾ اٻاريل
پٽاٽن جي، هي موريءَ جي، هيءَ ٽماٽي جي، هيءَ ڪنهن
سڙيل ميوي جي، هي مٽ جي، هي پاڻيءَ ۾ ڀڳل مٽيءَ
جي، جيڪا گهڻو ڪري بانس جي جهڳٽي مان ٿي آئي. هو
هربوءِ جي نوعيت، جو اندازو لڳائي ٿي سگهيو ته
ڪٿان ۽ ڪيتري مفاصلي کان اچي رهي آهي. اچانڪ کيس
اهو احساس به ٿيو جنهن ڪري کيس تعجب به ٿيڻ لڳو ته
بک سندس لڪل قوتن کي بيدار ڪري ڇڏيو
آهي.
انهيءَ مسئلي تي وڌيڪ سوچڻ کان سواءِ هو انهيءَ
طرف ريڙهيون ڏئي وڌڻ لڳو، جتان تيل ۾ تريل پورين ۽
ئوم ۾ اٻاريل پٽاٽن جي بوءِ اچي رهي هئي، هو
هوريان هوريان اونداهي گهٽي ۾ گهلبو ويو، ڇاڪاڻ ته
سندس جسم ۾ هلڻ جي طاقت بلڪل ڪانه هئي. هر گهڙي
کيس ائين محسوس ٿي رهيو هيو ته هو ڄڻ گهري پاڻيءَ
۾ ٻڏي رهيو آهي. وري کيس ائين محسوس ٿيڻ لڳو ڄڻ
سندس آنڊن کي ڪوئي مروڙي رهيو آهي، بلڪل اهڙي طرح
ڄڻ ڌوٻي
ڪپڙا نپوڙي رهيو هجي پوءِ سندس ناسن ۾ پورين ۽
پٽاٽن جي وڻندڙ بوءِ آئي ۽ هو بيقرار ٿي ويو ۽
پنهنجون اڌ کليل اکين سان ۽ پنهنجو بي جان جسم
انهيءَ طرف گهلڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو جنهن طرف کان
پورين ۽ پٽاٽن جي بوءِ اچي رهي هئي.
ٿوري دير کان پوءِ جڏهن هو انهيءَ جاءِ تي پهتو
تڏهن ڏٺائين ته اولهه واري ڀت ۽ ان جي سامهون واري
عمارت جي پوئين پاسي
وارن پائيپن جي وچ
۾ پنجويهن، ٽيهن فوٽن جي مفاصلي تي گند ڪچري جو هڪ
مستطيل وڏو لوهو کليل ٽب رکيل هو. هي ٽب تقريبا
پندرهن فوٽ ويڪرو ۽ ٽيهه فوٽ ڊگهو هو، ۽ انهيءَ ۾
طرح طرح جو گند ڪچرو ڀريل هو. سڙيل ميون جون کلون،
ڊبل روٽيءَ جا خراب ٽڪرا،رسالن جا ڦاٽل ورق ۽
مانيءَ جا ڀورا، لوه جا
ٽڪرا
۽ پلاسٽڪ جا پراڻا رانديڪا، مٽرن جون کلون ۽ ڦودني
جا پن، ڪيلي جي پنن تي چند اڌ کاڌل پوريون ۽ پٽاٽن
جي ڀاڄي.
پوريون ۽ پٽاٽن جي ڀاڄي ڏسي سندس آنڊن ۾ وٽ پوڻ
لڳا، هن گهڙي کن لاءِ پنهنجا بيقرار هٿ روڪيا، مگر
چند منٽن ۾ سندس ناسن ۾ ٻين بدبوين کان پوري ۽
ڀاڄيءَ جي اشتها واري خوشبوءِ اهري طرح تيز ٿي وئي
جو هو وڌيڪ ترسي نه سگهيو ۽ اوچتو تهذيب جي آخري
ديوار ڊهي پئي ۽ سندس بيقرار هٿن ڪيلي جو اهو پن
مضبوطيءَ سان جهلي ورتو ۽ وحشيانه انداز
۾
پورين تي ڪڙڪي پيو. سموري ڀاڄي کائي هن ڪيلي جو
پن هر هر چٽي صاف ڪري ڦٽي ڪيو، پوءِ آڱريون چٽڻ
لڳو. ۽وڏن ننهن ۾ ڦاٿل پٽاٽن جي ڀاڄي زبان سان ڪڍي
کاڌي. پر اڃان به سندس پيٽ نه ڀريو ته هن هٿ وڌائي
گند جي ڍير کي کوٽي ان مان ڦودني جا پن ڪڍي کاڌا،
۽
موريءَ
جا ٻه ٽڪرا ۽ هڪ اڌ ٽماٽو پنهنجي وات ۾ وجهي مزي
مزي سان ان جي رس چوسڻ لڳو. جڏهن کائي ڍؤ ڪيائين
تڏهن سندس جسم ۾ نيم گرم غنودگي جي هڪ لهر ڊوڙي وئي ۽ هو اتي
ٽب
جي ڀرسان ئي ليٽي پيو.
