سيد
صاحب کي، قوم لاءِ هر وقت اونو هوندو هو. ننڍي
خواه وڏي ۽ امير توڙي غريب لاءِ وٽس ساڳئي ئي ڪرسي
هئي. ڪنهن کي به ڪڏهن گهٽ نه گهريائين. اهوئي سبب
هو، جو 24 ورهين جي عمر ۾ دهليءَ جي وائسراءِ جي
ليجسليٽو اسيمبليءَ جو رڪن منتخب ٿيو. موقعي ملڻ
سان، ويتر قومي خدمت کي پنهنجو فرض ڪري ڄاتائين،
ان زماني ۾، سنڌ جي ماڻهن تي، غيرآباد پيل زمين تي
زوريءَ ڍل وصول ڪئي ويندي هئي؛ جنهن کي ”نوبت“
چوندا هئا. نوبت نه ڏيڻ جي صورت ۾، زمين ضبط ٿيندي
هئي. سيد صاحب هن ڏس ۾ ذاتي دلچسپي وٺي، نوبت کي
هميشہ هميشہ لاءِ معاف ڪرائي ڇڏيو.
سيد
صاحب، قومي خدمتن سان گڏوگڏ سخاوت ۾ به مشهور هو.
وس ورندي ضرورت مند خواه محتاج در تان واپس نه
موٽائيندو هو. قومي خدمتن عيوض، سرڪار طرفان کيس
”فرسٽ ڪلاس آنرري مئجسٽريٽ“ به مقرر ڪيو ويو؛ جنهن
عهدي تي پاڻ ڪافي وقت رهيو. سندس پوشاڪ سادي ۽
گهڻو ڪري سفيد هوندي هئي. اڪثر پهرياڻ تي پٽڪو
ٻڌندو هو. انگريزي رواج موجب ٽاءِ
(Tie)
به ڳچيءَ ۾ وجهندو هو. پيرن ۾
سنڌي جتي ۽ موسم مطابق ڪوٽ پائيندو هو.
پاڻ
عوام جي سک ۽ سهنج لاءِ ڪيترائي ڪم ڪيائين. خاص
ڪري مسلمانن جي تعليم لاءِ 1903ع ۾ نوشهري فيروز ۾
مدرسو قائم ڪري، مسلمان ٻارن کي خوب همٿايائين.
مدرسي لڳ ٻاهران آيل شاگردن لاءِ رهائشگاه (هاسٽل)
پڻ تعمير ڪرايائين. اڄ هي مدرسو هاءِ اسڪول جي
صورت ۾ سندس ياد تازي ڪري رهيو آحي. اهڙيءَ طرح
لوڪل بورڊ جي سهڪار سان نياڻين جي تعليم لاءِ پڻ
ڪافي مڪتب کولرايائين .
افسوس! سنڌ جي هن مثال انسان کي حياتيءَ ساٿ نه
ڏنو؛ جنهن ڪري 53 ورهين جي ڄمار ۾، 1338 هه مطابق
1919ع تي راه رباني ورتائين. پاڻ صوم صلوات جو
پابند ۽ هر روز صبح جو قرآن پاڪ جي تلاوت ڪندو هو.
مسجدون جوڙائڻ، مسافر خانا ٺهرائڻ، کوه کوٽائڻ ۽
آئي وئي لاءِ کاڌي جو بندوبست ڪرڻ – سندس خاص
مشغلو هو. ازانسواءِ سرڪاري ڪمن سان وڏو سهڪار
ڪيائين سندس خدمتن عيوض سرڪار کيس آفرين نامن سان
گڏ ”آنربل“ ۽ ”خانبهادر“ جا خطاب به ڏنا. پٺيان ٻه
فرزند: قرارو شاه ۽ محمد علي شاه ڇڏيائين.
سيد ثابت علي شاهه
[
1740ع – 1810ع ]
سيد
ثابت علي شاه ولد سيد مدار علي شاه، ميراڻي دور ۾
سنڌي زبان جو هڪ بلند پايه شاعر ٿي گذريو آهي.
