قادر ڪار ساز آهي، جيڪڏهن ڪنهن تي راضي ٿئي ٿو، ته
سندس لاءِ موزون ۽ مناسب حالتون بڻجيو پون. تمر
فقير تي ته شروع کان ئي ڀلارن جا ڀال ٿيل هئا، جو
درويش جي دعا سان وري ولادت به ڀليءَ ولايت ۾ نصيب
ٿيس. پاڻ نهايت سدورو، سلڇڻو ۽ حليم طبيعت هوندو
هو، ان ڪري ڳوٺ جي سڀني ننڍن وڏن کي بيحد پيارو
لڳندو هو. شاه سائين ته کيس پٽيلو ڪري ڇڏيو هوس.
جڏهن سمجهه ڀرو ٿيو، ته شاه سائينءَ سندس ٻانهن
محڪم الدين سيلاني رح (ولادت 1139 هه = 1726ع) جي
هٿ ۾ ڏيندي، کيس سچي فقير بڻائڻ لاءِ امر ڪيائينس.
بس، پوءِ ته هڪ صوفي دل، اهل- علم شخصيت ۽ اهل
الله درويش جي صحبت ۾ رهي ڪري، سلوڪ جون تمام
منزلون طيءِ ڪري وڃي مٿي چڙهيو. اڃا بلوغت تي مس
رسيو. ته سندس مرشد (شاه سائين رح) وفات ڪري ويو.
ان وقت تمر پندرهن ورهين جو ڳڀرو جوان هو.
تمر فقير جي تعليم بابت به روايتون ملن ٿيون. چوڻ
۾ اچي ٿو ته پاڻ شاهه جمال جي ڏينهن مسجد جو پيش
امام به ٿي رهيو؛ جنهن لاءِ قرآن پاڪ جو درس ميان
ولي محمد وائيءَ واري وٽان ورتو هئائين. سندس
طريقت جو سلسلو به ساڳيو ئي مرشد جهڙو هو. شريعت
جو پائبند ۽ سنت والجماعت جو پير و ڪار هو ۽ بالڪل
مجرد رهيو – 77 ورهين جي ڄمار ۾، 1227 هه مطابق
1814ع تي ڪڇ ۾ ئي رهندي وصال ڪيائين. وصيت موجب
کيس پٽ تي جيئن تيئن ڪري آندو ويو؛ ۽ شاه سائين رح
جي ڏاکڻي طرف احاطي جي ڪنڊ ۾ هميشہ هميشہ لاءِ
آرامي ڪيو ويو. کانئس پوءِ، سندس هڪ ويجهي عزيز،
فقير ڪمال سالاري کي ڌاڳا ڍڪائي، تمر جي آسڻ تي
آندائون.
هي تارڪ الدنيا فقير، نيت جو اڇو ۽ مرشد جي رنگ ۾
رتل هو. راڳ کي روح جي راحت سمجهندو هو. اهو ئي
سبب هو، جو وٽس سازن ۽ تنبورن سان ڪيترائي ڳائڻا
موجود هوندا هئا. سنڌي زبان ۾ ڪافي ڪلام چيو اٿس.
سندس ڪلام ۾ اصطلاح ۽ تضمينون جاءِ بجاءِ استعمال
ٿيل آهن. زندگيءَ جو ڳچ حصو ڪڇ ڀڄ ۾ گذاريو هئائين
پاڻ عمر جي لحاظ کان حالانڪ مڙني فقيرن کان ننڍو
هو، پر شاه سائينءَ وٽ سڀني ۾ سندس مان مٿاهون هو.
پرسرام ”ضيا“
[1912ع – 1958ع]
قومي درد رکندڙ ۽ غريبن، مسڪينن ۽ بي سهارن جي غم
ونڊيندڙ، پرسرام ”ضيا“ پٽ ننديرام جهامناڻيءَ،
ضلعي نواب شاه جي تعلقي ٽنڊي آدم ۾ 11 جولاءِ
1912ع تي جنم ورتو سندس پتا اکين کان ضعيف هو،
جنهن ڪري ”پرسو“ سدائين سندس ڏڍ هيو. جڏهن ستن
سالن جو ٿيو، ته کيس ڀر واري اسڪول ۾ وهاريائونس،
جتان ست درجا سنڌي پاس ڪري، نواب شاه مان ور
نيڪيولر فائينل جو امتحان پاس ڪيائين.
