الله
تنهنجو آسرو
”سنڌ“،
پياري پاڪستان جو هڪ قديم صوبو آهي، جيڪو صدين کان
هڪ عظيم ترين تهذيب جو گهوارو رهيو آهي. ان جي
شاندار ۽ قديم تهذيب جا اُهڃاڻ لاڙڪاڻي ضلعي جي،
تعلقي ڏوڪريءَ ۾ ”موهن جو دڙو“ مان مليا آهن.
قديم
زماني ۾ سنڌ جون حدون تمام وسيع هيون. وقت پٽاندڙ
انهن ۾ ڦير ڦاڙ ٿيندي رهي. ڪيئي قومون ۽ نسل منجهس
آباد ٿيا. مشهور فاتح سڪندر اعظم (356 ق-م/323
ق-م) جڏهن سنڌ ۾ آيو، ان وقت سنڌ تي ٻڌ ڌرم جي
پوئلڳ راجائن جو راڄ هو. ازانسواءِ عيسوي ڇهين
صديءَ ۾ سنڌ تي دارا جي پوئلڳن جي قبضي جو ثبوت به
ملي ٿو، جن سنڌ جا سپاهي ڀرتي ڪري، يونان ۽ ٻين
ملڪن ڏانهن مقابلي لاءِ موڪليا ويا.
سنه 93
هه (712ع) ۾ محمد بن قاسم سنڌ فتح ڪري، اسلامي
حڪومت جو بنياد وڌو. عربن جي زوال بعد سنڌ ننڍين
ننڍين رياستن ۾ ورهائجي وئي. آخر سومرا، سنڌ جي
اقتدار تي پوريءَ ريت قابض ٿي ويٺا. سنه 417هه
(126ع) ۾ سلطان محمود غزنويءَ (971ع-1030ع) جو
لشڪر سنڌ مان لنگهيو. سنه 1152هه (1739ع) ۾ سنڌ تي
نادر شاهه جي چڙهائي ٿي. هي اهو وقت هو، جڏهن سنڌ
دهليءَ جي اقتدار کان آجي ٿي چڪي هئي؛ ڪلهوڙن سنڌ
۾ مرڪزي حڪومت قائم ڪئي هئي. نادر شاهه سنڌ ۾ وڏي
تباهي مچائي ۽ ٻي مال ملڪيت سان گڏ سنڌ جا ڪيترا
ڪتبخانا به ناس ٿي ويا. ڪلهوڙن کان پوءِ ٽالپرن
وارو وڄايو. آخر ۾ فريبي فرنگين (انگريزن) سنڌ تي
قبضو ڪيو.
سنڌ جا
ماڻهو قديم زماني کان ڪيترين ئي خوبين ۽ خصوصيتن
جا مالڪ رهيا آهن. هو امن پسند، خاموش طبيعت، ڏوهن
کان پاسيرا، رحمدل ۽ وفادار، سخي، تڏي تي آئي کي
معاف ڪرڻ وارا – ايتري قدر جو خون به بخشي ڇڏڻ
وارا، غيرتمند، نهٺا، پر خلوص ۽ سچار مڙس آهن.
سنڌ جي
ٻولي ”سنڌي“ آهي، جنهن جي قدامت جو ڪاٿو ڪٿي نه ٿو
سگهجي. زنده قومون پنهنجي ٻوليءَ جي بقا لاءِ علمي
۽ ادبي سرمايو ڇڏينديون آهن. اِهو علمي ۽ ادبي
خزانو، ٻوليءَ جي لياقت ۽ سندس ترقيءَ جي چٽي ساک
ڀريندو آهي. اسان جي سنڌي ٻوليءَ ۾ علم ادب جو وڏو
ذخيرو موجود آهي. سنڌ جي ڀٽن ۽ ڀانن، شاعرن ۽
سگهڙن ڪنهن حاڪم جي اجائي تعريف ۽ خوشامند نه ڪئي
آهي، پر سنڌ جي سورهين ۽ سخي مردن جي ساراهه ڪئي
آهي. سنڌي علم ادب جو قديم سرمايو اهڙن سنڌ جي
سپوتن جي ساراهه تي مشتمل بيتن ۽ واقعن تي ٻڌل
آهي. سنڌ جا چارڻ ۽ ڀٽ سنڌ جي سورهين، سخي سردارن،
روحاني فيض ونڊيندڙن، مذهبي اڳواڻن جا احوال ۽ سنڌ
جا مشهور رومانوي داستان ٻڌائي، دل گهريو دان
وٺندا هئا. هي سلسلو انگريزن جي دور تائين انهيءَ
ئي انداز ۾ هلندو پئي آيو.
