جهٽ پلڪ لاءِ گدلي شخص کي خيال آيو ته هو ٻارڙي کي
اتي ئي ڦٽي ڪري ۽ پاڻ
ڪاڏي ڀڄي وڃي. آهستي ”گدلي شخص“ ان ٻارڙي جو هٿ
پنهنجي اڱوٺي مان ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ننڍڙي جي
پڪڙ
تمام مضبوط هئي، ۽ گدلي شخص کي ائين محسوس ٿيو ڄڻ
زندگيءَ کيس وري پڪڙيو هجي ۽ هوريان هوريان پاڻ ڏي
سڏيندي هجي، اوچتو کيس دلاريءَ جي ياد اچي ويئي ۽
اهو ٻارڙو جيڪو سندس ڪک مان ضايع ٿي ويو هو سو ياد
آيو ۽ گدلو شخص زور سان روئڻ لڳو. اڄ سمنڊ جي
پاڻيءَ ۾ به ايترا ڦڙا نه هئا جيترا ڳوڙها سندس
اکين مان ڇلڪي رهيا هئا گذريل پنجويهن سالن ۾ جيڪا
گندگي ۽ غلاظت سندس روح ۾ ڄمي چڪي هئي سا طوفان جي
هڪ ئي وهڪري ۾ صاف ٿي وئي.
ساري رات ”گدلو شخص“ نئين ڄاول ٻار کي پنهنجي گود
۾ کنيو بي چينيءَ ۽ بيقراري سان فوٽ پاٿ تي گهمندو
رهيو. جڏهن صبح ٿي ۽ سورج شاخون ڪڍيون، تڏهن سڀني
ماڻهن ڏٺو ته گدلو شخص ڪچري جي ٽب وٽ ڪونه هو پر
سڙڪ جي پرينءَ ڀر هڪ نئين تعمير ٿيندڙ عمارت جي
هيٺان بيٺو سرون ڍوئي رهيو هو، ۽ عمارت جي ڀرسان
وڻ جي هيٺان هڪ گلن واري شرجي ڪپڙي ۾ ڍڪيل ننڍڙو
ٻارڙو کير پيئڻ واري بوتل وات ۾ ڪيو مرڪي رهيو هو.
”هڪ شاعر هڪ اديب“
ڪيترن ڏينهن کان وٺي مان ان ڪرڙوڍ ماڻهوءَ جي چرپر
کي نظر ۾ رکي رهيو هوس. مون سندس رهڻ واري کولي به
ڏسي ورتي هئي، جيڪا مارول جي وڌايل علائقي جي
ويران سڙڪ تي هئي جيڪا سڙڪ آرا کان ڪالوني جي پاسي
وڃي رهي هئي. اها کولي سڙڪ جي پڇڙيءَ تي ٺهيل هئي.
اهو ٻچي ڏاڙهيءَ
وارو اڌ عمر وارو ماڻهو بلڪل اڪيلو رهندو هو، هو
جسم جو ڏٻرو ۽ سڪل هو ۽ جڏهن هو هٿ ۾ هڪ بيگ کڻي
ٻاهر نڪرندو هو تڏهن
ڀوري ميٽائين پهراڻ ۾ محو اهڙي طرح.............. خماريل ۽ ٿيڙهه
کائيندو ويندو هو، ڄڻ ته سياري جو ننڊا
کو ڏيڏر ڇهن مهينن کان پوءِ ننڊ مان اٿي گهمڻ جي ڪوشش ڪندو هجي.
انهيءَ
ٻچي ڏاڙهي واري ماڻهوءَ جو معمول هو ته هو سارو ڏينهن پنهنجي
کوليءَ ۾ بند رهندو هو ٽيپهريءَ جي لڳ ڀڳ باهر
نڪرندو هو، خبرداريءَ سان هيڏي هوڏي ڏسي پنهنجي
ڪوٺيءَ جو دروازو
ٻاهران
بند ڪري ۽ آهستي آهستي پير پير ۾ کڻي اتان روانو
ٿيندو هو ۽ سڙڪ تي هلڻ بجاءِ گهرن جي پٺيان هلندو
اچي حلوائيءَ جي دوڪان تي پهچندو هو، اتان ٻي آني
جي ڀاڄي وٺي کائيندو هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن ان سان گڏ
چانهه جو ڪوپ به پيئندو هو نه ته پاڻيءَ جا ٻه
گلاس ڏوگهي ڇڏيندو هو. پوءِ هوشياريءَ سان پنهنجي
چمڙي جي بيگ کي ٿورڙو کولي گهٻراهٽ سان هيڏي هوڏي
نهاري بيگ مان ٻه آنا ڪڍي حلوائي کي ڏئي جلدي بيگ
بند ڪري ڇڏيندو هو ۽ اتان راهي ٿي بمبئي ويندڙ بس
۾ سوار ٿي مارول هليو ويندو هو، ۽ ڪافي رات گذرڻ
کانپوءِ ڏهين يارهين بجي مس واپس ايندو هو، هي
سندس هر روز جو معمول هو.
