سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:عظيم سنڌي انسان

باب-

صفحو :16

جڳتياڻي صاحب کي سنڌ ۽ سنڌ جي صوفي بزرگن سان وڏي محبت هئي. کيس صوفي شاعرن جو ڪافي ڪلام برزبان ياد هوندو هو. دروازي درگاه سان کيس خاص عقيدت هئي. پروفيسر منگهارا اُڌارام ملڪاڻي، سندس پيارن شاگردن مان هو؛ ۽ ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻي سندس گهاٽو دوست هو.

محمد بخش ”واصف

’فخرالشعراءُ‘ محمد بخش ”واصف“ ولد محمد عثمان لوهار، هڪ عمدو شاعر ٿي گذريو آهي. سندس ولادت ناناڻن ۾ 18 شعبان 1310هه مطابق 12 جولاءِ 1892ع تي، ضلعي نواب شاه، تعلقي سڪرنڊ جي ڳوٺ ”راضي جتوئيءَ“ ۾ ٿي. سندس والد حيدرآباد ۾ ملازم هو؛ جنهن ڪري هن نينگر جي پالنا حيدرآباد ۾ ٿي. اڃا ٽئين درجي انگريزيءَ ۾ ئي مس هو، ته سندس والد 1911ع ۾ وفات ڪري ويو. پوءِ ته پيءُ پڄاڻان، عيال جو سمورو بوجهه مٿس پئجي ويو؛ جنهن ڪري مجبوراً روزگار جي تلاش ۾، تعليم کي ترڪ ڪرڻو پيس، مگر هن زنده دل انسان انگريزيءَ طرف وڌڻ بجاءِ مشرقي ٻولين ۾ واڌارو آڻيندي، اديب، عالم ۽ فاضل تائين پڙهيو. (1)

ابتدائي تعليم حيدرآباد مان حاصل ڪندي، آخوند خير محمد ميمڻ وٽان قرآن پاڪ ناظران پڙهيائين. علم کان وڌيڪ سندس ذهانت هئي؛ جنهن ڪري عربي، فارسي، سنڌي، هندي، سنسڪرت، اردو ۽ انگريزي زبانن تي ڪافي دسترس حاصل هيس. ازانسواءِ يوناني فلسفي ۽ تصوف جي خاصي معلومات پئي رکيائين. اهڙيءَ طرح ديني علم کان به پوريءَ ريت باخبر هو.

”واصف“ تخلص سان سنڌي شاعريءَ ۾ ڪؤنتل ڪڏايو اٿس. نثر جي فن ۾ به کيس ڪافي مهارت هئي. خاص ڪري نظم جي واٽ ۾ سندس فن اوج تي پهتل هو. اِهوئي سبب هو جو سندس ڪلام ۾ رس رچاءُ ۽ رواني جهجهي انداز ۾ نظر اچي ٿي. پاڻ نه فقط ”غزل“ جو شاعر هو، پر نظم جي سلسلي ۾ به سندس واکاڻ واجب آهي. سندس گهڻو ڪري لاڙڪاڻي مان نڪرندڙ ماهوار رسالي ”اديب سنڌ“ (1941ع کان 1952ع) ۾ شايع ٿيل آهي. ڪلام جي مطالعي مان سندس فن جي لوازمات ۽ فوائد و صوابط ۽ فڪر جي گهرائي پڻ ڏسڻ ۾ اچي ٿي.

سندس جملي تصنيفات ۾: ”اسانجو پيارو رسول“، ”رباعيت“، ”ديوان واصف“، ”اسلامي شريعت“ (ٻه حصا)، ”شرح لطيفي“، ”گلزار چنبيلي“، ”رد“ ۽ ”تناسخ“ ميدان تي پهتل آهن. باقي سندس آخري تصنيفن ۾ ”خزينتہ العلوم“ ۽ ”الاهي انتقام“ اڻ ڇپيل صورت ۾ سندس پوين وٽ محفوظ آهن. افسوس جو کيس موت مهلت نه ڏني؛ جنهن ڪري 29 ربيع الاخر 1374هه مطابق 16 نومبر 1954ع تي حيدرآباد ۾ وفات ڪيائين.

”واصف“ مرحوم جو سنڌي ادب ۾ چڱو ڀاڱو آهي ازانسواءِ سندس شمار اُنهن نقادن ۾ ٿئي ٿو؛ جن ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي (1884ع – 1947ع) جي شايع ٿيل شاه جي رسالي (جلد پهرين – 1923ع) تي ڀرپور تنقيد ڪئي آهي.

’واصف‘ مرحوم ”فقہ“ ۽ ”علم المناظر“ جي به ڄاڻ رکندو هو.

محمد حسن ”مسڪين“ سومرو

[ 1904ع – 1976ع ]

محمد حسن ”مسڪين“ ولد مولوي محمد ڄام بن آخوند محمد دائود سومرو 1323هه مطابق 12 مئي 1904ع تي ضلعي شڪارپور، تعلقي خانپور جي ڳوٺ ”حاجي خان ڪلهوڙو“ ۾ ڄائو هو. سندس مؤرث اعليٰ پنهنجي وقت ۾ اهل الله، ڪامل درويش ۽ صاحب- ڪشف ٿي گذريو آهي، جيڪو پهريائين ”موٽاڻي مهر“ (مهرن جي پنڊي)، تعلقو پنو عاقل (سکر) جو ويٺل هو؛ ۽ 1722ع ۾ درياه جي پائيندڙ سببان هجرت ڪري، حاجي خان ڪلهوري ۾ مراجعت ڪئي هئائين. سندس فرزند مولوي محمد ڄام پنهنجي دؤر جو جيد عالم ۽ خدا رسيدو بزرگ هو؛ ۽ شيخ الهندو مولانا محمود الحسن جو شاگرد رشيد هو. (1) اهڙي ئي ڀلي ٻج مان محمد حسن ”مسڪين“ جو سلو سائو ٿيو.

محمد حسن شروعاتي تعليم ۾ قرآن پاڪ؛ ۽ عربي ۽ فارسيءَ جا ڪتاب پنهنجي والد بزرگوار وٽان پڙهيو. پوءِ سنڌي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ اٺن ميلن جي وڇوٽيءَ تي، ڳوٺ ڪرم پور (ضلعو جيڪب آباد) ويندو رهيو. آخر استاد فتح محمد جت (ويٺل کبڙي تعلقو لکي، شڪارپور) وٽان 1920ع ۾ امتيازي حيثيت سان ورنيڪيولر فائينل امتحان پاس ڪري، شڪارپور ٽريننگ ڪاليج ۾ پهريون سال سکيا وٺڻ شروع ڪيائين. پاڻ نهايت ذهين ۽ اورچ انسان هو؛ جنهن ڪري اعزاز سان فتح پاتائين؛ ۽ نوڪري به آسانيءَ سان اتي ئي ملي ويس.