انگريزن جي ڏينهن تائين فارسي زبان سنڌ جي دفتري
زبان هئي- 1854ع ۾ سنڌي ٻوليءَ جي 52 اکرن تي
مشتمل ”الف - ب“ تيار ٿي؛ ۽ سنڌي زبان کي سرڪاري ۽
دفتري زبان بنايو ويو. نه فقط ايترو، پر سنڌي زبان
کي باقاعده تعليم جو ذريعو بنايو ويو. انگريزن
سنڌي ٻوليءَ ۾ انهيءَ لاءِ دلچسپي ورتي، ته هتان
جي ماڻهن جي حال احوال کان هر وقت باخبر رهجي. سر
ايڇ – بارٽل – اِي فريئربرٽ
(Sir
H. Bartle. Frere Bart)
هن ڏس ۾ هڪ حڪمنامو جاري ڪري،
تمام يورپي آفيسرن کي سنڌي سکڻ تي آماده ڪيو.
اُڻويهين صديءَ جو هي نمايان ڪارنامو آهي، جنهن
کان پوءِ سنڌي زبان ۾ ڪتابن لکڻ جو سلسلو شرع ٿيو
ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ (1828ع – 1885ع)، ديسي عالمن جي
مدد سان 1866ع ۾، سنڌ جي سرتاج صوفي شاعر، حضرت
شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جو رسالو تيار ڪري ڇپائي
پڌرو ڪيو. ان کان پوءِ سنڌ جي عالمن هن طرف تيزيءَ
سان توجہ ڏنو. نتيجي طور سوين ڪتاب نثر خواه نظم ۾
ڇپجي عام ماڻهن تائين پهتا.
قديم زماني کان، مشهور مؤرخن ۽ سياحن سنڌ جي سر
زمين جي مهمان نوازي، فراخ دلي، صاف دلي، خلوص ۽
نيڪ نيتيءَ جي تعريف پئي ڪئي آهي. هو ٻڌائن ٿا، ته
اهي خوبيون مردن کان علاوه عورتن ۾ به آهن.
انسان توڙي جو لکن جو خاوند هجي، مال مڏين جو مالڪ
هجي، تندرست و تنومند هجي يا هلنديءَ جو صاحب هجي،
پر جيڪڏهن کين وطن لاءِ عزت، محبت ۽ غيرت نه آهي
ته هو ڪسيرو به نه لهي.
اها
هڪ حقيقت آهي، ته ’وطن جي حب،‘ سنڌين وٽ ايمان جو
حصو بڻيل آهي. ان کان سواءِ تڏي تي آيل جو آڌر
ڀاءُ ڪرڻ سنڌين جي خاص خصوصيت رهي آهي. اهوئي سبب
آهي، جو هميشہ ٻاهران آيل به مان لڌو آهي، ۽
پنهنجو وطن وساري هتي رهي پيو آهي. انهن ٻاهران
آيلن به سنڌ کي پنهنجو وطن بنايو، ۽ سنڌ جي علم
ادب ۾ اهو اضافو ڪيو.
سنڌ
کي ننڍي کنڊ ۾ عرب جي سر زمين جو هڪ نمونو چئي
سگهجي ٿو. سنڌ، ”باب الاسلام“ آهي، جنهن ۾ اسلام
جي آمد ڄڻڪ تاريڪيءَ ۾ روشني ثابت ٿي. اسلام جو
فيض هتان ئي هند جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پکڙيو. ملڪ جي هن
حصي، هر دور ۾ اهي عارف ڪامل پيدا ڪيا، جن جي نالن
ڳنهڻ سان اڄ به قلب کي سڪون ۽ اطمينان حاصل ٿيو
وڃي.