مون کي ان ماڻهوءَ جي چرپر سان ڏاڍي دلچسپي پيدا
ٿي هئي، هو ڪير هو؟ ڇا ڪندو هو؟ مون ان جي
پاڙيسرين ۽ پاسي اوسي جي ماڻهن کان، جيڪي گهڻو ڪري
کير وڪڻندڙ ڌنار هئا تن کان پڇا ڳاڇا ڪرڻ جي ڪافي
ڪوشش ڪئي، مگر ڪابه خبر ڪانه پئجي سگهي، ڪنهن کي
به ان شخص جي باري ۾ ڪا ڄاڻ ڪانه هئي انهيءَ ڪري
انهيءَ ٻچي ڏاڙهي واري ماڻهوءَ جي شخصيت ويتر
پراسرار بڻجي وئي هئي، کير وڪڻندڙ پنهنجي مينهن جي
سيوا ۾ ايترا ته مشغول هئا جو کين انهيءَ ماڻهو جي
حالت معلوم ڪرڻ جي لاءِ فرصت ئي ڪانه هئي، ڪي
ماڻهو انهيءَ خيال جا هئا ته، هو سارو ڏينهن
پنهنجي بند ڪوٺيءَ ۾ رهي ڪوڙا نوٽ ٿو ٺاهي ڪي
ماڻهو وري کيس آواره عورتن جو دلال سمجهندا هئا،
نه ته ڀلا شام ٿيندي ئي هو بمبئي ڇو ٿي ويو وري
رات جو دير سان ڇو پئي موٽيو؟ ڪجهه ماڻهو سندس
ڳوري ۽ وزندار بيگ کي ڏسي اهو اندازو لڳائيندا هئا
ته هو ناجائز طريقي سان ڪچي شراب جي بوتلن وڪڻڻ جو
ڌنڌو ٿو ڪري، مطلب ته جيترا وات اوتريون ڳالهيون،
پر ڪنهن کي به ان جي ڪم جي پوري خبر ڪانه هئي. پر
سڀ ڪنهن کي سندس بيگ سان ڏاڍي دلچسپي هئي. ان بيگ
۾ ڇا آهي؟ هر شخص اهو ڄاڻڻ پئي گهريو پر ڪنهن کي
به اهو معلوم نه ٿي سگهيو، ڇاڪاڻ ته ٻچي ڏاڙهيءَ
وارو ماڻهو هر وقت اها بيگ پنهنجي سيني سان
سانڍيندو هو، هڪ دفعي حلوائي جي نوڪر بيگ کي
هوريان هٿ لاتو ته ٻچي ڏاڙهيءَ واري ماڻهوءَ اهڙي
ته ڪرڙي نظر سان ڏٺس جو ويچارو اٺن سالن جو نوڪر
هڪو
ٻڪو
ٿي گهٻرائجي ويو.
مون کي پاڻ انهيءَ بيگ سان ڏاڍي دلچسپي هئي، ۽ ٻچي
ڏاڙهيءَ واري ماڻهوءَ جي غير حاضريءَ ۾ ڪيترا ڀيرا
ان جي ڪوٺيءَ ۾ چوري ڪرڻ جي ارادي سان داخل ٿي ڏسي
چڪو هوس، مگر مون کي ان جي کوليءَ ۾ ڪابه اهڙي شي
نظر نه آئي جيڪا چوري ڪريان، هڪ پراڻي نموني جو
گدلو اسٽور هو، چانهه جون ٻه ڀڳل پياليون، جهڪن
کان چٻا ٿيل چار جستي ٿانؤ، هڪ پراڻي سڙيل تڏي،
ڪاٺ جي لکڻ واري صندليءَ ۾ هڪ قلمدان، ٻن ٽن قسمن
جون مس جون شيشيون هيون، نيري رنگ جي دٻيءَ ۾ ملم
جهڙي ڪاشيءِ هئي، اڇن پنن کان سواءِ ٻن ٽن قسمن جا
ٻيا رنگين ڪاغذ هئا، ڪوٺيءَ جي هڪ ڪنڊ ۾ لوهه جا
چند پٽ ۽
ٻه لوهه جا وڏا ويلڻ رکيل هئا.
هي ماڻهو ڪوڙا نوٽ ٿو ٺاهي يا سون جو سمگلر آهي
اهو هجي نه هجي، مگر هو ڪيڏو نه هوشيار ۽ چالاڪ
آهي جو ڪم جي ڪابه شيءِ ڪوٺيءَ ۾ نٿو رکي، اڄ ڪلهه
چوري ڪرڻ به وڏو مشڪل ڌنڌو آهي، ماڻهو گهر ۾ ڪا
شيءِ رکن ئي نٿا، عورتون ڪنن جا ڪوڙا والا به بئنڪ
لاڪرن ۾ ٿيون رکن، هن هوشيار زماني ۾ چور ويچارو
بک نه مرندو ته ٻيو ڇا ڪندو، مون سوچيو.