ملازمت دوران محمد حسن نهايت ديانتداريءَ سان وقت گذاريو. هندو خواه مسلمان استادن وٽ سندس وڏو مان هو. اپر سنڌ جي مختلف اسڪولن ۾ رهي، آخر 1924ع ۾ پنهنجي ڳوٺ ۾ اسڪول منظور ڪرائي سڪون سان زندگي کي بسر ڪرڻ لڳو – 1946ع ۾ حيدرآباد مان ٻيو سال به پاس ڪيائين. وقت جي عملدارن وٽ سندس وڏي عزت هئي. خاص ڪري فائينل امتحان جو نوي في صد نتيجو اچڻ سببان سندس علمي استعداد ۽ اعليٰ ذهانيت تي داد ڏيندا هئا. زندگي جا 37 سال ملازمت ۾ رهي، 12 مئي 1959ع تي پينشن ورتائين. سندس شاگردن جو تعداد هونئن ته هزارن جي تعداد ۾ چيو وڃي ٿو، مگر اُنهن مان نو سؤ کن اهڙا شاگردن به آهن، جيڪي سنڌ ۽ بلوچستان ۾ برسر- روزگار آهن.

محمد حسن، جيتوڻيڪ هڪ پرائمري استاد هو، پر سندس علمي وسعت، عالمن کان گهٽ نه هئي. شعر و شاعريءَ سان به سندس شغف رهيو آهي؛ جنهن ڪري ”مسڪين“ تخلص سان سندس ڪافي ڪلام چيل هو. افسوس جو اڄ سواءِ نموني ملڻ جي باقي بياض 1942ع واري ليٽ ۾ لڙهي ويو. سندس شاعري عروضي هئي؛ جنهن ۾ نمايان خوبيون هيون. نظم سان گڏ نثر ۾ به نهايت پاڻ چڱو موکيائين. ”فقہ“، احاديث نبوي“، ۽ ”منتخب آيات ڪريمه جو تفسير ۽ شرح“ ڇڏيا اٿس، جيڪي سندس لائق ۽ فائق فرزند، ڊاڪٽر عبدالخالق ”راز“ (1) وٽ قلمي صورت ۾ محفوظ آهن. خوش نويس، ۽ انشاءَ برداز به سٺو هو. انهيءَ سلسلي ۾ سندس قلم کي هر ماڻهوءَ جي لياقت ۽ مرتبي مطابق رواني هئي. سندس تحريڪ عالمانه ۽ انداز- بيان فاضلانه هو. زندگيءَ جا 72 سال لهي، 15 شعبان 1396هه مطابق 11 آگسٽ 1976ع تي خداوند ڪريم کيس جوار- رحمت ۾ جاءِ ڏني.

”مسڪين“، جملي ٻه شاديون ڪيون هيون؛ جن مان پهرين جوانيءَ ۾ ئي کانئس جدا ٿي وئي ۽ باقيءَ مان هڪ فرزند ۽ ٽي نياڻيون (جن مان ٻه حافظ - قرآن آهن) سندس ياد تازي ڪندا رهن ٿا. پاڻ هڪ صلح پسند، سنجيده، دانشمند، نڪتردان ۽ سني عقيدو رکندڙ هو. پنهنجي بزرگن ۽ عالمن جي نوراني قنديلن جو روشن چراغ هو. علمي بصيرت، حق گوئي، هر دلعزيزي ۽ محسن طبيعت جو مالڪ پڻ هو. سچ چوڻ ۾ ڪنهن جو به رياءُ نه ڪندو هو. اهل بيت سڳورن جو حبدار ۽ سچو عاشق – رسول هو. قادري طريقي ۾، فقير ميان فتح الدين اندڙ (قبو جامي صاحب، لکي شڪارپور) جو معتقد هو. سهروردي سلسلي ۾ حضرت مخدوم غوث بهاؤالدين زڪريا ملتاني رح جي گادي نشين، مخدوم مريد جسين جي بيعت حاصل هيس. صوم صلوات جو پابند هو. هر روز ٽي هزار ”صلوات تنجينا“ جو وظيفو ڪندو هو. سير و سياحت جي خيال کان حضرت خواجه معين الدين چشتي اجميري رح، خواجه نظام الدين اولياءُ، شاه ولي الله محدث دهلوي ۽ شاه عبدالعزيز رح جي درگاهن تي وڃي دلي مرادون ماڻيائين. سکر ۾ مدفون، شاه خيرالدين جيلاني رح جي زيارت لاءِ گهڻو ويندو هو.

”مسڪين“ جسم جو سنهو، اکيون ڪاريون لعلائيءَ تي مائل، قد ساڍا پنج فوٽ، ٻانهون ڊگهيون، ڏند موتين مثل، رنگ ڳاڙهو، نڪ سنهو، چپ ننڍا ۽ سنها، چاپهين سفيد ڏاڙهي؛ جنهن تي ڪوبه رنگ روغن نه ڪندو هو. ڪپڙا سفيد، سادا ۽ عالمانه نموني جا هوندا هيس؛ جنهن ۾ جوانيءَ کان پيريءَ تائين هڪ ڪرو هو. مٿي تي پٽڪو ۽ پير ۾ ملتاني جتي (گيتلو) هيس.

 

محمد صديق ”مسافر“

[ 1879ع – 1961ع ]

سنڌي ادب جو يگانو گوهر، محمد صديق ”مسافر“ ولد گلاب خان شيدي، (1) تعلقي ٽنڊي باگي، ضلعي حيدرآباد ۾ 13 شعبان 1297هه مطابق پهرين اپريل 1879ع تي ڄائو هو. سندس وڏا اصل زنجبار (تنزانيه) جا رهاڪو هئا. سندس پيءُ ”غلام“ بڻجي، پهريائين مسقط (عمان) پهتو، جتان داڻي پاڻيءَ جي ڇڪ کيس ٺٽي (سنڌ) کڻي آئي. ڪجهه وقت اُتي رهي، آخر ٽنڊي باگي ۾ مستقل سڪونت اختيار ڪيائين؛ ۽ ٻاهتر سالن جي عمر ۾، 12 ڊسمبر 9-18ع تي وفات ڪيائين. وفات کان ٻه مهينا ڏهه ڏينهن اڳ کيس فرزند ڄائو؛ جنهن جو نالو ”محمد صديق“ رکيائين، جيڪو اڳتي هلي سنڌي زبان جو چوٽيءَ جي شاعرن ۾ شمار ٿيڻ لڳو.

محترم صديق ”مسافر“ ، شروعاتي تعليم ٽنڊي باگي مان ورتي، پوءِ حيدرآباد مان ورنيڪيولر فائينل امتحان پاس ڪري، پهرين جنوري 1920ع کان پرائمري ماستر بڻيو. اورچائيءَ سببان ستت ئي ترقي وٺي، ٽريننگ ڪاليج فارمين حيدرآباد ۾ استاد مقرر ٿيو. شاعريءَ ۾ ”مسافر“ تخلص سان پهريائين سيد فاضل شاه ”فاضل“ (1836ع– 1900ع) ۽ بعد ۾ آخوند عزيز الله ”عاجاز“ جي خدمتن مان استفادو ڪندي، پاڻ کي پڌرو ڪيائين. غزل، قصيدار، رباعيون، مثنويون، مسدس، قطعا، نظم، گيت، مناجاتيون، جاڳا ۽ ڪافيون وغيره پڻ چيا اٿس – 1934ع ۾ ”سنڌ مسلم ادبي سوسائٽيءَ“ جو سرگرم ڪارڪن رهي، خوب ادبي خدمتون سرانجام ڏنائين.