هندو، اڪثر پرائي بزگيري پسند نه ڪندا هئا، ان جي
عيوض وڻج واپار کي ترجيح ڏيندا هئا. حالانڪه
پرسرام کي به ڪيترن ئي هنڌن تان ملازمت جي دعوت به
ملي، مگر پاڻ مسڪيني حال سببان مجبوراً هڪ سيٺ جي
دوڪان تي 22 روپين ۾ ملازم وڃي بڻيو؛ جتان آهستي
آهستي وڌي، پنهنجي ذمي هڪ ڪپڙي جو ننڍو دوڪان
کوليائين. طبيعت جو ڪنئرو هو؛ جنهن ڪري سندس دوڪان
اوڌر ۾ خالي ٿي ويو ، پر پوءِ ته ويتر غربت جو
گذران ڪرڻو پيس. جوانيءَ تي رسڻ سان ناڪام محبت جو
شڪار ٿيو ؛ آخر ويچار پڙهائيندي، ”رنجور“ تخلص سان
سنڌي شاعريءَ ۾ طبع آزمائي ڪرڻ لڳو
.
شاعريءَ جي شوق ۾ پرسرام جي پڌرائي پري پري تائين
وڃي پهتي. محفلين ۽ مشاعرن ۾ شوق سان وڃي شعر
پڙهندو هو. باالاخر سخن جي سلسلي ۾ مراد علي
”ڪاظم“ کي باقاعده پنهنجو آگو ڪري
مڃيو. ”ڪاظم“
، پرسرام جو ”رنجور“ تخلص بدلائي ”ضيا“ رکرايو.
پوءِ انهيءَ نئين تخلص سان پرسرام پنهنجي استاد جي
رهبريءَ هيٺ شعر جو ٻيو مجموعو ”تصوير احساس“ نالي
سان 1943ع ۾ منظر عام تي آندو
.
ورهاڱي وقت لڏ پلاڻ ۾ ڀارت (هندستان) هليو ويو،
جتي بمبئي ۾ قيام ڪيائين. بمبئيءَ مان نڪرندڙ سنڌي
اخبارن ۾ ”سوٽائي“ ”سودائي“ ۽ ”سپاهي“ عنوانن سان
مستقل طنزيه ڪالم نويس بڻيو. انهيءَ سلسلي ۾ ڪيئي
فرضي نظم، سماجي اوڻاين بابت به لکيائين. مطلب ته
”ضيا“ ؛ هڪ بهترين شاعر هجڻ سان گڏو گڏ قومي درد
رکندڙ انسان هو. نياز ۽ نوڙت وٽس آل جال هئي. بک
ڏک تي کيس غريبن لاءِ اونجهه لڳل هئي. اهوئي سبب
هو، جو سندس شعري مجموعا عوام جي ڏکن ۽ سورن جي
ذڪر سان همدرديءِ ۽ احساس جي انداز ۾ ڏٽيا پيا
آهن. هڪ شعر ۾ چوي ٿو:
آهي هيءَ بستي اها، جت اهڙا انسان ٿا وسن،
ٿي اگهاڙا ٿا گهمن، روٽي ٽڪر لاءِ ٿا سڪن،
فاقي کان مجبور ٿي، ٿا جرم جا قاتل بڻن،
ڌرم جا دشمن ٿين، ايمان کان باغي ٿين.
”ضيا“ شعر“ جي سلسلي ۾ هر طبقي کان داد وٺندو هو.
سندس ڪيترن ئي نظمن ۾ اڪثر اهو انو مان نڪرندو هو،
ته اهو ڪنهن مسلمان جو چيل آهي. پاڻ ڪيترن ئي اردو
شاعرن جو خيال به پنهنجي شعر ۾ آندائين.