هن
ڪتاب ۾ سنڌ جي اهڙن ’عظيم هستين‘ جو ذڪر ڪيل آهي،
جن جي حياتيءَ جو مقصد انسان ذات جي خدمت ۽ اسلام
جي تبليغ هو. قوي اُميد آهي، ته ”عظيم سنڌي
اِنسانن“ جو هي مختصر تذڪرو، سنڌي سٻاجهڙن وٽ
پسند پوندو.
ديوان مرليڌر گنگواڻيءَ بيشڪ کيريون لهڻيون؛ جنهن
ساڻيهه سڳنڌ پکيڙيندڙ سپوتن جو هي تذڪرو، گرانيءَ
جي هن دور ۾ ڇپائي، عام پڙهندڙن تائين پهچايو آهي.
ساڳئي وقت حافظ محمد ”احسن“ چنه، فيضا بخشاپوري،
حاجي علي بخش جمالي، عبدالڪريم ”تراب“ بروهي، احمد
خان ”آصف“ ، ڊاڪٽر عبدالخالق ”راز“ سومرو، ميمڻ
غلام مصطفيٰ ”مشتاق“ ۽ برادرم ميمڻ عبدالرسول سنڌي
صاحبان جو تهدل شڪرگذار آهيان، جن وقت بوقت سهڻيون
صلاحون ڏنيون.
لک
لائق استاذي جناب ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي صاحب
جن جا، جن پنهنجي گونا گون مصروفيتن جي باوجود
منهنجو ڪتاب نظر مان ڪڍي ”مقدمو“ لکي ڏنو. اها
احسان فراموشي ٿيندي. جيڪڏهن آءٌ نوجوان مصور اختر
حيات قاضيءَ جو گڻ نه ڳايان. ناظم الدين- اي ڏهر-
به پنهنجو وڙ ڪيو، جنهنڪري ڪتاب جي زيب ۽ زينت ۾
اضافو ٿيو. عزيزم غلام رسول ميمڻ ۽ نقش ناياب منگي
صاحبان به ڪتاب جي ڇپائيءَ ۾ منهنجا ٻانهن ٻيلي
بڻيا. جيڪڏهن سنڌي ڀائرن منهنجو هي پورهيو پسند
ڪيو، ته محنت سجائي سمجهندس.
”غفورآباد“
ميمڻ محلو لاڙڪاڻو. سومر 2- جمادي الاول
1401هه
ميمڻ عبدالغفور سنڌي 9-
مارچ 1981ع
مــــــقـــدمـــــــه
قديم زماني کان سنڌ کي عظمت ۽ اهميت حاصل رهي آهي.
الله تعاليٰ هن سر زمين کي مادي وسائل سان به مالا
مال ڪيو، ته هتي جي ماڻهن کي سرت، ساڃاه ۽
سڄاڻاڻيءَ سبق سيکاريو آهي. اهوئي سبب آهي جو هن
محبت ميٺاج واريءَ مٽيءَ مان ڪيترن ئي قسمن جا گل
ٽڙيا، جن جي سونهن ساءَ سڳنڌ ۽ سرهاڻ نه فقط
پنهنجي ملڪ کي معطر ڪيو، پر ولايت وارن کي به واسي
ڇڏيو.
سنڌ
جي اهڃاڻن ۽ آثارن، تاريخي واقعن ۽ بيانن جي
مطالعي کان پوءِ معلوم ٿيندو، ته اسلام جي آمد کان
پوءِ هتي ماڻهن جي ذهنن ۾ هڪ نئين سجاڳي ۽ ساڃاه
پيدا ٿي؛ جنهن سندن ذهن ۽ فڪر ۾ پختگي ۽ پاڪيزگي
پيدا ڪئي. اهوئي سبب آهي، جو شخصيت ۽ ڪردار جي
تعمير ۽ تقدس اهڙي نموني ٿي، جو ميٺ ۽ محبت، اپٽار
۽ انساني دوستي، ايمان ۽ ايقان، نماڻائي ۽ نهٺائي،
سهپ ۽ گهڙ پائي، پاڻ پڏائڻ ۽ پاڻپڻي کان پاسو ڪرڻ،
علم ۽ عمل لاءِ تڙپ، تصوف ۽ الاهي معرفت ڏانهن
لاڙو ان جا جزا بنيا. اوهان جيڪڏهن سنڌ جي نامور
شخصيتن جي ڪردار ۽ ڪارنامن جو مطالع ڪندا ته اوهان
کي اهي ڳالهيون هر هڪ ۾ نمايان نظر اينديون. نه
فقط مسلمان شخصيتن ۾ اهي خوبيون ۽ خصوصيتون نظر
اينديون، پر هندو سپوتن ۾ به اهي ئي گڻ ملندا.
