سيڪشن؛ ڪهاڻيون

ڪتاب: ڪرشن چندر جون ڪهاڻيون

باب: --

صفحو :33

ليڊر جي ڪرسي تمام پراڻي هئي، ان جون ٽي ٽنگون ته ٺيڪ هيون پر چوٿين ٽنگ تمام بري ۽ بدنما هئي، ائين پئي معلوم ٿيو ته اها سندس اصلي ڄنگهه ڀڄڻ ڪري ڪنهن اناڙي ڊکڻ کان تڙ تڪڙ ۾ هڻائي وئي هئي، پٺيءَ تي چمڙو لڳل هوس جيڪو لڳاتار ڪم اچڻ ڪري گسي ويو هو، ۽ ان جي سطح تي مسلسل رڳڙجڻ ڪري ليڊر جي پٺيءَ جو نشان پئجي ويو هيو هي نشان ايترو ته وسيع هيو جو ان تي اسان جي قومي آزاديءَ جي سموري تاريخ لکي سگهجي، ڪرسيءَ جي سيٽ تي نيري مخمل جي ڪپهه واري گدي هنڌ هنڌ کان ڦاٽي پئي هئي ۽ انهيءَ مان ڪپهه جا پوپا نڪري ٻاهر لياڪا پائي رهيا هئا. ڪرسي جو رنگ تمام پراڻو هو ۽ ڪيترن ئي قسمن جو معلوم پئي ٿيو، ڪٿان ڪارو ۽ ڪٿان ڀورو، ۽ جيڪا چوٿين ٽنگ هئس اها هلڪي بادامي رنگ جي هئي. ان ڪرسيءَ کي ڏسي ڪيترائي فرنيچر جيڪي هڪ ئي نموني هڪ ئي رنگ ۽ هڪ ئي ڪاٺ جا هئا سي زور زور سان ٽهڪ ڏئي کلي ويٺا، ڪرسي خفي ٿيندي چيو ”منهن جي بري شڪل تي نه کلو، ڪڏهن مان به توهان وانگر جوان ۽ سهڻي هئس، مگر زماني جي ستم ظريفيءَ منهن جو هي حال ڪري ڇڏيو آهي، هر فرنيچر پيدا ٿيندو آهي، هڪ ڏينهن ڪراڙو ٿي سڙي ويندو آهي ۽ اهوئي ته آهي هن زماني جو دستور“.

”برابر سچي ڳالهه آ“ هڪ پوڙهي پلنگ کنگهندي چيو.

”خير هاڻي اوهين منهنجو قصو ٻڌو“ ڪرسيءَ ٿڌو ساهه کڻندي چيو، ”مون زندگيءَ جا اڻ کٽ تجربا پاڻ سان آندا آهن، مان شهر هيم پور جي ڪرسي آهيان اسان جي آبادي مرهٽن جي ۽ اڌ يوپيءَ وارن جي آهي، هي مڌيه اتر پرديس جي گاديءَ جو هنڌ آهي پر هتي هڪ به ڪارخانو ڪونهي، پر پاڳل خانه يارهن آهن“.

”ائين ڇو آهي؟“ هڪ ليمپ شيڊ پڇيو.

حڪومت جڏهن به هتي ڪارخاني هڻڻ لاءِ سوچيندي آهي ته مرهٽا چوندا آهن ته ڪارخانو اسان جي آباديءَ واري حصي ۾ کلڻ گهرجي- اڄ کان ڪجهه عرصو اڳ حڪومت هيم پور ۾ کنڊ جو ڪارخانو کولڻ جي منظوري ڏني، اها منظوري تمام گهڻي تڪليف سان، حاصل ڪئي وئي هئي، ۽ مرڪزي حڪومت کان وڙهي جهڙي حاصل ڪئي وئي هئي، پر جڏهن ان تي عمل ڪرڻ جو وقت آيو ته شهر ۾ جهڳڙو شروع ٿي ويو. يوپي وارا چوڻ لڳا، جيئن ته ڪمند يوپيءَ جي ڳوٺن مان ٿو اچي انهيءَ ڪري فيڪٽري ان علائقي ۾ کلڻ گهرجي، مرهٽا چوڻ لڳا ته جيئن ته ڪم ڪندڙ مزدور مرهٽا هوندا تنهن ڪري فيڪٽري انهن جي شهر جي علائقي ۾ کلڻ گهرجي، نتيجي ۾ شهر ۾ ٻه پارٽيون ٿي ويون، ٻئي پارٽيون جدا جدا جلسا ڪرڻ لڳيون ۽ جلوس ڪڍڻ لڳيون، شهر ۾ زبردست هڙتال ٿي، سڀ دوڪان بند، اسڪول، ڪاليج، آفيسون سڀ بند ٿي ويون، بجلي وارن ملازمن به هڙتال ڪئي، ۽ جڏهن شهر ۾ بجلي بند ٿي وئي ته پوءِ جلسن ۾ بجلي ڪٿان اچي، ۽ مائڪرو فون  لائوڊ ڪيئن ڪم ڪن؟. تنهن ڪري سٺن سٺن تقرير ڪندڙن جا دم منجهڻ لڳا، مگر جيئن ته شهر ۾ هڙتال هئي  ۽ ماڻهو واندا هئا، تنهن ڪري سندن دلچسپي برقرار رکڻ لاءِ جلسا ٿيڻ تمام ضروري هئا. ان ڪري اهڙن ماڻهن جي ڳولا هلي جيڪي لائوڊ اسپيڪر کان سواءِ تقرير ڪري سگهن، اهڙي ضرورت زمان حال ۾ اهو ليڊر پيدا ڪيو جنهن جي مان ڪرسي آهيان“.

