مخدوم شهيد عبدالرحيم گرهوڙي رح
[
1739 – 1787 ]
هن
برگزيدي مجتهد، عالم، صاحب- شريعت ۽ شاعر، مخدوم
عبدالرحيم ولد سعدالله مڱريو رح جي ولادت 22
ذوالقعد 1152هه مطابق 3 جولاءِ 1739 تي ڳوٺ گروهڙ،
تعلقي ساماري، ضلعي ٿرپارڪر ۾ ٿي آهي.
ابتدائي تعليم گروهڙ جي اُترين طرف ڳوٺ چوٽيارين
مان آخوند نور محمد مبين بن رد کان ورتائين. پاڻ
ڄمنديئي ڄام هو. خداوند کيس ذهين ۽ عقل ۾ اڪابر
بڻايو هو؛ جنهن ڪري ذڪائت سببان ننڍڙي ڄمار ۾ ئي
وڏا وڏا ڪتاب پڙهي پورا ڪيا هئائين. ايتري تائين
جو بحث مباحثي ۾ به ساڻس ڪو برميچي نه ٿي سگهيو.
ميان عبدالرحيم صاحب جيتوڻيڪ ظاهري علم جا تمام
ڪتاب پڙهي پورا ڪيا، مگر سندس دلي رجحان باطني فيض
حاصل ڪرڻ ڏانهن هو. انهيءَ سلسلي ۾ هو ڪنهن روحاني
رهبر جي تلاش ۾ رڌل رهيو؛ جنهن ڪري شاه سيد عنايت
صوفي (1655ع – 1718ع) جي درگاه تان، خليفي ميان
ابن سمي کان هدايت مليس، ته ”اوهان پنهنجي وڌيڪ
عقده ڪشائيءَ لاءِ لواريءَ جي درگاه تي وڃو، ته
بهتر آهي!“
مخدوم گروهڙي صاحب، جيئن ته پاڻ هڪ عالم ۽ عامل
شخص هو؛ وقت جي پيرن فقيرن ۽ ساداتن تي اک به نه
ٻڏندي هيس؛ ايتري تائين جو لواري شريف جي بزرگ،
سلطان الاولياءُ خواجه محمد زمان رح (1713ع –
1774ع) جهڙن مڃيل بزرگن ۽ اهل الله صوفي درويش جي
ڪاڻ به ڪين پيئي ڪڍيائين. حتيٰ ڪه مٿن ٽوڪون،
ٺٺوليون ۽ خوب چٿرون به ڪندو آيو. بالاخر سندس
مرتبي جو اعتراف ڪندي، وڃي معتقد بڻيو. پوءِ ته
ڪامل مرشد جي رهبريءَ ۽ رهنمائيءَ هيٺ حقيت جون
روشن راهون ڏسندي، وڏي واڪي چيائين، ته مون جهڙو
عالم، فاضل، فقيہ مؤرخ، مفتي ۽ محدث ملڪن ۾ ڇڊو
لڀندو، مگر جڏهن کان خواجه صاحب جن جي دست بيعت
ڪئي اٿم، تڏهن کان سڀ ويڇا وسري ويم. بس، آءٌ ته
پاڻ کي مرشد آڏو اهڙو ته هچارو سمجهندو آهيان،
جهڙو جاهل، فاضل اڳيان!“ وقت جي حاڪم ميان سرفرا
ڪلهوڙي، ڪن شرارتي ملن جي چرچ تي، مخدوم صاحب جي
خلاف شرعي مناظرو به ڪرايو هو ؛ جنهن ۾ مخدوم صاحب
تمام ملن کي قرآن ۽ حديث جي روشنيءَ ۾ ٽوٽا چٻائي
ڇڏيا. پوءِ ته حاضرين سندس ذهانت ڏسي، رفو چڪر ٿي
ويا. هوڏانهن ڪلهوڙن حاڪمن کي پاراتو ڏيندي، پاڙان
ئي پٽي ڇڏيون.
