سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:عظيم سنڌي انسان

باب-

صفحو :9

انسان نيڪ هجي يا بد، آخر کيس هن دنيا مان هڪ نه هڪ ڏينهن خدا تعاليٰ جي مقرر ڪيل وقت تي ضرور لڏڻو آهي. انهيءَ اصول موجب هن قوم جي ڪارائتي فرد کي به 21 شعبان 1361 هه مطابق 27 اپريل 1943ع تي، داعي اجل کي لبيڪ چوڻو پيو؛ ۽ کڏي واري يتيم خاني جي اڱڻ ۾ کيس آرامي ڪيو ويو. ڪراچيءَ ۾ ”عبدالله هارون ڪاليج“ ۽ ”عبدالله هارون روڊ“ سندن ياد ۾ قائم ڪيل آهن.

 

سر شاهنواز ڀٽو

[ 1888ع – 1957ع ]

سياڻن سچ  چيو آهي، ته ”چڱو اِنسان ڪڏهن به ڪو نه ٿيو مري، هو پنهنجي زندگيءَ ۾ جيڪا نيڪي ڪري ٿو، انهيءَ جي عيوض سندس نالو قيامت تائين قائم رهي ٿو“ . هن دنيا ۾ ڪيترائي اَهڙا ڀلارا انسان ٿي گذريا آهن، جن پنهنجي سموري زندگي، قوم جي خدمت ۾ گذاري آهي. اَهڙن نيڪ انسانن ۽ قومي ڪارڪنن مان سر شاهنواز ولد غلام مرتضيٰ ڀٽي صاحب جو نالو رتو وڃي ٿو.

سر شاهنواز ڀٽو، ضلعي لاڙڪاڻي، تعلقي رتيديري جي ڳوٺ ”ڳڙهي خدا بخش ڀٽو“ ۾، 13 ذوالحج 1306 هه مطابق 18 نومبر 1888ع تي تولد ٿيو. ابتدائي تعليم ڳوٺ مان وٺي، مدرسي هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي ۾ داخل ٿيو، جتان انگريزي پنج درجا پاس ڪري، وڌيڪ تعليم لاءِ سنڌ مدرسته الاسلام ڪراچيءَ ۽ سينٽ پئٽرڪ اسڪول (st: patrick School) مان مئٽرڪ پاس ڪئي. جيئن ته پاڻ لاڙڪاڻي ضلعي جي مشهور ڀٽه خاندان جو فرد هو. سندس وڏا، بنيادي زميندار هئا؛ انهيءَ ڪري هن نينگر جو وڌيڪ تعليم ڏيارڻ بدران زمينداري ڪمن طرف توجه ڇڪايو.

قومي ڪمن ۽ عام ماڻهن جي خدمت طرف، سر شاهنواز جي طبيعت ننڍپڻ کان ئي زياده مائل هئي، انهيءَ ڪري 1910ع ڌاري عملي سياست ۾ مڪاني اَدارن جي ميمبريءَ سان آغاز ڪيائين– 1919ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ لوڪلبورڊ جو ميمبر ۽ 1921ع ۾ صدر چونڊجي ويو. تيرنهن سال لڳاتا اهو عهدو وٽس برقرار رهيو. ايترين سارين ملڪي ۽ قومي خدمتن عيوض کيس 1929ع ۾ ”سر“ ۽ ”خانبهادر“ جا خطاب به مليا. انهن ڏينهن ۾ بمبئي ڪائونسل جو، سنڌ طرفان نمائندو به مقرر ٿيو، جتي سنڌ ۽ خاص ڪري سنڌين جي حقن بابت آواز اٿاريائين.

سنڌ جي بمبئيءَ کان علحدگي واري تحريڪ ۾، سر صاحب اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. انهيءَ سلسلي ۾ انگريزن تي وقت بوقت دٻاءَ وجهڻ لاءِ ”سنڌ آزاد ڪانفرنس جماعت“ به جوڙيائين – 1930ع ۾ سنڌين پاران، انگلينڊ گول ميز ڪانفرنس ۾ به نمائندگي ڪيائين – 1934ع ۾ ”پيپلز پارٽيءَ جو بنياد وڌائين. آخر سندس ڪوششون ڪامياب ويون ۽ 1936ع ۾ سنڌ علحده صوبو بڻيو – 1944ع ۾ سر صاحب کي، بمبئي سرڪار طرفان وزارت جو عهدو به مليو ۽ ان ئي سال سنڌ جو گورنر به ٿيو – 1945ع ۾ جهونا ڳڙهه رياست جي نواب، پاڻ وٽ گهرائي ”ديوان“ (وزيراعظم) مقرر ڪيو .