ڪرسي ايترو چئي ڪجهه وقت لاءِ چپ رهي ۽ پوءِ هن وري پنهنجو داستان جاري رکندي چيو ”انهن ئي ڏينهن جي ڳالهه آهي ته اسان جي شهر هيم پور جي تيلين جي پاڙي ۾ بيکي نالي هڪ کير وڪڻندڙ رهندو هو. ان جو ڌنڌو پهريان ته ڪونه هلندو هو پر جڏهن کان حڪومت کير بجاءِ پاڻيءَ ۾ چونو، ميدو، مٽي سفيد ڪاٺيءَ جو ٻورو مطلب ته پاڻيءَ ۾ ڪابه اڇي رنگ جي شيءِ ملائي اها کير جي نالي سان وڪڻڻ جي اجازت ڏني هئي بيکي جو ڌنڌو واهه جو هلندو هو. هونءَ ته بيکو ڏاڍو شريف ماڻهو هو، کيس پنهن جي ڪم سان ڪم هو، ٻين جي بي ايمانيءَ سان هن جو ڇا تنهن ڪري کيس ڏاڍي تڪليف پهتي، جڏهن کان سندس وڏو پٽ گوبند اٺين جماعت ۾ فيل ٿي اچي گهر ويٺو هو ۽ هن کير وڪڻڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو. ”مان اٺ جماعتون پڙهيل وري کير کپائيندس ائين ٿي نٿو سگهي“ گوبند صاف انڪار ڪري ڇڏيو- ۽ بيکي ڪاوڙ ۾ اچي پنهنجي پٽ کي مار ڏيڻ جو ارادو ڪيو ته گوبند به لٺ کڻي اٿي بيٺو، گوبند ڇهن فوٽن کان به ڊگهو ۽ قداور هو سندس وڏيون ناسون ڦوٽاريل هيون ۽ سندس ڳٽن ۾ چگهه هئا جنهن ڪري سندس ڄاڙيون وڌيڪ مضبوط نظر اينديون هيون، سندس اکيون ڪاريون، چمڪندڙ ۽ چنجهڙيون هيون، پر انهن اکين جي مٿان سندس گهاٽيون ۽ ڪارن وارن واريون ڀروون هيون جن سندس اکين جي چمڪ ۾ وڌيڪ اضافو ڪري ڇڏيو هو- هن جو مٿو تنگ ۽ ننڍڙو هو ۽ چپ ٿلها ۽ لڙڪيل هئا، سندس وات ويڪرو هو ۽ سڀ کان وڏو سندس آواز هيو، هو جڏهن به ڳالهائيندو هو ته ائين معلوم ٿيندو هو ڄڻ  ڪنهن سندس نڙيءَ ۾ لائوڊ اسپيڪر فٽ ڪيو آهي، پڙهڻ لکڻ سان سندس دلچسپي بلڪل ڪانه هئي، هو ست ڀيرا اٺينءَ ۾ فيل ٿيو هو ۽ اٺون ڀيرو فيل ٿيڻ جي تياري ڪري رهيو هو ته بيکي کيس اسڪول ڇڏايو ۽ سندس کير وڪڻڻ کان انڪار ڪرڻ سبب کيس پنهنجي دوست جمن ٻيڙين واري جي ٻيڙين وڪڻڻ جي ڪم سان لاتو- جمن ٻيڙين واري جي ”اصلي بنارسي تماڪ واري نمبر ون ٻيڙي“ تن ڏينهن ۾ شهر ۾ تمام گهٽ وڪامندي هئي، جنهن جو تماڪ پراڻي سڙيل گاهه، ڊاک جي پنن ۽ گولر جي شاخن کي ڪٽي انهيءَ ۾ تماڪ جي ٿوري خوشبوءِ ملائي ٺاهيو ويو هو- جمن ٻيڙين واري گوبند کي پاڻ وٽ ٻه روپيه روز تي ملازم رکيو هو. هن جو ڪم هيو ته هو ٻه چار ڇوڪرا پاڻ سان وٺي ٺيلهو ڪاهي شهر جي رستن ۽ گهٽين ۾ هليو ويندو هو ۽ پنهنجي ڪڙڪيدار ۽ بلند آواز ۾ ميان جمن جي اصلي بنارسي تماڪ واري نمبر ون ٻيڙي جي تعريف ڪندو ۽ ماڻهن کي استعمال ڪرڻ تي آماده ڪندو هو. گوبند کي به اهو ڪم وڻي ويو هو. هڪ ته هن کي پنهنجو آواز استعمال ڪرڻ جو سٺو موقعو ملي ويو هو، ٻيو وري سندس مٿي تي ڦندڻ واري ٽوپي، هٿ وارو گهنڊ ۽ پٺيان اٺن ڏهن ڇوڪرن جو لشڪر کيس بيحد پسند هئا، ۽ ڄڻ ته سندس مرضيءَ مطابق هو، هوڏانهن بيکو به خوش هو ته سندس پٽ ڪنهن نه ڪنهن ڪم سان لڳو- هڪ ڏينهن جيئن اتفاق سان هو چيلا پئي لائين جي ناڪي وٽ پنهنجي گجندڙ ۽ گونجندڙ آواز ۾ ٻيڙيون وڪڻي رهيو هو ته اتان يوپيءَ وارن جو هڪ جلوس اچي نڪتو جيڪو ”شگر فيڪٽري اسان جي آهي“ جا نعرا هڻندو ”وڏي گهوڙي ميدان“۾ جلسو ڪرڻ وڃي رهيو هو. جلوس جا ماڻهو نعرا هڻي رهيا هئا ”شگر فيڪٽري اسان جي آهي.“

۽ گوبند ٻاڪاري رهيو هو ”ٻيڙي نمبر ون اسان جي آ“ پر ساري جلوس ۾ گوبند جو آواز ڳورو هو، ماڻهو حيرت مان ڏانهن ڏسندا ۽ اڳتي هلندا ويا. ٿوري دير کان پوءِ جڏهن جلوس اڳتي نڪري ويو ته گوبند ڏٺو ته ٻه ماڻهو جواهر جيڪٽ ۽ ڌوتي پاتل ڏانهس نهاري پاڻ ۾ سس پس ڪري رهيا هئا، ٿوري دير ۾ ساڳيا ماڻهو سندس ويجهو آيا ۽ چوڻ لڳس ”هي ڪهڙو ٻيڙين وڪڻڻ جو ڪم ٿو ڪرين ڪو ديس جي خدمت جو ڪم ڪر.“

”ٻيڙين وڪڻڻ ۾ مون کي ٻه روپيا روز ملندا آهن، ديس جي خدمت جي ڪم ۾ مون کي ڇا ملندو؟ گوبند فوراً پڇيو.

”اتي توکي پنج رپيا روز ملندا“

”پوءِ مون کي ديس جي خدمت منظور آهي“ انهن ٻنهي ماڻهن گوبند سان هٿ ملايو، سندس پٺي‎ٺپيري، گوبند پڇيو ”پر اهو ته توهان ٻڌايوئي ڪونه ته ڪم ڪهڙو هوندو؟“

هڪ ماڻهو جنهنجي جواهر جيڪٽ ٻئي کان وڌيڪ خوبصورت هئي پنهنجي کيسن ۾ هٿ وجهندي چيو ”اڄ رات توکي وڏي گهوڙي ميدان ۾ تقرير ڪرڻي پوندي.“

”ٻيڙي نمبر ون جي حمايت ۾؟“ گوبند پڇيو.

”نه، شوگر فيڪٽري يوپيءَ وارن جي آهي انهيءَ ڳالهه جي حمايت ۾_“

”پر مون کي ته تقرير ڪرڻ ناهي ايندي“

”ڇڏ انهيءَ ڳالهه کي، اتي توکي ڇا چوڻو آهي اهو سڀ اسان توکي ٻڌائينداسين، اسان کي فقط تنهنجو آواز گهرجي.“

اها ڳالهه هئي به سچي، بجلي بند هئڻ ڪري مئڪروفون ڪونه ٿي مليا ۽ ميڙ هوريان ڳالهائڻ وارن مقررن جون تقريرون ٻڌي نه سگهندو آهي. انهيءَ لحاظ کان گوبند جو گجندڙ گونجندڙ ۽ ڳورو آواز ڪافي ڪامياب رهيو، ۽ وري گوبند کي پنهنجو آواز پاڻ کي به پسند هو. هو اهو ٻڌندي ئي وڌيڪ ڳالهائڻ چاهيندو هيو، انهيءَ ڪري هنن ٻنهي ماڻهن جيڪي هن کي پڙهايو هو ان کان به گهڻو ڪجهه ڳالهائي ويو، هن پنهنجي طرفان هڪ ٻه لطيفا به کڻي ڳنڍيا جيڪي ڏاڍا ڪامياب رهيا، مطلب ته ان ڏينهن سندس جلسو ڏاڍو ڪامياب ويو. خوشنما جواهر جيڪٽ واري ماڻهوءَ جنهن جو نالو پوءِ معلوم ٿيو ته ڪالي چرن ورما آهي ۽ اهو شهر جو ميونسپل ڪمشنر آهي تنهن سندس پٺي ٺپريندي چيو ”اڄ کان وٺي تون ليڊر بڻجي وئين گوبند“ گوبند خوشي مان چيو ” سرڪار ٻڌندو آهيان ته ليڊر وٽ ڪرسي هوندي آهي، منهنجي گهر ۾ ته هڪ به ڪرسي ڪونهي.“

