سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:عظيم سنڌي انسان

باب-

صفحو :6

حافظ محمد ”احسن“ چنه

[ولادت 1318هه – 1900ع]

”استاد الشعراءِ“ حافظ محمد ولد جمع خان چنه صاحب ڪنهن تعارف جو محتاج نه آهي. سندس دادو ضلعي جي ڳوٺ ملڪاڻي شريف ۾ 1318هه مطابق 12 اپريل 1900ع تي ٿي آهي. شروعاتي عربي ۽ فارسي سکيا، علامه غلام محمد صاحب ملڪاڻين واري وٽان حاصل ڪيائين. پاڻ قرآن پاڪ جو به حافظ آهي. فارغ التحصيل ٿيڻ بعد، 1918ع تائين قائم ڪندي، شاعريءَ طرف به توجه ڏنائين.

شعر و شاعريءَ ۾ ”احسن“ تخلص سان، 1921ع کان شمس الملماءُ مرزا قليچ بيگ ۽ حڪيم ماستر جمع خان ”غريب“ جي اصلاح سان شعر جي شروعات ڪيائين. اڄ خدا جي فضل سان سنڌي زبان جي ناميارن شاعرن ۾ سندس شمار ٿئي ٿو. علمي، ادبي، قومي، نعتيه اخلاقي، عشقيه ۽ طنزيه قسم جا جواهر پارا لکي، سنڌي ادب ۾ نمايان اضافو ڪيو اٿس. پاڻ قصيدا، دوها، گيت، بيت، رباعيون، قطعا، مسدس، مخص، مستزاد ۽ مئنويون به قلمبند ڪيون اٿس. ازانسواءِ غزلن جو مڪمل ”ديوان“ به ترتيب ڏنائين، جيڪر عريانيت ۽ ابتذال کان بالڪل پري آهي.

”احسن“ صاحب کي ڪافي مطالعو آهي. اهوئي سبب آهي، جو کيس تصنيف و تاليف ۽ مقاله نگاريءَ جو شوق پيدا ٿيو. علمي ۽ ادبي ۽ محفلين ۾ ڪڏي اچڻ، سندس ذوق سليم آهي. لاڙڪاڻي ۾ نڪرندڙ علمي ۽ ادبي رسالي ”اديب سنڌ“ (1941ع – 1952ع) جي اجراءَ ۾ سندس خاص تعاون رهيو آهي. ازانسواءِ اسانجي منزل - نئين زندگي – ڳوٺ سڌارا – پيغام – سنڌو – روح ادب – مهراڻ ۽ اخبار تعليم وغيره رسالن ۾ پڻ ڪثرت سان لکيو اٿس. هن وقت پاڻ گوشه نشينيءَ ۾، صحافت کي اپنائيندي، دادو شهر ۾ پريس قائم ڪئي اٿس، جتان هفتيوار ”آواز سنڌ“ اخبار باقاعدگيءَ سان ڪڍندو رهي ٿو.

پيرسنيءَ جي حالت ۾ هن وقت تائين اڃا سنڌي ادب جي خدمت ڪندو رهي ٿو. ٻه ڊزن کن ڪتاب سندس لکيل آهن؛ جن مان ڪافي ڇپجي چڪا آهن. انهن مان: ”ديوان احسن“، ”گلزار شعر“ – ”احسن اخلاق“ – ”رباعيات احسن“ – ”مظاهر مصطفوي“ ”گلدسته احسن“ – لطيفي لات“ – ”احسن الاشعار“ – ”ترغيب العلم“ – ”سچن تي ستم“ – ”سوانح مخدوم بلال رح“ – ”شاه جو پيغام“ – ”قصص الانبياءُ“ – ”سنڌي گرامر“ – ”سراپاي رسول“ ۽ ”اصلاح المسلمين“ غير فاني شاهڪار جي حيثيت رکن ٿا. خدا پاڪ کيس خضري عمر عطا ڪري.

حافظ ميان محمد صديق رح

[1827ع – 1890ع]

عدمت العلماءُ، حافظ ميان محمد صديق ولد عبدالله پنهور، 18 محرم الحرام 1243 هه مطابق 22 جون 1827ع تي، ضلعي سکر ڳوٺ ”ڀرچنڊي شريف“ تولد ٿيو وڏو عابد، با شريعت عالم ۽ زاهد الزمان بزرگ هو. اسلام جي برتري ۽ فضيلت سندس مکيه متو هو. خدا شناسي ۽ بزرگي ديسان ديس مشهور هئي. قادري طريقي سان منسلڪ رهندي، هزارين انسانن کي فيضياب ڪيائين. مخدوم احمد يار خان مهر، مولانا سيد تاج محمود امروٽي، مولانا عبيدالله سنڌي ۽ مولانا عبدالغفور ”مفتون“ همايوني رح جهڙا جيد عالم، بزرگ شاعر ۽ صاحب - فيض به سندس دروازي جا پانڌيئڙا هئا. هي قديم وضع بزرگ، ٽيهٺ ورهين جي ڄمار ۾، تاريخ 21 رمضان المبارڪ 1308 هه مطابق 14 آگسٽ 1890ع تي هن دارالفانيءَ مان دارالباقيءَ ڏانهن راهي ٿيو. سندس آخري آرامگاه ڀرچنڊي شريف ٿيو. هن بزرگ کي حنفي فقہ ۾ تمام وڏو درڪ ۽ ملڪو حاصل هو، جو سوين مسئلا حنفي مذهبي جي قانون کي سامهون رکي، پنهنجي اجتهاد سان حل ڪندو هو ۽ ان وقت جا علماءَ سڳورا سندس فتويٰ اڳيان بنا ڪنهن چون و چرا جي گردن خم ڪندا رهندا هئا. سندس فتوائون ايتريون ته جاري ٿينديون هيون، جو انهن کي سندس شاگرد گڏ ڪندا رهيا، تان جو ٽن وڏن جلدن ۾ جمع ٿي ويون.

شمس الدين ”بلبل“

[1857ع – 1919ع]

شمس الدين ”بلبل“ ولد بهادر خان شينو، بلوچستان جي ڀاڳناڙيءَ ۾ 29 شعبان 1374 هه = 21 فيبروري 1875ع تي تولد ٿيو ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ ورتائين. سندس والد نهايت خدا پرست ۽ ديندار شخص هو؛ جيڪو گهرو جهڳڙن سببان 1867ع ڌاري لڏي سنڌ ۾ دادو ضلعي جي تعلقي ميهڙ ۾ اچي آباد ٿيو، جتي هن نينگر پنهنجي تعليم جاري رکي، جنهن ڪري ستت ئي پنهنجي ذهانت ۽ اور چائيءَ سببان ڪافي ڪتاب پڙهي پيو.

جيئن ته سندس پيءُ پوڙهو ٿي چڪو هو ۽ هن نينگر کانسواءِ ٻيو ڪو به سهارو نه هوس؛ انهيءَ ڪري پنهنجي پٽ کي وڌيڪ تعليم ڏيارڻ بدران، آبپاشي کاتي ۾ 1879ع ڌاري ملازمت وٺي ڏني ، جتي داروغي جي عهدي تي رسندي ، 1900ع ۾ رٽاير ڪيائين.

شمس الدين کي ڪتابن پڙهڻ جو ايڏو ته شوق هو، جو اڪثر سندس ٿيلهي ۾ يا بستري ۾ ڪتاب موجود هوندا هئا. پاڻ زماني جو ماڻهو هو ۽ ساڳئي وقت وسيع معلومات جو مالڪ پڻ هو. عربي؛ فارسي ۽ سنڌي زبانن تي خاصو عبور حاصل هوس. ”بلبل“ تخلص سان شاعريءَ طرف قلم کيائين؛ جنهن کي ايترو ته نباهيائين جو غير معمولي ذهانت سببان ”قادرالڪلام“ شاعر بڻجي پيو.