هونءَ ته مان چور نه هيس نه وري چوري ڪرڻ ٿي چاهيم
مگر حالتن مون کي مجبور ڪري وڌو هو، مسلسل بکن
منهنجي دل مان شرافت جو آخري تهه به ڪڍي ڇڏيو هو
تڏهن ته مجبور ٿي چوريءَ جو سوچيم، پر مان ايترو
ڏٻرو ۽ ڪمزور هيس جو چوري ڪرڻ کان به لهرايم پئي
ڪيترا ڏينهن بکون ڪڍڻ کان پوءِ مون ٻچي ڏاڙهي واري
ماڻهوءَ جي چوري ڪرڻ جو ارادو ڪيو- ٻچي ڏاڙهيءَ
وارو مون کي پاڻ کان به ڪمزور ۽ ڪراڙو ڏسڻ ۾ ايندو
هو، جيڪڏهن
چوري ڪرڻ وقت ٻچي ڏاڙهي واري مون کي ڪنهن طرح پڪڙي
ورتو ته به مان ڪنهن نه ڪنهن طرح کانئس جند ڇڏائڻ
۾ ڪامياب ٿي ويندس ٻيو وري مون کي ان جي بيگ سان
به ڏاڍي دلچسپي هئي ڇو ته ٻچي ڏاڙهيءَ وارو مارول
جي علائقي ۾ تمام ڪنجوس مشهور هو، ان کانسواءِ اهو
به مشهور هو ته هن جي ساري دولت انهيءَ بيگ ۾ بند
آهي جيڪا هميشه ساڻس گڏ آهي. آخر ڪيئن اها بيگ هٿ
ڪجي؟ مون سوچيو، پر انهيءَ لاءِ ته مون کي رات جو
ان وقت کوليءَ ۾ وڃڻو پوندو جڏهن اهو ٻچي ننڊ ۾
هجي، جيئن ته هيءَ منهنجي پهرين چوري هئي تنهن ڪري
مون سان همت ساٿ نه پئي ڏنو. آخر ڪيترين ئي بکن
ڪاٽڻ کان پوءِ هڪ رات مون پنهنجو پاڻ کي انهيءَ
خطري لاءِ بلڪل تيار ڪيو، هاڻي جيڪو ٿيڻو هوندو سو
ٿيندو، مون ته
پنهنجي طرفان هر طرح احتياط ڪيو آهي ماڻهو ڪمزور ۽
ڪراڙو آهي ۽ اڪيلو رهندو آهي، ۽ سندس کولي ويران
جاءِ تي آهي، هن جي کوليءَ جي اڳيان ڪشادو باغ آهي
جنهن جي وڻن جي اونداهن پاڇن ۾ لڪي گم ٿي سگهان
ٿو. ان باغ جي اڳيان ڪاٺ جي ڪٽهڙي جي وچ۾ بنگلو
آهي جيڪو هميشه خالي ٿو رهي، چوري لاءِ هڪ وقت
اهڙين موضون ۽ مناسب جڳهن جو ملڻ مشڪل آهي.
انهيءَ ڪري مان هڪ رات جو هڪ انب جي وڻ هيٺان
اونداهي پاڇن ۾ دير تائين کوليءَ ۾ نظر وجهي بيٺو
رهيس ڪوٺي کي ٻاهران ڪلف لڳل هو. رات جو تقريبا
ساڍي ڏهين بجي ڌاران ٻچي ڏاڙهيءَ وارو ماڻهو ڪجهه
جهونگاريندو ورانڊي ۾ داخل ٿيو، ٻئي چپ کنڊيري هن
انب
جي
وڻ طرف پان
جي ٿڪ اڇلي جيڪا سڌي اچي منهنجي قميص تي ڪري مون
کي ڪاوڙ ته ڏاڍي آئي پر وقت کي ڏسي ڏند پيهاٽي
خاموش ٿي ويس
. ٿوري دير کان پوءِ ٻچي اندر هليو ويو ۽ ڪوٺي جي
بتي ٻري، اڌ ڪلاڪ کن بتي ٻرندي رهي پوءِ مون ڏٺو
ته بتي وسامي وئي، ان کان پوءِ تقريبا ڏيڍ ٻه ڪلاڪ
وڻ هيٺان پنهنجي جاءِ تي بت بڻيو بيٺو رهيس جڏهن
پري ڪنهن گهڙيال رات جا ٻارهن وڄايا تڏهن وڻ جي
ڇانوري مان نڪري ٻاهر آيس ۽ پير پير ۾ کڻندو اچي
کوليءَ جي دروازي تي پهچي مون هيڏي هوڏي ڏٺو ۽
پنهنجي ساهه کي قابو ڪرڻ جي ڪوسش ڪيم ۽ پوءِ کولي
جي اندرين ڍري ڪڙي کي کولڻ جي لاءِ؟ ٻن تاڪن جي وچ
۾ خالي وٿي مان ٻه آڱريون داخل ڪيم پر منهنجي هٿ ۾
ڪڙو نه آيو، پر ٿوري دير کان پوءِ جڏهن اهو معلوم
ٿيو ته ٻچي ڪڙو بند ئي نه ڪيو آهي تڏهن مون کي
حيرت لڳي دروازو ٿوري زور لڳائڻ سان پاڻ هرتو کلي
پيو هاڻي منهنجي اڳيان ڪوٺي جو کليل هڪ تاڪ ۽ ڪمري
جي اونداهي هئي اوچتو مون کي ٻاهرين ماحول کان خوف
ٿيڻ لڳو ۽ مان هڪدم ڪمري ۾ داخل ٿي ويس.