تڏهن ڪالي چرن ورما مون کي ساڳي ڏينهن تي گپتا فرنيچر مارٽ وٽان خريد ڪيو ۽ مان انهيءَ ڏينهن گوبند جي گهر پهتس، گوبند مون تي پهريون ڀيرو ويهي ڏاڍو خوش ٿيو، ۽ پنهجي پيءُ ۽ ماءُ ۽ ڀائرن ڀينرن اڳيان ويهي ڄنگهه ڄنگهه تي چاڙهي ڊاڙون هڻڻ لڳو ”پنجن هزارن جو مجموعو هو، هنن مونکي هار پارايا ۽ گوبند زنده باد جا نعرا هنيا، هاڻي مان ليڊر بڻجي ويو آهيان بابا ليڊر.“

سندس پيءُ جيڪو تازو مينهن ڏهي آيو هو سو پريشانيءَ سان پنهنجي پٽ ڏي نهارڻ لڳو، پوءِ هن کير جو مٽ پاڻيءَ جي نل جي هيٺان رکيو ۽ چوڻ لڳو ”پٽ! ليڊري ۾ ڇا رکيو آهي، چئن ڏينهن جي چانڊوڪي آ پوءِ ليڊري اتي پئي هوندي، کير جو کير پاڻيءَ جو پاڻي جدا ٿيندو پر اسان جو خانداني ڌنڌو سڀ کان بهتر آهي، جنهن ۾ کير ۽ پاڻي جيڪڏهن ”هڪ دفعو مليو ته وري ڌار نه ٿيندو.“ بيکو دير تائين کير جي مٽ ۾ ڪرندڙ پاڻيءَ جي ڌار کي ڏسندو رهيو، ۽ جڏهن مٽ ڪنن ڪر ڀرجي ويو تڏهن هن اهو مٽ پري ڪري ٻيو کير جو مٽ رکي ڇڏيو.

گوبند انڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيو ۽ چيو ”بابا جيڪو ڪم تون ڪرين ٿو ان ۾ عزت ڪونهي، مان اهڙو ڪم نه ڪندس، مان ته بس عزت وارو ئي ڪم ڪندس، ۽ ليڊري کان وڌيڪ وري عزت ٻي ڪهڙي ٿيندي،“ بيکو چپ ٿي ويو، پٽ سٺي ڳالهه ته ڪئي هئي.

گوبند جي ڪڙڪيدار آواز يوپيءَ وارن جي مخالفن جون وايون ئي وائڙيون ڪري ڇڏيون، هن جي جلسن ۾ ماڻهن جو تعداد روز بروز وڌڻ لڳو، آخر هڪ ڏينهن ”شگر فيڪٽري مرهٽن جي آهي“ واري تحريڪ جو صدر بابو همت رائو رات جو ڏهين بجي گوبند جي گهر اچي پهتو، ان وقت گوبند مون تي پلٿي ماريو ويٺو گهر وارن تي رعب ڄمائي رهيو هو.

همت رائو پڇيو ”هي يوپيءَ وارا توکي ڇا ڏيندا آهن؟“

”پنج رپيا هڪ تقرير جا ڏيندا آهن.“

اسان ڏهه رپيه ڏينداسين، چئه اسان جي لاءِ ڪم ڪندين؟.“

”ڇو نه ڪندس؟“ گوبند خوشيءَ مان وراڻيو، يوپيءَ وارا پنج رپيه ڏيندا آهن، ان کان اڳ ۾ اصلي بنارسي تماڪ واري ٻيڙي نمبرون وارا صرف ٻه رپيه ڏيندا هئا توهان ڏهه رپيا ڏيندؤ ته منهن جو مغز ڦريو آ جو توهان جو ڪم نه ڪريان.“

انهيءَ ڏينهن کان وٺي گوبند، ”شگر فيڪٽري مرهٽن جي آهي“ وارن لاءِ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. ساڳي تقرير، ساڳيو آواز، ساڳيو گوبند فرق صرف هي هيو ته پهريائين جتي جتي يوپيءَ وارن جو ذڪر ايندو هو اتي هاڻي مرهٽن جي حمايت ۾ ڳالهه ٿيڻ لڳي بابو همت رائو گوبند جي ڏاڍي همت افزائي ڪئي، ۽ وري جلسي ۾ سندس تعارف به ”شري گوبند رام“ جي نالي سان ڪرايو ۽ کيس هڪ”انصاف پسند يوپيءَ واري“ جو خطاب ڏنو، گوبند نه پر گوبند رام جي فرمائش تي همت رائو هڪ ميز به ان جي لاءِ خريد ڪئي جيڪا منهن جي سامهون رکي ويئي. منهن جي پٺيءَ تي عمدي ۽ نرم چمڙي جو هڪ پوش به چاڙهيو ويو، جيڪو اڄ به اوهين منهن جي پٺيءَ تي ڏسي سگهو ٿا، هاڻي گهڻو ڪري گوبند مون تي ويهي پنهنجون ٽنگون ميز تي ڊگهيون ڪري پنهنجي گهر وارن سان پنهنجي ڪاميابي جون ڳالهيون ڪندو هو ۽ پاڙي وارن کي رعب جهاڙائيندو هو پاڙي وارا به هاڻي کانئس ڊڄندا ۽ لهرائيندا هئا ۽ سندس عزت ڪرڻ لڳا هئا.

گوبند رام جي ليڊري چمڪڻ لڳي پهريائين يوپيءَ وارن لاءِ پوءِ مرهٽن جي لاءِ ڪم ڪرڻ ڪري ساري شهر ۾ سندس مشهوري ٿي وئي، هڪ ٻه دفعو هن ائين به ڪيو جو شام جو يوپيءَ وارن جي فائدي ۾ تقرير ڪئي ۽ رات جو مرهٽن جي جلسي ۾ وڃي ڳالهائي آيو ۽ پئسه وري ٻنهي ڌرين کان وصول ڪيائن ۽ جڏهن ماڻهن کانئس پڇيو ته هي تو ڇا ڪيو؟ تڏهن جواب ڏنائين ته يار شگر فيڪٽري مرهٽن جي علائقي ۾ وڃي يا يوپيءَ وارن جي آباديءَ واري حصي ۾ کلي، رهندي ته ساڳي ”هيم پور ۾.“

پنڌار ڪر هن کي ايترو ڪجهه نه چيو ڇاڪاڻ ته جيتوڻيڪ هاڻي بجلي وارن جي هڙتال بند ٿي چڪي ۽ شهر ۾ بجلي اچي وئي هئي تڏهن به جلسي لاءِ مائڪروفون ۽ لائوڊ اسپيڪر استعمال ڪرڻ تي ڪرائي ۾ پنجاهه سٺ روپيه خرچ ٿي ويندا ۽ هتي فقط ڏهه روپيه خرچ ڪرڻ سان هڪ عمدو انساني لائوڊ اسپيڪر ملي ٿي ويو، مگر پندرهن ويهن ڏينهن کان پوءِ گوبند جي ليڊري گج وانگر هيٺ ويهجي وئي، ائين ٿيو جو سرڪار يوپيءَ وارن ۽ مرهٽن جي روز روز جي جهيڙن کان تنگ اچي اهو فيصلو ڪيو ته هيم پور ۾ ماڳهي شگر فيڪٽري ڪانه لڳندي، حڪومت فيڪٽريءَ لاءِ مدراس شهر جي چونڊ ڪئي ۽ اهڙي طرح هڪ ٻيو به ڪارخانو هيم پور ۾ نه کلي سگهيو پر ها هن واقعي کان پوءِ هن شهر ۾ پاڳل خانه ضرور کليا، انهن کي کلڻو ئي ته هيو.