”مسافر“، نظم سان گڏ نثر طرف به خاصو توجہ ڏنو آهي؛ جنهن ڪري ڪافي ڪتاب سندس قلم جي سونهن بڻيا آهن. خاص ڪري درسي ڪتابن لکڻ تي کيس وڏو ملڪو حاصل هو. ڪيئي ڀيرا درسي ڪاميٽين جو ميمبر به ٿي رهيو. ڪاليج دوران ماهوار ”اَخبار تعليم“ جو 1934ع کان ايڊيٽر به ٿي رهيو؛ انهيءَ عهدي تي مسلسل 18 ورهيه ڪم ڪندو رهيو. سندس نظم خواه نثر، سنڌ مان نڪرندڙ رسالن ۽ اَخبارن ۾ ڪثرت سان شايع ٿيندو رهيو. خاص ڪري ”اَخبار تعليم“ انهيءَ ڏس لاءِ واضح ثبوت آهي عليم، ادبي ۽ تحقيق مقالا؛ ۽ تقريظي نظم وغيره لکڻ ۾ سندس ثاني ڪو ڇڊو هو. سندس ڪتابن جو ڳائيٽو ايڪيتاليهه کن آهي؛ جن مان ڦولداني، سڄاڻ زالون، مسدس اٻوجهو، حياتيءَ جي دؤر جي ڪنجي، گلشن خيال، ديوان فاضل، سنڌ جي تاريخ، ديوان قابل- تعريف آهن. ٻياسي ورهين جي ڄمار ۾ 4 ربيع الاخر 1381هه مطابق 16 مئي 1961ع تي ٽنڊي باگي ۾ راه رباني ورتائين؛ ۽ اُتي ئي ابدي ننڊ ۾ ستل آهي. سنڌي زبان جو قومي شاعر، ميمڻ غلام محمد ”نظامي“ (1895ع – 1950) سندس خاص شاگردن مان هو. خانبهادر محمد صديقي ميمڻ 1890ع – 1958ع) سندس صحبتي ۽ همعصر هو.

محمد عثمان چاڪي رح

[ 1875ع – 1918ع ]

لاڙڪاڻي جو لعل، حاجي محمد عثمان ولد حاجي محمد سهتل چاڪي وڏو درويش ۽ عالم ٿي گذريو آهي. سندس ولادت 18 صفرالمظفر 1292هه مطابق 8 فيبروري 1875ع تي ٿي آهي. سندس جد- امجد عربستان کان آيل هئا. پاڻ علم جي تحصيل لاءِ ابتدائي درس پنهنجي ڏاڏي، حاجي احمد وٽان ورتائين. پوءِ باقي تعليم سنڌ جي مختلف مدرسن مان حاصل ڪندي، آخر ”مدرسه صديقه شهدادڪوٽ“ مان، عمدت العلماءُ ميان غلام صديق ميڪڻ رح (1844ع – 1918ع) جن وٽان عربي ۽ فارسيءَ جي تعليم پوري ڪري، دستار- فضيلت ٻڌائين. پوءِ استاد کان موڪلائي ڪنهن روحاني رهبر جي ڳولها ۾ گهمندي ڦرندي، لواري شريف وڃي نڪتو، جتان خرقه- خلافت ڍڪيائين (1) پاڻ پڪو سني مسلمان هو. سندس وعظ ۽ نصيحت عام هئي. سندس لاءِ هو پڻ چوڻ ۾ اچي ٿو، ته پاڻ پيرين پيادو ست حج ڪيا هئائين. پنهنجي ٻڍڙي ماءُ کي ٽوڪريءَ ۾ مٿي تي کڻي، هڪ حج به ڪرايو هئائينس. والده جي دعا سان، اڄ مٿس لاڙڪاڻي شهر اندر، شاهي بازار جي منهن ۾، لوهرن جي مسجد لڳ هڪ وڏو زيارت گاه بڻيل آهي، جتي ڪيئي سوالي روزانو اچن ٿا.

حاجي صاحب، عربي، فارسي ۽ سنڌي زبانن جو وڏو عالم هو. درازي درويش، حضرت سچل سرمست فاروقي رح جي درگاهه جو پانڌيئڙو هو. سندس عقيدت ۾ ڪيترائي ڪلام چيا اٿس. سه- حرفيون، مداحون، مناجاتون، مولود، مناقبا ۽ ڪافيون وغيره ڪثرت سان ملن ٿيون. افسوس! جو سندس پونيرن اُن جي پرگهور نه لڌي، جنهن ڪري اڄ سواءِ نموني ملڻ جي، باقي سمورو ڪلام سندن بي توجهيءَ سببان ضايع ٿي ويو آهي. سندس لاڏاڻو، جمعي جي رات 12 شوال 1237هه مطابق 3 جولاءِ 1918ع تي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو. هيٺ سندس چيل هڪ ”مداح“ مان بند نموني طور ڏجي ٿو:-

سيدا سردار خاصا خلق جا، ملڪ جا مختيار، موليٰ ملڪ جا،

فرياد سڻ فائق مٺا تون فلڪ جا، عرش فرشن کي پسندڙ پلڪ جا،

يا رسول الله داتا داد ڪر، دل غمون آزاد شافع شاد ڪر.

محمد عثامن ڏيپلائي

[ ولادت 1326هه = 1908ع ]

ٿر جي ٿڏي ٿانري مٽيءَ ۾ پيدا ٿيل سنڌي علم ادب جو خدمتگار ۽ گهڻن ڪتابن جو مصنف، محمد عثمان ”شائق“ ولد حبيب الله ميمڻ، ضلعي ٿرپارڪر جي تعلقي ڏيپلي (1) ۾ 1326هه مطابق 1908ع ۾ ڄائو آهي. ننڍپڻ کان ذهانت سندس ساٿ ڏنو؛ جنهن ڪري ٻاراڻي درجي ۾ ئي پنجين درجي جا ڪتاب نس پڙهي ويندو هو. وقت جا استاد به کانئس متاثر هئا. سندس والد ننڍڙو واپاري هو. کيس ستن نياڻين تي هي پٽڙو پيدا ٿيو هو؛ جنهن کي پيار وچان پاڻ کان پل به پري ڪري نه سگهندو هو. اُن وقت ڏيپلي ۾ انگريزي تعليم ڪانه پڙهي ويندي هئي؛ جنهن ڪري چوڏهن ميلن جي مفاصلي تي ”مٺيءَ“ پڙهڻ جي سگهه نه ساري، مجبوراً ڳوٺ ۾ ست درجا سنڌي پاس ڪري، وڻج واپار ۾ پيءُ جو ٻانهن ٻيلي بڻيو.