اٺ ڏهه ڏينهن هن کي بي هوشي ۽ غنودگيءَ ۾ گذري
ويا. هو ريڙهيون ڏئي ٽب وٽ پهچندو هو ۽ جيڪا کائڻ
جي شيءَ ملندي هئس سا کائيندو هو. جڏهن وڻندڙ بوءِ
جو تاثر ختم ٿيندو هو ۽ بدبوءِ اڀرڻ لڳندي هئي
تڏهن وري ريڙهيون ڏيندو ٽب کان پري فوٽ پاٿ جي موڙ
ڏي هليو ويندو
هو
۽ پوئين ڀت سان ٽيڪ ڏئي ويهي رهندو هو يا سمهي پوندو هو.
پندرهن ويهن ڏينهن کان پوءِ سندس جسم ۾ طاقت وڌڻ
لڳي ۽ هو هوريان هوريان پنهنجي ماحول سان هري مري
ويو، هيءَ جڳهه ڪيتري نه موضون ۽ مناسب هئي، هتي
اس بنهه ڪانه هئي، هتي وڻن جي ڇانؤ هئي، اونداهي
گهٽي سنسان ۽ ويران هئي، هتي ڪنهن جو به گذر ڪونه
هو، ڪڏهن ڪڏهن پٺ واري عمارت جي دري کلندي هئي ۽
ڪو هٿ وڌائي روزانو ڪٺو ٿيل گند ڪچرو هيٺ ٽب ۾ ڦٽي
ڪندو هو. ۽ اهو گند هن کي روزي مهيا ڪندو هو، هن
جو ڏينهن رات جو رزاق هو ۽ سندس زندگيءَ جو محافظ
هو، ڏينهن جو سڙڪ وهندي هئي، دڪان کلندا هئا،
ماڻهو گهمندا
ڦرندا هئا، ٻارڙا ابابيلن وانگر لاتيون ڪندا سڙڪ کان گذرندا هئا، عورتون رنگين لغڙين وانگر لامارا ڏيندي
گذرنديون هيون، پر اها ٻي دنيا هئي جنهن سان هن جو
ڪوبه واسطو ڪونه هو.
انهيءَ
دنيا ۾ هاڻي سندس ڪير به ڪونه هو ۽ نه وري هو ڪنهن
جو هيو. انهيءَ دنيا کان هي منهن موڙي چڪو هو. شهر
جون گهٽيون، بازاريون سڙڪون هن جي لاءِ
وهمي پاڇولا بڻجي چڪا هئا ۽ انهن کان ٻاهر ميدان ۾
ٻنيون ۽ کليل آسمان هڪ بي معنيٰ تصور ۽ گهر ڪم ڪار، زندگي، سماج،
جدوجهد، سڀ هن لاءِ بي معنيٰ الفاظ هئا جيڪي ڳري
سڙي انهيءَ گند ڪچري جي ڍير ۾ ملي دفن ٿي چڪا هئا.
هو سڄي دنيا کان منهن موڙي چڪو هو. بس هاڻي اها
پندرهن فوٽ ڊگهي ۽ ٽيهه فوٽ ويڪري ئي سندس دنيا
هئي.
مهينا ۽ سال گذرندا ويا ۽ هو انهيءَ موڙ تي ويٺو
رهيو، ڪنهن پراڻي يادگار وانگر سڀني جون نظرون هن
کي ڏسي ڏسي هري ويون هيون هو ڪنهن سان به نه
ڳالهائيندو هو. ڪنهن کي فائدو نه پهچائيندو هو،
ڪنهن کان پنندو نه هو، پر جيڪڏهن ڪنهن ڏينهن هو
اتان اٿي ڪاڏي هليو ويندو هو ته انهيءَ علائقي جي
هر ماڻهوءَ کي انهيءَ ڳالهه تي حيرت سان گڏ تڪليف
به ٿيندي هئي.