هن واقعي کان پوءِ ڪيترائي مهينا گوبند بيڪار رهيو، ٻيڙي نمبر ون هاڻي هو وڪڻي نه ٿي سگهيو، جيتوڻيڪ جمن ٻيڙي واري سندس وڌندڙ شهرت کي ڏسي ٽن روپين روز تي نوڪري ڪرڻ جي دعوت ڏني هئي جنهن کي گوبند رام تمام حقارت سان ٺڪرائي ڇڏيو هو سندس پيءُ کيس ڏاڍو سمجهايو مگر هن نه مڃيو، چيائين مان هاڻي ٻيڙيون وڪڻان، ڇا ٿو ڳالهائين بابا، هاڻي مان ڪا وڏي شيءِ ئي وڪڻندس مون کان ڪا شگر فيڪٽري کولايو، ڪا قوم وڪڻايو، ڪو ملڪ نيلام ڪرايو، پر هاڻي مون کان ٻيڙيون وڪڻڻ ڪونه پڄندو.

سندس پيءُ ويچارو چپ ٿي ويو، ۽ دل ئي دل ۾ ٻڙڪندو رهيو ته سندس پٽ وري بيڪار ٿي ويو، آخر سوچي سوچي هن گوبند جو وهانءُ پنهن جي ذات برادري ۾ کڻي ڪرايو روپا سندس ننهن جيتوڻيڪ اهڙي سهڻي ته نه هئي ۽ پڙهيل لکيل به بلڪل ڪانه هئي مگر مينهون ڏهڻ ۾ پنهن جو مٽ پاڻ هئي، انهيءَ ڪري بيکي روپا جو رشتو منظور ڪيو ۽ وري اهو به سوچيو ته سندس پٽ بيڪار ويٺو آ ڪو ڪم ڪار ڪونه ٿو ڪري پرگهر ۾ جڏهن ننهن ايندي ۽ گهرو جوابداري وڌندس ته پاڻ ئي ڪونه ڪو ڪم ڪرڻ تي مجبور ٿي ويندو.

ڏينهن گذري ويا، مهينا گذري ويا پر گوبند کي ڪو ڪم نه مليو، هيم پور ۾ نه ڪو ڪارخانو کليو ۽ نه ڪو جڳهڙو ٿيو، انهيءَ عرصي ۾ منهنجو چمڙو گسي ويو هو، منهن جي پٺي ڦاٽي پئي هئي، گوبند به اڳ کان ٿلهو، اڳ کان بدمعاش ۽ چالاڪ ٿي ويو هو، روپا جي جهوليءَ ۾ ٽي ٻار کيڏي رهيا هئا، ائين کڻي چئجي ته بيکي جي گهر ۾ کير جي برڪت هئي، بلڪ پاڻيءَ جي برڪت هئي، جو گهر هلندو رهيو ۽ گوبند کائي کائي پاڏو ٿيندو ويو، ۽ پنهن جي پاڙي ۾ پنهن جي ليڊريءَ جو خالي پيلي رعب جهاڙائيندو جيئڻ جا جتن ڪندو رهيو نه ته بيڪاري سبب مري وڃي ها.

ٽن سالن کان پوءِ گوبند جا ڏينهن سدورا ٿيا، ڇا ٿيو جو ميونسپل اليڪشن ويجهي اچي وئي شهر ۾ ڌڙي بازيون، ۽ پارٽيون جلسا ۽ جلوس، تماشا، گانا بجانا ۽ تقرويرون وري شروع ٿيڻ لڳيون، هن دفعي گوبند وڏي هوشياري کان ڪم ورتو، هن سڀني ڌڙن ۽ پارٽين جو غور سان مطالعو ڪيو ۽ مطالعو ڪرڻ کان پوءِ هو انهيءَ نتيجي تي پهتو ته شهر ۾ ”سسجڪ“ پارٽيءَ جي کٽڻ جو امڪان سڀ کان زياده آهي، ”سسجڪ“ پارٽيءَ جو نالو پارٽيءَ جي متي جي مناسبت سان رکيل هو جو هن ريت هو، ”سڀ سان جنگ ڪيو“ هن جملي جي هر لفظ جو پهريون اکر کڻي پارٽيءَ جو نالو ”سسجڪ“ رکيو ويو هو. گوبند کي هيءَ پارٽي ڏاڍي پسند آئي هئي، جيڪا سندس طبيعت مطابق هئي، پارٽيءَ ۾ شامل ٿيڻ کان اڳ گوبند انهن جي جلسي ۾ هڪ تقرير ٻڌڻ ويو هڪ نوجوان ڪاوڙ ۾ منهن ڳاڙهو ڪيو رڙي رهيو هيو. ”لنڪا وارا اسان هندوستانين کي شهريت نٿا ڏين، ڇا ڪرڻ گهرجي؟“

”جنگ ڪيو“ ميڙ زور سان رڙ ڪئي.

”جنوبي ايشيا وارا اسان کي ڪارو سمجهي بي عزت ٿا ڪن ڇا ڪرڻ گهرجي ڳالهايو؟

”جنگ ڪيو“ ميڙ مان آواز آيو.

انهن ئي ڏينهن ۾ پاڙيسري ملڪ جي وزير اعظم هڪ تقرير ۾ هندوستانين کي مڪو ڏيکاريو هو، بس پوءِ ڇا هو، گوبند جي هٿ ۾ سارو معاملو اچي ويو، هن ٻئي ڏينهن تي ”سسجڪ“ پارٽيءَ جي ڀري جلسي ۾ پستول جو هڪ فائر ڪيو، هڪ تمام جوشيلي تقرير ڪئي، تقرير ۾ هن چيو ”جيڪو اسان کي مڪو ڏيکاريندو اسان هن پستول سان ان جو سينو ڇاڻي ڪري ڇڏينداسون.

ميڙ جوش ۾ اچي ويو، ساري فضا گوبند رام زنده باد جي نعرن سان گونجڻ لڳي، ماڻهو مڇرجي طرحين طرحين نعرا هڻڻ لڳا، گوبند رام جي مقبوليت وڌي وئي جنهن ڪري ”سسجڪ“ پارٽيءَ جي ليڊرن کي گوبند رام جو نالو ميونسپل ڪمشنريءَ جي اميدوارن جي لسٽ ۾ شامل ڪرڻو پيو.

گوبند رام پنهجي حلقي مان ميونسپل ڪمشنري جو اميداور ته ٿي ويو پر ڪامياب نه ٿي سگهيو. ڇا ٿيو جو تقرير کان ڪجهه ڏينهن پوءِ پوليس کيس گرفتار ڪري ورتو، مٿس الزام هي هيو ته، هن  ڀري جلسي ۾ پستول ڇوڙيو آهي، 2- وٽس پستول جو ليسن به ڪو نه هو، 3- هن اهڙي اشتعال انگيز تقرير ڪئي، جنهن مان ملڪن ۽ قومن ۾ نفرت وڌڻ جو انديشو هو.