سر صاحب، گهڻي ڪم ڪرڻ بعد هيڻو ٿي پيو؛ جنهن ڪري مجبوراً جهونا ڳڙهه ڇڏي؛ واپس لاڙڪاڻي پهتو، جتي 68 ورهين جي عمر ۾، 19 شوال 1377 هه مطابق 19 نومبر 1957ع تي گذر ڪيائين، ۽ کيس آباڻي ڳوٺ ۾ آرامي ڪيو ويو. سندس گهر واري ”خورشيد“ هئي ؛ 52 ورهين ۾ وفات ڪئي. پٺيان ٻه پٽ : سڪندر علي ۽ ذوالفقار علي ڇڏيائين.

سر غلام حسين هدايت الله

[ 1879ع – 1948ع ]

الله تعاليٰ وڏو مهربان ۽ ٻاجهارو آهي؛ جنهن انسان کي اعليٰ صلاحيتن ۽ لياقتن جو مالڪ بڻايو آهي. سنڌ صوبي ۾ ڪيترائي اهڙا با صلاحيت، لائق ۽ نيڪ مرد ٿي گذريا آهن، جن هڙان توڙي وڙان، ملڪ ۽ قوم جي ڀلي لاءِ مدد پئي ڪئي آهي. سر غلام حسين ولد هدايت الله شيخ جو شمار به انهن نيڪ سيرت ماڻهن ۾ ڪيو وڃي ٿو، جن عام ڀلائيءَ جي ڪمن ۾، جاني توڙي مالي قربانيون ڏنيون آهن.

سر غلام حسين، سنڌ جو ناميارو سياستدان، قانون دان ۽ هڪ بهترين منتظم ٿي گذريو آهي. سندس ولادت 24 شوال 1297هه مطابق 11 جنوري 1879ع تي شڪارپور ۾ ٿي آهي. سندس جد- امجد اصل هندو ڪشميري نسل جا هئا. سندس والد بزرگوار واپار سانگي لڏو لاهي اچي شڪارپور ۾ رهيو؛ جتي 1873ع ۾ مسلمان ئي پاڻ کي ”شيخ هدايت الله“ نالي سان سڏائڻ لڳو. غالباً 1880ع ڌاري وفات ڪيائين.

ننڍڙي غلام حسين کي ننڍپڻ کان ئي يتيمي زندگي بسر ڪرڻي پئي. انهيءَ ڪسمپرسيءَ واري ڪيفيت ۾ به علم کي هٿان نه ڇڏيو. هڪ طرف غربت ۽ ٻئي طرف سرپرستي نه هئڻ ڪري، سندس هنيانءُ هيڻو ٿي پيو، پر جيئن ته پاڻ هڪ باهمت، اورچ ۽ اعليٰ صلاحيتن جو مالڪ هو؛ انهيءَ ڪري پنهنجي تعليم کي ترڪ ڪرڻ بدران، جاري رکيو. ان زماني ۾ شڪارپور شهر ۾ اڃا بجلي به ڪانه آئي هئي . چوڻ ۾ اچي ٿو، ته پاڻ مفلسيءَ جي حالت ۾، رات جو گهر کان ٻاهر ميونسپالٽيءَ طرفان لڳايل فانوسن هيٺان پڙهندو هو. اهڙيءَ طرح روز مره جي انهيءَ مستق، آخر سندس ڪاميابيءَ لاءِ راهون روشن ڪيون .