سندس ولادت 14 محرم الحرام 1153 هه مطابق 1740ع تي
ٿي آهي. خاص ڪري ”مرثيه“ جي صنف ۾ ته سندس نالو سر
– فهرست آهي. پاڻ اصل ملتان (پنجاب) جو هو.
زندگيءَ جو وڏو حصو سيوهڻ شريف ۾ گذاريائين، جتي
72 ورهين جي ڄمار ۾، 27 ربيع الثاني 1225 هه مطابق
1810ع تي راه رباني ورتائين. پاڻ جيتوڻيڪ پڪو شيعو
هو ۽ شيعن حاڪمن (ميرن) جو خاص ماڻهو هو. تڏهن به
عقيدت جي لحاظ کان چئن يارن سڳورن ۽ بادشاه پير
دستگير سيد عبدالقادر جيلاني رح جن جي شان ۾
مداحون به چيون اٿس. نموني طور سندس هڪ ”مرثيه“
مان چند مصرعون هيٺ ڏجن ٿيون.
”شام غربت مثل هو صبح يتيمان حسين،
وا حسرٽا به صبح يتيمان ڪربلا.
صبح محشر مثل ٿيو شام- غريبان حسين،
وا غربتا به شام غريبان ڪربلا.“
سيد
حاجي فقير الله علوي رح
[
1688ع – 1780ع ]
اسان جي سکي ستابي ۽ سر سبز سنڌڙي هيرن ۽ جواهرن،
ماڻڪن ۽ موتين سان هميشہ جرڪندي رهي آهي، هونئن به
سنڌ سونهاري صوفين، صالحن، ولين، نيڪ مردن، پيرن
فقيرن، درويشن ۽ درد مندن، فقيهن ۽ فقرائن، قطبن ۽
قلندرن، ۽ سيدن ۽ ساداتن، عالمن ۽ علمائن، مخدومن
۽ محدثن، اهل فڪر، اهل علم، فاضلن ۽ فياضن، سخن
سنج ۽ سخن فهم، سياڻن ’سمجهدارن ۽ سگهڙن، مهمان
نواز ۽ بامروت سنون سڌن سٻاجهڙن سنڌين جو ديس آهي.
سيد
حاجي فقير الله بن سيد عبدالرحمان شاه بن سيد شمس
الدين شاه علويءَ جي ولادت 2 ذوالقعد 1100هه مطابق
21 مارچ 1688ع ڌاري، افغانستان جي جلال آباد شهر ۾
ٿي آهي. سندس سلسله نسب حضرت علي المرتضيٰ رضه جي
فرزند ارجمند ”امام محمد بن حنيفه“ سان وڃي ملي
ٿو.
سيد
صاحب ديني علم افغانستان ۽ برصغير جي مختلف مدرسن
مان حاصل ڪيو هو. ننڍپڻ کان ئي نهايت ذهين ۽ اورچ
هو؛ جنهن ڪري ستت ئي وڏو عالم ۽ فاضل بڻجي پيو.
انهيءَ سلسلي ۾ دنيا جو ڳچ حصو گهمندي، ايران،
عراق، قنڌار، هندستان ۽ عربستان شريف به ويو، جتان
حرمين شريف جي طويل سفر بعد، شيخ محمد مسعود دائم
الشهور نقشبندي بزرگ کي پنهنجو مڃي، کائنس ”قادري
طريقي“ جي پڻ اجازت ورتائين.
شاه
صاحب کي تفسير، علم حديث، فقه ۽ تصوف جي وڏي ڄاڻ
حاصل هئي. غالباً 1150 هه (1737ع) ڌاري شڪارپور ۾
لڏي آيو. جتي پنهنجي خانقاه قائم ڪري، طالبن کي
درس و تدريس ڏيندو رهيو سندس ئي آمد سان شڪارپور،
پوري ايشيا جو روحاني مرڪز بڻجي پئي. پوءِ سنڌ ته
ٺهيو، پر پشاور، لاهور، هرات ۽ قنڌار وغيره کان به
هزارين مشتاق ۽ عقيدتمند، ۽ ٻين به دور دراز هنڌن
کان ڪهي اچي وٽائنس فيضياب ٿيا.