ذاتي صلاحيتون ته منجهس منڍ کان ئي موجود هيون؛ ان ڪري گجراتي، گرمکي، هندي، سنڌي، اردو ۽ انگريزي ٻولين مان خاصو استفادو ڪيائين. فارسيءَ جي سلسلي ۾ ”زليخا“ تائين پڙهيو. عربي زبان ته باقاعده وٺي نه سگهيو، البته قرآن پاڪ جو باترجمي مطالعو ڪندي، ڪافي پرايو هئائين. اهڙيءَ طرح ”اديب“ ۽ ”عالم“ جا امتحان پاس ڪري، هن وقت بي – اي جي سند به ورتل اٿس.

ٿر جي سخت ڏڪار ڀرين حالتن کيس ڏيپلو ڇڏڻ تي مجبور ڪيو. پوءِ ته واپار جي بهاني، لاڙ جي لانگهن کان اچي نڪتو. جتي ڪن واقف ڪار زميندارن جي آڇ تي واپار ڇڏي ملازمت کي جنبي ويو. پورا پنجويهه ورهيه ٽنڊي باگي، بدين، کپري، ميرپور خاص ۽ عمرڪوٽ تعلقن ۾ خانگي ملازمت ڪندو رهيو. فرصت ۾ اَخبارن ۽ رسالن جي مطالعي کي مشغلو بڻايائين. آهستي آهستي سندس شوق وڌي اَخبار جي ايڊيٽريءَ تائين آندس. (1)

لکڻ جو ڏانؤ هٿ ڪري، ننڍا ننڍا مضمون مختلف رسالن ۽ اَخبارن ڏانهن موڪلڻ لڳو. سندس پهريون مضمون دهليءَ مان نڪرندڙ اردو اخبار ”مادي“ ۾ شايع ٿيو هو. هن مضمون جي ڄڻڪ کيس لکڻ جي دعوت ڏني. پوءِ ته ”ترقي“ ۽ ”علمي دنيا“ جهڙن ماهوار رسالن ۾ ڪثرت سان مضمون ۽ افسانا به ڇپجندا رهيس. ”چنڊ سهڻو يا انسان“ سندس پهريون ڇپيل افسانو آهي. اهڙيءَ طرح ”غيرت“ عرف ”نور جهان“، سندس پهريون عام ناٽڪ آهي. هينئر ڏيپلائي صاحب ننڍن مضمونن ۽ مختصر افسانن لکڻ مان ڪتابن جو مصنف بڻجي پيو؛ جنهن ڪري ”مسلم ادبي سوسائٽي“ جي سهاري هيٺ 1934ع ۾ ”قرآني دعائون“ نالي پهريون مذهبي ڪتاب منظر عام تي آندائين – 1938ع ۾ خير محمد نظاماڻيءَ سان ميرپورخاص ۾ واقفيت ٿيس؛ جنهن جي صلاح سان ”مجاهدانه اِسپرٽ“ وارا ”اسلامي ناول“ لکڻ شروع ڪيائين. (1) ستت ئي ”اسلاميه دار الاشاعت“ نالي ننڍو علمي ادارو قائم ڪري، هن سلسلي کي تقويت ڏنائين؛ ۽ گهڻن ئي ڪتابن جو ليکڪ بڻجي ويو.

سڀ کان وڏي خصوصيت، جيڪا ڏيپلائيءَ کي سنڌ جي مڙني شخصيتن تي امتياز ۽ فوقيت ٿي بخشي، اُها آهي ”پيري – مرشديءَ جي کلم کلا بغاوت ۽ مسلسل قلمي جهاد“. انهيءَ مهم کي تيز ڪندي پاڻ مرشد جي ڪڍ هٿ ڌوئي لڳو؛ ۽ مرشد جي ڏاڙهي، ٽنگ، ٻانهن، ڪنڌ، ڪياڙي، چلم، ٽوپلي ۽ ڪهاڙي وغيره تي به قلم کڻن کان نه گٿو. ايتري قدر جو مرشد جي درگاه ۽ ڪرامت ته ٺهيو، پر سندس گهوڙي، ٻڪر ۽ گڏه به کانئس وانجهي نه وئي. مطلب ته مرشد جي ننڊ، اک، چپ، ڪن، پاٻڙي، درگاه ۽ چاليهي وغيره بابت به ننڍڙا ناول لکي، سنڌ جي ويساه ۾ وسوڙيل عوام کي تهه در تهه فريبن ۽ مڪارن کان پڌري پٽ واقف ڪرڻ ۾ جيڪا جاکوڙ ڪيائين، اها سنڌين جي خوشحاليءَ جي حق ۾ ثابت ٿي.

ڏيپلائي صاحب هن وقت پيرسنيءَ جي زندگيءَ ۾ داخل آهي. سندس جملي تصنيفات جو تعداد لڳ ڀڳ ڏيڍ سؤ جي چئي سگهجي ٿو؛ اُنهن مان: سوڊان جي سونهن، گمراه مسافر، فتح ايران، چين جو چنڊ، انقلاب سنڌ عرف فتح پاڪستان، قرآني خزانو، هندستان جي سچي تاريخ، اورنگزيب جو انصاف، سيرت محمدي، روم جي راڻي، شاه جي رسالي جو رهبر، ککر ۾ کڙو، انسان جي تاريخ، سانگهڙ، فتح اسپين، شهيد ڪربلا، سنڌي استاد، ڪراچيءَ جو ڪوس، سجائي موڙي، سومناٿ جي سندري ۽ شاه جو رسالو (پاڪيٽ سائيز) وغيره لاجواب آهن. هن وقت مستقل طرح حيدرآباد ۾ سڪونت پذير آهي – 1852ع ۾ انسانيت جي معيار ۽ قدرن کي عام ڪرڻ لاءِ ”اداره انسانيت“ قائم ڪيائين؛ جنهن تحت هڪ هفتيوار مخذن ”انسان“ به ڪڍيائين. ڪن ڳالهين ۾ پاڻ ڊاڪٽرن جي مشورن جي ابتڙ به رهيو آهي. مثلاً: ڊاڪٽر چوندا آهن، ته ”هلندي گاڏيءَ ۾ پڙهڻ اکين لاءِ هاڃيڪار آهي“– مگر سندس خيال انهيءَ جي برعڪس آهي، ته ”ويتر نظر تيز ٿئي ٿي!“

ڪتابن لکڻ ۾ به وڏي مهارت ۽ ڦڙتائي هيس. ريل ۾ سفر دوران به هڪ اسٽيشن کان ٻيءَ اسٽيشن تائين ناول مڪمل ڪري ويندو هو. حالانڪ گاڏيءَ ۾ ڪيترو به شور و غل ڇو نه هجي، مگر سندس خيالي قوت کي سولائيءَ سان ڦيرائي نه ٿو سگهي. انهن غير معمولي وصفن جي بناءَ تي ”علامه راشد الخيري“ يا ”قليچ - دوران“ به کيس ڪوٺجي، ته وڏاءُ نه ٿيندو. پاڻ حالات - حاضره کان بالڪل باخبر رهندو آهي. هر ملاقات ۾ ڪانه ڪا نئين ڳالهه ضرورت ٻڌائيندو آهي؛ جنهن جي اڳ ڄاڻ نه هوندي آهي.