پاڻ ابتدائي تعليم کان ثانوي تعليم تائين شڪارپور ۾ پڙهيو. آخر ڪراچيءَ مان مئٽرڪ پاس ڪري، بمبئيءَ ويو. جتان بي – اي ۽ ايل ايل – بي جون ڊگريون وٺي، 1905ع ۾ واپس وطن پهتو. پوءِ حيدرآباد ۾ وڪالت ڪرڻ شروع ڪيائين. آهستي آهستي پنهنجي اورچائيءَ ۽ جانفشانيءَ سان ناماچار ڪڍي ، 1918ع ۾ حيدرآباد ضلعي لوڪلبورڊ جو وائيس پريزيڊنٽ چونڊجي ويو. اهڙيءَ طرح جنوري 1921ع ۾ کيس بمبئيءَ پريزيڊنسيءَ گورنمينٽ جو وزير مقرر ڪيو ويو. انهي عهدي تي هوشياري ۽ قابليت سان ڳچ عرصو فائز رهيو – 1925ع ۾ کيس ”خانبهادر“ جو لقب ۽ 1926ع ۾ ”سر“ جو خطاب به مليو. جون 1928ع کان جون 1934ع تائين ايگزيڪيوٽو ڪائونسل بمبئيءَ ۾ رڪنيت به ورتائين.

1930ع ۾ لنڊن جي گول ميز ڪانفرنس ۾ سنڌ جي نمائندگي،  سنڌ جي آزاديءَ لاءِ جدوجهد ڪندو رهيو. نتيجي طور ”1935ع واري انڊيا ائڪٽ“ تحت 1936ع ۾ سنڌ، بمبئيءَ کان علهده ٿي؛ سر صاحب کي هڪ سال لاءِ سنڌ جو ايڊ منسٽريٽو ڪائونسل جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو. فيبروري 1937ع واري عام انتخابات ۾ سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر منتخب ٿيو؛ ۽ اپريل 1937ع کان سنڌ صوبي جي پهرين وزارت جو وزيراعليٰ بڻيو. آگسٽ 14، 1947ع بعد ورهاڱي دوران، پاڻ سنڌ جو وڏو وزير ۽ آخر ۾ گورنر ٿيو.

افسوس! حياتيءَ ساڻس وفا نه ڪئي؛ جنهن ڪري 69 ورهين جي ڄمار ۾ 13 ذوالقعد 1368 هه مطابق 4 آڪٽوبر 1948ع تي، گورنر جي عهدي تي رهندي، ڪراچيءَ ۾ ئي وفات ڪيائين. کيس اتي ئي پراڻي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو. پٺيان ٻه فرزند ڇڏيائين، جن مان وڏو انور غلام حسين هدايت الله (ولادت 7– 12– 1919ع)، پاڪستان طرفان برازيل ۽ پئرا ۾ نمائيندو به ٿي رهيو آهي.

سر غلام حسين، پنهنجي وقت جو اعليٰ منتظم، محب وطن، همدرد، سياسي سمجهه ٻوڄهه ۽ فهم فراست وارو ڪامياب سياستدان هو. سنڌ ۽ سنڌين لاءِ سندس ڏنل قربانيون، سنڌ جو عوام ڪڏهن به فراموش ڪري نه سگهندو. خدا کيس جنت نصيب ڪندو.

سرڳواسي پرمانند ميوارام چئناڻي

[ 1856ع – 1938ع ]

سنڌ زبان جو گهڻگهرو ۽ سچو خدمتگار، ديوان پرمانند پٽ ميوارام چئنائي، 13 جون 1856ع تي حيدرآباد سنڌ ۾ ڄائو هو. سندس پتا وڏو عامل شخص هو، جيڪو گيهه جي واپار مان گذر سفر ڪندو هو. ساڳئي وقت هندو پئنچات جو مک پڻ هو.

پرمانند، ست درجا انگريزي حيدرآباد ۾ ئي پڙهيو، پر مئٽرڪ باس ڪرڻ کان اڳ مالي مشڪلاتين ۾ ايندي ، مجبورا ملازمت ڪيائين. جوانيءَ تي رسڻ سان هندو مذهب ڇڏي، عيسائي بڻيو هو. آخر پاڻڀري ٿيڻ سان 1896ع ۾ حيدرآباد شهر مان هفتيوار ”جوت“ اخبار جاري ڪيائين؛ جنهن جي وسيلي سنڌي زبان ۽ ادب جي خاصي خدمت سر انجام ڏنائين  .