ڪمري ۾ گگهه اوندهه هئي، مان آهستي ڊونڊڙوٿي
بانبڙا ڏئي هلڻ لڳس ۽ پنهنجي سمجهه مطابق هيڏي
هوڏي هٿوراڙيون ڏيڻ لڳس، هر روز جتي تڏي وڇايل هئي
مان آهستي آهستي رڙهي ان وڇايل تڏي کي پهچڻ ٿي
گهريو ۽ ان بيگ تائين جيڪا قيمتي بيگ هئي. جيڪڏهن
آسانيءَ سان بنا ڪنهن آواز جي ان بيگ تائين پهچي
وڃان ته پوءِ ستل ماڻهوءَ جي سيرانديءَ کان بيگ
ڪڍڻ ڪو مسئلو ناهي ۽ ڀڄڻ ۾ به ڪائي ڏکيائي ڪانه
ٿيندي، ٻاهر ڪشادو باغ هو ۽ گگهه اوندهه ۽ ٻيو وري
مان اڌ وهيءَ واري ماڻهوءَ کان وڌيڪ طاقتور هوس ۽
تيز ڀڄي ٿي سگهيس.
مان بانبڙا ڏيندو، پنهنجو ساهه روڪيندو هوريان
هوريان اڳتي وڌي رهيو هوس، اوچتو منهنجي پٺيان
دروازو هڪ عجيب آواز سان بند ٿي ويو گهڻو ڪري هوا
جي جهوٽي تي بند ٿيو هو، مون گهٻراهٽ سان ڪنڌ
ورائي پوئتي ڏسڻ گهريو ته ڪا ڳوري شيءِ ٻه ٽي ڀيرا
منهنجي مٿي سان ٽڪرائي ۽ مان اتي ئي بيهوش ٿي ويس.
جڏهن هوش ۾ آيس ته مون پاڻ کي ڪوٺيءَ جي هڪ ڀت سان
ٽيڪ ڏئي ويٺل ڏٺو. ٻچي ڏاڙهيءَ واري ماڻهوءَ
منهنجون ٻانهون پٺيان ڪري هڪ چادر سان ٻڌي ڇڏيون
هيون ۽ هاڻي کوليءَ جي هڪڙي ئي بلب جي ڪمزور پيلي
۽ ٽمڪندڙ روشنيءَ ۾ مون کي ڏسي مسڪرائي رهيو هو.
ٻچيءَ ڏاڙهيءَ واري ڳالهايو.
”مان ڏسان ٿو ته ڪيترن ئي ڏينهن کان تون منهنجي
تاڙ ۾ آهين“
مان خاموش رهيس، چوان ته ڀلا ڇا چوان؟ ٻچي ڏاڙهيءَ
واري فاتحانه نگاهن سان مون ڏي ڏسي ڳالهايو ۽ مون
کي اها به خبر آهي ته منهنجي غير حاضريءَ ۾ ڪو
منهنجي ڪمري ۾ آيو هو، مان پاڻ ڏسڻ پئي گهريو ته
اهو ڪير آهي.؟
مون چيو ”مان بکارو هوس، مگر مون کي تنهنجي ڪوٺيءَ
مان ڪجهه به نه مليو، ڊٻل روٽيءَ جو ٽڪرو به نصيب
نه ٿيو“.
”ها ها ها“ ٻچي ڏاڙهيءَ وارو ڏاڍي بي رحميءَ سان
کليو ”هل جي آکيري ۾ گوشت ڪٿان ملندءِ؟“
”ڇا تون هل آهين“؟ مون کانئس پڇيو.
”مان جو آهيان سوئي آهيان، پر تون ٻڌاءِ ته تون
ڪير آهين؟“
مون چيو ”منهنجي ڪم مان ظاهر آهي ته مان هن وقت
ڪٿي آهيان” ٻچي ڏاڙهيءَ واري چيو ”پر توکي جڏهن
اها خبر هئي ته منهنجي ڪوٺيءَ ۾ ڪجهه به ڪونهي ته
پوءِ تو چوريءَ جي ڪوشش ڇو ڪئي“
”تو واري بيگ جي لاءِ“مون اکين سان سندس بيگ ڏي
اشارو ڪندي چيو، مون کي تنهنجي بيگ سان ڏاڍي
دلچسپي پيدا ٿي پئي هئي ۽ مان معلوم ڪرڻ پئي چاهيو
ته ان بيگ ۾ ڇا آهي“.
”هن بيگ ۾ منهنجي سڄي عمر جي دولت جمع آهي“! ٻچي
ڏاڙهي واري اهڙي انداز سان چيو جو مون کي سندس
سچائي تي پڪو يقين ٿي ويو.