مخدوم صاحٻ دين جي دشمنن سان مقابلي کي وڏي اهميت
ڏيندو هو. کيس معلوم ٿيو، ته هتان (ڳوٺ) کان سٺ
ميلن جي مفاصلي تي هڪ وڏو بت خانو ”مهاڏيو جي
مڙهي“ آهي؛ جنهن ۾ هر قسم جون برايون ۽ بڇڙايون ٿي
رهيون آهن – ڪيئن به ڪري کيس تباه ڪجي. اها ڳالهه
سندس اندر ۾ ڪنڊي جيان چپي رهي هئي. مگر وٽس ايترا
ماڻهو ڪونه هئا، حالانڪ سندس مرشد به کيس روڪيو
هو، ته ”مڙهيءَ جا محافظ گهڻا آهن ۽ تون بي ثمر
آهين – بهتر آهي، ته بس ڪر!“ تنهن تي پاڻ وراڻيءَ
۾ چيائين، ته:
”جي هوءَ مڙهي ڀڳي، ته به فتح اسانجي،
پر جي هيءَ مڙهي ڀڳي، ته به فتح اسانجي.“
حالانڪ مخدوم صاحب ڀليءَ ڀت ڄاتو به ٿي، ته مقابلو
بالڪل سخت آهي، مگر خدا تي ڀروسو ڀانئين، مٿس ڪاهي
ويو. ڪامل ڪوريءَ جي رهبريءَ سان رستي جو سونهون
ٿيون. بالاخر سخت مقابلي جي ضد ۾ اچي ”جهاد في
سبيل الله“ ۾ سر ڏيندي، فتح سان گڏ چاليهن ورهين
جي نو عمر ۾ جام- شهادت جو مرتبو ماڻيائين. هي
واقعو ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي چٽا ڀيٽيءَ واري دور
دوران غالباً (1192هه = 1878ع) ۾ ٿيو هو. سندس
آخرين آرام گاه ”گروهڙ“ بڻيو.
مخدوم صاحب شريعت توڙي طريقت جي سلسلي ۾ عربي،
فارسي ۽ سنڌي زبانن ۾ ڪافي ڪتاب قلمبند ڪيائين، جن
مان گهڻا مدد خان پٺاڻ جي ڦرلٽ وقت لڏ پلاڻ ۾ ضايع
ٿي ويا. باقي سندس محفوظ ڪتاب ”فتح الفصل“، ”شرح
ابات سنڌي“، ”مڪتوبات“ ۽ ”رساله گل نما“ چيا وڃن
ٿا. سنڌي زبان ۾ سندس ڪافي ڪلام به آهي، جيڪو بيتن
جي صورت ۾ تربيت ڏنل آهي. پاڻ ”الف اشباع“ جي نظم
۾ ديني ڪتاب به لکيائين. ازانسواءِ قرآن پاڪ جي
ڪيترين سورتن جو سنڌي زبان ۾ پڻ ترجمو ۽ تفسير به
لکيائين سندس سنڌي ڪلام جا هن وقت تائين صرف چار
ڇاپا ڇپجي چڪا آهن، جيڪي نواب ڪانڀو خان (ليٿو ۾
1904ع)، مولوي عبدالرحيم مگسي (ليٿو ۾ 1931ع)، علي
نواز حاجن خان جتوئي (ٽائيپ ۾ 1956ع) ۽ شمس
العلماءُ ڊاڪٽر عمر بن دائود پوٽو صاحب (مصري
ٽائيپ، 1956ع) “ پڌرا ڪيا آهن. هيٺ مخدوم صاحب جي
ڪلام جو نمونو ڏجي ٿو:-
ڪي اگهاڙا ئي ڍڪيا، ڪي ڍڪيا اگهاڙا؛
ڪي پيادا ئي پاتشاه، ڪي ڏوليءَ ۾ ڏکيا؛
ڪي سدا ڪسب قوت ۾، پوڄت پيٽ نه آه؛
ڪنين دائم ديڳ چڙهي، ڪسب ڪل نه ڪا؛
ڪي ستائي سرفراز ٿيا، ڪي روندائي رهيا؛
ڪا ڪتي ۽ ڪين وڻي، ڪي ستيائي سنڀاءِ؛
ڇڏيو اٽڪل عقل جي، ڪوزا قياسا؛
”ان
الحڪم الا لله: همہ هٿ خدا؛
سبب
جن سنڍ وريا، سي اڃان اوراهان.