کيس وڏو مطالعو هو. ازانسواءِ ڪافي زبانن جي ڄاڻ به حاصل هيس. هن ڏس ۾ ”انگريزي - سنڌي“ ۽ ”سنڌي - انگريزي“ لغنون سندس علمي لياقت ۽ حقيقي قابليت جو واضح ثبوت آهن. پاڻ ڪيترن ئي ڪتابن جا مختلف زبانن مان ترجما ڪري، سنڌي ادب ۾ خاصو اضافو ڪيو اٿس. هڪ اندازي مطابق ديوان پرمانند، تقريباً ڏيڍ ڊزن کن ڪتاب سنڌي زبان ۾ لکيا آهن، جن مان خاص هي آهن:-

”انگريزي - سنڌي لغت“ (1908ع)، ”سنڌي – انگريزي لغت“ (1910ع)، ”دل بهار“ (1912ع، آکاڻيون)، ”ڪرست جي پيروي“ (1923ع، مذهب) ، ”مياڻيءَ جي جنگ“ (1925، مضمون)، ”اپائڻهار جي هستي“ (1934ع، مضمون)، ”ڌرم مورتي“ (1934ع – آکاڻي)، ”هيري جي منڊي“ (1934ع، آکاڻي)، ”يوسف مصري“ (1935ع، قصو)، ”لڇمڻ وڌيڪ ڪين لڌو“ آکاڻي، ”اتمڪ امرت“ (1936ع، مضمون)، ”شاهه جو سر ڪاپائتي“ (1936ع، لطيفيات)، ”لورڊ جي ناري“ (1936ع، ڪهاڻيون)، ”هيرو ۽ گلو“ (1936ع، ڪهاڻي)، ”سنڌباد سيلاني“ (1936ع، قصو) ۽ ”گل ڦل“ (1956ع ، مضمون) وغيره .

ديوان پرمانند، حالانڪ پوريءَ طرح عيسائي ٿي چڪو هو، مگر سنڌي زبان ۽ ادب سان سندس بغض يا ڪٽرپڻو ڪو نه هو. پاڻ هميشہ ٺيٺ ۽ گهريلو سنڌي استعمال ڪندو آيو. البته ڪڏهن ڪڏهن هندي، سنسڪرت ۽ فارسيءَ جا الفاظ مناسب موقعن تي به ڪتب آندل اٿس؛ سي به سنڌيءَ سان اهڙيءَ طرح ته پيوند ڪيا اٿس ؛ جو پڙهندڙ ڪڏهن به هروڀرو مبالغي ۾ نه ٿو وڃي ڦاسي، سندس اڪثر لکڻيون ڌرمي رنگ ۾ رتل آهن؛ مگر انهن ۾ اخلاقي، تعليمي، و گياني، تاريخي ۽ سماجي نظرين بابت چٽي پرکا پوي ٿي.

ايترين سارين علمي ۽ ادبي خدمتن جي باوجود، پاڻ سنڌي پرشن (مردن) ۽ نارين جون سيونيون (سوانح عمريون) به قلمبند ڪيائين. سير سفر جي سلسلي ۾ مفيد معلومات ڏيڻ، طنز و مزاح جي اوٽ ۾ ”مذاقي مضامين“ (Humourous Essays) لکي، سنڌي ادب ۾ خاصو اضافو آندائين.

مطلب ته ”جوت“ جي وسيلي، پرمانند سنڌي ۽ ادب جي جيڪا خدمت ڪئي آهي ، اها ڪڏهن به وساري نه ٿي سگهجي. نارائڻ داس ملڪاڻي آچاريه آسودو مل گدواڻي ۽ پرڀداس ڀيرو مل جهڙا ناميارا ليکڪ پڻ ”جوت“ سان هر وقت سهڪار ڪندا آيا، مارچ 14، 1938ع تي حيدرآبايد ۾ ئي پر لوڪ پڌاريائين. سندس ياد اسان جي دلين ۾ قائم آهي ۽ رهندي.

سوامي ڌرمداس ”ڌرمون“

[ 1804ع – 1916ع ]

ديوان ڌرمداس، ولد مٽو مل، 18 جولاءِ 1804ع تي، لاڙڪاڻي ضلعي جي ڳوٺ ”ٺوڙهي“ ۾ ڄائو هو. سندس پڌر نامي کان پتا موڪلائي ويس، جنهن ڪري ڄمڻ سان ئي پاڻ کي اڪيلو ڀاءُ لڳو. سندس پالنا ڪاڪي نرملداس جي هٿ هيٺ رهي. جڏهن اسڪول ۾ پڙهڻ قابل ٿيو، تڏهن ڳوٺ مان لڏي اچي ڳوٺ ”منهن جي کاهيءَ“ ۾ رهيو. پورا ڇهه ورهيه اتي به رهي، وري ميرو خان پنهن جي ناناڻن ۾ رهڻ لڳو. جار درجاسنڌي پڙهي، دوڪان تي ڏوڪڙ روز جي حساب سان نوڪري ڪيائين.