سنڌ جو هي مايه - ناز ميمڻ مرد مجاهد، طبيعت جو کل مک، ٽهڪن ۽ ٽوٽڪن سان پر گفتار، بهترين دوست، دلي تونگر، بذات - خود هڪ نظريو، هڪ مڪمل ادارو، هڪ جامع لئبرري، هڪ ذهني انڪشاف هجڻ سان گڏوگڏ اديب، شاعر ۽ ”عظيم انسان“ پڻ آهي. شال وڏي ڄمار ماڻي.

محمد حسن ”بيڪس“

[ 1859ع – 1882ع ]

محمد حسن ”بيڪس“ ولد فقير قادر بخش ”بيدل“ قريشي، 26 جمادي الثاني 1275هه مطابق 4 آگسٽ 1859ع تي روهڙي شريف ۾ ڄائو هو. ابتدائي تعليم ”سڪندر نامه“ سان آخوند عبدالله وٽان حاصل ڪيائين.

عموماً هر انسان تي پنهنجي ماحول جو اثر رهي ٿو. سندس والد، جيڪو سنڌي شاعريءَ جو ”هيرو“ هو؛ ۽ ساڳئي وقت وٽس صوفين شاعرن ۽ عقيدتمندن جي اچ وڃ سببان هن نينگر تي به سندس صحبت جو رنگ چڙهيو؛ جنهن ڪري والد جي وٽ ۾ ويهي رندن جا راز ۽ رمزون پروڙيندي، حق جي هدايت حاصل ڪيائين. چوڏهن ورهين جي عمر ۾ راڳ جو شوق ٿيس. انهيءَ سلسلي ۾ جهوڪ ميرانپور جي شاه عنايت جي درگاه تي به ويو هو. شادي ڪيائين، مگر اولاد ڪونه ٿيس. ڦوه جوانيءَ ۾، 12 محرم الحرام 1299هه مطابق 15 جون 1882ع تي وفات ڪيائين. کيس سندس والد بزرگوار جي ڀرسان روهڙيءَ ۾ ئي دفنايو ويو.

هن مجازي محسن، شاعريءَ جي سلسلي ۾ ”بيڪس“ تخلص ڪم آڻيندي، سنڌي، سرائڪي، فارسي، هندي ۽ اردو زبانن ۾ پڻ طبع آزمائي ڪئي آهي، جيڪا گهڻي ڀاڱي ڪافين، غزلن ۽ ڏوهيڙن تي مشتمل آهي سندس ڪلام ”ديوان بيڪس“ جي نالي سان، سنڌي ادبي بورڊ 1965ع ۾ عام ڪيو آهي. سندس ڪلام ۾ سوز ۽ فراق جي دلگداز تصوير چٽيل آهي. نموني طور سندس هڪ ”ڪافي“ هيٺ رقمطراز ڪجي ٿي:-

ساجن سائين سير ڪرڻ لئي، آيو ٿي انسان.

ڪاٿي ڪافر، گبر، يهودي، ڪاٿي مسلمان.

ڪاٿي مذهبي جو مونجهارو، ڪاٿي بي ايمان.

ڪاٿي ”بيڪس“ طلب ٿئي ٿو، ’بيدل‘ پير- مغان.

مخدوم ابوالحسن ٺٽوي رح

[ 1661ع – 1751ع ]

سنڌي علم ادب جو بنياد وجهندڙ، مخدوم (1) ابوالحسن ولد مولوي محمد مبين صديقي، 1073هه مطابق 1661ع ڌاري پيدا ٿيو هو. زندگيءَ جو ڳچ حصو ٺٽي ۾ گذاريائين. وڏو عالم، ڪامل ۽ پڪو سني مسلمان هو. شرعي احڪامن متعلق ڪي پيڙهيون سندس قائل آهن. عربي ۽ فارسيءَ ۾ ڪافي ڪتاب قلمبند ڪيائين. نماز ۽ وضويءَ بابت، سنڌي زبان ۾ 1700ع ۾ ”مقدمتہ الصلوات“ نالي نظم ۾ پڻ ڪتاب لکيائين، جيڪو ”ابوالحسن جي سنڌي“ نالي سان مشهور آهي. هم قافته مصرعن سان ”الف اشباع“ جي سٽاءَ ۾ جڙيل آهي. منجهس غسل، تيمم توڙ: ميت جي وهنجارڻ (غسل) بابت پڻ واضح شرعي احڪام بيان ٿيل آهن. نثر جي سلسلي ۾ به وسان ڪين گهٽايو اٿس.

1715ع ۾ حج بيت الله شريف جي زيارت لاءِ ويو. پٺيان مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ کي مدرسي جو معلم بڻايائين. سندس ڪلام ڪرامتون مشهور آهن. هڪ دفعي پيرسنيءَ سببان پنهنجي گهر واريءَ جي ڀاڻيجي، ميان عبدالله ”واعظ“ المعروف ”ميان موريه“ کي چيو، ته ”ابا! هاڻي نماز تون پڙهائيندو ڪر!!“ – ميان مويي وراڻيون، ته ”سائين ! مون کي ته اڃا ڏاڙهي به ڪانه آئي آهي؟!“ پوءِ پاڻ ٻيپهري نماز پڙهائي، سندس ڳلَن تي هٿ ڦيريائين. خدا جي قدرت سان ٽيپهريءَ جي نماز تائين کيس ڏاڙهي اچي وئي. (1) نوي ورهين جي ڄمار ۾ 1165هه مطابق 1751ع ڌاري ٺٽي ۾ وفات ڪيائن. پاڻ روزي نماز جو پابند، واعدي جو سچو ۽ دين جو خدمتگار هو. سندس شاگردن جو حلقو وسيع هو؛ جن ۾ مخدوم محمد هاشم ٺٽوي، ميان غلام محمد بگائي، حاجي عبدالله، ميان عبدالسلام ۽ ميان موريي جا نالا قابل - ذڪر آهن.

