سيڪشن؛ ڪهاڻيون

ڪتاب: ڪرشن چندر جون ڪهاڻيون

باب: --

صفحو :27

جولي

”هو جولي گيڪان جو لاش آڻي رهيا آهن!“ اولڊپاٽ ڪلب وٽ بيٺل عورتن ۽ مردن جي ميڙ مان هڪڙي چيو.

بيٺلن جون نظرون سامهون سمنڊ مان ايندڙ ٻن آگبوٽن تي کپي ويون. ڪنور پاور سنگهه پنهنجي بيچيني لڪائڻ لاءِ دوربين اکين تي ائين رکي، جو دوربين ۽ هٿن سندس چهري کي لڪائي ڇڏيو هو، پوءِ به هن جي ننڍڙين مڇن جي هيٺان سندس چپ لرزندا نظر ٿي آيا. راجڪماري نرملا ڇاتيءَ تي هٿ رکيو بيٺي هئي، ۽ ذري گهٽ بيهوش ٿيڻ تي هئي. پر ماڻهن جي ايتري ميڙ ۾، بيهوش ٿيڻ لاءِ جاءِ ڪٿي هئي؟

۽ پوءِ ڪنور پاور سنگهه، پنهنجين اکين کان دوربين پري ڪري، راجڪماري نرملا ڏانهن سوالي نگاهن سان ڏٺو، ۽ پوءِ وري ڪلب ۾ اندر وڃڻ لڳو. راجڪماري نرملا، پنهنجن بيحد نفيس ۽ ڪٽيل وارن کي آهستي آهستي آڱرين سان سنواريندي، سندس پٺيان پٺيان وڃڻ لڳي. ٻئي ڄڻا ڪنهن ڳوڙهي ويچار ۾ گم هئا. ڪن ماڻهن پٺ ورائي هنن ڏانهن ڏٺو. راجڪماري نرملا جي حسن جي هاڪ پري پري تائين پکڙيل هئي. پر هن وقت راجڪماري بلڪل اداس اداس هئي.

اهو سوچي تعجب ٿو ٿئي ته اڃا ٻه ڪلاڪ اڳ جولي گيڪان زنده هئي! هوءَ ۽ ڪنور پاور سنگهه گهڻيءَ دير تائين ڳالهيون ڪري رهيا هئا؛ آهستي آهستي ۽ سنجيدگيءَ سان، ڪجهه غصي ڀريل ڳالهيون ڪري رهيا هئا. ۽ جولي گيڪان جا ڊگها ۽ چمڪندڙ وار، بار بار، ڪنهن جهولندڙ ۽ موج ڪندڙ نانگ جيان، ان جي پٺيءَ ۽ ڪلهن تي لهرائي رهيا هئا.

”جولي“ ڪلب جي اڪيلي عورت هئي، جنهن جا وار ڪٽيل نه هئا، ۽ کيس سڀني کان ڊگها ۽ ملائم وار هئا. هوءَ بيحد حسين، مه جبين هئي. سندس چپ سنهڙا ۽ سهڻا هئا. جنهن وقت هوءَ پنهنجيءَ مادري زبان ۾ ڳالهائيندي هئي، تڏهن سندس زبان جي سلاست ۽ سندس ٻانهن جو گداز اهڙو تاثير پيدا ڪندا هئا جو انهن کان بچڻ ناممڪن هو. ٻه ڪلاڪ اڳ، ڪنهن کي اهو وهم گمان به نه هو ته ڪا جولي ائين مري ويندي، جا ڪنور پاور سنگهه سان ڳالهيون ڪري رهي هئي.

هو گهڻيءَ دير تائين ڳالهيون ڪندا رهيا. ڪلب جي هڪ ميمبرسان ڪوبه ڳالهائڻ پسند نه ڪندو هو، جنهن واچ ڏسي، بعد ۾ ٻڌايو ته جولي ۽ ڪنور پاور سنگهه ٻئي پنجٽيهن منٽن تائين پاڻ ۾ ڳالهيون ڪندا رهيا. جولي، غصي ۾ پنهنجن وارن کي جهٽڪو ڏيئي، ڪنور پارور سنگهه وٽان هلي ويئي ۽ پوءِ هوءَ هڪ لانچ ۾چڙهي، سمنڊ ۾ سير ڪرڻ ويئي.

جولي لانچ ۾ ڪناري کان گهڻو پري ويئي. پر پوءِ به اولڊ پاٽ ڪلب هن جي نگاهن کان پري نه هئي. ٻيڙيءَ کي پري وٺي وڃڻ بعد، هن دوربين سان ڏٺو ته ڪلب جا گهڻا ميمبر کيس دوربين سان ڏسي رهيا آهن، پر ڪنور پاور سنگهه ٻئي طرف ڏسي رهيو هو ۽ ان جي سامهون راجڪماري نرملا ويٺي هئي. ان کي ڏسندي ئي، سندس اکين ۾ لڪل ڳوڙها نمودار ٿيا، ۽ هوءَ هڪدم ٻيڙيءَ تي بيهي رهي...... ۽ پوءِ پري کان ڪلب طرف هٿ هلائيندي، هن سمنڊ ۾ ٽپو ڏنو.

هن کي پاڻيءَ ۾ ٽپو ڏيندي ڏسي، گهڻن ئي ميمبرن کي ڌڌڪو رسيو. هو پنهنجين ڪرسين تان اٿي کڙا ٿيا. بيچيني سان هيڏانهن هوڏانهن نهارڻ لڳا، ۽ پوءِ وري دوربين کڻي سمنڊ ۾ نهارڻ لڳا، جتي لانچ هڪ سفيد ڪاغذ جي ٻيڙيءَ جيان لهرين تي لڏي رهي هئي.