مخدوم صاحب جا سنڌي ابيات مولوي ابوالحسن ۽ مخدوم
محم هاشم ٺٽوي رح جن جي تنبع، تحرير، تسلسل ۽
روانيءَ جي نون رنگن ۽ ڍنگن سان سرشار نظر اچن ٿا؛
جن مان تصوف جي گونا گون گهراين جو پتو پوي ٿو.
مخدوم عبدالرئوف ڀٽي رح
[
1682ع – 1752ع ]
مخدوم عبدالرئوف ”عاصي“ ولد مخدوم محمد عمر ڀٽي،
ضلعي حيدرآباد جي پراڻن هالن ۾، ميان نور محمد
ڪلهوڙ: جي صاحبيءَ ۾، 1094هه مطابق 1682ع ۾ تولد
ٿيو. سندس جد- امجد اهل الله صوفي بزرگ، مخدوم
احمد ڀٽي رح هو. ابتدائي تعليم وقت جي بزرگن ۽
فقيهن کان حاصل ڪري، فارغ التحصيل ٿيو. نهايت بلند
اخلاق، سنجيده شيرين زبان، خوشطبع، عابد، زاهد ۽
متوڪل علي الله ٿي گذريو آهي. سندس ذهانت جو ڪو
ڇڊو مٽ ملندو.
وقت
جي عارف ڪامل، جيد ۽ باصلاحيت عالم هجڻ سان گڏوگڏ
سنڌي زبان ۾ نعتيه شاعريءَ جي مشهور ”مولود“ واري
صنف جو بهترين شاعر تسليم ڪيو وڃي ٿو. مداحون،
وايون ۽ ڪافيون به چيل اٿس. مگر ”مولود“ واري صنف
۾ حد ڪمال ڪيو اٿس. ”عاصي“ تخلص سان شاعريءَ جو
آغاز ڪيائين. خاص ڪري علم عروض جي ٽيڪنڪ تي سندس
مولود مرتب ٿيل ملن ٿا؛ ۽ مداحون، الف اشباع جي
تسبيح ۾ پوئيندي، نهايت ئي ڪماليت سان قلمبند ڪيون
اٿس. سندس مولود جا موضوع: نبي صلعم، سندس اعليٰ
شان ۽ رتبي، سوانح پاڪ، سائين جي ساراه، عام فيض،
ڪرم ۽ شفاعت جي سهاري، روضي مبارڪ جي زيارت ۽ حج
وغيره جي تمنا سان همڪنار آهن ؛ جن جي لازوال
مرڪزي وراڻي ”منارا مير مرسل جا، ڏسان شال ڏيهه سڀ
ڏوري“ سان منسلڪ آهي.
ميان نور محمد ڪلهوڙي جو مٿس وڏو راز هو. پاڻ به
ڪلهوڙي حاڪم جي دل و جان سان عزت ڪندو هو. ٻه ڀيرا
حج بيت الله شريف جي زيارت نصيب ٿيس. آخري ڀيري
(1161هه = 1747ع) ۾ عربستان ويو، جتي 1166هه مطابق
1752ع ۾ وڃي خدا جي رحمت سان واصل باالله ٿيو. سڄي
حياتي ري اولاد رهيو. هيٺ سندس هڪ ”مولود“ نموني
خاطر ڏجي ٿو:-
منارا مير مرسل جا، ڏسان شال ڏيهه سڀ ڏوري.
هلي
هالا، مٽيان مسڻ، اُنڙپور کي ڇڏيان اوري،
مٽيارن جي ڪعبي کان، گهايون، مانجهند ڇڏيان گهوري.
ڪوٽ، ڪوٽڙي، کها، کوکر، سونڊا، سيرين ڇڏيان سيري
ننگر بندر ۽ باگاڻا، ڪراچيءَ کان وڃان ڪوري.
مسقط، مطر ۽ مربالون، ڪو مڪلان، مٽيان موري.