مخدوم ابوالحسن جا ڪتاب ليٿو ۾ ڇپيل آهن. سندس اڳين سنڌي اڄ ڪالهه البت دقت سان پڙهي وڃي ٿي، جيڪا ٺيٺ سنڌي ۽ ديسي محاورن تي مشتمل آهي. کيس عبدالعزيز نالي پٽ به هو، جيڪو پڻ وڏو عالم ۽ صاحب - فيض ٿي گذريو آهي. نموني طور ”مقدمتہ الصلوات“ مان چند مصرعون هيٺ ڏجن ٿيون:-

اي پڻ آهي اڳري سنت سا ڄاڻيج،

پر صحيح قول ڪتابن ۾ هن پر پروڙيج،

جئن لائق ڳريا پاڻ ۾ ڪراهت سمجهيج،

سي ٻئي حال رڪوع ۾ موران م جوڙيج،

چئين آڱرين جو فيصلو ٻنهي وچ رکيج،

قيام ۽ سجدي ۾ پڻ ايءَ ئي پر پاريج،

ڇهون اکيون پڌريون ستئون قدم ڪريج،

پر قد مان ٿي سجود ڏانهن سنئين پني منيج،

جيڪر ذڪر جتهين سو تتهين پڄائين،

هڪڙي جو هنڌ ٻئي نيئي م رسائيج. 1

مخدوم احمد يار خان مهر

[ 1841ع – 1922ع ]

مشهور موجد، محدث، فقيه نقشبندي، صوفي متوڪل بزرگ ۽ علم قرات جو ماهر، مخدوم احمد يار خان ولد عبدالغفار خان مهر، تعلقي گهوٽڪي (سکر) جي ڳوٺ خانڳڙهه شريف جو ويٺل هو. سندس ولادت 13 شوال 1257هه مطابق 3 مارچ 1841ع تي ٿي هئي. سندس والد نهايت مسڪين ۽ سپتيو انسان هو. سندس جد- امجد جو عربي نسل سان تعلق رهيو آهي.

ابتدا ۾ ديني تعليم پنهنجي والد بزرگوار وٽان حاصل ڪري، باقي تعليم لاءِ ”مدرسه صديقيه شهدادڪوٽ“ مان تاج العلماءُ ميان غلام صديق ميڪڻ رح (1842ع – 1905ع) وٽان فارغ التحصيل ٿي، دستار- فضيلت ٻڌائين. ٽيهن ورهين جي عمر ۾ والد وڇوڙو ڏنس. پورا پنج ورهيه سندس ڏک ۾ رهي، ڀرچنڊي واري بزرگ، حافظ محمد صديق سميجهو رح جن وٽان روحاني فيض حاصل ڪيائين. پوءِ ته سندس عقيدتمند بڻجي، ڀرچنڊي شريف ۾ رهڻ لڳو. سندس همعصر دوست، روح- روان ۽ هم سبق عالم ۽ درويش: مولانا سيد تاج محمود امروٽي رح، مولانا عبيدالله سنڌي ۽ مير علي نواز علوي هئا جن سان سندس روح رهاڻيون ٿينديون رهيون. خاص ڪري گرمين جا ڏينهن شڪارپور ۾ مير صاحب وٽ وڃي رهندو هو. هن سلسلي ۾ سندس دوستيءَ و پيچ، مولانا عبدالغفور ”مفتون“ همايوني رح (1844ع – 1918ع) سان به ڪافي پيچدا ۽ عقيدتمند نه رهيو؛ جنهن ڪري سندس روحاني شعل ۾ خاصل اضافو ٿيو.

جوانيءَ ۾ سندس مرشد ۽ مربي، حافظ محمد صديق سميجي، ڀرچنڊي شريف مان پنهنجي مريد، امير حسن ميمڻ جي نياڻي، رحيمان خاتونءَ سان نڪاح ڪرايو هوس؛ جنهن ۾ نڪاح جي رسم به پاڻ ئي ادا ڪئي هئائين. چوڻ ۾ اچي ٿو، ته مخدوم صاحب کي ٻه پٽ ۽ هڪ نياڻي ڄائي هئي، جيڪي سندس ئي حياتيءَ ۾ خدا پاڪ واپس گهرائي ورتا. پوءِ ته پاڻ کي اڪيلو ڄاڻي، حافظ صاحب جي حياتيءَ ۾ ئي مستن جيان ويڳاڻو ٿي پيو. آخر ڀرچنڊي ڇڏي، سير ۽ سفر لاءِ نڪري پيو. پهريائين پنهنجي هم رفيق مولانا اَمروٽي رح وٽ ويو، مگر اُتي به کيس راحت نه رسي؛ جنهن ڪري اجمير کان وڃي نڪتو، جتي خواجه معين الدين چشتي رح (1142ع – 1235ع) جي درگاهه جو وڃي مجاور بڻيو. زندگيءَ جا ٽيٽيهه ورهيه خواجه صاحب جي درگاه جا مٽ ڀريندو رهيو. آخر ”مجذوبيت جي منزل“ تي رسي، واپس ڀرچنڊيءَ پهتو.  

مخدوم صاحب نهايت نيڪ نفس، خاموش طبيعت، مخلص، وفادار، مهمان نواز، آزاد خيال، زنده دل ۽ محب- وطن انسان هو. ڪڏهن به ڪنهن کي ايذاءُ نه رسايائين. هميشہ پنهنجن عزيزن خواه عقيدتمندن سان سٺو برتاءُ پسند هوس. سندس صلئه رحميءَ جي ڳالهه ڪندي چون ٿا، ته هڪ دفعي ڳوٺان (خانڳڙهه مان) قاصد آيس، ته ”توهان جي کوه واري زمين تي، توهان جي سوٽن قبضو ڪيو آهي – توهان جيڪر هلو، ته هلي کانئن زمين واپس وٺون!“ جنهن تي جواب ۾ کيس چيائين، ته ”ابا! هو به غريب آهن، کين مون کان وڌيڪ ضرورت هوندي – تڏهن ئي ته ائين ڪيو اٿن. آءٌ چئن جريبن زمين لاءِ پنهنجي عزيزن (سوٽن) سان ويٺو ڦٽايان – زمين اتي ئي پئي هوندي، بس دعا ڪريو، ته ڪا اڳتي ڪشادي زمين نصيب ٿئي!!“

مخدوم صاحب، شريعت جو پابند، وڏو فياض ۽ قادرالڪلام شاعر به هو. مرشد سان والهانه محبت هيس. اهوئي سبب هو جو سندس ساراه ۾ ڪيترو ڪلام چيو اٿس. ازاسواءِ مداحون، مناجاتيون ۽ مولود به چيل ملن ٿا، جن ۾ فني لحاظ کان صنعت تجنيس حرفي ۽ اندروني قافيي جو ڪثرت سان استعمال نظر اچي ٿو. سنڌي سٻاجهڙا سندس ڪلام کي درد ۽ سوز وچان آلاپين ٿا. سندس هڪ ”سه حرفي“ (ٽيهه اکري) مداح سنڌي زبان ۾ چيل ملي آهي. جنهن مان نمونو هيٺ ڏجي ٿو:-

الف – اول ڀي تون، آخر ڀي تون – باطن ڀي تون، ظاهر ڀي تون،

بيشڪ تون آن بيرنگ بيچون – خاوند خالق ارض سماءِ،

لاالله الاالله

سندس وفات حصرت آيات غالباً 81 ورهين جي ڄمار ۾، 11 ذوالحج 1341هه مطابق 29 مئي 1923ع تي ڀرچنڊي شريف ۾ ٿي. سندس دلي منشا موجب کيس مرشد جي پيراندي نصيب ٿي.