چند عورتون اهو ڏيکاءُ ڏسي بيهوش ٿي ويون. اسٽيوارڊ چرن سنگهه، ٻه ملازم پاڻ سان وٺي، موٽر لانچ تي چڙهي جوليءَ کي بچائڻ لاءِ روانو ٿيو. پر ڪافي دير ٿي چڪي هئي. ۽ پوءِ هو جوليءَ جو لاش لانچ ۾کڻي اچي رهيا هئا.

قوميت جا ڪيترائي اصول آهن. انهن مان ڪي چڱا اصول آهن، ته ڪي خراب پڻ آهن. انهن مان هڪ هي به آهي ته ڌارين تي ڪنهن به قسم جو ڀروسو ڪرڻ نه گهرجي ۽ هڪ اصول هي به آهي ته ڌاريون عورتون وفادار ناهن.

جولي به هڪ اهڙي عورت هئي، جا ٻاهران پنهنجي خاوند سان چندرنگر ۾ آئي هئي. موسيو گيڪان کي ڪنهن خاص ڪم خاطر پئرس مان چندرنگر موڪليو ويو هو. ڇهن مهينن جي مختصر عرصي ۾ هن پنهنجو ڪم خوش اسلوبيءَ سان پورو ڪيو. ٻن سالن بعد هن کي بمبئي موڪليو ويو، جتي چئن سالن بعد هن جو انتقال ٿيو.

ان کان پوءِ وارا چند سال، جوليءَ لاءِ نه بلڪ سندس چاهڻ وارن لاءِ پراسرار هئا. جولي اوچتو ئي اوچتو لاپته ٿي ويئي. هوءَ پنهنجي وطن فرانس به نه ويئي، نه وري هتي ڪنهن ڪلب ۾ هئي. اهي افواهه ٻڌڻ ۾ ايندا هئا ته هوءَ هتي ئي آهي؛ پر ڪنهن کي به خبر ڪانه هئي ته هوءَ ڪٿي آهي ڪنهن چيو، جوليء ڪنهن اينگلو انڊين سان شادي ڪئي آهي، جو ريلوي ۾ انجڻ- ڊرائيور آهي ۽ شراب پي هن کي ماريندو آهي. پر ڪنهن کي به اهڙن افواهن تي اعتبار نه ايندو هو. پوءِ وري ٻڌڻ ۾ آيو ته اهو اينگلو انڊين انجڻ- ڊرائيور دراصل اينگلو انڊين نه هو، پر اڌ هندستاني ۽ اڌ فرانسي يهودي هو، ۽ ملازمت ختم ٿيندي ئي، جوليءَ کي ڇڏي، هو برازيل هليو ويو آهي. پوءِ انهيءَ جو ڇا ٿيو؟ جوليءَ جو ڇا ٿيو؟ هاڻي انهن ڳالهين تي غور ڪرڻ جي ڪنهن کي ضرورت هئي. ڪلب ۾ ماڻهو جي آس تيستائين قائم رهي ٿي، جيستائين ڪو پاڻيءَ جي مٿاڇري تي تري ٿو، يا موٽر- لانچ تي گهمي ٿو؛ ۽ جيڪي انسان غريبيءَ جي سطح هيٺ ٻڏل رهن ٿا، اهي ويچارا مڇين جيان فراءِ جي ڪم اچن ٿا. انهيءَ ڪري ڪلبن ۾ ماڻهو جوليءَ کي وساري ويٺا، گهرن ۾ وساري ويٺا، سير تفريح ۾ وساري ويٺا، ڊانس ۽ پارٽين ۾ وساري ويٺا، ته جولي گيڪان نالي ڪا سهڻي ۽ من مهڻي عورت به ڪڏهن بمبئيءَ ۾ موجود هئي.

.........         .......          ..........

پوءِ وري، هڪ ڏينهن اوچتو، جولي گيڪان ڪلب ۾ وارد ٿي اڪيلي، تن تنها ڪنهن ساٿيءَ کان سواءِ- اها ئي حسين، نازڪ، پر بيحد سنجيدي ۽ خطرناڪ. هاڻي هوءَ ڪشاده دل فرانسي عورت نه، بلڪ هڪ خطرناڪ هندستاني عورت هئي.

ايترا سال هوءَ ڪٿي هئي؟ هن ٻڌايو ته هوءَ پري هلي ويئي هئي، ۽ ساڌن جي سنگت ۾ وڃي رهي  هئي. هن اهو پراڻو فسلفو سکڻ ٿي چاهيو، جنهن سان بيقرار روحن کي سڪون حاصل ٿيندو آهي.