چوندا آهن، ته ”ڌڻ ته ڌڻي، نه ته وڪڻ کڻي“ جي مصدا ڌرمداس کي جيڪڏهن پتا زنده هجي ها، ته هو شايد هي تنگيءَ جا ڏينهن نه ڏسي ها ؛ ۽ پنهنجو علم به وڌائي ها. اڃان جوان مس ٿيو ته سندس ايمانداريءَ جي واکاڻ وڌڻ لڳي، جنهن ڪري 1827ع سيٺ بسنترام کيس تعلقي ميرو خان جي ڳوٺ ”ميڻن“ ۾ وٺي اچي پاڻ سان هڪ دوڪان تي ڀائيوار ڪري رکيو. اتي کيس ساڌن جي صحبت حاصل ٿي. پوءِ ته روز ”رانوتيءَ“ روح ريجهائڻ ويندو هو.

1847ع ۾ سندس وڏو ڀاءُ ڪرمداس، ماتا وگهي مري ويو. انهيءَ واقعي سندس دل تي گهرو اثر ڪيو. پوءِ ته پاڻ دنياوي ڪاروبار ڦٽو ڪري، دوڪان جون ڪنجيون ڀائيوار کي اڇلائي وڃي؛ بن وسايائين؛ ماتا جي منتن به ڪو اثر نه ڏيکاريو؛ جنهن ڪري پورا تيرنهن ورهيه هڪ وڻ هيٺيان اڪيلو رهيو؛ جتان ديوان نيڀو رام کيس وٺي وڃي، سيد وسڻ شاه ڏي ويو؛ جنهن کيس ڇهه مهينا پاڻ وٽ ترسائي ، ميڻن ڏانهن موڪل ڏنائينس. پوءِ ديوان نيڀورام کي پنهنجو رهبر ڪري ورتائين.

ڌرمداس ، ”ميڻين“ موٽي اچي ”ست سنگت“ جي پرچار ڪرڻ لڳو؛ ۽ اتي درٻار به کوليائين. درٻار ۾ اٽل رام سندس خوب خدمت ڪئي، جيڪو پڻ سندس جيان غير شادي شده رهيو. ساڌن جي سنگت ۾ رهي ”سنڌي شبد“ به چيائين. نموني طور هڪ شبد هيٺ ڏجي ٿو:-

حق چون ٿا هيڪڙو، سڀيئي ساڌ فقير،

ڪر ستيا ٻڌ سندرو، ڏي دل کي دلبر ڌير،

پس تون پنهنجو پاڻ کي، سوڌي منجهه سرير،

سي پڙهيا پيڊت پير، جيڪي ”ڌرمون“ سڄاڻن دم کي،

سوامي ڌرمداس شعر ۾ ”ڌرمون“ تخلص استعمال ڪيو آهي. سندس مڪمل ڪلام ”ويدانيت جي ويچارن سان ٽٻيو پيو آهي. سنڌيءَ کانسواءِ هٽ واڻڪا اکر به لکي پڙهي ويندو هو. آخري عمر ۾ کيس سير سفر جو شوق جاڳيو؛ جنهن ڪري ڪوئيٽا ۽ بمبئيءَ کان به وڃي نڪتو. آخر لاڙڪاڻي جي صوفي کيراج مل جي صلاح سان، لاڙڪاڻي شهر ۾ ئي رهڻ جو پڪو پرن ڪيائين. گانڌي باغ جي ڀرسان هڪ اوتارو ٺاهي رهڻ لڳو، سندس ٽڪاڻو اڄ به ڏسڻ لاءِ پڌرو آهي – 4 ڊسمبر 1916ع تي حيدرآباد ۾ سندس ديهانت ٿيو. سندس چيلن کيس کڻائي، لاڙڪاڻي جي مٽيءَ مٿان سنسڪار ڪيو. سڄيءَ عمر ۾ شادي ڪانه ڪيائين.