شڪارپور جي هن روشن ضمير اولياءَ ۽ صاحب دل صوفي
درويش جا هونئن ته ڪيترا ئي شاگرد رشيد ۽ عقيدتمند
هئا. سنڌ ۾ پاڳارا خاندان جو باني مياني سيد محمد
راشد بن سيد محمد بقا سندس خاص معتقد هو؛ جنهن شاه
فقير الله علويءَ جو ذڪر پنهنجي ملفوظات ۾ وڏيءَ
عزت ۽ احترام سان بار بار آندو آهي.
شاه
فقير الله علوي، هڪ بلند پايه جي عالم هجڻ سان گڏ
قادر الڪلام شاعر به هو. سندس تصنيفات جو تعداد
هونئن ته بيشمار آهي، مگر چند مشهور ڪتابن جا نالا
هيٺ رقمطراز ڪجن ٿا:-
قطب
الارشاد – طريق الارشاد – جواهر الاوراد – تڪميل
المومنين و الاوراد – فتوحات غيبہ شرح عقائد صوفيه
– فتح الجميل في مدارج تڪميل – فتوحات الاهي –
منتخب الاصول – وثيقہ الاڪابر – قصيده مبروره –
ڪتاب الازهار في ثبوت الاثار – فوايد فقير الله –
محمود الاوراد – شرح قصيده – ملفوظات ۽ علميات –
شرح ابيات – مڪتوبات ۽ براهين النجات من مصائب
الدنيا والمرصات وغيره.
پاڻ
ڪيترن ئي هندن کي مسلمان ڪيائين، جن مان شڪارپور
جو مشهور سيٺ ”هرو مل بجاج“ جو نالو مثال طور ڏئي
سگهجي ٿو. هي خاندان اڄ به نيڀيپور محلي ۾ رهندي،
پشت بپشت پاڻ کي ”هر واڻي شيخ“ سڏائي ٿو.
هن
ڀلاري بزرگ، قطب دوران، غوث الزمان جو 3 صفرالمظفر
1195 هه مطابق 14 اپريل 1779ع تي شڪارپور ۾ ئي
انتقال ٿيو. ۽ اتي ئي سندس مرقد مبارڪ ٺاهي ويئي.
مٿائنس هڪ عاليشان مقبرو تعمير ٿيل آهي. اڄ به
سوين سوالي روزانو مٿس عقيدت جا گل چاڙهين ٿا.
سيد
حسام الدين شاه راشدي
[
ولادت 1329 هه = 1911 ]
سيد حسام الدين ولد سيد حامد علي شاهه راشدي، ضلعي
لاڙڪاڻي، تعلقي رتيديري جي ڳوٺ ”بهمڻ“ ۾، 25 رمضان
المبارڪ 1329 هه مطابق 20 سيپٽمبر 1911ع تي جنم
ورتو. عربي، فارسي، سنڌي ۽ اردو زبانن تي وڏو درڪ
حاصل اٿس – 1927ع ۾ پنهنجي تعليم پوري ڪري، لکڻ
پڙهڻ شروع ڪيائين. صحافت سان وابستگي رکندي، 1930ع
تائين هفتيوار ”سنڌ زميندار“ ۾ ايڊيٽر جا فرائض
بجا آندائين. روزنامہ ”ستاره سنڌ“، ”الوحيد“
”قرباني“، ”مهراڻ“، ”ايران شناسي“ ۽ ”پارس“ وغيره
اخبارن ۾ به ذميواريءَ سان ڪم ڪيائين. ازانسواءِ
ماهوار ”المينار“ ۽ ”نئين زندگيءَ“ سان به سندس
ساٿ رهيو آهي.
پير
صاحب جو شمار وڏن عالمن ۾ ٿئي ٿو. پاڪستان سرڪار
پاران يورپ، مڊل ايسٽ ۽ ٻين به ڪيترين ئي بيروني
ڪاميٽين ۾ نمائندگي ڪئي اٿس. سندس علمي خدمتن عيوض
کيس ”ستاره امتياز“ به مليو آهي. فارسي زبان ۾
تصنيف و تاليف جي عيوض، ايراني حڪومت ”نشان سپاس“
به ڏنو اٿس. هن وقت پاڻ ڪيترن ئي ادارن جو ميمبر
آهي، جن مان انجمن ترقي اردو، اردو ٽرسٽ انسٽيٽيوٽ
آف سينٽرل ويسٽ ايشن اسٽڊيز ۽ اقبال اڪيڊميءَ کان
علاوه ڪراچي يونيورسٽيءَ جي ”فيلو شپ“ به مليل
اٿس.