حدودي مان هلان هل سان، جدي ۾ جاءِ ويهان جوڙي.
هلان جدي منجهان مڪي، ڪريان طواف ڪعبي جو،
پيان پاڻي سندو زم زم، ڇڏيان احرام اُت ڇوڙي.
مديني جي خاڪ سڀ سرمون، وجهان اکين ڀتر ڀوري،
”عبدالرئوف“ چئي سر ڪريان صدقي، رکي ڪرسي اڳيان
ڪوري.
مخدوم محمد زمان ”طالب الموليٰ“
[
ولادت 1338هه = 1919ع ]
درگاه مخدوم نوح هالائيءَ جو سورهون سجاده نشين،
سنڌي زبان جو ممتاز شاعر، اديب ۽ سياستدان، مخدوم
محمد زمان”طالب الموليٰ“ ولد مخدوم غلام حيدر
صديقي قريشي، آچر ڏينهن 9 محرم الحرام 1338هه
مطابق 6 آڪٽوبر 1919ع تي هالا نوان (حيدرآباد) ۾
تولد ٿيو. سندس سلسله- نسب حضرت اَبوبڪر صديق رضه
جن سان ملي ٿو. مخدوم نوح رح وقت جو غوث، مجدد،
طريقت جي تبليغ جو پيش رو ۽ صاحب - تصنيف شخص ٿي
گذريو آهي. لکين سندس معتقد هئا؛ جنهن ڪري عام طرح
”نو لکي گودڙي وارو بزرگ“ سڏبو هو.
مخدوم طالب الموليٰ جو والد بزرگوار مخدوم محمد
سعيد المعروف غلام حيدر ولد مخدوم ظهير الدين عرف
پروڄار صديقي - 12 ذوالحج (1316هه = 1998ع) تي
تولد ٿيو؛ ۽ 30 ذوالحج 1363هه مطابق 16 ڊسمبر
1944ع تي اڱاري ڏينهن دارالبقا ڏانهن راهي ٿيو.
وڏو مخلص، غريبن جو غمخوار، همدرد ۽ هڏ ڏوکي انسان
هو. زماني جي مصروفيتن سان گڏ نيڪين طرف سندس ڌيان
هو؛ جنهن ڪري خلق- خدمت لاءِ ڪافي ڪم سرانجام
ڏنائين. خاص ڪري درسگاهن ڪتابن سان مزين ڪيائين.
شريعت جو پابندي ۽ اڪثر ذڪر اذڪار ۾ رڌل رهيو.
سندس اولاد ۾ مخدوم محمد زمان نالي نينگر پيدا ٿيو
آهي؛ جنهن جي سر تي 1945ع کان ”سروري درگاه هالا“
جي سجاده نشينيءَ جو سهرو پيو آهي.
”درگاه سروري هالا“ جي هن روحاني پيشوار، مخدوم
محمد زمان ابتدا ۾ قرآن پاڪ ناظران سان گڏ فارسي ۽
عربيءَ جي تعليم پنهنجي والد بزرگوار وٽان ورتي.
اهڙيءَ طرح سنڌي زبان ۾ به ڪافي ڪتاب وٽانئس پڙهي
ڀڙ ٿيو. ننڍپڻ کان سگهڙن ۽ شاعرن جي صحبت ۾ شعر و
شاعريءَ جو سوق جاڳيس؛ ۽ 1930ع ۾ پايهءِ تڪميل تي
پهتو. انهيءَ سلسلي ۾ ”بيوس“، ”فراقي“، ”زمان شاه“
۽ ”طالب“ تخلص اختيار ڪيائين. آخر 1949ع ۾ باقاعده
”طالب الموليٰ“ کي پنهنجي نالي جو حصو بڻايائين؛
جنهن نالي سان اڄ علمي ۽ ادبي دنيا ۾ ڄاتو سڃاتو
وڃي ٿو.