هي مسڪين انسان، پنهنجي لڄ لڪائڻ لاءِ رات ڏينهن
ڏوريندو رهيو. کيس غربت جو احساس هو، مگر مالڪ آڏو
ماٺ ۾ رهيو. ڌڻيءَ هيءَ ڏکن ۽ ڏوجرن واري ٿوري
حياتي به سندس لاءِ ڊگهي ڪئي هئي، جنهن ڪري 47
سالن جي لڳاتار ڪشٽ ۽ ڪشالن پڄاڻان، 28 آڪٽوبر
1958ع تي ديهانت ٿيس. سندس ڪريا ڪرم بمبئيءَ ۾ ئي
ٿيو .
پير تراب علي شاه
[1857ع – 1938ع]
پير تراب علي شاه ولد سيد عبدالله شاه جي ولادت
لاڙڪاڻي ضلعي جي قمبر شهر لڳ، علي خان ڳوٺ ۾ •
ذوالقعد 1274 هه مطابق 2 نومبر 1857ع تي ٿي. محمدي
شريعت جو پابند ۽ اسلام جو سچو خادم هو. پيري
مريديءَ سان گڏو گڏ، انگريزن جي کلم کلا مخالفت ۾
سر تريءَ تي رکي، ديسي تهذيب کي اوليت ڏيڻ پنهنجو
فرض اولين سمجهيائين. آزاديءَ جي خاص علمبردارن ۾
هجڻ ڪري، وڌ ۾ وڌ اذيتون به سٺائين. خلافت تحريڪ
جي سلسلي ۾ سندس ٻانهن ٻيلي، حضرت مولانا سيد تاج
محمود امروٽي رح، پير رشد الله شاه رئيس المهاجرين
جان محمد خان جوڻيجو، مولانا عبدالڪريم ”آزاد“ ،
مولانا عبيدالله سنڌي ۽ مولانا عبدالڪريم ”درس“
جهڙا مرد مجاهد هئا- 2 شوال 1357 هه مطابق 17 مارچ
1938ع تي راه رباني ورتائين.
پير صاحب جو ڪافي مطالعو هو. پاڻ ڪجهه وقت لاءِ
”الرشد“ نالي رسالو به ڪڍيائين. مٿس سندس سهري ۽
استاد عمدت العلماءُ حضرت مولانا غلام صديقي ميڪڻ
شهداد ڪوٽي رح (1842ع – 1905ع)، سيد اختر علي شاه
ساڪن ”ميمڻ محله“ لاڙڪاڻي واري ۽ مولانا ابوالڪلام
”آزاد“ جو وڏو اثر رهيو. سادو پهريندڙ سادو
کائيندڙ ۽ غريبن جو يار هو. امير جي ڀيٽ ۾ غريب جي
ضمير کي صاف ۽ اجرو سمجهي، سندس وفاداريءَ کي بي
غرض ۽ پائدار ٿي ڄاتائين.
پير
ناصر الدين شاه رح
[1878ع – 1913ع]
صاحب- ڪرامت صوفي درويش ؛ سيد پير ناصرالدين شاه
ولد سيد عبدالرسول شاه، انگريزن جي دور - حڪومت ۾،
12 ربيع الاول 1295 هه مطابق 2 مئي 1878ع تي تعلقي
لاڙڪاڻي جي قديم ڳوٺ دوداڻيءَ ۾ تولد ٿيو. ابتدائي
تعليم قرآن پاڪ ناضران کان حفظ ڪرڻ تائين، آخوند
عبدالرحمان ميمڻ (1839ع – 1904ع) جون خدمتون حاصل
ڪيائين. بعد ۾ همايوني بزرگ ۽ اهل - دل انسان،
مولانا عبدالغفور ”مفتون“ همايوني رح (1844ع –
1918ع)، قاضي عبدالعزيز ٿريچاڻي ۽ وليدن ۾ مقيم
سيد احمد مدني عرف ”عرب صاحب“ جن وٽان فيضياب ٿيو.
جوانيءَ ۾ خوب عبادتون ۽ مجاهدا ڪيائين. نهايت با
شريعت رهندي، تهجد ۽ اشراق کي به ڪڏهن ترڪ ڪين
ڪيائين. هر مهيني ”ڏهاڪو“ ۽ هر سال ”چلو“ ڪڍندو
هو. درگاه پير ڳوٺ جو به پانڌيئڙو هو.