”بلبل“ بلند پايه شاعر هجڻ سان گڏوگڏ صحافي ۽ منفرد نثر نويس پڻ هو. پاڻ ڪيترن ئي رسالن ۽ اخبارن جو ايڊيٽر به ٿي رهيو. اخبار ”معاون سنڌ“ ۽ ”آفتاب سنڌ“ ۾ ڏنل تحريرون ۽ فن ظرافت سندس طبيعت ۽ ذهانت جو موقع معلوم ٿين ٿا. سندس مڪمل ”ديوان“ به آهي، جيڪو 1925ع ۾ مرتب ڪيو هئائين. ان جا ڪيترائي ڇاپا نڪتا آهن. تازو مئي 1969ع ۾ مرتب سنڌي ادبي بورڊ، سندس ديوان ۽ ٻيو رهيل ڪلام ”ڪلام بلبل“ (جولاءِ 1969ع) جي نالي سان پڻ نئين آب و تاب سان شايع ڪيو آهي.

مرحوم ”بلبل“ جون سنڌي ادب بابت ڪيل خدمتون سونهري اکرن ۾ لکيون وڃن ٿيون. ڇاڪاڻ جو پاڻ شاعريءَ جي سلسلي کي نئون موڙ ڏيندي، ظرافت کي پڻ جديد نوع ۾ نروار ڪيو آهي. سندس ظرافت ۾ مزاح سان گڏ طنز جو عنصر به غالب آهي ؛ جنهن ۾ جاءِ بجاءِ تعميري ۽ اصلاحي پهلو سمايل آهي. هن زندگيءَ ۾ سوسائٽيءَ تي ڀرپور طنز ڪري، ان جون خاميون وضاحت سان نروار ڪيون آهن. انهيءَ لحاظ کان کيس ظريفانه شعر ۾ لاثاني شاعر سڏجي، ته بجاءِ ٿيندو. ظريفانه شعر جنهن باڪمال نموني ۽ نهايت ئي وڻندڙ اسلوب سان بيان ڪيو آهي، جو کانئس اڳ ڪنهن به شاعر انهيءَ طرف سوچيو به نه آهي ۽ نه وري کانئس پوءِ جو ڪو شاعر انهيءَ سلسلي ۾ ساڻس برميچي سگهيو آهي، حالانڪ ڪيترن ئي شاعرن سندن تتبع به ڪئي آهي.

سندس طبيعت فقيراڻي، صورت درويشاڻي ۽ سيرت انساني هئي نهايت ئي متو ڪل ۽ زمانه شناس شخص هو. جهڙو هو عالم، ته تهڙو ئي هو وري عابد. سندس لائق فرزند ضياءُ الدين (1910-1966ع) به سندس صحيح جا نشين ثابت ٿيو. سندس شاگردن جو حلقو نهايت وسيع هوندو هو ؛ جن مان نواز علي ”نياز“ جعفري، ماستر جمع خان ”غريب“ ۽ ضياءُ الدين جا نالا سر - فهرست آهن. ٻاهٺ بهارون ڏسي 13 شعبان 1328 هه  17 جولاءِ 1919ع تي دارافنا مان دارالبقا ڏانهن راهي ٿيو. سندس آرامگاهه ميهڙ جي قبرستان ۾ آهي.

”مزاحيات“ ، ”جام جم“ ، ”مسلمان ۽ تعليم“، ”ديوان بلبل“ ۽ ”ڪلام بلبل“ سندس لازوال تصنيفات ڇڏيل آهن.

حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، حڪيم

[1882ع – 1942ع]

حڪيم فتح محمد ولد خليفو ميان محي الدين صديقي ، سيوهڻ شريف ۾ 1300 هه مطابق 1882ع ۾ ڄائو. پنهنجي فياضي ۽ فضيلت سببان پوريءَ سنڌ ۾ مشهور هو. عربي، فارسي ۽ سنڌي زبانن وڏي ڄاڻ هيس ۽ ساڳئي وقت حديث، تفسير، تاريخ، ادب ۽ شعر و شاعريءَ ۾ پڻ خاص مهارت حاصل ڪيائين. انهيءَ سلسلي ۾ جن مڪرم فاضل عالمن جون خدمتون حاصل ڪيائين ؛ انهن مان ؛ مولوي محمد عمر چنو، مولانا عطاءُ الله پيروز شاهي، مولانا عبدالرئوف بختيار پوري ۽ مولانا محمد صديق سولنگي سيتائيءَ جا نالا قابل - ذڪر آهن. سنڌي ادب جي خدمت جي سلسلي ۾ صحافت کي به اپنايائين. اصلاحي، سماجي ۽ سياسي مضامين تي مشتمل 1925ع ۾ ”الجامع“ ماهوار رسالو ڪڍيائين ؛ جنهن ۾ سنڌي مسلمانن کي جديد علوم جي مفيد معلومات ميسر ڪندو رهيو.

حڪم صاحب تقريباً هڪ ڊزن ڪتاب لکيا آهن ؛ جن ۾ ؛ ”حيات النبي“، ”اخلاق محمدي“، ”فتح محمدي“، ”احوال حضرت لعل شعباز قلندر“، ”داستان قوم“، ”ابوالفضل ۽ فيضي“، ”تذڪره الايمان“، ”ڪمال ۽ زوال“، ”ميرن جي صاحبي“، ”بهار اخلاق“ ۽ ”آفتاب ادب“ قابل - ذڪر آهن. سندس وفات 1361 هه = 1942ع ۾، ڪراچيءَ ۾ ٿي. وڏو حاذق حڪيم ۽ باشريعت شخص هو. خاص ڪري طب ۾ سندس ثاني ڪو ڇڊو هو.

خداوند ڪريم کيس اهڙي ته وسعت النظري، قلبي ڪشادگي ۽ ذهني بلندگي بخشي هئي، جو پاڻ هڪ مڪمل انسان جي حيثيت سان سنڌ اندر علمي، ادبي ۽ سياسي افق تي چمڪي اڀريو. ازانسواءِ ”تحريڪ خلافت“ ۾، انگريزن جو ڪٽر دشمن بڻجي پيو. مطلب ته حڪيم صاحب، دين ۾ تحريف ڪندڙن جو سخت مخالف، قرآن پاڪ جي معنيٰ ۽ مفهوم تي غور ۽ فڪر ڪرڻ وارن جو داعي ۽ سنڌ ۾ تعليمي، سماجي ۽ سياسي سجاڳي آڻڻ ۾ ڀرپور حصو ورتائين. ولائتي شين کان نفرت ۽ ديسي شين سان وڌ ۾ وڌ پيار هوس.

حمل فقير لغاري

[1809ع – 1878ع]

ميراڻي دور جو هي مشهور عوامي شاعر، فقير حمل ولد رحيم خان لغاري، بلوچ قوم جي سير ڪاڻي قبيلي جي ”بهلولاڻي“ پاڙي ۾، 13 ذوالحج 1225 هه مطابق 28 فيبروري 1809ع تي، خيرپور رياست ۾ ڄائو هو. سندس وڏن ديري غازي خان مان لڏي، سنڌ ۾ خيرپور رياست جي ڳوٺ ”خان پور“ ۾ سڪونت اختيار ڪئي هئي. حمل فقير پاڻ ڀري ٿيڻ سان، نوابشاهه ضلعي جي تعلقي سڪرنڊ ڏانهن لڏي، ڳوٺ ”ميوي خان لغاري“ ۾ وڃي رهيو.