گوبندرام کي اڍائي سال سخت پورهئي سان قيد جي سزا ملي، هيڏانهن سندس ”سسجڪ“ پارٽي به اليڪشن ۾ هارايو، جنهن جو اصول هيو ته ”سڀ سان جنگ ڪيو.“ کٽيو ٻي پارٽيءَ جنهن جو اصول هيو ”سڀ سان صلح ڪيو“ يعني ”سسصڪ“ پارٽي.

انهن اڍائي سالن ۾ منهن جو ته مهانڊوئي مٽجي ويو، مون تي وقت بوقت کير جا مٽ ۽ پاڻي جا دلا رکيا ويندا هئا، ڪڏهن ڪو ننڍرو ٻار مون تي ويهي پيشاب ڪندو هو، ڪڏهن پوڙهو بيکو پنهنجي ميري ڌوتي سان پنهنجون سٿرون کنهندي، منهنجي ٻانهن کان طبلي جو ڪم وٺندي ڇا جو ڇا ڳائڻ لڳندو هو.

هڪ دفعي ته ٻار مون کي اونڌو ڪري هيڏي هوڏي گهلڻ لڳا، ۽ مان گهر جي ڏاڪڻ تان هيٺ اچي ڪريس ۽ منهنجي ڄنگهه ڀڄي پئي، ڪير هو جيڪو منهنجي سار سنڀال لهي، گوبند ته جيل ۾ هو، بيکوءَ پاڻ پاڙي جي ڪنهن ردي واڍي کان منهنجي ٺڪ ٺوڪ ڪري مڙئي ويهڻ جهڙو ڪيو، هيءَ چوٿين ٽنگ انهيءَ واڍي جي عطا ڪيل آهي، ۽ هي غضب جهڙو بادامي رنگ به.

خير سائين، اڍائي سال به ڪنهن طريقي سان روئي رنگي گذريا. ۽ گوبند جيل مان آزاد ٿيو، جيل ۾ سندس واقفيت هيم پور جي مشهور غنڊن سان ٿي، ۽ هاڻي هو اهو ساڳيو گوبند نه رهيو هو، هاڻي جيئن هو جيل کان موٽيو تيئن شهر جي سڀني رازن ۽ ڳجهن کان واقف ٿي موٽيو. ۽ هو پنهنجي دوستي انهن غنڊن سان پڪي ڪري موٽيو هو.

جيل کان آزاد ٿيڻ وقت ”سسجڪ“ پارٽي، يعني، ”سڀ سان جنگ ڪيو“ پارٽيءَ جي ميمبرن سندس ڳچيءَ ۾ هار پارايا، سندس قومي خدمتن کي سارهايو، سندس قوم لاءِ ڏنل قربانين جي تعريف ڪئي، گوبندرام مختصر لفظن ۾ سندن شڪريو بجا آندو ۽ طبيعت جي خرابيءَ جو بهانو ڪري خاموشيءَ سان گهر ۾ ويهي رهيو.

ميونسپل جي اليڪشن وري ويجهي اچي رهي هئي. ۽ دلچسپي رکندڙ ڪيترن ئي ماڻهن کي اها خبر هئي ته گوبندرام شهر جي ڪهڙن ماڻهن سان واسطو رکي ٿو ۽ ڪهڙي طرح سوين ووٽ کين ڏياري سگهي ٿو، گوبندرام انهن ماڻهن جي اثر رسوخ سان پنهنجي گهر جي اڳيان هڪ اوطاق ٺاهڻ جي به اجازت حاصل ڪري ورتي هئي ۽ هڪ ٽيلي فون به هڻائي هئي. اوطاق کي سهڻي نموني، نئين سازو سامان ۽ فرنيچر سان سينگاريو ويو، مگر مون کي نه بدلايو ويو، ڪمري جي هر شي بدلجي وئي، مگر مان سندس ڪرسي ساڳي جاءِ تي موجود رهيس. گوبندرام هميشه منهنجي مٿي تي هٿ گهمائي چوندو هو ته هيءَ ڪرسي منهن جي ليڊريءَ جي پهرين نشاني آهي ۽ منهنجي ڏکين ڏينهن جي ساٿڻ آهي مان هن کي ڪڏهن به نه مٽائيندس.

ماڻهن ۾، سرڪاري حلقن ۾، ڪاروباري حقلن ۾، سندس اثر رسوخ پاڻ هرتو وڌندو ويو، هو ماڻهن جا ڪيئي ڪم ڪرڻ لڳو ۽ ڪيئي ڪم کانئن وٺڻ لڳو، هوريان هوريان سندس جوشيلي قسم واري مشهوري ختم ٿي وئي ۽ هاڻي هو شهر جو هڪ معزز، شريف ۽ سنجيدو شهري ڳڻجڻ لڳو.

هن ڀيري ميونسپل اليڪشن ۾ هن ”سسصڪ“ پارٽيءَ جو ساٿ ڏنو ۽ ان جي ٽڪيٽ تي اميدوار بيٺو سسصڪ پارٽي جو متو هو ”سڀ سان صلح ڪيو“ تنهن ڪري هن ڀيري گوبند رام سڀ سان، چين، جپان، لنڪا، پاڪستان، آفريقه، ايران، توران، افغانستان ۽ بالنجان سڀ سان صلح ڪيو جو حمايتي بڻجي ويو. انهن ڏينهن ۾ سندس چهرو سڻڀو سڻڀو، مکيل چکيل ۽ امن پسنديءَ جي مسڪراهٽ سان ڀرپور معلوم ٿيندو هو، ڄڻ ته اهو چهرو نه پر ڪنهن بناسپتي گهه جي دٻي جو اشتهار هجي.

ٿورن ڏينهن ۾ ميونسپل اليڪشن جو نتيجو ظاهر ٿيو، هن دفعي نه ”سسجڪ“ پارٽي ڪامياب ٿي جنهن جو متو هو ”سڀ سان جنگ ڪيو“، نه وري ”سسصڪ“ پارٽي ڪامياب ٿي جنهن جو متو هو ”سڀ سان صلح ڪيو“. ”سسصڪ، ڪجڪ“ پارٽيءَ کي ڪاميابي حاصل ٿي جنهن جو متو هو ڪڏهن صلح ڪيو، ڪڏهن جنگ ڪيو“.