35 سالن جي ڦوهه جوانيءَ ۾، 21 صفرالمظفر 1332 هه
مطابق 27 آڪٽوبر 1913ع تي ڳوٺ دودائي شريف ۾ ئي رب
کي وڃي پيارو ٿيو. سندس همعصر ۽ صحبتين ۾ ناميارو
شاعر، شينو شمس الدين ”بلبل“ ميهڙائي (1857ع –
1919ع) ۽ ميان خدا بخش بروهي (دفن، ميمڻ محله
لاڙڪاڻو) ۽ محمد سومر ميمڻ جا نالا قابل - ذڪر
آهن. سيد صاحب شاعريءَ جي سلسلي ۾ سنڌي ڪافيون ۽
بيت به جهجها چيا آهن. سندس ڪافيون، سنڌ جي ڪنڊ
ڪڙڇ ۾ فقير ڳائن ٿا. ڳوٺ دودائي شريف ۾ مٿس هڪ
عاليشان مقبرو ٺهيل آهي، جيڪو آندل خان ڪورينجو
نالي مشهور خيرپوري ڪاريگر جو جڙيل آهي. سوين
سوالي روزانو درگاه جي زيارت لاءِ اچن ٿا.
پير
پاڳارو، سيد صبغت الله شاه رح
[1777ع – 1831ع]
سيد صبغت الله شاه (اول) بالمعروف پير پاڳارو
ولد سيد پير محمد راشد شاه عرف ”روضي ڌڻي“، غالباً
1191 هه مطابق 1777ع ڌاري خيرپور ۾ ڄائو. سندس
والد بزرگوار پنهنجي والد سيد محمد بقا شاه
ولد سيد امام علي شاه رح کان پوءِ رشد و هدايت جي
مسند تي ويٺو. سندس جد- امجد سيد امام علي شاه
باالمعروف ”پٽ ڌڻي“ (1733ع – 1784ع)، وڏو ڪامل
درويش ٿي گذريو آهي؛ جنهن ظاهري علم کان علاوه
مخدوم محمد اسماعيل پريان لوءِ (پريالو) وٽان
روحاني فيض به حاصل ڪيو هو.
سيد صبغت الله شاه، ڪامل استادن جي نظر ۾ فيض اثر
هيٺ ديني خواه دنوي ڄاڻ حاصل ڪئي هئي پوءِ ته
روحاني فيض به حاصل ٿيس. ٻين لفظن ۾ ائين چوڻ به
بي جاءِ نه آهي، ته ”سنڌ وارن کي، دنيا اندر پير
صبغت الله شاهه جهڙو شيخ ۽ مرشد ڪامل نه مليو. کيس
ٽي لک ٻروچ عقيدت مند هئا. پاڻ وڏي مان ۽ مرتبي
سان زندگي گذاريائين. سندس خلوص، سخا ۽ مروت ملڪان
ملڪ مشهور هئي. وٽس اهڙو ته وڏو ڪتبخانو هو، جو
شايد بادشاهن وٽ به ڪونه هجي ؛ جنهن ۾ پندرهن
هزارن کان زياده، ته ناياب ڪتاب محفوظ هئا
. عربي ۽ فارسيءَ تي عبور حاصل هوس. ڪڏهن ڪڏهن شعر
به چوندو هو.
پاڻ زندگيءَ جون چونجاهه بهارون ڏسي، 5 رمضان
المبارڪ 1246 هه مطابق 8 فيبروري 1831ع تي هن
دارالفانيءَ مان دارالباقيءَ ڏانهن راهي ٿيو. کيس
ست فرزند: غلام مصطفيٰ شاه، سيد عبدالقادر شاهه،
سيد علي گوهر شاه، سيد علي محمد شاهه، سيد علي
حيدر شاهه، سيد ذوالفقار علي شاهه ۽ سيد شاهه
مردان شاه هئا. انهن مان سيد پير علي گوهر شاهه
”اصغر“ سندس جانشين بڻيو. جيڪو ”بنگلي ڌڻيءَ جي
نالي سان پڌرو ٿيو .