سنڌ
جا هندو به اسلامي تعليم ۽ تصوف کان سڌيءَ يا اڻ
سڌيءَ طرح متاثر هئا. هند جي ڀيٽ ۾ سنڌ جي هندن ۾
نه ايڏي بت پرستي ۽ نه ذات پات جو ايڏو سخت ويڇو
هو. نه فقط ايترو، پر هو سنڌ جي مسلمان بزرگن ۽
عالمن جا معتقد ۽ مريد هوندا هئا، ۽ ٻارين ٻچين
انهن جي درگاهن تي وڃي عقيدت جو اظهار ڪندا هئا.
صوفيانه تعليم ۽ شعر سان سندن ايڏو چاهه هو، جو هو
پنهنجي ڌرمي گڏجاڻين ۽ ڀڳتين ۾ به صوفيانه شعر
ڳائيندا هئا. اها به تاريخي حقيقت آهي، ته انگريزن
جي آمد کان اڳ سنڌ جي هندن ۽ مسلمانن ۾ ايڏا ويڇا
۽ وچاندر ڪو نه هئا. ٻنهي مذهبن جا ماڻهو ميٺ ۽
محبت سان رهندا هئا، ۽ ڏک سک ۾ هڪ ٻي سان ڀاڱي
ڀائيوار هوندا هئا. اها ڳالهه به روز روشن جيان
عيان آهي، ته ان معاشري جي تعمير ۾ سنڌ جي صوفي
بزرگن اهم ڪردار ادا ڪيو؛ ۽ جيڪي به شخصيتون
اڀريون ۽ اسريون انهن انسان دوستيءَ ۽ خدمت کي
پنهنجو رهنما اصول بنايو.
اسلام ۽ سنڌ:-
سنڌ
جا عربستان سان قديم زماني کان تعلقات رهيا آهن.
واپار سانگي سنڌ ۽ عرب جا ماڻهو هڪ ٻي ڏانهن ايندا
رهندا آهن. نه فقط ايترو پر ڪيتريون عرب قومون سنڌ
۾ اچي آباد ٿيون هيون؛ ۽ ڪي سنڌ جا ماڻهو به
عربستان ۾ وڃي رهيا هئا
.
اسلام سان به ابتدا کان ئي سنڌ جي ماڻهن جا تعلقات
پيدا ٿيا. ان سلسلي ۾ ”جمع الجوامع“ تان ٻه
روايتون مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رح پنهنجي مشهور
ڪتاب ”بياض هاشمي“ (قلمي ج-2، ورق 82) ۾ آنديون
آهن، جي هن ريت آهن .
(الف)- محمد بن قاسم علي بن ابي طالب کان روايت
آهي، ته رسول الله صلي الله عليہ وسلم جن فرمايو،
ته ”هڪ ڏينهن ٻه وفد آيا: هڪ سنڌ مان ٻيو آفريڪا
مان، جن رضا خوشيءَ سان اسلام ۽ فرمانبرداري قبول
ڪئي.
(ب)
– پاڻ سڳورن پنهنجن صحابين جو هڪ وفد سنڌ ڏانهن
موڪليو، جيڪو نيرون ڪوٽ آيو ۽ کيس چڱي ڪاميابي
حاصل ٿي.