اڳ هوءَ پئرس جي نائٽ ڪلبن کان وٺي پئرس جي نئين فيشن جون ڳالهيون ڪندي هئي؛ ۽ هاڻي، نرواڻ سکي هوءَ زياده خطرناڪ ٿي پيئي هئي. هينئر مردن لاءِ اهو بلڪل ناممڪن هو ته پنهنجين عورتن جي موجودگيءَ جي باوجود هو جوليءَ کان دور رهي سگهن. پر جولي اها پهرين جولي نه هئي، هينئر هن هيڏانهن هوڏانهن اڏامڻ ٿي چاهيو. هن جون نگاهون ڪنهن جي تلاش ۾ هيون- ڪا آغوش، ڪو سهارو، ڪو ساٿي، جنهن کي هوءَ پنهنجو سڀ ڪجهه ڏيئي ڇڏي ۽ کائنس سڀ ڪجهه وٺي. هينئر هوءَ اها اڳين سڀ ڪنهن تي ڀروسي ڪرڻ واري عورت نه هئي، جنهن کي نه ماضيءَ جو خيال هجي نه مستقبل جو؛ بلڪ هينئر هن جون سڀئي جبلتون بيدار هيون. نئين دور ۾ جيڪي شخص سندس قدمن ۾ ڪرڻ لاءِ تيار هئا، تن مان هن ڪنور پاور سنگهه کي چونڊيو: رياست بچل ڳڙهه جو اميرزادو، پراڻيءَ خانداني رياست جو واحد چشم و چراغ، خوبصورت، دلڪش وصفن وارو، باوقار شڪار جو شوقين، هر خوبصورت عورت جي هر ادا سمجهڻ وارو، خوش لباس ۽ خوش اطوار، نه ايترو فياض، جو صدين جي دولت ٻن ڏينهن ۾ ناس ڪري نه وري اهو ڪنجوس، جو ڪنهن سخيءَ کي ڏسي بيهوش ٿي وڃي.

ڪنور پاور سنگهه کي به جولي بيحد پسند هئي. خوبصورتيءَ کان سواءِ، ڪنور پاور سنگهه کي يورپ جي حڪمران طبقي مان ڪنهن سان شادي ڪرڻ بيحد پسند هو. جولي خوبصورت هئي، ۽ هڪ فرانسي آفيسر جي زال هئي. جوليءَ جو خاندان، ڪنور پاور سنگهه جي خاندان جيان، چار سؤ ورهيه پراڻو هو. جولي فرانس جي پهاڙين جيان پراڻي هئي، ۽ ان جي انگوري وادين جيان شاداب ۽ حسين هئي- ڪنور پاور سنگهه جوليءَ سان مري مٽ ٿيڻ جو انجام ۽ اعلان ڪيو هو، ۽ راجڪماري نرملا کان پنهنجي جند ڇڏائي، جنهن سان چند ڏينهن اندر هن جو مڱڻو ٿيڻو هو.

جولي ۽ ڪنور پاور سنگهه جو عشق چند مهينن ۾ جهنگل جي باهه جيان وڌندو ويو. اها باهه ايتري تيز ۽  روشن هئي، جو پري کان ڏسڻ وارن کي به نظر اچڻ لڳي. جولي ۽ ڪنور پاور سنگهه هر هنڌ ۽ هر وقت گڏ ڏسڻ ۾ ايندا هئا. جولي ۽ پاور سنگهه پنهنجي مڱڻي جو پڻ اعلان ڪري چڪا هئا. مهاراجا بچل ڳڙهه خود انهن جي مڱڻي ۾ شرڪت ڪئي هئي. سڀ ڪجهه ٺيڪ هو. ايندڙ بهار ۾ ٻنهي جي شادي ٿيڻ واري هئي. جولي بيحد خوش هئي. چوطرف کليل ۽ صاف آسمان هو، ڪٿي به ڪنهن ڪاري ڪڪر جو پاڇو ڪونه هو.

پوءِ؛ هڪ پاڇو ظاهر ٿيو- جهرڪيءَ جي اک جيڏو. اهو هو، اولڊ پاٽ ڪلب ۾ گهپلا ڀائي ملتاني؛ جنهن جا ڪن لائوڊ اسپيڪر جيان وڏا ۽ مٿي کنيل هئا. سندس ٿلها ۽ وڏا چپ سدائين گگ سان ڀريل هوندا هئا. سندس اکيون بيحد بيچين؛ وحشتناڪ ۽ چالاڪ هيون. اهڙيون اکيون جهڙيون لومڙ يا نانگ بلا جون ٿينديون آهن انهن ۾ ڪنهن به قسم جي گهرائي ڪانه هئي.

صاف ۽ گهرو پاڻي؛ ڪنول جو ٽڙيل گل، لهرون ٻارن جي مرڪ اهڙيون اکيون هن دنيا ۾ انسان جي چهري تي تمام جلد مريو وڃن؛ ۽ انهن جي جاءِ ي جيڪي اکيون اچن ٿيون، سي گهپلا ڀائي ملتانيءَ جي اکين جهڙيون هونديون آهن، جن کي ڏسڻ سان جهنگل ۾ ڪنهن ڦاڙيندڙ جانور جو خيال ايندو آهي.

گهپلا ڀائي ملتاني هڪ فلم پرڊيوسر هو، ۽ بچو ڀائي ڪروڙ پتيءَ سان گڏ، سندس مهمان ٿي، ڪلب ۾ داخل ٿيو هو. هن جي فلم اڃا مڪمل ڪانه ٿي هئي، تنهن ڪري گهپلا ڀائي ملتاني اڃا تائين بچو ڀائيءَ جي هر هنڌ ۽ هر وقت خوشامد ڪرڻ لاءِ مجبور هو. بچو ڀائي هن جي مجبوريءَ کي سمجهي، کيس ڪلب ۾ پاڻ سان گڏ وٺي آيو هو- ته جيئن هو وقت بوقت سندس تعريف ٻين کي ٻڌائيندو رهي.