کيس ڪافي شش هئا، جيڪي ورهاڱي بعد هندستان لڏي ويا. ستگر جي ياد ۾، اتي انهن ”سوامي ڌرمداس ٽرسٽ“ نالي قائم ڪئي آهي. اهڙيءَ طرح سنڌ ۾ وري سندس ڪلام کي پڌري ڪرڻ لاءِ روهڙيءَ جي شيوا منڊليءَ طرفان، جنوري 1916ع کان ”ست سنگ واس“ نالي هڪ ماهوار پتر (پرچو) به شايع ٿيو، جيڪو بنا ناغي ڊسمر 1917ع تائين مفت شايع ٿيندو رهيو. سموري پستڪ ۾ سوامي صاحب جا چيل شبد نهايت سهڻي سمجهاڻيءَ سان ڏنل آهن. ازانسواءِ هر شبد، مسلمان صوفي شاعرن جي ”ويدانيت واري واٽ“ (تصوف) واري راه) سان ڀيٽا طور پڻ ڏيکاريو ويو آهي.

سوامي صاحب جي شبدن مان معلوم ٿئي ٿو، ته کيس صوفين جي وڏي سڌ هئي. ازانسواءِ عربي زبان جي ڄاڻ به سٺي هيس. سندس هڪ شبد اهڙي قسم جو ڏجي ٿو، جيڪا سٽاءَ جي لحاظ کان ”ڪافيءَ“ جي روپ ۾ آهي؛ ملاحظ فرمايو:-

ٻڌو سخن سچن جا – ٿا ويد ڪرن وکيان،

”توهي موهي انتر ڪئسا – هئن گروگرنٿ جو گيان.

”سڀوئي سنڪلپ تنهنجو رامچندر“ – ائين وششٽ ڪيو نر ٻاڻ

گيتا ٻڌي ڪرشن کان – ڇڏيو ارجن ديهه اڀمان،

”الله آدمي پڻ آيا“ – آهه شاهه بلي جو بيان،

”آدم سر الله جو“ – صوفي چون سبحان،

”الانسان سري وانا سره“ – فرمايو فرقان،

”انا احمد بلا ميم“ – آهه نبيءَ جو نيشان،

سچ چئي سوريءَ چڙهيو – ڏس عينل جو ايمان،

پڙهن پرجهن ڪين ڪي – ٿيا گرنٿن ۾ غلطان،

”ڌرمون“ ڌريو ڌيان – اصلي انهيءَ ڳالهه تي،

سيٺ گوبندرام منگهرمل گنگواڻي

[ 1893ع – 1978ع ]

سنڌ جي سرزمين ڪيئي صاحب - دل صوفي سڳورا، سنت ۽ ساڌو فقير پيدا ڪيا آهن، جن جي فيض جي چشمن مان هزارين انسانن پنهنجي روحاني توڙي جسماني پياس ٻجهائي آهي. اهڙن صوفي سنتن ۾ ضلعي لاڙڪاڻي، تعلقي واره جي ڳوٺ ”ڏيرا“ جو رهاڪو، سيٺ گوبندرام پٽ منگهرمل گنگواڻي به هڪ ٿي گذريو آهي. سندس جنم لاڙڪاڻي شهر ۾، 1893ع ڌاري ٿيو هو. سنڌي فائينل تائين تعليم ورتل هيس. ازانسواءِ فارسي، اردو ۽ گرمکي زبانون به چڱيءَ طرح لکي پڙهي ويندو هو. سندس پتا حاذق حڪيم هو. بالخصوص يوناني طب ۾ ساڻس مٽ ڪو ڇڊو لڳندو هو. ڪيترن ئي لاعلاج مريضن کي سندس دوا مان ڇوٽڪارو مليو. سيٺ گوبندرام به اهڙي ماحول ۾ طب جي خاصي ڄاڻ حاصل ڪري ورتي. پوءِ غالباً ڪرڙوڍ عمر ۾ باقبائل لاڙڪاڻي لڏي آيو ۽ جاڙل شاه بخاريءَ لڳ اچي رهيو  .