جلال الدين محمد اڪبر
[1542 – 1605ع]
مغل شهنشاهه ابوالفتح جلال الدين محمد اڪبر ولد
نصير الدين همايون، 5 رجب المجرب 949 هه مطابق 15
آڪٽوبر 1542ع تي صوبي سنڌ، ضلعي ٿرپارڪر جي تعلقي
عمرڪوٽ ۾ ڄائو هو. پاڻ اڃا تيرهن ورهين جو مس ٿيو،
ته سندس والد وفات ڪري ويو. پوءِ کيس سندس جانشين
بڻائي، هندستان جي تخت تي ويهاريو ويو.
ٻالجتيءَ جي ڏينهن ۾ سندس پاران حڪومت جو تمام
انتظام بيرم خان
سنڀاليندو هو. هي اهو وقت هو، جڏهن پوري هندستان ۾
حالتون بگڙي چڪيون هيون. ڪڏهن افغان پئي اڀريا، ته
ڪڏهن هيمو بقال به پئي همت ڪئي. مطلب ته هر طرف
کان خون، فساد ۽ بغاوت جي بوءَ بکي رهي هئي. مگر
اڪبر پنهنجي خداداد لياقت ۽ عقلمنديءَ کان ڪم وٺي،
نهايت دليرانه نموني ۾ هر مصيبت کي مڙس ٿي منهن
ڏيندو آيو. پورا چوڏهن ورهيه کيس انهيءَ
افراتفريءَ ۾ گذريا. آخر هن باهمت انسان پنهنجي
مخالفن کي ماري مڃايو. پوءِ ته ميدان تي نڪري،
بنگال، گجرات، رنٿنبور، ڪالنجر، چتور ۽ مالوا
وغيره وڃي قبضي ڪيائين. باالاخر 1576ع ۾ پوري اتر
هندستان تي قابض ٿي ويو ؛ جنهن ڪري 1595ع تائين
سنڌ، بلوچستان، ڪشمير، قنڌار ۽ اوڙيسا جا علائقا
به سندس قلم هيٺ رهيا.
هينئر وري کيس خيال آيو، ته ڏکڻ هندستان به پنهنجي
جهنڊي هيٺ آڻيان انهيءَ ارادي سان جنوبي هندستان
طرف رخ رکيائين. پوءِ ته دکن طرف کان خانديش، احمد
نگر ۽ برار پرڳڻن تي به قبضو ڪري ورتائين، جنهن
ڪري سندس سلطنت جو سايو (پاڇو) هندو ڪڇ کان
گوداوري ۽ بنگال کان گجرات تائين پئجي ويو.
اها اڪبر جي ڏاهپ هئي ؛ جنهن پوري هندستان تي
نهايت ڪماليت سهڻي سليقي سان پئي راڄڌاني ڪئي.
سندس مد برانه حيثيت جو دوست ته ٺهيو، پر دشمن به
انڪاري نه ٿيا. هو، هزارن نه، بلڪ لکن ۽ ڪروڙن
دلين کي قيد ڪري چڪو هو. نظام - حڪومت جي سرشتي کي
وري اهڙي ته عمدي طرز تي هلايائين، جو مسلمان ته
ٺهيو، پر خود هندو ۽ ٻيون به تمام قومون کيس مڃڻ
لڳيون. سياسي انتظامي ۽ مذهبي معاملن ۾ هر فرقي ۽
هر علائقي جي ماڻهن سان يڪجهتي اختيار ڪيائين. خاص
ڪري انصاف ۽ علم کي هٿان نه ڇڏيائين . امن امان
لاءِ ملڪ جي وڏن عهدن تي اڪثريت (هندن) کي مقرر
ڪيائين. اهڙيءَ طرح انصاف لاءِ وڏيون عدالتون
(ڪورٽون) قائم ڪيائين. مطلب ته کيس رعيت جو هر وقت
وڏو اونو رهندو هو.