گهپلا ڀائي ملتاني تعريف ڪندو رهندو هو، ۽ بچو ڀائي اها تعريف ائين ٻڌندو رهندو هو، ڄڻ هو ان کي وسڪي جي گلاس ۾ وجهي آهستي آهستي سرڪيون پيو ڀريندو هجي. جيڪڏهن عمدي تعريف هوندي هئي ته پوءِ اها اسڪاچ وسڪيءَ جيان کيس وڌيڪ ملائم ۽ وڌيڪ نشيدار لڳندي هئي. پر گهپلا ڀائي ملتاني جهڙيءَ شدت سان بچو ڀائيءَ جي تعريف ڪندو هو، اهڙي شدت سان انهن سڀني جي مخالفت ڪندو هو، جن کان کيس ڪو فائدو نه پهچندو هو.

خاص ڪري هن جي زبان عورتن جي باري ۾ بلڪل بري هئي. هو ڪنهن به عورت جي عزت نه ڪندو هو. ملتاني جيئن آيو هو، تيئن هميشه بڪندو رهندو هو. هو ڪڏهن به اهو سمجهي نه سگهيو ته هڪ عورت ۽ ٻيءَ عورت ۾ ڪهڙو فرق آهي. هن لاءِ سڀ عورتون صرف گوشت جا ٽڪرا هيون.

جولي گيڪان؟ جولي گيڪان!...... هڪ ڏينهن هن بچو ڀائيءَ جي اڌ بوتل ختم ڪندي چيو، ”مان جولي گيڪان کي چڱيءَ طرح سڃاڻان ٿو.“

”تون ڪيئن ٿو سڃاڻين؟“ بچو ڀائيءَ حيرت مان پڇيو ”هوءَ توسان منهن ڏيئي ڳالهائي به ڪانه ٿي!“

”هوءَ ڀلي منهن نه ڏئي، پر مان سندس منهن جو مزو چڱيءَ ريت ڄاڻان ٿو.“ گهپلا ڀائي ملتانيءَ بلند آواز سان چيو.

”شش! اهڙيون بيهوديون ڳالهيون نه ڪر. اڄ ڪلهه ڀتين کي به ڪن آهن. هوءَ ٻڌي وٺندي.“ بچو ڀائيءَ ۽ ٻين کيس منع ڪندي چيو.

”ڀلي ٻڌي، مان کانئس ڊڄان ٿو ڇا؟“

”جولي گيڪان! جولي گيڪان منهنجيءَ هڪ فلم ۾ ايڪسٽرا ڇوڪريءَ جو پارٽ ادا ڪيو....... هينئر وري نوابزادي بنجي، هڪڙي راجا سان شادي ڪرڻ هلي آهي! هوءَ اصل ۾ فلم جي هڪڙي ايڪسٽرا ڇوڪري آهي!“

”انهيءَ لاءِ تو وٽ ڪهڙو ثبوت آهي؟“ بچو ڀائي ملتاني کان پڇيو.

ملتانيءَ پنهنجي ٽيبل جي چوطرف ڏٺو. ڪلب جا ميمبر کيس حيرت ۽ افسوس سان ڏسي رهيا هئا. ايڏي وڏي شاندار ۽ اميراڻي ڪلب ۾ هو سڀني جي نگاهن جو مرڪز هو. سڀ پنهنجو ساهه روڪي هن جو هڪ هڪ لفظ غور سان ٻڌي رهيا هئا. اهڙي اهم ساعت گهپلا ڀائي ملتانيءَ لاءِ اڳ  ڪڏهن به نه آئي هئي. هن پنهنجو گلاس ختم ڪيو، ۽ مسڪرائيندي پنهنجي کيسي ۾ هٿ وڌو. پنهنجو ٻٽو نئون کولي، ان مان احتياط سان تصويرون ڪڍي، حاضرين اڳيان پيش ڪندي، چوڻ لڳو: ”ڏسو، منهنجو ثبوت اوهان اڳيان حاضر آهي!“

ماڻهو هٿو هٿ تصويرون وٺندا، ڏسندا ۽ هڪ ٻئي کي ڏيندا ويا. واقعي اهي تصويرون جولي جون هيون- هڪڙي فلمي ناچ جي لباس ۾، ۽ ٻي ايڪسٽرا ڇوڪرين سان گڏ اها ئي جولي، جا هينئر ڪلب جي هڪ ڪنڊ ۾ پنهنجي مڱيندي ڪنور پاور سنگهه سان گڏ جام پي رهي هئي. هر ڪو تصويرون ڏسندو، حيرت سان گهپلا ڀائي ملتانيءَ کي تڪڻ لڳو. ملتاني هينئر خوشيءَ مان ڪپڙن ۾ نه پئي ماپيو. پنهنجي هٿ ۾ نئون جام کڻي، ڪرسي تان اٿي بيٺو ۽ چوڻ لڳو:

”گهپلا ڀائي ملتاني پيش ڪري ٿو، جولي گيڪان جي ڪهاڻي!“

ان وقت هو ائين محسوس ڪري رهيو هو، ڄڻ بچو ڀائي هن کي پڪچر لاءِ سرمايو ڏيئي ڇڏيو هو، ۽ پڪچر شروع ٿي چڪي هئي، هائوس فل هو، ۽ ان جي نمائش ٿيڻ واري هئي.