فقير حمل کي ننڍپڻ ۾ ئي علم جي تربيت ملي هئي ؛ جنهن ڪري فارسي، سنڌي ۽ سرائڪيءَ (جيڪا سندس گهرو زبان به هئي) ۾ خاصي ڄاڻ حاصل ڪيائين. نهايت پرهيزگار ۽ هلال روزي ڪمائي کائڻ کي افضل عبادت سمجهندو هو. درس و تدريس لاءِ زندگي وقف ڪيل هيس. سندس تعلقات مير علي مراد خان ٽالپر، مير شاهنواز خان ٽالپر، پير پاڳاري ۽ لکيءَ جي ساداتن سان رهيا آهن. پاڻ لواريءَ جي بزوگ، خواجه محمد حسن مدني رح جو مريد هو ؛ ۽ هميشہ سندس ثنا ۾ قصيدا، مولود ۽ بيت چوندو هو.

هن ذي فهم شاعر کي اها ڏاتر طرفان ڏات عطا ٿيل هئي ، جو ٺهه پهه شعر جوڙي ويندو هو. شايد انهن لفظن لکندي وڌاءُ نه ٿئي، ته ”حمل فقير فطرتاً شاعر هو ؛ جنهن کي مادر زاد (Born poet) به چئي سگهجي ٿوي“ . اهوئي سبب آهي، جو سندس شعر ۾ روانيءَ سان گڏ لطافت، بلاغت ۽ سلامت زياده کان زياده آهي. حسن ۽ عشق جو ذڪر به نهايت حقيقت پسندانه نوع ۾ ڪيو اٿس. سندس شاعريءَ جا عنوان : ٻهراڙيءَ جي واهڻن ۽ وسين، درياه جي ڪپن ٻيلن ۽ ٻيٽارن، ٿرن ۽ برن، روهن ۽ رڻن بابت وضاحت سان بيان ڪيل آهن.

عوامي شاعر ۾ هڪ خاص خوبي اها به ليکي ويندي آهي، ته سندس ڪلام ڳائي سگهجي. انهيءَ معيار تي فقير حمل جي شاعري سنڌ جي سر تاج صوفي شاعر، حضرت شاه عبداللطيف ڀٽائي رح جي ڪلام جيان ڪسوٽيءَ تي بالڪل ٺهڪيل آهي. سنڌي، سرائڪي، هندي زبانن تي سندس طبع آزمائي ٿيل آهي. محترم جناب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ”ڪليات حمل“ جي نالي سان، سندس ڪلام کي يڪجاءِ ڪري، 1953ع ۾، سنڌي ادبي بورڊ طرفان پڌرو ڪيو آهي. ماه صفرالمظفر 2، 1296 هه مطابق 9 ڊسمبر 1878ع تي ڳوٺ ”ميوي خان لغاريءَ“ ۾ پساه پورا ڪيائين. کيس ”ابراهيم شاه واري مقام“ ۾ مدفون ڪيو ويو.

هي حساس طبع اِنسان نه رڳو ناناڻي ۽ ڏاڏاڻي وطن پنجاب کي رکي رکي ساريندو هو ۽ ان لاءِ اڪير ۽ حب پيدا ٿيندي هيس. بلڪ اهو سندس چوڻ هو ، ته ”جيڪڏهن اباڻو وطن پنجاب آهي، ته پنهنجو وطن سنڌ آهي“ . پاڻ طبع جو خوش مزاج، رلڻو ملڻو. سنجيده، ذهين، صلخ پسند، ڪچهريءَ جو ڪوڏيو. مجلس جو مور ۽ سير و سفر جو بيحد شوقين هو. مير صاحبان سندس وڏي تعظيم ڪندا هئا.

”ڪاڻ ڪنين جي ڪاڻ ؛ آءُ ڪاڻون ڪڍان ڪن جون،

نه ته ڪير ڪاڻ، ڪير اسين، ڪير ڪڍي هوند ڪاڻ؛

اسين پاڻ اتامرا، ڪڍون نه ڪنهنجي ڪاڻ؛

پر حمل! سرهي ساجن ڪاڻ؛ ٿا ڪاڻون ڪڍون ڪن جون.“

خانبهادر حسن علي آفندي

[1830ع – 1896ع]

خانبهادر حسن علي آفندي ولد ميان محمد احسان آخوند ، 14 ربيع الاولد 1246 هه مطابق 7 آگسٽ 1830ع تي حيدرآباد ۾ ڄائو. ننڍپڻ ۾ ئي پدري شفقت کان محروم ٿيو؛ جنهن ڪري وڏي ڀاءُ، اميد عليءَ جي هٿ هيٺ تعليم پرائڻ لڳو. ان وقت جي رواج مطابق، پهريائين شهر جي کتابخاني مان قرآن پاڪ ناظران سان گڏوگڏ عربي ۽ فارسيءَ جو درس به ورتائين.

پاڻ ڀري ٿيڻ سان، روزگار جي تلاش ۾ سرگردان رهيو، آخر جهرڪن جي ڀرسان، ويهن روپين جي پگهار سان راڄي نظاماڻيءَ ۾، هڪ زميندار وٽ منشي مقرر ٿيو. ستت ئي کيس نوشهري فيروز جي ڊپٽي ڪليڪٽر جي دفتر ۾ سرڪاري ملازمت به ملي ويئي. هوڏانهن سندس وڏي ڀاءُ کي، اها اڻ تڻ هئي، ته ڪيئن به ڪري حسن عليءَ کي انگريزي پڙهائجي، ته جيئن سندس مرتبو وڌي. پاڻ اڃا انهيءَ شش و پنج ۾ هو، ته هڪ عيسائي دوست وٽ ڪهي آيو؛ جنهن جي رفات سان، ڀاءُ کي انگريزي تعليم ڏيارڻ جو مونجهارو به حل ڪيائين.

خدا مالڪ آهي، جنهن کي چڱو گهري، ته سندس سڀ سعيا ستت ئي ساب پون ٿا. هينئر حسن علي به انگريزي ٻوليءَ ۾ چڱي مهارت حاصل ڪري ورتي، پوءِ ته ڪنهن اعليٰ عهدي لاءِ، پهريائين ڪوٽڙيءَ ۾ آگبوٽن واري آفيس ۾ ڪلارڪ ۽ پوءِ ڪراچيءَ جي ضلعي ڪورٽ ۾ سرشتيدار ۽ ترجمان مقرر ٿيو. ڪورٽ جي ڪار گذارين ۾، ڏينهون ڏينهن سندس ڏيٺ ويٺ وڌي ؛ جنهنڪري ڪيترن ئي وڪيلن ۽ ججن سان واقفيت وڌيس. ساڳئي وقت روزانو وڪيلن جي تقريرن ٻڌڻ سان قانون جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ جو کيس شوق جاڳيو. پوءِ ته پنهنجي خداداد لياقت ذريعي، هوشياريءَ اورچائيءَ ۽ حاضر جوابيءَ سان ڪافي ڪجهه پرائي ورتائين. ان وقت جو وڏو جج، مسٽر مڊلٽن، سندس هوشياريءَ کان خوب متاثر ٿيو. جنهن سواءِ امتحان ڪرڻ جي، کيس ”وڪالت“ ڪرڻ جو اجازت نامون ڏنس.

وڪالت جي سند (Degrce) ملڻ سان، حسن عليءَ پهريائين حيدرآباد ۾ وڪالت ڪرڻ شروع ڪئي. ان مان وڏو ناماچار ڪڍيائين. ان وقت جي سرڪار سندس اورچائيءَ، ذهانت ۽ هوشياريءَ سببان، کيس ”سرڪاري وڪيل“ بڻائي، ڪراچيءَ آندو ويو، جنهن عهدي تي لڳاتار چوڏهن سال رهي، پنهنجي قابليت جا جوهر جرڪايائين. 1881ع ۾ ڪراچي ميونسپل جو ڪائونسلر ٿيو – 1891ع ۾ سنڌ جي زميندارن پاران بمبئيءَ ڪائونسل ۾ نمائندو به مقرر ٿيو.