ايترين سارين خدمتن کان پوءِ به پاڻ وقت ڪڍي،
چاليهارو کن ڪتاب مختلف زبانن ۾ قلمبند ڪيا اٿس؛
جن مان: تاريخ اسلامي ڪتب خانا، مهراڻ جون موجود،
چنيسر نامه، مقالات الشعراءُ تذڪره امير خاني،
تاريخ مظهر شاهجهاني، تر خان نامه؛ حديقته،
الاولياءُ، تحفته الڪرام، سنڌي زبان جي بنيادي
لغت، سنڌي زبان جي ڪاروباري بنيادي لغت؛ ماڪ ڀنا
رابيل، هو ڏوٿي هو ڏينهن ۽ مير معصوم بکري وغيره
غير فاني حيثيت رکن ٿا. زمينداري پيشي سان به کيس
محبت آهي؛ ۽ ڪراچيءَ ۾ رهائش اختيار ڪيل اٿس. سندس
وڏو ڀاءُ، سيد علي محمد راشدي (ولادت 1323 هه =
1905ع) سندس جيان پڻ وڏو عالم ۽ صاحب - تصنيف آهي.
سيد
غلام محمد شاه ”گدا“
[
1826ع – 1900ع ]
سنڌي غزل جو روشن آفتاب، رضوي سادات سيد حاجي غلام
محمد شاه ”گدا“ ولد سيد حسن علي شاه، ميراڻي دور
۾، 1242 هه = 1826ع ۾ حيدرآباد ۾ ڄائو. سندس جد-
امجد، سيد بچل شاه وڏو عابد؛ زاهد، عالم، فاضل ۽
هڪ ڪامل انسان هو. قادري طريقت ۾ رهندي، ڪيترن ئي
عقيدتمندن کي فيض الاهيءَ جي ابدي شرف کان روحاني
فيض طرف مائل ڪيائين.
سيد
حسن علي شاه کي بجاراڻي ٽالپرن وٽ چڱو عهدو مليل
هو؛ جنهن پنهنجي لاڏلي فرزند؛ سيد غلام محمد شاه
کي چڱي تعليم سان مزين ڪيو. اهو ئي سبب آهي، جو
”گدا“ ، عربي، فارسي، سنڌي ۽ اردو زبانن تي چڱي
ڄاڻ حاصل ڪئي هئي. خاص ڪري پارسي زبان تي عبور
حاصل هوس. سندس ابتدائي استادن ۾: قرآن پاڪ گهر ۾
پنهنجي ڏاڏي وٽان، فارسي شراڻي آخوندن وٽان ۽
عربيءَ جي جوت، حيدرآباد ۾ گدو بندر کان ڏاکڻي طرف
ڏيڍ ميل جي مفاصلي تي، ٽنڊي مير محمد ڳوٺ ۾
گذاريائين. مير صاحبان سندس شيدائي هئا. کيس درٻار
مان وظيفو مقرر ڪري ڏنائونس. پوءِ ته پاڻ خاص
موقعن تي قصيدار ۽ ٻيون ڪيترن ئي قسمن جون مسرت
خيز ڳالهيون (قصا) قلمبند ڪندو رهيو. انهن تي
شاهاڻيون خلعتون ۽ وقت بوقت انعام اڪرام به ملندا
رهيس.