مخدوم صاحب ادبي شوق کي جاري رکندي، ”الزمان“ نالي
هالا ۾ پريس قائم ڪئي؛ جنهن ۾ ”الزمان“ ۽ ”پاسبان“
هفتيوار اخبارون به ڪڍڻ لڳو – 1950ع ۾ سندس
سرپرستيءَ هيٺ ماهوار ”فردوس“ ”طالب الموليٰ“،
”شاعر“ ۽ ”روح ادب“ رسالا به نڪتا – 1952ع کان
”جميعت الشعراءُ سنڌ“ جو صدر چونڊيو ويو – 1954ع ۾
سنڌي ادبي بورڊ جو ميمبر، 1955ع ۾، ”لطيف يادگار
ڪاميٽي“ جو ميمبر ۽ 1956ع ۾ ريڊيو پاڪستان
حيدرآباد جي مشاورتي ڪاميٽيءَ جو رڪن بڻيو آهي.
”ون يونٽ“
(one
unit)
کان اڳ پاڻ سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر ۽ ان کانپوءِ
قومي اسيمبليءَ جي رڪنيت به حاصل ڪيائين.
ايترين سارين علمي، ادبي، سياسي، سماجي، تعليمي ۽
ثقافتي مصروفيتن جا باوجود به ڪتاب لکڻ ۽ شاعريءَ
جو شوق برقرار رکڻ – غير معمولي ذهانت جو سبب آهي،
تقريباً ٻاويهه ڪتاب سندس قلم جي زينت بڻيل آهن؛
جن مان: ”بهار طالب“ (1956ع)، ”شيطان ابوالجنان“
(1951ع)، ”اسلامي تصوف“ (1951ح)، ”ياد – رفتگان“
(1953ع)، ”امام غزاليءَ جا خط“ (1953ع)، ”ڪافي“
(1962ع) ۽ ”ڇپر ۾ ڇڙيون“ (1971ع) ۾ پڌرا ٿي چڪا
آهن. جڏهن ته: شان سروري، اشارات شاه، مثنوي عقل و
عشق، منتخب غزليات، سماع العاشقين في سروس
الطالبين، خود شناسي، ڪچڪول، ڪوڙ ۽ سچ، تفڪرات،
عجيب لغت سنڌي، سنڌ جو شڪار، مصريءَ جون تڙونم
بياض طالب الموليٰ، رباعيت طالب ۽ مضامين طالب
الموليٰ اڃا قلمي صورت ۾ وٽس پيل آهن.
مخدوم صاحب جي شاعري، سنڌي زبان ۾ اعليٰ مقام رکي
ٿي. سندس ڪلام ريڊيو ۽ ٽي - وي تان پڻ ڳايو پيو
وڃي.سندس خدمتن عيوض حڪومت پاڪستان کيس ”تمغئه
پاڪستان“ جو اعزاز پڻ ڏنو آهي. خداوند سندس حياتي
وڏي ڪندو.
مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رح
[
1691ع – 1760ع ]
سنڌ
جي بزرگ هستي، يگاني شخصيت ۽ جيد عالم، مخدوم محمد
هاشم ولد مولوي عبدالغفور سنڌي، ضلعي ٺٽي، تعلقي
ميرپور بٺوري جي ڪچي واهڻ ۾، 10 ربيع الاول 1104هه
مطابق 1691ع ۾ ولادت ورتي. سندس جد- امجد قريش
قبيلي مان هئا، جيڪي پنهنجي ڏاڏي حارث جي اولاد
مان آهن. سندس والد بزرگوار نيڪ مرد ۽ خدا دوست
انسان هو؛ جنهن کان ابتدائي تعليم حاصل ڪيائين.
سندس وفات 1113هه (1700ع) بعد، مولوي محمد سعيد ۽
مخدوم ضياءُ الدين جن وٽان فارغ التحصيل ٿيو.
مخدوم صاحب، ميرپور بٺوري لڳ ”محراب پور“ ۾ ديني
درسگاه کوليو هو. پاڻ باشريعت انسان هو. سندس
اقبال ۽ انتظام کان وقت جا عالم خفي ٿيڻ لڳا.