سڀ ماڻهو کيس ”گدلو شخص“ ڪوٺيندا هئا، ڇاڪاڻ ته
سڀني
کي اها خبر هئي ته هو گند جي ٽب مان ئي پنهنجي
خوراڪ حاصل ڪندو هو. ۽ جنهن ڏينهن اتان کيس ڪجهه
حاصل نه ٿيندو هو ته هو بکيو سمهي پوندو هيو. سالن
کان وٺي رستي وارا ۽ ايراني هوٽل وارا هن جي عادت
کان واقف هئا. انهن کي جيڪي ڪجهه ڏيڻو هوندو هو سو
هن جي لاءِ گند جي ڍير ۾ ڦٽي ڪندا هئا. ۽ گهڻو ڪري
عمارت جي پوئين درين مان هاڻي گند ڪچري کان سواءِ
کاڌي پيتي جون شيون به اڇليون وينديون هيون، صحيح
سلامت پوريون، کوڙ ساري ڀاڄي ۽ گوشت جا ٽڪرا، اڌ
چوسيل انب، چٽڻي ۽ ڪباب جا ٽڪر ۽ کير ۾
ٻڏل
مٺائي، مطلب ته کائڻ پيڻ جي هر نعمت گدلي شخص کي
انهي ٽب مان ملي ويندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن، ڦاٽل
پاجامو، ڪا اڊڙيل چڊي، ڪاليڙون ليڙون قميص، پلاسٽڪ
جو گلاس. هي ڪچري جو ٽب هن لاءِ ڄڻ ته هڪ بازار
مثل هو، جتي هو ڏينهن ڏٺي جو سڀني جي اکين جي
اڳيان سير ڪندو هو ۽ جنهن دوڪان تان جنهن به سودي
جي ضرورت پوندي هئس مفت حاصل ڪندو هو،. هو انهيءَ
بازار جو ۽ انهن لامحدود نعمتن جو اڪيلو ئي مالڪ
هو،. شروع شروع ۾ ڪجهه ڏڪاري ۽ بکايل ٻلين ۽ خارش
ورتل ڪتن سخت اعتراض احتجاج ڪيو مگر هن يار ماري
ماري سڀني کي تڙي ڇڏيو هو، ۽ هاڻي هو انهيءَ ڪچري
جي ٽب جو اڪيلو مالڪ هو، ۽ سندس اهو حق سڀني تسليم
ڪيو هو. مهيني ۾ هڪ دفعو ميونسپالٽيءَ وارا ايندا
هئا ۽ اهو ٽب خالي ڪري هليا ويندا هئا. پرگدلو شخص
انهيءَ تي ڪو به اعتراض نه ڪندو هو ڇاڪاڻ ته کيس
معلوم هو ته ٻئي ڏينهن کان وٺي ساڳيو ٽب وري ساڳي
طرح ڀرجڻ شروع ٿي ويندو. اهو سندس اعتقاد هو ته هن
دنيا مان نيڪي ختم ٿي سگهي ٿي، دوستي ختم ٿي سگهي
ٿي مگر غلاظت ۽ گندگي ڪڏهن به ختم نه ٿي سگهندي.
ساري دنيا کان منهن موڙي هن جيئڻ جو آخري طريقو
سکي ورتو هو.
پر اها ڳالهه نه هئي ته ڪو هو ٻاهرين دنيا کان
بلڪل بيخبرهو. جڏهن شهر ۾ کنڊ مهانگي ٿي ويندي هئي
ته مهينن جا مهينا گند جي ٽب ۾ مٺائيءَ جا ٽڪرا
نظر نه ايندا هئا. جي ڪڻڪ مهانگي ٿيندي هئي ته ڊبل
روٽيءَ جو هڪ ٽڪرو به نه ملندو هو. سگريٽ مهانگا
ٿيندا هئا ته سگريٽن جا سڙيل ٽڪرا ايترا ته ننڍڙا
ٿي ويندا هئا جو انهن کي وري ٻاري ۽ ڇڪي نه سگهندو
هو. جڏهن ڀنگين هڙتال ڪئي هئي ته پورا ٻه مهينا
ڪچري جي ٽب جي صفائي نه ٿي هئي. ٻين ڏينهن تي هن
کي ٽب مان ايترو گوشت نه ملندو هو جيترو ٻاڪري عيد
تي، ڏياريءَ ۽ ٻين ڏڻن تي. ٽب جي مختلف ڪنڊن مان مٺائيءَ جا
ڪيترائي ٽڪرا ملندا هئس. ٻاهرين دنيا جو ڪوبه واقعو
يا حاثو اهڙو نه هو جنهن جي خبر هن کي ڪچري جي ٽب
مان نه پوي.