اڪبر بادشاهه ؛ هڪ مسلمان هو، مگر هندن سان هڪ
جهڙو سلوڪ اختيار ڪيائين. پاڻ هندن مان شاديون
ڪيائين ؛ جنهن ڪري هندو مٿس ساه ڏيڻ لڳا. هندن جي
جان نثاري ڏسي، مٿن مڙهيل ”جزيه ڍل“ به معاف ڪري
ڇڏيائين. ازانسواءِ پنهنجين راڻين کي پاٺ پوڄا
لاءِ محلات جي اندر عاليشان مندر به جوڙائي
ڏنائين. گهرو ماحول جي نڪته نگاهه - کان پاڻ ايتري
قدر ته متاثر ٿيو؛ جو خيال آيس ؛ ته جيڪر ڪو اهڙو
”مذهب“ جاري ڪجي؛ جيڪو سڀني فرقن (جماعتن) کي قابل
- قبول هجي. انهيءَ مراد سان هن؛ سڀني مذهبي
پيشوائن کي فتحپور سيڪريءَ ۾ سڏائي، سندن صلاح سان
”دين الاهي“ نالي هڪ يادگار مذهب بڻايائين.
آخر ايامن ۾ سندس ٻه پٽ : مراد ۽ دانيال هڪ ٻئي
پٺيان رحلت ڪري ويا. سندس اکيون اڃا انهيءَ غم ۾
آليون هيون، ته اچانڪ سندس پيارو وزير ابوالفضل به
وفات ڪري ويو. ويتر سندس ڳڻتي ۽ ڳاراڻو وڌيو.
هوڏانهن سندس وڏو پٽ سليم، جيڪو ”جهانگير“ جي لقب
سان اڀريو، تنهن ملڪ وٺڻ لاءِ بغاوت جي باهه
ڀڙڪائي ڇڏي. آخر مصيبتن مٿان مصيبتون ڪڙڪندو ڏسي،
سندس دل ڪمزور ٿيڻ لڳي ؛ جنهن ڪري 63 ورهين جي
ڄمار ۾ 13 جمادي الثاني 1014 هه مطابق 17 آڪٽوبر
1605ع تي وفات ڪيائين. اڪبر بادشاهه وڏو قابل
حڪمران هو. هن ايڏي ساري ڪاميابي حاصل ڪئي، جو
ماڻهو کيس ”اڪبر اعظم“ جي نالي سان سڏڻ لڳا. پاڻ
نهايت رحمدل، خوش مزاج، بهادر ۽ سخي به هڪڙو ئي
هو. ڪيترن ئي بيواهين ۽ يتيم نينگرين جون شاديون
پنهنجي خرچ سان ڪرايائين. سندس طبيعت ۾ سادگي
زياده هئي، مطلب ته مغل سلطنت ۾ سندس راڄڌانيءَ جو
ڌاڪو ؛ هنڌين ماڳين وڄ جيان پکڙلي هو. انهيءَ ڪري
کيس ”ڪامياب بادشاه“ سڏيو ويندو هو.
جمع
خان غريب
[1885ع – 1953ع]
ماستر جمع خان ”غريب“ ولد ميان ستار ڏنو پيرزادو،
ضلع دادوءَ، تعلقي ميهڙ ۾، سيتا اسٽيشن لڳ، ڳوٺ
”مريد خان لاکير“ ۾، 12 شوال 1303 هه مطابق 15
جنوري 1885ع تي ڄائو. ننڍپڻ کان ئي ذهين هو.
شروعات ۾ ئي کيس علمي ماحول مليو؛ جنهن ڪري ستت ئي
پنهنجي ذهن ۾ ذڪاءَ ذريعي فارسي، سنڌي ۽ اردو
زبانن ۾ خاصي دسترس حاصل ڪري ورتائين. ويتر سنڌ جي
نامياري شاعر ؛ شمس الدين ”بلبل“ جي صحبت ملڻ سان
سخن جي سلسلي ۾ ؛ شاعريءَ جي فن کان به واقف ٿيو.
ورنيڪيولر سنڌي فائينل امتحان پاس هجڻ سببان،
پرائمري ماستر هو.
شاعريءَ ۾ ”غريب“ تخلص سان، محمد هاشم ”مخلص“ ۾
محمد صديق ”مسافر“ جون خدمتون حاصل ڪندي، سنڌي
زبان ۾ ڪمال درجي تي وڃي پهتو. سندس ڪلام ۾ سلاست
۽ سادگي زياده نظر اچي ٿي. پاڻ هڪ بهترين ۽ مثالي
استاد ٿي گذريو آهي. کيس طب سان لڳاءُ هو؛ جنهن
ڪري مشهور حاذق حڪيم، قاضي عبدالوهاب شڪارپوريءَ
وٽان يوناني نسخن جي به پوري پوري واقفيت ڪيائين.