”تون ڏسندين ته هن بيگ ۾ ڇا آهي“؟
”ضرور“
ٻچي ڏاڙهي واري هٽڪندي چيو ”تنهنجي صورت مان معلوم
ٿو ٿئي ته تون شريف ماڻهو آهين“.
مون ايلازو نظرن سان ڏانهس ڏٺو ۽ چيو ”هيءَ منهنجي
پهرين چوري آهي“.
ٻچي ڏاڙهيءَ واري جي دل ۾ رحم اچي ويو، ۽ چيائين
”مان توکي پوليس جي حوالي ڪريان، يا نه ڪريان اهو
سڀ توتي منحصر آهي“.
”مان وعدو ٿو ڪريان ته مان بکن
۾ پاه ٿي مري ويندس پر مان چوري هرگز نه ڪندس“.
مون ايلاز ڪندي کيس چيو ”مون کي مهرباني ڪري پوليس
جي حوالي نه ڪر“.
”صرف وعدو ڪافي ناهي“
مون اکين ۾ لڙڪ آڻيندي چيو،
”مان
دستاويز (اسٽامپ)تي معافي نامو لکڻ لاءِ تيار
آهيان!“
”اون هون“ ٻچيءَ انڪار ۾ ڪنڌ لوڏيو.
”معافي
وٺڻ سان ڪم نه ٿيندو، توکي انهيءَ جي لاءِ مان
جيڪي چوان ان کي غور سان ٻڌڻو پوندو“.
”فرمايو! فرمايو“ مان بيحد شوق سان پنهنجو ڪنڌ
اڳتي جهڪائيندي چيو ”مان توهان جي نصيحت ٻڌڻ لاءِ
تيار آهيان“
ٻچيءَ سرڪندي پنهنجي چمڙي جي بيگ کولي ۽ چيائين
”مان ڪيترن ڏينهن کان انهيءَ گهڙيءَ جي تلاش ۾ هوس
ته تون اندر داخل ٿي ته مان......“ هن پنهنجو جملو
پورو نه ڪيو ۽ سندس اکيون خوشيءَ کان چمڪي رهيون
هيون هن جلدي بيگ کولي ان مان ڪاغذن جو وڏو دفتر
ڪڍيو ۽ ان کي پنهنجي گوڏن تي رکيو.
مان پڇا ڪئي ”اهو ڇا آهي“.
هن چيو ”هي منهنجو تازو ڪلام آهي“.
”تون شاعر آن“ مان مرگير آواز ۾ چيو:
ٻچيءَ ادب سان چيو، خاڪسار کي ”رضا علي راز“ چوندا
آهن. مون اٺ هزار ڇهه سئو شعرن جو هڪ مسلسل غزل
لکيو آهي، هي منهنجو تازو ڪلام آهي ۽ هاڻي توکي
منهنجو ڪلام ٻڌڻو پوندو“.
”نه .........نه.........“ مون ٻئي اکيون ٻوٽيندي
چيو مونکي ٿاڻي تي موڪل، مون کي پوليس جي حوالي
ڪر“.
”راز“ منهنجي ڳالهه ٻڌي اڻ ٻڌي ڪري ڇڏي ۽ چيو
”ڇهاسي سئو شعرن جي هن غزل ۾ ڪل ڇهاسي قافيه آهن،
مون هر هڪ قافيو هڪ سو دفعه استعمال ڪيو آهي، ۽ هر
ڀيري نئين رنگ ۾ استعمال ڪيو اٿم، هن غزل ۾ توکي
حيدرآباد جو حسن، دهليءَ جي روزاني زندگي ۽ لکنؤ
جو چسڪو سڀ ڪجهه ملندو. مان ٻن مهينن کان هي غزل
بيگ ۾ کنيو ٿي وتيس مگر ڪو به خدا جو بندو ٻڌڻ
لاءِ تيار ڪونه هو“.
”پوليس! پوليس!“ مون رڙيون ڪرڻ شروع ڪيون.
”خاموش بدزبان“ راز گجندي چيو ”توکي خبر ناهي ته
تنهنجا ڪن اڄ جيڪو ڪلام ٻڌندا، اهو منهنجي زندگيءَ
جو شاهڪار آهي، ڪو زمانو ايندو جڏهن غالب جي ڪلام
وانگر منهنجي ڪلام جي به پوڄا ٿيندي توکي خدا پاڪ
جو ٿورو مڃڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته اڄ اڌ رات جو توکي اها
سعادت نصيب ٿي رهي آهي جنهن لاءِ ايندڙ نسل
سڪندا“.
”مون تي ترس کاءُ،! رحم ڪر مان هڪ غريب چور آهيان
مون ڪهڙو گناهه ڪيو آ جنهن جي مون کي تون ايڏي سخت
سزا ڏئي رهيو آن“، مان نهايت عاجزيءَ سان منٿون
ڪندو رهيس پر هن مردود نه مڃيو.