ٻي
مهاڀاري لڙائيءَ کان وٺي،
ويندي عورتن جي لڪيل بيمارين تائين! مگر ٻاهرين
دنيا سان هاڻي هن جي ڪابه دلچسپي ڪانه هئي.
پنجويهه سال هو انهيءَ گند جي ٽب جي ڀرسان ويٺو
پنهنجي زندگي گذاريندو رهيو. راتيون ۽ ڏينهن،
مهينا ۽ سال سندس آڏو هوا جي جهوٽن وانگر گذرندا
رهيا. سندس مٿي جا وار وڏين سڪل ٽارين وانگر لڙڪڻ
لڳا سندس ڪاري ڏاڙهي کچڙي ٿي وئي، سندس جسم جو رنگ
ميرو ۽ مساواڻ مائل ٿيندو ويو. ۽ هو پنهنجي مضبوط
وارن،
ڦاٽل ڪپڙن ۽ بدبو دار جسم سان راه ويندڙ ماڻهن کي
پاڻ به ڪچري جو ٽب معلوم ٿيندو هو. جيڪو ڪڏهن ڪڏهن
چرندو پرندو هجي ۽ ڳالهائيندو هجي، پر ٻئي ڪنهن
سان
نه،
صرف پنهنجو پاڻ سان يا وري ڪچري جي ٽب سان.
گندو شخص انهن ماڻهن کي ڪجهه چوندو نه هو مگر سندن
حيرت ڏسي ايترو ضرور سوچيندو هو ته هن دنيا ۾ ڪير
آهي جيڪو ٻئي سان لالچ کان سواءِ ڳالهائيندو هجي.
دنيا ۾ جيڪا به ڳالهه
ٻولهه ٿئي ٿي سا انسانن جي وچ۾ نٿي ٿئي پر پنهنجي ذات ۽ ان جي
لالچ جي وچ۾ ٿي ٿئي. ٻن دوستن جي وچ۾ ٿيندڙ گفتگو
به حقيقت ۾ هڪ قسم جي خود ڪلامي آهي. هي دنيا هڪ
تمام وڏو ڪچري جو ڍير آهي. جنهن ۾ هر شخص پنهنجي
غرض جو ڪو نه ڪو ٽڪرو، فائدي جي ڪا کل، نفعي جي
ڪاليڙ، کڻڻ جي لاءِ هميشه تيار آهي. ۽ اهو به ته،
هي ماڻهو جيڪي ٻين کي حقير، فقير ۽ ذليل سمجهن ٿا
اهي پنهنجي روح جي پوئين پاسي ته نهاري ڏسن، اتي
ايتري ته گندگي آهي جو فقط موت جو فرشتو ئي ساڻ
کڻي ويندو.
اهڙي طرح ڏينهن تي ڏينهن گذرندا ويا، ڪي ملڪ آزاد
ٿيا، ڪي ملڪ غلام ٿيا. حڪومتون ٺهيون، حڪومتون
ڊٿيون، پر ڪچري جو ٽب اتي جو اتي رهيو، ۽ ان ٽب جي
ڀرسان ويٺل گدلو شخص ساڳي طرح اڌ بي هوشي ۽ غنودگي
جي حالت ۾ دنيا کان دور پنهنجي منهن چپن ۾ ڪجهه
ڀڻڪندو ۽ ڪچري جي ٽب کي کوٽيندو رهيو.
هڪ رات اونداهيءَ گهٽيءَ ۾ جنهن وقت هو ٽب کان چند
فوٽن جي مفاصلي تي ڀت کي ٽيڪ ڏيو، پنهنجي ليڙون
ليڙون لٽڙن ۾ ويڙهيو سمهي رهيو هو ته هن اوچتو هڪ
خوفناڪ چيٽ ٻڌي ۽ ڇرڪ ڀري ننڊ مان جاڳي پيو ۽ هيڏي
هوڏي ڪنائڻ لڳو پوءِ هن هڪ ٻي زور دار چيٽ ٻڌي ۽
گهٻرائجي ويو ۽ بي اختيار ٽب جي طرف ڀڳو، جتان
چيٽون اچي رهيون هيون.