سيٺ صاحب پڪي پختي ۽ مضبوط ارادي جو داني پرش هو. مهمان نواز، غريبن جو هڏ ڏوکي ۽ سچو انسان هو. کيس طب ورثي ۾ مليل هئي؛ جنهن ڪري ستت ئي پنهنجو ناماچار پري پري تائين پڌرو ڪيائين. ڪيترن ئي بيمارن کي مفت علاج ڪندو هو. سادگي پسند به گهڻو هو. دنيا جي سکن هوندي به، گيتا گيان ۽ ويدانتي اڀياس ڏانهن هر وقت رجوع هوندو هو. کيس ساڌن ۽ سنتن جي سنگت مان مزو ايندو هو. جوانيءَ ۾ ئي سنت ٽهلرام صاحب ٿلهي واري کي پنهنجو سگرو سمجهي، سندس شيوا ۾ رڌل رهيو.

سيٺ گنگواڻي صاحب، وڏو محب وطن هو. هڪ سچي سنڌيءَ جي حيثيت ۾ مرڻ گهڙيءَ تائين ”سنڌ ڇڏڻ“ جي وائي وات تي نه واريائين. آخري وقت تائين سندس دلي منشا اها ئي هئي، ته ”ضرور هڪ نه هڪ ڏينهن هند ۽ سنڌ جا تعلقات سٺا رهندا“. پاڻ گرو نانڪ صاحب جو به زياده عقيدتمند هو. لاڙڪاڻي ۾ رهندي، زمينداريءَ سان گڏوگڏ هندو پئنچات جو چيئرمين به هو. پئنچات جا سمورا فيصلا پاڻ ئي نبيريندو هو. لڳ ڀڳ 85 ورهين جي عمر ۾ 23 مئي 1978ع تي سندس ديهانت ٿيو. اولاد ۾ ٽي پٽ: انندرام، عيدن داس ۽ مرلي ڌر، ۽ ٽي نياڻيون ڇڏيائين. سندس وڏو پٽ صوفي خيالن جو آهي. آخري دم تائين ننڍي پٽ سان گڏ هو، جنهن کي طب جي ڄاڻ به باقاعدي ڏنائين.

سيد الهندو شاهه

[ 1867ع – 1919ع ]

سنڌ جي سر زمين تي ڀانت ڀانت جي انسانن جنم ورتو آهي، جيڪي مختلف قسمن ۽ حيثتن جا مالڪ ٿي گذريا آهن؛ انهن مان ڪن جي زندگي نيڪيءَ ۾ گذري آهي، ته ڪن وري پنهنجي خداداد لياقتن سببان قوم جي ڏک ۾ ڀاڱي ڀائيواري ڳنڍي آهي. اهڙن نيڪو ڪارن جو نالو  سنڌ جي تاريخ ۾ سدائين عزت ۽ احترام سان ورتو وڃي ٿو.

تعلقي ڪنڊياري، ضلعي نوابشاه جي ڳوٺ ”ڊڀريءَ“ جو مشهور زميندار، سيد الهندو شاه ولد سيد يوسف شاه به هڪ زنده دل ۽ غريبن جو هڏ ڏوکي ٿي گذريو آهي، سندس ولادت 24 شعبان 1284 هه مطابق 17 آڪٽومبر 1867ع تي ٿي آهي ٻهراڙيءَ جي رواج موجب، ڊڀريءَ جي مدرسي مان عربي ۽ فارسيءَ ۾ ڀڙ ٿيو. سندس طبيعت ۾ سنجيدگي، سادگي ۽ نرمائي زياده کان زياده هئي، خداوند سندس ذهن تيز ڪيو هو؛ جنهن ڪري ٿوري وقت ۾ سنڌيءَ سان گڏ انگريزيءَ جي به خاص ڄاڻ حاصل ڪري ورتائين.


(1)– ”ڀٽا“ ، اصل ”آرائيڻ“ آهن. هي لفظ سنسڪرت زبان جو آهي؛ جنهن جي لغوي معنيٰ آهي: باغائي. ڪچيءَ (ڀاڄين) جو واپاري يا کين وڪرو ڪندڙ، آرائين صوبي پنجاب جي ”حصار“ ضلعي ۾ ڪثرت سان آباد آهن.

(1)– سندس جد- امجد جو سلسله - نسب هن ريت آهي: مير غلام مرتضيٰ ڀٽو ولد خدا بخش ولد دودا خان ولد پير بخش ولد سهتو خان ولد ابڙو خان ولد محمد قاسم ولد مٺو خان ولد فتح محمد خان ولد محمد خان ڀٽو (جنهن ”حصار“ مان، اورنگ زيب عالمگير جي ڏينهن ۾، سنڌ جي هڪ روحاني پيشوا جي اشاري تي، 1162 هه = 1747ع ڌاري باقبائل لڏي، لاڙڪاڻي ۾ اچي سڪونت اختيار ڪئي هئي.