هن پنهنجو بياض کولي پنهنجي ٻنهي ٻانهن تي رکيو ۽
مون ڏي نهاري چوڻ لڳو ”معزز حضرات! هاڻي محفل جي
شمع، ڪامل استاد ۽ بزرگ جناب رضا علي راز جي
سامهون پهتي آهي، ان کان پنهنجو ڪلام ٻڌو ۽ ڪنڌ
ڌوڻيو“.
مون پنهنجو مٿو زور سان ڀت تي هنيو مگر ٻچيءَ تي
ان جو ڪوبه اثر نه ٿيو، هن هٿ لوڏي آداب عرض ڪيو ۽
چيو ”مطلع عرض آهي“.
مون ڪافي رڙيون ڪيون، ڀت سان مٿو ٽڪرايم مگر هن
ظالم جي دل نه ڀڳي ۽ هو لڳاتار ٻن ڪلاڪن تائين
پنهنجو مسلسل غزل ٻڌائيندو رهيو ۽ هر بند تي داد
وٺندو رهيو.
ٻن ڪلاڪن کان پوءِ مون هن کي بي حد عاجزيءَ سان عرض ڪندي چيو
”واسطي خدا جي مون کي ٿورو پاڻي ڍڪ ڏي“.
راز خوش ٿيندي چيو ”ڏي خبر غزل پسند آيئه؟“ منهنجا
سائين مون هن مسلسل غزل لاءِ مسلسل بکون ڪاٽيون
آهن، ڪڏهن کاڌو مليو ته کاڌم نه ته پاروٿي ڊٻل
روٽيءَ تي گذارو ڪيم، ڇا ٻڌايان هن غزل جي لاءِ
مون پنهنجي پياري زندگيءَ کي شمع وانگر ڳاريو
آهي“.
”خدا ڄاڻي اوهين وڏا قدر شناس آهيو مون توهان کي سڃاڻڻ
۾ وڏي غلطي ڪئي آهي“. رضا علي راز پشيمان ٿيندي
چيو ”مون ته توهان کي هڪ چور سمجهو هو مگر توهان
ته سٺو ذوق رکندڙ انسان آهيو. هيڏي ڪيو ته مان
توهان جا هٿ کوليان ۽ انهيءَ بدسلوڪيءَ لاءِ معافي
ٿو گهران. اوهين آرام سان ويهو ته مان توهان جي
لاءِ ٻاهران نلڪي تان پاڻي کڻي اچان، توهان آرام
سان پاڻي پيئو پوءِ ويهي غزل ٻڌو. هاڻي ته بس باقي
صرف ٽي هزار نوسو بند بچيا آهن.“
ائين چئي هن منهنجا هٿ کولي ڇڏيا ۽ پاڻ لوٽو کڻي
ٻاهر نلڪي مان پاڻي ڀرڻ هليو ويو ايتري ۾ مان جلدي
اٿي دروازي جي اوٽ ۾ ٿي بيٺس، جيئن هو پاڻي ڀري
کڻي موٽيو ته مون پٺيان ٻک وجهي کيس پنهنجي ٻانهن
۾ سوگهو ڪيو هن پاڻ کي ڇڏائڻ جي ڪافي ڪوشش ڪئي، پر
مان کانئس طاقتور هوس، مون کيس ٻنهي ٻانهن ۾ مضبوط
پڪڙيو ۽ پوءِ سندس هٿ ۽ پير ساڳي چادر سان ٻڌم
جنهن چادر سان هن مونکي ٻڌو هو ۽ کيس اتي ويهاريم
جتي هن مون کي ويهاريو هيو.
پوءِ مون سندس قلمي بياض تهه ڪري سندس چمڙي واري
بيگ ۾ وڌو هن سمجهيو ته شايد مان سندس ڪلام چورائي
کڻي ٿو وڃان هو زور زور سان رڙيون ڪرن لڳو ”اوظالم
اها منهنجي زندگي جي ڪئي ڪمائي آهي، اها نه کڻي
وڃ، خدا جي واسطي اهو ظلم نه ڪر“.
مون چيو
”چريو ٿيو آهين ڇا ڪير تنهنجو ڪلام چوري ڪندو“؟
ائين چئي مون سندس بيگ کي نفرت مان ڀت تي اڇلايو ۽
سخت ڪاوڙ مان چيو ”بدبخت تون سمجهين ٿو ته مان تو
جهڙي بکئي، سڃي ۽ ڀينگئي
شاعر وٽ چوري ڪرڻ آيو هوس يا تنهن جو سڙيل ڪلام
ٻڌڻ آيو هوس جنهن مان پاروٿن پڪوڙن جي ڌپ ٿي اچي“.
”تڏهن تون ڇو آيو
هئين“ رضا علي راز حيران ٿيندي پڇيو جواب ۾ مون
پنهن جي گوڏ جي ور مان رضا علي راز جي بياض کان به
وڏو دفتر ٻاهر ڪڍيو ”اهو ڇا آهي؟“ راز مرگير آواز
۾ چيو.
”هي ناول آهي“ مون فخر سان ۽ بي حد فاتحانه انداز
۾ چيو. ”هي سترهن سو صفحن جو ناول آهي جيڪو مون هڪ
هفتي ۾ لکي پورو ڪيو آهي“.