حسن علي، مسلمانن جو همدرد ۽ هڏ ڏوکي هو. پاڻ مسلمانن کي تعليمي، اقتصادي، توڙي سماجي لحاظ کان پوئتي ڏسي نه پئي سگهيو. سوچيائين، ته انگريزي تعليم کان سواءِ مسلمان هرگز ترقي ڪري نه سگهندا. اهو ئي سبب هو، جو پاڻ اڳ ۾ ٿي، 16 مارچ 1884ع تي ”مجمع محمدي“ نالي 63 ميمبرن تي مشتمل هڪ تعليمي جماعت قائم ڪيائين، ان جماعت تحت مسلمانن جي مالي مدد ڪري، کين انگريزي تعليم ڏيارڻ لاءِ خوب همتائڻ لڳو. نتيجو اهو نڪتو جو سندس سموريون ڪوششون مسلمانن لاءِ ڪارگر ثابت ٿيون ۽ مسلمان ترقيءَ ڏانهن تيزي سان گامزن ٿيڻ لڳا.

افسوس حياتيءَ کيس مهلت نه ڏني، جنهن ڪري هي قومي درد رکندڙ انسان، 21 شوال 1314 هه مطابق 20 نومبر 1896ع تي گذري ڪري ويو. سندس وفات تي هزارين مسلمانن ڏک جو اظهار ڪيو. هينئر حيدرآباد جي سرزمين ۾، حسن علي آفندي، ابدي ننڊ ۾ ستل آهي .

آفندي، هڪ کلمک ۽ هر دلعزيز انسان هو. هميشہ وٽس امير خواه غريب لاءِ دل جا دروازا کليل هئا. سندس رازدان ۽ ٻانهن ٻيلي ساٿي، مولوي الله بخش ”اٻوجهو“ (وفات 1901ع) ۽ شمس الدين ”بلبل“ (وفات 1919ع) هئا. صوم صلوات جو بالڪل پابند هو، ايتري قدر جو سفر دوران وضوءَ لاءِ ڪوئنرو ۽ قبله سڃاڻن لاءِ قطب نما به ساڻ هوندو هوس. صوفي منش به هڪڙو ئي هو. مطلب ته، آفندي مرحوم اميراڻي لباس ۾ فقير دل مومن هو. سندس ياد ۾ عوام لاءِ ڪافي سماجي، ثقافتي ۽ تعليمي سوسائٽيون قائم ڪيل آهن.

خانبهادر محمد ايوب کهڙو

[ولادت 1319هه= 1901ع]

ضلعي لاڙڪاڻي جو بااثر زميندار ۽ نامور سياستدان، خانبهادر محمد ايوب ولد رئيس شاه محمد کهڙو، تعلقي لاڙڪاڻي جي ڳوٺ ”عاقل“ ۾ 4 شعبان 1319 هه مطابق 21 جولاءِ 1901ع تي تولد ٿيو. سندس والد وڏو خوشحال، متقي ۽ ديانتدار شخص هو؛ جنهن پنهنجي پٽ کي انگريزيءَ جي تعليم ڏياري.

محمد ايوب ننڍ پڻ کان ئي نهايت ذهين ۽ اورچ هو؛ جنهن ڪري لائق استادن جي رهبريءَ هيٺ ، ڪاليج جي ڪرسين تي ويهڻ قابل بڻيو. ڪاليج دوران تقريرن توڙي تحريرن ۾ دلچسپي وٺڻ لڳو، پر پوءِ ستت ئي سياست ڏانهن رخ رکندي، بمبئي ڪائونسل جو ميمبر منتخب ٿيو – جيڪو 1924ع کان 1936ع تائين سندس شعار بڻيو. ڪائونسل جي گڏجاڻين ۾ قومي جذبي تحت جوشيليون تقريرون ڪيائين. پوءِ ته بمبئي يونيورسٽيءَ ۾ ”فيلو“ به مقرر ٿيو. اهڙيءَ طرح 1928ع کان 1935ع تائين ”سنڌ محمدن ايسوسيئيشن“ ۽ ”سنڌ آزاد ڪانفرنس“ جو نائب صدر به ٿي رهيو.

لاڙڪاڻي ۾، 1927ع دوران هندو – مسلم فساد ٿيو ؛ جنهن فرقيوارانه فساد جي صورت وٺي، صوبي جو سياسي مسئلو بڻيو. هن ڏڦيڙ ۾؛ مسلمانن سان زيادتيون ڏسي، هن نوجوان جو اندر اڌمان کائڻ لڳو، پوءِ ته پنهنجو سينو سپر ڪري، ميدان ۾ ڪڏي جاني، مالي ۽ اخلاقي مدد سان سوڀ پاتائين.

هوڏانهن سنڌ جي بمبئيءَ کان علحدگيءَ واري تحريڪ ۾ به سر غلام حسين، هدايت الله، شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ ميران محمد شاه جهڙن ناميارن سياستدانن سان ٻانهن ٻيلي ٿي، تحريڪ کي منظم بڻايائين ؛ انهيءَ سلسلي ۾ پنهنجي روشن دماغيءَ، سياسي بصيرت ۽ حب الوطنيءَ جي جذبي سان برطانوي عوام جي اخلاقي حمايت حاصل ڪرڻ لاءِ لنڊن ۾ تقريرن ذريعي، پنهنجو مقصد واضح ڪندو هو، نتيجي طور اپريل 1936ع ۾ سنڌ کي آزاد ملي. سنڌ ۾ .............. طرفان، جيڪا پهرين انتظامي ڪاميٽي (صلاحڪار بورڊ) وجود ۾ آئي هئي، تنهن جي رڪنيت به کيس ملي.

پاڻ ڪيترو وقت وزير، وڏي وزير ۽ خزب اختلاف جي ڪرسي تي ويٺو. قومي خدمت عيوض کيس ”خانبهادر“ جو خطاب به مليل آهي. کهڙي صاحب، سياسي تدبر، تقرير خواه تحريه ۾ مهارت رکندي، هڪ غير معمولي شخصيت جو مالڪ آهي. خداوند کيس دولت سان مالا مال ڪيو آهي – 1954ع ۾ ون يونٽ“ جي وجود وٺڻ شرط، پنهنجي طرفان کلم کلا مخالفت ڪيائين .

کهڙو صاحب ، هن وقت پيرسنيءَ تي پهچي چڪو آهي، مگر سندس نيڪو ڪاري ۽ پرهيز گاري ڏينهون ڏينهن وڌندي رهي ٿي صوم صلوات جو پابند ۽ قرآن پاڪ جي بلاناغي تلاوت ڪندو رهي ٿو – 1950ع ۾ حج بيت الله جي سعادت به حاصل ڪيائين. ڪيترن غريب ۽ مستحق شاگردن کي وضيفا ڏيڻ ، يتيمن ۽ محتاجن جي مدد ڪرڻ ۽ عام جي ڀلي لاءِ ڪم ڪندو رهي ٿو. پاڻ ڪجهه وقت لاءِ سنڌ ادبي بورڊ جو چيئرمين به ٿي رهيو آهي.

خانبهادر محمد صديق ميمڻ

[1890ع – 1958ع]

سنڌ جي تعليم کاتي جو سچو خدمتگار ۽ ڪهنه مشق اديب، خانبهارد محمد صديق ”صديق“ ولد محمد يوسف ميمڻ 23 شوال 1308 هه مطابق 30 مارچ 1890ع تي حيدرآباد شهر ۾ ڄائو. بي - اي، بي - ٽي تائين تعليم حاصل ڪري، تعليم کاتي ۾ استاد جي حيثيت سان 1916ع کان ملازم بڻيو، جتان 1943ع ۾، رٽايرڊ پرنسپل، ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد جي عهدي تان، سرڪاري ڳٽ ڳچيءَ مان ڪڍيائين.