انهن ڏينهن ۾ مير عبدالحسين خان ”سانگي“ (1851ع –
1924ع) سان به ڏيٺ ويٺ ٿيس، جيڪو پوءِ سخن جي
سلسلي ۾ سندس شاگرد ٿي رهيو. ”گدا“ سنڌ جو چپو چپو
چڱيءَ طرح گهمندي، عربستان، ايران، عراق ۽ هندستان
به ويو آهي. ڪربلا معليٰ، مشهد مقدس، شاهه نجف،
بغداد ۽ ڪاظيمن مان زيارتون ڪندو، لس ٻيلي
(بلوچستان) به ڄامن سان رهاڻيون ڪيون اٿس. ڪن
روايتن موجب ڄام کيس گهر ريٺي گذر سفر لاءِ ڪجهه
نه ڪجهه ڏيندا به رهندا هئا. ٻه حج به نصيب ٿيس.
زندگيءَ جون اٺهٺ بهارون ڏسي، 9 ذوالقعد 1322 هه =
11 جنوري 1905ع تي ”گدا“ حيدرآباد ۾ ئي راه رباني
ورتي. کيس ٽنڊي آغا جي قديم قبرستان ۾ آرامي ڪيو
ويو. پٺيان نرينه الاد ۾ ٻه پٽ ڇڏيائين. پاڻ هڪ حق
گو سني مسلمان ۽ سچو عاشق - رسول هو. صحابه ڪرام ۽
بغدادي بادشاه سيد عبدالقادر جيلاني رح جو مداحي
هو. صوم صلواة جو پابند ۽ هر وقت حلال روزيءَ جو
خواهان ۽ مهمانواز هو. سندس خاص صحبتي شمس
العلماءُ مرزا قليچ بيگ، آخوند لطف الله ”لطف“ ،
آخوند محمد قاسم هالائي، سيد غلام مرتضيٰ شاه
”مرتضائي“ ۽ ميمڻ محمد هاشم ”مخلص“ کي وساري نه ٿو
سگهجي.
”گدا“ ، شاعريءَ جي لحاظ کان سنڌي ادب ۾ امتيازي
حيثيت رکي ٿو. سندس شمار سنڌ جي انهن همه دان قادر
الڪلام شاعرن ۾ ٿئي ٿو، جن جي پرگوئي ۽ وسعت
نظريءَ سنڌي شاعريءَ کي وقعت بخشي آهي. پاڻ جيئن
ته منڪسر المزاج ۽ گوشه - نشين بزرگ هو. وقت جا
شاعر کيس ”استاد الشعراءُ“ سڏيندا هئا. سندس مڪمل
ڪلام آهي، جيڪو ”ڪليات گدا“ جي نالي سان، 1957ع ۾
سنڌي ادبي بورڊ طرفان شايع ٿيو آهي.
ڪلام جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو، ته ”گدا“ ٻين
صنفن سان ”غزل“ جي صنف تي وڌيڪ طبع آزمائي ڪئي
آهي. ساڳئي وقت قصيدا، مثنويون، قطعا، مستزاد ۽
نعتيه نظم به سندس ڪلام جو روح آهن. مذڪوره ڪليات
۾ فارسي ۽ اردو ڪلام به جهجهو آيل آهي.
سيد
غلام مرتضيٰ شاهه
[
ولادت 1322 هه = 1904ع ]
سنڌ
جو معمر سياستدان، سيد غلام مرتضيٰ شاه المعروف
”جي – ايم – سيد“ ولد سيد حيدر شاه، ضلعي دادوءَ
جي ڳوٺ سن ۾، 30 شعبان 1322 هه مطابق 17 جنوري
1904ع تي تولد ٿيو. عربي، فارسي، سنڌي ۽ انگريزيءَ
جي به خاصي ڄاڻ اٿس. زميندار پيشي سان گڏوگڏ سياست
۾ به بهرو وٺندو رهي ٿو. سنڌ جي حقن لاءِ پاڻ
پتوڙيندي، ڪيئي دفعا پاڻ تي قيد جا ڪڙا به چاڙا
هيائين. سالن جا سال بند يخانن ۾ رهي ڪري به علم
ادب جي خاصي خدمت ڪئي اٿس. خدا نه ڀلائي، ته سندس
قلم مان چوڏهن ڪتاب کن نڪتا آهن، جن جو تفصيل هن
ريت آهي.