گوبند رام وري به ميمبر ٿيندي ٿيندي رهجي ويو. پر هاڻي انهيءَ جو کيس ڪو به افسوس ڪونه ٿيو ڇاڪاڻ هو صحيح رستي سان هلي رهيو هو ليڊري جا بنياد مضبوط هئڻ گهرجن، نه ته ليڊري گهڻي دير تائين قائم رهي نه سگهندي، جدا جدا ماڻهن سان رابطو قائم هئڻ گهرجي، ۽ جيڪو جيڪا شيءِ گهري کيس اها ئي ڏيڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي، صرف اهائي پارٽي ڪامياب ٿي سگهي ٿي جيڪا وڌ ۾ وڌ ماڻهن کي ووٽ ڏيڻ وقت خوش رکي سگهي. اصول تمام سهڻو ۽ وڻندڙ هئڻ گهرجي پر ان ۾ ڪو نه ڪو ور وڪڙ اهڙو ضرور هجي جيڪو ضرورت وقت ڦيرائي ۽ جلد مٽائي سگهجي، وڏي سوچ ۽ ويچار کان پوءِ گوبند رام هڪ نئين پارٽي جو بنياد رکيو جنهن جو متو هو ”توهان جو ڪنهن ۾ فائدو آهي؟“ هن شهر جي ڪيترن ئي هلندي پڄنديءَ وارن ماڻهن کي پنهن جي رٿ ٻڌائي پنهن جو ڪري ورتو هو. ۽ ميونسپل جي اليڪشن کان گهڻو اڳ ۾ پنهن جي پارٽيءَ جا بنياد مضبوط ڪري ورتا هئا. گوبند رام پنهنجو منشور پيش ڪرڻ وقت ماڻهن جي اڳيان جيڪا تقرير ڪئي هئي اها سندس پارٽيءَ جي پوري طرح وضاحت پيش ڪري رهي هئي. گوبند رام چيو ”اسان جي پارٽي صرف اها ڳالهه نظر ۾ رکندي ته توهان جو ڪهڙي ڳالهه ۾ فائدو آهي، انڪم ٽيڪس وڌائڻ ۾ يا گهٽائڻ ۾، شهر جون سڙڪون ڪشاديون ڪرڻ ۾ يا سوڙهيون ڪرڻ ۾، بجليءَ جو اگهه گهٽائڻ ۾ يا وڌائڻ ۾، ملازمن جي پگهار وڌائڻ ۾ يا گهٽائڻ ۾؟، اسان جي پارٽي صرف اهو ڪم ڪندي جنهن ۾ توهان جو ئي فائدو هوندو.

ڳالهه مناسب هئي، تنهن ڪري ماڻهن کي پسند آئي، ميونسپل اليڪشن ۾ اها ڳالهه واضح هئي ته اها پارٽي کٽيندي جنهن جو متو هو ”توهان جو ڪنهن ۾ فائدو آهي،؟“

انهيءَ پروگرام هيٺ گوبندرام ڌوٻين جو معاوضو وڌائڻ ۽ صابڻ جو اگهه گهٽائڻ جو واعدو ڪيو نلڪن ۾ پاڻي جو مقدار وڌائڻ ۽ پاڻي جا پئسه گهٽائڻ لاءِ سفارش ڪئي، هن برهمڻن کي چيو ته ڪوس گهر بند ڪيا ويندا ۽ چمڙي خريد ڪرڻ وارن کي چيو ته توهان کي چمڙو سستو ۽ گهڻي مقدار ۾ مهيا ڪيو ويندو. مسواڙ ڀريندڙ ماڻهن کي چيائين  سندن مسواڙ گهٽ ڪئي ويندي ۽ گهر مالڪن کي چيائين ته توهان مرامت جي بهاني سان پنهنجي مسواڙ وڌائي سگهندؤ.

ٿورن ڏينهن ۾ جڏهن ميونسپل اليڪشن جو نتيجو نڪتو ته گهڻي کان گهڻا ووٽ ”توهان جو ڪنهن ۾ فائدو به گهڻا چونڊجي آيا، ۽ يڪراءِ گوبندرام، ميونسپل ڪاميٽيءَ جو صدر چونڊجي ويو.

ميونسپل ڪاميٽيءَ جي پهرين ميٽنگ ۾ جڏهن هي سوال پيدا ٿيو ته ”توهان جو ڪنهن ۾ فائدو آهي؟“ واري پروگرام تي ڪهڙي طرح عمل ڪجي؟ ته ڪافي دير تائين بحث هلندو  رهيو، هر ڪنهن جي راءِ پنهنجي هئي، ڪجهه سمجهه ۾ نه پئي آيو ته اهڙي پروگرام تي ڪيئن عمل ڪجي جنهن جو هر نڪتو ٻئي نڪتي جي مختلف ۽ برعڪس هجي آخر گوبند رام چيو ”منهنجي خيال ۾ هي منشور ئي غلط آهي، توهان جو ڪنهن ۾ فائدو آهي، انهيءَ کي مٽائڻ گهرجي ۽ انهيءَ جي جاءِ تي هن متي تي عمل ڪرڻ گهرجي ته ”اسان جو ڪنهن ۾ فائدو آهي؟“ چوطرف واهه واهه پئجي وئي، ”صدر ڪهڙو ته نڪتو ڳولهي لڌو آهي واهوا گوبند رام سائين ڪهڙي ته ڳالهه ڪئي اٿي“.

جڏهن کان گوبندرام جي پارٽي هيم پور شهر جي ميونسپل ڪاميٽيءَ تي قبصو ڄمائي ويٺي آهي، گوبندرام هاڻي ديوان گوبند رام ٿو سڏجي هن پنهنجي پاڙي کي ڇڏي هاڻي سول لائين ۾ رهائش اختيار ڪئي آهي، هن هاڻي ٻي شادي ڪئي آهي جيڪا نئين فرنيچر وانگر اپ ٽوڊيٽ ۽ خوبصورت آهي. مون کي پراڻي گهر ۾ ڇڏڻ وقت گوبندرام کي ڏاڍو ڏک ٿيو، پر سندس فيشنڻ زال انهيءَ تي راصي نه ٿي ته ڪو مون جهڙي ڪني، بدشڪلي ۽ ڀڳل ٽٽل ڪرسي کي پنهن جي گهر ۾ جاءِ ڏي.

مان پوءِ به ڪيترا سال پراڻي گهر ۾ رهيس، آخرڪار جڏهن منهن جو مهانڊو بگڙجي ويو ۽ مان ڪنهن به ڪم جي نه رهيس ته هڪ ڏينهن بيکي نيلام واري کي گهرايو ۽ مون کي وڪڻي سندس حوالي ڪيو، وڪڻڻ وقت سندس دل مان هڪ آه نڪتي ۽ هن آهستي چيو ”هيءَ منهن جي پٽ جي ڪرسي هئي.“

”تنهن جو پٽ ڇا ڪندو آهي؟“

”اهو ميونسپل ڪاميٽيءَ ۾ صدر آهي“.

”صدر ته آهي پر ڪندو ڇاهي؟“ نيلام واري وري پڇيو.

”خبر ناهي ته ڇاڪندو آهي“ بيکي جواب ڏنو ”مگر مان سمجهان ٿو هو اڃا تائين کير ۾ پاڻي ملائي وڪڻندو آهي ۽نقلي تماڪ واري ٻيڙي نمبر ون وڪڻندو آهي.

”ان کان پوءِ جو داستان ڏاڍو سخت آهي.“ ڪرسي ٿوري وقفي کان پوءِ ڳالهايو، ”پهريائين مون کي هڪ اهڙي ماڻهو خريد ڪيو جيڪو ڏاڍو شريف، ايماندار، ۽ غريب ماڻهو هو، پر مون تي ويهڻ کان پوءِ هڪ لکاپتي ٿيڻ ۽ بي ايماني ڪرڻ جا نوان خواب ڏسڻ لڳو. جڏهن هو پنهنجي شرارتن جي ڪري جيل ۾ پيو ته مون کي هڪ اهڙي ماڻهوءَ خريد ڪيو جيڪو ڏاڍو زن مريد هيو، پر هن مون تي ويهڻ کان پوءِ زال کي گاريون ٻڌائڻ ۽ موچڙي بازي ڪرڻ شروع ڪئي. جڏهن جوڻس ڏٺو ته هو جڏهن مون تي ٿو ويهي تڏهن اهڙي شرارت ٿو ڪري ته هن مون کي گهر کان ٻاهر کڻي اڇليو.