ميمڻ صاحب، تعليم جي ميدان ۾ رهندي، وڏيون خدمتون سر انجام ڏنائين . خاص ڪري تعليم نسوان (عورتن جي تعليم) لاءِ حيدرآباد ۾ ذاتي ڪوشش وٺي، ”مدرسة النبات“ قائم ڪيائين؛ جنهن جو آخري دم تائين ساٿ نه ڇڏيائين. دوران ملازمت، 1934ع ۾ ”سنڌ مسلم ادبي سوسائٽيءَ ”جو بنياد وڌائين؛ جنهن جو روح روان به پاڻ ئي هو، سوسائٽيءَ جي سهاري سان ڪافي علمي، ادبي، مذهبي ۽ تاريخي قسم جا معياري ڪتاب پڻ ميدان تي آندائين.

پاڻ هڪ بهترين نثر نويس هو. نثر جي سلسلي ۾ غالباً ٻٽيهه ڪتاب سندس قلم جي زينت بڻيل آهن؛ انهن مان ”حياتيءَ جو پهريون دور“، ”مضمون نويسي“، ”حضرت مخدوم نوح“، ”بگلار نوار“ ”تحفه نثر و نظم“، ”سنڌ جي ادبي تاريخ“ (ٻه ڀاڱا)، ”شاه جو رسالو“، ”تاريخ اسلام“، ”ڪامل رهنماءُ“ ۽ ”خلافت راشده“ قابل - ذڪر آهن. خاص ڪري ”ادبي تاريخ“ تي سندس ڪيل ڪم بنيادي حيثيت جو حامل آهي.

ميمڻ صاحب نثر سان گڏ، ڪي قدر نظم طرف به توجہ ڏنو آهي. انهيءَ سلسلي ۾ سندس غزل ۽ نظم خاصي اهميت رکن ٿا – 22 رمضان المبارڪ 1378 هه مطابق نومبر 20، 1958ع تي زندگيءَ جون اٺهٺ مهارون ڏسي، وڃي رب کي پيارو ٿيو. سندس انتقامي ”ميمڻ محله“ حيدرآباد ۾ ٿيو.

پاڻ هڪ سنجيده طبيعت ۽ ناصح انسان هو. علمي خدمتن عيوض کيس 1939ع ڌاري ”خانبهادر“ جو خطاب به مليو، سندس صحبتي هونئن ته جهجها هئا، مگر ادبي لحاظ کان محمد صديق ”مسافر“ (1879ع – 1961ع کي هن ڏس ۾ وساري نه ٿو سگهجي.

خليفو گل محمد ”گل“ هالائي

[1808ع – 1855ع]

سنڌي زبان جو پهريون صاحب- ديوان شاعر خليفو گل محمد ”گل“ ولد ولي محمد عقيلي ، 12 صفر 1224 هه = پهرين اپريل 1808ع تي حيدرآباد جي هالا تعلقي ۾ ”سانوڻي ملن“ جي گهر ۾ ولادت ٿي. عربي، فارسي، سنڌي ۽ علم تصوف جو وڏو ڄاڻُ هو. پاڻ ڪنگريءَ واري پير سائين پاڳاري سيد علي گوهر شاه (اول) جو مريد ۽ خليفو هو ، ۽ قادري طريقت رکندڙ هو.

هن لاطمع ۾ فياض انسان، علم وارن جي صحبت ۾ رهندي ڪافي ڪتابن جو مطالعو ڪيو هئائين. روزي - نماز جي پابنديءَ سان گڏوگڏ ذڪر فڪر ۾ پڻ رڌل رهيو. کيس شعر چوڻ جو شوق شروعات کان ئي هو. هي پهريون سنڌي شاعر آهي ؛ جنهن ”الف – ب“ وار مڪمل رديفن تي مشتمل غزلن جو ”ديوان“ مرتب ڪري، 1851ع ۾ حج بيت الله شريف جي زيارت لاءِ ويندي بمبئيءَ جي هڪ پريس مان ليٿو ۾ ڇپرايو هئائين، جيڪو شعر جي اصولن پٽاندڙ بحر ۽ وزن تي پورو پورو ٺهڪي اچي ٿو.

عام طرح ”غزل“ عشقيه شاعريءَ کي چئبو آهي، مگر آخوند گل پنهنجي غزلن جي موضوع کي نئين رنگ ۾ رکندي ، هڪ منفرد مثال قائم ڪيو آهي ؛ جنهن ۾ خدا پرستيءَ کان مجازي مام تائين تمام فڪر کي قلم وسيلي محفوظ ڪيو آهي. سندس ڪلام سادو ، سپڪ ۽ سوادي هجڻ سان گڏوگڏ فصاحت ۽ بلاغت وارو پڻ آهي. پاڻ فارسي زبان جي اثر کان آجو رهي، اهڙا ته ٺيٺ سنڌي الفاظ، محاورا ۽ اصطلاح پڻ استعمال ڪيا اٿس، جن مان گهڻا ته ڀٽائيءَ ڀلاري رح جي ڪلام ۾ به ڪو نه ٿا ملن.

چوڻ ۾ اچي ٿو، ته سندس دلي تمنا مطابق وفات عربستان جي سرزمين تي ٿي جيڪا هڪ اندازي مطابق 47 ورهين جي ڄمار ۾ ، 5 شوال 1273 هه = 1855ع ڌاري چئي وڃي ٿي .

خليفي گل جا کيبرن ۾ ڪافي مريد ٿيا. پاڻ مير صاحبان جي پڄاڻي ۽ انگريزن جي شروعاتي صاحبي پئي سنبريو. اڪثر سندس صحبت صوفي فقيرن سان گذري ساده طبيعت ۽ قناعت ڪندڙ هو.

خواجه عبدالحي نقشبندي رح

[1765ع – 1863ع]

خواجه عبدالحي ولد مخدوم شهاب الدين نقشبندي  انصاري، 2 ذوالحج 1179 هه مطابق 18 اپريل 1765ع تي ضلعي نوابشاه جي نوشهروفيروز ۾ تولد ٿيو. پاڻ حضرت خواجه شيخ احمد مجدد الف ثاني سرهندي رح  جي اولاد مان آهي وقت جو وڏو عالم ۽ عارف بزرگ ٿي گذريو آهي. جهوڪ ميرانپور جي فضل الله قلندر جو معتقد هو. سنڌ، پنجاب ايران، عراق، قنڌار ۽ هندستان جو به سير سفر ڪيو هئائين. سندس ڏيهي خواه پرڏيهي ڪافي عقيدت مند هئا. اڪثر وٽانئس روحانيت جي فيض جي آبياري ٿيندي رهي. عام و خاص کي اڪثر ”وحدت الوجود“ جي دعوت ڏيندو رهيو. سندس لائق فرزند، نصير الدين  پڻ انهيءَ مسلڪ کي سنڌ ۾ عام ڪيو هو.

خواجه صاحب، نقشبندي طريقت ۾ رهندي، اهل سنت والجماعت جو پائبند ۽ پڪو پيرو ڪار هو. کيس حنفي فقہ ۾ وڏو درڪ ۽ ملڪو حاصل هو، جو سوين مسئلا حنفي مذهب جي قانون کي آڏو رکي، پنهن جي اجتهاد سان حل ڪندو هو ؛ جنهن کي وقت جا علماءَ سڳورا پڻ بنا ڪنهن چون و چرا جي گردن خم ڪندا هئا.