نئين سنڌ لاءِ جدوجهد (1950ع سياس) ، مسلم ليگ جي
مخالفت ڇو؟ (1953، سياست)، پيغام لطيف (1954ع،
لطيفيات)، موجوده سنڌ جا سياسي مسئلا (1956ع،
سياست)، سنڌ جي بمبئيءَ کان جدائي (1958ع، سياست)،
جيئن ڏٺو آه مون (1958ع، مذهبيات)، رهاڻ (1965ع،
خط)، جب گذاريم جن سين (ٻه ڀاڱا ، 1967ع، شخصيات)،
جديد سياست جا نورتن (1967ع، شخصيات)، شهيدان سنڌ
(1967ع، شاعري)، شاه جون وايون ۽ ڪافيون (1968ع ؛
لطيفات)؛ سنڌ ڪلچر (1972ع؛ علم ادب ۽ سياست) ۽
”پاڪستان ۾ زبان جو مسئلو ۽ سنڌي زبان“ (1974ع ؛
سياست).
سيد
صاحب؛ نهايت خوش خلق خنده پيشاني رکندڙ؛ دل جو
ڪشادو؛ باوقار عوام جو هڏ ڏوکي مرد مجاهد آهي.
سندس طرز - گفتگو اميراڻي ؛ دل فقيراڻي ۽ قول ۽
فعل مدبرانه اٿس. حافظي جو نيز ۽ وڏيءَ هلنديءَ
وارو آهي. ”تحريڪ آزاديءَ“ ۾ سندس ڏنل قربانيون
وسارڻ جوڳيون ناهن. جوانيءَ ۾ ڪيترن ئي اهم عهدن
تي به فائز رهيو آهي. سنڌين کي سندن ذات تي فخر
آهي.
سيد
فيض درياه شاهه رح
[
1842ع – 1907ع ]
سيد
فيض محمد شاه عرف ”فيض درياه شاه“ ولد سيد پير شاه
جيلاني رح، تعلقي سکر، ديهه چڪ جي ”انباه“ ڳوٺ ۾،
1279 هه مطابق 1862ع ۾ تولد ٿيو. سندس والد متقي
پرهيز گار شخص هو. جيڪو نوشهري جي نقشبندي بزرگ،
سيد نصير شاه رح (وفات 1318 هه = 1900ع) جو معتقد
هو. وٽس سالن جا سال رهي، سندس گهوڙن جي خدمت
ڪيائين. مرشد جي دعا سان ڪيترا حج به ڪيائين. کيس
تاج محمد شاهه ۽ جان محمد شاه نالي ٻه پٽ ٻيا به
هئا. سيد فيض محمد شاهه سندس وچون فرزند هو، جيڪو
ننڍپڻ کان ئي فقيريءَ ڏانهن مائل هو
.
سيد پير شاهه جي وفات (1219 هه = 1874ع) وقت، سيد
فيض محمد شاهه ٻارهن سالن جو مس هو. پوءِ ته پيءُ
پڄاڻان راتيان ڏينهان رڙندو رهيو، تان ته گهر گهاٽ
ڇڏي، گهمڻ نڪري پيو.
انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جو چپو چپو واسيندي، فقير خير
محمد ”خوش“ هيسباڻيءَ (1809ع – 1877ع) ۽ فقير موهن
آهوجا (1845ع – 1925ع) سان به خوب رهاڻيون ڪيائين.
ڀٽ ڀيڙو به ٿيو، پوءِ نوشهري پهچي، سيد ڏتل شاهه
وٽان فارسي ۽ سنڌيءَ جي سکيا ورتائين. کيس اتي به
ٽڪاءُ نه آيو، پوءِ ته واپسيءَ تي لعل سائينءَ جي
درگاه تي حاضري ڀري؛ مخدوم بلال باغباني رح جي
زيارت کان مشرف ٿي، لاڙڪاڻي ۾ فقير موهن وٽ اچي دم
پٽيائين. موهن؛ جيڪو پاڻ به ويدانتي مڙس هو؛ تنهن
کيس هيڏانهن هوڏانهن وقت ضايع ڪرڻ کان منع ڪيس.