مٿين روايت جي راوي محمد بن علي، جنهن کي محمد بن
الحنيفہ به چيو ويندو آهي – جي والده ٽين صديءَ جي
مورخ ابن قتيبہ ”المعارف“ ۾ لکيو آهي، ته اها سنڌي
عورت هئي . حضرت امام زين العابدين رضه جي والده
بابت ڪن مؤرخن لکيو آهي ته سنڌي هئي. هڪ ٻي معتبر
روايت موجب حضرت علي اصغر بن امام زين العابدين
رضه جي والده ماجده به سنڌڻ هئي.
سنڌ
کان ٻاهر سنڌي عالم ۽ صوفي:-
اسلام جي آمد کان پوءِ سنڌ جا ڪيترائي رهاڪو
عربستان وڃي رهيا. انهن مان ڪيترا وڏا محدث ۽ فقيہ
ٿيا. هو وڏا عالم ۽ فاضل هجڻ سان گڏ ساده زندگي
گذاريندا هئا، ڄڻڪ عملي طرح هو صوفي، نه فقط
ايترو، پر انهن مان ”ابو علي“ صوفيانه سوچ رکندڙ
به هو. اهڙن عالمن مان خاص طرح سان انهن بزرگن جو
ذڪر هيٺ ڏجي ٿو، جيڪي عالم هجڻ سان گڏ عملي طرح
صوفيانه زندگي گذاريندا هئا، يا صوفيانه فڪر جا
مالڪ هئا.
امام اوزاعي:-
شيخ
الاسلام عبدالرحمان بن عمر امام اوزاعي (705ع-
772ع) وڏو عالم ۽ فقيہ ٿي گذريو آهي. شام ۽ اندلس
۾ ڪيتري وقت تائين سندس پيروئن جو وڏو تعداد رهيو.
سندس ڪيترائي شاگرد، وڏا عالم ٿيا، جن مان مشهور
صوفي بزرگ سفيان شوري جو نالو قابل – ذڪر آهي. هو
نسلن سنڌي هو. دمشق جي لڳ هڪ ڳوٺ ۾ پيدا ٿيو. سندس
رهڻي ڪهڻي سادي ۽ صوفيانه نوعيت جي هئي. کيس قضا
جو عهدو پيش ڪيو ويو، پر هن انڪار ڪيو. عباسي
خليفي منصور، بنو عميه جي قتل عام تي کانئس راءِ
پڇي، ته هن کيس منهن تي سچ چئي ڏنو. منصور اهو ٻڌي
ڳاڙهو ٿي ويو، پر هن کي ڪجهه به ڪري نه سگهيو.
ابو
علي:-
هي
بزرگ تصوف ۾ بايزيد بسطاميءَ جو استاد هو. هن
کانئس توحيد ۽ فنا جا مسئلا معلوم ڪيا سندس وفات
جي تاريخ معلوم نه آهي، پر جيئن ته بايزيد
بسطاميءَ جي وفات 261 هه ۾ ٿي، ان مان معلوم ٿئي
ٿو، ته هو ٽين صدي هجريءَ جو بزرگ آهي.
ابو
موسيٰ ديبلي:-
مشهور صوفي بزرگ حضرت با يزيد بسطامي (796ع- 874ع)
جو مريد هو .
احمد بن سنڌي:-
وڏو
عالم، فاضل، عابد ۽ زاهد هو. بغداد جي محلي حداد ۾
رهندو هو؛ ۽ کيس ”حداد“ سڏيو ويندو هو- 359 هه
(969ع) ۾ وفات ڪيائين
.
محمد بن محمد بن عبدالله الرزاق ديبلي زاهد:-
وڏو
عالم، فاضل، عابد ۽ زاهد هو. ڪتاب ”المستدرڪ“ جو
مصنف حاڪم ابو عبدالله حافظ سندس شاگرد هو- 345 هه
(956ع) ۾ وفات ڪيائين
.
ابو
عبدالله محمد بن عبدالله ديبلي زاهد:-
عالم فاضل، عابد ۽ زاهد هو. ٽين صدي هجريءَ ۾ ٿي
گذريو آهي .
احمد بن محمد حافظ ديبلي مصري:-
عالم، فاضل، عابد ۽ زاهد هو. مصر ۾ وڃي رهيو- 373
هه (983ع) ۾ وفات ڪيائين
.