کيس شاعريءَ سان به وڏو لڳاءُ هو. سنڌي، فارسي، اردو ۽ هندي زبانن ۾ ڪافي ڪلام چيو اٿس، جيڪو سمورو ”ڪافين“ تي مشتمل آهي. اٺانوي ورهين جي وڏيءَ عمر ۾، 7 جمادي الاول 1280 هه مطابق 17 اپريل 1863ع تي راه رباني ورتائين. سندس خاص خليفن ۾، سنڌي زبان جا ناميارا شاعر : فقير عثمان سانگي (1778ع – 1860ع)، فقير هريسنگ ”عاصي“ (1794ع – 1861ع) ۽ فقير خير محمد ”خوش“ هيسباڻيءَ (1809ع – 1877ع) جا نالا ورتا وڃن ٿا.

خواجه محمد زمان لواري رح

[1713ع–1774ع]

اسلام جي پهرين خليفي، حضرت ابو بڪر صديق رضه جي سلسله - نسب مان لواريءَ جو لعل، خواجه محمد زمان ولد شيخ عبداللطيف صديقي رح، 21 رمضان المبارڪ 1125 هه مطابق 31 جولاءِ 1713ع تي تولد ٿيو. سندس وڏا، خليفي هارون رشيد جي ڏينهن ۾ سنڌ ۾ اچي، ٺٽي ۾ سڪونت اختيار ڪيائون. ڪجهه وقت لاءِ ڪڇ طرف به ويا، پر پوءِ واپس اچي سنڌ ۾ ديرو ڄمايائون. خواجه صاحب ڄمندي ئي ڄام هو– 1736ع ۾ سندس والد وفات ڪئي جنهن کان پوءِ حيدرآباد ضلعي جي، تڏوهڪي تعلقي بدين جي ايراضيءَ ۾ ”لواريءَ“ نالي ڳوٺ ٻڌي رهڻ لڳو .

هي عالم رباني زاهد الزمان، ساده طبع، تڪلف ۽ تصنع کان عاري، فارغ التحصيل ٿي پنهنجي ڳوٺ ۾ في سبيل الله متو ڪل عليٰ الله، ديني درس ڏيندو رهيو. سندس فيض هزارين انسان سيراب ٿيا پاڻ درس و تدريس سان گڏوگڏ تحرير ۽ فتويٰ جو ڪم به ڪندو هو سندس فتوائون حقانيت سببان ، سنڌ خواه هند، بلوچستان ۽ خراسان ۾ به مشهور ٿيون. بيچيده مسئلي کي به پنهنجي نور بصيرت ۽ خداداد لياقت سان عقده ڪشائي ڪرڻ ۾ مهارت حاصل هيس. اُهوئي سبب هو جو پاڻ خانگاهن ۽ سردارن جي طرفان ميراث جي مسئلن لاءِ ”امين“ مقرر هو.

هن علم فنون جي ڪامل درويش، 4 ذيقعد 1188 هه مطابق 12 فيبروري 1774ع تي دارالفانيءَ مان دارالباقيءَ ڏانهن پنهنجي منزل ڪوچ ڪئي. سندس مرقد لواري شريف ۾ عام و خاص لاءِ زيارت گاه بڻيل آهي.

خواجه صاحب، ادب، شعر، منطق، حڪمت، فلسفي ۽ فقہ ۾ ڪمال حاصل ڪندي، عربي، فارسي ۽ سنڌي زبانن ۾ بيتڪلف ۽ پختا شعر چيا آهن. خاص ڪري سنڌي شعر جي ”ڪافي“ صف ۾ کيس زياده مهارت حاصل هئي. سندس اڪثر ڪلام ”بيتن“ جي صورت ۾، حقيقت ۽ معرفت جو سرچشمو آهي، جيڪو اندازي مطابق 85 چيو وڃي ٿو؛ جنهن جي عربي شرح، سندس خاص مريد ۽ سنڌ جي برگزيدي عالم ۽ محقق مخدوم عبدالرحيم گروهڙي رح 1739ع – 1778ع) لکي آهي؛ جنهن جو سنڌي ترجمو؛ شمس العلماءُ ڊاڪٽر عمرالدين محمد خان دائود پوٽي صاحب (1896ع – 1958ع) : ”ابيات سنڌ“ جي نالي سان لکي ؛ ”سنڌي ادبي سوسائٽي ڪراچي“ طرفان 1939ع ۾ منظر عام تي آندو.

خواجه صاحب جو ڪلام حالانڪ محدود تعداد ۾ آهي ؛ مگر قديم رنگ ۾ فن ۽ فڪر جي بلندي منجهس زياده نظر اچي ٿي؛ جيڪا فڪري؛ سنجيده ۽ متين آهي. منجهس اشاريت ۽ معونيت سان گڏو گڏ زبان جي دلاويزي پڻ جهجهي انداز ۾ موجود آهي. سندس زبان عالمانه ۽ انداز - بيان شاعرانه آهن.

ديوان ليلارام ”خاڪي“

[1867ع – 1941ع]

سنڌي ”غزل“ جي تاريخ ۾ ديوان ليلارام ”خاڪي“ وطن مل ٽيڪواڻيءَ کي خاصي شهرت حاصل آهي. سندس جنم حيدرآباد سنڌ ۾، 13 آڪٽوبر 1867ع تي ٿيو. سندس پتا بالڪل مسڪين هو؛ جنهن ڪري مکي ڌنراج مل پنهنجي خرچ سان کيس پڙهايو. ليلارام منڍ کان وٺي محنتي هو – 15 سالن جي عمر ۾ مئٽرڪ ۽ ورنيڪيولر سنڌي فائينل جا امتحان گڏ پاس ڪري، ٽي ورهين سانده جيڪا به سرڪاري نوڪري ڪچيءَ طرح پئي مليس، سا ٻئي ڪيائين.

1886ع ۾ کيس وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ جو شوق ٿيو، پوءِ بمبئي يونيورسٽيءَ مان بي – اي ۽ ايل ايل – بي جون ڊگريون وٺي پهريائين وڪالت ۽ پوءِ جج مقرر ٿيو، جتان 1918ع ۾ رٽاير ڪيائين.

ديوان ليلارام ملازمت دوران، نثر توڙي نظم ۾ لکندو ئي رهيو. پاڻ عربي ۽ فارسي زبانن جي به سٺي ڄاڻ رکندو هو. سنڌي شاعريءَ جي سلسلي ۾ غزلن تي مشتمل ”ديوان“ به ترتيب ڏنل آهي، جيڪو ”ديوان خاڪي“ جي نالي سان 1921ع ڌاري پڌرو ٿيو هو. انهيءَ کان علاوه سندس ڪجهه ڪتاب به لکيل هئا، جيڪي اڄ بالڪل ناياب آهن.

”خاڪي“ صاحب ، خالص ڌرمي انسان هو. ڪيئي خير جا ڪم ڪيائين. خاص ڪري سماجي ڪمن ۾ سڀني کان اڳرو هوندو هو. هڪ اندازي مطابق 1941ع ڌاري حيدرآباد ۾ مرتيه ٿيو ۽ اتي ئي سندس ڪريا ڪرم ڪيو ويو. عروضي شاعريءَ جي سلسلي ۾ ”سوئيا ڇند“ ، سندس طبع جي پسند هئي.

 

ديوان هريرام درياني ”دلگير“

[جنم 1916ع]

ديوان هريرام ”دلگير“ پٽ گرڏنو مل دريانيءَ جو جنم لاڙڪاڻي شهر ۾، 15 جون 1916ع تي ٿيو آهي. سندس پتا نهايت ئي ديانتدار ۽ لائق انسان هو؛ جنهن مختيار ڪاريءَ جو عهدو به ماڻيو هو. هن پنهنجي پٽ هريءَ کي انجنيئرنگ ڪاليج ڪراچيءَ مان بي – اي (B.e) تائين پڙهايو پوءِ ملازمت جي ارادي سان پهريائين اوور سيئر ، ايس – ڊي – او ۽ آخر ۾ ايگزيڪيوٽو انجنيئر بڻيو، جتان 1958ع جي آخر ۾ هندستان هليو ويو .