آخر واپسيءَ تي ڳوٺ پهچي؛ پنهنجي وڏي ڀاءُ وٽان
قرآن پاڪ ناظران پورو ڪيائين.
چوڻ
۾ اچي ٿو، ته ننڍپڻ ۾ ئي مائٽن، سيد صاحب جو مڱڻو
ڪري ڇڏيو هو. مڱ اڃا ننڍي هئي؛ جڏهن جوانيءَ کي
رسي؛ ته نڪاح لاءِ آڻي وٽس ويجهي ڪيائون. گهڻي زور
ڀرڻ تي پاڻ شادي ته ڪو نه ڪيائين، اٽلو حاضرين جي
نظرن کان به غائب ٿي ويو. سارو ڏينهن سندس سخت
اوسيڙو ٿيندو رهيو. خدا جي قدرت سان شام ڌاري مڱ
به مري ويئي. پوءِ ته ميدان صاف ڏسي؛ الاجي ڪهڙيءَ
ڪنڊ کان اچي پر گهٽ ٿيو. حاضرين تپرس ۾ پئجي ويا ۽
کانئس طرح طرح جا سوالات ڪرڻ لڳا. پاڻ انهن کي
جواب ۾ صرف ايترو وراڻيائين؛ ته ”توهان ڪو به الڪو
نه ڪريو؛ منهنجو انهيءَ عورت سان قيامت تائين نڪاح
آهي“ . پوءِ ته ڳچ عرصو محبت ۽ استغراق جي ڪيفيت ۾
گذاريائين. انهيءَ دوران ڪيترن ئي انسانن کي رڱي
ڇڏيائين. آخر ڪجهه عرصي بعد، مجذوبيءَ مان سالڪيءَ
طرف سندس خيالن جي مٽ ٿي؛ تان ته اچي ويراڳ لڳس؛
جنهن ڪري شعر چوڻ شروع ڪيائين.
اهو
پاڻ عالم آشڪار آهي، ته خيرپور ميرس ۾ لڳ بيگمان
اسٽيشن جي، ديهه ڪالهوڙيءَ ۾ مير محمد عرف ”ميرل“
ولد يار محمد جاگيراڻي ٻروچ، ڪنڊڙيءَ ڀرسان هڪ ڪچي
واهڻ ۾ رهندو هو. وقت ۾ وڏو ڌاڙيل ۽ رهزن شخص هو.
اڪثر پنهنجي چاچي نظر عليءَ سان گڏ جي ڌاڙا هڻندو
هو. ننڍپڻ ۾ ئي سندس والد وفات ڪري ويو هو. سندس
والده، مائي خيران هڪ خدا ترس ۽ ديندار عورت هئي،
جيڪا ميرل جي ڪڌن ڪرتوتن کان تنگ اچي چڪي هئي. هڪ
ڏينهن ميرل سميت ، سيد داتا فيض درياهه شاهه وٽ
آئي. وٽس زار زار روئي، پٽ جي ٻانهن سندس سپرد
ڪيائين. سيد صاحب ؛ ميرل کي پنهنجو پٽيلو بڻائي؛
پنهنجي ئي رنگ ۾ آندو. پوءِ ته ميرل مرشد جي خدمت
۾ رهي، ڪافي پرايو. هوڏانهن سيد صاحب جو مٿس راض
ٿي ويو. جنهن ڪري سيد صاحب پنهنجو سمورو شعر
”ميرل“ جي نالي ۾ چوندو رهيو.
سيد
فيض دريا شاهه؛ درازي درويشن جيان، جوانيءَ کان
وٺي پڇاڙيءَ تائين لوڙهي ۾ گذاريو. شادي به ڪانه
ڪيائين آخر 45 ورهين جي ڄمار ۾ 11 شوال 1325 هه
(1907ع) تي راه رباني ورتائين. سندس آخري آرامگاه،
انباه شرف، اڄ به عام و خاص لاءِ زيارتگاه بڻيل
آهي، جتي هر سال 11 کان 13 شوال تائين هزارين
زائرين اچي پنهنجي عقيدت جو اظهار ڪندا آهن.