ابو
جعفر ديبلي:-
وڏو
عالم ۽ محدث هو. ديبل مان مڪي شريف وڃي رهيو. سندس
شاگردن مان ڪيترن ئي وڏن عالمن جا نالا ملن ٿا-
934ع ۾ وفات ڪيائين
.
احمد بن عبدالله ديبلي:-
وڏو
محدث ۽ فقيہ ٿي گذريو آهي. مڪي شريف وڃي ابو جعفر
ديبليءَ کان تعليم حاصل ڪيائين. ان کان پوءِ بصره،
دمشق ۽ تستر کان ٿيندو نيشاپور اچي رهيو، جتي 954ع
۾ وفات ڪيائين، ۽ حيره نالي قبرستان ۾ دفن ٿيو
.
سندس طبيعت تي درويشي ايتري قدر غالب هئي، جو صوف
جو ڪپڙو پائيندو هو. ڪيترن وقتن تي ته جتي به پيرن
۾ ڪونه هوندي هيس. اهڙيءَ طرح ”تارڪ الدنيا“ زندگي
گذاريائين.
قديم سنڌي بزرگ
شيخ
ابو تراب:-
حاجي ترابيءَ جي نالي سان مشهور آهي؛ ۽ تبع تابعين
مان آهي. عباسي حڪومت جي زماني ۾ سنڌ جي ڪن جاين
جو حاڪم هو. هو شيدين مان آهي؛ ٻي صدي هجريءَ ۾ ٿي
گذريو. سندس مزار ٺٽي کان 8 ميلن جي پنڌ تي کچي
ڳوٺ ۽ کوڙي ڳوٺ جي وچ تي زيارت گاهه خاص ۽ عام آهي
.
حضرت سيد صفي الدين صوفي گيلاني:-
حضرت سيد عبدالقادر جيلاني رح جي وڏي فرزند حضرت
عبدالوهاب جو فرزند ۽ سجاده نشين هو. روايت آهي،
ته هو پنجن سالن جي عمر ۾ ملتان ۽ 18 مهينن تائين
هن علائقي ۾ گهميو
هن
مان معلوم ٿئي ٿو، ته هو بزرگ سنڌ ۾ به آيو هوندو.
سيد
محمد مڪي ۽ سندس اولاد:-
سندس والد سيد محمد شجاع اصل مشهد جو ويٺل هو. سيد
محمد شجاع، مشهد مان نڪري سير ڪندو بغداد آيو.
سهروردي سلسلي جي باني شيخ شهاب الدين سهروردي
(وفات 1234ع) جو مريد ٿيو، ۽ ان جي نياڻيءَ سان
سندس شادي ٿي. اتان ئي مڪي شريف آيو، جتي کيس محمد
مڪي ڄائو. سيد محمد شجاع موٽي مشهد آيو ۽ اتي ئي
وفات ڪيائين. امام موسيٰ رضا جي مقبري ۾ مدفون
ٿيو. سندس فرزند سيد محمد مڪي بکر ۾ اچي سڪونت
اختيار ڪئي . سندس مزار سکر ۾ ڪليڪٽريءَ لڳ آهي.
سندس فرزند شاهه صدرالدين به وڏو بزرگ ٿي گذريو
آهي. سندس مزار بکر ٻيٽ ۾ آهي. شاهه صدرالدين جو
فرزند سيد بدرالدين به وڏو بزرگ ٿيو. سيد جلال سرخ
بخاري جڏهن بکر ۾ آيو، ته کيس پنهنجي نياڻي نڪاح ۾
ڏنائين سيد جلال ڪجهه وقت بکر ۾ رهي، پوءِ اُچ
ويو.
هن
خاندان مان ٻيا به ڪيترائي بزرگ ٿي گذريا، جهڙوڪ:
سيد علاوالدين بن سيد محمد مڪي، سيد موسيٰ بن سيد
علاوالدين، سيد شهاب الدين سيد موسيٰ، سيد
علاوالدين بن شهاب الدين، سيد حيدر حقاني (مدفون
روهڙي)، مير ميران رضوي، سيد يعقوب، سيد صادق علي،
سيد نظام ولد ناصر، مير جعفر، مير سعيد خان ۽ مير
قلندر علي وغيره. هي خاندان پوءِ بکر مان لڏي اچي
روهڙيءَ ۾ رهيو؛ ۽ اڃا تائين سند پويان روهڙيءَ ۾
رهن ٿا. سندن ڪوٽ مشهور آهي؛ ۽ هو ”ڪوٽائي سيد“ يا
”رضوي سيد“ سڏبا آهن.