هن هڪ دفعو وري وڏي واڪي چيو: ”گهپلا ڀائي ملتاني پيش ڪري ٿو، جولي گيڪان جي ڪهاڻي!“

هن جا ٻئي هٿ فخريه انداز ۾ مٿي هئا. اوچتو کيس هڪ زبردست چماٽ لڳي. هو بيخود ٿي ڪرسيءَ تي ڪري پيو. هن جي چالاڪ اکين ڏٺو ته سامهون جولي گيڪان بيٺي هئي، جا پنهنجيءَ جاءِ تان اٿي آئي هئي. هن جو منهن ٽامڻي هڻي ويو. هوءَ سڄي لرزي رهي هئي، ۽ پنهنجو پستول ڪڍي هٿ ۾ ڪيو هئائين پستول ڏسندي ئي گهپلا ڀائي ملتاني پنهنجو اکيون بند ڪري ڇڏيون، ۽ ڏڪندو، بيهوش ٿي، ڪرسي تان هيٺ ڪري پيو. ان وقت ڪنور پاور سنگهه اچي جولي کان پستول ڦريو جولي، پنهنجو هٿ ڇڏائيندي، تڪڙي تڪڙي ٻاهر نڪري ويئي.

ٻئي ڏينهن ڪنور پاور سنگهه، راجڪماري نرملا کي ساڻ ڪري ٻاهر ويو. ان جي غير حاضري ۾ جولي ڪلب ۾ آئي. سڀني کيس ڏٺو، پر ڪنهن به ساڻس ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪانه ڪئي، ڪنور پاور سنگهه جڏهن موٽي آيو، ته کيس جولي ملي. راجڪماري نرملا ته پاسو ڪري جولي وٽان مٽي ويئي، پر جولي ڪنور پاور سنگهه کي روڪي ورتو.

”هلو!“

”هلو_____‏“

”ڇا اهو سچ آهي؟“ ڪنور پڇيو.

”بلڪل سچ آهي.“ جولي بيڊپائي سان چيو.

”تو مون کي پهريائين ڇو نٿي ٻڌايو؟“ ڪنور غصي مان چيو.

”ڇاڪاڻ ته تنهنجي سماج ۾ عورت کي غلطي ڪرڻ جو ڪو حق ناهي.“

”ٺيڪ آهي.“ ڪنور ڪنڌ هيٺ ڪندي چيو.

”تون ٻڌاءِ جيڪڏهن مان توکي ٻڌايان ها، ته تون مون سان محبت ڪرين ها؟“

”محبت ڪريان ها، پر پري کان.“

”۽ هاڻي؟“

”هاڻي مان مڱڻي ٽوڙڻ تي مجبور آهيان.“

”ڇو؟“

”مهاراجا چوي ٿو، جنهن جي فلم ماڻهو ڇهين آني ۾ ڏسي سگهن ٿا، اها منهنجي محل ۾ ڪيئن ايندي؟ اها منهنجي ننهن ڪيئن ٿيندي؟ ۽ انهيءَ مان منهنجو پوٽو پيدا ٿيندو، سو ڪيئن؟“

”جا عورت جنم ڏيئي سگهي ٿي، اها ماءُ آهي- ۽ اها ڪنهن به محل ۾ راڄ ڪري سگهي ٿي! باقي راجائيءَ جو سوال؟ سو، پيارا توکي ياد هوندو ته اسان جي ملڪ پنهنجن بادشاهن کي ڦاسي به ڏني، انهن کي معزول به ڪيو، انهن کان هوٽل جي بيراگيري به ڪرائي ۽ موچين جو ڪم به ورتو!“ جولي جوش ۾ اچي چيو.

”تون منهنجي والد جي بعزتي ڪري رهين آهين!“ ڪنور زور سان چيو.

”مان صرف توسان محبت ڪريان ٿي.“ جوليءَ رڪجي رڪجي، پنهنجن ڳوڙهن کي روڪيندي، سڏڪا ڀريندي چيو. ”مون صرف چند سالن جي غربت توکان لڪائي هئي، ته مبادا تون مون کان نفرت نه ڪرين حالانڪ انهيءَ نفرت لاءِ ڪو خاص سبب ڪونه آهي، غريبي ته انسان جو پهريون ورثو آهي.“

”پر ٻين لاءِ.“ ڪنور بحث مان بيزار ٿيندي چيو. ”هن کان پوءِ تنهنجا ۽ منهنجا سڀ رشتا ۽ تعلقات ختم آهن!“ ڪنور فيصله ڪن لهجي ۾ چيو.

”پيارا، سينٽ ايملائن ۾ اسان جو هڪ خوبصورت گهر آهي. اتي اڄ به اسان جي باغ ۾ انگورن جا ڇڳا چمڪي رهيا هوندا. مون سان هل، منهنجا پرين!“

”گڊ باءِ، جولي!“

”گڊ باءِ _“

۽ هينئر جوليءَ جو لاش کڄي آيو هو. جيڪي ماڻهو انهيءَ نظاري جو تاب سهي نٿي سگهيا، تن پنهنجون نظرون ڦيري ڇڏيون. ڪي ماڻهو ادب سان سِر جهڪائي بيٺا رهيا ۽ جوليءَ جي لاش کي رستو ڏيڻ لڳا، جنهن کي چرن سنگهه پنهنجين مضبوط ٻانهن تي کنيو پئي آيو. جوليءَ جو گلابي چولو سندس جسم سان چهٽي پيو هو. سندس وار بلڪل کليل هئا، ۽ اهي فرش جي غاليچي تان گهلبا پئي آيا ۽ انهن مان پاڻي ٽمي رهيو هو، جنهن سان غاليچي تي نشان ٿيندا پئي ويا. هر ڪنهن گهپلا ڀائي ملتانيءَ کي اڪيلو ڇڏيو. ڪوبه شخص هن جي قريب وڃڻ لاءِ تيار نه هو. ڄڻ ته هو انسان نه هو، بلڪ هڪ خارش زده ڪتو هو. انهيءَ وقت سڀني جون نگاهون پاور سنگهه ۽ راجڪماري نرملا کي گهوري رهيون هيون، جيڪي اندر ڪنڊ ۾ ٻين جي نگاهن کان بچڻ لاءِ ويٺا هئا. پر لاش کي ليڊيز روم ڏانهن کڻي وڃڻ لاءِ، چرن سنگهه کي اتان لنگهڻو هو. هو بلڪل خاموشيءَ  سان جوليءَ جو لاش کڻي اتان مٽيو. هو اتي ئي پٿر جي بت جيان خاموش ويٺا رهيا. ڪنور پاور سنگهه آڏيءَ اک سان چرن سنگهه کي ڏٺو. هڪ گهڙيءَ لاءِ هن کي جوليءَ جي سفيد چهري تي گهريون ۽ کليل اکيون ڏسڻ ۾ آيون ۽ ٻيءَ گهڙيءَ ۾ جوليءَ جي وارن جو پاڻي سندس قدمن تي ڳوڙهن جي ڌارا وهائيندو گذري ويو.