سيد
صاحب، جو ڪلام جهجهو آهي. جيڪو سچل سرمست درازي رح
۽ بيدل روهڙائي رح جي تتبع تي رنديءَ ۽ سر مستيءَ
جي پر پور ترجماني ڪري ٿو. جيڪو ”همه اوست“ ۽
”اناالحق“ جي ساک ڀري ٿو. سخن جي سلسلي ۾ سندس
ڪافيون، جهولڻا، بيت ۽ مولود ملن ٿا. جيڪي سنڌي
زبان کان سواءِ فارسي ۽ سرائڪيءَ ۾ به قلمبند ٿيل
آهن. ”زليخان سر“ ۾ 703 مصرعن تي مشتمل هڪ طويل
”فراق نامو“ به آهي، جيڪو حالانڪ عروضي اعتبار کان
پورو نه آهي. تاهم به ٻوليءَ جي لحاظ کان نهايت ئي
سپڪ ۽ سوادي معلوم ٿئي ٿو. منجهس جوش ۽ جذبي سان
گڏ رس، رچاءُ ۽ رواني به جهجهي نظر اچي ٿي. مطلب
ته سندس ڪلام ۾ صوفيانه نقطن کان علاوه رندي رمز
به سمايل معلوم ٿئي ٿي. سندس مڪمل ڪلام راقم
الحروف (ميمڻ عبدالغفور سنڌي) مرتب ڪري ؛ اطلاعات
کاتي ڏانهن اشاعت لاءِ اماڻيو آهي.
سيد
صاحب؛ سچ پچ ”فيض جو درياه“ هو. سندس هندو خواه
مسلمان طالبن ۽ عقيدت مندن جو ڳاڻيٽو به جهجهو هو.
جن مان ميرل فقير؛ غلام حسين فقير، فقير غلام حيدر
شر، سيد بچل شاه لاڙائي؛ فقير نظر علي بلوچ، رکيل
فقير، شيرل فقير، لونگ فقير، مهيسر لاڙائي، سيد
علي محمد شاه، ولايت علي شاه، فقير هاسارام آهوجا
۽ مائي پيوند باقراڻن واري وغيره جا نالا سر -
فهرست آهن. هيٺ سندس ڪافي نموني خاطر ڏجي ٿي:-
ڪيئن ڪريون ڪاڏي وڃون، کڻي جيئري مرڻ مڃون.
ڪري هٿ سليقو ”لاالله“ جو، سر پنهنجي تي سڃون.
هيءَ جا ڀت هجڻ جي، ڀوارا ڪري ته ڀڃون.
ٻاري ٻارڻ عشق جو، پختا ٿي ته پچون.
پنهنجي ديس بقا تي، کڻي رمزن ساڻ رئون
وچ مئخان جي ”ميرل“ سائين، ڳوڙهي رنگ رچون.
سيد
مصري شاه نصرپوري رح
[
1828ع – 1906ع ]
باشعور، بيدار ۽ باوقار قومن جو سرمايو ان جا
اعليٰ اديب، عالم، فاضل ’محقق اهل - قوم، انقلابي
شاعر ۽ بيباڪ صحافي هوندا آهن. انهن جو قدر ۽ قيمت
جو ڪوبه ڪاٿو ڪٿي ڪونه سگهبو آهي. اهي بي بها موتي
۽ اڻلب در هر دور ۾ پنهنجا پنهنجا جرڪيدار جوهر
ڏيکاريندا رهندا آهن. اهڙن مڻيادار مانجهي مردن
مان، سنڌي شاعريءَ جي مقبول عوامي صنف ”ڪافيءَ“ جو
شهنشاهه شاعر، مصري شاه ولد سيد بلند شاه به هڪ ٿي
گذريو آهي. سندس ولادت 12 شوال 1245 هه مطابق 3
آڪٽوبر 1828ع تي؛ نصرپور ۾ رضوي ساداتن جي گهراڻي
۾ ٿي گذري آهي. ننڍپڻ ئي يتيمي زندگي سندس مقدر
بڻي، جنهن ڪري وڏي ڀاءُ، سيد فتح علي شاه جي نظر
فيض اثر هيٺ سندس تعليم ۽ تربيت ٿي.
|