سيد
حيدر حقاني جي اولاد مان
مير
جان الله شاهه
(وفات 1754ع)، وڏو بزرگ ۽ پارسي زبان جو باڪمال ۽
صاحب، ديوان شاعر ٿي گذريو آهي. سنڌ جو باڪمال
شاعر حضرت قادر بخش ”بيدل“ به هن خاندان جو مريد
هو.
سيد
محمد مڪيءَ جي اولاد مان سيد حيدر بکر مان لڏي جؤڻ
۾ رهيو . هن خاندان مان شاهه هاشم رضوي بکر مان
لڏي نصرپور آيو، جتي سندس خاندان مان ڪيترائي بزرگ
ٿيا. سنڌي زبان جو مشهور شاعر شاهه عنايت رضوي هن
خاندان مان هو. هن ئي خاندان مان مير محمد يوسف بن
مير جادم بکر مان لڏي اچي ٺٽي ويٺو. هن ميران محمد
جونپوري جي مريد شيخ دانيال کان فيض پرايو. هو
شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري جو وڏو معاصر هو. بکر
جي رضوي سيدن مان ٺٽي ۾ ٻيا به ڪيترائي بزرگ ٿيا،
جهڙوڪ: سيد عبدالرزاق ولد سيد جادم، سيد ابراهيم
بن مير محمد يوسف، سيد اسحاق، سيد ڪمال الدين، سيد
محمد جعفر ۽ سيد عنايت الله وغيره .
سيد
محمد مڪيءَ جي ڏوهٽي جو پٽ
سيد
شعبان الملہ
والدين 1361ع ۾ تولد ٿيو. حضرت غوث بهاو الدين
زڪريا ملتاني رح جي درسگاه مان ديني ۽ روحاني فيض
پرائي، مرشد جي حڪم موجب جهاد جي ارادي سان روانو
ٿيو، جهونسيءَ جي راجا سان جنگ ڪيائين. راجا کي
شڪست ڏيئي، جهونسيءَ جو نالو ڦيرائي ”هادي آباد“
رکيائين. ان کان پوءِ اتي ئي رهي پيو. سندس اُتي
وڌي ويجهي.
شيخ
نوح بکري:-
بکر
۾ ريلوي بند لڳ سندس مقبرو آهي. شيخ شهاب الدين
سهرورديءَ جو مريد ۽ خليفو هو؛ ۽ حضرت غوث
بهاؤالحق زڪريا ملتانيءَ کان اڳ ۾ فيض پرائي، بکر
پهتو هو. جڏهن حضرت زڪريا ملتاني فيض حاصل ڪري،
مرشد کان موڪلائي؛ ملتان موٽڻ لڳو، تڏهن سندس مرشد
حضرت شيخ شهاب الدين سهروردي کيس هدايت ڪئي، ته
ٻکر وڃي اسان جي هدايت واري مريد نوح سان ملجانءِ.
حضرت زڪريا سندس ملاقات لاءِ بکر پهتو، پر شيخ نوح
اڳ ۾ وفات ڪري ويو هو.
مٿي
ذڪر ڪيل قديم دور جي عالمن ۽ بزرگن کان سواءِ سنڌ
۾ ڪيترائي باڪمال عالم، فاضل، شاعر، سورهيه، مزاح
نگار ۽ جوڌا جوان ٿي گذريا آهن، جن مان ڪيترن ئي
عالمن، فاضلن، شاعرن، سورهين ۽ ماهرن جو ذڪر هن
ڪتاب ۾ ڪيو ويو آهي. لائق مصنف
ميمڻ عبدالغفور سنڌي
وڏي جهد ۽ جاکوڙ کان پوءِ ڪيئي ورق ورائي، سنڌ جي
عظيم شخصيتن بابت ڪڻو ڪڻو ڪري مواد گڏ ڪري، سنواري
سينگاري هن ڪتاب ۾ پيش ڪيو آهي. ان لاءِ هن بيشڪ
کيرون لهڻيون.