اتان مون کي هڪ گونگي فقير کنيو. بدقسمتيءَ سان هو جيئن ئي مون تي ويٺو ته هن جي زبان کلي پئي ۽ هو ڳالهائڻ لڳو، ۽ ڳالهائيندو ئي رهيو ۽ لڳاتار ست ڏينهن ست راتيون ڳالهائيندو رهيو ۽ سڀ ڪجهه ڳالهائيندو رهيو جيڪو ڪڏهن گوبند رام ڳالهائيندو هو. ڊاڪٽرن سندس ڪافي علاج ڪيو مگر هن جو ڳالهائڻ بند نه ٿيو ۽ هو ڳالهائي ڳالهائي مري ويو اتان وري هي اسماعيل ڀائي لونڊري وارو مون کي خريد ڪري آيو هاڻي خبر ناهي مان ڪنهن وٽ وڃان پر مان ڪاٿي به وڃان پر منهنجي زندگيءَ ۾ گوبند رام جي خصوصيت اهڙي طرح رچي چڪي آهي جو مان ڪاٿي به وڃان مشهور ”ليڊر جي ڪرسيءَ“ جي نالي سان هوندس.

”ليڊر جي ڪرسي“ پنهن جو داستان ٻڌائي چپ ٿي وئي محفل ۾ ٿوري دير تائين خاموشي رهي.


 

 

 

ڌنڌ

ڦول وتي پاڻ کي آدم قد آئيني ۾ ڏٺو ۽ آئيني هن کي چيو، تون ڪيڏي نه حسين آهين، تنهنجي اکين جي ڪٽورن ۾ شراب جهڙي مستي اهڙي ته ڇانيل آهي جو ڏوه روڪائيندڙ پوليس توکي ڪنهن به شڪ ۾ گرفتار ڪري سگهي ٿي، تنهنجا گلابي چپڙا گلن جون اهي پنکڙيون آهن، جن تي ماکيءَ جي مک ڪڏهن به ڌوکو کائي ويهي سگهي ٿي، تنهنجو گهمڻ پاڻيءَ ۾ جهومندڙ لهر، آواز فضا ۾ لچڪندڙ انڊ لٺ، تون اها عورت آهين: جنهن لاءِ شاعر شعر چوندا آهن، سياستدان ڪوڙ ڳالهائيندا آهن، واپاري بليڪ مارڪيٽ ڪندا آهن، ۽ مولوي نرڙ گسائي خدا کي ياد ڪندا آهن، تنهن جي ڪري انسان جيتن کان ريشم گهريو، ڀوريءَ مٽيءَ مان شيشو ٺاهيو، ڌرتيءَ جي ڇاتيءَ مان سون حاصل ڪيو ۽ سمنڊ ۾ ٽٻيون هڻي موتي ڳولهي لڌا، انسان تنهنجي ڪاڻ گهر ٺاهيو، گهر جي چوڌاري باغ لڳايو، باغ ۾ گل پوکيا ۽ گل پٽي تنهنجي وارن ۾ سجايا، تون هر انسان جي آرزو جي خوشبوءِ آهين. هر خوشبوءِ جو نتيجو آهين، تون اڄ ڇو ٿي روئين؟“

ڦول وتي پنهنجون وڏيون وڏيون ڳوڙهن سان ڀريل اکيون اگهيون ۽ سڏڪندي چيو، ”جيڪڏهن اهو سڀ سچ آهي ته پوءِ مون کي هن ڇو ماريو؟ هي گلڙن جهڙا نازڪ ڳٽڙا ڪنهن چماٽون هڻي ڳاڙها ڪيا آهن؟ ڇا هي سڀ آئيني جو ڌوکو آهي؟“

”مان ڪڏهن ڌوکو نه ڏيندو آهيان،“ آئيني چيو، تون ڇا آهين، توتي ڇا گذريو آهي، اهو سڀ منهنجي عڪس ۾ موجود آهي، نه صرف ايترو پر اڃا ڪجهه وڌيڪ به، ڇو ته مان نه رڳو تنهنجو ماضي آهيان پر تنهنجو مستقبل پڻ، جيڪڏهن مون کي غور سان ڏسنديءَ ته توکي اهو سڀ ڪجهه به نظر ايندو، جيڪو ايندڙ وقت ۾ ٿيڻ وارو آهي مون کي انهن ماڻهن کان به شڪايت آهي جيڪي نجومين ڏي وڃن ٿا، ۽ مون کان ڪجهه نٿا پڇن، پر هو ڏينهن ۾ صرف هڪ دفعو غور سان ڏسن ته کين ڪنهن نجوميءَ ڏي وڃڻ جي ضرورت نه پوندي.

اڳتي ڇا ٿيڻ وارو آهي؟ ڦول وتي اکيون کولي عجب نگاهن سان آئيني ڏي ڏسڻ لڳي، اڳتي ڇا ٿيڻ وارو آهي؟ اڄ کان اڳ۾ ته هن ڪڏهن به چماٽون ناهن هنيون، ڪڏهن ڀلي ڀلائي به ڪوڙو منهن ڪري ناهي ڳالهايو، اڃا ته شاديءَ کي ڇهه مهينا مس گذريا آهن اڄ کان ٽي مهينا اڳ ته اسان ڪشمير ۾ هئاسون ۽ هني مون ملهائي رهيا هئاسون توکي ياد نه آهي اسان اتي ڪيڏو نه خوش هئاسون؟

ڦول وتيءَ غور سان آئيني ۾ ڏٺو اوچتو شيشي جي مٿاڇري تي اهڙو طوفان آيو ڄڻ ته هوا جي جهوٽي سان پاڻيءَ جي سطح تي لهر اچي وئي. ساول واري سائي هيٺائين سان گڏ فيروز پوري ڪسي وهندي هئي جڏهن پاڻي هيٺائين ۾ ڪرندو آهي ته ننڍا ننڍا نيرا پٿر پاڻيءَ سان اڳتي گهلبا رهندا آهن پاڻي ترڪندو آهي ته مڇين جي پڇڙي لڳندي ۽ چيلهه لچڪندي آهي ۽ ڪو ڪنهن جي لچڪندڙ چيلهه ۾ هٿ وجهندو آهي ته ڪو ڪنهن جي سيني سان لڳي خوشيءَ مان تڪڙا ساهه کڻڻ لڳندو آهي خوشيءَ جا ٻه ڳوڙها هوندا آهن ڦول وتيءَ جي غم جي ڳوڙهن مان خوشيءَ جا ڳوڙها ڀرجي آيا هاءِ هاءِ ڪيڏا نه پيارا ڏينهن هئا؟ لاهيءَ تي اخروٽ جي وڻن ۾ ننڍڙا ساوا اخروٽ لٽڪي رهيا هئا ۽ زمين جي مٿاڇري تي نرگس جا ڪيترائي نيرا نيرا گل ٽڙيل هئا ۽ اهي گل پنهنجون اکيون کولي محبت جي ديوانن ڏانهن ڏسي رهيا هئا هر اک حيران آئينو ۽ هر ساهه محبت جي خوشبوءِ سان ڀرپور!