(1)– سندس ٺاهيل پارٽيءَ کي، سندس لائق فرزند، فخر - ايشيا، قاعد عوام، ذوالفقار علي ڀٽي صاحب (1928ع – 1979ع) خوب اڀاريو.

(2)– هي عهدو، ان زماني ۾ اهم سمجهيو ويندو هو، جيڪو عموماً سياسي بصيرت واري کي سونپيو ويندو هو. سر صاحب، قيام- پاڪستان بعد به ڪافي وقت ان عهدي تي فائز رهيو.

(1)– شڪارپور جو شهر 1026 هه مطابق 1617ع ۾ قائم ٿيو هو.

] "A visit to the Court of Sind" – Alexander Burnes, Edinburgh, 1913, P. P 336 [

(2)– جناب قاضي عبدالحي ”قائل“ رتيديرائي جي چوڻ مطابق سر غلام حسين کي سندس والد بزرگوار قاضي عبدالحق ولد مولوي قاضي خوش محمد (1850ع – 1930ع)، پنهنجي طرفان ذاتي مدد ڏيئي پڙهائڻ ۾ هٿ ونڊايو هو. ان وقت جي دستور موجب موروثي ”قضا“ ڪندڙ کي ”سب رجسٽرار“ مقرر ڪيو پئي ويو. قاضي عبدالحق به انگريزن جي اچڻ سان انهيءَ عهدي تي فائز ٿيو. پهريائين کين پگهار نه ملندو هو ۽ صرف داخلا جو حصو ملڻ لڳو. هي عهدو 1922ع کان پوءِ مستقل ملازمت هيٺ آڻي، باقاعده پگهاردار بنايو ويو.

(1)– ” هي پهريون سنڌي مسلمان هو، جيڪو ايڏي اعليٰ منصب تي وڃي رسيو هو.“

]"North India, Who`s Who" (sind & Baluchistan), The Mehta Publicity Corporation Lahore, ILLUSTRATED 1942: P.P 12[.

(1) – در اصل ”جوت“ اخبار، عيسائي مذهب کي فروغ ڏيڻ لارءِ جاري ڪئي هئائين. منجهس مذهبي عنوانن سان گڏ علمي، ادبي سياسي، سماجي، اخلاقي، اقتصادي، تاريخي ۽ تفريحي ۽ قصصي سرا به ڏيڻ لڳو.

(2) – هي ڪتاب "Akempis" جي مشهور تصنيف "Imitation of Christ" جو سنڌي زبان ۾ ترجمو آهي، ”جنهن ۾ ”عيسائيت“ بابت پرچار آهي.

(1) – ”ميڻن“ کان ”رانوتي“ ، هڪ ميل جي مفصلي تي واقع آهي؛ جتي رات صوفين جي سماع ۽ سرود جي محفل مچندي آهي؛ جنهن جو سرواڻ ديوان نيڀو مل هو

(1)– سيٺ صاحب لاڙڪاڻي ۾ ”سننام بلڊنگ“ ۾ اچي رهيو، جيڪا 1939ع ۾ جڙي راس ٿي هئي. ان وقت سندس عمر 50 ورهيه کن هئي.

(1)– ڳوٺ ”ٿلهو“، تعلقي ميهڙ جي حدن ۾ واقع آهي؛ جتان جو ساڌو ٽهلرام صاحب رهاڪو هو. وڏو ودوان ۽ عامل انسان هو. ويدانيت (تصوف) جو ڄاڻو ۽ ”هم اوست“ جي اصولن جو حامي هو. ڪيترائي سندس معتقد هئا. سيٺ گوبندرام به پنهنجي ستگر جي ياد ۾ روزانو ڳچ وقت محو هوندو هو.

(1)– پاڻ متعلوي سيدن جي شاخن مان هڪ وڏي خاندان جو فرد ۽ وڏيءَ پڄنديءَ وارو شخص هو. [”الوحيد“ (سنڌ آزاد نمبر)، 15 جون 1936ع، ص -163].

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org