هن
کان اڳ سنڌي زبان ۾ سنڌ جي عالمن ۽ مشاهير تي ڪجهه
ڪتاب نڪري چڪا آهن؛ جهڙوڪ: سه- ماهي ”مهراڻ“ جو
’سوانح نمبر‘ ، ’شاعر نمبر‘ ، ”الرحيم“ جو ’مشاهير
نمبر‘ ، مولانا دين محمد وفائيءَ جو ’تذڪره مشاهير
سنڌ‘ ۽ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ ’سنڌي ليکڪن جي
ڊائريڪٽري‘ – اهي ڪوششون به قابل – تعريف آهن ۽
انهن ۾ جيڪو مواد پيش ڪيو ويو آهي، اهو هڪ ماخذ جي
حيثيت رکي ٿو. ان جي باوجود هڪ اهڙي ڪتاب جي ضرورت
محسوس ڪئي ٿي ويئي، جيڪو عام پڙهندڙن جي مذاج ۽
طبيعت موافق هجي؛ ۽ ان ۾ سنڌ جي مختلف علمن ۽ فنن
سان وابسه شخصيتن جو احوال آيل هجي. سنڌي زبان جي
عام پڙهندڙن جي اها ضرورت عزيزم
ميمڻ عبدالغفور سنڌيءَ
پوري ڪئي آهي.
سندس هن ڪتاب ۾ عالمن ۽ فاضلن جي احوال سان گڏ،
شاعرن ۽ مزاح نويسن جو ذڪر به ملي ٿو سورهين ۽
سرويچن سان گڏ سياسي ۽ سماجي ڪارڪنن جو احوال به
ملي ٿو. مطلب ته سنڌ جي شخصيتن جو هڪ مختصر مگر
جامع تذڪرو آهي. هي هڪ اهڙي گلستان مثل آهي؛ جنهن
۾ ڪيترن ئي قسمن جا گل لڳل آهن، جن مان مختلف قسمن
جو واس وٺي سگهجي ٿو. اميد ته عام پڙهندڙ توڙي
شاگرد هن مان لاڀ پرائيندا؛ ۽ پنهنجي عظيم شخصيتن
جي ڪارنامن کي پنهنجي عملي زندگيءَ ۾ آڏو رکي،
ڪجهه ڪري ڏيکاريندا.
جيتوڻيڪ فاضل مصنف چڱي محنت ڪئي آهي ۽ ڪيترن ئي
اهم ۽ قابل – ذڪر شخصيتن کي ڪتاب جي صفحن ۾ سمائڻ
جي ڪوشش ڪئي آهي، ان جي باوجود هن ۾ سنڌ جي قديم
ترين بزرگن جو ذڪر آيل ڪونهي، جيڪو مختصر نموني
مٿي هن ’مقدمي‘ ۾ ڏنو ويو آهي، جيئن ڪتاب هر لحاظ
کان جامع نظر اچي. ان کان سواءِ سنڌ جي ڪن اهم
شخصيتن جو ذڪر به ضروري هو، پر جيڪي ڪجهه آيو آهي،
اُهو به گهڻو ڪجهه آهي. هيترين سارين شخصتين جي
ڪارنامن کي هڪ هنڌ بيان ڪرڻ، ساراهه جوڳي ڪوشش
آهي. البته هڪ شخصيت (جنهن جو ذڪر هن ڪتاب ۾ نه
آيو آهي) جو ذڪر ڪرڻ ضروري ٿو سمجهان؛ جنهن پنهنجي
هٿ اکرن ۾ سنڌ جي هڪ بزرگ جو قرآن مجيد جو پارسيءَ
۾ ڪيل ترجمو محفوظ ڪيو، جيڪو جنوبي ايشيا ۾ قرآن
حڪيم جو پهريون فارسي ترجمو آهي. اهو آهي سنڌ جو
وڏو عالم، فاضل ۽ صوفي مخدوم بهاوالدين گودڙئو رح.
|