چمڪندڙ چانڊوڪيءَ ۾ پاڻيءَ جي ڪناري تي ويٺي ويٺي ڪا شرير مڇي ٽپو ڏيندي چمڪي، وري وهندڙ پاڻيءَ مان ترڪندي پاڻيءَ جي تهه ۾ گم ٿي ويئي. ڦول وتي حيران ٿي پنهنجو پاڻ کان سوال ڪندي رهي ته هي مڇيون ڪيڏانهن وڃن ٿيون؟ ڇا هن دنيا ۾ هر ڪنهن جو ڪو نه ڪو محبوب آهي؟ جنهن وٽ سڀ ڪجهه وساري نظرون جهڪائي وڃڻو پوندو آهي. جيڪڏهن اهو سچ آهي ته پوءِ ته هوءَ پنهنجي محبوب کانسواءِ ايترا ڏينهن ڪيئن رهي ٿيون سگهن؟ خاموش غير طوفاني زندگي هئي- هوءَ هٿن جي ڇهاءَ کان اڻ ڄاڻ، اکين جي اشارن کان بي خبر، دل جي حسرت کان اجنبي، ڦول وتيءَ جي دل بيشمار جذبن سان ڀرپور ٿي ويئي ۽ هن سوچيو، هن کان وڌيڪ ڪجهه نه آهي- هن هڪ ڊگهو ٿڌو ساهه کڻي منهن مڙس جي ڪوٽ ۾ لڪائي ڇڏيو.

۽ گرڌاري هن کي پيار مان چيو  ”اسين سڀاڻي گل مرگ هلنداسين-“

ڦول وتي ڪوٽ جي ڪالر مان منهن مٿي ڪري اخروٽ جي وڻن کان پري گل مرگ جي جبلن کي ڏٺو. گل مرگ جو جهنگل چانڊوڪيءَ ۾ ننڊ پيو هو ۽ ان ستل جهنگل جي چوٽيءَ تي جبلن جي وچ ۾ گل مرگ هو.

گل مرگ جو گهيرو ڄڻ ته هنن جي سرهاڻ سان ڀرپور پيالو هو- اهو نه صرف جبلن جو بلڪ محبت جو به گهيرو هو- ۽ اها انهيءَ گهيري ۾ هنن ٻنهي جا روح پنهنجي مرڪز ۾ قابو ڪيا هئا- جڏهن محبت جي ديوي واسو ڪندي آهي ته ٻيو ڪجهه به نه رهندو آهي- ڪوئي مسافر نه رهندو آهي نه ڪوئي مقام رهندو آ، ڪوئي واقف ڪار نه رهندو آ، ۽ نه وري ٻي ڪنهن سان ڪوبه رشتو رهندو آ، محبت، محبت ڪرڻ وارن کي بلڪل اڪيلو ڇڏي ڏيندي آ، هن دنيا ۾ رهندي به هو دنيا کان دور ٿي ويندا آهن- هي ساري وشال ڌرتي ڄڻ ته انهن جي ٿي ويندي آهي- محبت کانپوءِ گل صرف انهن ٻنهي لاءِ ٽڙندا آهن، ماڻهو بازار ۾ صرف انهن ٻنهي لاءِ ايندا آهن- ڪاٺير جهنگ مان ڪاٺيون، اخروٽ، گل ۽ ميوا صرف انهن لاءِ کڻي ايندا آهن. آسمان تي ڪڪر انهن لاءِ ڊوڙندا آهن ۽ زمين تي اڪيلو اجنبي شاعر ان ئي پيچري تي هلندي صرف انهن لاءِ گيت ڳائيندو آهي! الٽيمبر ڍنڍ تي برف جي ڳنڍن تي ويٺي ويٺي ڦول وتي پنهجي چوڌاري نظر ڦيرائي چئني طرفن ڏي برف ڍڪيل جبلن جون چوٽيون پري کان پنهنجو مغرور ڳاٽ کنيون بيٺيون هيون. اهي چوٽيون جيڪي تبت کي ڏسنديون آهن، بوٽان کي ڏسنديون آهن، سڪم کي ڏسنديون آهن، لداخ کي ڏسنديون آهن، هي چوٽيون ڪنهن کي به نه ڏسنديون آهن، صرف محبت ڪندڙ ٻن متوالن کي ڏسنديون آهن الٽيمبر ڍنڍ جي ڪناري تي برف جي ڳنڍن جي وچ۾ هڪ ٻئي سان گڏ ويٺل آهن. ڪيترن هزارن، لکن سالن کانپوءِ هيءَ گهڙي آئي آهي. جڏهن هر پهاڙ جي چوٽيءَ جا سونهري خواب پورا ٿي ويندا آهن . تڏهن انهن چوٽين کي ڪنهن جو اوسيئڙو رهندو.

اچڻ وارا اچي ويا مگر وقت بيهندو ناهي پر محسوس ٿيندو آهي ته بيهي رهيو آ ان ڪري اچڻ وارا ايندا آهن ۽ اچي هليا ويندا آهن هني مون جا ٽي مهينا اک ڇنڀ ۾ ختم ٿي ويا؟

ڦول وتي مايوس ٿي ٻئي هٿ پنهنجي سيني تي رکي ڇڏيا ۽ آئيني ڏانهن حسرت مان ڏسندي پڇيو، ”اهي ڏينهن ڪيڏانهن ويا؟ ايترو جلدي ڪيئن گذري ويا؟ اهي محبت ۽ اميدن ڀريا جرڪندڙ ڏينهن ڪيڏانهن هليا ويا؟ ۽ انهن جي ويندي ئي هي زوردار چماٽون......!“

ڦول وتي بي اختيار پنهنجو هٿ نازڪ ڳٽڙي تي رکي ڇڏيو. جنهن تي اڃا تائين گرڌاريءَ جي چماٽ جا نشان هئا. اهي ڏينهن ان ڪري ختم ٿي ويا ڇو ته پئسا ختم ٿي چڪا هئا. گرڌاريءَ جي موڪل به پوري ٿي ويئي هئي، گرم علائقي جي سخت محنت هن کي پاڻ ڏي سڏي رهي هئي.“ آئيني جواب ڏنو.

         ”ڇهن مهين ۾ هيءُ وري مون کان پئسا گهرڻ لڳو آهي- ته پنهنجي پيءُ کان وڃي پئسه وٺي اچ.“

”ته وڃ“

”ڪهڙو منهن کڻي وڃان، شاديءَ تي هن ايترو ته ڏنو هو جو گهر ڀرجي ويو هو.“

آخر وڃڻو ئي پوندءِ نه ته اهي چماٽون کائڻيون پوندءِ.“ ڦول وتي سراپجي ۽ ڏڪي ويئي، ۽ آئيني کان منهن موڙي ڇڏيائين.

گرڌاري ڪو برو ماڻهو نه هو، هو هڪ خوش اخلاق، حسين ۽ کلڻو ملڻو نوجوان هو، ۽ هڪ ننڍي سرڪاري اداري ۾ ننڍڙو آفيسر هو. پگهار به پوري ساري هيس صرف ساڍا ٽي سئو روپيه ۽ ٻي مٿين آمدني بلڪل ڪانه هيس- گرڌاري نوجوان هو تازو تازو ملازم ٿيو هو، نئين شادي ڪئي هئائين جوانيءَ جون هزارين خواهشون ۽ امنگون اهڙيون به ٿينديون آهن، جيڪي معصوم هوندي به ساڍن ٽن سون ۾ پوريون نه ٿي سگهنديون آهن اهوئي سبب هو جو گرڌاري ڇهن مهينن ۾ هڪ هزار جو قرضي ٿي ويو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com