”دلگير“ صاحب نهايت ئي اورچ ۽ هوشيار انسان آهي – 1958ع کان ”تولاڻي پاليٽيڪنڪ انسٽيٽيوٽ“ آدي پور (ڪڇ) ۾ فائوندڙ پرنسيپال جي عهدي تي فائز آهي ؛ ۽ ساڳئي وقت گانڌيڌام ڪاليجيٽ بورڊ جو بنيادي سيڪريٽري پڻ آهي. ساهيته اڪيڊمي بمبئي يونيورسٽي ۽ گجرات يونيورسٽيءَ جي سنڌي و ڀاڳه سان گهرو ڳانڍاپو آهي.

ديوان درياني صاحب ، جديد شاعرن ۾ اهم حيثيت جو مالڪ مالڪ آهي، سادگي ۽ سلاست سندس ڪلام جون خاص خوبيون آهن. ان کان سواءِ سندس ڪلام ۾ بي پناه رواني ۽ لفظن ۾ هڪ قسم جو ترنم آهي. عمدت الشعراءُ نواز علي ”نياز“ جعفري (1892 – 1959ع) کي انهيءَ سلسلي ۾ ”استاد“ ڪري مڃيندو هو؛ ۽ ساڻس خوب روح رهاڻيون ڪيائين. لاڙڪاڻي جي مشاعرن توڙي عام ادبي محفلين ۾ به گهري دلچسپي ورتائين. سندس شعر سنڌ ۽ هند جي رسالن ۾ ڪثرت سان ڇپجندو رهيو. ساڳئي وقت سندس ڪلام جا مجموعا به ميدان تي آيل آهن . بيت ، وايون پنجڪڙا گيت غزل، ترائيل، نظم، ٽيڙو، قطعا، رباعيون، للت پد ۽ نظاماڻو نثر وغيره تي خوب طبع آزمائي ٿيل اٿس.

پاڻ نهايت ئي حساس طبع آهي. ماحول جي اوڻاين ۽ سماج جي سڌارن بابت هر وقت سندس اندر ۾ هورا کورا رهي آهي. هو ستايلن جي سار لهي ٿو ۽ بي اختيار ان جي ترجماني ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ٿو ڇڏي ويدانيت ۽ تصوف کان به خوب متاثر نظر اچي ٿو. سندس نظر ۾ ”سڀ ۾ ان سائينءَ جو پرتوو آهي“ نموني طور سندس ڪلام مان مثال هيٺ ڏجي ٿو :

”تنهنجي پيرن هيٺان هماليه، جهڪي ڪري پرنام!

آسمان جو چنڊ نه نوڙي، توکي ڪري سلام،

نيلي اڀ ۾ ڊوڙون پائين،

جهنڊي پنهنجي کي جهولائين،

شاهي تنهنجو شان، جڳت ۾ تون اوچو انسان!“

ديوان ”دلگير“ صاحب، فرض شناس، ديرينيو، شريف، اندر ٻاهر هڪ جهڙو ۽ ٿور ڳالهائو آهي. مطلب ته ٻيا گڻ، جيڪي بالا عملدارن جا ڳهڻا آهن، سي منجهس موجود آهن اهڙا لائق تعليم ڏيندڙ ڪي دنيا ۾ ڇڊا آهن. ڌڻي کيس وڏي حياتي بخشي ۽ هو شال پنهنجو وقت سڦلو ڪري؛ ۽ هند ۾ رهي به، سنڌ جو نام اوچو ڪندو رهي.


(1)– سندس اصل نالو ”محمد پريل“ هو ؛ جنهن کي مرشد جي چوڻ موجب بدلائي ”شمس الدين“ رکيو ويو.

(1)– ”آفندي“، ترڪي زبان جو لفظ آهي؛ جنهن جي لغوي معنيٰ آهي: ”عزت وارو يا تعظيم وارو“– 1887ع ۾ جڏهن ترڪيءَ ۽ روس جي وچ ۾ لڳل جنگ دوران حسن عليءَ، ترڪ مسلمان سپاهين جي هڙئون توڙي قائم ڪيل جماعت (مجمع محمدي) طرفان وڏي مدد ڪئي. انهيءَ خدمت عيوض ترڪيءَ جو سلطان کيس تغمي سان گڏ ”آفندي“ جو خطاب به ڏنو هو ، جيڪو پوءِ سندس نالي جو حصو بڻجي ويو. اهڙيءَ طرح انگريز حاڪمن به سندس خدمتن جو اعتراف ڪندي، ”خانبهادر“ جو لقب ڏئي ڇڏيو هو.س [”سنڌي انسائيڪلو پيڊيا“ – ميمڻ عبدالغفور سنڌي، (قلمي نسخو) 1980ع، صفحو 373].

(1)– حيدرآباد ۾ آخوندن جو هي قديم قبيلو آهي؛ جنهن جو پريو مڙس، وقت جو وڏو عالم ۽ فاضل آخوند محمد بقا ولد ميان لعل محمد هو،جيڪو مير فتح علي خان جي ڏينهن ۾ حيدرآباد جو ”قاضي“ هو. آخوند ميان محمد احسان پڻ هڪ نيڪ نيت، خدا رسيدو ۽ باشريعت عالم هو. مير صاحبن وٽ وڏي هلندي هيس. کانئس پينشن جيان پڇاڙي تائين لوازمو ملندو هو. پاڻ آخوند محمد بقا جي قريبي لڇ مان هو؛ اهو ئي سبب آهي؛ جو هي گهراڻو ”آخوند محمد بقا جي آڪهه“سڏبو اچي ٿو.

(1)– ان زماني ۾، مسلمان وڪيل ڪونه هوندا هئا، ۽ مسلمانن جا اڪثر مقدمه هندو (ڏيارام ڄيٺل ۽ اڌا رام مولچند) ۽ عيسائي (مسٽر پاٽا ۽ مسٽر داڪيل) وڪيل کڻندا هئا. حسن عليءَ جو وڪات ۾ پير پائڻ سان، مسلمانن کي وڏي آساني ٿي پئي.

(1) – سندس ڪم کان خوش ٿي، تڏهوڪي سرڪار کيس ”سمال ڪازز ڪورٽ“ (Small Causes Court) جو ”جج“ ٿيڻ جي آڇ ڪئي، مگر اها آڇ ٿڏي ڇڏيائين. ويتر وڌل سرڪاري ڳٽ به ڳچيءَ مان ڪڍي، آزاد زندگي بسر ڪرڻ لڳو.

(2)– انهيءَ سلسلي ۾ بولٽن مارڪيٽ ڪراچيءَ لڳ پلاٽ وٺي، پهرين سيپٽمبر 1885ع تي قائم ڪيائين، پر پوءِ مسلمانن وڌندڙ چاهه ڏسي، 1887ع ۾ ميونسپالٽيءَ کان هڪ ٻيو وڏو پلاٽ خريد ڪري، موجوده جاءِ تي ”سنڌ مدرسة الاسلام“ نالي شاندار عمارت 1890ع ۾ جوڙائي، تعليم کي عام ڪيائين.

(1) – وفات وقت ڪراچيءَ جي مسلمانن جي اها مرضي هئي، ته کيس ”سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچيءَ“ جي احاطي ۾ جاءِ ڏني وڃي، مگر مرحوم جي وصيت (خواهش) کي اوليت ڏيندي، کيس حيدرآباد ۾ ”حسن علي آفندي باغ“ ۾ دفنايو ويو، جتي ”قصر آفندي“ به واقع آهي.