”غريب“، بزم مشاعرن توڙي ادبي ڪانفرنسن ۾ سرگرم
ڪارڪن ٿي ڪم ڪيائين. لاڙڪاڻي مان ماهوار ”اديب
سنڌ“ رسالي جو بنيادي ايڊيٽر (اپريل 1941ع کان مئي
1945ع تائين) ٿي رهيو؛ ان کان پوءِ ”مسلمان“ جو
مدير ۽ ڪجهه وقت لاءِ ماهوار ”طالب الموليٰ“ به
سيتا مان ڪڍيائين – 1940ع ۾ پينشن تي پهچڻ بعد، طب
کي باقاعدي پنهنجو مشغلو بڻايائين. جمادي الثاني
14، 1372 هه مطابق 7 آگسٽ 1953ع تي هي جهان
ڇڏيائين.
سندس قلمي ڪاوش حالانڪ ايتري زياده ڇڏيل نه آهي،
تاهم به سندس ڪلام جو انتخاب ”گل نو بهار“ ۽ ”بنام
رسومات تباهي“ سنڌي ادب کي لازوال تصنيفون ڏنل
آهن. سندس ”بياض“ اڃا قلمي صورت ۾ سندس پٽ، رسول
بخش ”دوست“ وٽ پيل آهي ؛ جنهن جي ڇپجڻ جي اشد
ضرورت آهي.
جمن
جتي ستي
[1258ع – 1239ع]
سيد جمن شاه
ولد سيد امام علي شاه، عراق جي بخارا هر ۾ غالباً
657 هه مطابق 1258ع ڌاري ڄائو هو. پاڻ بخاري سيد
هو؛ جنهن ڪري قادري طريقت اختيار ڪئي هئائين. سندس
جد امجد خدا رسيده بزرگ هئا، جن جي خدا پاڪ وٽ دعا
مستجاب هئي.
سيد جمن شاهه، پنهنجي والد جي وفات بعد، سيرو
سياحت جي خيال کان سنڌ ۾ اچي نڪتو. پهريائين ٺٽي
پهتو ۽ پوءِ سيوهڻ شريف ۾ باقاعده سڪونت اختيار
ڪئيائين.
تاريخي تذڪرن مان معلوم ٿئي ٿو، ته سيد جمن شاه،
لعل شهباز قلندر کان ست سال اڳ (688 هه = 1289ع
ڌاري) سيوهڻ ۾ آيو هو؛ ان وقت سندس ڦوهه جواني
هئي. سيد عثمان مرونديءَ جي آمد تي جڏهن کيس کڙڪ
پيئي، تڏهن ڊوڙي وڃي سندس آڌر ڀاءُ ڪيائين. روايتن
مان معلوم ٿئي ٿو، ته لعل شهباز پهرين رات سيد جمن
شاه جو مهمان ٿيو هو.
سيد جمن شاه، سيد عثمان مروندي رح کي پنهنجو
روحاني رهبر ڪري ورتو هئائين. پوءِ کانئس ٻين
منزلن سان گڏ ”جلالت“ به حاصل ڪيائين. پوءِ ته لعل
سائين رح جي صحبت ۾ رچي ريٽو ٿيو. هينئر ماڳ موٽڻ
جو ارادو ترڪ ڪري، باقي حياتيءَ جا ڏينهن، سيوهڻ ۾
ئي گهاريائين، جتي 72 ورهين جي عمر ۾ غالباً 731
هه مطابق 1330ع ڌاري وفات ڪيائين. کيس شهر جي
اوڀارين طرف، درياه جي ڪنڌيءَ تي دفنايائونس. سندس
مقبرو مغليه دور ۾، نامياري بادشاه شاه جهان جي
ڏينهن ۾ جڙيو آهي.