 

مخدوم بصرالدين سيوهاڻي رح

[ 1865ع – 1937ع ]

حضرت ابوبڪر صديق رضه جي نسبي سلسلي مان، رڪن الدين عرف مخدوم بصرالدين ولد مخدوم احمد صديقي رح، 29 رمضان المبارڪ 1282هه مطابق 17 سيپٽمبر 1865ع تي سيوهڻ شريف ۾ تولد ٿيو. سندس ڏاڏو مخدوم محمد وڏو عارف ۽ ڪامل بزرگ هو؛ جنهن جو سلسله- عمل ۽ فضل دور دراز زماني تائين هشت پشت ۾ مسلسل قائم رهيو.

مخدوم بصرالدين شروعات ۾ دينيات ۽ عربيءَ جا ڪتاب پنهنجي شفيق ڏاڏي وٽان پڙهيو؛ ۽ باقي درس (ڪتابن جي تڪميل) پنهنجي سوٽ، شيخ الوقت حضرت عارف باالله، مخدوم حاجي حسن الله پاٽائي رحه (وفات 1339هه = 1920ع) وٽان ورتائين. سندس والد بزرگوار سرڪاري عهدي تي فائز هو؛ جنهن هن نينگر کي انگريزي تعليم ڏيارڻ لاءِ سنڌ مدرسته الاسلام ڪراچيءَ ۾ ڇڏيو، جتان خداداد لياقت ۽ پنهنجي اورچائيءَ سان قانون جي سند وٺي، دنيا کان قطع تعلقات ڪري، هميشہ لاءِ گوشهء- نشين رهيو.

طب جي ڄاڻ کيس ڏاڏنگ ۽ ناننگ مان ورثي طور مليل هئي؛ جنهن ڪري سندس ڏاڏي طرفان مليل ڪتاب ”سديدي“ مان خاصو استفادو ڪيائين. گوشهء- نشينيءَ واري زماني ۾ ئي مخدوم صاحب ڪيترن مايوس مريضن جي علاج ۾ گهري دلچسپي ورتي. خاص ڪري ورثي ۾ مليل ”زمرد اخضر، طب اڪبر“ ۽ ”مفردات سودي“ جهڙن ڪامياب نسخن کيس پري پري تائين پڌرو ڪري ڇڏيو. مطلب ته مخدوم صاحب جو فن - طب سان هڪ فطري لڳاءُ هو، بعض حالتن ۾ ته سندس علاج، ڪرامت جهڙا ڪرشما ڪري ڏيکاريندو هو. 

جوانيءَ جي ڏينهن ۾ مخدوم صاحب خلوت نشيني ۽ ياد - خدا ۾ مشغول ٿي رهڻ سان گڏوگڏ تاريخ ۽ سياست جو ايڏو ته وسيع مطالعو ڪيو، جو ساڻس ڪلام ڪرڻ سان وڏا وڏا مدعي به دنگ رهجي ويندا هئا. روحاني ۽ ديني علمن کان سواءِ علم جفر، رمل، نجوم، ڪيميا ۽ سيميا وغيره جو وڏو ماهر هو. عربي زبان ۾ سندس تصنيفات ايڏيون ته بلند پايي جون آهن، جو حيرت ٿي لڳي، ته دنيا کان لاڳاپن لٿل ماڻهوءَ جو سينو ايترو ته ڪشادو آهي، جو علومن جا سمنڊ اُن ۾ سولائيءَ سان ماپي سگهيا ٿي.

هت انهيءَ لکڻ ۾ شايد مبالغو نه ٿئي، ته مخدوم بصرالدين هن پوئين زماني جو جنيد بغدادي، امام غزالي، ابن رشد اندلسي ۽ شاه ولي الله دهلوي رح جهڙن جيد عالمن، بزرگن ۽ ڪماليت جي صاحبن جي فضيلت ۽ ڪماليت جو جامع هو. سندس حافظو بالڪل تيز هو، جو پڇاڙيءَ تائين ڪتابن جا نالا ته ٺهيو، پر صفحا به بر زبان ياد هوندا هيس. سنڌ جي هن نامور بزرگ ۽ عارف ڪامل، عالم فاضل، مخير قلبي ذڪر ڪندڙ، 24 ورهين جي ڄمار ۾، اڱاري جي آڌيءَ رات، 8 ذوالقعد 1356هه مطابق 11 جنوري 1937ع تي سيوهڻ شريف ۾ رحلت ڪئي. سندس متعلق روايتون مليون آهن، ته پاڻ سنڌي زبان ۾ ڪجهه نعتيه ڪلام به چيو اٿس.


(1) – استاد الشعراءُ حافظ محمد ”احسن“ چنه صاحب جن کان معلوم ٿيو آهي، ته ”واصف“ صاحب ورنيڪيولر فائينل، ڊرائينگ جو امتحان ۽ مئٽرڪ به پاس هو. سندس زبان سرائڪي هئي، مگر سنڌي زبان کي زياده ترجيح ڏيندو هو. (والله اعلم باالصواب)

(1) – سندس همعصرن ۾ مولانا تاج محمود امروٽي رح، مولانا محمد صادق کڏي وارو ۽ مولانا عبدالله سنڌيءَ جا نالا ورتا وڃن ٿا؛ جن سان سندس وقت بوقت روح رهاڻيون ٿينديون رهيون.

(1) – ڊاڪٽر عبدالخالق ”راز“ (ولادت 1354هه= 1934ع)، سنڌي زبان جو بلند پايه صاحب- ديوان شاعر، عربي ۽ فارسيءَ جو ڄائو، سنجيده، کلمک، خوش ذوق، خوش پوش، همدرد، انسان دوست، آزاد خيال، ”حق گو“، يارو ويس ۽ محبت مڙس آهي. ”مان علي نواز علوي شڪارپوري ۽ سندس ڪلام“ جي عنوان تحت ڊي - فل (D.Phil:) سنڌيءَ لاءِ تحقيقي مقالو لکي، اعليٰ سينڌ ورڻي اٿس. سندس لکڻي بهترين آهي. راقم الحروف سان سندس قرب آهي. هن وقت پاڻ گورنمينٽ هاءِ اسڪول خانپور (شڪارپور) ۾ استاد آهي. خداوند کيس خضري عمر عطا ڪري؛

(1) – گلاب خان شيديءَ جو اصل نالو ”بلال“ هو، جيڪو آفريڪا کنڊ جي مشرقي خطي ”زنجبار“ جو رهاڪو هو. ستن سالن جي عمر ۾ ”گولو“ (غلام) ٿي، مسقط جي واپاري شيخ حسين وٽ وڪاڻو. اُتان غلام علي سنگتراش کيس سنڌ ۾ آندو؛ ۽ ٽنڊي باگي جي مخدوم صبر علي خريد ڪري، آزاديءَ سان پاڻ وٽ رهايس. هڪ دفعي سخت بيمار ٿي پيو؛ جنهن ڪري مخدوم صاحب سندس نيڪ خصلتن سببان، نالو بدلائي، ”گلاب“ رکيو هو.

(1) – اِهوئي سبب آهي، جو سندس پويان اڄ تائين ”خليفي“ جي لقب سان سڏجن ٿا.