ايتري تائين جو مٿس ٽوڪون ۽ ٺٺوليون ڪرڻ لڳا. حتيٰ
ڪه من گهڙت بهتان مڙهي کيس داغدار بڻائڻ جي به
ازحد ڪوشش ڪيائون. آخر مخدوم صاحب تنگ ٿي محرابپور
مان موڪلائي، ٺٽي ۾ وڃي ٺڪاڻو ٺاهيو.
ٺٽو، ان وقت علم ادب جو مرڪز هو. منجهس مختلف فرقن
جا عالم، صوفي، درويش ۽ اعليٰ پايي جا شاعر رهندا
هئا. ازانسواءِ علمي بحث مباحثن جو پڻ چڱو چهچٽو
هو. انهيءَ علمي جستجو ۾ مخدوم صاحب جو ديني
درسگاه به ديسان ديس مشهور ٿيڻ لڳو، ايتري قدر
تقريرن خواه تحريرن توڙي شرعي تبليغ ۾ پڻ وڏي شهرت
ورتائين.
ايتري ساري سجاڳيءَ جي باوجود به ٺٽي شهر ۾ ڪيترون
ئي غير شرعي ۽ دين جي خلاف ڪار گذاريون ٿينديون
رهيون، جن کي مخدوم صاحب ٻڌي ۽ ڏسي برداشت ڪري نه
سگهيو. باالخصوص مخدوم محمد معين ٺٽوي رحه به
سندس ضد ۾ اچي ويو. پوءِ ته انهن براين جي پاڙ پٽڻ
لاءِ پاڻ کي وقف ڪري ڇڏيائين. انهيءَ سلسلي ۾ وقت
جي حاڪمن: ميان غلام شاه ڪلهوڙو، نادر شاه بادشاه
۽ احمد شاه ابداليءَ جن سان به خط و ڪتابت شروع
ڪيائين. ميان غلام شاه پنهنجي تمام ڪامورن کي
مخدوم صاحب جي هن سلسلي ۾ ٻانهن ٻيلي ٿيڻ جو حڪم
صادر ڪيو .
مخدوم صاحب علم ۽ عمل جو مجسمو، اسلامي دنيا جو
داناءُ، مصلح ۽ اعليٰ پايي جو مقرر هو؛ ۽ ساڳئي
وقت تقريباً ڏيڍ سؤ کن عربي، فارسي ۽ سنڌي ڪتابن
جو مصنف به هو. (1135هه = 1722ع) ۾ حج بيت الله
شريف جي زيارت لاءِ اُسهيو. مديني شريف پهچي، اتي
به دين جو درس ڏيڻ لڳو. واپسيءَ تي (1137هه =
1724ع) ۾ سورت بندر وٽ، نقشبندي بزرگ سيد محمد
سعدالله سورتيءَ جو معتقد بڻيو. پوءِ ٺٽي پهچي
لڳاتا لڳن سان دين جي خدمت ڪندو رهيو. هي عالم
رباني، زاهد الزمان، ساده طبع، تڪلف ۽ تصنع کان
عاري، علم جو ڀنڊار 1174هه مطابق 1760ع ۾ هي فاني
جهان ڇڏيو. سندس آخرين آستانو مڪليءَ جي ٽڪريءَ تي
ٿيو. مخدوم عبداللطيف نالي فرزند هوس مخدوم صاحب
جي تصنيفات مان عالمانه ۽ محققانه انداز - بيان جو
پتو پوي ٿو. اڄ به سندس ڪجهه ڪتاب مصر جي الازهر
يونيورسٽيءَ ۾ درسي طور پاڙهيا پيا وڃن. سندس
تحرير مولوي ابوالحسن جي سنڌيءَ جيان آهي. سنڌي
زبان ۾ سندس شاهڪار ”فرائض الاسلام“، ”زاد
الفقير“، ”قوت العاشقين“ ۽ ”ذبح شڪار“ چيا وڃن ٿا.
شاعريءَ جي لحاظ کان ”الف اشباع“ کي ترجيح ڏني
هئائين. نموني طور سندس سنڌي هيٺ ڏجي ٿي:-
”بقا ناه بلاد کي دنيا ناهه دوام؛
اجل ٿيو اوتون ڪري ٿي قريب قيام؛
سمر
سندي ساٿيا ڪرهو تات تمام؛
ڊڄو
ڊاءِ ڌڻيءَ جي آگل پر علام؛
ڪريو ياد ڪريم کي سنجهي صبح شام؛
ڪهو ڪلمو صدق سين مٿي محمد ڄام“.