چون ٿا، ته قلندر سائينءَ جي هن پياري طالب. سيد
جمن شاه جو خواجه خضر سان ٽڪر هو ؛ انهيءَ ڪري ٽي
دفعا درياه سندس مقبري تان واپس وريو آهي. مقبري
جي ڇت، اڌ ڍڪيل آهي. وڏا وس ڪيا اٿن، مگر پوري ڇت
هڪ رات کان وڌيڪ نه ٿي ٽڪي. خدا ڄاڻي! ڪهڙو اسرار
آهي !! سندس طالب ”قلندري طريقو“ رکن ٿا. پاڻ مرشد
(لعل سائينءَ) جي محنت ۾، سڄيءَ عمر ۾ شادي ڪانه
ڪيائين، انهيءَ ڪري کيس ”جمن جتي ستي“ ڪري سڏين
ٿا.
جمن
چارڻ
[1628ع – 1736ع]
فقير محمد جمن ولد محمد بخش چارڻ ، خيرپور ميرس،
تعلقي گمبٽ جي ”کهڙا ڳوٺ“
۾،
غالباً 1038 هه مطابق 1628ع ڌاري، ميان نور محمد
ڪلهوڙي جي صاحبيءَ ۾ ڄائو هو. پاڻ هڪ مسڪين فقير
هو. خدا پاڪ سندس اکين جي بينائي ختم ڪري ڇڏي هيس
؛ جنهنڪري اڪثر محتاجيءَ جي زندگي بسر ڪندو رهيو.
تمام وڏيءَ عمر تائين کيس ڪا به اولاد نه ٿي. دل
جي وندر ۽ ورونهن لاءِ شاعري ڪندو هو. چوڻ ۾ اچي
ٿو، ته هڪ لڱا جيئن ئي جمن چارڻ، پيران پير دستگير
عبدالقادر جيلاني رح جي شان ۾ مدح جوڙي رهيو هو،
ته کيس ارشاد ٿيو، ته: ”اي نابينا ! تنهنجي مدح
الله تعاليٰ وٽ مقبول ٿي آهي ؛ هينئر جيڪي به تون
هڪ سوال ڪندين اهو پورو ٿيندو !!“ انهيءَ غيبي
آواز سندس دل ۽ دماغ تي گهرو اثر ڪيو. باالاخر
سوچي، زبان مان اها التجا ڪيائين، ته: ”سوني
ٻانهينءَ سان ننهن، پٽ جهوليءَ ۾ کير ولوڙيندي
ڏسان“– خدا پاڪ سندس سوال اگهايو
.
فقير جمن، نه صرف مداح جو شاعر هو، بلڪ هڪ سگهڙ به
هو. سندس وفات اربع جي رات 14 رجب المرجب 1149 هه
مطابق 1736ع تي ٿي آهي. پاڻ پير ڪٽپر جي قبرستان ۾
ابدي آرامي آهي. سندس مذڪوره مداح مان ٻه بند
نموني طور هيٺ ڏجن ٿا.
”تون بادشاه بغداد جو، ڪو داد ڪر فرياد جو،
سڻ عرض مون بدزاد جو، تون ڪوٽ ٿي فولاد جو،
پردو رکين اولاد جو، يا پير پيران بادشاهه!
ڪل علم جو ارشاد ڪر، ارشاد جو امداد ڪر،
صالح سندم اولاد ڪر، دشمن قوي ڪل ماد ڪر،
يا پير پاران بادشاه!“
ڇتو
ڪوري
[1548ع – 1598ع]
دنيا ۾ ڪي انسان پنهنجي ڪارنامن کان مشهور هوندا
آهن، ته ڪي وري فطري لحاظ کان، مخصوص عادتن، طور
طريقن ۽ فڪري صلاحيتن سببان پري پري تائين اهڙا ته
پڌرا هوندا آهن، جو پنهنجي وقت ۾ ته وارو وڄائي
ويندا آهن، پر مرڻ کان پوءِ به هو پنهنجا ڪرتب عام
ماڻهن جي ذهنن ۾ هميشہ هميشہ لاءِ نقش ڪري ويندا
آهن. اهڙن نامورن مان محمد ڇتل ولد محمد صابن ڪوري
به هڪ ٿي گذريو آهي. سندس ولادت خيرپور رياست جي
ڳوٺ ”کهڙا“ ۾ 22 صفر المظفر 955 هه مطابق 3 اپريل
1545ع تي ٿي آهي. سندس وڏا ڪپڙي اڻڻ کان علاوه
زمين جو ٽڪرو به آباد ڪندا هئا.
|