(1)– پنهنجي والد بزرگوار (حاجي رحيم بخش ميمڻ) کان معلوم ٿيو آهي، ته رئيس شاه محمد کهڙو تر ۾ وڏو ماڻهو ليکجڻ ۾ ايندو هو. ماڻهو، سونا ڳجهه ڳٽا ۽ روڪڙ وغيره امانت طور وٽس رکندا هئا. پير سنيءَ جي زماني ۾ سندس حافظو به ڪمزور ٿي چڪو هو، پوءِ جڏهن ماڻهو امانت واپس وٺڻ ايندا هيس، ته ڦيٿن تي ٺهرايل گاڏو، ڪمري مان گهلي ٻاهر آڻيندو هو ؛ جنهن مان سپتيا سنڌي پنهنجي امانت چونڊي ڪڍندا هئا.

(1)– انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ مسلم ليگ طرفان، آڪٽوبر 11، 1957ع تي رٿ پاڪستان مسلم ليگ ڪائونسل ڊاڪا آڏو آندائين ۽ جيڪا بحال نه ٿي سگهي. آخر سخڪ جدوجهد بعد، پهرين جولاءِ 1910ع تي ون يونٽ جو خاتمو ٿيو.

(1) – هن خاندان جو وڏو ڏاڏو، محمد مئين دهليءَ کان ڦرندو 900 هه (1494ع) ۾ سنڌ پهتو. مغلن جي ايامڪاريءَ ۾، منجهانئس هڪ قبيلو ٺٽي ۾ آباد ٿيو ؛ جنهن پاڻ کي، حضرت علي المرتضيٰ رضه جي وڏي ڀاءُ، حضرت عقيل بن ابو طالب رضه جي پشت سببان، ”عقيلي“ سڏايو، جيڪي درس و تدريس سان گڏوگڏ معزز پيشن : قاضي، مفتي، مولوي، آخوند ۽ خليفا وغيره سان منساڪ هئا. سندس اولاد مان آخوند ولي محمد پراڻن هالن ۾ لڏي ويٺو. کيس ٽي فرزند : گل محمد، شفيع محمد ۽ محمد بخش هئا، انهن مان خليفو گل محمد سڀني کان وڏو ۽ علم ۾ اڪابر هو.

(2) آخوند گل محمد کي ”خليفو“ انهيءَ ڪري ڪوٺيندا هئا، جو پاڻ راشدي بزرگ، پير پاڳاري، سيد علي گوهر شاه ”اصغر“ (1815ع – 1846ع) جو خاص خليفو هو.

(1)– خليفي صاحب کي اولاد ۾ : ٻه فرزند ۽ ٻه نياڻيون ٿيون، جن مان ننڍو پٽ، سندس حياتيءَ ۾ ئي وفات ڪري ويو هو، باقي ميان احمد کي پڇاڙيءَ تائين نرينه اولاد ڪانه ٿي سگهي.

(1)– سلسله - خواجگان“ (جنهن کي ”نقشبندي طريقت“ سڏيو ويندو آهي)، جو اڳواڻ ترڪيءَ جو، خواجه بهاءُ الدين نقشبندي رح (وفات 791 هه = 1388ع) هو. برصغير ۾ پهريائين خواجه باقي باالله رح (وفات 1012 هه = 1603ع) ذريعي پهتو؛ جنهن کي سندس هر دلعزيز معتقد، شيخ احمد مجدد الف ثاني رح فروغ ڏنو.

(2)– حضرت عمر فاروق رضه جي پشت مان، ابوالبرڪات احمد عرف بدرالدين، بملقب ”مجدد الف ثاني“، 972 هه مطابق 26 جون 1564ع تي سرهند ۾ ڄائو. قرآن پاڪ جي حفظ بعد، والد بزرگوار شيخ عبدالاحد وٽان ابتدائي درس ورتائين. پوءِ سيال ڪوٽ مان، مولانا ڪمال ڪشميريءَ وٽان معقول بابت ڪتاب پڙهيو. حديث جي سلسلي ۾ مولانا محمد يعقوب کي استاد ڪري ورتائين – 17 ورهين جي عمر ۾ فارغ التحصيل ٿي درس و تدريس سان گڏ ، حق جي حمايت ڪيائين. انهن ڏينهن ۾ هندستان تي مغل شهنشاه اڪبر جو حڪم پئي هليو. جنهن ”دين الاهي“ قائم ڪري، پنهنجي معتبرائپ پئي مڃائي. مجدد صاحب ، ناميارن سنڌي عالمن : ملا فيضي ۽ ابوالفضل سان ملندو رهيو. حتيٰ ڪاملا فيضيءَ کي به نقطه قرآن پاڪ جي تفسير ۾ رهنمائي به ڪيائين. ٿانسير جي رئيس، شيخ سلطان جي نياڻيءَ سان نڪاح ٿيس؛ جنهن ۾ ڪافي دولت به پلئه پيس، ظاهري علم سان گڏ ، پاڻ طريقت جون راهون ۽ چشتي، سهروردي  ۽ قادري طريقي جو درس به والد وٽان ورتائين ، مگر دل کي اڃا چين نه هوس ؛ جنهن ڪري 1008 هه ۾ دهليءَ وڃي، خواجه محمد باقي باالله جي بيعت ڪيائين. مرشد جي وفات بعد، سندس سلسله ”نقشبنديءَ“ کي فروغ ڏنائين؛ جنهن ۾ ڪنهن حد تائين ڪاميابي به حاصل ٿيس – 1034 هه مطابق 1624ع ۾ راه رباني ورتائين.

(1)– نوشهري فيروز جو صوفي بزرگ، شاه نصير الدين نقشبندي (1248 هه = 1832ع / 1318 هه = 1900ع)، وڏو عالم ۽ باشريعت بزرگ هو. سندس هند خواه سنڌ جا ڪافي مسلمان ۽ هندو مريد هئا. عربي زبان لکي پڙهي ڄاڻندو هو سنڌي ؛ اردو ۽ هندي زبانن جو سٺو شاعر هو. فارسي زبان ۾ ته سندس مڪمل ”ديوان“ به آهي ؛ جيڪو گهڻي ڀاڱي صوفيانه رنگ ۾ رتل آهي. سنڌ جا ماڻهو سندس ڪلام عقيدت وچان آلاپيندا آهن. خوشخط به بهترين هو. فقير عثمان سانگي ۽ فقير خير محمد هيسباڻيءَ جي صحبت مان ”همہ اوست“ جو پيرو ڪار بڻيو. لاڙڪاڻي ۾ سندس اچڻ وڃڻ گهڻو ٿيو- بلوچستان ؛ قنڌار ؛ سرهند ؛ اجمير ۽ بمبئيءَ تائين به ويو.

(1) – 1395 هه مطابق پهرين جنوري 1975ع کان ”بدين“ کي ضلعي جي حيثيت ملي آهي.

(1)– ”سوئيا ڇنڊ“، چئن مصرعن (سٽن) واريءَ صنف کي سڏبو آهي؛ جنهن جي هر هڪ سٽ ۾ سورهن ماترائون هجڻ لازمي آهي. ساڳئي وقت سٽاءَ جي لحاظ کان چار ئي مصرعون پاڻ ۾ هم قافيي هجن.

(1) – 2 جون 1939ع تي نانڪي ليلارام سان شادي رچايائين جنهن مان کيس ٻه پٽ (رام ۽ لڪشمڻ) ۽ ٻه نياڻيون (شرميلا ۽ لتا) آهن.

(2)– سنڌ مان ڇپيل سندس ڪلام جو پهريون مجموعو ”هر شچندر جي ڪوتا“ (1941) ، ٻيو ”ڪوڏ“ (1942ع) ۽ ٽيون ”ماڪ ڦڙا“ (1953ع) آهي. هندستان مان وري ”موج ڪئي مهراڻ“ (1966ع) ۽ ”پل پل جو پر لاءُ (1977ع) پڻ پڌرا ٿيا آهن.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org