مخدوم نوح هالائي رح
[
1505ع – 1589ع ]
سر
زمين سنڌ جو عظيم فرزند، ”نو لکي گودڙيءَ وارو
بزرگ“، سنت و اثقا جو ڪامل نمونو، عارف ۽ ديني
تعليم و تربيت جوگهارو، غوث الحق مخدوم لطف الله
المعروف مخدوم نوح
ولد
مخدوم نعمت الله صديقي قريشي، جمع جي رات 27 رمضان
المبارڪ 911هه مطابق 12 آگسٽ 1505ع تي، بيبي سڪينه
جي بطن مان، هالا ڪنڊي (هالا) ۾ ڄائو هو. سندس
نسبي سلسلو ايڪويهين پشت ۾ حضرت ابوبڪر صديق رضه
(572ع – 634ع) جن سان وڃي ملي ٿو. سندس ولادت بابت
حسو فقير چاڪي، مجذوب ٽوڙي ۽ شيخ ڀرڪيو ڪاتيار رح
جهڙن بزرگن، مجذوبن ۽ عالمن سڳورن جون پيشنگويون
ٿيل هيون، ته ”جلد اهڙو نينگر پيدا ٿيندو؛ جنهن کي
هر دم حضور حاصل هوندو“– سچ پچ ٿيو به ائين.
مخدوم نوح رحه جو جد- امجد شيخ االدين ڪبير عرب
مان هجرت ڪري ديري غازي خان جي ڳوٺ ”ڪوٽ ڪروڙ“ ۾
اچي رهيو. هي ڳوٺ خداوارن جو اڳ ئي رهائشگاه هو،
ويتر شيخ فخرالدين رح جي اچڻ سان ولايت جو مبنع
بڻجي ويو. ڳچ سالن بعد شيخ صاحب سياحت جي خيال سان
گهمندو ڦرندو اچي بوبڪن ۾ نڪتو. بوبڪ انهن ڏينهن ۾
بزرگن ۽ عالمن جو مسڪن هو؛ جنهن ڪري شيخ فخرالدين
به هتي ئي مستقل رهائش اختيار ڪندي، باقي زندگي
دين جي تبليغ ۾ گذاري. ڪافي ڪرامتون کانئس سرزد
ٿيون. هوڏانهن سندس اولاد مان مخدوم فخرالدين
صغير، ڪوٽ ڪروڙ ڇڏي اچي هاله ڪڊيءَ ۾ سڪونت اختيار
ڪئي. وڏو عارف، عابد ۽ زاهد شخص هو؛ جنهن ڪري
ڪيترائي لاکا، ميمڻ، سومرا ۽ ٻيا مقامي باشندا
سندس پوئلڳ بڻيا. سندس پونيرن لاکن ۽ سومن مان
شاديون ڪيون هيون.
مخدوم صاحب جو ننڍپڻ کان جوانيءَ تائين وقت نهات
پرهيزگاري سان گذريو آهي. سندس ابتدائي اُستاد
مخدوم شاهد ڏنو عرف عربي ڌيانه رحه هو؛ جنهن وٽان
25 سيپارا، وهب ۽ عطا، عام لدني ۽ فقہ جا چنڊ ڪتاب
پڻ پرهيو هو. ايترو ته ذهين هو؛ جو سندس استاد ۽
هم سبق شاگرد به سندس علمي بصيرت تي دا ڏيندا هئا.
هڪ دفعي پاڻ کين ٻڌايو هئائين، ته ”مون کي ٻنهي
جهانن جي سردار حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليہ
وسلم جن وٽان چار شيون عطا ٿيون آهن: ذڪر جو سبق،
قرآن جو تفسير، حديث جو فهم ۽ خواب جو تعبير“.
سندس سلسله- طريقت ”سهروردي اويسي” هو.
|