اوچتو، هن جي دل ۾ ڦيرو اچڻ لڳو. پر هن ڏٺو ته ان وقت جو هو سڄي ڪلب جي نگاهن جو مرڪز بنيل آهي، تنهن ڪري پاڻ تي ضابطو رکندي، راجڪماري نرملا کان پڇيائين: ”توهان ڇا پيئندا؟“

انهيءَ سوال تي، پروفيسر ملڪاڻي سوچڻ لڳو: ٻنهي مان ڪهڙو زياده بيرحم آهي- گهپلا ڀائي ملتاني، يا ڪنور پاور سنگهه؟ جڏهن هو ڪو فيصلو ڪري نه سگهيو، تڏهن هن پنهنجي دوست کان اهو سوال پڇيو. پر هو به ڪو جواب ڏيئي نه سگهيو.

جڏهن چرن سنگهه جوليءَ جو لاش کڻي ليڊيز روم ۾ داخل ٿيو، تڏهن اتي ويٺل عورتون هڪ ٻئي پٺيان اُٿينديون ويون ۽ روم ۾ فقط اڪيلي ڪاشي ٻائي روئي رهي هئي- ڇاڪاڻ ته ڪلب ۾ اهائي هڪ عورت هئي جا محبت جو درد سمجهي سگهندي هئي.

چرن سنگهه جولي گيڪان جي لاش کي رکندي هڪ ٿڌو ساهه کنيو ۽ پوءِ ڪاشي ٻائي کان پڇڻ لڳو: ”جولي ميم صاحبه ائين ڇو ڪيو؟“

ڪاشي ٻائي کن پل لاءِ چرن سنگهه کي گهوري نهاريو. جڏهن کيس يقين آيو ته اها ڳالهه چرن سنگهه جي سمجهه ۾ نه آئي؛ تڏهن هن ڪنڌ لوڏيندي آهستي آهستي چيو: ”ڪجهه به نه چرن سنگهه!......... جولي ميم صاحبه سير ڪرڻ لاءِ تمام پري نڪري ويئي.“

چيني پکو

مون شادي نه ڪئي آهي- زندگي ۾ مون عورت سان ڪڏهن به محبت نه ڪئي آهي. صرف هڪ دفعو؛ هڪ ڇوڪري ٿورڙو پسند آئي.

مون ان کي پهريون دفعو ’پطراش‘ ريسٽارنٽ ۾ ڏٺو هو. هوءَ اتي ويٽريس جو ڪم ڪندي هئي. پطراش ريسٽارنٽ بمبئي ۾ پهريون ريسٽارنٽ هو؛ جنهن ۾ بيري جي ڪم لاءِ عورتون ملازم هيون. هلڪي گلابي رنگ جي فراڪن ۾؛ نازڪ ۽ نفيس ڇوڪريون گلن وانگر ٻهڪنديون هڪ ٽيبل کان ٻيءَ ٽيبل تائين لچڪنديون ڦرنديون وتنديون هيون. انهن جا خوبصورت مشڪندڙ چهرا رنگين ننهن ۽ جڳمڳائيندڙ لباس ريسٽارنٽ کي روز بروز زياده قبول بنائيندا ٿي ويا. مان به اتي پهتس، جتي هر ابولهوس پهچندو آهي. اتي مون پهريون دفعو ’سريتا‘ کي ڏٺو. هن جا وار خشڪ ۽ منتشر هئا. هن انهن کي پٺتي ڇڪي ’پوني ٽيل‘ بنائي ڇڏيو هو. هن جي چپن تي لپ اِسٽڪ نه هئي. سرخي نه هئي ته ڇا مسڪراهٽ به ته نه هئي! رنگ اهڙو ته نکريل هوس ڄڻ ته کيس نربدا جي سنگ مرمر جي پهاڙن مان تراشيو ويو هو. هن جي گلابي فراڪ سندس جسم تي بلڪل ڦڪو معلوم ٿيندو هو. پر منهنجو خيال آهي ته ماڻهو سندس رنگ ڏسڻ نه ايندا هئا، هن جي چال ۽ رفتار ڏسڻ ايندا هئا. هن جي رفتار ۾ شاعرانه مڪنت سان گڏ اهڙي ته دلربا آوارگي هئي جو کيس ڏسي هڪدم قلوپطرا ۽ مارلن مونرو جو خيال ايندو هو. جڏهن آرڊر وٺي هلندي هئي ته مرد کيس اهڙيءَ حسرت ڀريءَ نگاهه سان ڏسندا هئا، ڄڻ تاج محل ٿا ڏسن. جڏهن هوءَ پنهنجي مخصوص انداز ۾ مون کان آرڊر وٺي چڪي ته مون کيس چيو، ”تون مسڪرائيندينءَ نه؟“

”ڇا اهو به آرڊر ۾ شامل آهي؟“ هن جي تيز نگاهه منهنجي مٿان اُڏامندي هلي ويئي.