رضا علي تي سڪتو تاري ٿي ويو، ۽ مون ڏي تارا
ڦوٽاري حيرت ۽ وهشت مان ڳالهايو، ”ڇا تون
....................... ڇا تون ............ ڪرشن
چندر آن“.
”نه مان نئين نسل جو اديب آهيان“ مون گجندي کيس
چيو، ”منهن جو نالو جسونت راءِ پروانو آهي! ۽ مان
هندو ادب تخليق ڪندو آهيان“.
”هندو ادب؟“ رضا علي حيرت مان پڇيو.
”ڇو انهيءَ ۾ حيرت جي ڪهڙي ڳالهه آهي؟“ مون چڙ مان
کيس چيو،
”جيڪڏهن
اسلامي ادب تخليق ٿي سگهي ٿو ته پوءِ هندو ادب ڇو
نٿو تخليق ڪري سگهجي؟“ هن ناول جو نالو آهي ”ڌرت
راشٽر جي موٽ!“ پنهنجي قديمي ثقافت کان اڻ ڄاڻ
انسان! مون هن ناول ۾ پنهنجو ماضيءَ سان ناتو
جوڙيو آهي، حال ۽ مستقبل کان پنهنجو رشتو ٽوڙيو
آهي“.
رضا علي ڏند ڪرٽيندي چيو ”منهن جو وس پڄي نه تنهن
جو مغز ڦاڙي هميشه جي لاءِ تنهن جو رشتو ماضيءَ
سان جوڙي ڇڏيان“.
مون سندس ڳالهه ٻڌي اڻ ٻڌي ڪندي چيو، ”هن بي مثال
شاهڪار جا ٽي حصا آهن، پهريون حصو! درياءَ جي باهه
ٻيو حصو! بستيءَ جا خدا، ٽيون حصو مکڙين جو
طوفان“.
”درياه جي باهه؟ بستي جا خدا؟ مکڙين جو طوفان؟“
رضا علي راز چيو اهي نالا ته ٻڌل ٿا لڳن. ”باهه جو
درياه ته قرته العين حيدر جو ناول آهي، ۽ خدا جي
وستي شوڪت صديقيءَ جو ناول آهي ۽ طوفان جون مکڙيون
ڪرشن چندر جو ناول آهي“.
”ها! مون پنهنجي ماضيءَ مان فائدو ورتو آهي! فقط
نالا ابتا رکيا اٿم“.
”انهيءَ کي تون فائدو ٿو چوين“ رضا علي راز شڪايت
ڪندي چيو. ”خاموش بدزبان هاڻي جگر قابوڪر! ٻڌ
منهنجو ناول شروع ٿو ٿئي“.
”سج جو سرمائي چهرو ڪارن ڪڪرن جي اوٽ ۾ لڪي ويو ۽
سمسماتي هوا جو سونڪو، سج جي مدقوق ڪرڻن جي ڪاري
سوجهري جون ڌڄيون اڏائيندو............“
”منهنجي دماغ جون ڌڄيون نه اڏاءِ“ رضا علي راز چيٽ
ڪندي چيو، مون تي رحم ڪر...... سج جو سرمائي
چهرو؟..... سمسماتي هوا جو سونڪو؟..... ڪارو
سوجهرو؟..... جسونت راءِ پروانه! توکي تنهنجي
ڀڳوان جو قسم......“
مگر مون پنهنجو ناول جاري رکندي چيو ”يڪدم مهاڀارت
جي مهاراج ڌرت راشٽر چيو ههڙا تهڙا سڄي مون کي
مهاڀارت جو ميدان عجيب ٿو نظر اچي. بڊشٽر ڪاڏي
ويو، ارجن کي ڇا ٿي ويو؟ هي لوهه جا ڇڪڙا ڇو ٿا
هلن.
منجي ورندي ڏني مهاراج جيءَ دان ملي، جنجو نالو
گندهار کان گومتي تائين گونجي ٿو ۽ ڪپل وستو کان
ڪلاشاه ڪاڪو تائين آهي، اهڙي وڏي مهراج کي معلوم
هجي ته اهي لوه جا ڇڪڙا نه پر اهي ٽينڪ آهن هي
مهاڀارت جو ميدان جنگ نه آهي. ٻئي پاسي فرائيڊ آهي
جنهنجي ادي بس ڪامپليڪس کان مجبور ٿي پردست پنهنجي
لکڻ وارو ڪمرو ٽن مهينن لاءِ بند ڪيو هو. ته جيئن
ٻاهريون شين جي نافذ ٿيڻ ڪري باطني اظهار جي
خاموشي نه ٽٽي پئي.
”گهوڙا ڙي......گهوڙا رضا علي رڙيون ڪندي چيو، الائي توهان ڇا ٿا چئو
منهنجي سمجهه ۾ ته ڪجهه به نٿو اچي“.
”بي وقوف!