(1) – جنهن نسبت سان کيس ”ڏيپلائي“ سڏجي ٿو. غالباً 1934ع ڌاري ”سڌ مسلم سوسائٽيءَ“ جي سهڪار سان ”قرآني دعائون“ جي عنوان تحت جيڪو ڪتابچو ڇپيو هو؛ تنهن جي سرورق تي نالي سان گڏ ”ڏيپلائي“ لفظ جو اضافو آيل آهي، جيڪو اڳتي هلي ”ٽريڊ مارڪ“ طور سندس شخصيت جو مڪمل تعارف بڻجي ويو.

(1) – پاڻ ”فرحت آثار“ نالي هٿ سان اَخبار جيان پرچو لکي، پنهنجن پيارن ساٿين کي پاڙهيندو هو. هن اَخبار ۾ ”نيلوفر بري“ نالي وڏڙن کان ٻڌل ڪهاڻي پڻ قسط وار قلمبند ڪري، دوستن کي خوب وندرائيندو هو.

(1) – ڏيپلائي صاحب انهيءَ ڪم جو آغاز ”سنگدل شهزادي“ نالي سان ڪيو؛ جنهن جو مرڪز ڪردار، منشي صادق صديقيءَ جي ڪتاب ”آرمينا کا چاند“ تان ورتائين، جيڪو دراصل عربي ڪتاب ”فتوح العجم“ جو ترجمو آهي.

(1) – ”مخدوم“، عربي زبان جو لفظ آهي؛ جنهن جي لغوي معنيٰ آهي: ”خدمت جي لائق، بزرگيءَ وارو، يا نيڪ.“ اصطلاحي زبان ۾ کيس بزرگ يا مربي به سڏي سگهجي ٿو. سندس تفصيلي تشريح هنن لفظن مان واضح آهي، ته اُهو باشريعت مجاهد مومن ۽ فطرتاً حق گو مسلمان، جيڪو طبعاً عجز ۽ نياز جو مجسمو هجي، مگر سچ چوڻ لاءِ ظالم کان امير کي به قرآن ۽ حديث مطابق فرمان جاري ڪندڙ هجي. علم ۽ عمل کان علاوه وقت جي حاڪم طرفان مٿس قضا ۽ فتويٰ جو بار پيل هجي. ساڳئي وقت جذبي ۽ حال سان گڏ ڪشف ۽ ڪرامت جي بزرگي پڻ عطا ٿيل هجيس. فقر، فاقو، فقهي تحريرون، شرعي جامع ۽ مانع مسائل، ذهن ۽ ذڪاءُ، صاحب- تصنيفات، مدرس، خوشخط، ڪاتب ۽ سچو عاشق رسول هجي.

(1) – ”تحفته الڪرام“ جلد ٽيون (سنڌي ترجمو)، 1957ع؛ سنڌي ادبي بورڊ، صفحو 559

(1) – ڳوٺ ”ڀرچنڊي شريف“، سکر ضلعي ۾ اوڀارين طرف، تعلقي ميرپور ماٿيلي ۾ واقع آهي.

(2) – زباني روايتن مان معلوم ٿئي ٿو، ته مخدوم صاحب هڪ ڀيرو لاڙڪاڻي تعلقي جي ڳوٺ ”سونو جتوئيءَ“ ۾، عمدت العلماءُ ابوالفيض مفتي غلام عمر جتوئي رح (1833ع – 1953ع) جن وٽ به آيو هو.

(1) – اُن وقت سندس عمر 73 ورهين جي لڳ ڀڳ هئي؛ ۽ سندس مرشد حافظ محمد صديق سميجو رح (1827ع – 1890ع) وفات ڪري چڪو هو.

(1) – والد بزرگوار، حاجي رحيم بخش ولد ملا مينهون ميمڻ (عمر 70 ورهيه) جن جي زباني آهي، ته ”مخدوم احمد يار خان مهر، قدر جو هلڪو، رعبدار اکيون، چمڪندڙ چهرو، سفيد ريش، قديم وضع جو بزرگ ۽ محبت مرد هو. پاڻ پڇاڙيءَ ۾ ”مجذوب“ ٿيو؛ جنهن ڪري بالڪل ٿورو ڳالهائيندو هو. سندس دعا مستجاب هئي، ويٺي ويٺي ٻنهي جهانن جي سردار حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليہ وسلم جن جي شان ۾ مولود ۽ مداحون چوندو هو. عام و خاص لاءِ سندس اها هدايت هئي، ته ”صالحن جي صحبت، تتل ڏينهن ۾ ٿڌي ڇانور برابر ٿيندي آهي“– مونکي سندس هڪ سه- حرفي بر زبان ياد آهي، جيڪا آءٌ هر روز سومهڻيءَ جي نماز بعد، رات جي آرام کان اڳ پڙهي سمهندو آهيان.“

[مذڪوره سه- حرفي، سنڌي ادبي بورڊ جي ”لوڪ ادب اسڪيم“ (مڪمل چاليهه جلد) ۾ شامل ناهي؛ جنهن کي راقم الحروف (ميمڻ عبدالغفور سنڌي)، مدرسه عربيه مدينته العلوم ڀينڊه شريف (حيدرآباد) طرفان شايع ٿيل ماهوار ”المدينه“ (نمبر 14، رمضان المبارڪ 1399هه) ۾ شايع ڪرايو آهي].

(1) – ٻيو ته ٺهيو، پر خود منهنجي چاچي ۽ سهري، حاجي محمد عثمان ميمڻ (حال عمر اٽڪل 80 ورهيه) کي جوانيءَ ۾ گردي جو سور پوندو هو. هڙ حيلا هلايائين، مگر ڪنهن به ڦڪيءَ فرق نه ڪيس. لاچار ٿي ڪراچيءَ جي هڪ اسپتال ۾ آپريشن لاءِ داخلا ورتائين. اڃا آپريشن وارو سج سامهون مس آيس، ته ڪنهن بهاني ڀؤ کان لڪي اچي لاڙڪاڻي پهتو، جتي ساڳئي ڏينهن مخدوم بصرالدين رح جي زيارت جو شرف حاصل ڪندي، کيس اندر جي اونهاين سان پنهنجو سمورو سماچار سڻايائينس. مخدوم صاحب مشڪندي چيس، ته ”ميان! چڱو ٿيو جو ڊاڪٽرن جي ور نه چڙهين، ورنه پيٽ ڦاڙي ڇڏني ها!! فائدو ته فائدي جي ماڳ، ويتر سر به سهائين ها!!!“– پوءِ پاڻ هڪ ڪاغذ جي ٽڪر تي ٽن معمولي ڦڪين جي فهرست لکي، فوري استعمال جو امر ڪيائينس. چاچي سائينءَ کي پهرين ڦڪيءَ مان ئي ايترو ته فرق پيو، جو اڄ تائين هي موذي مرض، ٻيهر نه ڏٺو اٿس، ڦڪي ته خير معمولي هئي، مگر مخدوم صاحب جي دعا ۽ درست نسخي، ڪرامت جهڙو ڪرشمو ڪري ڏيکاريو. سندس ئي دعا سان اڄ به جيڪو شخص هن نسخي کي استعمال ڪري ٿو، اهو نجات حاصل ڪري ٿو.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org