”آرڊر ۾ ته نه، آداب ۾ شامل آهي!“

هن جا چپ پنهنجيءَ جڳهه تي ٿورو چريا- غصي سان پر، خمدار، سنهڙا چپ هئا اهي، پاڳل بنائي ڇڏڻ وارا. ’انهن چپن جي کل ڪيتري ته موتمار هوندي!‘ مون پنهنجي دل ۾ سوچيو ۽ هن کي چيو، ”هن وقت تنهنجا چپ همليٽ وانگر سوچي رهيا آهن ته مسڪرايان يا نه مسڪرايان!“

”افسوس جو اوهين همليٽ نه آهيو.“ هن نفرت سان چيو.

”تون ڪهڙي روفيليا آهين!“ مان به ساڳئي انداز ۾ جواب ڏنو.

هن منهنجي اکين ۾ گهوري ڏٺو. اتي هن ڪجهه ڳوليو. ٻئي لمحي هوءَ پٺي ڏئي واپس هلي وئي. ڪهڙي خبر، هن کي منهنجن اکين ۾ ڪجهه مليو يا نه، ليڪن مون کي سندس مستانه چال ۾ گهڻو ڪجهه مليو. اوهان کي تعجب نه کائڻ کپي، ڇو ته مان شريف ماڻهو نه آهيان. مون اڄ تائين شادي نه ڪئي آهي، ڪنهن عورت سان محبت به نه ڪئي آهي، ان ڪري سٺي اخلاق تي توهان جو ليڪچر ٻڌڻ لاءِ تيار ته آهيان.

جڏهن هن ’ٿري اِن ون‘ آئيس ڪريم جي پليٽ منهنجي سامهون رکي ته چيائين، ”منهنجي سمجهه ۾ نٿو اچي، هن ريسٽارنٽ ۾ جيترا به مرد ٿا اچن اهي آئيس ڪريم کائيندا آهن، ۽ جيتريون به عورتون اينديون آهن اهي ڪافيءَ جو آرڊر ڪنديون آهن!“

مون چيو، ”ان ڪري جو مرد ڪافي هوندا آهن، ۽ عورتون آئيس ڪريم!“

”هن برجسته جواب ڏنو، ”منهنجي خيال ۾ مرد ناڪافي هوندا آهن.“

آءٌ خار وچان کيس ڪجهه چوڻ وارو هوس، ليڪن هوءَ مشڪي هلي وئي. ڏاڍي تلخ ۽ زهريلي مشڪ هئي اها. اهائي مسڪراهٽ ته مون به ڏسڻ ٿي چاهي! ’انهن چپن جو زهر اگر پيئڻ لاءِ ملي وڃي ته.......‘ مون هڪ گهڙي لاءِ دل ۾ سوچيو، پوءِ ان خيال کي دل تان لاهي ڇڏيم. ’هونهه! ڪهڙو نه بيهودو خيال آهي! عورت کان آئيس ڪريم بهتر آهي؛ ڇو ته آئيس ڪريم ختم ٿي سگهي ٿي، ليڪن عورت ڪڏهن به ختم ٿي نٿي سگهي.‘ مون پنهنجي کوپڙيءَ کي ڏاڍي شفقت سان ٺپيو. ’شاباس! تون وڏو عقلمند دماغ آهين، ڏاڍو سٺو مغز ٿو رکين، تنهنجي هوندي مون تي ڪابه عورت قبضو نٿي ڪري سگهي!‘

مان آئيس ڪريم کائي پطراش ريسٽارنٽ مان هليو آيس ۽ وري ڪڏهن اوڏانهن نه ويس.

شايد چئن مهينن کان پوءِ وري سريتا سان ملاقات ٿي. ’ڪف پريڊپوائنٽ‘ جي ڀرسان، سمنڊ جي ڪناري هڪ وڏو ڪشتي نما ريسٽارنٽ کليو هو، جنهن ۾ نوجوان ڇوڪريون جهازين جهڙي لباس ۾ بيرن جو ڪم ڪنديون هيون.

”هاءِ سيلر!“ مان سريتا کي ڏسي بلند آواز ۾ چيو، ”بير جو هڪ گلاس!“

آسپاس ويٺل سڀ ماڻهو کلڻ لڳا، ڇو ته سڀني کي معلوم هو ته هتي بير جي منع آهي، ليڪن مان ته سرينا جي کل ڏسڻ ٿي چاهي، ورنه معلوم ته مون کي به هو.

پر سريتا منهنجو جملو ٻڌي به بلڪل نه کلي. هوءَ منهنجي ٽيبل تي نه رڪي، پر ٻيءَ ٽيبل تان آرڊر وٺڻ هلي وئي. منهنجي ٽيبل تي هڪ ڇوڪري آئي. وڏي دلنواز ڇوڪري هئي هوءَ، بيحد مترنم ۽ پياري: چال به سٺي، ادا سٺي، مسڪراهٽ به پياري، هر لحاظ کان سئنيما جي اشتهار وانگر مڪمل، ايئر هوسٽيس جيان مادرانه شفقت سان لبريز. هوءَ پنهنجي هٿ ۾ پلاسٽڪ جي جلد ۾ ملفوف مينو سميت منهنجي ٽيبل تي جهڪي.