اعليٰ ادب اهو آهي جيڪو ڪنهن کي به سمجهه ۾ نه
اچي، هي تو وارو پراڻو ۽ دقيانوسي ادب ٿوروئي آهي
جيڪو سڀ ڪنهن کي سمجهه ۾ اچي، هن کي سمجهڻ جي لاءِ
ذاتي شوق سان گڏ روح ۾ آفاقي جوهر جا پنج عناصر
پنهنجي اندروني انتشار جي تڙپ کان متاثر ٿي روئندڙ
اکين مان ڳڙي پوي ته ڪائنات جو جگر ڦاٽي پنهنجي
ڪئي جي سزا لوڙيندو
آهي“.
”مون کي قتل ڪر، لوهو ويلڻ کڻي منهنجي مٿي ۾ هڻ ته جيئن مان
پنهنجي ڪئي جي سزا لوڙيان، پر مونکي ناول نه
ٻڌاءِ، خدا جي واسطي.......“ رضا علي راز ٻارن
وانگر سڏڪا ڀري روئڻ لڳو.
مون کي مٿس ڪهل ته ڏاڍي آئي پر هاڻي مان ته ناول
لکي چڪو هوس ڪيئن نه ٻڌايانس ها، پر جي هنکي نه
ٻڌايان ها ته ڪنهن کي ٻڌايان ها. لاچار مان کيس
ٻڌائيندو ئي رهيس، ڏيڍ ڪلاڪ کانپوءِ تمام نرميءَ
سان چيائين ”ڀاءُ پروانه تنهنجو ناول تمام سٺو
آهي، خدا جو قسم ڏاڍو مزو ٿو اچي پر جيڪڏهن هن وقت
ڪٿان ڪو چاه جو ڪوپ ملي ته وهوا؟“
”تنهنجي گهر ۾ ته چاه جي هڪ پتي به ڪونهي، نه وري منهنجي گهر ۾
آهي، اهو نه وسار ته اسين ٻئي اديب آهيون، مون کيس
ياد گيرو ڏياريو.“
”هڪ ڪم ڪريون“ راز چيو.
”ڪهڙو“
”هتان اٿي اسان کي ڀرسان واري بنگلي ۾ هلڻ گهرجي.“
”پر
اهو بنگلو ته ڪافي وقت کان خالي پيو آهي“ مون
وراڻيو، هن چيو ”نه اهو عبدالمجيد آرزوءَ مسواڙ تي
ورتو آهي، ان وٽ هلون، تون کيس پنهنجو ناول
ٻڌائجانءِ، مان پنهنجو ڪلام ٻڌائيندو مانس“.
”پر هو ٻڌندو سهي؟“
مون کانئس پڇيو.
”ڇو نه ٻڌندو؟ اڃان ڪافي رات پئي آ، اسين ٻئي
آهستي آهستي پير پير ۾ کڻندا، ان جي بنگلي ۾ داخل
ٿي سندس سمهڻ واري ڪمري ۾ هليا هلنداسين، ۽ هنکي
پڪڙي پلنگ سان ٻڌي ڇڏينداسين، پوءِ اتي چاه ۽ ڊبل
روٽي به ملي ويندي“.
”ڪيئن ملندي آخر هو به ته هڪ اديب آهي“ مون شڪ
ظاهر ڪندي چيو ”اهو نه وسار.“
”نه هن هاڻي ادب کي خدا حافظ چيو آهي، هو هاڻي شير
بازار ۾ دلالي ڪندو آهي، هاڻي وٽس سڀڪجهه آهي“.
”پوءِ هل“ مون منٽن ۾ رضا علي راز جا هٿ پير
کوليا، آزاد ڪيو، هن پنهنجو بياض کنيو، مون پنهنجو
ناول کنيو، ۽ اسان ٻئي هٿ هٿ ۾ ڏئي باغ مان گذري
هوريان هوريان عبدالمجيد آرزوءَ جي عاليشان بنگلي
۾ داخل ٿي وياسون.
ليڊر جي ڪرسي
اسماعيل ڀائي لونڊري واري جو نيلام گهر،
محمد علي روڊ ۽ ڀينڊي بازار جي ويجهو پوسٽ آفيس جي
سامهون واقع آهي، سڀاڻي آچر آهي انهيءَ ڪري نيلام
گهر ۾ هر قسم ۽ هر عمر جو فرنيچر موجود هوندو.
اسماعيل ڀائي اڌ رات ڌاران نيلام گهر کي تالو هڻي
گهر هليو ويو پر تڪڙ ۾ اندرين بتي وسائڻ وسري ويس،
سو وولٽ جي بلب جي تيز روشنيءَ ۾ ڀلا فرنيچر کي
ڪٿي ٿي ننڊ اچي تنهن ڪري گهڙيال جي مشوري تي رات
گذارڻ لاءِ سڀئي پنهنجي پنهنجي جيون ڪٿا ٻڌائڻ
لاءِ راضي ٿيا. ڪتابن جي هڪ ڪٻٽ (ريڪ) جڏهن پنهنجي
ڪهاڻي ٻڌائي پوري ڪئي ته هڪ ڪرسيءَ چيو ”هاڻي منهن
جي ڪهاڻي ٻڌو“. |