ڪچري جي ٽب جي ڀرسان وڃي هن هٿوراڙيون ڏيڻ شروع
ڪيون ته سندس هٿ ڪنهن نرم نرم لوٿڙي سان لڳا ۽ هڪ
زور دار چيٽ بلند ٿي گدلي شخص ڏٺو ته ٽب ۾ ڊبل
روٽيءَ جي ٽڪرن، چٻاڙيل هڏين، پراڻن پادرن، شيشي
جي ٽڪرن، انب جي کلن، سنڌيل ڌاڻن، ۽ شراب جي ڀڳل
بوتلن جي وچ۾ هڪ نئون ڄاول ٻار اگهاڙو پيو هو ۽
دڙيهون هڻي، زور زور سان چيٽون ڪري رهيو هو.
ڪجهه گهڙيون گدلو شخن بت بڻيو انهيءَ ننڍڙي انسان
کي ڏسندو رهيو. جيڪو پنهنجي ننڍڙي ڇاڻيءَ جي پوري زور سان پنهنجي اچڻ جو اعلان ڪري رهيو هو. ڪجهه
ساعتون هو چپ چاپ، پريشان ۽ ڦاٽل اکين سان هي منظر
ڏسندو رهيو. پوءِ هن جلدي اڳتي جهڪي ان ٻارڙي کي
ڪچري جي ٽب مان کڻي
پنهنجي ڇاتي سان لاتو، ۽ جلدي پنهنجي ڦاٽل ليڙن
ليڙن ڪپڙن ۾ لڪائي ڇڏيو.
مگر ٻارڙي سندس گود ۾ چپ نه ڪئي، هو هن زندگيءَ ۾
نئون نئون آيو هو ۽ سڏڪي سڏڪي پنهنجي بک جو اعلان
ڪري رهيو هو. اڃا کيس اها خبر نه هئي ته غريبي ڇا
ٿيندي آهي، ماتا ڪيئن بزدل ٿي ويندي آهي، زندگي
حرامي ڪيئن بڻبي آهي، ۽ اها ڪيئن گندي ۽ غليظ
بڻائي ڪچري جي ٽب ۾ اڇلائي ويندي آهي. اڃا کيس اهو
سڀ ڪجهه معلوم نه هو. هو صرف بکيو هو ۽ روئي روئي
پنهنجي پيٽ تي هٿ هڻي رهيو هو ۽ ڄنگهون هلائي رهيو
هو.
گدلي شخص جي سمجهه ۾ ڪجهه به نه آيو ته هو ٻارڙي
کي ڪيئن چپ ڪرائي. وٽس ڪجهه به ڪو نه هو. نه کير
نه کنڊ، هن کي ته ڪا لولي به ياد ڪو نه هئي. هو
بيقرار ٿي ويو ۽ ٻارڙي کي جهولي ۾ ڪري ٿڦڙا هڻڻ
لڳو ۽ نااميديءَ مان اونداهي رات ۾ چوطرف ڏسڻ لڳو
ته ڪٿان کيس ٻارڙي جي لاءِ کير ملي سگهندو.؟ پر
جڏهن سمجهه ۾ ڪجهه به نه آيس تڏهن هن جلدي ڪچري جي
ٽب مان انب جي هڪ ککڙي ڪڍي ۽ ان جي چوٽي ٻارڙي جي
وات ۾ ڏئي ڇڏي.
اڌ کاڌل انب جي مٺي مٺي رس جڏهن ٻارڙي جي
وات ۾ آئي ته هو روئيندي روئيندي چپ ٿي ويو ۽
خاموشيءَ سان گدلي شخص جي ٻانهن ۾ ننڊ
ڪري ويو، انب جي ککڙي
کسڪي زمين تي وڃي ڪري ۽ هاڻي ٻارڙو سندس ٻانهن ۾
بي خبر ستل هو. انب جي ڦڪي رس اڃا تائين ٻارڙي جي
چپڙن تي لڳل هئي، ۽ هن پنهنجي ننڍڙي هٿ ۾ گدلي شخص
جي آڱوٺي کي زور سان پڪڙي ورتو هو |