مون کيس چيو، ”مان آرڊر ڏيئي چڪو آهيان.“

”ڪنهن کي؟“

اهائي، جيڪا توهان جي هوٽل ۾ سڀ کان وڌيڪ بددماغ ڇوڪري آهي، ان کي آرڊر ڏئي چڪو آهيان.“

هن هڪ گهڙيءَ لاءِ پٺيري سريتا کي ڏٺو، ۽ پوءِ مون ڏانهن وڏيءَ ادا سان هڪ جڳمڳائيندڙ روشن مسڪراهٽ اهڙي طرح اڇلائي، جيئن ڏياريءَ رات ٻار هڪ ٻئي تي چڻنگائي تيلي اڇليندا آهن. اها مسڪراهٽ چئي رهي هئي ’هون، مان سڀ ڄاڻان ٿي!‘

هر عورت اهوئي سمجهندي آهي ته هو مردن جي باري ۾ سڀڪجهه ڄاڻي ٿي، پر اهو اسين ڄاڻون ٿا ته هوءَ ڇا ٿي ڄاڻي، ڀلا مڇي سمنڊ جي باري ۾ ڇا ٿي ڄاڻي سگهي!

ٿوريءَ دير بعد سريتا منهنجي ٽيبل تي آئي. چيائين، ”ڊالي ٿي چوي ته تو مون کي آرڊر ڏنو آهي، پر مون نه ورتو آهي!“

”ڪهڙي ڳالهه آهي، مان هاڻي ٿو عرض ڪريان.“

”فرمايو!“ هوءَ پيشيور ويٽريس وانگر مؤدب انداز ۾ منهنجي ٽيبل تي جهڪي. هن جي کليل پيشانيءَ تي سؤ گهنج هئا.

مون چيو، ”مون کي هڪ فراءِ مسڪراهٽ کپي، غصي ۾ تريل!“

هوءَ گهٻرائجي سڌي ٿي اٿي بيٺي. هن جي شفاف جبين تي جي گهنج هئا، سي غائب ٿي ويا. هاڻي هن جي چپن تي زهريلي کل اچي وئي، جا مون کي ڏاڍي پسند هئي.

مون هن کان پڇيو، ”هن ريسٽارنٽ جي گراهڪن کي تنهنجي ڪهڙي ادا پسند آهي؟“

”اهائي، منهنجي آواره رفتار! ڪهڙين نه گندين نظرن سان منهنجي پٺيءَ کي ڏسندا آهن.“ سريتا خفا ٿي چيو، ”حالانڪ نٽشي عورت جي بي هنگم ڌڙ جي باري ۾ ايترو ڪجهه چئي ويو آهي!“

مون کانئس پڇيو، ”تون نٽشي ۽ شيڪسپيئر جي مطالعي ڪرڻ جي باوجود هن ريسٽارنٽ ۾ نوڪري ٿي ڪرين!“

جواب ۾ هن چيو، ”چئو ته توهان جو مغز فرائي ڪري اچان، ڏاڍو بڪبڪيو معلوم ٿي ٿئي.“

مون مربيانه انداز ۾ چيو، ”منهنجو خيال آهي ته مان توسان دلچسپي وٺي سگهان ٿو. تون مون کي اهڙي عورت معلوم ٿئين ٿي، جنهن سان ماڻهو بور ٿيڻ بنا ڏهه منٽ ڳالهيون ڪري سگهي ٿو. ڪرسيءَ کي اورتي سير ۽ منهنجي قريب ٿي ويهه. مان توسان آئسٽائين جي فلسفئه اوقات تي بحث نه ڪندس، جنهن ۾ هو چوي ٿو ته اگر اسان زمين کان مريخ تائين روشيءَ جي رفتار سان اڏرون ته وقت اڌ رهجي ويندو، ۽ اسان جي دل جي  ڌڙڪن به اڌ ٿي ويندي.“

”۽ جيڪڏهن مان توهان سان اهڙيءَ طرح ڳالهيون ڪندي رهيس ته مئنيجر جي دل جي ڌڙڪن بلڪل ختم ٿي ويندي.“ هن طنزيه چيو، ”هاڻي توهان مون کي هڪ ڊگهو آرڊر ڏيو.“ هن پينسل جي نوڪ پئڊ تي رکي.

شام جو تقريبا اٺين بجي مان پنهنجي گاڏي ڪاهي ’ڪف پريڊ پوائنٽ‘ تي پهچي ويس. مون کان اڳ ۾ چار ٻيون ڪارون به بيٺيون هيون؛ ۽ هن جو انتظار ڪري رهيون هيون. ڪجهه وقت بعد سريتا به ان ٻيڙيءَ نما هوٽل کان ٻاهر نڪتي. هاڻي هن جي ڊيوٽي ختم ٿي چڪي هئي. هن کي سرمائي رنگ جي هڪ نفيس ساڙهي پيل هئي. هٿ ۾ هڪ خوبصورت هئنڊبيگ، چپن تي لپ اسٽڪ جو جڳمڳائيندڙ رنگ، ۽ هڪ مٺي، مهربان ۽ معصوم مسڪراهٽ!

هن ٻاهر نڪري چند گهڙين لاءِ پنهنجو هئنڊبيگ لوڏيو، پنجن ئي گاڏين کي نهاريو، ۽ آخر شرمائيندي لڄائيندي ساڙهي جو پلئه ٺاهيندي، منهنجي گاڏيءَ جي ڀرسان آئي ۽ سوئجي موئجي منهنجي ڀرسان ويهي، مسڪين لهجي ۾ چيائين؛ ”هلو!“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com